سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: چانڊوڪي چمپا جي مالها

 

صفحو:9 

پروفيسر عبدالعلي قلباڻي

مرحومه روشن مغل!

شڪارپور جي مردم خيز مٽيءَ سان سهڻو ۽ سينگاريل پتلو نزاڪت ۽ نفاست ڀريل خمرو ڦوهه جوانيءَ جي جوش ۾ ڀرجي ملڪ ملڪ جو سير ڪري ڪجهه پاڻ پسي ڪجهه پاڻ پسائي جڏهن وطن وريو ته اوچتو ئي اوچتو مرض جي لپيٽ ۾ اچي ڀُري ۽ جهُري پيو.

”روشن“ جنهنکي ننڍپڻ ننڍي هوندي پيار کان ”ريشم“ سڏيندا هئا، سا 1924ع ۾ شڪارپور شهر ۾ پيدا ٿي. اڃا ٽن مهينن جي مس هئي ته سندس والد وفات ڪئي. ٻه ڀينر هڪ ماءُ بنا عزيز ۽ ڀاءُ دنيا ۾ يڪلا رهجي ويا. مائي انوقت ويهن ورهين جي جوان هئي ٻي شادي ڪري ٻارن جو بار ٻي تي اڇلائي سکيو وقت گذاري سگهي ها پر هن تن من وساري هنن ٻن ٻوٽن جي آبياري پاڻ ڪئي. سڪول ۾ ماستري ڪري نه فقط هنن کي پاليو پر پڙهايو به. روشن نه فقط ماءُ جي هنج جي گنج مان علم حاصل ڪيو پر ماءُ جي هنج جي گنج مان علم حاصل ڪيو پر ماءُ جي مڪتب جا ڪتب، ڪتب آندا ۽ وديا ورتي. ۽ ان پرائمري درجه مان نڪري، ثانوي درياهه مان اُڪري، يونيورسٽين جي بحر جي ڪنار ۾ گهڙي پيئي ۽ بمبئيءَ مان بي. ايس سي جي ڊگري حاصل ڪيائين 1947ع ۾ ڪيميا جهڙي ڪم ۾ سيڪنڊ ڪلاس آنرس سان، هيءَ امتياز اڄ تائين ڪنهن به سنڌي مسلم عورت مشڪل حاصل ڪيو آهي. وري  1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي ٽي سيڪنڊ ڪلاس ۽ 1952ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي کان ايم اي (سنڌيءَ) ۾ حاصل ڪيائين.  ايل ايل بي جو پهريون امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ گذريل سال پاس ڪيائين ۽ ٻيو سال 1955ع ۾ ختم ڪرڻو هوس اڃا پي ايڇ ڊي ٻين ڊگرين جي تمنا تن ۾ هئي پر..... ”بندي جي من ۾ هڪڙي صاحب جي من ۾ ٻي.“

1948ع کان ڪراچيءَ اسسٽنٽ انسپيڪٽريس گرلس سڪولس جي عهده تي فائز هئي ۽ پڙهندي  رهي. 1944ع کان 1948ع تائين ميونسپل سڪولبورڊ شڪارپور جي ميمبرياڻي هئي. 1947ع ۾ ڪراچيءَ جي هڪ خواجه ماسٽر اسحاق سان شادي ڪيائين پر اولاد آخر تائين نه ٿيس اها ٻي تمنا دل جي دل ۾ کڻي ويئي.

آڪٽوبر 1952ع کان اپريل 1953ع تائين آمريڪا USA ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويئي ۽ جاپان کان ٿيندي آئي. مارچ 1955ع ۾ ڪولمبو ڏانهن رانديگرن جي وفد سان ويٺي ۽ اتان ئي سخت بيمار ٿي موٽي.

