ڪماري موهلي – ايم – رامواڻي
ڏات
نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي
هڪ سنڌي ڇوڪريءَ جي حيثيت ۾، مان ضروري ٿي سمجهان،
ته هڪ نوجوان سنڌي ڀيڻ، مسز روشن مغل جي ڪمهلي ۽
دکدائڪ موت تي، سندس يادگيريءَ ۾ ڪجهه لکان ۽ مٿس
شرڌا جا ڦول چاڙهيا.
اهو اراو ڪري جڏهن، لکڻ ويٺيس ته شاهه صاحب جي
مٿين سٽ دل تي تري آئي. اها سٽ، مرحومه جي زندگيءَ
جي حالتن، ڪارنامن ۽ حاصل ڪيل ڪاميابين سان بلڪل
ٺهڪي ٿي اچي.
شڪارپور جي شهر ۾، هڪ سنڌي مسلم ڪٽنب ۾ پيدا ٿيل
نينگري، ڪجهه قدر تعليم پرائي، وڏي ٿي، ڪو گهر
وسائي، گهر ڌياڻي بڻجي رهي ها ۽ سندس نالو ۽ نشان،
ڪٽنب جي محدود دائري ۾ ئي ٻڌجڻ ۾ اچي ها. پر مسز
روشن جي حالت ۾، اها ڪار نه ٿي. هوءَ پنهنجي دائري
جون حدون لتاڙي، محنت، ادم ۽ اورچائي جو سهارو
وٺي، ڪشادي دنيا ۾، دليرن جيان گهڙي پيئي ۽
ڪاميابيءَ کي رسي. مسز روشن بي. ايس سي، بي. ٽي ۽
ايم. اي جا امتحان پاس ڪيا ايل.ايل.بي جو پهريون
سال به پاس ڪيائين. شادي ڪيل جيوت گهاريندي به،
ڪراچيءَ ۾، تعليم کاتي ۾ ڪم ڪندي رهي. هوءَ،
اسسٽنٽ انسپيڪٽريس، گرلس سڪولس ڪراچيءَ جو عهدو
سنڀاليندي هئي.
25 مئي 1955ع تي، ڪجهه ڏينهن جي بيماريءَ بعد، 30
ورهين جي نوجوان اوستا ۾، روشن، هن دنيا کان هميشھ
لاءِ موڪلائي ويئي. جن کيس ڏٺو هو يا سندس بابت
ٻڌو هو تن کي جڏهن سندس اوچتي ۽ دکدائڪ دهانت جي
خبر پئجي ويئي، ته سُنِ ۾ پئجي ٿي ويا. ڄڻ ته سندن
هٿن مان ڪي ڪري ٿي پيو. ان دکدائڪ خبر ٻڌڻ لاءِ
ڪوبه تيار نه هو. ڀلا، هڪ اڻٿڪ ڪوشش ۽ لڳاتار
محنت جو روپ ۽ روح جو ادم، اورچائي ۽ خود ياوري جو
ساٿ وٺي، سدائين لرزش ۾ رهندو هو، سو اوچتو
اهڙيءَ ريت ۽ اهڙي ڪمهلي وقت موت جي ماٺ وهيڻو
ٿئي، سا ڪهڙي نه ڏک ۽ درد جي ڳالهه آهي!
روشن جو جنم، 27 جون 1924ع ۾ ٿيو. مائٽن کي ٻه
ڌيئر هيون. روشن ننڍي هئي ۽ پنهنجي وڏي ڀيڻ کان
چار سال ننڍي. نينگريون ٻال اوستا ۾ هيون ته سندن
پيءُ چالاڻو ڪيو ۽ پنهنجي پياري ۽ عزيز پيءُ جي
سک کان، ننڍي هوندي کان کين محروم رهڻو پيو. کين
وڌوا ماءُ جي سهاري اُسرڻو ۽ وڌڻو ٿيو. سندس ماءُ
زناني سڪول ۾ ماسترياڻي هئي ۽ اهڙيءَ ريت غريبيءَ
۽ مفسليءَ جو ساٿ، ننڍپڻ کان کين ورثي ۾ مليو.
