سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
ڪيميائي سعادت |
عنوان
چوٿون |
صفحو :7 |
عنوان چوٿون
آخرت جي سڃاڻڻ بابت
فصل پهريون
جسماني ۽ روحاني بهشت ۽ دوزخ
آخرت جي حقيقت کي ايستائين ڪوبه شخص سمجهي نٿو
سگهي، جيستائين پهريائين موت جي حقيقت کي نه
سمجهي، ۽ موت جي حقيقت سمجهي نه سگهندو،
جيستائين زندگيءَ جي حقيقت نه ماڻيندو، ۽
زندگيءَ جي حقيقت نه ڄاڻي سگهندو، جيستائين
روح جي حقيقت نه ڄاڻندو، ۽ روح جي حقيقت وري
پنهنجي نفس کي ڄاڻڻ تي منحصر آهي، جنهن جو
ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي.
هن کان اڳ بيان ڪيو ويو آهي ته آدمي ٻن شين جو
ٺهيل آهي- هڪڙو روح ۽ ٻيو جسم: روح سوار وانگي
آهي ۽ جسم سواريءَ وانگي. آخرت ۾ بدن سان
واسطي جي ڪري روح جي لاءِ هڪ حالت هوندي جنهن
۾ اُن لاءِ بهشت ۽ دوزخ هوندو، ۽ پڻ روح کي
خود پنهنجي ذات جي سبب هڪ حالت جدا هوندي،
جنهن ۾ جسم کي اُن سان ڪا شراڪت ڪانهي، ۽ ان
لاءِ جسم کان سواءِ به دوزخ ۽ بهشت آهي، شقاوت
۽ سعادت آهي. ۽ نعمت، جا دل کي بدن جي واسطي
کان سواءِ حاصل ٿئي ٿي، تنهن جو نالو روحاني
بهشت آهي، ۽ اهو رنج، آلم ۽ شقاوت، جا روح کي
بدن کانسواءِ حاصل ٿئي ٿي ان جو نالو ”روحاني
آتش“ (دوزخ جي باهه) آهي.
اهو دوزخ ۽ بهشت جنهن ۾ بدن جو تعلق آهي خود
ظاهر آهي، ۽ انهيءَ بهشت جو نتيجو آهن باغ،
نهرون، حورون، محلات ۽ کائڻ پيئڻ وغيره. ۽
دوزخ جو نتيجو آهن باهه، نانگ وڇون ۽ زقوم
وغيره. جن جو بيان قرآن شريف ۽ حديث ۾ آيو
آهي. هي جو حديث ۾ آيو آهي ته ”مون پنهنجي
صالح ٻانهن لاءِ اهو پيدا ڪيو آهي، جو نه اک
ڏٺو آهي ۽ نه ڪن ٻڌو آهي، ۽ نڪي ڪي انسان جي
دل تي ان جو پر توو پيو آهي،“ سو ”روحاني
بهشت“ جي باري ۾ آهي. دل جي اندران، جا دري
عالم ملڪوت ڏي کليل آهي، انهيءَ مان اهي
معنائون اَشڪار ٿينديون. جنهن ٻه شخص جي دل جي
دري کليل آهي، تنهن کي ان جي سچائيءَ ۾ (ته
روحاني بهشت به آهي) ڪوبه شڪ نه رهندو، ۽ ان
کي آخرت جي سعادت ۽ شقاوت تي پورو پورو ويساهه
ٿيندو، نه تقليد ۽ سماع (ٻڌڻ) جي رستي، بلڪ
بصيرت ۽ مشاهدي سان،- جهڙيءَ طرح طبيب ڄاڻندو
آهي ته هن جهان ۾ بدن لاءِ سعادت ۽ شقاوت آهي،
جنهن کي صحت ۽ مرض چوندا آهن، ۽ جهڙيءَ طرح
صحت جو علاج آهي دوا ۽ پرهيز، ۽ مرض جو سبب
آهي گهڻو کائڻ ۽ بدپرهيزي، تهڙيءَ طرح مشاهدي
سان معلوم ٿيندو ته دل يا روح کي به سعادت ۽
شقاوت آهي. عبادت ۽ معرفت روح جي سعادت جو
دارون آهن، ۽ جهل ۽ گناهه، ان لاءِ زهر قاتل ۽
رنج جو باعث آهن. هيءُ علم نهايت عزيز ۽ بلند
درجي جو آهي، ليڪن گهڻا ماڻهو جن کي علماء ڪري
سڏجي ٿو سي ان کان بيخبر آهن، بلڪ ڪي ته ان جو
انڪار ڪن ٿا، ۽ جسماني بهشت ۽ دوزخ کان سواءِ
ٻيو رستو نٿا لهن، ۽ آخرت جي معرفت کي تقليد ۽
ٻڌل ڳالهين کان سواءِ ڪنهن ٻئي طريقي سان نٿا
ڄاڻن. هت جو ڪجهه مختصر بيان ڪيو ويو آهي، اهو
هڪ هوشيار، پاڪ دل ۽ غير معتصب آدميءَ جي
سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي، ڇا لاءِ جو آخرت جي
متعلق گهڻن ماڻهن جو ايمان ضعيف ۽ لچڪندڙ آهي.
