سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: چانڊوڪي چمپا جي مالها

 

صفحو:14 

روشن جون ڪهاڻيون

پهاڄ

 

رئي جي پلوَ سان منهن  ڍڪي ڇڏيائين. ڄڻڪ پنهنجا اُڀا ساهه روڪي رهي هئي ۽ وهندڙ ڳوڙهن کي روڪي آسمان جي طرف ڏسڻ لڳي.

ليٽي پيئي، مون پنهنجي ٿڪل ٽنگن کي سڌو ڪيو ۽ ڪنهن جو انتظار ڪرڻ لڳس. هن جو هڪ هٿ منهنجي مٿي تي هو جنهن کي روز ڏسڻ هن کان وسري ويا هئا. ٿوري دير کان پوءِ وڏو ساهه ڀري چوڻ لڳي ”هو ڪڏهن ڪنهن کان نه وسريو، هن جو سڀ کي خيال هو.“

مون هڪ گناهگار جيان نظر هيٺ ڪري چيو ”ته پوءِ هينئر تنهنجو ڇا آهي؟“

هن مٿي تي هٿ روڪي چيو، ”اوهان نه رکي سگهندا ته ٻي نوڪريءَ جي تلاش ڪندس. اوهان وٽ ڏهه ڏينهن رهي پاڙي جا پئسا ٺاهيا اٿم. جي واٽ تي کُٽا ته ٻه ٽي ڏينهن سکر ۾ رهي گهر ويندس. ٻار اُداس هوندا. اوهان سان گڏ رهڻ جو شوق نه هو مگر هينئر اُن جو به آسرو ڪونهي.“

”ها پر منهنجو بخار ڇڳو آهي، مان هينئر توکي پاڻ وٽ رکي ڇا ڪندس؟“ مون منهن تي ڪوڙي مهڪ آڻي چيو، ”توکي ته گهڻي ئي ٻار آهن، هو ڪم نه ڪندا آهن ڇا؟ تنهنجو مڙس به ته ڪجهه نه ڪجهه ڇڏي ويو هوندو؟“

”منهنجا  ٻچا“ هن روڪجي چيو ”مون کي اٺ ٻار آهن، پنج منهنجا ۽ ٽي منهنجي پهاڄ جا، پر آهن سڀيئي الهڙ. ٽن ڇوڪرين جي شادي ٿي چڪي آهي، پر اهڙن گهرن ۾ جن وٽ کائڻ لاءِ به ڪجهه ڪونهي. پنج ڇوڪرا آهن، سڀ کان وڏي کي پان سگريٽ جو دڪان آهي، باقي چار اڃان ننڍا آهن جي ڪوبه ڪم ڪونه ٿا ڪن. ”توکي پهاڄ به آهي،“ مون پڇيو. ”نه هنکي مئي ٻه سال ٿيا آهن هن جا ٻار به مون وٽ آهن. منهنجي شادي ڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ ٿي هئي. منهنجو خاوند، ننڍن ٻارن کي مڪتب ۾ پڙهائيندو هو. پئسن ٽڪن جي ڪائي ڪمي نه هئي. ماڻهو کاڌو ۽ ڪپڙو ڏئي ويندا هئا. گهر ۾ گانءِ به هئي. جڏهن جڏهن دوري تان موٽندو هو ته منهنجي لاءِ زيور ۽ ڪپڙن جا جوڙا آڻيندو هو. ٻارن جي لاءِ ملتاني ٽوپيون ۽ لکنوي جتيون ۽ مٺائي  ميون جا ٽوڪرا آڻيندو هو. جڏهن ايندو هو ته ڳوٺ جا ماڻهو کيس ڏسڻ ايندا هئا. هڪ ته هو خو بصورت هو، بدن جو مضبوط ۽ ويڪرو، منهن تي صحت ۽ جواني، لنبو ۽ ڊگهو، ڏسڻ ۾ گورو هو گورو! هفتو کن ته اسان جي گهر ۾ مهمانن جو تماشو لڳو پيو هو ندو هو. مان به خوشيءَ وچان، پاڇن جيان ڪڏهن هت ڪڏهن هت پئي گهلندي هيس. ڪنهن جو خوف .... نه هو ۽ نه وري ڪا دل ۾ جاءِ باقي هئي. خوشيءَ جي دولت سان مالا مال هيس. اڄ هيءَ حالت ڏسي ڪير ٿو اعتبار ڪري؟“ هن پنهنجي اگهاڙين ٻانهن تي نظر وڌي.

”تنهنجي پهاڄ ڪڏهن آئي،“

مون لاپرواهيءَ سان پڇيو.

”ته سڀ ڪجهه ٻڌندؤ.“ هن شرم وچان اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون. گويا ڪنهن هن جي موهني تصوير ۾ سياهي پيٽي ڇڏي. پر هن جو اعتقاد اٽل هو. ڦڙڪندڙ چپن کي ڏندن ۾ ڀيڪوڙي چوڻ لڳي، ”هيءَ ڳالهه تڏهن جي آهي جڏهن منهنجو وڏو پٽ ڪريم ڏهن ورهين جو هو. مان پنهنجي ٻچن جي طرف ڏسندي وڇوڙي جا سخت ڏينهن گذاري رهي هيس. پر مان سچ پچ چوان ٿي منهنجي دل ۾ هڪ عجيب جذبو هو.

