آئون پنھنجي سوچ ۾ گم ھيس، جو ھن خاتون چيو،
”بابا، اچو ته توھان کي اسحاق جي قبر تي وٺي
ھلان.“ پوءِ ھو ڪيترين قبرن کي ڏسندي ھلي ھڪ قبر
وٽ پھتي، جيڪا روشن جي ور اسحاق جي ھئي. اسحاق جي
قبر تي به ڪتبو لڳل ھو. پر سندس قبر تي گاھه ڦٽي
آيو ھو، جنھن ۾ قبر جو ڪتبو لڪي ويو ھو. منھنجي پٽ
حسن، گاھه پري ڪيو ته ڪتبي تي لکيل ھو، ”اسحاق ولد
محمد يعقوب، بي. اي. ايل. ايل. بي 17 جون 1963ع،
1383 ھجري!!“
آئون فاتح پڙھڻ بعد، سوچڻ لڳس ته روشن جي وفات کان
اٺن سالن بعد ساڳئي جون جي مھيني ۾ اسحاق به ھن
دنيا کي الوداع ڪيو. اھو ساڳيو جون جو مھينو، جنھن
۾ روشن گذاري وئي ھئي.
روشن ۽ اسحاق وارن جو اصلوڪو فليٽ ته ڊھي اتي نئين
عمارت ٺھي ويئي آھي. انھيءَ عمارت جي ڀر ۾ ھڪ
پراڻي پٿر جي ڊٺل عمارت اڃا بيٺي آھي، ھوءَ خاتون
ٻڌائي ٿي، ”روشن ۽ اسحاق جي فليٽ واري عمارت به ھن
پٿر جي بلڊنگ جھڙي ھئي.“ روشن جي فليٽ ھيٺان بيھي
مون کي ياد ٿو اچي ته شيخ اياز سال 1955ع ۾ روشن
جي وفات کان پوءِ کوجن جي مقام ۾ اڌ رات جو ھُن جي
قبر تي ويو ھو. ان اتان موٽندي شيخ حفيظ سان گڏ
اياز ھن فليٽ جي ھيٺان لنگهيو ھو. آڌيءَ رات جي
مھل اياز ڪنڌ کڻي ھن فليٽ ڏانھن ڏٺو ھو ته اوچتو
کيس فارسيءَ جو ھي شعر ياد اچي ويو ھو:
حيف در چشم
زدن
صحبت يار آخر شد
روئ گل سير نہ
ديديم بھار آخر شد
(افسوس ته اک ڇنڀ ۾ يار جي مُحبت ختم ٿي ويئي،
ڀرپور دل سان گل جو گُل جو منھن به نه ڏسي سگهيس!)
۽ ٻيو ڀيرو سال 1968ع جي نومبر مھيني ۾، جڏھن شيخ
اياز ھائيڪورٽ مان ضمانت لاءِ ڪراچي آيو ھو. ان
وقت ھو رشيد ڀٽيءَ سان گڏ لياريءَ جي ھوٽل المدينا
۾ اچي ترسيو ھو، جيڪا ھوٽل نثار ميمڻ جي ھئي. اياز
7 نومبر 1968ع تي رات جو رشيد ڀٽيءَ سان ڪامريڊ
پوھوءَ جي گهر وڃڻ لاءِ روشن جي فليٽ جي ھيٺان
لنگهيو ھو ته فليٽ کي ڏسي کيس روشن جي ياد آئي
ھئي.
منھنجي پوئتي کوجا جماعت خانو آھي ۽ روڊ خالي خالي
چون ٿا، پراڻي بلڊنگ کي لوھه جو گيٽ ڏنل ھو. ۽
ھوءَ انھيءَ لوھي گيٽ مان لنگهي روزانو پنھنجي مڙس
اسحاق جي ڪيڊ لڪ موٽر ۾ چڙھي آفيس ويندي ھئي ۽ شام
جو ايس ايم لا ڪاليج جا ڪلاس وڃي اٽينڊ ڪندي
ھئي... سچ پچ ته حال جڏھن ماضي ٿو بنجي پوي اھو
نوسٽيلجا جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويندو آھي، ۽ ھلندي
ھلندي خبر نٿي پوي ته وقت اسان کي ڪيترو نه پوئتي
ٿو اڇلائي ڇڏي. يا اسين اتي ئي بيٺل رھون ٿا ۽ وقت
تيز ڊڪون پائيندو پنھنجا ڪجهه نشان پوئتي ڇڏيندو
اڳتي روان ۽ دوان ٿيو وڃي، پر ماضيءَ جا پاڇا ۽
نشان، ماڻهوءَ جي پوئتي ڊڪندا ٿا اچن ۽ پوءِ مون
کي ياد ٿو اچي اردو مشھور شاعر گلزار جو ھڪ نظم:
نالو گم ٿي ويندو/ چھرو بدلجي ويندو،
منھنجو آواز ئي سڃاڻپ آ/ جيڪڏھن ياد رھي،
جيڪا گذري ويئي/ ڪالهه جي ڳالهه ھئي.
عُمر ته نه پر/ ھڪ رات ھئي،
ڏينھن لڙي/ جتي رات ويجهي ھجي.
زندگيءَ جي لاٽ مٿي ڪري ھل،
ياد اچي جيڪڏھن / من اُداس ھجي،
منھنجو آواز ئي سڃاڻپ آ، جيڪر ياد ھجي!
آئون فليٽ کي ڏسان ٿو، جنھن ۾ روشن اوچتو بيمار ٿي
پئي ھئي. ھوءَ ھڪ مھينو اڳ اپريل 1955ع ۾ سري لنڪا
کان موٽي ھئي. ھوءَ سريلنڪا جنھن کي ان وقت سيلون
چوندا ھئا، جو دورو ڪري آئي ھئي. سريلنڪا ۾ ڪولمبو
کيس ڏاڍو وڻيو ھو. سريلنڪا ۾ ھوءَ شاگردن جي ھڪ
وفد سان گڏ ويئي ھئي، جو کيس الائي ڇو سيلون ڏسڻ
جو ڏاڍو شوق ھو. ڪولمبو ۾ ھوءَ اتان جي ڪھڙي ھوٽل
۾ رھي ته ان بابت ڪا ڄاڻ ڪونھي. البت جيئن ڪولمبو
مان واپس آئي ته اچي پنھنجي آتم ڪھاڻي لکيائين.
