سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: چانڊوڪي چمپا جي مالها

 

صفحو:4 

مشھور اديب دادا گوبند پنجابي، شڪارپور ۾ بجلي اچڻ بابت پنھنجي ساروڻين ۾ لکي ٿو:

1924ع کان اڳ ۾ شڪارپور جي عام رستن، گهٽين توڙي ڍڪ بازار ۾ رات جو فانوس ٻرندا ھئا. شام جو فانوس ٻارڻ وارا ڏاڪڻ ڪلھي تي رکي ايندا ھئا ۽ فانوس جو شيشي وارو دروازو کولي اندر لڳل شيشي جي گلوب کي ڪڍي ڪپڙي سان صاف ڪندا ھئا. جيڪڏھن گاسليٽ خلاص ٿيل ھوندو ھو ته اھو ڀري پوءِ فانوس ٻاري اڳتي وڌي ويندا ھئا. سن 1924ع ڌاري جڏھن پاور ھائوس ريلوي اسٽيشن طرف لڳو ته شھر ۾ شام جو ڄڻ ڏياري ٿي وئي ھئي. ڇاڪاڻ ته ڍڪ بازار ۾ سڀ دڪان سڻڀين آسامين جا ھئا، انھن جلدي ئي بجلي ھڻائي ڇڏي. چبوتڙي تي ته اصل چانڊاڻ ٿي ويندي ھئي. ھڪ ته مٺاين جا دڪان چمڪدار ھئا، ٻيو ته وري مڃارويءَ گرامو فون جا دڪان پنھنجي ڪيبن کي سجائڻ لاءِ وڌيڪ شيون ٻاريندا ھئا.“

روشن آرا جي گهر/ گهٽيءَ تي نھار وجهندي مون کي شاعر احمد سولنگي جي ھيءَ سٽ ٿي ذھن تي تري اچي:

جنوريءَ جي ھوا ۽ ھُن جو گهر،

رات خاموش، شھر جا رستا،

آئون تنھا خدا، ۽ ھن جو گهر،

زندگيءَ جي گهٽي ڪيئن اُڪران؟

وقت جا وھڪرا ۽ ھُن جو گهر!!

”اسين روشن جي گهر جي سامھون بينچ تي ويٺا آھيون. انور فگار ۽ خليل مورياڻي چپ آھن ۽ آئون خبر ناھي ڪھڙن ڪھڙن خيالن ۾ گم آھيان. ”روشن“ جنھن جو نالو ريشم به ھو. 27 جون جمعي جي ڏينھن 1924ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائي. سندس وڏي ڀيڻ جو نالو بادام ناتوان خاتون ھو، جيڪا روشن کان چار سال وڏي ھئي. روشن اڃا ٽن مھينن جي ھئي ته سندس پيءَ گذاري ويو، پر سندس امڙ مائي ساران، مڙس ٿي ٻنھي ڌيئرن کي ويھي نپائي وڏو ڪيو. ساران پاڻ شڪارپور گرلز پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي ھئي. جنھن وڏي ھمت ڪري ٻنھي ڌيئرن کي اسڪالر شپ وٺي ڏني، پھرين بادام کي ساڌو ٽي ايل واسواڻي جي حيدرآباد واري مشھور ميران گرلز ھاءِ اسڪول ۾ تعليم لاءِ اماڻيائين ۽ پوءِ روشن کي حيدرآباد جي ساڳئي اسڪول ۾ سيڪنڊري تعليم لاءِ ڏياري موڪليائين، جتي روشن کي ھر مھيني 5 رپيا اسڪالرشپ ملندي ھئي. اھي ٻئي ڀينرون ميران ھاءِ اسڪول جي ھاسٽل ۾ رھنديون ھيون، جيڪا اڄ به اسڪول جي اندر واقع آھي. سال 1941ع ۾ روشن حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪري  واپس شڪارپور موٽي آئي ۽ اچي سي ايس ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر سائنس ۾ داخل ٿي. سال 1942ع ۾ ھوءَ فرسٽ ايئر سائنس جي اسٽوڊنٽ ھئي، جڏھن ته 1943ع ۾ ھن فرسٽ ايئر جو امتحان ڏنو ۽ اتي ئي ھن کي اياز پھريون ڀيرو ڏسي مٿس موھت ٿي پيو ھو. ريشم جو ستارو ”ڪينسر“ ھو. ھن ستاري جا ماڻهو گهڻو ڪري اڪيلائي پسند، جذباتي، مستقل مزاج، ارادي جا پڪا، طبيعت جا نماڻا، پر اڪثر وساڻل ڏسڻ ۾ ايندا آھن. ريشم جي طبيعت ۾ ڏاڍي چلولائي ھئي. سدائين پئي کلندي ھئي. اھا ٻي ڳالهه آھي ته ڪينسر ستاري جا ماڻهو اڪيلائي ۾ رھي خوش ٿيندا آھن. کين سدائين ڳڻتي ھوندي آھي ته ٻيا ھن جي لاءِ ڪھڙا ويچار ٿا رکن. ھي اسٽار وارا نفرت کان پاسو ڪندا آھن ۽ بدديانتيءَ کي اصل پسند نه ڪندا آھن. جيڪڏھن ڪنھن کان ناراض ٿيا ته پوءِ کين راضي ڪرڻ ڏکيو ڪم ھوندو آھي. سندن جسم جو ڪمزور حصو سندن معدو ھوندو آھي. بيماري ۽ تڪليف کان سخت گهٻرائيندا آھن. ان ڪري پنھنجي صحت جي سدائين ڳڻتي ھوندي اٿن. اڇو رنگ کين سدائين وڻندو آھي. آئينڊلزم جي ڳولا ۾ سرگردان ۽ ان معاملي ۾ جذباتي، سٺو لباس ۽ فيشن کي پسند ڪندڙ. روشن جو حاڪم سيارو چنڊ ھو. ان ڪري ھوءَ چانڊوڪي رات تي موھت ھوندي ھئي. چون ٿا ته ريشم کي موتئي جا اڇا کير جھڙا گل ڏاڍا وڻندا ھئا ۽ موتئي جي گلن کي شڪارپوري رابيل جا گل ڪري سڏيندا ھئا. شيخ اياز، اڪثر لکيدر تان رات جو رابيل جون ڪنڊيون خريد ڪري روشن جي گهر وڃي کيس ڏيندو ھو ۽ پوءِ ھن جي نيڻن ۾ چنڊ جو پاڇو ڏسندو ھو.