مان رات جو ڪم کان فارغ ٿي، کٽ تي ليٽي سوچي رهي هيس. اُمنگ منهنجي دل ۾ هر هر اُٿيا ٿي ۽ مون کي بيهوش ٿي ڪيائون. ان وهندڙ ڌارا ۾ مان سپنا ڏسي رهي هيس. جڏهن سورج مٿي چڙهي ايندو هو ته اُٿندي هيس.  نوان نوان ارمان دل ۾ اٿندا هئا ۽ خوشيءَ ۾ نچڻ ۽ ڳائڻ تي ياد هوندو هو ۽ ائين محسوس ڪندي هيس گويا هو هميشھ منهنجي آغوش ۾ آهي. ته پوءِ اُداسي ڇاجي ۽ رئڻ ڇا جو؟ جڏهن ڇهه مهينا گذريا ته سانگهڙ کان خط آيو، ”وڏي ڇوڪري کي موڪليو دل اُداس ٿي رهي، مان ٽن مهينن بعد ايندس.“ ان سان گڏ ئي منهنجي لاءِ ڪنن جا ايرنگ به هئا. ڇوڪري کي بسترو وغيره ٺاهي ڏنم ۽ سندس منهن هر هر پئي چميم ۽ ائين پئي محسوس ڪيم گويا مان خود ساڻس ملڻ لاءِ وڃي رهي آهيان. ”ڪجهه وقت روڪجي وري چوڻ لڳي ”اوهان شايد اعتبار نه ڪيو پر انهن ڏينهن ۾ مونسان هن جي بيحد محبت هئي. ڪيترا گهمرا مون کي پنهنجي ڀرسان ويهاري چوندو هو  ”حليما توکي خدا روپ ته نه ڏنوآهي مگر اُن هوندي به تون منهنجي دل ۾ سمائجي وئي آهين . پر جيڪڏهن جوانيءَ جي غفلت ۾ شامل ٿي ڪنهن خوبصورت کي گهر ۾ آڻيان ته توکي پسند پوندو.“ اهو ٻڌي منهنجي دل ڦڙڪي اُٿندي هئي ۽ مان رسي ويهندي هيس. پر جڏهن هو مون کي مشڪي ٻانهن کان وٺندو هو ته مان سمجهندي هيس ته مونسان چرچو ڪري رهيو آهي. ڏسڻ ۾ مان واقعي سادي هيس ليڪن شرم ۽ حياءَ جي دولت سان مالا مال. مان ائين چوندي هيس ته دنيا جي نعمت ۽ راحت مون وٽ آهي. مان اهو به ڄاڻندي هيس ته ايتري محبت هئڻ تي به اُن کي منهنجي شڪل تي غرور نه هو. مون سان گڏ هئڻ وقت ڪنهن سان ڳالهه ڪندي ڪندي روڪجي ويندو هو.  هنکي اهو خوف هوندو هو ته ڪڏهن ڪا هيٺ مٿي ڳالهه نه ڪري ويهان، جنهن کان کيس شرمنده نه ٿيڻو پوي.

وڏي پٽ جي وڃڻ کانپوءِ اڱڻ کائڻ ٿي آيو. اهي ٽي مهينا ڳڻي ڳڻي ٿڪجي پيس. هڪ ڏينهن چٺي آئي ته ”سڀاڻي پهچي وينداسون.“ نون مهينن کانپوءِ گهر کي سينگاريم ۽ صاف ڪيم. هن جي لاءِ نئون بسترو ٺاهيم، زيور ۽ ڪپڙا پاتم. هو آيو، اڳين عادت موافق سندس پيتي کوليم. هو منهنجي ڀرسان بيٺو هو ۽ مشڪي رهيو هو. اهڙي طرح ٻه هفتا گذري ويا. هڪ رات اوچتو چيائين ”حليما مون هڪ عورت سان شادي ڪئي آهي.“ هو هن دفعي سنجيده هو.

مون سوچيو چرچو ٿو ڪري، پر مونکي سندس اها دل لڳي پسند نه پئي. سوچيم هن جي ڪهڙي عادت آهي؟ خوشيءَ جي وقت ۾ اهي ڳالهيون ڪري منهنجي دل کي ڏهڪائي ٿو. مون پنهنجي لرزندڙ شڪايت آميز نگاهه اُن جي طرف ڪئي. هن جو منهن لٿل هو. پر تڏهين به يقين نه آيو. مان اُٿي هنکان علحدي ٿي ويٺس. چيم ”مان اهو ڪڏهن به قبول نه ڪندس ڪڏهن به نه!“ هن اداسائي سان چيو  ”حليما مان گنهگار آهيان، مون سان جيڪو سلوڪ چاهين سو ڀل ڪر، توکي اختيار آهي.“ منهنجي اکين جي اڳيان انڌيرو ڇائنجي ويو. ويٺي هيس سو اٿي بيٺس ۽ پنهنجي منهن کي هٿن ۾ لڪائي ڇڏيم. اونده ڪاري ۽ ڀيانڪ! مونکان رؤ نڪري وئي ”تون ڪوڙو آهين، مونکي پريشان ڪرڻ ۾ توکي ڪهڙي ٿي خوشي ٿئي، تون ڪوڙو آهين....“

هن اُٿي منهنجي هٿ کي نه ورتو. چپ چاپ ويٺو رهيو. مون تڙپندي سندس اکين ۾ نهاريو. منهنجي دل ۾ وسوسا وڌندا رهيا، اوندهه وڌيڪ گهري ٿيندي وئي. سمجهيم ته پيرن هيٺان زمين ٿي نڪري. مٿو چڪر ۾ اچي ويو ۽ ڌڙام، بيهوش ٿي ڪري پيس. جڏهن هوش آيو ته رات جا ٻارهن وڄي چڪا هئا. مان کٽ تي پئي هيس. اچانڪ ڪنهن اچي منهنجي ڪنن وٽ چيو ”پڦي هوءَ اچي وئي.“ تڪڙ ۾ پڇيم ”ڪير آئي آهين.“ هن لرزندڙ ۽ ڀيانڪ آواز ۾ دهرايو ”پڦي، پڦي هوءَ اچي وئي.“

مان ڇرڪ ڀري اٿيس ۽ ڏڪندي هن جو ڪنڌ پڪڙي پڇيم ”ڪٿي؟“ هن آڱر سان دالان جي طرف اشارو ڪيو. مون رئي کي ٺاهيو ۽ آهستي آهستي هن جي طرف وڌيس، منهنجا پير جيتوڻيڪ ڳؤرا ٿي ويا هئا مگر تڏهن به خودبخود ئي کڄيا، سمجهيم ته منهنجا چپ ۽ ڄڀ ٿڌا ۽ خشڪ ٿي ويا آهن. منهنجو چهرو رئي جي ٻن ٽن تهن ۾ ويڙهجي ويو هو ۽ رڳ ڦڙڪي ٿي. دالان ۾ پهچي ڏٺم ته هڪ خوبصورت عورت هن جي ڪنڌ سان ڪنڌ ملائي ويٺي هئي.