اھا آتم ڪھاڻي لکي مس پوري ڪيائين ته ان وچ ۾ سندس
طبيعت خراب ٿيڻ شروع ٿي. اپريل 1955ع ۾ رمضان جو
مھينو شروع ٿيو ته ڄڻ سندس بيماري وڌڻ لڳي. رمضان
جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ يعني 21 مئي 1955ع تي کيس سول
اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو، اسپتال ۾ ھن 5 ڏينھن
ڏاڍي تڪليف ۾ گذاريا. 24 مئي 1955ع ۾ تي رمضان جي
عيد جو ڏينھن ھو، ۽ روشن اسپتال داخل ھئي. سمورو
شھر عيد جي خوشين ۾ مشغول ھو پر سنڌ جي ھي ذھين ۽
خوبصورت ليکڪا، سول اسپتال ڪراچي جي پرائيويٽ وارڊ
جي ھڪ روم ۾ اکيون بند ڪري خبر ناھي ڇا سوچي رھي
ھئي. عيد جي ٻئي ڏينھن، 25 مئي 1955ع تي اربعا جو
ڏينھن ھو. سمورو شھر ڪراچي، عيد جون خوشيون ملھائي
رھيو ھو. اسپتال جي ٻاھران ڪنھن ڪنھن مھل ڪا
وڪٽوريا گاڏي لنگهي ٿي ته گهوڙي جي ٽاپن جو آواز
پريان کان ٿي آيو. سانجهي ٿي ته روشن جي طبيعت
وڌيڪ خراب ٿي پئي. اکيون سندس ٻوٽيل ھيون. سندس
ڳچيءَ ۾ ھن جي ماءُ جيڪي کيس ڪارا ڌاڳا ۽ دعا جا
ڳانا پاتا ھئا، انھن ڳانن جي چمڪ، روم جي بلب جي
روشني ۾ چمڪي رھيا ھئا. رات جا 11 ٿيا، ٻاھر ڪتن
جي ڀونڪڻ جو آواز اسپتال جي ٻاھران پئي آيا ته ان
وقت روشن جو ساھه سندس بت کي ڇڏي آسمان ڏانھن
پرواز ڪري ٿو. ان مھل روشن جي امڙ جي اکين ۾ لڙڪ
لھي آيا. روشن جيڪي حياتيءَ لاءِ انيڪ سپنا ڏٺا
ھئا، انھن نيڻن ۾ سدائين ڪي نه ڪي سپنا ستارن
وانگر ائين پيا چمڪندا ھئا، جيئن ڪنھن اماوس جي
راتين ۾ ستارا جڳمڳ ڪيو پيا ٽم ٽم ڪندا آھن. جيڪا
چوندي ھئي ته ”دنيا کي بدلائڻ لاءِ ويڙھه ضروري
آھي.“ ان تي حفيظ شيخ جيڪو پاڻ ھڪ مارڪسٽ ھو، چئي
ڏنو ھوس، ”ته پوءِ تون ڪميونسٽ ڇو نٿي ٿي وڃين؟“
ھن ڏاڍو بولڊ جواب ڏنو ھو، ”مون ۾ ايتري طاقت
ڪونھي، آئون ڪمزور آھيان، نه ته ضرور ڪميونسٽ
بنجان ھا.“
شيخ اياز لکيو آھي ته: ”ھوءَ جا ھاڻ خواب عدم ۾
آھي، پر ھُن جي زندگيءَ جو، جنھن جو وجود سراپا
موسيقي جو ساز اوچتو ٽُٽي پيو ۽ جيڪي نغما انھن
تارُن ۾ سمايل ھا، سي اُڀري ھميشه لاءِ ختم ٿي
ويا.“
*****
ھن جا آواز ھوائن ۾ رھجي ويا. ضرور ھن فليٽ جي در
و ديوار ۾ ڪٿي سمايل ھوندا ۽ روشن پنھنجي ڪنھن نظم
۾ چيو ھو:
ھي خواب زندگي آ،
لحظي جو ھڪ لقاءُ آ،
انسان بي بقا آ.
واقعي سچ لکيو ھئائين. چنڊ ۽ تارن کي پاڻ سان گڏ
کڻي پنھنجي ڪائي دنيا ٺاھڻ جي خواھش رکندي ۽ دنيا
ساري خواب جي ڳالهه چئي، ھوءَ مورڳو ھن جھان کي
الوداع ڪري ويئي.
*****
مون گيت چيا ھئا ڪوئل ٿي،
ڪالهه ڪسِو ڦل جي ٽارين جا.
(اياز)
ڪيسو ڦل جا وڻ به شڪارپور جي شاھي باغ ۾ ھوندا
ھئا، اياز ٻڌايو ھو: ”ڪيسو ڦل جي وڻ تي ٻارھوڻي،
ڪيسو ڦل جا گل ٽڙ يا بيٺا ھوندا ھئا. اھي پھرئين
ننڍا ھوندا آھن، پوءِ ڪنول جي گلن جيڏا ٿي ويندا
آھن ۽ انھن جو رنگ تبديل ٿي ڳاڙھو ٿي پوندو آھي.
ڪجهه خواب ڇُپائي رک،
ٻي رات به اچڻي آ،
اُن لاءِ بچائي رک،
ڪُجهه خواب ڇپائي رک.
(اياز)
رات آڌيءَ کان به مٿي لڙي چڪي آھي. سنڌ جي خواب،
پريشان شھر شڪارپور جنھن جي گهٽين ۾ رھجي ويون
ھيون. ڪي ساروڻيون. اُن شھر کي الوداع پيا چئون.
دنيا ھڪ گذر گاهه. ھر ماڻهو عازم سفر، جيڪو ويو
اھو نه وريو. ان تي ويچار ڪرڻ اجايو ۽ محبت، وفا،
يادگيري، ڪلپنا، رابطو، عشق وحشت تمام شد. ”سنڌ جو
روشن ستارو ٿيو غروب... 1347 ھجري.“ عبدالعلي
قلباڻي.... روشن جي وفات جي تاريخ لکي ھئي، روشن
جي قبر ڪراچي ۾ خواجن جي قبرستان ۾.... ۽ عبدالعلي
قلباڻي ڀٽ شاھه ۾ شاھه لطيف جي اڱڻ ۾ سُتل. سڀ
ڪجهه فنا، بيرحم دستبرد. بي رحم زمان ۽ مقا وقت جي
تيز وھڪري کان نه ڪوئي بچي سگهيو. ھڪ انسان حساس
دل. سونھن ۽ سندرتا جو عاشق، ننڍپڻ جواني پيري ۾
ڏٺل ڪيترا چنڊ سڀ ٿي ويا غروب. ۽ شيخ اياز اڪيلو
ڀٽ شاھه ۾ ڪرار ڍنڍ جي ڪناري کليل آسمان ھيٺان
آرامي. ڌنڌ وڃي ٿو وڌندو، وقت وڃي ٿو لڙندو ۽ آئون
اڪيلو. دستبسته آڏو شڪارپور، ڪري رھيو آھيان ڪائي
ڳولا. رات پورنماس جي. ھڪ رات اڌ صدي اڳ مٿي کُڏ
تي اياز ۽ روشن ويٺل. آڪاس تي ھن ئي چنڊ پنھنجي
چانڊاڻ پکيڙي ھوندي. چنڊ آڪاس ۽ شھر شڪارپور ساڳيا
پر اھي ماڻھو گم، چنڊ ائين ئي آڪاس تان لھي روشن
جي نيڻن ۾ لھي آيو ھو ۽ اياز سپنن ۾ کوئجي ويو ھو.