فصل ٻيو
موت جي حقيقت
تون جيڪڏهن موت جي حقيقت ڄاڻڻ گهرين ٿو، ته
پوءِ توکي معلوم هئڻ گهرجي ته آدميءَ کي ٻه
روح آهن: هڪڙو حيوانات جي جنس مان آهي جنهن کي
اسين ”حيواني روح“ چئون ٿا، ۽ ٻيو ملائڪن جي
جنس مان آهي، جنهن کي اسين ”انساني روح“
ڪوٺيون ٿا. هن حيواني روح جو سرچشمو دل آهي جا
سيني جي کاٻي پاسي هڪ گوشت جو ٽڪرو آهي، هي
حيواني روح، حيوان جي باطني خلطن جو هڪ لطيف ۽
مزاج ۾ معتدل بخار آهي، جو دل کان نبضن جي
وسيلي دماغ ۽ سڀني عضون ۾ پهچي ٿو، ۽ هيءُ ئي
روح انسان جي حس ۽ حرڪت جو حامل آهي. جڏهن
دماغ ۾ پهچي ٿو، تهن ان جي گرمي (حرارت) گهٽجي
وڃي ٿي ۽ هو معتدل ٿي پوي ٿو. اکين کي ڏسڻ جي
قوت ۽ ڪنن کي ٻڌڻ جي طاقت انهيءَ کان ئي پڙپي
ٿي، ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا حواس به ان کان ئي سگهه
حاصل ڪن ٿا. ان جو مثال ڏئي وانگر آهي، جنهن
کي هڪ گول گهر ۾ رکيو ويو آهي، ۽ جتي به رکجيس
ته ان جي ڪري گهر جون سڀ ديواريون روشن ٿي وڃن
ٿيون. هاڻي جهڙيءَ طرح ڏئي جي روشنائي ديوارين
تي ظاهر ٿئي ٿي، تهڙيءَ طرح الله تعاليٰ جي
قدرت سان ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ٻين سڀني حواسن جون قوتون
انهيءَ روح کان ئي عضون ۾ پيدا ٿين ٿيون.
جيڪڏهن ڪنهن رڳ ۾ ڪا روڪ يا رنڊڪ اچي ٿي وڃي،
ته اهو عضوو، جو ان رنڊڪ کان پوءِ اچي ٿو، سو
بيڪار ۽ مفلوج ٿيو پوي ۽ منجهس ڪابه حس يا
حرڪت نٿي رهي ۽ طبيب ڪوشش ڪري اها بندش لاهندو
آهي.
ان روح جو مثال ڏئي جي باهه وانگر آهي دل مثال
وٽ جي طرح آهي ۽ غذا جو مثال تيل جهڙو آهي.