سندس رئو ڳاڙهي رنگ جو هو جنهن تي اڇن ڳوٽن جو ڀرت ڀريل هو. هنجي چپن تي رنگ لڳل هو ۽ اکين ۾ ڪجل. منهنجي پهچڻ سان چيائين،  ”حليما ٿڌو پاڻي ته گرم ڪر“ مان چلهه وٽ وڃي ويٺس گويا سالن جي بيمار هيس ۽ گرم پاڻي جي ديڳڙي باهه تي رکيم. منهنجو دم نڪري رهيو هو. سر خودبخود ديوار سان لڳي ويو ۽ بيهوشيءَ جي حالت ۾ اکيون بند ٿي ويون ۽ ڪيتري دير تائين اتي پئي هيس.

هٿ منهن ڌوئي ۽ ماني کائي هوءَ هن جي پلنگ تي وڃي ويٺي ۽ مان سانت ۽ صبر ڪري پنهنجي کٽ تي. ڳوٺن ۾ توهان کي خبر آهي ته ڪوئي ڪمرو ته ڪونه ٿيندو آهي. اُتي هڪ ڪنڊ ۾ منهنجي کٽ پئي هئي. مون چاهيو ته ائين ٿي ته جيڪر زمين ڦاٽي پئي ۽ مان اندر پيهي وڃان جئن منهنجي بوءِ به نه اچي مان روئندي بستري ۾ سمهيس. ڪڏهن ڪڏهن هنن جو آواز منهنجي ڪنن تائين پهتو ٿي. مان خاموش ٿي پنهنجو پاڻ کي قبر ۾ دفنائي مٿان لنگهندڙن جو سلوڪ ڏسي رهي هيس. جو آواز ڪنن ۾ پهتو ٿي سو دماغ مان ٻاهر نه ٿي نڪتو. منهنجي دماغ ۾ بيهوشيءَ جي گهري ننڊ سمايل هئي. رات جو ٻي بجي هو مون وٽ آيو ۽ آهستي چيائين: ”حليما!“ مون پنهنجي منهن تان چادر پري ڪئي ۽ پڇيم ”جي؟“

”حليما،“ هن منهنجي ويجهو ايندي چيو ”توکي سڀڪجهه معلوم آهي، منهنجي قسمت تنهنجي هٿ ۾ آهي، تون ئي اِن جو فيصلو ڪر. چئه سڀاڻي ڳوٺاڻن کي ڇا چوندينءَ؟“

منهنجو گلو ڀرجي آيو، هي ماڻهو جو منهنجي جند جان جو مالڪ آهي اچ مون کان ڇا ٿو نبري؟ ڇا مان هن کي نااميد ڪري سگهان ٿي؟ بغير سوچڻ جي چئي ڏنم ”توهين اهو فڪر نه ڪيو. مان سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏيندس.“ چپن ۾ الائي ڇا چيائين ۽ پوءِ هليو ويو. هن جي دنيا ۾ اُن وقت منهنجي بيچارگيءَ تي ڌيان ڏيڻ جو ڪوبه وقت نه هو. هي مون سڀ ڪجهه سمجهو ٿي.

صبح جو اٿي مون جلدي جلدي چانهه ٺاهي ۽ انهن جي اُٿڻ تائين سڀ ڪجهه تيار ڪيم. عائشه اٿي ۽ منهنجي ڦڻي کڻي وارن ۾ ڏيڻ لڳي.  اتي آرسي به پئي هئي جنهن ۾ هن پنهنجو عڪس به ڏٺو. مان آرسيءَ کان مٽجي چڪي آهيان ۽ اڄ کان پوءِ آرسيءَ ۾ هن جون ٽي وڏيون وڏيون گهريون اکين نظر اينديون!

هن نگاهه مٿي ڪري جهڪائي ڇڏي. منهنجا چپ کليا ۽ بند ٿي ويا. ”همدردي!“ نه مان نه چوندس ۽ چئي به ڇا سگهندس. چانهه پي عائشه مون وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي ”منهنجا ڪپڙا ميرا ٿي ويا آهن، جوڙو ڪپڙن جو ڏي.“

مان صندوق کولي  بوسڪيءَ جي سلوار ۽ ململ جو پيلو رئو کيس پارايو ۽ سندس چپن تي سرخي لڳائي. هن پنهنجو چهرو آرسيءَ ۾ ڏٺو ۽ وري مشڪيو. پوءِ هن پنهنجو گلاز ۽ نرم ٻانهون منهنجي گلي ۾ وجهي نهايت ئي محبت آميز لفظن ۾ چيو: ”تون منهنجي ڀيڻ آهين!“

مان سڀ ڪجهه وساري ويٺس فقط هنجي پوين لفظن تي ۽ منهنجي دل ۾ ان وقت سواءِ خوشيءَ جي ٻيو ڪجهه به نه هو. هيءَ منهنجي ڀيڻ ٿيندي، جڏهن مان سڀ ڪجهه وڃائي ويٺي آهيان. شايد هنجي دل ۾ منهنجي لاءِ درد ۽ محبت جو جذبو آهي. مان ڪهڙي نه بدقسمت آهيان جو پنهنجي درد ۾ هن جي تڪليف جو اندازو لڳائڻ وسري ويو آهي. هنکي هن سان محبت آهي جنهن وٽ منهنجا ارادا ۽ ارمان ختم ٿي ويا آهن. آخر هيءَ به ته عورت آهي.

مون ائين معلوم ڪيو گويا هو ۽ عائشه به معصوم ٻار آهن، جن جي نگهداشت ڪرڻ مون تي لازم آهي. مان پنهنجي ڏک کي دل ۾ ڇپائي هنن جي لاءِ غار ۾ ڪرڻ لاءِ تيار هيس.