ڏسجي ٿو ته
انهيءَ غربت ۽ مفلسيءَ جي حالتن، سائي سلي کان
روشن ڪيل جيوت گهاريندي به خود ياوري يا پاڻ تي
ڀاڙڻ جي سونهري اصولن تي عمل ڪرڻ ۾ فخر وٺندي رهي.
ابتدائي تعليم شڪارپور ۾ پوري ڪري، سيڪنڊري تعليم
حيدرآباد ۾ پرايائين. ڀيڻس حيدرآباد ۾ تعيلم وٺي
رهي هئي، سو وڃي ڀيڻ سان شامل ٿي. کيس پنج رپيا
ماهوار اسڪالرشپ ملندي هئي. حيدرآباد گرلس هاءِ
اسڪول ۾ داخل ٿي، ٻئي ڀينرون هاسٽل ۾ رهنديون
هيون. غريبيءَ سبب سندن جيوت ڏکي گذرندي هئي، پر
ڏکن جون هيراڪ هيون سو صبر ۽ شڪر سان حالتن کي
منهن ڏيڻ سندن سڀاءُ ٿي ويو هو. سو ڏسو ته جيوت جي
جاڏين حقيقتن روشن تي ايتري قدري اثر ڄمائي ڇڏيو
هو جو هوءَ خودداري ۽ خودياوري جي اصولن جي پڪي
پوڄارڻ بنجي چڪي هئي.
روشن، 1941ع ۾، مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، جنهن بعد
شڪارپور ۾ اچي ڪاليج ۾ داخل ٿي ۽ سائنس ڪورس
کنيائين. سائنس جي پهرين سال واري سالياني امتحان
۾ ناپاس ٿي. ڪراچي اچي ڊي-جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿي.
1943ع ۾ فرسٽ ييئر سائنس جو امتحان پاس ڪري، انٽر
سائنس ۾ آئي. انهيءَ سال ڀاڳ نه ڀڙايس ۽ ناپاس ٿي.
پر انهن ناڪاميابين سبب دهلي ڪونه، بلڪه همت ۽
اتساهه سان، حالتن کي منهن ڏنائين ۽ اڀياس جاري
رکيائين. سن 1947ع ۾، بي.ايس.سي امتحان پاس ڪري،
بمبئي يونيورسٽي مان سائنس ۾ گريجوئيٽ بڻي.
سن 1948ع ۾ شادي ڪيائين. سندس شادي مسٽر اسحاق
سان، ڪراچيءَ ۾ ٿي. شادي ڪيل جيوت گهاريندي،
خودياوري ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ جي اصولن جو ساٿ نه
ڇڏيائين ۽ جي آدرش پنهنجي نسبت قائم ڪيا هئائين تن
تي عمل ۾ پٺتي نه پيئي. قدرت کيس جيوت جو ساٿي به
اهڙو ملايو هو، جنهن وٽان به انهي ڏس ۾ پورن ساٿ ۽
سهڪار مليس ۽ هوءَ تعليمي ڏس ۾ جنبي ويئي.
1951ع ۾ بي-ٽي ۽ 1952ع ۾، سنڌيءَ ۾ ايم.اي جا
امتحان پاس ڪيائين. ايترا امتحان پاس ڪندي به ماٺ
۾ نه رهي ۽ ايل.ايل. بي ڪاليج ۾ داخل ٿي. 1954ع ۾
ايل. ايل. بي جو پهريون سال پاس ڪيائين ۽ ٻئي سال
۾ پڙهي رهي هئي. جهڙيءَ ريت امتحان لاءِ تياريون
ڪري ڪاميابي حاصل ڪري رهي هئي ته ضرور پي. ايڇ.ڊي
جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺڻ ۾ پٺتي نه پوي ها،
پر چوندا آهن ته ”ندي جي من ۾ هڪ ۽ صاحب جي من ۾
ٻي.“
روشن، تعليمي ڏس ۾ پاڻ چڱو پتوڙيو. ڪجهه عرصو
ميونسپل اسڪول بورڊ، شڪارپور جي برک ميمبر هئي.
