روشن جا
مضمون
عورتن جي تعليم
ڪابه قوم يا ملڪ ان وقت تائين ترقي ڪري نه ٿو سگهي
جيسين ان ملڪ يا قوم جا فرد اعليٰ قابليت جا مالڪ
نه هجن. تنهن ڪري تهذيب ۽ تمدن جي ترقي مرد ۽ عورت
جي تعليم جي بغير ناممڪن آهي. ڪن سياڻن جو اهو
رايو آهي ته عورت ۽ مرد انساني تصوير جا ٻه رخ
آهن ڪن جو چوڻ آهي ته زال ۽ مرد هڪ گاڏي جا ٻه
ڦيٿا آهن يعني ته ڪي ان خيال جا آهن ته گهر هڪ
سلطنت آهي جنهن جو مرد حاڪم آهي ۽ زال وزير.
جيڪڏهن عورت ۽ مرد کي انساني تصوير جا ٻه رخ چيو
وڃي ته اهو لازمي آهي ته ٻئي رخ هڪ جهڙا ئي
خوبصورت هئڻ کپن ۽ جيڪڏهن گاڏي جا ٻه ڦيٿا تصور
ڪجن ته اهو زيبا نه ٿيندو ته هڪ لوهه جو هجي ۽ ٻيو
رٻڙ جو ۽ وري جيڪڏهن مرد هوم گورنمينٽ جو حاڪم آهي
۽ عورت وزير ته اها هڪ مذاقيه ڳالهه ٿيندي جو حاڪم
۾ هرممڪن قابليت کي لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ وزير:
عورت جا امور داخلي کي عملي جامو پهرائڻ واري آهي
سا تعليم کان محروم رکي وڃي! تواريخي ورقن کي
اٿلائيندي ائين معلوم ٿيندو ته قومن جو عروج ۽
واڌارو زناني تعليم تي مدار رکي ٿو. ٻين کنڊن جي
ڀيٽ ۾ عورت تي جو خدا جون ايتريون نوازشون نازل
ٿيل آهن سو صرف ان ڪري جو يورپ جا باشندا عورتن کي
تعليم يافته بنائڻ ۾ فخر سمجهندا آهن، ۽ سچ پچ
سمجهڻ به ائين گهرجي. ڇو ته علم مردن ۽ عورتن لاءِ
هڪ جهڙو هئڻ ضروري آهي.
اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته عورتون ناقص العقل آهن ۽
ڪن مردن ته عورتن کي ايترو ته بيوقوف ٺهرايو آهي
جو چوندا آهن ته زال ذات جو عقل ڏائيءَ کُڙي ۾
ٿيندو آهي، سو به شام بعد گم. ان خيال کي زير
ويچار رکي، مرد عورتن کي وڏن وڏن ڪمن ۾ داخل ٿيڻ
جي ناقابل سمجهندا آهن. بهرحال انهن کي ڪڏهن اهو
ويچار ڪين رهيو آهي ته آخر انهن ڪمزورين جو سبب
ڇا؟ جيڪڏهين باريڪ بينيءَ سان نظر ڪبي ته ائين
معلوم ٿيندو ته جڏهن کان وٺي دنيا وجود ۾ آئي آهي
ان وقت کان وٺي عورت کي ديده و دانسته تعليم ڏيڻ
کان بي بهروز رکيو ويو آهي ۽ ڇاڪاڻ جو صنف نازڪ جي
عقلي قوت کي تعليم سان نه چمڪايو ويو آهي تنهن ڪري
رات ڏينهن هو جنهن فنا ۾ رهيون آهن تنهن کانسواءِ
ٻئي ڪنهن پاسي توجه نٿيون ڏيئي سگهن. ورنه جنهن
قوم عورتن کان سپاهين جو ڪم وٺڻ فرض سمجهيو آهي
اتي ڏٺو ويو آهي ته عورتن نهايت جان فشاني ۽
بهادري سان سپاهين جو ڪم ڪري مردن جيان قربان
ڏنيون آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عورتون مردن جي
مقابلي ۾ فطرتن جسماني طور گهٽ آهن ڇاڪاڻ ته قدرت
نظام قائم رکڻ لاءِ عورتن کي ڪنهن خاص مقصد سان
پيدا ڪيو آهي ۽ انهن جا فرض به مردن جي فرضن کان
مختلف آهن پر تنهن هوندي به انهن جا مخصوص ڪم اهڙا
آهن جن لاءِ اعليٰ تعليم ۽ تربيت جي اشد ضرورت
آهي.
اهي زالون جي علم جي روشني کان دور آهن اهي جنهن
به گهر ۾ وڃن ٿيون ته ان گهر کي پنهنجي تاريڪيءَ
سان زياده تاريڪ ڪن ٿيون، ۽ خيالات وغيره ۾ به
مردن کان الڳ ۽ نرالي رهڻ ڪري هو زندگي ۾ ناڪامياب
رهن ٿيون. اهوئي سبب آهي جو نوانوي في صدي خاندان،
گهرو زندگيءَ جو لطف نه ٿا ماڻن ۽ خشڪ زندگي بسر
ڪرڻي پوين ٿي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جت عورت جاهل ۽
مرد اعليٰ تعليم يافته آهي، اتي مرد جو ڪجهه ڪرڻ
چاهي ٿو تنهن ۾ عورت مدد ڪري نٿي سگهي. نه فقط
ائين بلڪ مرد جي ڪڏهن اهليه کي اعليٰ خيالات بنائڻ
چاهي ٿو ته عورت ان خيال کي دماغ جي دروازي تائين
به پهچائڻ پسند نه ٿي ڪري. مرد چاهي ٿو ته گهر
سليقي ۽ سٺائيءَ سان هجي ته عورت ان کي صفا رکڻ جي
بدران بلڪل گندو رکي ٿي. گندگيءَ جو هئڻ ايترو ته
گهڻائي ۾ آهي جو ٻچن جي صحت کي به عام طور نقصان
رسي ٿو. اها حالت آهي جاهل عورتن جي، جي عمومن
تعليم يافته مردن جي دلين ۾ گهر پيدا ڪري نٿيون
سگهن، ۽ انهيءَ ڪري پنهنجي زندگي به وبال ڪن ٿيون
۽ مردن جي زندگيءَ جو لطف ۽ ترقيءَ جي جوش کي ٿڌو
ڪيو ڇڏين. تنهن ڪري شادي کان اڳ ۾ ضروري آهي ته
عورت خواه مرد تعليم يافته هجن. جيئن نئين زندگي
شروع ڪرڻ ۾ بي لطفي پيدا نه ٿئي. جيڪڏهن مٿئين
خيال سان ملڪ کي جاچيو ويندو ته معلوم ٿيندو ته
مردن جي تعليم جو عام چرچو آهي باقي عورتن جي
تعليم تي ڪن چند آدمين ڌيان ڏنو آهي.
