سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
ڪيميائي سعادت |
عنوان
پهريون |
صفحو :3 |
فصل پهريون
آدميءَ کي ڪيترين شين مان پيدا ڪيو ويو آهي
هاڻي ڪن
لائي ٻڌ، توکي ٻن شين مان پيدا ڪيو ويو آهي:
هڪڙي، تنهنجو هي ظاهري جسم آهي، جنهن کي ظاهري
اک سان ڏسي سگهجي ٿو، ٻي، تنهنجي باطني
(اندرين) حقيقت آهي، جنهن کي نفس، دل ۽ جان
چون ٿا، ۽ ان کي ظاهري اک سان نٿو ڏسي سگهجي.
اسان ان جو
نالو دل رکيو آهي، ۽ جڏهين اسين دل بنسبت ڪجهه
به چئون ته ان مان اسان جي مراد انسان جي
حقيقت آهي. ڪنهن وقت ان کي روح ۽ نفس به چون
ٿا، ان دل مان اهو گوشت جو ٽڪرو هرگز مراد نه
آهي، جو سيني جي کاٻي پاسي آهي. اهو ته جانورن
۾ به آهي، گوشت جو اهو ظاهري ٽڪرو دل لاءِ
سواري آهي، ۽ جسم جا سڀ عضوا سندس لشڪر آهن، ۽
پاڻ ساري جسم جي بادشاهه آهي. خدا تعاليٰ جي
معرفت حاصل ڪرڻ، ۽ ان جو مشاهدو ماڻڻ، سندس
صفت آهي. عبادت ان لاءِ فرض آهي، ثواب ۽ عذاب
به ان لاءِ ئي آهي. انهن سڀني ڳالهين ۾ جسم ان
جو زيردست آهي. ان جو اصلي مڪان الله تعاليٰ
جو جناب آهي. اُتائين آئي آهي ۽ اوڏانهين ئي
موٽي ويندي. هت محض مسافر طور کيتيءَ واڙيءَ
لاءِ آيل آهي.
فصل
ٻيو
دل جي حقيقت سڃاڻ
انسان کي
پنهنجي هستيءَ ۾ ته ڪوبه شڪ نه آهي. هو جيڪڏهن
پنهنجون اکيون کڻي بند ڪري، ۽ پنهنجي جسم کي
وساري ڇڏي، ۽ زمين ۽ آسمان ۾ هر شيءِ، جا اکين
سان ڏسي سگهي ٿو، سا کڻي فراموش ڪري، ته به هو
پنهنجي هستيءَ کي سڃاڻي ۽ پاڻ کي سمجهي وڃي
ٿو. پر جيڪڏهن ڪو شخص ان ۾ چڱيءَ طرح غور ۽
فڪر ڪري، ته ڪجهه آخرت جي حقيقت به معلوم ڪري
وڃي، ۽ هن ڳالهه کان به باخبر ٿي وڃي ته جڏهن
سندس جسم کانئس جدا ڪيو ويندو، تڏهن به سندس
(هستيءَ، حقيقت جو) قائم رهڻ ۽ فنا نه ٿيڻ
ضروري آهي.
فصل ٽيون
دل جي حقيقت
دل جي
حقيقت ته اها ڪهڙي چيز آهي ۽ سندس خاص صفت
ڪهڙي آهي، تنهن جي ٻڌائڻ کان شريعت منع ڪئي
آهي فقط هي معلوم آهي ته اها الله تعالي جو هڪ
امر (حڪم) آهي. هيءَ جسم وانگر قسمت پذير
(ورهاڱو قبول ڪندڙ) نه آهي، ڇا لاءِ جو جيڪڏهن
اها تقسيم قبول ڪرڻ جي لائق هجي ها، ته ان جي
هڪ طرف ڪنهن شيءِ ڄاڻ هجي ها ته ٻئي طرف
لاعلمي (جهل). هڪئي وقت ڪا شيءِ عالم به هجي ۽
جاهل به، هيءَ ڳالهه محال آهي. جن ماڻهن ”روح“
(دل) کي قديم سمجهيو آهي يا ”عَرض“
تسليم ڪيو آهي، سي غلطيءَ تي آهن. ”روح“ مخلوق
آهي، ليڪن (برخلاف ٻئي مخلوق جي) فنا هرگز نه
ٿيندو. ”عرض“ ته هرگز ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو
”عرض“ کي ته پنهنجو قيام ئي ڪونهي (خودبخود
بيهي نٿو سگهي) ۽ ٻين شين جو تابع آهي، ليڪن
آدميءَ جو روح سندس اصليت آهي، ۽ سارو جسم ان
جو تابع آهي. جن ماڻهن وري وري روح کي جسم ڪري
ورتو آهي. سي به سراسر ڀليل آهن، ڇا لاءِ جو
جسم ته ٽڪرا ٽڪرا ٿي سگهي ٿو، پر ”روح“ ٽڪرا
ٽڪرا ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي. ”روح“ جي حقيقت کي
ڄاڻڻ مشڪل آهي، ها جو ڪوئي مجاهدو يا رياضت
ڪندو، سو ان جي حقيقت ڄاڻي سگهندو. رياضت کان
اڳ دل جي لشڪر کي ڄاڻڻ گهرجي، انهيءَ لاءِ ته
جهاد بخوبي ڪري سگهجي.