اسڪولبورڊ جي ڪاروبار ۾ تعليمي ڪوششن ۾ دلچسپي
ورتائين. 1947ع ۾ سنڌي پرائمري تعليم جي صوبائي
بورڊ جي ميمبر هئي. 1948ع کان ڪراچي ۾ گرلس اسڪول
جي اسسٽنٽ انسپيڪٽريس مقرر ٿي ۽ اهو عهدو
سنڀاليندي رهي. آڪٽوبر 1952ع ۾ پاڪستان سرڪار جي
خرچ تي آمريڪا جي زرعي، تعليمي ۽ سماجي طريقن ۽
سکيا جي اڀياس ڪرڻ لاءِ آمريڪا ويئي ۽ انهي ڏس ۾
آمريڪا جي عالمن سان لهه وچڙ ۾ اچي چڱو آزمودو
پرايائين. ”چائيلڊ سائڪالاجي“
(Child Payohology)
علم جو اڀياس ڪري ڊپلوما حاصل ڪيائين. آمريڪا سان
گڏ جپان، هانگ ڪانگ، برما ۽ اوڀر پاڪستان ڏسڻ جا
موقعا مليس.
اهڙيءَ ريت، اپريل 1953ع ۾ وطن واپس وري. ٻيو دفعو
سيلون (ڪولمبو) وڃڻ جو موقعو کيس مليو. مارچ 1955ع
۾ ڪولمبو ويئي ۽ اپريل ۾ واپس آئي.
روشن امتحانن لاءِ اڀياس ڪرڻ ۾ چڱو رڌل رهندي هئي،
اهو سبب ٿو ڏسجي، ته هيلتائين ڪو ڪتاب ڪونه پيش
ڪري سگهي. سندس گيت، مضمون ۽ ريڊيو تقريرون موجود
آهن. سندس مضمونن ۽ تقريرن کي سهڻي ڍنگ ۾ ايڊٽ
ڪري، ڪو ڪتاب ڇپايو وڃي، ته روشن جو هڪ ٺاهوڪو
يادگار ٿي سگهندو. اميد ته انهي ڏس ۾، ڪوشش ضرور
ورتي ويندي.
روشن ته راهه رباني وٺي رمندي رهي. پٺيان پنهنجي
ڀتار کي ويڳاڻو بڻائي، جگري ماءُ جنهن جيءَ کي جفا
۽ تن کي تسيا ڏيئي کيس پاليو، نپايو ۽ وڏو ڪيو ۽
وڏي ڀيڻ ”بادام“ جا ننڍپڻ کان ڏکن ڏي جيوت ۾ سندس
وڏو ساٿ ۽ سهارو هئي، تن کان هميشھ لاءِ وڇڙي، کين
جدائي جو وڏو داغ ڏيئي ويئي. ڌڻي در اها ئي دعا
آهي ته هو ڀڳوان جي ڀاونا ۽ رب جي رضا تي صبر ۽
شانتي اختيار ڪن. کين اهو معلوم ڪري ڪجهه آٿت
ٿيندي ته روشن جي ڪمهلي ۽ دکدائڪ موت گهڻن سنڌي
ڀينرن ۽ ڀائرن کي صدمو رسايو آهي.
روشن اسان نوجوان نينگرين لاءِ هڪ لاثاني مثال
ثابت ٿي آهي. سندس زندگي جي ڪارنامن کي دهرائيندي،
مٿس ناز ۽ فخر ڪرڻ کان رهي نٿو سگهجي. سندس قدمن
جي پيروي ڪرڻ، اسان مان هرهڪ ڀيڻ جو فرض ٿيڻ
گهرجي. بيشڪ، روشن هڪ ستارو هئي.
حسيني سليمان
آهه روشن اسحاق!
آه! اُها رات جي گهڙي به ڪهڙي نه دردناڪ هئي جو
خاموشيءَ سان روشن هن دنيا کان هميشه جي لاءِ
اکيون پوري ڇڏيون. ڪو سچ نه پيو ڀائئين ته سنڌ جو
هي روشن ستارو هن طرح سان موت جي ڪارن ڪڪرن ۾ بلڪل
روپوش ٿي ويندو. جنهن ٻڌو ٿي، ان جي وات مان، هڪ
دردناڪ رڙ پي نڪتي ته ”هان! روشن!“
ڪنهن ڀروسو نه پي ڪيو ته روشن ايترو جلدي سڀني جي
اُمنگن ۽ اُميدن جي گلستان کي اچانڪ ويران ۽ اُجڙ
ڪري ويندي ۽ ڪنهن کي اهو سپني ۾ به نه هو ته موت
هنجي عين بهاري جي وقت ۾ هن کي اسان کان کسي
وٺندو.