ڪن اعليٰ تعليم وارن ماڻهن جو خيال آهي ته عورتن
کي تعليم اهڙي قسم جي ڏني وڃي جيئن هو پنهنجي
شاديءَ ۽ گهرو زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿين. جيڪڏهن ائين
آهي ته سوال اٿندو ته تعليم ڪهڙي قسم جي ڏني وڃي
جو عورت جي اصلي جوهر کي چمڪائي ۽ مخصوص صفات کي
ضايع نه ڪري. ياد رکڻ گهرجي ته عورت ڪمزور ۽ نازڪ
آهي، هو تن تنها دنيا جي سختين ۽ مصيبتن جو مقابلو
نه ڪري سگهندي تنهنڪري عورت جي مخصوص ڪمزوريءَ کي
خيال ۾ رکي انهيءَ کي اهڙي تعليم ڏيڻ کپي جو عورت
کي ان رشته تعاون کي خوشگوار ۽ مضبوط بنائڻ ۾ مفيد
ثابت ٿئي. عام طور سان عورتن کي خانه داريءَ جو ڪم
ڪرڻو پوي ٿو. تنهنڪري سڀ کان پهرين عورت کي خانه
داريءَ جي صحيح اصولن کان واقف ڪرائجي. ڇاڪاڻ جو
حقيقت ۾ ڪابه عورت خانه داريءَ جي قابليت جي بغير
عورت سڏائڻ جي مستحق ڪانهي. ٻچن جي پرورش،
تيمارداري ڪرڻ، رڌو پڪو ڪرڻ، صحت جو اونو ڪرڻ، اهي
عورتن جي تعليم جا ابتدائي اصول هئڻ کپن. ان کان
سواءِ هرهڪ عورت کي ايتري تعليم ڏيڻ ضروري آهي جو
ڪم از ڪم پنهنجي ٻارن جي ابتدائي تعليم جي سار
سنڀال ڪرڻ ۽ رشتيدارن کي خط پٽ لکڻ ۾ ٻين جي محتاج
نه رهي. ان بعد گهر جو باقاعدي خرچ پکو رکڻ لاءِ
کيس حسابن جو اچڻ ضروري آهي. نه فقط ائين بلڪ
گڏوگڏ عورت کي گهرو صنعت ۽ دستڪاري پڻ سيکارڻ
گهرجي، جو ڪنهن به وقت روز-معاش جو ذريعو ٿي سگهي.
ان تعليم مان ائين سمجهڻ نه کپي ته عورتن کي اعليٰ
تعليم کان محروم رکيو وڃي. ليڪن جا عورت جي صفحات
کي قائم رکي ان کي ختم ڪرڻ بعد هر قسم جي تعليم
جهڙوڪ نرسنگ، ڊاڪٽري يا ٻي ڪابه مناسب تعليم ڏني
وڃي.
تعليم ۾ هيترن فائدن هوندي به ڏٺو ويو آهي ته گهڻي
حصي ۾ اسان جا مسلمان ڀائر عورتن کي تعليم نه ڏيڻ
جي فائدي ۾ آهن. ان جو سبب آخر ڇا آهي؟ جيڪڏهن ذرا
اونهائيءَ سان غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته ان لاءِ
اسين تعليم يافته عورتون جوابدار آهيون. پڙهيل
ڇوڪريون گهڻو ڪري اڄ ڪلهه ڪاليج يا سڪولن ۾ وڃڻ
سان، سادگي، صرفو، سچائي، پورهيو، پوترتائي، ادب ۽
اخلاق جي بدران خودي ۽ خرچ، لٽا ڪپڙا، نٽ شٽ، ٺٺ
ٺانگر، بي حيائي ۽ بي ادبي، اختيار ڪن ٿيون. جنهن
ڪري نه فقط تعليم کي بدنام ڪن ٿيون بلڪ ٻين جي
راهه ۾ پڻ هڪ رنڊڪ ثابت ٿين ٿيون. ڇو جو جديد
تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ عورتون، ڏٺو ويو آهي ته
پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ پٺتي رهن ٿيون. جي احڪام ۽
ڪم هنن تي رکيل آهن انهن جي بجا آڻڻ ۾ فخر بدران
بي عزتي سمجهن ٿيون. جنهن ڪري قوم لاءِ عزت جي
بدران ذلت ثابت ٿيون آهن. علم بد تهذيبي ۽
ناشائستگي سيکارڻ وارو هرگز نه آهي. علم هڪ نور
آهي جو جهاليت جي تاريڪي کي روشنيءَ ۾ مَٽيو وجهي.
آخر ۾ ته تعليم اهڙي قسم جي هئڻ کپي جا زندگيءَ جي
ڪشمڪش ۽ حيات جي جنگ ۾ عورتن لاءِ فائدي واري ٿئي.
سنڌ ۾ زالن جي حالت
جيتوڻيڪ اسلامي اصولن موجب عورت کي ڪافي حق حقوق
مليل آهن جن جي وسيلي هوءَ برابر آزادانه نموني ۾
رهي پنهنجي حد اندر ڪجهه ڪري سگهي ٿي تنهن هوندي
به قديم وقت کان وٺي اسلامي ملڪن ۾ انهن اصولن
موجب ڪن ٿورن انهيءَ طريقي سان عورتن کي هلايو
آهي. تاريخ شاهد آهي ته عربن جي وقت کان وٺي هن
وقت تائين زالن تي هر قسم جي بندش وجهي هر پهلو
کان دٻائي صرف چئن ديوارين جي اندر جيئرو جانور
ڪري سمجهيو ويو آهي. قبول ٿا ڪريون ته رضيه
سلطانه، نورجهان، چاند بيبي، زيب النساءَ گهڻو
ڪجهه ڪري پنهنجي بهادري، همت ۽ انصاف جو ثبوت ڏيئي
دنيا اڳيان ثابت ڪيو ته زالون به مردن جي مقابلي ۾
گهٽ ڪين آهن.
اڄ به جي چوڌاري نظر ڪبي ته پتو پوندو ته پاڪستان
جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ زالن ۾ قدري ڦيرو آيو آهي.
ڪيتريون ته سياسي ميدان ۾ ٽپي مردن سان دوش به دوش
ٿي قوم جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. انهي مان
ظاهر آهي ته اسانجي ملڪ جي زالن منجهه هينئر وڌيڪ
سجاڳي اچي ويئي آهي. ليڪن تنهن هوندي به ائين ڪونه
چئي سگهبو ته ڪو عام زالن جي حالت ۾ ڪجهه سڌارو ۽
واڌارو ٿيو آهي.
جيڪڏهن پنهنجي غريب سنڌڙيءَ ڏانهن نهاريو ته بلا
شبهه ظاهر آهي ته زالن ۾ تعليم بلڪل گهٽ آهي. ڇو؟
ان جا مکيه ٻه سبب آهن: هڪ ته تعليم کاتي جي
آفيسرن طرفان علم جي وڌائڻ جا ڪي خاص اپاءَ نٿا
ورتا وڃن- جهڙوڪ غريب ٻارن کي سڪالرشپون ڏيڻ، هرهڪ
تعلقي ۾ زنانا هاءِ سڪول کولڻ، مفلس ڇوڪرين کي
ڪتاب، سليٽون ۽ ٻي امداد هر سال ڪرڻ، ان لاءِ ته
تعليم مڪمل ڪري پيرن تي بيهي سگهن. ٻيو اهم سبب هي
آهي جو سنڌ جا ماڻهو، زميندار، ڪامورا، وچولي طبقي
يا غريب ڪلاس جا پڙهيل ماڻهو ڇوڪرين جي ڪن اوڻاين
جي اجائي اثر هيٺ اچي پنهنجي ڇوڪرين کي علم جي
روشني سان سرفراز ڪرڻ نه ٿا گهرن، ڇاڪاڻ جو انهن
جي دلين ۾ هي خيال گهر ڪري ويو آهي ته پڙهيل
ڇوڪريون، بي حياءُ مغرور، ۽ نرڄيون آهن. مڃيوسين
ته ڪي پڙهيل ڇوڪريون مغرب جي سڀيتا جو نقل ڪري
اجاين اوڻاين جو شڪار ٿيل آهن پر ان جو مطلب اهو
ڪونهي ته سڀ ائين آهن. جيڪڏهن ٿورو باريڪ بينيءَ
سان ڪنهن به مسئلي تي غور ڪبو ته سڀ ڪنهن به مسئلي
تي غور ڪيون ته سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ ٻه پاسا معلوم
ٿيندا. خوبي ۽ خرابي ضرور ان ۾ سمايل هوندي، پوءِ
ڇو ڀلا خرابيءَ کي ڏسي ماٺ ڪري ويهڻ گهرجي؟ صرف
تعليم عورت جي خرابيءَ جو ڪارڻ ڪڏهن ٿي آهي نه
ٿيندي. جن به مردن جو اهو رايو آهي سي گويا پنهنجي
تنگ دلي ۽ جاهليت جا اهڃاڻ ظاهر ڪري رهيا آهن.