فصل چوٿون
آدميءَ کي جسم جي ضرورت آهي
جسم آهي دل
جي بادشاهي، جنهن ۾ دل جا مختلف لشڪر موجود
آهن. دل کي پيدا ئي ان لاءِ ڪيو ويو آهي ته
سعادت جي تلاش ڪري، جا الله تعاليٰ جي معرفت ۾
ئي سمايل آهي. الله تعاليٰ جي معرفت وري ان جي
صنعت (ڪاريگريءَ) مان حاصل ٿيندي آهي، جنهن جو
تعلق هن حسّي جهان سان آهي. هن جهان جي عجيب ۽
غريب شين جي ڄاڻ وري حواسن جي ذريعي پرائي
سگهجي ٿي، ۽ حواسن جي قيام جو دارومدار وري
جسم تي آهي. معرفت آهي دل جو شڪار، ۽ حواس آهن
سندس لاءِ ڦاسي (جن سان هوءَ شڪار کي ڦاسائي
ٿي)، ۽ جسم آهي سندس لاءِ سواري (جنهن تي هوءَ
چڙهي شڪار جي تلاش ۾ نڪري ٿي). انهيءَ غرض
لاءِ دل کي جسم جي ضرورت پوي ٿي. جيئن ته جسم
آهي مٽي، پاڻي، هوا ۽ باهه مان ٺهيل، تنهنڪري
فطرتاً ڪمزور آهي. انهيءَ ڪري بچاءِ خاطر کيس
ٻن لشڪرن جي گهرج پوي ٿي: هڪڙو ٻاهريون، جهڙوڪ
هٿ، پير، منهن، معدو ۽ ٻيو اندريون جهڙوڪ کائڻ
۽ پيئڻ وغيره جي خواهش. اهڙي طرح ٻاهرئين دشمن
کي دفع ڪرڻ لاءِ به کيس ٻن لشڪرن جي حاجت
درپيش اچي ٿي: هڪڙو بيروني لشڪر جي، جهڙوڪ هٿ
پير ۽ هٿيار جي کيس ڏنا ويا آهن، ۽ ٻيو
اندروني لشڪر جي، جهڙوڪ غصو ۽ خواهش. ڇاڪاڻ ته
هيءُ ممڪن نه هو جو ڏسڻ کان سواءِ هوءَ ڪنهن
شيءِ جي طلب ڪري، يا دشمن کي هٽائي، تنهنڪري
کيس ادراڪي قوتون بخشيون ويون، جن ۾ پنج ظاهري
حواس آهن: جهڙوڪ ڏسڻ، سنگهڻ، ٻڌڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ ۽
پنج باطني حواس آهن، جيئن ته قوت تخيل، قوت
تفڪر، قوت تحفظ، ۽ قوت توهم، جن جي جاءِ دماغ
آهي. هرهڪ قوت کي پنهنجو خاص ڪم سونپيل آهي.
جيڪڏهن ڪنهن هڪ ۾ خلل پئجي وڃي ته آدميءَ جو
دين ۽ دنيا بگڙي پون. هيءُ ساروئي اندريون ۽
ٻاهريون لشڪر دل جو غلام آهي. جڏهن اک کي ڏسڻ
جو حڪم ڪري ٿي، تڏهن اها ڏسڻ شروع ڪري ٿي، ۽
جڏهن زبان کي حڪم ڪري ٿي، تڏهن اها ڳالهائڻ
شروع ڪري ٿي وغيره. فڪر جي قوت به ان جي چوڻ
سان سوچڻ شروع ڪري ٿي. انهن سڀني کي دل جو
فرمانبردار بنايو ويو آهي ته جيئن جسم جي
حفاظت ڪن، ۽ دل پنهنجو توشو حاصل ڪري، پنهنجو
شڪار پڪڙي ۽ پنهنجي سعادت جو ٻج پوکي وٺي.