آه! اي سنڌ جا چمڪندڙ روشن ستارا! افسوس! موت توکي
مهلت ڏئي جو تون پنهنجي حد ڪمال تائين رسي سگهين!
توکي هن پنهنجي چقمقي ڪشش سان جلدي پاڻ ڏانهن ڇڪي
ورتو ۽ تون هميشھ جي لاءِ الوداع ڪري، سڀني جي
دلين کي اُداس ڪري وڃي خلد آشيان ٿينءَ. جيڪڏهن
مان تنهنجي انهيءَ خاموشيءَ کي آرام جي ننڊ چوان
ته پوءِ هر ڪنهنجي اکين ۾ اهي لڙيون لڙڪن جون، اها
چهرن جي اُداسي ۽ اِهي ٿڌا ساهه کڻڻ، ڇو پيو ڏسان؟
آه! اي روشن! ايهي سڀ حقيقتون اِنهيءَ ڳالهه جو
دليل آهن ته تنهنجي اِها ننڊ هميشه جي ننڊ آهي،
تنهنجي اِها خاموشي هميشه جي خاموشي آهي، تون
هميشه جي لاءِ اسانکان جدا ٿي ويئي آهين جتان وري
موٽڻ محال آهي. آه! اي روشن! خدا حافظ! الوداع!
توکي اسان خدا کي سونپيو جو تنهنجو نگهبان آهي.
تون جنت جو سير ڪندينءَ ۽ اسين توکي هت ياد پيا
ڪنداسين. تنهنجون محبت ڀريون محفلون، تنهنجا علمي
مذاڪرا ۽ هر دلعزيز صحبتون، اسانکي ڪڏهن به ڪين
وسرنديون ۽ تنهنجي جدائي جو صدمو هميشه اسانجي دل
۾ رهندو. بيشڪ تون هڪ روشن ستارو هئينءَ جنهنجي
روشني کان افسوس اڄ اسين محروم آهيون. خدا توکي هن
جهان ۾ سک ڏئي، پنهنجي انمول نعمتن سان توکي
سرفراز ڪري ۽ جنت الفردوس ۾ توکي پنهنجي قرب جي
سايه هيٺ رکي، آمين- آمين- ثم آمين!
پاڪستاني
زرعي ماهر آمريڪا ۾
گهڻن ماڻهن لاءِ هڪ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد تعليم جو
ميدان تنگ ٿي پوندو آهي پر مسز روشن لاءِ، جا هن
وقت سوڌو ٽن ڊگرين جي مالڪ آهي، ائين ڪين آهن.
روشن لاءِ علم جو ميدان نهايت وسيع آهي. آمريڪا ۾
زراعت جي نون طريقن جي سکيا لاءِ اچڻ جو سبب به،
پنجن سالن جي نئين ڄاول ملڪ جي ضرورتن گڏ، روشن جي
پنهنجي علمي بک آهي.
مسز روشن، پنجن نقطن واري پروگرام هيٺ آمريڪا جي
زرعي سڌارن جي طريقن جي سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ آيل
آهي. روشن جيتوڻيڪ زراعت مان واقف ڪين آهي پر هڪ
طرف ته ماستريءَ جي ڊگري (B.T)
پاس ڪيل اٿس، ٻئي طرف روشن سائنس جي ڊگري (B.Sc)
جنهن ۾ مائيڪرو بايولاجي ۽ ڪيمسٽري (Microbiology
and Chemistry)
سندس مطالعي جون صنفون هيون ۽ ايم. اي جي ڊگري
جنهن ۾ هن ادب جو مطالعه کنيو هو، پڻ پاس ڪرڻ آهن.
سندس تعليمي لياقتن شايد کيس زندگيءَ ۾ مدد ڪئي
هجي پر سندس ملنساري، فراخدلي ۽ بيباڪيءَ هن کي
اسانجي مغربي سوسائٽيءَ ۾ سولائي سان اٿڻ ويهڻ
لائق بنايو آهي.