حقيقت ۾ ٻارن جي پهرين درسگاهه ماءُ جي هنج آهي،
جتي هو اخلاقي سبق وٺي وڏو ٿئي ٿو. جيڪڏهن ماءُ
وٽان اولاد کي سٺي تربيت ملي ٿي ته پوءِ يقينن
تعليمي ماحول جو ان جي اخلاق تي ڪو اثر پئجي نٿو
سگهي. اهو پهاڪو ته ڪنهن کان وسريل نه هوندو ته
“ڌي اهو ڪري جو ماءُ گهر ڏسي“. تنهن ڪري هروڀرو
ڇوڪريءَ کي تعليم کان محروم رکي، مردن جي رحم ۽
ڪرم تي ڇڏڻ صريحن غلط آهي. جنهنجو نتيجو هي نڪرندو
جو اسانجو آئنده نسل جاهل ۽ پٺتي پيل نظر ايندو.
ڇاڪاڻ ته عورت ئي آهي جنهن تي قوم جي ترقي جو
دارومدار ٿي سگهي ٿو.
سنڌ ۾ زياده مرجهايل حالت زالن جي ڳوٺن ۽ خانداني
گهرن ۾ آهي. شاهوڪار طبقي ۾ مرد پنهنجي بي معنيٰ
مغروري ۽ اڊمبر وچان نه فقط پنهنجي ڇوڪرين کي
تعليم ڏين ٿا بلڪه پنهنجي خاندانن ۾ ڪجهه مالي
جهڳڙن فسادن ڪري ۽ ڪجهه ڇوڪرن جي اقليت ۾ هئڻ ڪري
پنهنجي ڌيئرن، ڀينرن ۽ ٻين جي ساري زندگي بنا شادي
ڪرائڻ جي ختم ڪن ٿا. جنهن ڪري ڪن حالتن ۾ ته
ڇوڪريون بيماريءَ جو شڪار ٿي زمين دور ٿين ٿيون،
يا ته جتي اهڙو موقعو ملي ٿو ته اتي پنهنجي
خانداني عزت کي هڪ طرف رکي نه فقط پن هنجي عزت
آبرو وڃائين ٿيون بلڪه خاندان کي به هميشھ لاءِ
داغدار ڪن ٿيون. جيڪڏهن مائٽ سمجهي سوچي پنهنجي
ڇوڪرين جي بلوغت ۾ اچڻ بعد شادي ڪرائين ته اهڙا
ظلم جا ڪم ئي نه ٿين پر ڇاڪاڻ ته سنڌ جي مردن ۾
به ڪافي علم ۽ سمجهه ڪانهي ان ڪري انهن، انهيءَ
ڳالهه کي ڪڏهن محسوس نه ڪيو آهي ته نفس جيترو مردن
لاءِ ضروري ڳالهه آهي ان کان چاليهه حصا زياده
زالن لاءِ ضروري آهي.
ڳوٺن ۾ زالن جي حالت نهايت رحم جوڳي آهي. جيتوڻيڪ
پردي جو رواج غريب طبقي ۾ ايترو ڪونهي تنهن هوندي
به بندش تمام گهڻي آهي. ڇوڪري 9 سالن جي ٿي ته هن
جي شادي جا سانباها ٿيندا، جنهن ۾ صرف هڪ ڳالهه جو
خيال ڪيو وڃي ٿو ته ڇوڪرو ڪمائيندڙ آهي يا نه. بس
اها خاطري ٿي ته پوءِ 50 يا 60 ورهين واري ٻڍي کي
ڏيڻ کان به ڪين ٽهندا. شادي بعد ڇوڪريءَ جي جسماني
طاقت کي نظرانداز ڪري هن کي عيش پرستيءَ جو
رانديڪو، ٻارن پيدا ڪرڻ جي مشين ۽ ڪم ڪندڙ هٿ
سمجهيو وڃي ٿو. ان ننڍي اوستا ۾ ايڏو بوجو پوڻ
ڪري، ۽ غذا ڪم هجڻ ڪري سنڌ ۾ اڪثر زالون جوانيءَ ۾
ٻڍيون، جسم ۾ ضعيف، نٻل ۽ هر مرض جو گهر نظر اچن
ٿيون.
هي آهي سنڌ جي زالن جي حالت جنهن کي سامهون رکندي
هرهڪ عقلمند انسان قبول ڪندو، ته قدرت سرشتيءَ کي
قائم ۽ انتظام ۾ رکڻ لاءِ ڪائنات ۾ مرد ۽ عورت
ٻنهي جو هئڻ ضروري ۽ لازم سمجهيو آهي. نه فقط اهو
بلڪه گهر گرهستيءَ ۾ به عورت ۽ مرد جو ساڳي قابليت
سان هئڻ نهايت اهم آهي. اهو ڪيترو نه ناموزون لڳي
ٿو جو مرد علم جي خزاني سان مالا مال هجي ۽ عورت
هڪ معمولي تعليم به نه رکندي هجي. جيڪڏهن سنڌ جا
اهل علم چاهين ته اسانجي سنڌڙي به ترقيءَ جي راهه
۾ وڌندي رهي ته اهو ضروري آهي ته عورتن جي حالتن
کي سڌاريو وڃي. ڇاڪاڻ جو قوم جي ترقي ۽ نونهالن جي
بهبوديءَ جو سارو دارومدار عورت جي ئي دم قدم سان
آهي.
عورت جي صورت ۽ سيرت
(جيئن ته منهنجو هي مضمون خاص طرح عورتن لاءِ پيو
لکيو وڃي، تنهنڪري بهتر اهو ٿيندو ته آءٌ انهن جي
ئي ويچار وٽان لکان).
---*---
انساني فطرت جو اهو قاعدو آهي ته هو حسين شين کي
ڀائيندو ۽ پيار ڪندو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي
چئجي ته انسان فطرتاً حسن پرست آهي. اها هڪ اهڙي
حقيقت آهي جنهن کان ڪوبه انڪار ڪين ٿو ڪري سگهي.