هاڻي جهڙيءَ طرح تيل ڪڍي وڃڻ سان ڏيو وسامي
ويندو آهي، تهڙيءَ طرح جيڪڏهن غذا نه هوندي ته
ان حيواني روح جو معتدل مزاج بگڙي پوندي ۽
حيوان مري ويندو. ۽ جهڙيءَ طرح تيل هوندي وَٽِ
گهڻو تيل ڇڪيندي ته به ڏِيو خراب ٿي پوندو ۽
تيل نه وٺندو، تهڙيءَ طرح سان دل به گهڻي
زماني گذرڻ سبب ائين ٿيو پوي (خراب ٿيو وڃي)،
۽ غذا قبول نٿي ڪري. ۽ جهڙيءَ طرح ڪنهن شيءِ
کي ڏئي تي هڻڻ سان ڏِيو وسامي وڃي ٿو، جيتوڻيڪ
کڻي ان ۾ تيل ۽ وٽ به موجود هجي، اهڙيءَ طرح
حيوان به اوچتو سخت زخم پهچڻ سان مري وڃي ٿو.
جيستائين هن ”حيواني روح“ جو مزاج معتدل آهي،
جيئن هئڻ گهرجي، تيستائين هي روح الله تعاليٰ
جي حڪم سان آسماني فرشتن جي نُورن مان حس ۽
حرڪت جهڙيون لطيف معنائون (باريڪ حقيقتون)
قبول ڪري وٺي ٿو. پر جڏهن گرميءَ يا سرديءَ جي
غلبي سبب يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري روح جي هيءَ
معتدل مزاجي باقي نٿي رهي، تڏهن روح به انهن
لطيف اثرن کي قبول ڪرڻ جي لائق نٿو رهي،
جيستائين آئيني جو مٿاڇرو صاف ۽ درست آهي،
تيستائين منجهس هر قسم جون صورتون نظر اينديون
پر جڏهن ان کي ڪٽ وغيره لڳي وڃي ٿي، تڏهن هو
ڪابه صورت قبول نٿو ڪري. اهو انهيءَ ڪري نه
آهي ته ڪو صورتون برباد يا گم ٿيو وڃن ٿيون،
بلڪ خود آئيني ۾ صورتن قبول ڪرڻ جي صلاحيت نه
رهي آهي. اهڙيءَ طرح سان انهيءَ لطيف معتدل
بخار يعني ”حيواني روح“ جي قابليت به معتدل
مزاجيءَ تي منحصر آهي. جڏهن هيءَ معتدل مزاجي
قائم نٿي رهي، تڏهن حيواني روح به حس ۽ حرڪت
جي قوت کي قبول نٿو ڪري، ۽ ائين ڪرڻ سان عضوا
سندس نُور جي فيض کان محروم رهجيو وڃن ۽ بي حس
۽ بي حرڪت ٿيو پون، ۽ پوءِ ماڻهو چون ته هو
مري ويو.
هيءَ اُهي حيواني روح جي موت جو مطلب، ليڪن
انسان جو موت ٻيءَ طرح جو آهي، ڇا لاءِ جو ان
کي حيواني روح کانسواءِ ٻيو به هڪ روح آهي،
جنهن کي ”انساني روح“ يا ”دل“ ڪري سڏيو اٿئون،
جنهن جو هن کان اڳ به ذڪر ڪيو ويو آهي. هي روح
حيواني روح جي قسم مان نه آهي جو صاف هوا يا
بخار وانگر هڪ لطيف جسم (بخار) آهي. هي انساني
روح جسم نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي جزن ۾ ورهائي
نٿو سگهجي، تيئن معرفت ان ۾ پيدا ٿئي ٿي، ۽
هاڻي جيئن حق تعاليٰ پاڻ هڪ آهي ۽ ڀاڱن ۾
ورهائي نٿو سگهجي، تيئن معرفت به هڪ آهي ۽
ٽڪرا ٽڪرا ٿي نٿي سگهي، انهيءَ ڪري ئي اها هڪ
تقسيم قبوليندڙ جسم ۾ سمائجي نٿي سگهي. اها ان
شيءِ ۾ سمائجي سگهي ٿي، جا نِري ۽ ناتقسيم
پذير هوندي.