هوءَ آمريڪا ۾ خوشيءَ جو ڪارڻ آمريڪي ماڻهن کي ٿي
سمجهي ۽ چوي ٿي ”هتان جا ماڻهو ڌارين سان نهايت
قربائتو سلوڪ ٿا ڪن ۽ انهيءَ ڪري ئي آءٌ هت ويڳاڻي
ڪين آهيان“.
هوءَ ڪيترن ليڪچرن، ڊنرن ۽ راڳ رنگ جي محفلن ۾
شرڪت ڪري نون نون ماڻهن سان واقفيت ڪري آمريڪا جي
سماجي حياتيءَ جو مطالعو ڪري رهي آهي.
هوءَ ڌارين سان به نهايت سولائيءَ ۽ روانيءَ سان
ڳالهائي سگهي ٿي ۽ پنهنجي ملڪ جي تواريخ خواهه
سڀيتا متعلق، هر قسم جي سوالن جا جواب ڏئي سگهي
ٿي. آمريڪا جي ماڻهن جي حالتن ڄاڻڻ لاءِ به هوءَ
نهايت آتي آهي.
انهن سڀني ڳالهين جي موجودگيءَ ۾ به هوءَ هڪ پل
لاءِ، پنهنجي آمريڪا اچڻ جي مقصد کي وساري ڪين
سگهي آهي ۽ زرعي سڌارن جي مطالعه کي ئي سڀ کان اهم
سمجهي ٿي.
مسز روشن پاڪستان جي مرڪزي شهر ڪراچيءَ ۾ سيڪنڊري
اسڪولن جي اسسٽنٽ انسپيڪٽريس جي عهدي تي فائز آهي
۽ سندس ڪم آهي: اسڪولن جي نظرداري، سنڀال ۽ انتظام
ڪرڻ. روشن کي ڳائڻ ۽ ترڻ سان نهايت پيار آهي. روشن
کي شادي ڪئي چار سال ٿي ويا آهن. هن کي ڏک آهي ته
هن جو مڙس، (مسٽر اسحاق جيڪو بمبئي يونيورسٽيءَ
مان بي. اي جي ڊگري پاس ڪيل آهي ۽ هن وقت ڪراچي
ميونسپالٽيءَ ۾ اسيسر ۽ ڪليڪٽر آهي) ساڻس گڏ ڪين
اچي سگهيو. وطن جي خدمت ڪرڻ جي جذبي روشن کي
پنهنجي گهوٽ کان جدا ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ هوءَ
آمريڪا هلي آئي.
روشن پاڪستان بابت چيو ”اسان جو ملڪ اڃان پنجن
سالن جو ٻار آهي پر ڌڻيءَ ڪيو ته اسان ترقي ڪري،
اچي ترقي يافته ملڪن سان ڪلهو هڻنداسين“. روشن
آمريڪا ۾ پنهنجي ساٿين سان گڏ آڪٽوبر جي پڇاڙيءَ ۾
پهتي، هوءَ يونيوررسٽيءَ ۾ اچڻ کان اڳ منحتن،
ڪان وغيره ۾ زرعي سڌارن جو مطالعو ڪندي رهي
آهي. ايندڙ فيبروريءَ ۾ هو ڏاکڻين رياستن مان هڪ ۾
ويندي ۽ وطن ورڻ تائين، ڪل ڇهه مهينا آمريڪا ۾ رهي
چڪي هوندي.
]هڪ
آمريڪي اخبار تان[
مادام ڊونالڊا ڊڪي
هڪ موثر ملاقات
انسپيڪٽريس مس بشيرالدين، جنهن سان گڏ مون هڪ
وندرائيندڙ شام گذاري هئي، مونسان واعدو ڪيو هو ته
مونکي ڪراچيءَ ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن جو سئر
ڪرائيندي. مقرر ٿيل ڏينهن تي، ڪن سببن ڪري، مسز
بشيرالدين ڪانه اچي سگهي ۽ انهيءَ بجاءِ روشن آئي-
سرو قد، جوان ۽ آهسته خرام، جيئن پاڪستاني عورتن
جي خصوصيت آهي.