تهذيب جا اوچا محل اڏڻ به انسان کي انهيءَ حسن
پرستيءَ جي جذبي تي سيکاريا آهن. جيڪڏهن قدرت
انسان جي دل کي حسن پرستيءَ جي دولت نه بخشي ها يا
ڪنهن پر انسان جي دل مان اهو جذبو خارج ٿي وڃي ها
ته اڄ جو انسان پنهنجي نيم ربانيت جي دعويٰ ٿو ڪري
سو نه ڪري سگهي ها، هن ڪائنات تي خاموشي ڇانئجي
وڃي ها، تهذيب ۽ تمدن جا ڏيا اُجهامي وڃن ها ۽
دنيا جي هر ترقي ختم ٿي وڃي ها.
البت اهو چوڻ به سراسر غلط ٿيندو ته حسن ئي سڀ
ڪجهه آهي، حسن تي ئي زندگيءَ جو مدار آهي ۽ حسن
ڌاران ڪابه شيءِ ڳڻ ڳوت ڪين لهي. پنهنجي پنهنجي
نموني ۽ دائري ۾ شيون به انسان جي زندگيءَ تي اثر
رکن ٿيون ۽ انهن شين جي اهميت به ايتري آهي جو
انهن ڌاران جيئڻ جنجال ٿيو پوي. انهن شين ۾ سڀ کان
مکيه آهي سيرت يا اخلاق.
جهڙي طرح حسن هڪ خدائي ڏات آهي، تهڙي طرح سيرت
انسان جي پنهنجي پورهئي سان پيدا ڪيل نعمت آهي جا
کيس زندگيءَ جي دور ۾ مدد ڪري ٿي ۽ ڪامياب بنائي
ٿي. ائين کڻي چئجي ته حسن اهري دولت آهي جنهن کي
زوال آهي ۽ سيرت اهڙي دولت آهي جا لازوال آهي، جي
صورت جسماني لطافت لاضروري آهي. ته سيرت دل جي
سڪون ۽ اطمينان لاءِ اهم آهي. حسن جي خدائي زيور
آهي ته سيرت به حاصل ڪيل گوهر آهي، جنهن کي پڻ
مشڪل سان هٿ ڪري سگهجي ٿو.
عورت لاءِ حقيقي زيور سندس اخلاق آهي ۽ سچ پچ ته
ظاهري حسن کان به وڌيڪ عورت جو اخلاق کيس ٻهڪائي
ٿو. اها هڪ آزمايل ڳالهه آهي ته معمولي صورت شڪل
واريون بااخلاق عورتون وڌيڪ ڪشش رکن ٿيون بنسبت
انهن عورتن جي جيڪي حسين ته آهن پر اخلاق ڪونه
جڙين، ڇو جو سهڻي سيرت جو عڪس به ايتروئي چمڪندڙ ۽
تجلي دار ٿئي ٿو جيترو حسين عورت جو بلڪ انهيءَ
کان به وڌيڪ به دنيا جي تواريخ ۾ اهي عورتون وڌيڪ
اهميت رکن ٿيون جي صورت ۽ سيرت جون صاحب هيون.
جيڪڏهن اهي عورتون رڳو حسين ۽ خوبصورت پتليون هجن
ها ته تواريخ جي ورقن ۾ هنن جا نالا درج ئي ڪين
ٿين ها، دراصل سندن سيرت ئي کين ايترو مقبول ۽
محبوب بنايو جو تواريخ نويس سندن احوال اورڻ لاءِ
مجبور ٿيا. اسان جي سنڌڙيءَ تي ئي نظر ڪبي ته
معلوم ٿيندو ته جيتوڻيڪ هر دور ۾ هزارين حسين
عورتون ٿي گذريون آهن، پر باصورت بي سيرت هجڻ سبب
چئن ڏينهن جو چٽڪو ڏيکاري هميشه لاءِ فنا جي گود ۾
سمهي رهيون. هوڏانهن مارئي، سسئي ۽ نوري اعليٰ
ڪردار واريون عورتون اڄ به تواريخ کي شاندار بنايو
ويٺيون آهن.
سونهن صرف ظاهري زيبائش جو نالو نه آهي. گلن ڀريل
ٻوتن، چمڪندڙ آسمان يا ڪنهن حسين عورت کي ڏسي
جيڪڏهن ڪو چوي ”مون عالم حسن جو سير ڪري ورتو، مون
سراپا حسن ڏٺو، مون لاءِ حسن ئي سڀڪجهه آهي ۽ مون
هن کي ڏٺو، آءٌ اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏيان جو انهيءَ
ڌاران ٻيو ڪجهه نه پسڻو اٿم.“ ته آءٌ چوندس سندس
ضمير کيس ڌوڪو ڏنو آهي، هن جي نظر رڳو ظاهري نظارا
پسي سگهي ۽ اتي ئي پنهنجي قوت ختم ڪري ويٺي. هو
حسن جي لامحدوديت ۽ جهانگيري ڪيفيت کي نه سمجهي
سگهيو. عورت جو هر فعل پنهنجي اندر سونهن ٿو رکي ۽
سچ ته عورت سونهن جي عبارت آهي. وڌاءُ نه ٿيندو
جيڪڏهن ائين نه کڻي چئجي ته عورت سونهن جو مجسمو
آهي، سندس صورت ڏسي حواس وڃائڻ ڇا معنيٰ؟
اسان جي موجوده وقت ۾ عام طرح نوجوان ڇوڪريون
پنهنجي جسماني سونهن کي سينگارڻ لاءِ حد کان وڌيڪ
پاڻ پتوڙين ٿيون پر پاڻ ۾ بلند ڪردار پئدا ڪرڻ
لاءِ مشڪل ڪا ڪوشش ڪندي هوندي. هو جيڪڏهن اهو
محسوس ڪن ته قوم جي تقدير جو ڦرڻ سندن ئي هٿ وس
آهي ۽ ايندڙ نسلن جي بهبوديءَ جو بار سندن ئي ڪلهن
تي آهي، ته پوءِ مون کي يقين آهي آهي ته زندگيءَ
بابت سندس ويچارن ۾ بيحد ڦيرو اچي ويندو.
موجوده فضا زندگيءَ جي سڀني سطحي شين کي اجائي
اهميت ڏني آهي، ايتريقدر جو اسان جون پڙهيل ڳڙهيل
ڇوڪريون به اهي غلطيون ٿيون جيڪي نه رڳو سندن
رسوائيءَ جو باعث ٿين پر ٻين جي تعليم حاصل ڪرڻ جي
راهه جو دروازو به بند ڪرايو ڇڏين، اسان کي گهرجي
ته تعليم حاصل ڪرڻ بعد سليقه شعاري سان گهرو
زندگيءَ جي تقاضائن کي پورو ڪيون بنسبت انهيءَ جي
جو گهر نوڪرن جي حوالي ڇڏي ۽ ڪلبن ۽ رات جي شغلن ۾
ڪنهن جي خوشيءَ جو سامان ۽ محفل جو خاص سينگار
رهون، جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگي صحيح ڪمن ۾ صرف
ڪيون ته مون کي اُميد آهي ته اسان جو ايندڙ نسل نه
رڳو اعليٰ ڪردار ٿيندو، بلڪ پوريءَ قوم کي ڇڪي
دنيا جي بهترين قومن جي صف ۾ بيهاريندو.
ڀٽائيرحه زندگي جي رازن جو سيکاريندڙ
مرحومه روشن اسحاق سنڌ جي خواتين ۾ نه فقط
تعليمي مسئلن جي ماهر هئي، بلڪه هڪ اديبه ۽
شاعره پڻ هئي. مرحومه ايم. اي، بي. ٽي، بي.