اپريل ۽ مئي مهينن ۾ بيماريءَ هوندي به پيپرن جاچڻ ۾ مشغول رهي ۽ دوا به ڪندي رهي پر موذي مرض بيماريءَ جو بهانو ڪري موت جو پيغام کڻي آيو ۽ گذريل عيدلفطر 1374هه جي ٻي ڏينهن 25 مئي 1955ع جي رات جو 11 بجي سندس روح خاڪي پتلي مان پرواز ڪري ويو. شل ڌڻي مرحومه کي جنت نصيب ڪري. انا الله وانا اليھ راجعون. مرحومه جو روشن سنڌ جو هڪ روشن ستارو اعليٰ اخلاق هئي، علم ۽ عقل ۾ اڪابر ته به طبع ۽ حليم ۽ سليم، سڀ ڪنهن جي خير خواهه، سماجي ڪارڪن (Social Worker) هن انسپيڪٽريس ٿيڻ شرط جو پهريون سرڪيولر زنانه سڪولن ڏانهن موڪليو انجو مقصد هي هو ته ”آئنده ڪابه ماسترياڻي چپن کي سرخي لڳائي سڪول ۾ نه اچي نه ڪي رنگين ۽ اوچا ڪپڙا پائي اچي. سچي استاد جو سينگار علم ۽ انجو ذوق آهي ۽ نه ظاهري ٺاٺ ۽ انجو شوق.“ هن ماسترياڻين جي پگهارن وڌرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سروس بڪ ٺهرايا جي اڳ نه هئا. ايترين مصروفيتن سبب ڪو به ڪتاب لکي يا شايع ڪري نه سگهي پر سندس مضمون ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ اچي چڪا آهن. هي پهرين سنڌي عورت هئي جنهن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان 1948ع کان تقريرون نشر ڪيون. سندس خداداد قابليت ۽ صلاحيتن جو داد آمريڪا جي عالمن به اوچن لفطن ۾ ادا ڪيو آهي. سندس وفات جي تاريخ شاهه لطيف جي هن سٽ مان نڪري ٿي:

”سمر جنين نه ساڻ (ڀلي) هوت حمايتي تن جو.“ 1955ع

سنڌ جو روشن ستارو ٿيو غروب. 1374هه - 1955ع

سندس قابليت متعلق هڪ ڊاڪٽر مئڊم ڊونلڊ ڊڪي امريڪن مصنفه جي راءِ جا ڪئناڊا (اتر آمريڪا) جي مشهور ماهر تعليم، اديبه ۽ مورخ آهي ۽ جنهن هن وقت تائين 64 ڪتاب لکي شايع ڪيا آهن، سا جڏهن مهيني کن لاءِ پاڪستان آئي تڏهن روشن سان پنهنجي ملاقات بابت اجهو هيئن ٿي لکي:

”ڪراچيءَ جي انسپيڪٽريس سان گڏجي مون کي ڪنهن ڏينهن زنانه سڪول ڏسڻا هئا پر جڏهن اهو وقت آيو تڏهن هوءَ مون سان نه هلي سگهي. انجي بدران آئي اسسٽنٽ انسپيڪٽريس روشن، نوجوان، قدآور ڪبڪ رفتار، جا طرز پاڪستاني عورتن ۾ ساراهه جوڳي آهي. ٽيهن جي ٽهيءَ جي اڳيئي بمبئي مان B.Sc سنڌ مان B.T ۽ ڪراچيءَ مان M.A حاصل ڪري چڪي آهي ۽ ان سان گڏ نوڪري به ڪري رهي آهي. سڪولن ڏانهن ويندي اسان پاڪستان جي نئين قوم جي تعليم ۽ انجي مسئلن تي بحث ڪنديون رهيوسين ۽ ان بحث جي دوران ۾ روشن ثابت ڪيو ته هوءَ نه فقط سندون ڪٺيون ڪرڻ (ڊگريون حاصل ڪندڙ) آهي، پر هڪ سچي استاد ۽ تعليم بابت سهڻا ۽ پڪا رايا رکندڙ آهي.

ان بعد هن ۽ سندس مڙس مون کي شهر جون مکيه جايون ۽ مهاجرن جون رحم جوڳيون جهوپڙيون ڏيکاريون ۽ لا ڪاليج ۾ ڪيترن سان واقفيت ڪرايائون سندس صحبت هڪ مزيدار ملاقات هئي، جنهن لاءِ مان سندن نهايت ممنون آهيان.“

(ڊاڪٽر ڊونلڊ ڊڪي.)


 

بادام ناتوان                                   (تاثر)

تنهنجي ياد ۾

 

           ”ڪڏهن ڪڏهن، تنهنجي دل به مونکي ياد ڪندي هوندي جيئن مان توکي“.

روشن!