(”نه دل، زلف و رخ جي ياد ۾ ڏيڻ گهرجي، نه جان رنگ وبو جي ھوس ۾ وڃائڻ گهرجي، ھن دل جو ڪھڙو قدر، جيڪا سراپا محبوب ناھي، ھن کي پاڻ سُپرد ڪرڻ گهرجي.“ ھڪ فارسي شعر جو ترجو.)

آئون سامھون ھن گهر کي ڏسان ٿو، جتي ڪڏھن روشن جو گهر ھو. اصلوڪو گهر ته ڪڏھوڪو بدلجي ويو، پر ڪوئي ھڳاءُ آھي، جيڪو اسان کي انھيءَ گهٽي ۾ ويھڻ لاءِ مجبور پيو ڪري. مٿي شڪارپور جي آڪاس تي چوڏھين جو چنڊ کڙيل آھي. ڪيترا ٻار اچي سامھون آئيس ڪريم واري کان خريد پيا ڪن. ٿڌي ھوا گهلي رھي آھي. سامھون روشن جي گهر جي ديوارن ۾ خبر ناھي ڪھڙا منظر لڪل ھوندا؟ ڪيترا آواز اڃا به موجود ھوندا، ھنن فضائن ۾. ڇاڪاڻ ته ماڻهو مري وڃن ٿا، پر ھنن جا آواز سدائين فضائن ۾ قائم ۽ دائم رھن ٿا. شيخ اياز جو به ھن گهر ۽ روشن سان عشق ھو. اياز ڪڏھن به پنھنجي پھرئين عشق کي نه وساري سگهيو ھو. ڇاڪاڻ ته محبت ڪندڙ ڪڏھن پنھنجي عشق کي نٿا وساري سگهن. انگريزي شاعر ڪيٽس چوي ٿو:

”ھُو ھن سان سدائين محبت ڪندو رھندو،

۽ ھوءَ ھميشه لاءِ خوبصورت رھندي!“

فارسي جي مشھور شاعر ڪليم اصفھاني چواڻي ته ”زندگي ھڪ ڪھنو ڪتاب آھي، جنھن جو پھريون ۽ پويون پنو کوئجي ويا آھن.“ سچ پچ ته حياتي جي ڪائي خبر نٿي پوي ته اھا ڪيئن ٿي گذري وڃي؟ ماڻهو جو مثال ائين آھي، جيئن ڪنھن مسافر کي ريلوي اسٽيشن تي ريل جي اوسيئڙن ۾ ننڊ وٺي وڃي ۽ جڏھن ھن جي اک کلي ته سندس ٽرين ھُن کان ڇٽي وڃي! ماڻهوءَ جي اندر ۾ فقط غم خبر ناھي ڪنھن پوکي ڇڏيا آھن!

آئون سوچ ۾ پئجي ويو آھيان، (ماڻهوءَ جو ھينئڙو ڏاڍو عجيب آھي. شاھه سائين چواڻي، ”ھينئڙو ڪچيءَ تند جيئن!“ واقعي ماڻهوءَ جو من، ڏاڙھونءَ گل جيان آھي/ ماڻهوءَ جو من ڪنھن اُڏامندڙ پرندي وانگر آھي، جيڪو سدائين دور زمانن ڏانھن، ماضيءَ جا انيڪ داستان کڻي اڏامندو رھندو آھي ۽ خواب وانگر لڳندي آھي، ھر گذريل گهڙي، آئون سامھون روشن آرا جي گهر ڏانھن ڏسي رھيو آھيان، جيڪو اصلوڪي شڪل ۾ نه رھيو آھي. پر اُتي ھڪ ٻماڙ گهر ٺھي ويو آھي. آئون ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو ۽ خليل مورياڻي روشن آرا جي گهر جي سامھون ڪنڊ وٽ اچي بيھي رھون ٿا. آئيس ڪريم وارو ڇوڪرو، ھٿ گاڏيءَ تي ھينڊ ميڊ آئيس ڪريم ٺاھي وڪڻي رھيو آھي. سندس ميز جي آڏو بينچ پيل آھي. اسين اُن بينچ تي ٿا اچي ويھي رھون. آئيس ڪريم وارو، مورياڻي صاحب کي سڃاڻي ٿو. مورياڻي صاحب ٽن پيالين آئيس ڪريم جو آرڊر ڏيئي، اسان جي ڀر ۾ ٿو ويھي رھي. منھنجو، نھار سامھون، اُن گهر تي آھي، جتي چون ٿا ته ڪڏھن ”روشن ريزيڊنس“ جي تختي لڳل ھوندي ھئي. منھنجون نھارون سامھون ماڙي ڏي کڄي وڃن ٿيون، جتي ھاڻ نه روشن ريزيڊنس جي پٿر واري تختي لڳل آھي، نه وري اھو گهر، نه وري اُن گهر جا ڀاتي باقي بچيا آھن. دوست گلزار ٿيٻي ٻڌايو ھو ته سندن ناني ساران جي ٻي ڀيڻ جو نالو خيران ھو، جنھن جي ڌي اقبال سان بعد ۾ شيخ اياز ٻي شادي ڪئي ھئي.