ايس سي (آنرس) جي اعليٰ ڊگرين کانسواءِ تعليمي
کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ سان گڏوگڏ ايل ايل. بي. ٻي
سال ۾ پڙهندي هئي. هن سال 25 مئي 1955ع ۾ رب
ڏانهن راهي ٿي وئي. گذريل سال
”لا ڪاليج“ ۾ ”لطيف ڊي“ جي موقعي تي ”لا
ڪاليج“ يونين پاران مرحومه جا افتتاحي تقرير
ڪئي هئي، سا ناظرين ”نئين زندگي“ جي خدمت ۾
پيش ڪجي ٿي:
صدر محترم ۽ حاضرين مجلس
الحمدالله اڄ بيحد خوشي ۽ مسرت جو موقعو آهي، جو
اسان ”سنڌ مسلم لا ڪاليج“ جي پاران سنڌ جي سرتاج،
بلڪ دنيا جي فلسفي ۽ ماهر سيد شاهه عبداللطيفرحه
جي ياد ۾ يومِ لطيف ملهائي رهيا آهيون. لاڪاليج جي
ڪار پردازن جا تهدل شڪرگذار آهيون، جن اسان جي هن
ڪم ۾ همت افزائي ڪئي آهي. انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته
هيءُ ڪاليج اهو آهي، جنهن ۾ فقط قاعدا قانون سي به
انگريزي حڪومت جا انگريزي زبان ۾ پڙهيا وڃن ٿا ۽
سڌيءَ طرح ان جو واسطو سنڌي زبان ۽ ان جي شاعرن جي
سلطان سان نه سمجھيو وڃي ٿو، پر شاهه لطيف اهو
آهي، جو نه فقط هڪ زبان جو ٺاهيندڙ، جوڙيندڙ ۽
موڙيندڙ آهي، پر خيالن جي دنيا جو، اصولن جي
امڪانن جو ڳوليندڙ ۽ ٻوليندڙ پڻ آهي. هن اسان کي
اهي ته زندگي جا راز ۽ اصول سيکاريا آهن، جي ٻي
ڪنهن هنڌان مشڪل ملي سگھن. هن زندگي جي هر شعبي تي
تبصرو ڪيو آهي، حتيٰ ڪه قاعدي قانون جي ڳالهين کي
به نه وساريو اٿس. اڄ جي بليڪ مارڪيٽ ڪن ٿا يا
لڪائي رکن ٿا ۽ قانون جي نگاهه ۾ ڏوهه ڪن ٿا، تن
کي تنبيهه ڪندي چوي ٿو:
”جن مهانگو ميڙيو سي ٿا هٿ هڻن“
پنجن مان پنڌرهن ٿيا ائين ٿا ورق ورن
ڏڪاريا ڏيهه مان موذي شال مرن
جيڪي ڪوڙا سڪا ٺاهي هلائين ٿا ۽ ڪريمنل پروسيجر
ڪوڊ
(Criminal Procedure Code)
جي قلم هيٺ ڏوهي آهن، تن کي نه فقط هن دنيا جي
ڪورٽ ۽ عدالت کان آگاهه ڪري ٿو، بلڪ آخرت جي
قاضيءَ کان ڪنبائي چوي ٿو:
چاندي ڪيو چلائينس
روپو روازي
جت ٿيندو رب قاضي، اُت توريندو تجويز سين
تنهن ڪري فرمائي ٿو ته جي شريعت جي شناخت يعني
قاعدي جي قدر ڄاڻي حقيقت کي هيئين سان هنڊائي،
طريقت کي توري معرفت جو ماڳ ماڻين ته پوءِ توکي
پروا ئي ڪانهي ساري ”رسالي“ جو تت، جوهر روح ۽ سپرٽ
(Sprit)
آهي. ”مفتي منجهه
ويهارته
قاضي ڪاڻيارو نه ٿيئين“ جي اسان پنهنجي جيءَ ۾ جج
کي جاءِ ڏيون، حق ۽ ناحق جي شناخت رکون، حق ڏيون،
حق وٺون، حقوق و فرائض (Rights
and Duties)
جي حدن اندر هلون ته پوءِ قاضي اڳيان اڪاڻيارائي
نه ٿيون. سر رامڪليءَ ۾ فرمائي ٿو:
پنن ڪين پٽ کڻي، گھرن ڪين گھران،
مهيسي مخلوق جي- اڀن
دور دران
پچن ڪوه شرعان جنءِ اندر عدالت ان جي.
سورٺ جو سارو سر مڱڻهار ڏاتار جي ڏيت ۽ عرض الاز
سان ڀريل آهي. هڪ عرضدار (Petitioner)
آهي ۽ ٻيو ڏاتار (The
Greatest and Giver)
آهي. پر انهن جي وچ ۾ وسيلو اهڙو آهي. جنهن رستي
پاڻ ۾ ڳالهائين ٿا:
ڏاتار ۽ مڱڻي ڪون وسيلو وچ،
سائي
تال
نندن
جي سائي چارڻ چت،
جي هتي هي هت ته ڳال ميڙائي هيڪڙي.
تنهن ڪري جي عدالت جا راز ۽ انصاف جا اوصاف سکڻ
اٿو ته اهي به اچو ته لطيف کان سکون. منهنجو آخري
عرض اوهان سڀني کي اهو اهي ته شاهه عبداللطيف جي
ڪلام جو گھرو مطالعو ڪريو ۽ ان جي باغِ سخن مان گل
چونڊي انهن جو عطر حاصل ڪري مغز کي معطر ڪريو ته
دنيا اوهان جي سڳند جو داد ڏيندي.
(نيئن زندگي: آڪٽوبر 1955ع)
شاهه جي عورتن کي هدايت
سنڌي ادب ۾ نثر جيتوڻيڪ هاڻوڪي پيدائش آهي، باقي
نظم جهجهوئي پيدا ٿي چڪو آهي. شاعر سون جي تعداد ۾
ٿي گذريا. ائين به قبول ڪرڻ کان انڪار ٿي نه
سگهندو ته نظم، نثر کان وڌيڪ اثرائتو ٿئي ٿو. هڪ
مکيه ڳالهه جنهن اسان جو ڌيان لهڻو ساهي آهي ته
اڳواڻن شاعرن نظم گهڻو ڪري صوفياڻي رنگ ۾ لکيو
آهي. سامي، دلپت، سچل، روحل، بيدل، بيڪس ۽ ٻين
شاعرن هڪ ئي مضمون تي طبع آزمائي ڪئي آهي. صرف
شاهه عبداللطيف ئي آهي، جنهن جدا جدا مضمونن تي
جوهر پلٽيو آهي. ان ڪري سندس شعر مضمونن جي مد نظر
جدا جدا طبقن ۾ ورهائي سگهجي ٿو حقيقتن ته
صوفياڻو، ناصحاڻو عاشقانو، طبعي ظريفاڻو، رزمي ۽
مدحي.
تصوف شاهه جي شعر جي گويا تاڃي ۽ پيٽو آهي.
جيتوڻيڪ سندس شڪر جا مضمون علحدا علحدا آهن، تنهن
هوندي به تصوف جي جوت سڀ ۾ پئي بکي. شاهه کي
جيڪڏهن عورتن جو شاعر چئون ته به جڳائي. سندس نظم
جو ڳچ حصو عورتن جي وارتائن والاريو آهي هر هڪ
ڪهاڻيءَ جو مدار ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن
بنيادي ويچارئي رهيو ٿو. ساڳي طرح شاهه صاحب به
هرهڪ ڪهاڻي ۾ ڪونه ڪو اهم ويچار رکيو آهي ۽ سندس
مضمونن ۾ جيتوڻيڪ ڪثرت پيئي معلوم ٿئي، تڏهن به
اندروني طرح مڙيئي وحدت جوئي آهي. جهڙيءَ طرح
انڊلٺ جي ستن رنگن جو اصلي سبب سفيد روشني آهي.