هاڻي، فرض ڪري وٺو ته وَٽِ، ڏئي جي باهه ۽
روشني ٽي شيون آهن، وٽ کي دل جو سانچو ڪري
سمجهيو، ۽ ڏئي جي باهه کي حيواني روح، ۽
روشنيءَ کي انساني روح کڻي وٺو. هاڻي، جهڙيءَ
طرح ڏئي جي روشني ڏئي کان زياده لطيف آهي، ۽
گويا ان جي طرف اشارو ڪري نٿو سگهجي،
تهڙيءَ طرح انساني روح به حيواني روح کان گهڻو
لطيف آهي ۽ ان ڏي به اشارو ٿي نٿو سگهي.
جيڪڏهن لطافت جي نظر کان ڏسبو ته هي مثال درست
آهي، ليڪن ٻئي خيال کان درست نه آهي، ڇا لاءِ
جو ڏئي جي روشني ڏئي جي تابع ۽ ان جي فروع آهي
۽ جڏهن ڏيو وسامي وڃي ٿو تڏهن ان جي روشني به
ختم ٿي وڃي ٿي، پر انساني روح، حيواني روح جي
تابع نه آهي، بلڪ سندس اصل آهي ۽ حيواني روح
جي فنا ٿيڻ سان فنا نٿو ٿئي. جيڪڏهن ان جو
مثال چاهيو ٿا، ته فرض ڪريو ته هڪ اهڙو نُور
(روشني) آهي، جو ڏئي کان زياده لطيف آهي، ۽
ڏئي جو مدار به ان تي آهي، نه ان جو مدار ڏئي
تي، ته پوءِ مٿيون مثال ٺيڪ ٿيندو.
هڪ نگاهه کان، حيواني روح، انساني روح جي لاءِ
سواري آهي، ته ٻئي لحاظ کان هٿيار آهي. جڏهن
هن حيواني روح جو مزاج باطل ٿئي ٿو ۽ جسم مري
وڃي ٿو، تڏهن به انساني روح بدستور قائم رهي
ٿو، پر سواري ۽ هٿيار ڪونه اٿس، وهٽ جي مرڻ ۽
هٿيار جي تباهيءَ ڪري، ڪو سوار ضايع نٿو ٿئي،
البت هٿيار سو ضآيع ٿي پوي ٿو.
انساني روح کي جو هي هٿيار ڏنو ويو آهي، سو هن
لاءِ ته ان ذريعي الله تعاليٰ جي معرفت ۽ محبت
کي شڪار ڪري (حاصل ڪري). جيڪڏهن شڪار ڪري
ورتائين ته پوءِ ان هٿيار جو ناس ٿيڻ سندس
لاءِ چڱائي آهي، جو ان جي کڻڻ جي بار کان ڇٽي
پوندو. پر جي خدانخواسته شڪار حاصل ڪرڻ کان اڳ
۾ ئي سندس هٿيار ضايع ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ ان
جي حسرت ۽ مصيبت جي ته ڪا حد ئي ڪانه رهندي.
هي درد ۽ حسرت قبر جي عذاب جي شروعات آهي.
فصل ٽيون
تنهنجي ”توئي“ (حقيقت يا ماهيت) هن جسم تي
منحصر نه آهي
تون هاڻي سمجهي ڇڏ ته جيڪڏهن ڪنهن شخص جا هٿ ۽
پير شل ٿي پون، ته به اهو شخص خود سلامت آهي،
ڇا لاءِ جو ”هو خود“ نه ته هٿ آهي نه پير- هي
ته ان جا هٿيار آهن جن کي هو ڪم ۾ آڻي ٿو.
جهڙيءَ طرح تنهنجا هٿ ۽ پير، تنهنجي ”توئي“
(حقيقت) نه آهن. اهڙيءَ طرح تنهنجي پِٺ ۽ پيٽ،
مٿو ۽ بدن به تنهنجي ”اصليت“ هرگز نه آهن.