فصل پنجون
دل جي لشڪرن جو مثال
دل جي
لشڪرن جو تفصيل ته ڊگهو آهي، مگر هي سڀ توکي
هن مثال مان معلوم ٿي ويندو. سمجهه کڻي ته تن
(جسم) هڪ شهر آهي، هٿ پير ۽ عضوا شهر جا پيشه
ور (ڪاسبي) آهن، شهوت (نفساني خواهش) ان شهر
جي عامل (ڍل اڳاڙيندڙ) آهي، غصو (ڪاوڙ) بمنزله
پوليس ڪمشنر آهي، دل شهر جو بادشاهه آهي، ۽
عقل سندس وزير آهي. هاڻي بادشاهه کي هنن سڀني
جي ضرورت آهي ته جيئن بادشاهيءَ جو ڪاروبار
ٺيڪ هلي. ليڪن شهوت، جا ڍل اڳاڙيندڙ آهي، سا
ڪوڙي، واهيات ۽ ٺوڳڻ آهي، ۽ جو ڪجهه عقل وزير
چويس ٿو، هميشه ان جي مخالفت ڪري ٿي، ۽ سدائين
هن خيال ۾ رهي ٿي ته مملڪت جي ساري مال کي ڍل
جي بهاني هٿ ڪري وٺان. غصو، جو پوليس ڪمشنر
آهي، سو مزاج جو سخت ۽ تيز آهي، هميشه ڦرمار
کي پسند ڪري ٿو، ۽ جهڙيءَ طرح بادشاهه سڀني
ڳالهين ۾ وزير کان مشورو وٺندو آهي، ۽ ڪوڙي
لالچي ڍل اڳاڙيندڙ جي ڪن مهٽ ڪندو رهندو آهي،
۽ وزير جي خلاف ان جي ڳالهه نه ڪندو آهي.
پوليس ڪمشنر کي ان جي مٿان مقرر ڪندو آهي ته
جيئن ان کي زيادتيءَ کان روڪي، ۽ خود پوليس
ڪمشنر کي به هيسايو، قبضي هيٺ رکندو ايندو آهي
ته جيئن حد نه اورانگهي وڃي، ۽ ان جي ائين ڪرڻ
سان ئي سلطنت جو انتظام درست رهندو آهي،
اهڙيءَ طرح سان، جيڪڏهن دل جو بادشاهه به
پنهنجي وزير عقل جي صلاح سان ڪم ڪري، ۽ شهوت ۽
غصي کي عقل جو زيردست بڻائي ۽ ان جي چئي هيٺ
رکي ۽ عقل کي انهن جي آڻ نه مڃائي، ته پوءِ
بدن جي بادشاهيءَ جو انتظام ٺيڪ رهندو، ۽
سعادت جي رستي تي گامزن ٿيڻ ۽ جناب الاهيءَ ۾
پهچڻ، ان لاءِ آسان ٿي پوندو. پر جي عقل کي
شهوت ۽ غضب جو قيدي بڻايائين، ته بادشاهي
ويران ٿي ويندي ۽ بادشاهه به هلاڪ ۽ برباد ٿي
ويندو.