”مدد صاحب ھي گهر ھاڻي ڊھي نئون ٺھيو آھي، گهر جي مٿان سنگ مر مر جي تختي ”روشن ريزيڊنس“ لکيل ھوندي ھئي. آئون ھتي اڪثر گلزار ٿيٻي سان ملڻ ايندو ھوس.“ آواز مورياڻي صاحب جو آھي.“

ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو به ڪري ٿو، جيڪو بادام ناتوان خاتون سان ملاقات لاءِ ھن گهر ۾ ڪيترا ڀيرا آيل ھو. اسان جي مٿان شڪارپور جي آڪاس تي شام جو انڌيرو، ڪڏھوڪو چانڊوڪيءَ ۾ تبديل ٿي ويو آھي. آئيس ڪريم وارو ڇوڪر اسان کي پيالين ۾ آئيس ڪريم ٿو ڏي. آئيس ڪريم واقعي ڏاڍي سٺي ٺھيل آھي. آئون پياليءَ مان ھڪ چمچو ڀري چکان ٿو. ۽ وري سامھون ڏسي رھيو آھيان، جتي شيخ اياز روزانو چڪر ھڻندو ھو. چون ٿا ته مشھور ايراني شاعر حافظ به ھڪ ڀيرو شھر جي گهٽين مان لنگهندي، ھڪ گهٽيءَ ۾ سامھون ھڪ ماڙيءَ جي بالاخاني جي دريءَ مان جهاتي پائيندڙ ھڪ خوبصورت ڇوڪريءَ کي ڏسي مٿس موھت ٿي پيو ھو. پوءِ انھي خوبصورت ڇوڪريءَ جي ھڪ جهلڪ سندس زندگي ۾ تبديلي آڻي ڇڏي. شاعر ۽ عشق ھڪ ٻئي سان ائين ڳنڍيل آھن، جيئن ڪائي ول، ڪنھن وڻ سان چنبڙيل ھوندي آھي. مشھور ايراني شاعر فريد الدين عطار وانگر شيخ اياز وانگر سموري ڄمار عشق جي ڳلين مان نه نڪري سگهيو ۽ عشق جي راھن تي ھلندي انھن گهٽين ۾ ڪائي راھه ڀلجي ويو.

آئون سامھون ٻيھر، ھُن گهر کي ڏسان ٿو، جيڪو ڪڏھن روشن جو گهر ھو. ياد ٿي اچي اياز جي ھڪ ساروڻي:، ”ھڪ ڏينھن شام جو اياز ۽ روشن ھن گهر جي ڇت تي ويٺا ھئا. آڪاس تي جُهڙ ڇانيل ھو. ٻئي ڄڻا، ڪاليج جي ڇوڪرن ڇوڪرين ۽ پروفيسرن بابت ڳالهيون ڪري رھيا ھئا. اوچتو ان مھل روشن فرمائش ڪئي ھئي ته اياز ھُن کي ڪوئي شعر ٻڌائي. اياز ڪنڌ کڻي جهُڙالي آڪاس کي ڏٺو ھو، جنھن ۾ سنھڙيون سنھڙيون ڪڪريون ڪپھه جي پوڻين وانگر آڪاس تي پکڙيل ھيون، پر شفق جي سنھڙي نيراڻ ۾ مينھوڳي جي شام جو انتھائي دلڪش منظر ھو. اياز روشن کي شاھه لطيف جي ھڪڙي سٽ ٻڌائي ھئي. ”اڄ پڻ منھنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.“ اھا سٽ چئي اياز روشن کي ڏٺو ته ھن کي لڳو ھو ته ڄڻ شفق جا ڪجهه شعاع، روشن جي پنڪ رنگ جي رئي مان ڦٽي نڪري رھيا ھئا. اوچتو ان مھل برسات زور سان شروع ٿي ويئي ھئي، پر پوءِ به ھُو اتان نه اٿيا ھئا، تان جو سندن سمورا ڪپڙا به ڀڄي ويا ھئا. اياز برسات ۾ ڀڄندڙ روشن کي ڏسي رھيو ھو، جنھن ڪوئي گيت ڳائڻ شروع ڪري ڏنو ھو...“ تڏھن ته شيخ اياز لکيو آھي، ”وقت مون کي پوڙھو ڪري سگهي ٿو، پر منھنجي دل جوان آھي، منھنجي دل چوندي آھي ته روشن ھجي ھا، ھُن جي ڪُلهي تي ڪنڌ رکي پنھنجا ڳوڙھا ھُن لاءِ ڳاڙيان ھا. ھُن جي طبيعت چلولي ته ھئي، پر ڪڏھن ڪڏھن ھوءَ ھڪ ماٺيڻي سمنڊ وانگر ڀاسندي ھئي. اندر ۾ خبر ناھي ڪھڙي اونھائي ھيس، پر ٻاھران سدائين مرڪندڙ ۽ کلندڙ!“