جيڪڏهن هي سڀيئي بيڪار ٿي پون ته به تون
برجاءِ هوندين. موت جي معنيٰ به اهائي آهي ته
سارو جسم مفلوج (کيرو، بيڪار) ٿي وڃي. هٿن جي
بيڪار ٿي وڃڻ جي به هيءَ معنيٰ آهي ته تنهنجو
چيو نه ڪن. هٿن جو هيءُ چيو هڪ صفتي سبب آهي،
جنهن کي ”قدرت“ (طاقت) چون ٿا. اها صفت هڪ
نُور آهي، جو حيواني روح جي چراغ کان هٿن کي
پهچي ٿو. جڏهن رڳن ۾، جي حيواني روح جا رستا
يا لنگهه آهن، ڪا رڪاوٽ اچي ٿي وڃي، تڏهن انهن
مان ”قدرت“ نڪريو وڃي ۽ سندن مڃتا ناممڪن ٿيو
پوي. اهڙيءَ طرح سان، سارو جسم جو تنهنجي مڃتا
ڪري ٿو، سو محض حيواني روح جي ڪري، ڪري ٿو.
جڏهن حيواني روح جو مزاج تباهه ٿئي ٿو تڏهن
بدن به اطاعت کان جواب ڏيو وڃي. ان کي چوندا
آهن ”موت“، حالانڪ تون پنهنجي جاءِ تي برقرار
آهين. اگرچه چيو مڃيندڙ گم آهي.
تنهنڪري هي بدن تنهنجي ”توئي“ يا حقيقت ڪيئن
ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن تون غور ۽ فڪر ڪندين ته
فوراً سمجهي ويندين ته تنهنجا هي اجزا (بدن جا
ڀاڱا، عضوا) اهي اجزا نه آهن، جي ننڍپڻ ۾ هئا،
ڇا لاءِ جو اهي سڀ ٻاڦ ٿي، وچان نڪري ويا آهن،
۽ غذا سبب ٻين اچي سندن جڳهه ورتي آهي. لهذا،
تنهنجو بدن اهو بدن نه آهي، پر تون اهوئي آهين
جهڙو اڳ هئين. تنهنڪري تنهنجي ”توئي“ (حقيقت)
هن جسم کان نه آهي. بدن جيڪڏن تباهه ٿي وڃي
ٿو، ته پوءِ به تون بذات خود سدائين جيئرو
آهين.
ليڪن تنهنجون صفتون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙين ۾
جسم شريڪ آهي، جيئن بک، اُڃ ۽ ننڊ، ڇاڪاڻ جو
اهي معدي ۽ جسم کان سواءِ ظاهر نٿيون ٿين.
ٻيون اهي آهن، جن ۾ جسم کي شراڪت ڪانهي، مثلا:
الله تعاليٰ جي معرفت، ان جي حضور جو جمال ۽
ان جي ديدار جي خوشي. هي صفت تنهنجي ”ذات“
آهي، جا تو سان گڏ رهندي. ڪڏهن معرفت جي بجاءِ
جهالت هوندي، ته اها به تنهنجي ذات جي هڪ صفت
آهي، جا پڻ تو سان گڏ رهندي. اها جهالت تنهنجي
روح کي انڌو ڪندي، ۽ تنهنجي بدبختيءَ جو ٻج
بڻبي.
تنهنڪري تون موت جي حقيقت کي هرگز نه ڄاڻندين،
جيسين تون انهن ٻنهي روحن کي نه سمجهين ۽ انهن
جي باهمي فرق ۽ باهمي تعلق کان واقف نه ٿين.
فصل چوٿون
انساني روح جو اعتدال ڪيئن رکجي
حيواني روح هن سفلي عالم (زمين) مان آهي، ۽
خلطن مان نڪرندڙ بخارن جي لطافت جو مجموعو
آهي. خلط چار آهن: خون بلغم، سودا ۽ صفرا.