اهڙيءَ طرح ٻه مهينا گذري ويا. هڪڙي ڏينهن منهنجو ڀاڻيجو ڊوڙندو آيو ۽ چيائين: ”پوليس پوليس!“ منهنجو دم  گهُٽجي ويو. ڊوڙندي پڇيم ”ڇا ٿو چوين پوليس ڇو آئي آهي، اسان ڇا ڪيو آهي.“ ايتري ۾ هو اندر آيو ۽ ڇوڪري کي جهلي پڇيائين ”پوليس ڪٿي آهي؟“

ڇوڪرو گهٻرائجي ويو ۽ ان گهٻراهٽ ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. مشڪل سان چيائين ”مان  گهر پئي آيس ته رستي تي ٻه پوليس وارا ڪنهن سان آيا ٿي ۽ مونکان پڇيائين ته ڪائي عورت پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڪنهن سان هت آئي آهي؟“ ”ته پوءِ تو ڇا چيو؟“ هنجي منهن جو پنو ئي لهي ويو. ”مون ڪجهه نه چيو صرف هيڏانهن ڊوڙندو آيس.“

پر هتي ته ڪا عورت ڀڄي ڪانه آئي آهي. مون عائشه جي طرف ڏٺو جا دريءَ ۾ هٿ  ملي رهي هئي. منهنجي ڀاڻيجي چپ چاپ آڱر سان اشارو ڪيس ايتري ۾ هو عائشه کي اندر وٺي آيو ۽ کيس مردانه ڪپڙا پارائي ٻئي هلڻ لڳا. وڃڻ کان اڳ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي چيو ”مان هنکي نواب شاهه جي سٽيشن تي ڇڏي اچان.“

هن جو آواز لرزيو ٿي مگر نگاهه قائم هئي. مون ٻنهي هٿن سان زور ڏيئي کيس قابو ڪري چيو، ”تون نٿو وڃين سگهين. هو توکي قيد ڪندا. سمجهين ٿو نه؟“ مان جلدي جلدي چوندي ويس ”هتان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي پنهنجي ڀيڻ جو ساهرو گهر آهي، تون عائشه کي اُتي ڇڏي اچ. هو پوليس ۾ آفيسر آهي توکي ضرور بچائيندي.“

خبر نه آهي ته ڪهڙي طاقت جي زير اثر هي لفظ منهنجي وات مان نڪتا ٿي. اڄ جڏهن هو عائشه کي گهر مان ڪڍي رهيو هو ته مان کيس گهر ۾ رهائڻ جي صلاح ڏئي رهي هيس. هن جي منهن تي هلڪي سرخي ڊوڙي وئي پر کيس پنهنجن ڪنن تي اعتبار نه آيو. پڇيائين: ”رپورٽ نه ڪندينءَ؟“ ”رپورٽ!“ مون ڇرڪي چيو ”تنهنجي برخلاف مان رپورٽ ڪندس، اوهان وڃو مان سڀ ڪجهه اوهان کي پهچائيندس.“

هو ويو ۽ عائشه کي ڇڏي آيو. ٽي سال سانده هن منهنجي ۽ ٻارن جي سار سنڀال نه لڌي گهر ۾ چار ٻار کيڏندا هئا ۽ پنجون گود ۾ هوس. گهر ۾ جا پونجي، زيور ۽ ڪپڙا هئا سي هن آهستي آهستي عائشه وٽ پهچائي ڇڏيا. نه ڏسي ڏينهن نه رات گهوڙي تي چڙهڻ ۽ عائشه وٽ پهچڻ. ٽن سال جي گذرڻ کان پوءِ هن کي گهر ۾ واپس وٺي آيو. مان خاموش هيس،  مگر هن منهنجي ڪوڙي خوشامد شروع ڪئي ۽ مان اُن جي ڀروسي تي لڳي ويس.

عائشه موٽي آئي ته ٻه ٽي ڏينهن چڱي هلي پر پوءِ آهستي آهستي سندس رخ بدلجڻ لڳو. ڇهن مهينن جو ٻار جو منهنجي گود ۾ هو تنهن کي هوءَ نه سهندي هئي ۽ هنجا ڪن ڀرڻ شروع ڪيائين. ڀاڻيجي ٻڌايو ته هوءِ کيس مونکي گهر مان ڪڍي ڇڏڻ لاءِ چئي رهي هئي. پر اهو ڪيئن ٿي سگهندو؟ مان هنجي ٻچن جي ماءَ هيس! مان سمجي نه سگهيس.

آخر اهو ڏينهن به آيو، رات جا ڏهه وڄي چڪا هئا. مان اڱڻ ۾ ٻارن کي کاڌو کارائي ٿانوَ ڪٺا ڪري رهي هيس، عائشه وارن ۾ گل وجهي رهي هئي. هو سڌو مون وٽ آيو ۽ منهنجي پٺيان بيهي رهيو. هنجي هٿ ۾ هڪ ڊگهو ۽ سفيد لکيل ڪاغذ هو، جنهن تي ٽڪلي لڳل هئي. منهنجي هٿ ۾ ڏيندي هن چيو هي اسان جي طلاق جو خط آهي، هينئر تون منهنجي زال نه آهين. جيڏانهن توکي وڻي تيڏانهن ڀلي وڃ، مان هينئر عائشه سان شادي ڪندس.

منهنجو هوش اُڏامي ويو ؛ گويا درياهه ۾ غوتا کائڻ لڳس. مان ڪيڏانهن ويندس؟ منهنجي زال نه آهين، ڪيئن نه آهيان! سورهن سالن کان زال هيس ۽ هينئر هو مونکي گهر مان نڪري وڃڻ لاءِ ٿو چوي! ڪيڏانهن به وڃ! مون کي ٻچا آهن. مان ڏڪي ويس ۽ سموري جر ۾ لرزش مچي وئي. دل درد سان ڀرجي وئي، اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ملت جي نگاهون کڻي ڏانهس ڏٺم ۽ چيم ”مان تنهنجي ٻانهي ٿي گذاريندس، مون کي گهر مان نه ڪڍ، منهنجو توسان نڪاح پڙهيل آهي، جيڪر تنهنجي ماءُ جيئري هجي ها! خدا جي واسطي مون کي پنهنجي قدمن ۾ مرڻ ڏي.“