شيخ اياز روزانو رات جو روشن کي انگريزي ۾ ٽيوشن ڏيڻ ھن جي گهر ۾ ايندو ھو. اصل ۾ اياز کي ھڪ ڀيري روشن، ڪاليج جي ورانڊي ۾ روڪي چيو ھو، ”تون انگريزي ڏاڍي چڱي ٿو ڄاڻين! ڪاليج مسلينيءَ ۾ انگريزي ۾ تنھجي آرٽيڪل ڇپي آھي ته سڀ ڇوڪريون تنھنجي ساراھه ۾ نه ٿيون ماپين. تون مون کي انگريزي سيکارڻ ايندين؟“ ۽ پوءِ اياز روشن کي انگريزي پڙھائڻ لاءِ ايندو ھو. روشن جي پاڙي ۾ لطف الله بدوي، غلام علي مسرور بدوي ۽ جمال صديقي وارن جا به گهر ھوندا ھئا. ڀرسان ھڪ مسجد ھوندي ھئي، ريشم، اياز کي ڪيتريون ڳالهيون ٻڌائيندي ھئي، ھڪ ڀيرو اياز کي ٻڌايائين، ”ھن پاڙي ۾ ٻه لطف الله آھن. ھڪ منھنجي گهر جي ڀرسان مسيت ۾ پيش امام آھي ۽ ٻيو لطفو حجم، ھڪڙو مٿا ڪوڙيندو آھي ۽ ٻيو ڳوڙھون ڳالهيون ڪري ماڻهن جا مٿا وڃائيندو آھي.“ چوندي ھئي، ”جمال صديقي جا مائٽ ملان آھن.“ ۽ پوءِ ھوءَ اڪيچار لطيفا کيس ٻڌائيندي کلي پوندي ھئي. ھڪ ڀيرو اياز کي روشن ترڪيءَ جي ڪنھن شاعر جو ھي نظم ٻڌايو ھو، ”مون رات جو خواب ڏٺو، ته جنت ۾ پھچي ويو آھيان، ڀرسان حورون، ميون ۽ مٺائين جون ٿالهيون جهليو بيٺيون آھن، جن مان ھڪ ملان طرح طرح جا گل ۽ مٺايون کائي رھيو آھي ۽ ٿالهيون خالي ڪري ڇڏيون اٿس. ھو ايترو ته کائي ويو آھي جو طوبيٰ جي ھيٺان ويھي الٽيون ڪري رھيو آھي!“ ۽ پوءِ وٺي ٽھڪ ڏنا ھئائين.. اياز لالٽين جي روشني ۾ ريشم کي پڙھائيندو ھو. ٻاھر ولھه پئي وسندي ھئي، تيز ۽ سرد ھوا گهوگهٽ ڪري گهر جي ٻاھران لنگهي ويندي ھئي. ھيٺ روشن جي امڙ ماني پئي پچائيندي ھئي. ھن ئي گهر ۾ ھڪ پينگهو پيل ھو. اُن ۾ روشن جي امڙ اڪثر ڪري ويٺي ھوندي ھئي، اياز انھن ڏينھن ۾ ھن گهٽيءَ جو ڦيرا پيو پائيندو ھو.... منھنجي سامھون اھو گهر ۽ گهٽي آھي، جڏھن ته سامھون ماضي سڌو گهر کي لڳي ايندڙ ھوا ڄڻ ڪائي سرگزشت ٻڌائي رھي آھي تيز ھوا ۾ ڪنھن نمناڪ نيڻن جا آھن ڪي لڪل سپنا ۽ آئون ڪنھن کي ڳولي رھيو آھيان؟ (مون کي ڪوئي منجهيل ويچار ٿو وڪوڙي وڃي). مني صدي گذرڻ بعد، ھڪ وقائع نويس، نڪتو آھي، ڪجهه ڳولھڻ ڄڻ ماضيءَ جي چائنٺ تي بيھي ان جي اڌ صدي اڳ ٻيڪڙيل بند ٿيل دروازن کي ٺڪ ٺڪ ڪري کولڻ جي ٿو ڪريان ڪائي ڪوشش، پر اھي سموريون بھار جون مندون ۽ ان جا انيڪ رنگ شفق جھڙا وقت جي بيرحم وھڪرن ۾ ويا لڙھي. پن پن ٿي ويا اڏامي.