روشن اڃان پنهنجي ڄمار جا ٽيهه سال به ڪين ٽپي آهي
پر انهيءَ مختصر عرصي ۾ هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان
سائنس جي ڊگري،
(B.Sc)
سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماستريءَ جي ڊگري
(B.T)
۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان آرٽس جي ثاني ڊگري
(L.L.B)
جون آخري منزلون پئي طئي ڪري. تعليم حاصل ڪرڻ جي
ميدان ۾، انهن مشغوليتن گڏ روشن اسسٽنٽ انسپيڪٽريس
آف سيڪنڊري اسڪولس پڻ آهي.
هڪ اسڪول کان ٻئي اسڪول تائين ۽ ٻئي کان ٽئين
تائين ويندي اسان پاڪستان جي تعليمي مسئلن تي بحث
ڪنديون رهيوسين. انهيءَ بحث مباحثه مان مونکي
اندازو ٿيو ته روشن نه رڳو هڪ سٺي شاگرد ۽ ڊگرين
ميڙڻ جي شوقين آهي پر هوءَ هڪ نهايت هوشيار استاد
پڻ آهي ۽ تعليم بابت نهايت اعليٰ خيالن جي مالڪ
آهي.
روشن ان بعد پنهنجي مڙس سان گڏ مون کي موٽر ۾
ڪراچيءَ جو سئر ڪرايو ۽ شهر جي اوچين بلڊنگن بنگلن
کان وٺي لياري ڪوارٽر جي جڳهين تائين گهمايائين.
ان بعد اسان لاڪاليج ڏسڻ وياسين، جتي مونکي ڪاليج
جي پريزيڊنٽ ۽ شاگردن جي يونين جي اڳواڻ ۽ ٻين
ڪيترن شاگردن سان ملاقات ڪرائي وئي.
مجموعي طور مون لاءِ اها ملاقات نهايت قيمتي آهي.
مان مسز روشن جي نهايت ٿورائتي آهيان ۽ ڊي. پي آءِ
ڪراچيءَ جو پڻ احسان پئي مڃيان.
پاڪستاني عورت
آمريڪا ۾
پاڪستان جي نوجوان عورت مسز روشن اسحاق، هن هفتي
”ائلن“ ڪائونٽيءَ جو سير ڪرڻ آئي آهي. هوءَ
پاڪستان مان آئي آهي، جتان جي تهذيب ۽ تمدن نهايت
ڪهنو آهي ۽ حڪومت بلڪل نئين آهي. روشن کي هن ملڪ
جي زرعي معلومات حاصل ڪرڻ جو ڏاڍو چاهه آهي. هوءَ
مس ميري رٿ وينسڪائيڪ گڏ، گهرو لماء گاهون
(Home demonstration)
۽ فور-ايڇ ڪلب
(4. H. Club)
گهمي رهي آهي ۽ پوکن تي رهندڙ هارياڻين سان سندن
گهرن ۾ ملاقات ڪري، ڳالهائي، معلومات حاصل ڪيل
علم، پنهنجي وطن: پاڪستان ڏانهن کڻي ويندي ۽ موٽ ۾
هتان جي ماڻهن کي پاڪستاني ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي
بابت ڏاڍا پرلطف احوال ڏئي ويندي.
روشن اڄ کان به هفته کن اڳ، واشنگٽن ۾
پهتي. هن ملڪ جي مرڪز ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ بعد، هن
”منحتن“ ۾ زرعي سڌارن جي ايجنٽن جي سالاني ميٽنگ ۾
شرڪت ڪئي. هوءَ گذريل سومر تي آيولا ۾ پهتي
۽ شام جو همبولڊ جي اوڀر ۾ ”بزي بي
فور-ايڇ-ڪلب“
(Busy Bee 4. H. Club)
گهمڻ وئي. ايندڙ چار پنج ڏينهن جيڪي هوءَ هن
علائقي ۾ رهندي، هوءَ جنيوا جي گهرو نماءَ گاهن
جي مستقل ميٽنگن ۾ شرڪت ڪندي ۽ ايڇ.ڊي.يو آفيسرن
جي ٽريننگ اسڪول، خميس ڏينهن واري تماشي، ويسليئن
سروس ڪلب، ائلن ڪائونٽي اسپتال ۽ آيولا هاءِ
اسڪول، ڏسڻ ويندي. هوءَ هن رياست جي ٻين ڀاڱن
ڏانهن پڻ ويندي ۽ آمريڪا ۾ ڪل ڇهه مهينا رهندي.