هيءَ جملو، مون تنهنجي ان پهرئين خط مان ڪوريو آهي جيڪو تو پنهنجي تعليمي سفر جي دوران،  آمريڪا مان لکيو هو. ان وقت، تنهنجي ان خط جو هيءُ جملو پڙهي، اڳتي نه پڙهي سگهيس ۽ منهنجي ڦٽيل دل دانهن ڪئي هئي: ”ڏينهن ايندو جڏهن تون مونکي هر وقت ياد ڪندينءَ جيئن مان توکي“. بعد ۾ اکين بادلن جيان برسڻ شروع ڪيو هو ۽ مون پنهنجي پاڻ کي دک ۽ درد جي مها ساگر ۾ محسوس ڪيو هو. تو ته شايد اڄوڪي ڏينهن جي جدائيءَ جو خيال ڪري مونکي چتاءُ ڪيو هيو، پر مان سمجهي نه سگهيس ۽ هيءَ راز مون لاءِ راز ئي رهيو جيسين هي قهر جون گهڙيون اچي مٿان ڪڙڪيون ۽ تون جدا ٿي وئينءَ.

اڄ ماضي ويٺي ساريان- گذريل ڏهاڙا جيڪي گڏ، پيڪي گهر گهاريا هياسين، جن ۾ ڪي پهر ڳراٽڙيون پائي روح رهاڻ ڪئي هئي سين، جن ۾ رٺيون هيونسين، پرچيون هيونسين، رنو ۽ کليو هيوسين، مستقبل لاءِ هوائي قلعا جوڙيا هياسين- گذري ويا ڏهاڙا، بس، سندن ياد باقي آ. تون نه آهين، اڳيان ڏينهن نه آهن، اڳيون ڳالهيون نه آهن. آءٌ ائين پئي محسوس ڪيان، ڄڻ ڪنهن ريگستان ۾ ڪو اڪيلو راهي، راهه گنوائي ساٿ لٽائي، سڃ ۾ رڃ آڏو سوال جي نشاني بنيو بيٺو هجي.

مٺڙي روشن!

تون منهنجي هڪڙي ئي ڀيڻ هئينءِ. مان شل واري وڃانءِ، تو پڇاڙيءَ ۾ رسڻ جي ريت ئي نرالي ڪڍي. ٻڌائين ته ها! ائين ڌوڪو ڏيڻ مان توکي ڇا هٿ آيو؟ ٻاراڻين ڳالهين تان ائين رسبو آهي؟ ها، سمجهيم. توکي خبر هئي ته زندگيءَ جي سفر ۾ تون وڌيڪ ساٿ ڪين ڏئي سگهندينءَ ۽ انهيءَ ڪري، تو اڳ ۾ ئي، اٽڪيل پيچ ڇڏائڻ جي پئي ڪئي. ڀلا پريت جون ڪڙيون ائين به ٽٽنديون آهن ڇا؟ رٺل ته روز پرچي پوندا آهن! تڪرار دلين جي ڪشش کي ته ريٽي نه سگهندا آهن! پاڻي لٺين هئين ته نه ڇڄندو آهي! پوءِ تون اهو ڪيئن سمجهيو ته تنهنجا معمولي تڪرار دلين جي ڪشش کي ميٽي سگهندا؟ تو ڀانيو، تون دل کي ائين ڌتاري هلي ويندينءَ ته ڏڍ اچي ويندم، پر هت ته اٽلو ڦٽ ٿي پيا اٿم.

ادڙي!

مون ته ڀانيو هو ته حياتيءَ جي راهه اڃان گهڻي تائين هلندي هلندي. رٺل پرچي پوندا، دنيا جو دستور به ائين آهي. پر توکي من ۾ هئي ئي ڪا ٻي ڳالهه. مان نه سمجهي سگهيس. هاءِ! ڌوڪو کاڌم.

ڀيڻ منهنجي!

اڄ پنهنجو سِڪون پئي ساريان. تنهنجا رسڻ ته پيار جا انداز ها! دلين مان تڙپ ته هڪ پل لاءِ به ڪانه پئي آهي! خوابن جون ملاقاتون به ته ڪين وسريون آهن! امڙ جا ٻڌايل احوال به ته اڃا دل تي تازا آهن! تون اڄ هميشھ لاءِ ناتو ٽوڙي، هلي وئي آهين پر نڪي امڙ احوال اورڻ کان ٿڪي آهي، نڪي آءٌ ٻڌندي ٿڪي آهيان. تنهنجي رسڻ جا ڍنگ نرالا ها. اڄ اهو پڻ هڪ احوال آ، امڙ ويٺي اوري، آءٌ ڪَن ڏيو ويٺي ٻڌان. ”اجهي پر چياسين، اجهي ملياسين، اجهي اکيون اٽڪيون، اجها پيار ڀري ڳراٽڙي“، دل جي ڪنهن ڪنڊ مان آواز ٿو اچي.

روشن ڀيڻ!