مٿي آڪاس تي چنڊ اچي مٿان بيٺو آھي ۽ ياد ٿو اچي مون شيخ اياز جو ھي شعر:

”اُداس رات پيو چنڊ ٿو ڳليون ڳولي

خبر نه آن ته ڪيڏانھن تون ھلي ويئي آھين؟“

”ڇا منظر ھوندا اُھي؟“ اوچتو منھنجي چپن مان آواز نڪتو ۽ آئون خيالن جي دنيا مان موٽي آيس. ته مون کي احساس ٿيو ھي سال 1943ع نه سال 2017ع آھي ۽ اھو حال، ماضيءَ جي شڪل ۾ اوجهل ٿي چڪو آھي. منھنجي نھار اڃا به ھُنِ گهٽي ۽ ھِن گهر تي آھي، مون کي ياد ٿيون اچن مشھور ساڃھه وند ليکڪ قادر صديقي، روشن تي سال 1955ع ۾ لکيل مضمون جون ھي سِٽون:

”شايد ھڪ ڏينھن ڪو واٽھڙو دڳ ويندي، روشن جي گهر وٽان لنگهندي، جهٽ پلڪ لاءِ بيھي رھندو ۽ آڱر جو اشارو ڪري چوندو، ”اجهو ھي آھي اھو گهر، جتي روشن پنھنجي ٻال اوسٿا گهاري ھئي. انھيءَ ننڍڙي گهر ۾ ويھي روشن پنھنجي مستقبل بابت ڪي معصوم تمنائون پاليون ھيون ۽ انھي ئي ننڍڙي گهر ۾ روشن پنھنجي دل جي اُڌمن جي خاطر عذاب سٺا ھيا!“

۽ ھي جيڪو گهر ھو، ان ۾ مٿي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ به ھئي... ھڪ ڀيرو رات جو وقت ھو. اياز روشن کان موڪلايو ته روشن لالٽين کڻي بيٺي ته جيئن اياز سولائيءَ سان ڏاڪڻ لھي سگهي. اڃا اياز ٻه ٽي ڏاڪا ھيٺ لٿو ھو، ته روشن چيو ھوس ”ٻڌو ته....“ ۽ اياز مڙي ھُن کي ڏٺو ھو. اياز کي ته ان مھل روشن اونداھي رات ۾ لالٽين سان ڪنھن ديومالائي جي ڪائي خوبصورت جادوگيرياڻي پئي لڳي، ان مھل اياز مالڪ چئي ڏنو ھو، ”گهرا گهرا ڪارا نيڻ، جادو لائي ويا جيءَ ۾!“

۽ اياز کي اھا رات ڪڏھن به نه وسري سگهي، جڏھن روشن ۽ ھو برسات ۾ ڀڄندا روشن کي سندس گهر ڇڏڻ آيو ھو، روشن جي گهر ۾ ماءُ ڪوئلن جي سگريءَ تي ڀينڊيون تري رھي ھئي. ڪمري ۾ گاسليٽ جي بتيءَ جي ڌيمي روشني ھئي، بتيءَ تي ڪيترائي پتنگ کنڀڙاٽيون کوھي رھيا ھئا ۽ روشن چيو ھو، ”ھڪڙي روشن تي ايترا پتنگ“ ۽ پوءِ ھو ٻئي ان سگري تي ھٿ سيڪي رھيا ھئا. ٻاھر ڪوئيٽا جي سرد ھوا گهوگهٽ ڪري رات کي وڌيڪ تاريڪ پئي ڪيو، اُن مھل روشن اياز کان پڇيو ھو، ”توھان قسمت ۾ ويساھه رکندا آھيو.“ ته اياز جواب ڏنو ھو، ”نه قسمت انسان پاڻ ٿو ٺاھي!“ پر گهڻي وقت کان پوءِ اياز لکيو ”واقعي قسمت آھي ۽ انسان ڪٺ پتلي آھي، جنھن جي ڏور ڪنھن ازلي بازيگر جي وس ۾ آھي، جيڪو سموري عالم جي نظام کي نچائي رھيو آھي!“ سچ پچ ته ھوءَ شيخ اياز جو سفر نصيب ھئي. جيڪا منزل ٿي کيس حاصل نه ٿي سگھي، جنھن جا ھُو سپنا ڏسندو ھو. پر تقدير جي ھٿان يا حالتن جي بدقسمتيءَ سبب ھن جا سپنا سمورا آڪاس تي ڪرندڙ تارن وانگر، ڌرتي تي وکري خاڪ ٿي ويا ھئا. شڪارپور ۾ ھُن جي پنھنجي من ۾ ڪيترا رابيل جا ٻوٽا پوکيا ھئا، پر انھن مان ڪوئي گل کڙي نه سگهيو، جڏھن اھي رابيل جا گل ٽڙن ھا، ته انھن جي مھڪار چانڊوڪيءَ ۾ چوماس پکڙجي وڃي ھا. اياز ھن رابيل جي گلن جھڙي ڇوڪري روشن کان پوءِ ڪيترائي عشق ڪيا ۽ ڪيتريون ئي ڇوڪريون/ عورتون ھن جي زندگيءَ ۾ گهڙي آيون. پر ھو روشن کي ڪڏھن نه وساري سگهيو:

عُمر گذشتہ وصیف جمال تو میں کنم٬

تا حشر اگر حدیث کنم تا مکراست۔

(عُمر گذرندي وئي تنھنجي سونھن جي ساراه ٿو ڪريان، جيڪڏھن حشر تائين تُنھنجي ڳالهه ڪريان ته اھو ورجاءَ نه ٿيندو!)