روشن نهايت فراخدليءَ سان اعتراف ڪيو ته هوءَ
زراعت بابت تمام گهٽ معلومات جي مالڪ آهي ۽ هن
پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو شهرن ۾ گهاريو آهي. به
هر صورت حالتن جي سڌارڻ تي پاڪستان زرعي سڌارا
شروع ڪندو ۽ روشن ۽ ساڻس گڏ آيل ساٿي پنهنجي حاصل
ڪيل تجربي سان پنهنجي هم وطنن جي خدمت ڪندا.
”گذريل پنجن سالن ۾ اسان چوکي ترقي ڪئي آهي“ روشن
پنهنجي مخصوص جهيڻي مرڪ سان چيو. ”پر غربت گڏ،
تعليم خواهه صنعتي ذريعن جي ڪمي، اسان لاءِ وڏو
مسئلو ٿي پئي آهي. پنهنجي پوکن جي پيداوار وڌائڻ ۽
هارين جي رهڻي سهڻيءَ کي ترقي ڏيڻ، اسان آڏو، سڀ
کان اهم ڪم آهي. انهيءَ ڪم جي پوري ڪرڻ ۾ وقت
لڳندو پر اسانکي يقين آهي ته نيٺ اسين ڪامياب
ٿينداسين.“
]هڪ
آمريڪي اخبار تان[
قادر صديقي
هڪ خط
پيارا دوست
سمجهي نه سگهيو آهيان
ته روشن کي کسي وٺڻ ۾ خدا جي مدعا ڇا هئي. تعجب آ،
روشن کي سڄي عمر ڏک ڏئي به خدا کي رحم نه آيو.
تعجب آ، هن کي انهيءَ وقت ماريائين جڏهن هوءَ مس
مس ڪري سنئين ڳاٽ ٿي هئي ۽ حياتيءَ مان حض وٺڻ لڳي
هئي. منهنجا دوست! مونکي خبر آ، روشن مرڻ نه پئي
چاهيو. مونکي خبر آ، منهنجا دوست! روشن جي نس نس ۾
هڪ امنگ هئي ته ظالم سماج جي انهن ٺيڪيدارن جي
منهن ۾ موچڙو وهائي جن ڪالهه سندس سڪيم حالت ۾ مٿس
چٿرون ڪيون هيون، سندس امنگن اميدن ۽ چاهنائن جو
مذاق اڏايو هو، سندس ماءُ کي مهڻا ڏنا هئا.
مونکي ياد آ، روشن جي ماءُ چوندي هئي ”منهنجي روشن
هڪ نه هڪ ڏينهن ائين چمڪندي جيئن ڪارن ڪڪرن کي
چيري سج نڪري چمڪي ۽ پوءِ توهان سڀئي سندس محتاج
ٿي سندس آڏو هٿ ڊگهڙيندا“.
ننڍڙي روشن شايد پنهنجي ماءُ جي اها تمنا ٻڌي ورتي
هئي، ۽ شايد انهيءَ ڪري ئي هن انهن ڪنڊن کي خيال ۾
ئي نه آندو هو جيڪي سندس راهه ۾ وڇايا پيا هئا.
فطرت جون سڀ ئي حرفتون ته کيس روڪڻ ۾ ناڪام ٿيون
هيون.
۽ هاڻي دوست! جڏهن هوءَ مس مس ڪري سئين پيرين ٿي
هئي، جڏهن هوءَ مس مس انهي قابل ٿي هئي جو پنهنجي
رقيبن جي منهن ۾ چماٽ وهائي سگهي. اهڙي چماٽ جيڪا
سندن جسم روح، ٻنهي کي جلائي سگهي، چماٽ جيڪا سندن
هيانءُ ڏاري سگهي؛ ته فضا سندس هٿ جهلي ورتو.
آھ! روشن کي مشڪلات ۽ تڪليفن نهوڙي نيو. ڏس دوست!