*****
اسان جي کاٻي پاسي چوڏھين جو چنڊ به اسان جي ڪار
سان گڏ ڊوڙي رھيو ھو. شڪارپور جو ٻن ڏينھن جو
دورو، ھاڻ ڄڻ ھڪ خواب پئي لڳو، ائين پئي محسوس
ٿيو، ڄڻ آئون ڪنھن شھر خواب مان ٻاھر نڪري رھيو
آھيان. منھنجي پويان خاموش شھر شڪارپور جا رستا ۽
آئون اڪيلو، پريان شڪارپور ريلوي اسٽيشن جي پٽڙيءَ
تان آڌي رات جو ويندڙ ريل گاڏي جي ڪُوڪ ۽ پويان
رھجي ويا سمورا ماضي جا ورق، دردناڪ ريل جي ڪُوڪ
جھڙي آواز ۾ کوئجي ويا. ۽ آئون سوچي رھيو آھيان ته
ھن شھر ۾ ڪنھن کي ڳولڻ نڪتو ھوس. (شڪارپور جي
اُداس ڳلين ۾ ڪنھن ڌوڙ ڌئي وانگر خاڪ ڇاڻي، شاعر
شيخ اياز ۽ ھن جي پرينءَ روشن آرا مغل جون محبتون
ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھوس.) پر:
در شھر بکی
کس را ھشيارنيم بينم
ھريک بتراز شوريد و ديوانہ
(رومي)
(ھن شھر ۾ ھُن جھڙو ھڪڙو ديوانو نه ڳولي سگهيس!)
واقعي صحيح آھي. ڪھڙيون ۽ ڪنھن جون يادگيريون ٿو،
ماڻهو ھِن شھر جي ديومالائي در ديوارن، ماڙين ۽
عمارتن مان ڳولي سگهي؟ ڇاڪاڻ ته يادگيريون ڪنھن
وڏي گرڙ پکي جي پرن جهڙيون آھن ھونديون، جنھن جي
اڏام ڏاڍي تکي ٿيندي آھي. آئون پوئتي نھاريان ٿو،
سچ پچ ته شڪارپور ۾ به سنڌ وانگر ڪوئي سحر آھي،
جيڪو جادو لائي وڃي ٿو جيءَ ۾. ڪوئي طلسم آھي، خبر
نه آھي ڪھڙو عشق آھي جيڪو ماڻهو کي پيو پاڻ ڏانھن
سدائين ڇڪيندو وڃي، ۽ اھا لاشعوري ڇڪ ڪھڙي آھي، ڇو
آھي، ڇا آھي، ته اھو سڀ ڪجهه ته اھا ڳالهه بنهه
سمجهه ۾ نه ايندو. تڏھن ته اياز لکيو ھو ته ”عشق
موت ۽ خدا ٽي اھڙا اسرار آھن، جيڪي ھن وقت تائين
نه ڪنھن ڄاتا آھن، ۽ نه ڄاڻي سگهندو.“
آئون خوابديده شڪارپور شھر پوئتي ڇڏيندو پئي آيس،
چئني پاسن کان تيز ھوا جا جهوٽا ھلي رھيا آھن. رات
آڌيءَ کان به مٿي لڙي چُڪي ھئي. چؤپاسي چوڏھينءَ
جي پراسرار چانڊوڪي ڇانيل. مٿي شڪارپور شھر جي
آڪاس تي چنڊ اسان کي اداسي وچان نھاري رھيو آھي.
مون مٿي چنڊ ڏي ڏٺو، لڳو ته، ”شڪارپور شھر جي
آسمان تي بيٺل چوڏھينءَ جو چنڊ به ڄڻ ڪٿي وڃي سمھي
پيو ھو، شڪارپور شھر جي ماضيءَ ۽ تقدير وانگر.“
۽ فارسيءَ جي شاعر حافظ چيو ھو،
”ساغر ۾ شراب اوتي، آسمان جي ڇت ڦاڙي ڪا نئين دنيا
ٺاھيون.“
ڪراچي، 12 جون 2019ع
مدد
علي سنڌي
چاندني
رات ۾ سُمهي پيا گيت
شيخ اياز
ريشم! ايڏو موت مٺو آ؟
ريشم! ايڏو موت مٺو آ؟
ان جا سپنا نيارا آهن؟
هر سپني کان پيارا آهن؟
سمنڊ جيان بي انت ته ناهي!
ڪاري رات ڪنارا آهن؟
جن تي يار ڦرن ڇا اهڙا
چانڊوڪيءَ جا چارا آهن؟
جڳ سارو جهرمر جهرمر
تنهنجي سنگ ستارا آهن؟
تون، مان، ڇانو گلن جي- توکي
سَر تي ڪي سانڀارا آهن؟
يا هِن جڳ ۽ هُن جڳ وچ ۾
ويسر جا وسڪارا آهن؟
تو وٽ ننڊ ابد جي آهي،
يا جاڳين ٿي، ڏينهن ڏٺو آ؟
روشني! روشني! ڪٿي آهين؟
موت آ حُسن تي به پاتي جيت.
چاندني رات ۾ سُمهي پيا گيت،
ڪنهن نه ڄاتو ته تون مرين ويندينءَ.
چنڊ سان سِير ۾ تَري ويندينءَ،
نُور جي جلپري ڪٿي آهين؟
شيخ اياز
واڪا
شبِ تاريڪ کان تاريڪ تر آ زندگي منهنجي،
ڪٿي آهين اڙي او روشني او روشني! منهنجي.
صدين کان روح آ ڀٽڪيو پئي تنهنجي تمنا ۾،
الائي ختم ٿيندي يا نه هي آوارگي منهنجي،
وري آيون گهٽائون جهومنديون آيون الهندي کان،
نئين سر آوري جاڳي پئي ديوانگي منهنجي،
وري ڪنهن شوخ جا مونکي نماڻان نيڻ ياد آيا،
وري ڪنهن ميڪده جي تاڙ ۾ آ تشنگي منهنجي،
سدائين لاله زارن ۾ ٽِڙي آ دلبري تنهنجي،
سدائين خار زارن تي، ٽِلي آ عاشقي منهنجي،
ائين ڇو دور ۽ مجبور آهيون گرچه ڄاڻون ٿا،
ته مان هان زندگي تنهنجي ۽ تون آن زندگي منهنجي،
سدا اک لڙڪ سان آلي، سدا منهن مرُڪ کان خالي،
وئي تون آهه يا آهي وئي ساري خوشي منهنجي،
سوين فانوس دنيا ۾ جلايا ويا وسايا ويا،
اهائي روشني منهنجي اهائي تيرگي منهنجي،
اڙي هي راز تي آ راز توکي ڪيئن سمجهايان،
خدا سان دوستي منهنجي خدا سان دشمني منهنجي،
اياز اڄ تيره بختيءَ ۾ رهي ٿي دور ڪيئن مونکان،
ڪڏهن نزديڪ هئي مونکان به مونکي روشني منهنجي.
شيخ اياز
صدين کان روح آ ڀٽڪيو
ڪريون گلن سان پريت نه سائين!
چئو گلن کي ميت نه سائين!
ڇو ته اهي مرجهائي ويندا،
ڪنڊن ۾ ڦاسائي ويندا.
ڪريو چنڊ سان پيار نه سائين!
چئو چنڊ کي يار نه سائين!
ڇو ته پکيئڙا اڏري اڏري،
نيٺ هوا ۾ ٿڪجي پوندا.
مون هن جھڙيون سهڻيون اکيون ڪٿي به نه ڏٺيون آهن؛
ڪوه ندا جي صدا جھڙيون اکيون، ”فنا في الوجود“
جھڙيون اکيون،
سرمد جي ڪلمي جھڙيون اکيون!
]شيخ
اياز[
شيخ اياز
اڙي هي راز تي آ راز ...!