فصل ڇهون
آدميءَ منجهه چڱيون ۽ مٺيون خصلتون ڪيئن ٿيون
پيدا ٿين
دل کي
پنهنجي ٻنهي باطني لشڪرن سان تعلق آهي، ۽ هرهڪ
لشڪر مان کيس هڪ صفت ۽ خلق پيدا ٿئي ٿو. انهن
اخلاقن مان ڪي برا اخلاق آهن، جي سندس تباهيءَ
جو باعث بڻجن ٿا، ۽ ڪي ڀلا اخلاق آهن، جي ان
کي سعادت تي پهچائين ٿا. اخلاق گهڻن ئي قسمن
جا آهن، پر انهن کي چئن جنسن ۾ ورهائي سگهجي
ٿو: هڪڙا چوپاين جا اخلاق، ٻيا درندن (ڦاريندڙ
جانورن) جا اخلاق، ٽيان شيطانن جا اخلاق، ۽
چوٿان فرشتن جا اخلاق. لالچ ۽ شهوت سبب انسان
چوپاين وارا ڪم ڪري ٿو، جيئن ته کائڻ پيئڻ جو
حرص وغيره. غصي جي ڪري ڪتي، سوئر ۽ شينهن جا
ڪم ڪري ٿو، جيئن ته مارڻ، قتل ڪرڻ، گاريون گند
ڏيڻ وغيره. اهڙيءَ طرح سان مڪر، حيلي، کوٽ ۽
فتنه انگيزيءَ ڪري انسان ذئيتن ۽ شيطانن جا ڪم
ٿو ڪري، وري منجهس عقل جي ڏات هئڻ ڪري انسان
فرشتن جا ڪم ٿو ڪري، جهڙوڪ: علم، فضيلت، صلاح
۽ دوستي، بڇڙن ڪمن کان پرهيز ڪرڻ، ماڻهن جي وچ
۾ ٺاهه پيدا ڪرڻ، خسيس ڪمن کان پاڻ کي بچائڻ،
ڪمن جي ڄاڻ پڇاڻ حاصل ڪري خوش ٿيڻ، ۽ اڻڄاڻائي
۽ نادانيءَ کي عيب سمجهڻ.
حقيقت ۾
گويا انسان جي سرشت ئي چئن شين جي ٺهيل آهي:
ڪتيپائي، سوئر پڻو، شيطانيت ۽ فرشته، خوئي.
ڪتو ڪو پنهنجي اصلي شڪل، گوشت ۽ پوست جي ڪري
برو ڪونه آهي، مگر عادتن جي لحاظ کان برو آهي،
جيئن ته هو چڱي مٺي کي چنبڙيو وڃي. اهڙيءَ طرح
سان سوئر پنهنجي صورت جي سبب ڪري خراب نه آهي،
مگر خبيث ۽ پليد شين جي طمع ۽ حرص جي ڪري برو
آهي. هيءَ آهي ڪتيپائي ۽ سوئر پڻي جي حقيقت جي
معنيٰ، ۽ اهي وصفون آدميءَ ۾ موجود آهن.
اهڙيءَ طرح شيطانپائيءَ ۽ ملائڪپلي جون اهي
وصفون آهن، جي مٿي ڏيکاريون ويون آهن. انهيءَ
ڪري آدميءَ کي چيو ويو آهي ته عقل جي نُور جي
وسيلي، جو فرشتن جي نُورجو اثر آهي، شيطان جو
مڪر ۽ تلبيس ظاهر ڪري، ته هو خوار خراب ٿئي، ۽
ڪو فتنو فساد ڪري نه سگهي. انسان کي گهرجي ته
حرص ۽ شهوت جي سوئر ۽ غصي جي ڪتي کي سيکت ڏيئي
پنهنجو مطيع بڻائي، تان جو سندس فرمان بغير
اُٿي ويهي نه سگهن.
جيڪڏهن
ماڻهو انصاف کان ڪم وٺن ۽ غفلت جو پردو لاهين
ته ڏسندا ته هو رات ڏينهن حرص ۽ هوَس جا غلام
آهن. هو ظاهر ۾ ته آدميءَ جي شڪل ۽ صورت رکن
ٿا، پر سڀان قيامت جي ڏينهن، جڏهن سندن ظاهر
انهن جي باطن جي شڪل وٺندو، تڏهن انهن جو راز
کلي پوندو، جيڪي حرص ۽ هوا کان مغلوب آهن، اهي
سوئر جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ ايندا، ۽ جن تي غصو غالب
آهي، اُهي بگهڙ ۽ ڪتي جي صورت اختيار ڪندا.
انهيءَ ڪري جو ماڻهو خواب ۾ بگهڙ ڏسي ٿو ته ان
مان مراد هيءَ آهي ته هو ظالم آهي، ۽ جو سوئر
کي ڏسي ٿو ته ان جو مطلب هيءُ آهي ته هو پليد
شخص آهي. خواب به موت جو نمونو آهي، ننڊ جي
سببان ماڻهو هن جهان کان پري پئجي وڃي ٿو ۽
پنهنجي صورت کي پنهنجي سيرت (اصليت) جي مطابق
ڏسي ٿو.