توکي ته خبر هئي، تنهنجي خوشي منهنجي خوشي هئي، تنهنجو غم منهنجو غم هو. ڪيڏو ناز ڪندي هيس توتي؟ تنهنجي تعليم ۽ ترقي علم ۽ عروج توڙي سير ۽ سياحت جون ڳالهيون ڪيڏي فخر سان جيڏين کيڏين سان ڪندي هيس؟ ڪيڏو ناز هيم توتي؟ مونکي ڇا، توتي ته پوري خاندان کي ناز هو- قوم کي ناز هو. ايڏا پورهيا! ايڏي تعليم! جا اڄ ڏينهن سوڌو ڪنهن سنڌي عورت ڪانه حاصل ڪئي سا سڀ ڇا تو قبر ۾ کڻي وڃڻ لاءِ حاصل ڪئي هئي؟

”آءٌ ڪهڙي خيال ۾ هيس،

آسمان ڪهڙي ۾ هو.“

ڇا مان ڇا ڪري ڇڏيئي! هڪ غير معمولي تشنگي رهجي وئي. ازل جي اڃ، اڃ ئي رهجي وئي ۽ شايد ابد تائين هلندي هلي. ناسور سئان ڦٽ ڏنئي جن جو نه ويڄ نه طبيب.

قدرت جي ڪارخاني ۾ ڪنهن شئي جي ڪمي ڪانه هئي. نه هو ته “درد” ڪين هو ۽ قدرت درد لاءِ انسان اُپايو. ڪنهن کي هڪ، ڪنهنکي اڌ، پر اسانجي پاند سان سڀ اٽڪائي ڇڏيائين. امڙ جي آهن، دانهن، دعائن جو به ڪو اثر ڪين ٿيو. نيڻ نير هاريندا رهيا پر قدرت کي رحم نه آيو، امر الاهيءَ ۾ ڪمي ڪانه ٿي.

ماڻهو وڃن مئا، تون نه مئين سور،
پريئم سندا پور، لهندا ڪين؟ لطيف چوي.

ڪنهن ٿي ڄاتو، ڀيڻ! تون دک درد دل ۾ پائي، سوين سور سانڍي ارمانن جا انبار دل ۾ دٻائي مونکان رسي، ويندينءَ هلي؟ هن رڃ ۾ مون اڃاريءَ کي اڪيلو ڇڏي قبر سان پرچاءُ ڪندينءَ؟ آه! ڇا توکي قبر جو آغوش منهنجي ڀاڪر کان به مٺو لڳو؟ پر جي ائين به هيو، ته تون موقعو ته ڏين ها! آخري  موڪلاڻي ته ڪرين ها! ڪڙهندڙ، جهريل دلين کي ڪجهه ته سهارو ڏين ها! عمرين سندي اُڃ، کن پل ته اُجهائين ها!

پر نه، تنهنجو قصور ڪونهي. تنهنجي دل ته مون لاءِ آخري دم تائين تڙپندي رهي. تو ته مونکي کن کن، پل پل پئي ساريو. تو ته بار بار ”بادام“ پڪاريو ۽ آخري لمحي ۾، زبان ڀڄي پوڻ تي به توکان رهڻ نه پڳو ۽ چچريل آواز ۾ تو چيو ”بدم.......با.....دم.“ ڪاڏي وئي هيئي ڪاوڙ ڀيڻ! جهٽ پلڪ ته رٺي رهين ها! ائين پرپٺ ٺهراءَ ڪبا آهن ڇا؟ ائين پرچاءَ ڪبا آهن ڇا؟ ريشم! اهو ڪار ئي ڪونهي! اچ ته نئينءَ سنئينءَ ٺهراءُ ڪيون! وري رُس ته مان پرچايانءِ ۽ پوءِ نه نه ڪري مڃ، ته مان به مڃيان. تنهنجو پرپٺ جو پرچاءُ ڪيئن ڪار ٿيندو؟ اک ٻوٽ جو اهو کيل اڌ ۾ ئي رهجي ويندو ڇا؟ ريشم! ادي! ڪجهه ته ٻڌاءِ!...... چئو! ڪجهه ته چئو! مچيل راند ڦِٽائي، اڌ مان کِسڪڻ، تو ڪنهن کان سکيو؟

آه! هي ملڪ الموت!

مهلت نه ڏنئين توکي،

الفت کي نباهڻ جي،

يا راند رچائڻ جي.

تون وئينءَ هلي: راند ڦِٽائي، روح رلائي، آگ لڳائي.

ڀيڻ منهنجي!