روشن (ريشم) مون سان شڪارپور ڪاليج ۾ پڙهندي هئي ۽
منهنجو هن سان ايترو پيار هيو جو هوءَ جڏهن
ڪراچيءَ تعليم لاءِ هلي آئي هئي ته مون کي
تيستائين چين نه آيو هو جيستائين مون ورثي ۾ آيل
ڪجهه زمين وڪڻي، ڪراچيءَ ۾ تعليم لاءِ پئسا هٿ نه
ڪيا ها. ڪراچيءَ ۾ اسان روز کاري در کان ڪياماڙيءَ
تائين ويندا هئاسين. ڪڏهن نيٽِو جيٽيءَ جي ڀرسان
مندر وٽ ترسندا هئاسين ۽ هوءَ مندر وٽان اَکا وٺي
سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ مڇين کي اُڇليندي هئي ۽ مان ڏاڪڻ
تان لهي ٻيٽ تائين تري ويندو هوس. مون پنهنجي
زندگيءَ جو نهايت لا آبالي دؤر ريشم سان گذاريو
هو. هن کي ادب سان به دلچسپي هئي ۽ هن ڪجهه گيت
”هن دنيا جي ويراني ۾ منزل ملندي يا نه؟“ ۽ ”مکڙي
ڇا کان مرجهائي“ وغيره لکيا ها، جي مون هن کي درست
ڪري ڏنا ها ۽ جي عورتن جي رسالي ”ساٿي“ ۾ 1946ع ۾
ڇپيا ها. ’ساٿي‘ رسالو منهنجي دوست موهن پنجابيءَ
ڪڍيو هو ۽ منهنجي صلاح تي هن روشن کي اُن جي
ايڊيٽوريل بورڊ تي کنيو هو. (مان ڀانيان ٿو ته
سندري اُتمچنداڻي به ’ساٿيءَ‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ
تي هئي.) 1947ع ۾ جڏهن مون پنهنجي دوست لڇمڻ
راجپال جي مدد سان شڪارپور مان ”اڳتي قدم“ رسالو
ڪڍيو هو ته اُن ۾ مون روشن جو هڪ نظم ’او ساز
زندگيءَ جا!‘ شايع ڪيو هو. مان شڪارپور ۾ روز هن
جي گهر ويندو هوس ۽ ڪيئي ڪلاڪ هن سان گڏ گذاريندو
هوس. اوچتو اسان جي دوستي ٽُٽي وئي هئي ۽ 1947ع جي
آخر ۾ هن جي مرحوم محمد اسحاق کوجي سان شادي ٿي
هئي، جو به مٿي ذڪر ڪيل کاري در واري جاءِ ۾ رهندو
هو. هن جي شاديءَ کان پوءِ هن سرڪاري ملازمت ڪئي
هئي ۽ ڪراچيءَ ۾ اسڪولن جي انسپيڪٽريس هئي.
نوڪريءَ ۾ هئي ته هن کي ٻارنهن مهينا ڪنهن خاص
ڪورس لاءِ آمريڪا موڪليو ويو هو، جتي سانفرانسڪو ۽
نيويارڪ ۾ مون هن کي اهي خط لکيا ها جي پوءِ ’پنهل
کان پوءِ‘ جي نالي سان شايع ٿيا ها. آمريڪا مان
موٽي هوءَ ڪراچيءَ جي ادبي سنگت ۾ دلچسپي وٺندي
هئي ۽ مون کي شايد ربانيءَ ٻڌايو هو ته هڪ ڀيري
جنهن ڪمري ۾ ادبي سنگت جي ميٽنگ ٿيندي هئي، ڪنهن
شرارت ڪري علامه اقبال ۽ نذرالاسلام جي فوٽوءَ
ڀرسان منهنجو فوٽو ٽنگي ڇڏيو هو. هوءَ جيئن ڪمري ۾
گهڙي هئي، هن جي انهن فوٽن تي نظر پئي هئي ۽ هوءَ
ڪجهه سوچي ديوار ڏانهن وئي هئي ۽ منهنجو فوٽو
ڦيرائي اُبتو ڪري ڇڏيو هيائين. آمريڪا کان واپسيءَ
کان پوءِ هوءَ ڪجهه وقت ڪراچيءَ ۾ رهي هئي ۽ پوءِ
سريلنڪا وئي هئي ۽ اُتان موٽي پنهنجي آتم ڪهاڻي
لکيائين ته بيمار ٿي پئي هئي ۽ گذاري وئي هئي. مون
کي هن جي موت جا اڳواٽ پروڻ پيا ها جن جو تفصيل
ڪنهن ٻي وقت لکندس. مون هن جي موت تي هڪ دردناڪ
نظم لکيو هو جو اڃا تائين ڇپيو نه آهي. هڪ ڀيري اڌ
رات جو مان کاري در ۾ کوجن جي قبرستان ۾ هن جي قبر
تي ويو هوس جنهن جو تفصيلي احوال مون ’جي ڪاڪ
ڪڪوريا ڪاپڙيءَ‘ ۾ شايع ٿيل هڪ خط ۾ ڏنو آهي.
جڏهن مرحومه روشن جي جاءِ وٽان لنگهياسين ته
هيٺيون فارسي شعر بي اختيار منهنجي زبان تي آيو:
حيف در چشم
زدن
صحبت ِ يار آخر شد
روی
گل سير نہ
ديديم بھار آخر شد
(الا! اک ڇنڀ ۾ يار جي صحبت ختم ٿي ويئي!
ڀرپور طور گل جو منهن به نه ڏسي سگهيس جو بهار
پورو ٿي ويو.)
]ساهيوال
جيل جي ڊائريءُ تان[
شيخ اياز
پنهل کان پوءِ
منهنجي روشني!
تو شراب جو ڪوزو منهنجي چپن تائين آندو، مون تو
ڏانهن ڏٺو، تنهنجي اکڙين ۾ کيپ هو. الوٽ اربيليون
اکڙيون! منهنجا هٿ ڏڪڻ لڳا. ڪوزو لڏيو لميو ڇُلڪيو
۽ ڪِري ڇيهون ڇيهون ٿي ويو. شراب تنهنجي جهوليءَ ۾
هارجي ويو. مان هينئر تنهنجو پاند نپوڙي بوند بوند
ڪري پي رهيو آهيان. پياس ئي نٿي ٻجهي! تون ڪيترو
نه دور ٿي وئي آهين. تنهنجي دنيا ڪهڙي نه اجنبي ٿي
وئي آهي.ڪڏهن ڪڏهن تنهنجي خبر ملندي آهي ته مون کي
ماضيءَ جي وجود تي يقين نه ايندو آهي. تنهنجون
يادگيريون اينديون آهن، جن مان منهنجو من سُرڪيون
ڀريندو آهي. پر اهي يادگيريون ته ننڍڙيون بوندون
آهن ۽ اسان پراڻا پياڪ، ڳيت ۾ ڪيئي ڪوزا پي وڃون.
فقط يادگيريون ڇا ڪنديون!
توکي ياد آهي ته تو هڪڙي دفعي چيو هو ته ”اسان جا
جسم جدا ٿي سگهندا روح جدا نه ٿيندا.“ پر مون کي
خطرو آهي ته هينئر تنهنجو روح به مون کان جدا ٿي
رهيو آهي. تون دور ٿي وئي آهين. جسماني طرح به
روحاني طرح به اسان جون دليون ٻن ڪنارن وانگر آهن،
جن جي وچ ۾ وقت جو درياهه ڇوليون ماري رهيو آهي!