فصل ستون
ڪهڙيءَ طرح آدميءَ جو اصل فرشتن جو جوهر آهي
شايد تون
چوندين ته جڏهن آدميءَ ۾ درندن چوپاين ديون ۽
فرشتن جون خصلتون آهن، تڏهين اسين ڪيئن سمجهي
سگهون ته اصل درحقيقت ملائڪيءَ جو جوهر آهي، ۽
هي صفتون محض عارضي ۽ اجنبي آهن، ۽ اهو پڻ
ڪيئن معلوم ٿئي ته آدميءَ کي فرشتن جي اخلاق
حاصل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي، ۽ نه ٻين
صفتن جي لاءِ. ان جو جواب هيءَ آهي ته توکي
ڄاڻڻ گهرجي ته آدمي چوپاين ۽ درندن کان گهڻو
شريف ۽ ڪامل آهي. الله تعاليٰ هر شيءَ کي ڪمال
ڏنو آهي ۽ اهوئي ان جو آخري درجو آهي ۽ ان
لاءِ ئي اها پيدا ڪئي ويئي آهي. مثال طور،
گهوڙو گڏهه کان وڌيڪ شريف آهي. گڏهه بار کڻڻ
لاءِ آهي ۽ گهوڙو سواري، جهاد ۽ جنگ ۾ ڊوڙڻ
لاءِ پيدا ڪيل آهي، اگرچ منجهس بار کڻڻ جي به
طاقت آهي.
ڪن ماڻهن جو
خيال آهي ته آدميءَ کي کائڻ، پيئڻ ۽ جماع ڪرڻ
۽ مزن ماڻڻ يا ٻين تي غلبي حاصل ڪرڻ لاءِ
خلقيو ويو آهي، پر اُهي غلط آهن. کاڌو ته اُٺ
به ماڻهوءَ کان گهڻو ٿو کائي ۽ نفسياتي خواهش
جهرڪ توڙي ٻين حيوانن ۾ انسان کان به وڌيڪ
آهي، ٻين تي غلبي حاصل ڪرڻ جي طاقت درندن کي
به ڏني ويئي آهي. مطلب ته جو ڪجهه چوپاين کي
ڏنو ويو آهي، سو ماڻهوءَ کي پڻ ڏنو ويو آهي،
پوءِ ڪهڙيءَ طرح چئجي ته انسان حيوانن کان
اشرف ۽ اعليٰ آهي؟
حقيقت ۾
انسان کي هڪ اهڙي شيءِ زياده عطا ڪئي ويئي
آهي، جا کيس حيوانن تي فوقيت بخشي ٿي. اهو آهي
عقل، جنهن جي ذريعي هو خدا تعالي کي سڃاڻي ٿو،
سندس سڀ صنعت ڄاڻي ٿو، ۽ پاڻ کي شهوت ۽ غضب جي
گرفت کان بچائي ٿو. هي ئي فرشتن جي صفت آهي، ۽
انهيءَ صفت جي ڪري هو چوپاين ۽ درندن تي غالب
آهي. اِهي سڀئي ۽ جو ڪجهه روءِ زمين تي آهي،
سندس تابع آهن، جيئن حق تعالي فرمايو آهي ته
”وسخر لڪم مافي الارض جميعا.“
فصل اٺون
دل جي عالم جا عجائب
دل جي جهانن
جي عجائب جي ته ڪا حد ئي ڪانهي، ۽ سندس شرف
انهيءَ ڪري آهي، جو خود اها سڀني شين کان وڌيڪ
عجيب آهي، پر ماڻهو انهيءَ حقيقت کان غافل
آهن. ان جو شرف ٻن سببن ڪري آهي: هڪڙو علم جي
ڪري ۽ ٻيو قدرت جي ڪري. علم جي ڪري سندس شرف
به ٻن قسمن جو آهي، هڪڙو اهو جنهن کي سڀ ماڻهو
ڄاڻن ٿا، ۽ ٻيو وڌيڪ پوشيدو آهي، جنهن کي سڀڪو
نٿو سڃاڻي. اهو شرف جو ظاهر آهي، سو هيءَ آهي
ته ان کي سڀني علمن ۽ صنعتن ڄاڻڻ جي قوت آهي،
جيئن ته هندسه جو علم، حساب، طب، نجوم ۽ شريعت
جي علمن جي ڄاڻ پڇاڻ.