مان هنجي قدمن کي چنبڙي پيس پر هن بي رحميءَ سان پنهنجا پير ڇڏائي چيو. ”هڪ ڪلاڪ جي اندر اندر پنهنجو سامان کڻي نڪر، مان  ٻاهران موٽي اچان ته جيئن توکي گهر ۾ نه ڏسان.“

مون منٿون ڪيو ن، عائشه جي پيرن تي ڪري پيم، مگر هوءَ چپ چاپ ويٺي رهي، چيائين هڪ مياڻ ۾ ٻه تلوارون ڪيئن ٺهنديون- مان ڇا ڪيان توکي جيئن وڻي تيئن ڪر.“

مان دانهون ڪري رئڻ لڳس، وار پٽڻ لڳس، مٿي کي ڪيترا ڀيرا ديوار سان ٽڪرايم. ”مان ڪڏهن به نه ويندس- ڪڏهن به نه.....“ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيم ۽ ڇاتيءَ تي لڳاتار هٿ هڻندي رهيس. جڏهن هوش ۾ آيس ته پاڻ کي اڪيلو زمين تي پيل ڏٺم. اکين جا ڳوڙها خشڪ ٿي چڪا هئا، مو ن مٿي تي هٿ ڦيريو ته رت سان ڀرجي ويو، اندر ٻار آرام ۾ هئا. عائشه جو آواز نه هو. دل تي هٿ رکي اُٿي بيٺس. سچ پچ مان هنجي زال نه هئس، ڇا عائشه ئي هنجي زال هئي. مان ته خزان جو هڪ سڪل پن هيس جو برفاني هوائن جي سرديءَ کان ڪٽجي ڪري پيس. مان خزان جي شدت ۾ ئي هوندس. منهنجو بهار سان ڇا واسطو!!

پراڻي ۽ غليظ رئي ۾ ڪپڙن جا ٻه جوڙا ٻڌي رات جي وقت گهر مان نڪتس. ننڍو پٽ ڪڇ ۾ هو. ٽن ميلن جي مفاصلي تي ساهيڙيءَ وٽ ترسيس. ٻه ڏينهن اُتي رهي ٿيا هئا ته ڳوٺ جي وڏيري منهنجو پيڇو ڪيو،”تون مون سان نڪاح ڪر! توکي ڪهڙي پئي آهي جو هيئن گذارين.“

ٽينءَ رات مون پنهنجي ساهيڙيءَ کي چيو ”منهنجي وڏي پٽ کي ڪنهن نه ڪنهن طرح گهراءِ، مان اڪيلي آهيان ۽ جتي ويندس اُتي شودا منهنجو پيڇو ڪندا ۽ تڪليف ڏيندا.“

هن رات جو ٻي بجي پنهنجي مڙس کي موڪليو جو منهنجي وڏي پٽ کي وٺي آيو. هنکي بسترو به هو. رات جو تاريڪيءَ ۾ به هن جون ننڊ سان ڀريل اکيون منهنجي دل کي روشني ڏئي رهيون هيون. هن سان ملندي ئي هڪوار وري منهنجي ڳوڙهن جو بند ٽٽي پيو.

هونءَ ته مان بي خوف واقعي آهيان، پر غم جي بار ڪري دل ۾ خوف ۽ ڀوَ وڌيڪ جاءِ وٺي ويندو آهي. ٻئي ڏينهن پنهنجي ڳوٺ پهچي وياسون. اُتي رشتيدار پاڻ وٽ رهائڻ جي مهرباني ڪئي. هڪ هفتي کان پوءِ خبر پئي ته ڳوٺ وارن گڏجي سندس گهر کي ڦريو آهي. سڀ ڪجهه کڻي ويا اٿس. هينئر هو ۽ عائشه غريب آهن. ان ۾ شڪ نه آهي ته ڳوٺ وارن منهنجي ئي دک ۽ درد کي ڏسي کيس تنگ ٿي ڪيو، پر مان اهو ڪيئن ٿي سهي سگهيس! موٽي ڳوٺ آيس. صرف ..... چوڻ ته مان توهان جي ڏک ۾ شريڪ آهيان. پر ٻنهي مونکي ڏسندي طعنو هنيو ”اسان کي هينئر غم ۽ دک ۾ تڙپندو تڙپندو مرڻ ڏسڻ آئي آهين!“ مون کي موٽڻو پيو.

هيڏانهن اسين گهر کان نڪتاسين هوڏانهن سندس سمورو اناج کپي ويو. مون ٻڌو ڳوٺ وارا ساڻس بگڙيا آهن ۽ کيس ڪوبه ڪم نٿو ڏئي. سندس ڀيڻ پهريائين ته کيس خوب چڱو مٺو چيو پر پوءِ آخر ٻارن جي لاءِ ڪجهه رپيه اڌارا ڏنائين. مون جڏهن هي ٻڌو ته کيس پنهنجا سمورا گڏ ڪيل پئسا موڪلي ڏنم.

ڪيترا سال گذري ويا. هڪ ڏينهن چٺي آئي. ”مون تي ۽ عائشه تي مقدمو داخل ٿيو آهي. اسين نوابشاهه وڃون ٿا، گهر اڪيلو آهي ۽ ٻار ٻچا بکيا، ٿي سگهيئي ته اُنهن جي مدد ڪر.“

مون سڀ ڪجهه سنڀاليو ۽ گهر پهتس. ڳوٺ وارن، ننڍي وڏي، سان مليس ۽ خوب رفنو. گهر اُجڙ ٿي ويو هو. ڇوڪرين جي شڪل بدلجي ويئي هئي. جوان ته ٿيون هيون پر مان سچ ٿي چوان، سندن منهن ۾ گهنج پئجي ويا هئا. مان کين سڃاڻي به ڪونه ٿي سگهيس. ننڍيءَ ڇوڪريءَ ٻڌايو: ”مان رات ڏينهن سڙڪ تي ويٺي روئندي هيس، تون ڪيڏانهن وئي هئين امان!“