*****

واقعي ڏسجي ته عشق ۽ شاعر جھڙوڪر ھڪٻئي لاءِ لازمي آھن. ان ڪري دنيا جي مشھور شاعرن ۽ اديبن جي عشقن جا قصا مشھور آھن، انھن قصن بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آھن. ان کان سواءِ انھن ليکڪن، پنھنجي محبوبائن کي جيڪي خط لکيا، اھي به گڏ ڪري ڪتاب شڪل ۾ شايع ڪيا ويا آھن. عربي ٻوليءَ جي شاعر امُراء القيس جون به ڪيتريون ئي محبوبائون ھيون، ڇاڪاڻ جو سندس طبيعت عاشق مزاج ھو. کيس سندس والد ويھن سالن جي ڄمار ۾ انھيءَ ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو جو امراء القيس جي عاشقيءَ سبب ھو، وڏو ڏچي ۾ پئجي ويو ھو. سبب اھو ھو جو امراء ھڪ نظم، پنھنجي محبوبا فاطمه بنت المجيد سان مخاطب ٿي لکيو ھو. ان ڪري سندس پي حُجر، پنھنجي ڪنيز ربيعا کي حڪم ڏنو، ته ھو وڃي امراء القيس کي قتل ڪري اچي. پر ربيعا ڇا ڪيو جو ھڪ نيل ڳئون جي گابي کي ڪُھي، ھن جون اکيون وڃي حُجر کي ڏنيون. جڏھن بنو اسد جي باغي قبيلي جي خلاف جنگ ۾ حجر مارجي ويو ته امراء القيس ڏتڙجي ويو. سال 530ع ۾ قيصر يوستينياتوس Justiniah شام جي مقدم جي مشوري تي امراء القيس کي قسطنطنيه گهرائي کيس پاڻ وٽ رھائي ڇڏيو. ڪجهه وقت کان پوءِ فلسطين ۽ سرحدي علائقي جو والي مقرر ڪري کيس ايڏانھن اماڻيو، پر ھو 565ع ۾ انقره ويجهو مري ويو. عربي روايت موجب کيس انھيءَ ساڳئي قيصر يوستينياتوس جي حڪم سان زھر ڏنو ويو ھو. چون ٿا ته کيس ھڪ اھڙو زھر سان ڀريل خلعت ڏني ويئي، جنھن جي پھرڻ سان ھن جي جسم تي ڦرڙيون نڪري آيون، اصل ڳالهه اھا آھي ته عاشق مزاج شاعر امراء القيس قيصر جي خوبصورت ڌيءَ سان به عشق شروع ڪري ڏنو ھو، ھڪ روايت موجب قيصر، پوءِ امراء القيس جو ھڪ خوبصورت مجسمو ٺھرائي، ھن جي قبر مٿان ھڻائي ڇڏيو. اھو مجسمو خليفي ھارون الرشيد جي دور تائين موجود ھو. اڄ به عربي شاعريءَ ۾ امراء القيس جو نالو سڀ کان مٿانھون آھي.

انگريزي ٻوليءَ جو مشھور شاعر لارڊ بائرن وڏو عاشق مزاج ھو. سندس عشق جو وڏو حصو ليڊي ڪيرولين ليب سان ناماچاري حاصل ڪري ويو. انگريزي ٻوليءَ ۾ ته ”ليڊي ڪيرولين ليب“ جي عنوان سان ھڪ خوبصورت فلم به ٺھڪي چڪي آھي. تنھن کان سواءِ لارڊ بائرن جو پنھنجي ماٽيلي ڀيڻ سان عشق جو داستان ڪتابن ۾ موجود آھي. روسي ٻوليءَ جو ليکڪ پشڪن شاعر تمام وڏو پر عشق جي معاملي ۾ کيس ڏاڍو ڏک پھتو. ھُو پنھنجي زال نتاليا تي ساھه ڇڏيندو ھو. جنھن ھُن سان بيوفائي ڪري وڃي ٻئي ھمراھه سان دوستي رکي. جنھن جي ڪري پشڪن کي پنھنجي رقيب سان ڍوئل ورھڻي پئي ۽ اتي ڊوئل دوران گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. پر پشڪن جو ذڪر اڄ به سندس محبوبا آنا ڪرينا کان سواءِ نامڪمل آھي. ڇاڪاڻ ته شاعر پنھنجي محبوبا آنا ڪرينا لاءِ ڪيترائي نظم لکيا ھئا، پر آنا ڪرينا پشڪن کان سواءِ به ڪيترائي عشق ڪري چڪي ھئي ۽ ٻه ڀيرا شادي پڻ ڪئي، پر پشڪن سان ھن جي ڏاڍي دل ھئي. مشھور شاعر روسي شاڪر سرگئي يسينن (1928-1895ع) جو آخري نظم گڊ باءِ ماءِ فرينڊز، سندس لاش وٽ پيو ھو، جيڪو ھن پنھنجي رت سان لکيو ھو. سندس لاش روس جي مشھور شھر سينٽ پيٽرز برگ جي ھوٽل اينگلينٽرين جي روم مان لڌو ويو. جتي ھن پنھنجي بيلٽ سان پاڻ کي ڦاھي ڏني ھئي، چون ٿا ته شاعر جو عشق ليسو ڊرا نالي ھڪ خوبصورت ڇوڪريءَ سان ھو، پر وڏي ڳالهه ته شاعر چار شاديون ڪيون ھيون، پر پوءِ به ڊپريشن جو شڪار ھوندو ھو.

مشھور روسي شاعر ماياڪو وسڪي (1930-1893ع) ڪيترائي عشق ڪيا پر آخرڪار انھن عشقن جي ڪري ماسڪو جي ھڪ فليٽ ۾ پاڻ کي گولي ھڻي پنھنجو انت آندائين. سندس آخري عشق مشھور روسي ايڪٽريس پولو نسڪايا سان ھو، اھا ڇوڪري ماياڪا وسڪي لاءِ پنھنجي مڙس کان علحيدگي ڪري شاعر جي فليٽ تي پھتي ته اوچتو ھن گولي جو ٺڪاءُ ٻڌو، يڪدم فليٽ ۾ داخل ٿي ته ماياڪا وسڪي زخمي حالت ۾ پيو ھو، پوءِ ماياڪو وسڪي کي اسپتال پھچايو ويو پر سندس ساھه جو پکيئڙو پرواز ڪري چڪو ھو.