اگرچ دل هڪ
اهڙي شيءِ آهي جا ٽڪر ٿي نٿي سگهي، تڏهن به
هيءَ سڀ علم منجهس سمائجي وڃن ٿا. بلڪ سارو
جهان ان ۾ ائين آهي، جيئن واريءَ جو داڻو
بيابان ۾. هڪ ئي پلڪ ۾ سندس فڪر ۽ حرڪت زمين
کان آسمان ۽ مشرق کان مغرب تائين گهمي اچن ٿا.
جيتوڻيڪ پاڻ زمين تي آهي. مگر مڙين آسمانن جي
ماپ ڪري سگهي ٿي، ۽ هرهڪ ستاري جو مقدار ڄاڻي
ٿي، ۽ حساب ڪري ٻڌائي سگهي ٿي ته هڪ تارو ٻئي
کان ڪيتري فاصلي تي آهي. مڇيءَ کي حيلي سان
درياءَ جي تري کان ٻاهر ڪڍي ٿي، ۽ پکين کي هوا
مان زمين تي آڻي ٿي. طاقتور حيوانن جهڙوڪ
هاٿي، اُٺ ۽ گهوڙي کي پنهنجي تابع بنائي ٿي:
دنيا ۾ جيڪي
به عجائب ۽ علم آهن، انهن سڀني کي هوءَ پنهنجن
حواسن جي ذريعي حاصل ڪري ٿي، جنهن مان ظاهر
آهي ته انهن حواسن کي دل جي طرف رستو آهي.
جهڙيءَ طرح
جسماني عالم جي لاءِ پنج حواس دل جا دروازا
آهن، تهڙيءَ طرح روحاني عالم جي طرف به دل کي
دروازو آهي. گهڻا ماڻهو جسماني عالم کي ئي
محسوس ڪن ٿا. ۽ علم حاصل ڪرڻ جو ذريعو فقط
پنجن حواسن کي ئي سمجهن ٿا، حالانڪ هي ته خود
مختصر ۽ بي اصول آهن. جڏهن خواب ۾ آدميءَ جا
سڀئي ظاهري حواس بند ٿي وڃن ٿا ۽ دل جا دروازا
کلي پون ٿا، تڏهن روحاني عالم ۽ لوح محفوظ ۾
غيب جون شيون ڏسي سگهي ٿو، يا صاف صاف يا مثال
طور بيداريءَ جي حالت ۾ هيءءُ غيب جون شيون
حواسن وسيلي نظر نٿيون اچن. دل جو مثال هڪ
آئيني وانگر آهي ۽ لوحِ محفوظ به هڪ اهڙو
آئينو آهي جنهن ۾ ساري موجودات جون صورتون
آهن، جيڪڏهن صاف آئيني کي صورتن واري آئيني جي
سامهون رکبو ته ساريون صورتون صاف آئيني ۾ ڏسڻ
۾ اينديون. اهڙيءَ طرح جڏهن دل صفا ٿئي ٿي، ۽
محسوسات کان فارغ، تڏهن لوح محفوظ جون سڀ
صورتون منجهس پيدا ٿين ٿيون. جيستائين دل
محسوسات ۾ ڦاٿل آهي، تيستائين عالم ملڪوت جي
مشاهدي کان محبوب ٿيو پوي فقط ننڊ جي حالت ۾
ئي دل محسوسات کان فارغ ٿيندي آهي، ۽ تڏهن ئي
پنهنجي اصلي جوهر موجب، عالم ملڪوت جو مطالعو
ڪري سگهندي آهي. جيتوڻيڪ ننڊ جي ڪري حواس الڳ
ٿي وڃن ٿا ته به خيال پنهنجي جاءِ تي قائم رهي
ٿو. ان ڪري جو ڪجهه به ننڊ ۾ ڏسجي ٿو، سو
خيالي مثال جي لباس ۾ ويڙهيل ڏسجي ٿو نه صاف ۽
کليل. ليڪن جڏهن آدمي مري وڃي ٿو، تڏهن نه
خيال نه حواس، ان وقت جو ڪجهه هو ڏسندو آهي،
سو سواءِ پردي ۽ سواءِ خيال جي صاف صاف ۽ ظاهر
هوندو آهي.