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ چٺي آئي، ”مقدمه خارج ٿي ويو. عائشه گهر ڇڏي وئي آهي. ٻار تنگ آهن، کين پاڻ وٽ گهراءِ. مون وٽ ڪجهه به نه آهي. جيڪڏهن چوين ته مان به اچان نه ته هتي پيو رهان.“

مون خط لکي کين گهرائي ورتو. آخر اِهي به هن جا ئي ٻچا آهن ۽ هڪ ئي خون جي پيدائش! پر هن جو اصرار ته مون کي گهر ۾ اچڻ ڏي، مون نه مڃيو. هن لکيو ”مان ٻن ڏينهن لاءِ ٻارن کي ڏسڻ لاءِ اچان ٿو.“

هو آيو پر مان ساڻس سڌو منهن  ڏئي نٿي ڳالهايو. ڳالهايان به ڇو؟ آخر هن مون سان ڪيو ڇا هو! هن چيو ”حليما هڪ دفعي مون کي موقعو ڏي ته مان پنهنجي گناهه جو بدلو ڏئي ڪجهه بار هلڪو  ڪيان.“ مان بگڙي ويس ”اُهو وقت ٻيو هو ۽ مان هينئر اُها نه رهي آهيان.“ اُنهن ڏينهن ۾ کيس بخار هو. ننڍي ڇوڪري ٻڌايو ته هو بخار ۾ پيو آهي. مون کيس کاڌي لاءِ چيو پر هن انڪار ڪيو. هو سمورو وقت ڪمري کان ٻاهر نه نڪتو. مان هن کان حال پڇڻ به نه ويس. آخر ٽئين ڏينهن وڏي ڇوڪري ٻڌايو ته هو وڃي ٿو ۽ بسترو ٻڌو اٿائين. پر سندس جسم بخار ۾ ٻريو ٿي. مون چيو ته هن کي جيئن وڻي تيئن ڪري، مان ڇو پنهنجي طبيعت کي خراب ڪيان. پر منهنجي دل ڏڪي ضرور ٿي. هن جو آخر ڪير ڪندو! عائشه به هلي وئي. منهن ۾ گهنج وجهي چيم ”بخار گهٽ ٿيو ته پوءِ وڃجو.“

هن پنهنجون وڏيون وڏيون لعل اکين جي پٿر جي ڪوئلي جيان ڀري رهيو هيون کنيو ۽ چيو ”حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو! الائجي بچان يا نه، تو منهن جي ڪافي خدمت ڪئي آهي. هينئر اجازت ڏي.“

ڳوٺ ۾ ٽپاليءَ جي اچڻ وقت چڱو چهچٽو ٿئي ٿو. مان اڱڻ ۾ بيٺي هيس ته ٻار ٻاهر رڙيون ڪري چوڻ لڳا ”ٽپالي ٽپالي.“ جهٽ گذري ته هڪ خط ڪريم جي نالي آيو. منهنجي دل ۾ ڌڪ ڌڪ پيدا ٿي. ڪريم کان رڙ نڪري وئي. ”ابا“ مون ڊوڙي کيس کڻي ورتو ۽ پڇيو ”ڇو؟“ هن خط پڙهيو ”ڪالهه شام جو هو مري ويو.“ گهر ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ان کانپوءِ مان بيمار ٿي پيس. ٻن هفتن کانپوءِ خوش ٿيس. قرض خواهن جي ڌم مچي ويئي. گرويءَ جي رپورٽ ڪيائون. مگر ڳوٺ وارن ڪنهن نه ڪنهن طرح ڇهن مهينن لاءِ کين ترسايو. هينئر ڇهن مهينن کانپوءِ اُها رقم ڏيڻي آهي.

هن هڪ اُڀو ۽ ڊگهو ساهه ڀريو. مون ڏٺو ته هنجي اکين ۾ هلڪي چمڪ هئي ۽ ڇپن تي مرڪ هئي. مان اُن کي سمجهي نه سگهيس. هوءَ چوندي ويئي ”ڪالهه رات کيس سپني ۾ ڏٺو اٿم. مان روئندي وڃي ساڻس گڏيس ۽ چيم ”مون کي هت ڇو اڪيلو ڇڏيو اٿئي؟ مان به مري ته نٿي سگهان!“ هن منهنجي ٻنهي ڳلن کي هٿن ۾ وٺي چيو ته ”تو ته مونکي طلاق ڏني هئي.“

هن جواب ڏ نو ”تون منهنجي زال آهين. منهنجي ٻچن جي رکوال. ڪجهه عرصي کانپوءِ توسان ملندس. پوءِ ڪڏهن به جدا نه ٿينداسين“ هينئر منهنجي دل ۾ امنگ اٿي رهيا آهن، ساڻس ملڻ جا اُمنگ! مون پڇيو ”توکي پنهنجي خاوند سان محبت هئي ۽ هينئر به آهي؟“ ”نه“ هن پنهنجي بدن کي لوڏيندي چيو “منهنجي ڪومل چهري ڏانهن ڏس ۽ منهنجي اکين جي طرف. هينئر منهنجي محبت ڪرڻ جي عمر آهي؟“ مون هن جي هٿ کي ورتو ۽ چيم ”تنهنجي اکين ۾ محبت ڪي شرارت آهي ۽ تنهنجي منهن تي هڪ نئي ڪنوار جيان امنگ آهن.“ هن شرم وچان پنهنجو منهن ڇپائي ڇڏيو ۽ آهسته چيائين ”اهو ان ڪري آهي جو اسان جو ميلاپ دير سان ٿيو آهي ۽ اُن ميلاپ جي خوشيءَ کي وساري نه سگهي آهيان.“

منهنجي دل تڙپي اُٿي ۽ اچانڪ کيس نااميديءَ جي غبار ڍڪي ڇڏيو. هن حيران ٿي منهنجي لٿل منهن طرف ڏٺو. هن کي شايد منهنجي دل جي ڪيفيت معلوم ٿي ويئي هئي. آهسته آهسته هن منهنجي مٿي تي هٿ ڦيرڻ شروع ڪيو ۽ مان وهاڻي ۾ منهن ڇپائي پنهنجن ڳوڙهن ۾ ناُميدي جا سپنا ڏسڻ لڳيس.