مشھور اديب نڪوز ڪازان سال 1911ع ۾ گاليٽيا نالي ڇوڪريءَ سان عشق جي شادي ڪئي. پر 15 سالن کان پوءِ ھنن جي وچ ۾ علحدگي ٿي ويئي. سال 1945ع ۾ ھن ٻيھر پاڻ کان گهڻي ننڍي نيٽي ڇوڪري اليني سيموز سان شادي ڪئي ۽ ھن سان گڏ سفر به ڪيائين. مشھور شاعر شيلي جي سندس محبوبا ايھلياووان سان بيحد محبت ھئي، جو ھن ڪيترا نظم ھن جي نالي ڪيا ھئا. شاعر بودليئر کي سدائين پنھنجي محبوبا مان مُشڪ جي خوشبو ايندي ھئي.

مشھور روسي ليکڪ بورز پيسٽرنڪ جيڪو بنيادي طور تي شاعر ھو، پر کيس سندس تحرير ڪيل ناول ڊاڪٽر زواگو جي ڪري تمام گهڻي مشھوري حاصل ٿي. پيسٽرنڪ ھاءِ اسڪول ۾ ساڻس گڏ پڙھندڙ ڇوڪري ايڊا وسٽوڪي تي عاشق ھو، جيڪا ماسڪو جي مشھور مالدار وسٽو ڪي ٽي ڪمپني جي مالڪ جي ڌي ھُئي. ڇاڪاڻ ته پيسٽرنڪ انھن جي ڀيٽ ۾ غريب ھو. ان ڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جرمني ھليو ويو، اتي ھو فلاسافي ۾ نه پر ڊاڪٽريءَ جي سند وٺي اچي ماسڪو پھتو. اتي ھن اِيڊا کي شاديءَ جو پيغام موڪليو، پر ايڊا جي شاھوڪار مائٽن پيسٽرنڪ جي غربت کي ڏسندي، کيس ايڊا سان شادي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. پوءِ ھن شادي ته ٻي مائيءَ سان ڪئي، پر سندس لافاني عشق اولگا اونسيسڪيا سان سال 1946ع ۾ ٿيو، جيڪا ھن کان ڄمار ۾ گهڻي ننڍي ھئي. اولگا سان پيسٽرنڪ جي ڏاڍي دل ھوندي ھئي، جنھن کي ھو پيار وچان ”نينا“ سڏيندو ھو. پيسٽرنڪ جي ناول ڊاڪٽر زواگو ۾ لارا جو ڪردار اصل ۾ اولگا کان متاثر آھي. اولگا، پاڻ به شاعر ھئي، پر ھن  پيسٽرنڪ سان ھن توڙ تائين ساٿ نڀايو. اھا اولگا ئي ھئي، جنھن ڊاڪٽر زواگو ناول جو مسودو سويت يونين کان ٻاھر اشاعت لاءِ اولھه جي دنيا تائين پھچايو ھو. سويت يونين جي حڪومت اولگا کي 1950ع ۾ جاسوسي جي ڏوھه ۾ گرفتار ڪري جيل اماڻيو ھو. جڏھن اولگا جيل ۾ ويئي ته ھوءَ پيٽ سان ھئي ۽ اھو ٻار کيس پيسٽرنڪ مان ٿيو ھو، جيڪو ٻار جيل ۾ ضايع ٿي ويو. اولگا، ٽي سال جيل ۾ قيد رھي. 1953ع ۾ آزاد ٿي، جڏھن ته ناول ڊاڪٽر زواگو پھريون ڀيرو 1957ع ۾ شايع ٿيو ته سويت يونين سميت سموري مغربي دنيا ۾ ٿرٿلو مچي ويو. نتيجي ۾ ٻيھر 1960ع ۾ اولگا کي سندس ڌي سميت گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو، مٿس الزام اھو ئي ھو ته ھن پيسٽرنڪ جو ناول مغربي دنيا تائين پھچايو آھي. اولگا پنھنجي يادگيرين جو ھڪ ڪتاب 1978ع ۾ روسي ٻوليءَ ۾ لکيو ۽ 83 ورھين جي ڄمار ۾ سال 1995ع ۾ ماسڪو ۾ گذاري وئي. سندس انھيءَ ڪتاب جو انگريزي ترجمو A. Captive of Time 1978ع ۾ پيرس ۾ شايع ٿيو. افسوس ته اولگا کي پيسٽرنڪ جا سوين لکيل خط ۽ ٻيو گهڻو اڻ ڇپيل مواد، اولگا کي 1960ع ۾ گرفتار ڪرڻ مھل سويت يونين جي جاسوسي اداري ڪي جي بي جا عملدار کڻي ويا. جيڪو سمورو مواد ضايع ٿي ويو. مغربي دنيا ۾ جڏھن به بورز پيسٽرنڪ جو ذڪر اچي ٿو ته ساڻس گڏ سندس محبوب اولگا جو به ذڪر ضرور موجود آھي. اولگا يعني نينا کي پيسٽرنڪ تي لکندڙ ليکڪن ميوسز ڪري سڏيو آھي. ڇاڪاڻ ته نينا پيسٽرنڪ جي ڪري ماسڪو جي جيلن ۾ اٺ ورھيه قيد ڪاٽيو ھو ۽ ميونسر، يوناني ديو مالائي ادب ۾ ساھت جي ديوي آھي. پيسٽرنڪ پنھنجي شاعري جي پھرئين ڪتاب ’ماربرگ‘ 1917ع ۾ ايڊا جي ياد ۾ لکيل ھڪ نظم شامل ڪيو ھو.