تهڙيءَ طرح جون وارتائون به سندس شخصيت مان نڪري
آيون. ڪهاڻي ۾ ڪڏهن پاڻ پيو ڳالهائي ته سندس
سورميون به ته ڪٿي ڪٿي پنهنجي شخصيت وري سورمين ۾
پلٽي اٿس. سر سهڻيءَ ۾ درياهه جو تيز وهڪرو لهرن
جو ڏهڪائيندڙ آواز درياهه جي دهشت ۽ دم، قهري ڪنن
جا دل ڏاريندڙ ڌڌڪا، بحر جا بيحد باگو هزارين
هيبتناڪ مڇ- ڪاري رات جڏهن سهڻي ڪچو گهڙو کڻي
درياهه ۾ سهڙي ٿي تڏهن شاهه صاحب سهڻيءَ کي همٿ
ڏياري فرمائين ٿا:
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين وسيلا وڃاءِ،
عشق ساڻ الاءِ پو پريان جي پار ڏي.
وري ٻئي هنڌ کيس چون ٿا:
ساري سک سبق شريعت سندو سهڻي،
طريقتا تکو وهي، حقيقت جو حق،
معرفت مرڪ، اصل عاشقن جو.
مطلب ته سهڻيءَ کي ان راز کان واقف ڪيائين ته عشق
ڪرڻ معنيٰ ڏکن کي دعوت ڏيڻ، تنهنڪري جي ڪڏهن ان
گهيڙ ۾ گهڙڻ چاهين ته تڪليفون همٿ سان برداشت ڪر.
ڪربلا جي واقعي ۾ زالن جو حصو
رزم هجي يا بزم، محفل غم يا شادماني، ليڪن
ڪاميابيءَ جو دارومدار هميشه مردن ۽ عورتن جي صحيح
تعاون ۾ سمايل آهي. ڪمال انسانيت جو حصول ٻنهي
طبقن جي باهمي ڪوششن کانسواءِ ناممڪن آهي. اسان جي
رسول ڪريم ﷺ انهي راز کي دنيا وارن جي اڳيان نه
صرف قولاً بلڪ عملاً به ظاهر ڪري نوع انساني تي
عظيم احسان ڪيو آهي. حضرت خديجه رضه جو ساٿ جيترو
رسول صلعم جي مقصد زندگي کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ
مفيد ثابت ٿيو اهو اهل نظر کان پوشيده نه آهي.
حضرت فاطمه رضه جي اعليٰ ڪردار ۽ صداقت، اسلام جي
لاءِ جيڪي تابناڪ مثال پيش ڪيا، انهن کان به
باخبر مسلمان خوب واقف آهن. اهڙي طرح خاندان رسالت
جي هر عورت مصيبت جي وقت جنهن صبر ۽ ضبط کان ڪم
ورتو ان جو مثال تاريخ عالم ۾ نه ملندو.
جڏهن کان وٺي هيءَ دنيا بستيءَ جي صورت ۾ وسڻ لڳي
۽ صفحه عالم تي تاريخي نشانات ملڻ لڳا آهن، نسواني
طبقي جي عزم، صبر، استقلال، ثابت قدمي، عفت، همت ۽
وفا و ايثار جا اهي مثال نٿا ملن، جي تيرهن سـؤ
سال اڳ حسيني قافلي جي مقدس خواتين مان ميدان
ڪربلا ۾، ڪوفه و بازارِ شام ۽ دربارِ يزيد ۾ ظاهر
ٿيا. ماضي ته جيتوڻيڪ هڪ جاهليت جو زمانو ليکيو
وڃي ٿو. پر اڄ هن روشني جي زماني ۾ به جيئن صنف
نازڪ قيد و بند کان بلڪل آزاد آهي ۽ پاڻ کي آزاد
سمجهي مردن سان ڪلهو ملائي رهيون آهن، تنهن هوندي
به اهڙيون نسوالي سيرتون نٿيون ملن جي خواتين
ڪربلا جي ٻانهين جي مقابلي ۾ به پيش ڪري سگهجن.
اهڙيون باسيرت ۽ بهادر عورتون مشڪل سان ملي
سگهنديون. ڪربلا جي هولناڪ ميدان ۾ جتي حسيني
قافلي جي لاءِ رڳو موت جو منظر هو ۽ جتي وڏن وڏن
پهلوانن جون دليون به ڪنبي رهيون هيون ۽ هنن جا
قدم پٺتي هٽي رهيا هئا، اتي حق و صداقت جي راه ۾
نهايت عزم و استقلال سان جيڪي ايثار و قرباني جا
جواهر آل محمد جي ۽ ان جي مقدس خواتين ۽ ٻانهين
کان ظاهر ٿيا سي تاريخ جي مثالن ۾ اڻلڀ آهن.
عاشوري، جي خوني ورقن تي نظر ڪرڻ کانپوءِ اهو صاف
ظاهر ٿئي ٿو ته جتي حسين جي مختصر فوج جي مردن
پنهنجي بناء شجاعت ۽ استقلال جو ثبوت ڏنو، اتي
انهيءَ قافلي جون عورتون به صبر و رضا جي ڪري ۽
ڪَٺن منزل ۾ مردن کان پٺيان نه رهيون آهن. جتي
حسين سندس معصوم ٻچي علي اصغر جي خون مان پنهنجي
چهري کي گلابي بڻائي صبر جي حڪايت کي هڪ زماني جو
يادگار بڻايو اتي محترمه رباب خاتون جو به ان
يادگار ۾ ڪو گهٽ حصو ڪونه هيو. ان ماءُ جي دل ۽
انجي ڪمال صبر کي ڏسو جو هن پنهنجي ڇهن مهينن جي
کير پياڪ ٻچي کان پنهنجي هنج سُڃي ڪري فرض شناسيءَ
کي انتي تي ترجيح ڏني. انهيءَ ڪربلا جي ميدان ۾
اهڙيون مائون به هيون جن پنهنجي پيارن ٻچن جي وڍيل
سرن کي جي خدا جي راه ۾ فديو ٿي چڪا هئا، پنهنجي
هنج ۾ کڻي انهن کي چمي وري کنيو ۽ ميدان ۾ ڦٽو ڪري
خدا جو شڪر ٿي ڪيائون.
عاشوري جي رات جي حڪايت ڪا لڪل نه آهي ته انهيءَ
رات جو هر هڪ بيبي پنهنجي ٻچي، پنهنجي ڀاءُ ۽
پنهنجي ڌڻي کي هٿيارن سان سينگاري ائين چئي رهي
هئي ته ڏسو خبردار سڀاڻي اسان کي رسول ﷺ جي نواسي
اڳيان شرمنده ٿيڻ جو موقعو نه ڏجو. بيبي زينب
پنهنجي اٺن ۽ نون سالن جي ڪمائي ۽ دولت وارن ٻن
پُٽن کي پنهنجي هٿن سان هٿيار ٻَڌي اها نصيحت ڪري
رهي هئي ته ڏسو حق ۽ صداقت جي را ۾ قدم پٺيان نه
هٽائجو بلڪ پنهنجا سر ڏيئي مونکي پنهنجي پياري
ڀاءُ ۽ توهان جي مامي حسين جي اڳيان سرخرو ڪجو.