ڏس! روشن جي بيجان سرد منهن ڏانهن نهار! سندس
بيجان چپن تي به هڪ جهيڻي مرڪ آهي. مرڪ جيڪا روشن
جي خاموش زباني آهي. ڄڻ چوندي هجي، ”ڏسو! آءٌ
مرڪندي پئي وڃان. دنيا جي ڪابه طاقت مونکان منهنجي
مرڪ ڪانه کسي سگهي آهي. قدرت به نه. موت جا سرد هٿ
به نه. اها مرڪ دائيا روشن جي ساٿي رهي ۽ اڄ سندس
مئي پڄاڻا به سندس ساٿ نه ڇڏيو اٿس. اها جهيڻي مرڪ
ڄڻ چئي رهي آهي:
اسانجي عزم کي اي آسمان متان نه مڃين!
ڪرڻ گهريوسي بپا نئون جهان متان نه مڃين!
هزار رنج رڪاوٽ ۽ خوف هوندي به،
قدم رسايو سي منزل مٿان متان مڃين.
پر ترس! روشن مٿي ته ڪانه آهي! مري ئي ڪانه ٿي
سگهي! گهٽ ۾ گهٽ، اوستائين ته ڪانه مري سگهندي
جيسين هن جهان ۾ بي انصافي آهي، غربت آهي ۽ جدوجهد
آهي. ها دوست! جيسين جن جهان ۾ جدوجهد آهي روشن ور
ور ڪري اٿندي، پورهيا ڪندي، الجهندي، لڙندي ۽ وري
گهڙي پل لاءِ ننڊاکڙي ۾ پئجي ويندي. مائر پنهنجي
سگهڙ نياڻين کي روشن جي نقش قدم تي هلي روشن ٿي
پونديون. ڳچ ساريون روشنيون-روشنيون.
شايد ڪو واٽهڙو دڳ ويندي روشن جي گهر وٽان لنگهندي
جهٽ پلڪ لاءِ بيهي رهندو ۽ آڱر سان اشارو ڪري
چوندو ”اجهو هي آهي روشن پنهنجي ٻال اوستا گهاري
هئي. انهيءَ ننڍڙي گهر ۾ ويهي روشن پنهنجي مستقبل
بابت ڪي معصوم تمنائون پاليون هيون ۽ انهيءَ ئي
ننڍڙي گهر ۾ رهندي روشن پنهنجي دل جي اڌمن خاطر
عذاب سٺا هيا.“
دوست! هيءَ دکدائڪ خبر ٻڌي سوچيم ته پير ڀري اچان
پر دل منع ڪئي. دل مان هڪ آواز آيو ”تون انهيءَ
لائق نه آهين جو مرحومه روشن جي سامهون منهن کڻي
بيهي سگهين. تون انهن ناڪاره نمائش بينن مان هڪ
آهين جيڪي روشن جي اڪيلي سر جدوجهد کي تماشو سمجهي
ڏسندا رهيا. هڪ طرح سان تنهنجا پنهنجا هٿ به هن
شهيد جي خون ۾ رڱيل آهن. تون ڪهڙو منهن کڻي هن آڏو
ويندين؟ نه وڃ، نه وڃ!“ ۽ دوست آءٌ ڪين آيس. سچ پچ
روشن شهيد آهي- امر آهي.
روشن مئي پڄاڻا هن جي ماءُ خواهه ٻيا عزيز همت
هاري ويٺا هوندا. منهنجي طرفان دوست! کين چئج ته
ائين نه ڪن. کين چئج ته روشن جي مسڪرائيندڙ سرد
چهري مان سبق سکن. کين چئجان دوست! سندس ماءُ کي،
سندس ڀيڻ کي، ڀاڻيجيءَ کي، ماساتين کي ۽ ٻين سڀني
مائٽياڻين کي ته روشن ويندي ويندي به هڪ سنديس ڇڏي
وئي آهي ۽ چئي وئي آهي:
”منهنجيون ڀينر اٿو، الجهو ۽ ڳايو:
لمبي رات وهامي ويندي
دک جي آگ اجهامي ويندي
اوندهه مان ئي باکون ڦٽنديون
ڪاريون راتيون نيٺ ته کٽنديون
ڇو ٿيون وڃون وهلور، ساٿي!
صبح نه آهي دور.
انهيءَ لاءِ ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي روح کي اهو احساس
هجي ته جيڪا جدوجهد مونکي اڌ ۾ ڇڏڻي پئي، تنهن کي
هو هلائينديون پيون هلن. مسڪرائنديون، ڳائينديون.“ |