اٿاهه، اونهو، بي انت! جنهن ۾ زندگيءَ جون ڪيئي
پياريون گهڙيون لڙهي ويون الاجي وري ملؤن يا نه
ملؤن! توکي ياد آهي اها منهوڙي جي شام! شفق جا
پاڇاوان ڇولين کي ڳراٽڙيون پائي رهيا هئا. تنهنجون
چڳون تيز هوا ۾ ائين اڏامي رهيون هيون. گويا دور
ٿي ڀڄنديون ٿي ويون. ڪنهن دونهين دار ڪڪريءَ جي
تلاش ۾ ٻه ڀورا پکيئڙا، دور شفق ڏانهن اڏامندا ٿي
ويا. ڪنهن نامعلوم، نارس هستيءَ جي جستجوءَ ۾ هوا
جي ڪنهن تيز جهونڪي انهن کي جدا ڪري ڇڏيو. پوءِ هو
هڪٻئي جي تلاش ڪرڻ لڳا. پرڙا پتوڙيندا پتوڙيندا گم
ٿي ويا. وري نه مليا. تو چيو، “اي ڪاش! هي ٻئي جدا
نه ٿين ها ۽ ان نامعلوم نارس هستيءَ جي ڳولا ۾ محو
هجن ها! هاڻي ته هڪٻئي جي جستجو مان ئي فارغ نه
ٿيندا.“
اڄ تون دور نڪري وئي آهين، نهايت دور. منهنجو روح
ڀٽڪي ڀٽڪي ٿڪجي پيو آهي. خاموش ۽ اداس آهيان، نه
لوچان ٿو، نه لهان ٿو.
منهنجي روشني!
آخر تو مون کي ياد ڪيو. تون رڃ آهين، مان اڃ
آهيان. مون عمر ڀر تنهن جي جستجو ڪئي آهي، پر آخر
توکي احساس ٿيو ته تنهنجو وجود منهنجي هستيءَ سان
منسلڪ آهي.
تنهنجو خط پهتو. مون کي يقين هو ته تون مون کي
واري نه سگهندينءَ. منهنجي محبت تنهنجي ذهن جي
ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڇُپي ڳائي رهي آهي. تون تعجب ۾
هئينءَ ته اهو مٺو مٺو نغمو ڪٿان اچي رهيو آهي. تو
انهيءَ کي وهم سمجهي لنوائي ڇڏيو. مگر اهو پيارو
پيارو آواز تنهنجي تمنائن ۾ ڪِتڪتايون ڪندو رهيو.
نيٺ تو ڳولا ڪئي، پنهنجي روح جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ تو
ڏٺو ته اهو نغمو بلڪل جهونو هو. ان جا سُر هزارين
دفعا تنهنجي سماعت سان لائون لهي چڪا هئا. فقط
زندگيءَ جي شور و غل ۾ اهو ڪجهه وقت توکي ٻڌڻ ۾
آيو هو.
تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ چار سال آهن. تون اهو وقت
مون سان نه ملي آهين. اي ڪاش، مان وقت جي وجود کي
مٽائي سگهان! اي ڪاش مان هڪڙيءَ ساعت کي سؤ سال
بڻائي سگهان ۽ سؤ سالن کي هڪڙيءَ ساعت ۾ سمائي
سگهان! چڱو، آءٌ ته ڪائنات جي نظام کي شڪست ڏيون.
تون منهنجي گذريل زندگي جيءُ مان تنهنجي گذريل
زندگي جيئان. جا جان و تن تي واردات گذري آهي، سا
هڪٻئي کي لکون. مون کي يقين آهي ته تون خطن جو
سلسلو بند نه ڪندينءَ.
منهنجي روشني!
اسان جي زندگي نم جي درخت وانگر هئي، جنهن جي ڇانو
ته نهايت پياري هئي، پر ڦل ڪوڙو هو، اسان ان جي
ٿڌيءَ ڇايا ۾ ويٺاسي، پر ڦل نه چکيوسي. چئي
سگهندينءَ ته اسان سياڻا هياسي يا اياڻا؟
چار سال اڳ جڏهن مون توکي آخري الوداع ڪئي ته
منهنجا چپ ڦڙڪي رهيا هئا. مان اهو بدقسمت بيکاري
هوس، جنهن پهڻيون چونڊيندي هيرو لڌو هو ۽ جيتوڻيڪ
ان جي چمڪ سندم دل موهي ڇڏي هئي، ته به مون ان کي
هار ۾ اُن ڪري پوئي نه پاتو ته متان اهو سندم گلي
۾ بار ٿئي. هاءِ، مون ائين ڇو ڪيو! مان رلي رلي
ڪناري تي پهتو هوس. هيٺان ٿڌو مٺو پاڻي وهي رهيو
هو. پر مون ڪجهه سوچي گهڙو ڀڃي ڇڏيو. مون چيو ته
بهتر ائين آهي ته پاڻيءَ جا ٻه ٻُڪ پي في الحال
پياس ٻجهايان. گهڙي جو بار ڪلهن تي ڪير کڻندو! مان
پاڻي پي رمندو رهيس. راهه ۾ ڪيئي نهرون آيون، پر
پاڻي کارو نڪتو. پياس وڌندي رهي. جيئن پوءِ تيئن
وڌيڪ پياسو، وڌيڪ ماندو ٿيندو ويس! هاءِ مون گهڙو
ڇو ڀڳو!
جڏهن مان توکي آخري بار الوداع ڪري ڪراچيءَ وڃي
رهيو هوس ته رستي تي سارو وقت اهو سوال منهنجي ذهن
کي وڇونءَ وانگر ڏنگي رهيو هو، ”مون ائين ڇو ڪيو؟“
گذريءَ زندگيءَ جا واقعات سئنيما جي تصويرن مثال
منهنجي ذهن ۾ ڦري رهيا هئا ۽ مان سوچي رهيو هوس ته
اسان جي دوستي ائين ختم ٿي وئي، جيئن وچ مان ريل
ڪٽجي وڃي!