انهيءَ کانسواءِ انهي پاڪ ۽ ستم رسيده بيبي جيڪي
حق و صداقت جي راهه ۾ مصيبتون جهيلون آهن ان جي
انتهائي صبر و رضا جي مقابلي ۾ دنيا جي تاريخ مثال
پيش ڪرڻ ۾ بلڪل خاموش آهي.
حقيقت ۾ ڪنهن خوب چيو آهي ته:
سر کٹایا
شھ نے
زینب
قیدخانہ
میں
گئیں
حق کو ظاہر کر گئے
دنیا
میں
یہ
بہائی
بہن۔
عاشوري جي قيامت خيز ڏينهن جو جڏهن حسين فقط پاڻ
تن تنها وڃي رهيو هو ته اها شير دل عورت بيبي زينب
عه هئي جنهن رڪاب جهلي پنهنجي ڀاءُ کي گهوڙي تي
سوار ڪيو. ڇا دنيا جي تاريخ اهڙي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جا
مثال پيش ڪري سگهي ٿي؟
حسين جي شهادت کانپوءِ بيبي زينب عه جهڙي صبر و
رضا سان اسيريءَ ۾ ڪوفه و بازار، شام ۽ در ٻار
يزيد ۾ اسلام جي خذمت ڪئي آهي ۽ يزيديت جي نام و
نشان کي مٽايو آهي اها دنيا تي هميشه جي لاءِ هڪ
نه مٽجڻ واري يادگار ٿي رهندي، ڏسو انهيءَ در جي
ٻانهن ۽ ٻانهين جو، جن جي دل ۾ پيالو محبت جو ڇلڪي
رهيو هو ۽ انهن جو وري اهو حال هو جو هنن کي جتي
به اها خبر پيئي ٿي ته سندن آقا حسين عه ڪربلا ۾
يزيدي فوج جي گهيري ۾ آهي ته فوراً موت لاءِ سندرو
ٻڌي پنهنجي آقا جي خدمت ۾ آيا ٿي انهن مثالن
منجهان حبيب ابن مظاهر، مسلم ابن عوسجه، زهير ابن
قين ۽ وهب ڪلبي جي گهر جي خواتين جا مثال ڪو گهٽ
درجو نٿا رکن.
خدا شاهد آهي ته انهن مقدس خواتين جن جي غلامي
نسواني دين جي لاءِ عزت و فخر جو باعث آهي انهن
عورتن جي مرتبي ۽ شان کي وڌائي هن کي چار چنڊ
لڳائي ڇڏيا ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته زالون
باوجود ڪمزور دل رکڻ جي به حق و صداقت جي راهه ۽
ايمان جي واديءَ ۾ مردن کان ڪنهن به حالت ۾ پٺتي
نه آهن، بلڪ انهن جي زندگي جو هر پهلو نسواني
زندگي ۽ انهن جي فرض شناسي جي لاءِ هڪ درس ڪامل
آهي.
زماني جي نمائشي تهذيب خواه ڪيترو به ترقي ڪري
ليڪن جنهن تهذيب جو سبق ڪربلا جي مقدس خواتين ڏنو
آهي سو ڪو مٽ نٿي رکي. ڪاميابي آخر انهن کي حاصل
آهي ۽ انهن جي اڳيان دنيا کي نيٺ به ڪنڌ جهڪائڻو
پوندو.
]نوٽ:
هيءَ تقربر مرحومه روشن اسحاق ريڊيو پاڪستان ڪراچي
تان مورخه
15
آڪٽوبر
1950
۾ ڪئي هئي.[
عورت جي نگاهه ۾
عورت جي صورت ۽ سيرت
(جيئن ته منهنجو هي مضمون خاص طرح عورتن لاءِ پيو
لکيو وڃي تنهن ڪري بهتر اهو ٿيندو ته آءٌ انهن جي
ئي ويچار وٽان لکان.)
انساني فطرت جو اهو قاعدو آهي ته هُو حَسين شين کي
ڀائيندو ۽ پيار ڪندو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي
چئجي ته انسان فطرتاً حُسن پرست آهي. اها هڪ اهڙي
حقيقت آهي جنهن کان ڪوبه انڪار ڪِينَ ٿو ڪري سگهي.
تهذيب جا اوچا محل اڏڻ به انسان کي انهيءَ حُسن
پرستيءَ جي جذبي ئي سيکاريا آهن. جيڪڏهن قدرت
انسان جي دل کي حُسن پرستيءَ جي دولت نه بخشي ها
يا ڪنهن پر انسان جي دل مان اهو جذبو خارج ٿي وڃي
ها ته اڄ جو انسان پنهنجي نيم ربانيت جي دعويٰ ٿو
ڪري سو نه ڪري سگهي ها، هن ڪائنات تي خاموشي
ڇانئجي وڃي ها، تهذيب ۽ تمدن جا ڏِيا اُجهامي وڃن
ها ۽ دنيا جي هر ترقي ختم ٿي وڃي ها.
البت اهو چوڻ به سراسر غلط ٿيندو ته حُسن ئي سڀ
ڪجهه آهي، حُسن تي ئي زندگيءَ جو مدار آهي ۽ حُسن
ڌاران ڪابه شيءِ ڳڻ ڳوت ڪِينَ لهي. پنهنجي پنهنجي
نموني ۽ دائري ۾ ڪي شيون به انسان جي زندگيءَ تي
اثر رکن ٿيون ۽ انهن شين جي اهميت به ايتري آهي جو
انهن ڌاران جيئڻ جنجال ٿيو پوي. انهن شين ۾ سڀ کان
مکيه آهي سيرت يا اخلاق.
جهڙي طرح حُسن هڪ خدائي ڏات آهي. تهڙي طرح سيرت
انسان جي پنهنجي پورهئي سان پيدا ڪيل نعمت آهي جا
کيس زندگيءَ جي دور م مدد ڪري ٿي ۽ ڪامياب بنائي
ٿي. ائين کڻي چئجي ته حُسن اهڙي دولت آهي جنهن کي
زوال آهي ۽ سيرت اهڙي دولت آهي جا لازوال آهي. جي
صورت جسماني لطافت لاءِ ضروري آهي ته سيرت دل جي
سڪون ۽ اطمينان لاءِ اهم آهي. حُسن جي خدائي زيور
آهي ته سيرت به حاصل ڪيل گوهر آهي، جنهن کي پڻ
مشڪل سان هٿ ڪري سگهجي ٿو.
عورت لاءِ حقيقي زيور سندس اخلاق آهي ۽ سچ پچ ته
ظاهري حُسن کان به وڌيڪ عورت جو اخلاق کيس ٻهڪائي
ٿو. اها هڪ آزمايل ڳالهه آهي ته معمولي صورت شڪل
واريون با اخلاق عورتون وڌيڪ ڪشش رکن ٿيون بنسبت
انهن عورتن جي جيڪي حَسين ته آهن پر اخلاق ڪو نه
جڙين، ڇو جو سهڻي سيرت جو عڪس به ايترو ئي چمڪندڙ
۽ تجلي دار ٿئي ٿو جيترو حَسين عورت جو بلڪ انهيءَ
کان به وڌيڪ دنيا جي تواريخ ۾ اهي عورتون وڌيڪ
اهميت رکن ٿيون جي صورت ۽ سيرت جون صاحب هيون.