انهن چئن جا اصل به چار آهن، جهڙوڪ پاڻي،
باهه، مٽي ۽ هوا، ۽ انهن جي مزاج جي اختلاف ۽
اعتدال جو دارومدار وري گرمي، سردي، تري ۽
خشڪيءَ (جي ڪم و بيشيءَ) تي آهي. طب جي علم جو
مقصد صرف هي آهي ته روح اندر انهن چئن طبيعتن
جي اعتدال جي حفاظت ڪري، ته جيئن هي حيواني
روح، انساني روح جي سواري ۽ هٿيار بنجڻ جي
قابل ٿي پوي. اهو انساني روح هن جهان مان نه،
بلڪ مٿئين جهان مان آهي ۽ فرشتن جي جوهر مان
آهي. ان جو هن جهان ۾ اچڻ محض مسافر وانگر آهي
۽ پنهنجي ذاتي خواهش موجب هتي آيل نه آهي. ان
جو هي سفر فقط هن لاءِ آهي ته هو خدائي هدايت
مان پنهنجي راهه جو توشو حاصل ڪري.
هاڻي، جهڙيءَ طرح انهي حيوانيءَ ۽ سفلي روح
لاءِ اعتدال آهي، ۽ طبيب ان جي اعتدال جي
اسبابن کان چڱيءَ پر واقف آهي، ته جيئن
بيماريءَ کي ان کان هٽائي ۽ هلاڪت کان کيس
بچائي، تهڙيءَ طرح انساني علوي روح، جو دل جي
حقيقت آهي تنهن کي به اعتدال آهي. علم اخلاق ۽
(علم) رياضت، جن جي شناس شريعت مان پوي ٿي، سي
ان کي اعتدال جي حالت ۾ رکن ٿا. اهو اعتال ئي
سندس صحت جو باعث آهي.
هن مان معلوم ٿيو ته جيستائين آدميءَ جي روح
جي حقيقت کي نه ڄاڻبو، تيسين آخرت کي به
پوريءَ طرح سڃاڻي نه سگهبو. جهڙيءَ طرح پنهنجي
پڇاڻ کان سواءِ حق جي پڇاڻ حاصل ڪرڻ به ناممڪن
آهي تنهنڪري پنهنجي نفس کي سڃاڻڻ الله تعاليٰ
جي معرفت جي ڪنجي آهي. ۽ دين جو اصل آهي ”الله
۽ آخري ڏينهن ۾ ايمان آڻڻ.“ انهيءَ ڪري ئي
اسان ان معرفت کي سڀ کان اڳ جاءِ ڏني آهي.
باقي ان انساني روح جي وصفن مان هڪڙو راز رهجي
ويو آهي، جنهن جي افشاء ڪرڻ جي اجازت ناهي،
ڇاڪاڻ ته عام ماڻهن جي فهم اهو سهي نه سگهندا.
حق تعاليٰ جي ڪلي معرفت انهيءَ راز تي منحصر
آهي، ڪوشش ڪر ته پاڻهي مجاهدي ۽ طلب جي طريقي
سان انهيءَ کان واقف ٿين.
فصل پنجون
حشر، نشر، بعث ۽ اعاده جي معنيٰ
هنن سڀني ڳالهين مان تو هي معلوم ڪري ورتو ته
آدميءَ جي جان جي حقيقت بذات خود ۽ بدن بغير
قائم آهي. هو پنهنجي خاص صفتن ۽ ذات جي قوام ۾
پنهنجي بدن کان بي نياز آهي. موت جي معنيٰ اها
نه آهي ته آدمي نيست ۽ نابود ٿي وڃي ٿو، بلڪ
ان جي معنيٰ هيءَ آهي ته جسم کان سندس تصوف
ٽٽي وڃي ٿو: حشر، نشر، بعث ۽ اعاده جي به اها
معنيٰ نه آهي ته کيس فنا ٿي وڃڻ بعد، وري وجود
۾ آندو ويندو، بلڪ ان جو مطلب هي آهي ته کيس
هڪ قالب (جسم يا سانچو) ڏنو ويندو، جو ٻيهر
ان جو تصوف کي قبول ڪري.
آدميءَ کي ٻيو دفعو زنده ڪرڻ جو هي مقصد هرگز
نه آهي ته ان کي اصلوڪو جسم ٻيو دفعو ڏنو وڃي،
ڇا لاءِ جو جسم ته هڪ سواري آهي. جيڪڏهن گهوڙو
تبديل ڪيو ويو ته ڪو حرج نه آهي، سوار ته
ساڳوئي آهي. ننڍپڻ کان وٺي پيريءَ تائين
آدميءَ جا اجزا غذا جي سبب ڦرندا گهرندا رهن
ٿا، ليڪن هو پاڻ ته ساڳيو ئي آهي (جو پهريائين
هو).