مون کي ياد آيو ته توسان پهريون غائبانه دوستي
ڪيئن ٿي هئي. شڪارپور ڪاليج جي لائبريريءَ ۾ مون
ٽئگور جو ”گيتانجلي“ موٽايو ۽ انگريزي اخبار
”لٽرري سپليمينٽ“ ٿي پڙهي. اوچتو ڇوڪرن ۾ ڪجهه سُس
پس ٿي. مون نگاهه ڦيرائي ڏٺو ته تون ڪتاب وٺي رهي
هئينءَ. تنهنجا ناسي مائل ڪارا وار تنهنجي ڪمر
تائين لڙڪي رهيا هئا. ڪاليج کلئي ٻه ٽي مهينا ٿيا
هئا، جڏهن کان مان توکي ڏسندو رهندو هوس، نه ڄاڻان
ڇو جڏهن مون توکي پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته منهنجي دل
۾ عجيب و غريب خيال آيا هئا. مون ڀانيو هو ته تون
مان صديون اڳي مليا آهيون. ماضيءَ جي ڪنهن مبهم
ميرانجهڙيءَ دنيا ۾، جا ذهن جي تري ۾ لٽجي وئي آهي
۽ جنهن کي منهنجو حافظو هزار ٽٻيون هڻي به هٿ نه
ڪري سگهيو آهي. مان اڃا تائين محسوس ڪندو آهيان ته
گذريءَ زندگيءَ ۾ تون مان هرڻ ۽ هرڻي هياسي ۽ رُڃ
۾ پاڻيءَ لاءِ رلندا رهياسين ۽ نيٺ ڀٽڪي ڀٽڪي ڪنهن
درخت جي سائي ۾ ويهي هڪٻئي جي چپن مان پياس
ٻجائيسين. عقلي طرح مان تناسخ جو قائل نه آهيان،
پر جذباتي طور مون کي تنهنجي محبت مجبور ڪيو ته
مان اها ڳالهه مڃان ته تون، مان زندگيءَ جي دور
دراز سفر ۾ ڪيئي منزلون اڳي ملي چڪا آهيون. جا روح
جي ڇڪ مون توکي پهريون ڀيرو ڏسڻ سان محسوس ڪئي، سا
محض اتفاقي نه هئي.
لائبريريءَ مان تون ڪتاب وٺي مس وئينءَ ته
لئبريرين مون کي سڏ ڪيو ۽ معنيٰ خيز نگاهن سان
چيائين ته: ”هن ڇوڪريءَ مون کان پڇيو پئي ته ”الف“
جيڪي ڪتاب پڙهندو آهي، مون کي به اهي پڙهڻ لاءِ
ڏيندو ڪر.“
مون کي تعجب آهي ته تو مون ۾ ايتري دلچسپي ڇو ٿي
ورتي. شايد تو مون کي ڪاليج ۾ تقرير ڪندي ٻڌو هو.
شايد ڪاليج جي پارليامينٽ ۾ بهرو وٺندي ڏٺو هو.
شايد ٽرمينل امتحان ۾ مان اول آيو هوس، يا شايد
جميل، جو تنهنجو همسايو هو ۽ منهنجو دوست هو ۽ جو
مون سان تنهن جي ذهانت، خلوص ۽ شرافت جون ڳالهيون
ڪندو هو، تنهن منهنجو غائبانه تعارف ڪرايو هجي.
پوءِ جڏهن مونکي غور سان ڏٺو هو، تڏهن ڪلاس ۾
پروفيسر برطانوي شاعر ڪيٽس جي حسن جي نظرئي تي
تقرير ڪري رهيو هو. هن مرد ۽ عورت جي جنسي تعلقات
جي متعلق ڳالهيون ڪيون، جن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي دلين
۾ ڪِتڪتايون ڪيون ۽ هو کلڻ لڳا.“ تو چيو ٿي ته،
”ان وقت مان سندءِ بينچ جي پٺيان ويٺو هوس ۽ بلڪل
خاموش هوس. گويا نه مون پروفيسر جا شوخ جملا ٻڌا
هئا ۽ نه سڄي ڪلاس جا قهقها! پنهنجي خيالات ۾ محو
هوس، پنهنجي دنيا ۾ گم هوس. گويا منهنجو بدن بينچ
تي هو، باقي منهنجو سيلاني روح ڪائنات جي ٻئي ڪوني
۾ وڃي نڪتو هو.“
اڃا تائين مون کي اها عادت آهي. يا دوست ويٺا
هوندا آهن، چهچها ۽ قهقها لڳا پيا هوندا آهن، محفل
رنگ ۾ هوندي آهي، رکي رکي شمع جي دونهين وانگر
منهنجو روح اڏامندو آهي، منهنجو بدن هتي هوندو
آهي. ليڪن ڪافي دير ٿي وئي هئي، سو مون توکي چيو،
هاڻي مان هلان ٿو. تون هٿ بتي ڏاڪڻ وٽ جهلي
بيٺئينءَ ته جيئن مان آسانيءَ سان لهي وڃان. اڃا
مان هڪ ٻه ڏاڪو لٿو هوس ته تو چيو ”ٻڌو ته.“ ۽
پوءِ مان ٻڌندو رهيس... تون ڳالهائيندي رهينءَ.
وقت اڏامندو ويو. محبت وقت تي فاتح آهي. وقت محبت
تي فاتح ناهي، وارا ڍارا آهن. ان وقت، محبت وقت تي
فاتح هئي. خبر نه ٿي پئي ته پل پهر ڪيئن اڏامندا
ٿي ويا. تون اونداهيءَ رات ۾ هٿ بتيءَ سان ڪنهن
ديومالا جي حسين جادوگرياڻي ٿي لڳينءَ ۽ ڪجهه وقت
کان پوءِ جڏهن مان پنهنجي ڪافي: ”گهرا گهرا ڪارا
نيڻ، جادو لائي ويا جيءَ ۾.“ چئي رهيو هوس ته اهو
مينهوڳيءَ جو منظر اکين اڳيان ٿي ڦريو.
هينئر شام ٿي وئي آهي. برسات بيهجي وئي آهي. هر
چيز پرسڪون آهي. هر شيءِ اداس اداس آهي. مون چيها
پاليا آهن. انهن ننڍڙين مٺڙين جانين ۾ قربت ۽ محبت
جو گهرو احساس آهي، نه کين ڪنهه کلئي کيت ۾ کيل
ڪوڏ جي پرواهه آهي، نه پرواز جي حسرت! هو ائين ڏسي
رهيا آهن ڪاش! تون مان به ٻه پکيئڙا هجون ها ۽
پنهنجو ننڍڙو پڃرو جوڙي ويهون ها. اي منهنجي حسين
روشني! توسان گڏ پابندي هزار ڀيرا آزاديءَ کان
بهتر آهي. هاءِ، مون ڇڙواڳيءَ ڇو ٿي چاهي! هاءِ،
مون تنهنجي زلفن جا زنجير پنهنجين ويڻين ۾ ڇو نه
ٿي ويڙهي ڇڏيا.
توکي ياد آهي اها جنوريءَ جي رات!
ڪاليج جو مشاعرو 11 بجي ختم ٿيو هو. اندر هال ۾ ته
شعر و شاعريءَ جي ڌن ۾ هئاسين ۽ سرديءَ جو احساس
ئي نه ٿي ٿيو. ٻاهر نڪتاسين ته ولهه ٿي وسي. آسمان
تي ستارا ڄمي ويا هئا. لڱ لڱ ۾ ڦرڪڻي هئي. تو
ٽانگي جي ڳولا ڪرائي، ٽانگو نه مليو. سو تون مون
کي چيو گهر تائين پيدل ڇڏي آءُ! سيءُ بدن ۾ سيرون
ڪندو ٿي ويو. مون گرم مفلر پنهنجي ڳلي مان لاهي
تنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. نهايت پياري رات هئي
اها! چانڊوڪي ۽ خاموشي گويا ٻه جاڙيون ڀينر هيون.