جيڪڏهن اهي عورتون رڳو حَسين ۽ خوبصورت پتليون هجن
ها ته تواريخ جي ورقن ۾ هنن جا نالا درج ئي ڪينَ
ٿين ها. دراصل سندن سيرت ئي کين ايترو مقبول ۽
محبوب بنايو جو تواريخ نويس سندن احوال اورڻ لاءِ
مجبور ٿيا. اسان جي سنڌڙيءَ تي ئي نظر ڪبي ته
معلوم ٿيندو ته جيتوڻيڪ هر دؤر ۾ هزارين حَسين
عورتون ٿي گذريون آهن پر باصورت بي سيرت هجڻ سبب
چئن ڏينهن جو چٽڪو ڏيکاري هميشه لاءِ فنا جي گود ۾
سمهي رهيون. هوڏانهن مارئي، سسئي ۽ نوري اعليٰ
ڪردار واريون عورتون اڄ به تواريخ کي شاندار بنايو
ويٺيون آهن.
سونهن صرف ظاهري زيبائش جو نالو نه آهي. گلن ڀريل
ٻوٽن، چمڪندڙ آسمان يا ڪنهن حَسين عورت کي ڏني
جيڪڏهن ڪو چوي ”مون عالم حُسن جو سير ڪري ورتو.
مون سراپا حُسن ڏٺو. مون لاءِ حُسن ئي سڀ ڪجهه آهي
۽ مون هن کي ڏٺو. آءٌ اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏيان جو
انهيءَ ڌاران ٻيو ڪجهه نه پسڻو اٿم.“ ته آءٌ چوندس
سندس ضمير کيس ڌوڪو ڏنو آهي. هن جي نظر رڳو ظاهري
نظارا پسي سگهي ۽ اتي ئي پنهنجي قوت ختم ڪري ويٺي.
هو حُسن جي لامحدوديت ۽ مهانگيري ڪيفيت کي نه
سمجهي سگهيو. عورت جوهر فعل پنهنجي اندر سونهن ٿو
رکي ۽ سچ ته صورت سونهن جي عبارت آهي. وڌاءُ نه
ٿيندو جيڪڏهن ائين به کڻي چئجي ته عورت سونهن جو
مجسمو آهي، سندس صورت ڏسي حواس وڃائڻ ڇا معنيٰ؟
اسان جي موجوده وقت ۾ عام طرح نوجوان ڇوڪريون
پنهنجي جسماني سونهن کي سينگارڻ لاءِ حد کان وڌيڪ
پاڻ پتوڙين ٿيون پر پاڻ ۾ بلند ڪردار پيدا ڪرڻ
لاءِ مشڪل ڪا ڪوشش ڪندي هوندي. هو جيڪڏهن اهو
محسوس ڪن ته قوم جي تقدير جو ڦرڻ سندن ئي هٿ وس
آهي ۽ ايندڙ نسلن جي بهبوديءَ جو بار سندن ئي ڪلهن
تي آهي، ته پوءِ مونکي يقين آهي ته زندگيءَ بابت
سندس ويچارن ۾ بيحد ڦيرو اچي ويندو.
موجوده فضا زندگيءَ جي سڀني سطحي شين کي اجائي
اهميت ڏني آهي، ايتري قدر جو اسان جون پڙهيل ڳڙهيل
ڇوڪريون به اهي غلطيون ڪن ٿيون جيڪي نه رڳو سندن
رسوائيءَ جو باعث ٿين پر ٻين جي تعليم حاصل ڪرڻ جي
راهه جو دروازو به بند ڪرايو ڇڏين. اسان کي گهرجي
ته تعليم حاصل ڪرڻ بعد سليقه شعاري سان گهرو
زندگيءَ جي تقاضائن کي پورو ڪيون بنسبت انهيءَ جي
جو گهر نوڪرن جي حوالي ڇڏي ۽ ڪلبن ۽ رات جي شغلن ۾
ڪنهن جي خوشيءَ جو سامان ۽ محفل جو خاص سينگار
رهون. جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگي صحيح ڪمن ۾ صرف
ڪيون ته مون کي اميد آهي ته اسان جو ايندڙ نسل نه
رڳو اعليٰ ڪردار ٿيندو بلڪ پوريءَ قوم کي ڇڪي دنيا
جي بهترين قومن جي صف ۾ بهاريندو.
ڪي ماڻهو پنهنجي ذات ۾ منفرد ۽ وسيع هوندا آهن، جو
سندن احساس وقت جي قيد کان آزاد ٿي ويندو آهي.
اهڙين خوبصورت هستين ۾ روشن آرا مغل به شامل آهي.
جهڙو سندس نالو، تهڙي سندس سوچ ۽ تخيل آهي، جنهن
جي جوت دل وٽان ٻرندي محسوس ٿئي ٿي.
سنڌ جو شهر شڪارپور علم ۽ فن جو مرڪز رهيو آهي. هن
تاريخي شهر ادبي دنيا ۾ ڪيترا سگهارا نالا پيدا
ڪيا آهن.
مختلف دورن ۾ شڪارپور جون علمي، ادبي ۽ ثقافتي
سرگرميون عروج تي هيون. اهڙي ماحول، خوبصورت ذهنن
تي طلسماتي اثر ڇڏيو.
ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي صاحب، سدائين مٽيءَ جو قرض
نڀائڻ جي ڪوشش آهي. شڪارپور شهر جي مختلف دورن ۽
شخصيتن جو ذڪر، جابجا سندس تحريرن ۾ ملي ٿو. خاص
طور تي هي ڪتاب “چانڊوڪي چمپا جي مالها” سندس
بهترين ڪاوش آهي. جنهن ۾ تاريخ جي هڪ مخفي ۽
سڀاويڪ سوچ رکندڙ ڪردار جو تذڪرو شامل آهي.
روشن آرا مغل جون علمي ۽ ادبي ڪاوشون قابلِ تحسين
آهن. شڪارپور جي روايتي سماجي منظرنامي مان پهرين
عورت ڊاڪٽر سارا صديقي آهي، جيڪا ميڊيڪل جي تعليم
پرائڻ ٻاهرين ملڪ وئي. روشن آرا مغل کان ثميره
زرين تائين ڏاهپ جو نه ختم ٿيندڙ تسلسل نظر اچي
ٿو، روشن حساس، ذهين ۽ خوبصورت شخصيت جي مالڪ اهڙي
هستي هئي، جنهن ننڍي ڄمار ۾ علمي توڙي ادبي حوالن
سان مڃتا ماڻي. هن ڏيهه توڙي پرڏيهه جا سفر ڪيا ۽
انهن سفري مشاهدن مان گهڻو ڪي پرايو.
روشن جي جواني ۾ دائمي وڇوڙي تي شيخ اياز، ميران
محمد شاهه، غلام محمد گرامي، تنوير عباسي پنهنجا
تاثر قلمبند ڪري کيس تاريخ جي صفحن ۾ زنده رکيو.
روشن جي پنهنجي تخليق به دل جي گهراين کي ڇهندڙ
آهي.
ڊاڪٽر انور فگار صاحب کي جس هجي جو هن سِپ ۾ بند
روشن موتيءَ جيان هڪ گوهر ناياب ڳولهي، دور کي
تحفي طور ارپيو آهي.
شبنم گل |