فصل ڇهون
هن دنيا ۾ بهشت ۽ دوزخ جو مشاهدو
لهذا، يقين رک ته مرڻ (موت) سان تنهنجي ذات ۽
صفتن ۾ ڪائي ڦير گهير ڪانه ٿي اچي، البت
تنهنجا حواس، چرڦر ۽ خيال ختم ٿي وڃن ٿا، ۽
تون اتي اڪيلو ۽ مجرد رهجيو وڃين ٿو.
اهي ماڻهو، جي پاڻ کان ۽ پنهنجي محسوسات کان
غائب ٿين ٿا ۽ پنهنجو پاڻ ۾ سمائجي وڃن ٿا، ۽
الله تعاليٰ جي ياد ۾ مستغرق ٿين ٿا. انهن کي
آخرت جون حالتون مشاهدي ۾ اچن ٿيون، جيتوڻيڪ
انهن جو حيواني روح مزاج جي اعتدال کان ڦري
نٿو وڃي. اهو ايتريقدر کٻيرو ٿي وڃي ٿو، ۽
ايتريقدر الله تعاليٰ جو خوف مٿن طاري ٿو ٿئي،
جو هو پنهنجو پاڻ کي وساري ويهن ٿا سندن حالت
ذري گهٽ مئن جهڙي ٿي پوي ٿي. تنهنڪري جيڪي ڪي
ٻين کي مرڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سو هنن
اڳيان انهيءَ حالت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. ۽ جڏهن وري
هو پنهنجو پاڻ سنڀالين ٿا، ۽ هن محسوساتي جهان
۾ اچن ٿا، تڏهن انهن کان گهڻو ڪجهه وسريو وڃي
پر تنهن هوندي به قدري اثر وٽن باقي رهي ٿو.
جيڪڏهن ان کي بهشت جي حقيقت ڏيکاري ويئي
هوندي، ته سندس چهري تي خوشي، آرام ۽ راحت جا
آثار ڏسڻ ۾ ايندا، ۽ جيڪڏهن هن جي اڳيان دوزخ
آندو ويو هوندو، ته ٿڪل ٽٽل ڏسڻ ۾ ايندو. پوءِ
جيڪڏهن انهيءَ مشاهدي مان ڪا شيءِ سندس حافظي
۾ رهيل هوندي، ته ان جي خبر ڏيندو. هوبهو، يا
تمثيل طور. مثلا: هڪ دفعي رسول الله (صلم)
نماز پڙهندي ٻانهن مٿي کنئي، ۽ فرمايائون ته
”هڪ انگور جو ڇڳو بهشت مان مون کي ڏيکاريائون
دل گهريو ته هن دنيا ۾ کڻي اچان.“ اهو گمان نه
ڪجانءِ ته جنهن حقيقت جو اهو ڇڱو مثال هو، سا
دنيا ۾ آڻي سگهبي. بلڪ هي خود محال آهي، ۽
جيڪڏهن ممڪن هجي ها ته ضرورت آڻي ها. پر، کين
مشاهدي رستي ڪشف ٿيو هو.
مطلب ته ائين نه سمجهجانءِ ته ڪو رسول الله
(صلم) اها بهشت جي خبر تقليد طور، يا جبرئيل
کان ٻڌي، پوءِ ڏني، پر رسول الله (ﷺ)
تحقيق بهشت کي ڏٺو. سچ ته بهشت کي هن دنيا ۾
ڏسي نٿو سگهجي، بلڪ رسول الله (ﷺ)
بلاشڪ ٻئي جهان ۾ ويو، ۽ هن جهان کان غائب
ٿيو. هيءَ به هڪ قسم جو معراج هو.