جي مدت بعد ڳلي ملي سِڪ لاهي رهيون هيون. سڀ
راهگير گويا سايا هئا. انسان نه هئا، روح هئا، جسم
نه هئا. هونئن ته هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي دنيا
هئي. انسان ان دنيا جو مرڪز هو ۽ ساري ڪائنات ان
جي چوڌاري چڪر ۾ هئي، پر ان وقت انسان ۽ ڪائنات ٻه
مختلف چيزون نه هئا. انسان ڪائنات هو، ڪائنات
انسان هئي. تون به چاندني رات جي نظاري کان ڪافي
متاثر ٿي هئينءَ. چؤطرف سانت وسي رهي هئي. قدمن جي
ڇاپ ڪنهن دور ديس جو آواز پئي معلوم ٿي. ان وقت
مون چيو ته اي ڪاش! هيءَ راهه ڪڏهن به ختم نه ٿئي.
هيءَ راهه ازل کي ابد سان ملائي، ۽ تون مون سان
هلندي رهين ۽ چاندني تنهنجي چهري کي چمندي رهي!
رستي جي ڀرسان کاهي هئي ۽ ان ۾ ڪنول جا گل بيٺا
هئا. چانڊوڪيءَ ۾ ڪنول جا پتا نهايت پيارا ٿي لڳا.
مون ڪڏهن ڪنول ٿي ڏٺا، ڪڏهن تنهنجا ڪومل ڳل! مون
کي سنسڪرت جي شاعر ودياپتيءَ جو شعر ياد آيو.
”اي پرين، تون ته چور آهين!
تنهنجي رخسارن اها ملائمت ڪٿان آندي؟
ڪنول جو گل توتي گواهه آهي،
تنهنجي چهري اها چمڪ ڪٿان آندي؟
چنڊ توتي دانهين آهي.
سياري جي سرد رات پڪاريو ٿي ته تو اهي دراز زلف
ڪٿان آندا آهن!“ مون توڏانهن وري ڏٺو. مون کي به
خوف ٿيو ته تو منهنجو به ته ڪجهه چورايو نه آهي!
مون غريب شاعر وٽ هيوئي ڇا؟ مون سيني تي هٿ لائي
ڳوليو. واهه مٺڙي تو ته مون کي به نه ڇڏيو. جا
شيءِ مون مدت کان سيني ۾ سانڀي رکي هئي. سا تون
تڳائي وئينءَ. تون فاتحانه انداز سان هلي رهي
هئينءَ. مون فقير جو سارو سرمايو تنهنجي مٺ ۾ هو.
ٻنهي کي يقين ٿي چڪو هو ته اسين هڪٻئي سان محبت ٿا
ڪريون جا ڳالهه زبان نه ٿي چئي سگهي، جو راز اکيون
افشا نه ٿي ڪري سگهيون، سا ڳالهه ۽ سو راز چاندني
رات چئي وئي. تو به سمجهيو، نه تو ڪڇيو نه مون
ڪڇيو. مون تنهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ دٻائي چپن
تائين آندو، تنهنجا گورا گورا هٿڙا مون کي نهايت
وڻندا هئا. گويا مرجان مان ٺهيل هئا،. ڪير ڄاڻي ته
انهن هٿن جي ليڪن ۾ ڇا لکيل آهي!
جنهن وقت تنهنجي گهر پهتاسين ته ڪافي دير ٿي چڪي
هئي. تو آهستي در کڙڪايو، تنهنجي ماءُ ڪڙو کولي
پڇيو ته ”امان اڄ ته ڏاڍي دير ڪئي اٿي!“ مون تي
نظر پيس ته ويتر گهٻرائجي وئي، پر ڪڇيائين ڪجهه به
نه. پوءِ تو کيس مشاعري متعلق ٻڌايو. مون موڪلايو
ته تو چيو ته منهنجي ”مان“ گم هوندي آهي. ڪنهن
پراسرار اڻ ڄاتل عالم ۾، گرد ونواح کان بيخبر.
گويا زندگيءَ جي شاهراهه تي گڏ هلندي هلندي اهڙو
وراڪو ايندو آهي، جتي منهنجي جان، منهنجي تن کي
لنوائي کسڪي ويندي آهي. ڪيڏانهن؟ ڪنهن جي جستجوءَ
۾؟ ڇا معلوم! تو منهنجي انهيءَ ڪيفيت جو صحيح
اندازو لڳايو ۽ منهنجي چهري ۾ معصوميت ڏسي تنهنجي
دل ڇڪ ڪئي. ان وقت تنهنجي عمر سورنهن ورهيه هئي ۽
منهنجي عمر سترهن. تون عورت هئينءَ انهيءَ ڪري
تنهنجي نشو و نما مون کان وڌيڪ ٿي چڪي هئي.
مان توڏانهن تنهنجي ڪهاڻي لکي رهيو آهيان. شايد تو
ان کي وساري ڇڏيو هجي. هر انسان پنهنجي ماضيءَ جو
جنازو ڪلهن تي کنيو ٿو گهمي پر مون کي انديشو آهي
ته تو ماضيءَ کي بلڪل دفنائي ڇڏيو آهي. مان
گهـڙيءَ پل لاءِ ان ماضيءَ کي زندهه ٿو ڪريان.
منهنجا خط تنهنجي ماضيءَ جي رنگين تصوير آهن، جا
مون لڙڪن ۽ لهوءَ سان ٺاهي آهي. انهن ۾ منهنجي
مصوريءَ جون آرائشون به شامل آهن، پر مون ڪوشش ڪئي
آهي ته تنهنجا خد و خال برقرار رکان.
هن وقت بادل ڀرجي آيا آهن. اولهه کان گهٽائون
جهومنديون اچن ٿيون. ساري ڪائنات سرمستيءَ ۽ خمار
۾ آهي. منهنجون اکيون به ڀرجي آيون آهن. هي تنهنجي
ديس جا بادل، هي تنهنجي پار جون گهٽائون، ڪراچيءَ
کان تنهنجي ڀِني ڀِني ياد کڻي آيون آهن. برسات
پئجي رهي آهي، مان ڀايان ٿو ته ڪوئي ڪڪر ۽ ڪڪري
ورهين کان وڇڙيل هئا، اڄ تون ڪيترو نه دور آهين!