ٻيو دليل به
آهي، جو هيءَ آهي ته ڪوبه شخص اهڙو نه آهي،
جنهن کي پروڙون ۽ چڱا ويچار الهام جي رستي دل
۾ نه ايندا هجن، اهي حواسن جي ذريعي نٿا اچن،
بلڪ از غيبي دل ۾ پيدا ٿين ٿا. ان مان معلوم
ٿيو ته سڀيئي علم رڳو محسوسات جي رستي معلوم
نٿا ٿين.
ان مان ئي
سمجهي وٺ ته دل هن جهان مان نه آهي، پر روحاني
جهان مان آهي، ۽ هي حواس جي انسان لاءِ هن
جهان ۾ اپايا ويا آهن، سي عالم ملڪوت جي
مطالعي کان هڪ قسم جو پردو آهن، ۽ هو جيستائين
هنن حواسن کان فارغ نه ٿيندو، تيستائين ڪنهن
به صورت روحاني جهان جي طرف لهي نه سگهندو.
فصل نائون
دل جي دري، بيداريءَ ۾ پڻ عالم ملڪوت ڏانهن
کليل رهندي آهي
هي خيال
متان ڪرين ته دل جي ڳڙ کي روحاني جهان جي طرف،
سواءِ موت يا ننڊ جي، نه ٿي کلي، بلڪ بيداريءَ
۾ به جيڪڏهن ڪو رياضت ڪري ۽ دل کي ڪاوڙ، شهوت
۽ بد اخلاق کان پاڪ ڪري، ۽ اڪيلائيءَ ۾ ويهي
اکيون بند ڪري، حواسن کي معطل ڪري ۽ دل کي
روحاني جهان جي طرف لڳائي ۽ هميشه دل سان ( ۽
نه زبان سان) الله الله چوندو رهي، ايتريءَ حد
تائين جو هو پاڻ کان ئي بيخبر ٿي وڃي ۽ الله
جي ذات کان سواءِ ٻي سڀ شيءِ کي وساري ويهي،
ته پوءِ بيداري ئي ڇو نه هجي، دل جي ڳڙ کي کلي
پوندي، ۽ جو ڪجهه ٻيا ننڊ ۾ ڏسن ٿا، سو هو
بيداريءَ ۾ ڏسندو. فرشتن جي روحن کي سهڻين
صورتن ۾، ۽ خود پيغمبر کي به ڏسي سگهندو، جن
کان هو گهڻائي فائدا ۽ مددون حاصل ڪري سگهندو
۽ هو ان کي زمين ۽ آسمان جا ملڪ ڏيکاري
سگهندا.
نبين سڳورن
جا علم به هن ئي طريقي کان هئا، ۽ نه تعليم ۽
حواسن جي ذريعي پرايل هئا، ۽ سڀني جي شروعات
مجاهدي ۽ رياضت کان ٿي آهي، جيئن ته حق سبحانہ
و تعاليٰ خود ارشاد فرمايو آهي ته ”واذ ڪر اسم
ربڪ و تبتل اليه تبتيلا“ (پنهنجي رب جو نالو
ياد ڪر، ۽ سڀني شين کان پنهنجو ناتو ٽوڙي، همه
تن ڏانهنس متوجهه ٿيءُ).
هي مڙيوئي
سڀ، رياضت ۽ مجاهدي جو ڦل آهي ته جيئن دل، خلق
جي عداوت، دنيا جي خواهش، ۽ محسوسات جي شغل
کان پاڪ رهي. هيءَ آهي راهه صوفين ۽ نبين جي.
مگر انهيءَ علم کي سکيا جي رستي حاصل ڪرڻ
عالمن جو طريقو آهي، جو پڻ سٺو آهي، پر نبين ۽
اوليائن جي راهه ۽ علم جي بنسبت ڪجهه به ناهي.
ڇاڪاڻ ته اهو علم ماڻهن جي تعليم کان سواءِ حق
تعالي جي حضور مان سندن دلين تي هارجي ٿو.
جيڪڏهن توکي اها ڳالهه نه ذوق جي رستي، نه
تعليم جي رستي، ۽ نه عقلي دليلن رستي معلوم ٿي
سگهي آهي، ته گهٽ ۾ گهٽ تون ان تي ايمان رک ۽
ان جي تصديق رک، متان ٽنهي درجن کان محروم ٿين
۽ ڪافر ٿي پئين. گهڻن ماڻهن کي اها راهه تجربي
۽ عقلي دليلن سان معلوم ٿي آهي.