 

 

شهناز

 

شهناز نهايت ئي معصوم ۽ خاموش طبع ڇوڪري هئي. جنهن جي خوبصورتيءَ ۾ عجيب سادگي ڀريل هئي. هن جون نيريون اکيون ائين ڏسڻ ۾ اينديون هيون ڄڻ ڪنهن عميق سمنڊ جو رنگ منجهن ڀري ڇڏيو آهي. نيڻ کڻي نهاريندي هئي ته ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ ملهار ڀرجي آيو آهي. هن جي بي انتها خاموشي سندس پيءُ کي به وقتي خيال ۾ وجهي ڇڏيندي هئي ۽ هو ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويندو هو.

ناتال جا ڏينهن هئا. شهناز جو پيءُ موڪل تي گهر آيو هو. گهر ۾ نهايت ئي ٻهه ٻهه هئي- دوستن دڙن، مٽن مائٽن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. سڄو ڏينهن انهيءَ مشغوليت ۾ گذرندو هو. سڀ خوش هئا. سڀني جي چهرن تي جهيڻي جهيڻي مرڪ هئي، پر شهناز! شهناز اداس هئي ڄڻ ازل کان اداسي پاند پئي هيس.

هڪ ڏينهن شهناز جي پيءُ جو هڪ دوست سندس پيءُ سان ملڻ آيو.  در کڙڪايائين ته شهناز سڏ ڏيڻ آئي. ”پٽ! تنهنجو پيءُ آهي؟“ هن شهناز کان پڇيو. ”بابا ٻاهر نڪري ويو آهي. ڄاڻ آيو، توهان تيسين اوطاق ۾ ويهو“، شهناز وراڻي ۽ مهمان کي اوطاق کولي وهاريائين. وقت کي نبيرڻ لاءِ مهمان شهناز سان ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لڳي ويو. ”ها، ٻڌاءِ ڪڪي! تون ڇا پڙهندي آهين؟“ هن شهناز کان پڇيو. ”مان سڪول ڪين ويندي آهيان“. شهناز وراڻي. ”ڇو؟،“ مهمان تعجب مان پڇيو. ”امان چوندي آهي ته ڀاءُ کي گهماءِ، ٻيو گهر جو ڪم ڪر،“ شهناز چوندي چوندي ٿورو رڪجي وئي ۽ پوءِ هوءَ ٻاهر هلي وئي. مهمان هن جي ائين ماٺ ٿي وڃڻ تي حيران ٿي ويو. ڪيتري دير هو هن معصوم ڇوڪريءَ بابت ويچاريندو رهيو ۽ پوءِ جڏهن شهناز جو پيءُ پيهي آيو ته ڳالهين ڳالهين ۾ هن کان پڇيائين ”ادا! تون پنهنجي نياڻيءَ کي اسڪول نه موڪليندو آهين ڇا؟“ مهمان جي انهيءَ جملي ڄڻ شهناز جي پيءُ جو جيءُ جهوري وڌو. هو ڪجهه وقت خاموش رهيو ۽ پوءِ نهايت ئي ڌيمي آواز ۾ چيائين: ”دوست! ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين؟ شهناز جي ماءُ کي گذارئي ٻه سال ٿيا. ٽي ننڍڙا گل ڇڏي هلي ويئي. منهنجي نوڪريءَ جي توکي خبر آهي، ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي. ننڍڙن ٻارن کي گرمي سرديءَ ۾ ڪٿي رلائيندو وتان ها. گهر ۾ اها پهر ڪانه هئي جو کڻي منهنجي ٻچن جي سنڀال ڪري. اهي حالتون ساري، شادي ڪيم ته جيئن ننڍا ٻار پنهنجي ماءُ جي غم کي به وسارن ۽ سندن نظرداري به برابر ٿئي. مونکي پڻ شهناز جي اونهي خاموشي وقتي بي چين ڪري ڇڏيندي آهي. آءٌ سمجهي نه سگهيو آهيان ته هوءَ ائين خاموش ڇو ٿي رهي“.

مهمان ڳالهيون ٻولهيون ڪري موٽي ويو ۽ شهناز جو پيءُ گهر پيهي آيو. ٻارن سان پاڻ وندرائيندي هن شهناز کان پڇيو: ”تو گهڻا سبق پڙهيا آهن؟“ بابا! مان اسڪول نه ويندي آهيان، شهناز وراڻي. هن چئي مس پورو ڪيو هو ته ماڻس جوش ۾ اچي وئي. ”رن! اها به چغلي پنهنجي پيءُ کي هنيئيءَ. ڀلا ڇنال جي ڌيءُ ڇنال نه ٿيندي ته ٻيو ڇا! مونکي ڪا پڻهين جي غرض آهي؟ مان پنهنجي گهر جي ڪمن مان واندي ٿيان ته پوءِ ويٺي تنهنجي نڀاڳن ڀائرن جي خدمت ڪيان.“ چئي، هوءَ سونڊ ماري، اندر ڪوٺيءَ ۾ برقعو کڻڻ ويئي. شهناز جي پيءُ جڏهن ڏٺو ته ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي پيو آهي ته فورن ٻاهريون دروازو ڏئي اچي زال کي سمجهائڻ ويٺو. ”ٻار جي چوڻ جو ايترو دل ۾ ڪبو آهي ڇا؟ آخر تون پنهنجي اولاد واري ٿيندينءَ. هي به تنهنجا ٻچا آهن. تنهنجي آسري، الله جي آسري ڇڏي وڃان ٿو“. شهناز جو پيءُ ڪيتري دير آزي نيازي ڪندو رهيو ۽ مس مس ڪري زال کي مڃايائين.