ايترو دور جيترو چنڊ! اي ڪاش، تون منهنجي اداس
جهوپڙيءَ جو ڏيئو ٿي سگهين. ها! اي ڪاش، تنهنجي
ڌيمي جوت منهنجي مستقبل جي اوندهه ۾ ٽمٽمائي ها ۽
منهنجي حال جي رهنمائي ڪري ها! مون کي اهو ڏينهن
ياد اچي رهيو آهي، جڏهن تون ۽ مان تنهنجي گهر جي
ڇت تي ويٺا هئاسين ۽ ڪاليج جي ڇوڪرين، ڇوڪرن ۽
پروفيسرن متعلق ڳالهه ٻولهه ٿي ڪئيسون. ڪجهه وقت
کان پوءِ موضوع بدلجي ويو ۽ شعر و ادب جي باري ۾
روح رهاڻ ڪئي سين. توکي خبر هئي ته مان شعر چوندو
آهيان، شايد مون سان تو ايترا تعلقات وڌايا ئي ان
ڪري هئا، جو مان شاعر هوس. تو فرمائش ڪئي ته مان
ڪوئي شعر ٻڌايان. مون کي فطري گهٻراهٽ محسوس ٿي،
ڇو ته ان کان اڳي تو ڪڏهن به اهڙي فرمائش نه ڪئي
هئي. ان وقت به جهُڙ هو ۽ سنهڙيون سنهڙيون ڪڪريون
ڪپهه جي پوڻين وانگر آسمان تي پکڙيل هيون. شفق جي
سنهريءَ نيراڻ ۾ برساتي شام جو نهايت دلڪش منظر
هو. گويا ساري ڪائنات ڪنواري ٿي لڳي. مون توڏانهن
ڏسي گهٻرايو ۽ چيو ته مون کي ڪوئي پنهنجو شعر ته
ياد ڪونه آهي باقي شاهه عبداللطيف جي هڪڙي سٽ دل
تي تري آئي آهي:
”اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.“
اها سٽ چئي، مون توڏانهن ڏٺو، تنهنجا نرم ڳل آسمان
جي سفيد ڪڪرين وانگر ٿي لڳا ۽ تنهنجي هلڪي پيلي
پوتيءَ مان شفق جا ٿڌيرا شعاع نڪري رهيا هئا. گويا
تو به وسڻ جا ويس ڪيا هئا. ڪائنات جو ازلي حسن
تنهنجي هستيءَ ۾ سمائجي ويو هو. مون پهريون دفعو
محسوس ڪيو ته تون منهنجي شاعريءَ جو روح
آهين.منهنجا لفظ بينوا فقير هئا، جي جهولي جهلي
پنندا رهيا هئا. اي حسن جي ملڪه! تو انهن کي تاثير
جي بي حساب دولت ڏئي ڇڏي! ان وقت برسات زور سان
پوڻ لڳي. ساوڻ جا وسڪارا هئا ۽ سارا ڪپڙا ڀِڄي
ويا. تو ڳائڻ شروع ڪيو، بادل برسڻ آيا. تنهنجو
سريلو آواز گويا ڪائنات جي دل ۾ چڀي ويو. اوندهه
ساري عالم تي پَر ڦهلائڻ لڳي. فطرت گهريءَ
خاموشيءَ ۾ ٽُٻي هنئي. تون ۽ مان هڪٻئي کي ساڪت ۽
خاموش ٿي ڏسي رهيا هئاسين. تنهنجين اکڙين ۾ اسرار
هئا. نيري آسمان کان به گهرا! منهنجي دل ڇوليون
ماري رهي هئي. مون محسوس ڪيو ته تنهنجي ۽ منهنجي
هستي پاڻ ۾ ملندي ٿي ويئي. گويا تون ۽ مان ٻه
برساتي بوندون هياسين ۽ هزارها ميل سفر طئي ڪري
رات جو ڪنهن گلاب جي پتي تي ڪريا هئاسين ۽ ان وقت
زندگي فقط رنگ و بوطلسم هئي. هاءِ! ڪنهن کي معلوم
هو ته انهن مان هڪڙي بوند ڇُلي ڌرتيءَ ۾ جذب ٿي
ويندي ۽ هڪڙي آفتاب جي تپش ۾ بادلن سان وڃي ملندي!
ٻه اجنبي، جن کي پنهنجي پنهنجي منزل معلوم نه هئي،
ڀٽڪندا ڀٽڪندا ڪنهن ڪڙيءَ تي ملي ويا ۽ ناگاهه
محسوس ڪيائون ته اسين هڪٻئي جي منزل آهيون.
”سرديءَ ۾ آيا آهيون ٿوري دير ويهو ته لڱ سيڪيون.
سِگريءَ ۾ ڪوئلا ٻري رهيا هئا. ڪمري ۾ گاسليٽ جي
بتيءَ جي ڌيمي روشني هئي. بتيءَ تي ڪيترائي پتنگ
کنڀڙاٽيون کوهي رهيا هئا. تو شرارت سان چيو
”هڪڙيءَ روشنيءَ تي ايترا پتنگ!“
منهنجي روشني!، توکي ڪهڙي خبر ته توتي ڪيترا پتنگ
مِڙندا! اڱرن جي مچ مان چڻگون اڏاڻيون ۽ اوندهه جي
سرد سيني ۾ پيهي ويون. تو باهه تي هٿ سيڪيندي ماءُ
کي چانهه ٺاهڻ لاءِ چيو ۽ اوچتو مون کان پڇيو ته
”بي.اي پاس ڪرڻ کان پوءِ ڇا ڪندؤ؟“ مون کي سوال نه
وڻيو.
ان وقت زندگي هينئر ۽ هتي هئي. تڏهن ۽ تِتي جو ته
خيال ئي نه گناهه هو. ڳالهه لنوائڻ لاءِ مون جواب
ڏنو، ”جيڪا قسمت.“
”تڏهن توهان قسمت ۾ به اعتبار ڪندا آهيو!“ تو چيو.
مون وراڻيون ته، ”نه، قسمت ته انسان پاڻ ٿو ٺاهي.
منهنجو مطلب هو ته جڏهن وقت آيو، تڏهن ڏٺو ويندو.
”اڄ جڏهن مان هي خط لکي رهيو آهيان ۽ حياتيءَ جون
لاهيون چاڙهيون ڏسي، ٿڌيون ڪوسيون سهي چڪو آهيان
تڏهن مون چڱيءَ طرح محسوس ڪيو آهي ته قسمت آهي، ته
انسان ڪٺ پتلي آهي، جنهن جي ڏوري ڪنهن ازلي بازيگر
جي وس ۾ آهي، جو ساري عالم جي نظام کي نچائي رهيو
آهي. ساري زندگي شطرنج جي راند آهي، جا ڪوئي اداس
اجنبي کيڏي رهيو آهي. تون ۽ اسان مُهرا آهيون.
خير، تون مطمئن هئينءَ ته منهنجو مستقبل چمڪندو،
اُن ڪري منهنجي آئنده تعليم جي باري ۾ تو زياده
سوال نه ڪيا، ۽ وري اسان مشاعري جي ماحول ۽ ڪاليج
جي زندگيءَ متعلق ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين. ڳالهه تي
ڳالهه نڪرندي آهي، وقت گذرندو ويو. نه پنهنجي وجود
جو احساس، نه آس پاس جي خبر! گويا اسان به ٻه
ڳالهيون هياسين، مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون، جي وقت جي
پَرن تي اڏامنديون ٿي ويون. مون توکي سِرڪائي
پنهنجي آغوش ۾ آندو، تنهنجا نرم ۽ گداز بازو
منهنجي هٿن ۾ هئا، باهه جي توَ تي تنهنجا رخسار
گرم ٿي ويا هئا ۽ جڏهن اهي منهنجي منهن سان لڳا،
تڏهن مون جا روحاني ڪيفيت ۽ گرمي محسوس ڪئي، سا
ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ڄڻ تنهنجي رخسارن جي
گرمي منهنجي نس نس کي محبت جو پيغام ڏئي وئي. اڱرن
مان ٻه ڄڀيون نڪري ملي ويون ۽ ٻنهي مان هڪ وڏي
ڄِڀي نچندي نڪتي. هاڻي جڏهن مان ماضيءَ جي رک کوٽي
رهيو آهيان، تڏهن ان ڄڀيءَ جو سهسايل سيڪ ياد اچي
رهيو آهي ۽ ساهه مان سيسراٽ پيا اڀرن! هاءِ، هيءَ
محبت ڇا آهي؟
تنهنجو
اياز |