فصل ڏهون
سڀڪو آدمي خاص فطرت تي ڄمي ٿو
هيءُ گمان
نه رک ته هيءُ سڀ ڳالهيون پيغمبرن لاءِ مخصوص
آهن. ائين نه آهي، بلڪ سڀني انسانن جي فطرت
انهن جي قابليت رکي ٿي. جهڙيءَ طرح ڪوبه لوهه
اهڙو نه آهي جو فطرتي طور تي آئيني بنجڻ جي
قابليت نه رکندو هجي، مگر ڪٽ ان جي جوهر کي
خراب ۽ بيڪار ڪريو ڇڏي. اهڙيءَ طرح اها دل،
جنهن تي دنيا جو حرص ۽ هوا غالب اچن ٿا، سا
ڪٽجي خراب ٿي وڃي ٿي.
جيڪڏهن ڪنهن
عقلمند کان پڇيو وڃي ته ٻه هڪ کان وڌيڪ آهن،
ته جواب ڏيندو ته ”هائو، وڌيڪ آهن“، پوءِ کڻي
انهيءَ عاقل اهو نه ڪَن سان ئي ٻڌو هجي ۽ نه
زبان سان ئي ڪڏهن چيو هجي، مگر هن جو اندر
سڀوئي انهيءَ تصديق سان ڀريل آهي. جهڙيءَ طرح
اها ڳالهه فطرتي آهي، تهڙيءَ طرح سان الله
تعاليٰ جي معرفت به هر انسان ۾ فطرتي طور
موجود آهي. عقلي دليلن ۽ تجربي مان پڻ معلوم
ٿيو آهي ته اها ڳالهه رڳو پيغمبرن لاءِ مخصوص
نه آهي، ڇا لاءِ جو اهي به انسان آهن.
پوءِ جنهن
جي اڳيان هي رستو کوليو وڃي ٿو ۽ دنيا جي
اصلاح ۽ فلاح جو ڪم کيس سمجهايو ٻڌايو وڃي ٿو،
۽ هو ان صلاح ۽ فلاح جي طرف ماڻهن کي دعوت ڏئي
ٿو، ته پوءِ اهو جو ڪجهه الله تعاليٰ کيس
ٻڌايو ۽ ڏيکاريو، تنهن کي شريعت چوندا آهن، ۽
جنهن شخص کي اهو ٻڌايو ويو، تنهن کي پيغمبر
سڏيندا آهن، ۽ جيڪي ڪرشما پنهنجي سچائي ثابت
ڪرڻ لاءِ هو ڪري ڏيکاري؛ تن کي ’معجزا‘ چوندا
آهن. پر جيڪڏهن اهڙو شخص ماڻهن کي دعوت نه
ڏئي، ته پوءِ ان کي ولي چئبو، ۽ ان جي حالتن
کي ’ڪرامت‘ ڪوٺبو. اها ڳالهه ضروري نه آهي ته
هر اهو شخص جو هن (عرفان ۽ معرفت جي) حالت کي
پهچي، سو ماڻهن کي دعوت ڏيڻ ۾ مشغول ٿي وڃي ۽
انهن کي هدايت جي طرف سڏي. بلڪ اها ڳالهه الله
تعاليٰ جي قدرت ۾ آهي ته هن کي هدايت ڏيڻ واري
ڪم ۾ مشغول نه ڪري؛ ائين تڏهن ٿيندو آهي جو
شايد جڏهن شريعت تازي هوندي آهي ۽ ماڻهن کي
هدايت ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي آهي؛ يا وري
انهيءَ ڪري جو دعوت ۽ هدايت جا ڪي اهڙا شرط
هجن، جي هن وليءَ ۾ موجود نه هجن.
توکي جڳائي ته ولين جي ولايت ۽ ڪرامت ۾ يقين
ڪامل رک ۽ سمجهه ته هي ڪم مجاهدي سان تعلق رکي
ٿو. مجاهدي ۽ ڪامل مرشد کان سواءِ ان شيءِ جو
هٿ اچڻ مشڪل آهي؛ پر جي کڻي هي ٻئي شيون هجن
به، ته به جيستائين الله تعاليھ جي توفيق شامل
حال نه رهندي، تيستائين هيءَ سعادت نصيب ٿي نه
سگهندي.
(1)
اها باصفت شيءِ، جنهن جي وجود جو
مدار ٻيءَ ڪنهن شيءِ تي هجي.