ناتال جي موڪل پوري ٿيڻ ۾ باقي ٿورا ڏينهن هئا. شهناز جو پيءُ دل ۾ ويچاري رهيو هو ته ڪيئن هن مسئلي کي منهن ڏئي. جي شهناز کي وٺي پئي ويو ته ڊپ ٿي ٿيس ته متان ٻين ٻارن جي پالنا پوري طرح نه ٿئي ۽ زالس به ڪاوڙ وچان گهر ڇڏي هلي وڃي ۽ جي شهناز کي ڇڏي ٿي ويو ته ڳڻتي هيس ته الائجي ويچاري شهناز سان ڪهڙي ويڌن ٿئي. سوچيندي سوچندي ناتال جون موڪلون ختم ٿي ويون ۽ هو ٻارن ٻچن کان موڪلائي روانو ٿيو. هن دل جو دل ۾ محسوس ڪيو ته شهناز جي خاموشي ۽ سندس چهري  تي ڇانيل ملهار سنئين اداسي رڳو انهيءَ ڪري هئي جو هوءَ ماءُ جي ممتا کان محروم هئي.

ڏينهن گذرندا ويا پر شهناز جي زندگيءَ ۾ ڦيرو ڪين آيو. هر ڏينهن هن لاءِ نون غمن جو ثمر آڻيندو هو. هوءَ پنهنجي ماٽيجي ماءُ جي پاڇي کان به ڊڄندي هئي. هن جي زندگي موت ۽ زندگي جي ڪشمڪش ۾ هوندي هئي. سندس وقتي مرڪ ۾ به غم جا درياهه جهلڪون ڏيندا هئا. هن جي ڪچڙي جواني ۽ معصوم حسن سهائي وقت جا منتظر هئا. جيئن ڪوسي واءُ لڳڻ ڪري ڪا مکڙي لهڪائجي وڃي تيئن هوءَ پڻ لهڪايل هئي.

هڪ ڏينهن شهناز جو ڀاءُ دهلن جو آواز ٻڌي گهر کان ٻاهر نڪري ويو. اتي گهڻي گوڙ گمسان ۾ ڇوڪر ڪنهن چيڀٽ ۾ اچي ويو. شهناز ڳپل مهل پئجي وڃڻ تي ڀاءُ کي ساريو. ڏاڍي پريشان ٿي پر ڪري ڇا ٿي سگهي! گهڻي وقت کان پوءِ ڇوڪر اندر آيو ته بيهوشيءَ جي حالت ۾ اچي کيس پٽ تي ليٽايائون. شهناز هن جي حالت ڏسي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. رکي رکي ٿي سڏڪا ڀريائين. روئي روئي ٿڪي ته تپ محسوس ڪيائين ۽ وڃي اندر بستري ۾ ليٽي. هوءَ ليٽي مس ته ماٽيجي ماڻس ڇينڀڻ شروع ڪيو. ”هان، ڀاءُ بيمار آهي. ته ان جو ڪو خيال ناهي ۽ پاڻ صاحبزادي ٿي ليٽي آهين. بيشرم! بيحياءُ، ڀائرن جو ڪو خيال نه، پوءِ به پيءُ کي چغليون هڻڻ لاءِ ڏاڍي“. شهناز اهو سڀ برداشت نه ڪري، هنڌ مان اٿي ڪم ڪار کي لڳي ويئي. بخار آهستي آهستي وڌي رهيو هو پر شهناز ماٽيجي ماءُ جي ڊپ کان ليٽي نه پئي سگهي. رات لڙئي تائين هوءَ ڳهندي رهي ۽ پوءِ دير دير سان وڃي سمهي. هوءَ سمهڻ لاءِ هنڌ ۾ ليٽي ته ننڍڙو ڀاڻس جاڳي پيو. ڀيڻ ڏانهن منهن ڪري هن چيو: ”ادي.... مان دهل ڏتڻ (ڏسڻ) ويو هوس.” شهناز پيار مان ڀاءُ جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ پوءِ جهيڻي آواز ۾ چيائين ”ها، منو! تون ستت چاڪ ٿيندين“.

سڄي رات شهناز بخار جي آڙاهه ۾ پچندي ۽ لڇندي رهي. رکي رکي، هن جي چنگهه جي آواز تي ننڍڙو ڀاڻس جاڳي ٿي پيو ۽ شهناز کي ڌونڌاڙي سڏ ٿي ڪيائين ”ادي.... ادي تو ٿي ٿا (توکي ڇا) ٿيو آ“، هن پنهنجي معصوم ٻاراڻي لوءَ ۾ پڇي ٿي ورتو.

پر شهناز پنهنجي حال کان بيحال هئي. هن کي ڀاءُ جي ڳالهائڻ، سڏڻ جي ڪل ئي ڪانه ٿي پيئي. سڄي رات بخار ۾ جهڄندي رهي. صبح ٿيو، پر روز جيان شهناز ٺيڪ هجي ته اٿي ٿانوَ ڌوئي! سندس ماٽيجي ماءُ اٿي ته ڏٺائين  شهناز اڃان ڪانه اٿي هئي. هن اٿڻ سان ئي ڀنڊڻ وجهڻ شرو ڪيو. ”اهي مڪر گهڻا ڏينهن ڪندينءَ؟ مان پڻهين جي نوڪرياڻي ويٺي آهيان جو ٿانوَ مليندي وتان؟“ هوءَ رڙيون ڪري چوڻ لڳي. شهناز جي اکين مان نير وهي هليا. هوءَ وڦلي رهي هئي ۽ چئي رهي هئي ”امان...... امان، مان تو وٽ اچان. امان.......“.

شهناز کي تپ تمام گهڻو هو. منجهند ٿي ته هن جي پيءُ کي تار ڪري گهرايو ويو. ڌيءَ جي حالت ڏسي هو به روئڻ لڳو. پيءُ جو آواز ٻڌي شهناز اکيون کولي پيءُ ڏانهن نهاريو ۽ چوڻ لڳي: ”بابا امان آئي آهي. بابا! امان چوي ٿي هل........ بابا!...... امان..... بابا امان چويٿي......“ شهناز جو پيءُ ڪجهه به نه سمجهي سگهيو. “پٽ! شهناز! ڇا ٿي چوين؟ پٽ! شهناز!” هو شهناز جي ڪن وٽ ڀڻڪي رهيو هو. ”بابا...... امان.......“ چوندي شهناز جي اکين تي کيپ چڙهي ويا- دائمي کيپ. هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون- هميشھ لاءِ ۽ هن جو پيءُ هن جي سيرانديءَ کان روئي رهيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org