ماڻهو چون ٿا، وقت گذرڻ سان غم ميسارجي ويندو. ڪيئن مڃيان؟ ناسور جو ته ڪو علاج ئي ڪين ٿيندو آهي. تو ايترو جلد جدائي ڏني! جوانيءَ ۾ ئي موت سان ملاقات ڪيئي! دل ۾ گهاوَ ٿي پيا آهن ڀيڻ! اهو ڦَٽ هميشھ چِڪندو رهندو، اهو منظر ستائيندو رهندو، اڃئين کي رڃ جو ٿي.

تون يتيم ڄائينءَ، يتيم پلينءَ- ”يتيم“ لفظ ۾ سڀ ڪجهه اچي ويو. ڏکن ڏاکڙن جي هڪ ڊگهي زنجير جنهن ۾ سور ڪڙين جيان پويل هئا سا به ته ٻڌائي ڇڏيم. ۽ يتيم هوندي به تو زندگيءَ جي ”مهراڻ“ جي موجن سندي لهرن لوڏن، تيز طوفانن، قهري ڪُنن کان، پنهنجي جندڙيءَ جي ٻيڙي، پنهنجن پورهين ڪشالن سان، اُڪاري ڀِڪ ڀَر آندي ته لهر چڙهي، ونجهه ويا، سکاڻ ٽُٽا، ۽ ٻيڙي پاتل پيئي. دوستن جي ڳالهه نرالي، دشمن به دانهن  ڪرڻ کان ڪين رهي سگهيا ۽ ڏيهه ڏاتار ڏسندو رهيو، کلندو رهيو، ڇا چوان؟ ڪنهن کي چوان؟

دل کي جو داغ ڏنو اٿيئي، سو ميسارڻ سان نه مِٽيو- ڦٽ چِڪندو جيسين جيئري آهيان ۽ اڃان به قيامت تائين. رئندي رهندس، جهرندي رهندس اوستائين جيستائين وري روحن جي دنيا ۾ روحن جو ميلاپ ٿئي- ڳراٽڙي پايون، رُسون، پرچون ۽ پريت ريت جي راند وري موج ۾ اچي، اوج تي رسي.

روشن ڀيڻ!

تون وئين هلي. آءٌ وڻن ۾ پئي واڪا ڪيان. ڀتين کي ڀاڪر وجهي، ور ور ڪيو  پئي ورلاپ ڪيان. تون مري وئي آهين مان ڳري وئي آهيان. تو مونکي نال نه نيو، نيڻئون نير نٿو بيهي. ڪاش! قبر جي اڪيلائيءَ ۾، دنيا کان منهن موڙي، ڀاڪر پائي، ٻئي ڀينر ننڊ ڪيون ها- مٺي ابدي ننڊ جا ڪو چاهي به ته ڦٽائي نه سگهي ها.

آءٌ ڀيڻ! جلدي آءُ! هڪ دفعو ته آءُ! امڙ کي ته ڏس! پل پل پئي سوليءَ چڙهي. منهنجي دل تي ته به ڪات، ڪَٽاريون پيون وهن. اسحاق، تنهنجو جان نثار شوهر هردم هنجون پيو هاري، توکي ساري ٿو ۽ ديوانه وار توکي سڏ ٿو ڪري. تنهن جي ڀاڻيجي ۽ ماساتيون ٻاڪارين ٿيون. آءُ ڀيڻ آءُ! هڪ وار آءُ! جهٽ پل خاطر، گهڙي کن لاءِ. آءُ! جلدي آءُ! اچي پنهنجي پيرسن ماءُ جي جهُريل جيءَ کي سڌير ڪر! روشن! هڪ بار اچي اسانجي گهر کي روشن ڪر! روشن! روشن! منهنجي آواز تي آواز ته ڏي! تون اسانجي گهر جي روشني هئينءَ. آءُ، اچي هن انڌوڪار کي ريٽ! مٺڙي! هڪ دفعو وري آءُ ۽ اسانجي تاريڪ زندگيءَ کي روشن ڪر! آءُ ڀيڻ!.....آءُ!  هڪ وار.....

روشن آرا مغل-                                 روشني روشني! ڪٿي آهين؟

 

نئين سر آوري جاڳي

             

تنهنجي سنگ ستارا آهن.

روشن پنهنجي ماءُ سان-  سمنڊ جيان بي انت ته آهي. 

چاندني رات ۾ سمهي پيا گيت

وئي تون آنهه يا وئي ساري خوشي منهنجي 

چوٽا تيل چنبيليا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org