پر غائب ٿيڻ ٻن نمونن پر غائب ٿيڻ ٻن نمونن جو
آهي، هڪ حيواني روح جي مرڻ سان، ۽ ٻيو حيواني
روح جي کٻيري ٿيڻ سان. پر هن جهان ۾ بهشت کي
ڏسي نٿو سگهجي جيئن ست آسمان ۽ ست زمينون هڪ
پستي جي کل ۾ ماپي ڪين سگهنديون، تيئن بهشت جو
هڪ ذرو به هن جهان ۾ ماپي نه سگهندو. هن جهان
جي مشاهدي لاءِ حواس ئي نرالا آهن، تنهنڪري هن
جهان جا حواس بهشت جي لذتن جو احساس ئي نه ڪري
سگهندا.
فصل ستون
قبر جي عذاب جي معنيٰ
هينئر وقت آيو آهي، جو قبر جي عذاب جي معنيٰ
سمجهين. هيءُ به ٻن قسمن جو آهي: روحاني ۽
جسماني. جسمانيءَ کي ته هرهڪ سمجهي ڄاڻي ٿو،
جنهن پاڻ کي سڃاتو آهي ۽ پنهنجي روح جي حقيقت
جي خبر اٿس ته اهو بذات خود قائم آهي، ۽ بدن
کان بي نياز آهي، ۽ موت کان پوءِ به باقي آهي.
پر جڏهن موت اچي ٿو تڏهن آل اولاد، مال متاع،
دوست رشتيدار، بلڪ جيڪي ڪي زمين ۽ آسمان ۾
حواسن جي رستي دريافت ٿي سگهي ٿو، سو سڀ انسان
کان کسيو وڃي ٿو. پوءِ جيڪڏهن سندس دل انهن
شين سان لڳل هئي ۽ سڄو ئي مٿن فدا هو، ته انهن
جي جدائيءَ جي عذاب ۾ رهندو، پر جيڪڏهن انهن
سڀني شين کان سندس دل کنيل هئي ۽ ساڻن ڪو عشق
نه هوس، بلڪ پاڻ موت جو خواهشمند هو، ته پوءِ
راحت ۽ آرام ۾ هوندو. ۽ جيڪڏهن هن الله تعاليٰ
جي دوستي حاصل ڪئي هوندي، ۽ ان جي ذڪر مان
اُنس پرايو هوندائين ۽ پاڻ کي ساروئي ان جي
حوالي ڪري ڇڏيو هوندائين، ۽ دنيا جي اسباب کان
بيزار ٿيل هوندو، ته پوءِ مرڻ بعد بنان روڪ
ٽوڪ جي پنهنجي معشوق وٽ پهچي ويندو ۽ وڃي
پنهنجي سعادت کي رسندو.
ٿورو خيال ڪري ڏس، ته جنهن ماڻهوءَ پنهنجو پاڻ
سڃاڻي ورتو ته هو مرڻ بعد به زنده رهندو، ۽
سندس پياريون شيون پٺيان دنيا ۾ رهجي وينديون،
ته ان کي يقين ڪرڻو پوندو ته جڏهن هوهن دنيا
کان موڪلائيندو، تڏهن انهن دل وڻندين شين جي
جدائيءَ سبب کيس رنج ۽ عذاب پهچندو. پر جڏهن
ڪو آدمي هي سمجهي وٺي ته الله تعاليٰ ئي سندس
محبوب آهي ۽ دنيا ۾ ان مقدار کان سواءِ، جو هن
جو توشو آهي، ٻيون شيون سندس دشمن آهن، آهن ته
کيس پڪ ٿي ويندي ته جڏهن هو دنيا کان رخصت ياب
ٿيندو، تڏهن رنج ۽ غم کان ڇوٽڪارو پائيندو، ۽
آرام ۽ خوشي حاصل ٿينديس.
لهذا جنهن به هيءَ ڳالهه پروڙي ورتي، تنهن کي
قبر جي عذاب ۾ ذرو به شڪ نه رهندو. مگر هي
عذاب پرهيزگارن لاءِ نه، بلڪ دنيا دارن لاءِ
آهي، جن پاڻ کي مطلقا دنيا جي حوالي ڪري ڇڏيو
آهي.
يعني ته اهو جسم ناهي، جو ان ڏي
اشارو ڪري سگهجي.