شيخ اياز به ڪيترا عشق ڪيا ۽ ٻه چار ڀيرا کيس آپگهات جو خيال آيو. اھا ڳالهه ھن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ به لکي آھي. ھڪ رات چانڊوڪيءَ ۾ سکر ۾ سنڌو درياهه وٽ وڃي پھتو ھو، ان مھل آسمان تي چنڊ پنھنجي جوڀن سان موجود ھو، جنھن جو عڪس سنڌو درياهه ۾ پئجي رھيو ھو. پر پوءِ خبر ناھي اياز کي ڪھڙو پور پيو جو ھو آپگهات جو ارادو مٽائي واپس ھليو ويو.

مشھور شاعر لارڊ بائرن ڪيڏي نه زبردست ڳالهه چئي آھي،

”مرد لاءِ عشق ھُن جي زندگي ۾ ھڪ الڳ شئي آھي، پر ھڪ عورت لاءِ عشق اُن لاءِ سمورو وجود آھي.“... ۽ روشن آرا تي بائرن جي ڳالهه ڪيڏي نه ٺھڪي ٿي اچي.  

*****

۽ ھتي مون کي پنھنجي ئي ياد اچي ھڪ پراڻي ساروڻي:

(ڪا پراڻي نوٽ بوڪ اڄ لڀجي ويئي ڪٿان/ يادگيرين جو درياھه/ وھي نڪتو آھي الماريءَ مان)

سچ پچ ته عشق به ڏاڍو عجيب آھي. ياد اٿم، ھُن ڇوڪريءَ سان ديوانگيءَ جي حد تائين محبت ھيم. سمجهندو ھوس ته ھوءَ ئي منھنجي دنيا آھي. جنھن کان سواءِ ڪڏھن به زندگي گهاري نه سگهندس. تڏھن موبائيل فون ته نه ھوندا ھئا، پر ٽيلي فون عشق جي راھه جو وڏو وسيلو ھوندو ھو. اسان جي گھر ۾ ٻه ٽيلي فون لڳل ھوندا ھئا. ھڪڙو پراڻو 4111 ۽ ٻيو 25634، جڏھن ته ھن جي بنگلي جو فون نمبر 8 سان شروع ٿيندو ھو. انھيءَ ڇوڪريءَ جو بنگلو لطيف آباد يونٽ 6 ۾ نرسري وٽ ھوندو ھو. ياد اٿم ته صبح جو سويل وڃي ھن جي بنگلي جي در وٽ گل رکي ايندو ھوس. ھُن جي ڪارن ۽ سمنڊ جهڙين عميق نيڻن، ھن جي واسينگ جهڙن وارن تي سيوھڻ جي ٺھيل خوبصورت چوٽيءَ ۾ ڏاڍا خوبصورت لڳندا ھئا. ھُن جي چنبيليءَ جهڙي پيرن ۽ نرگس جي گلن جهڙن ھٿن ۽ ڊگهين آڱرين تي ساھه ڇڏيندو ھوس. ھوءَ نذرٿ ڪاليج حيدرآباد ۾ انٽر ڪلاس ۾ ھئي. پر جڏھن ڪاليج کان پيرڊ گسائي ٻاھر نڪرندي ھئي ته آئون نٽھڻ اُس ۾ ڪاليج جي ٻاھران ڪلاڪن جا ڪلاڪ يونيورسل بوڪ ڊيپوءَ تي بيٺو ھوندو ھوس. ھڪ ڀيرو سونو نيڪلس ۽ خوبصورت سونا ايرنگس جيڪي امڙ جا ھئا، لڪائي کڻي وڃي ھُن کي گفٽ ڏنم ۽ پوءِ فون تي چيومانس، ”منھنجي دل چوي ٿي ته اھي ايرنگس مون کي پائي ڏيکار!“

۽ پوءِ 7 محرم جو ڏينھن ھو. کيس ڪارا ڪپڙا پاتل ھئا ۽ مٿي تي ڪاري چادر اوڍيل. ذوالجناح جو جلوس قلندر شھباز جي خانقاھه ڏي وڌي رھيو ھو. شرنائيءَ جي دردناڪ سُر تي دھل جو آواز، يا حسين يا حسين جي گونج... ھوءَ پنھنجن ساھيڙين سامھون بيٺي ھئي. مون ھن کي چتائي ڏٺو، پر سندس مٿو ڍڪيل ھو. آئون ان مھل ڏاڍو ملول ٿي ويو ھوس. اوچتو ھن مون ڏي نھاري پنھنجي چادر ھٽائي پنھنجي واسينگ جهڙن ڪارن وارن کي ھڪ ھٿ سان پاسي ڪري ڇڏيا ھئا. ڏٺو ھوم ته سندس ڪنن ۾ منھنجا ايرنگس چمڪي رھيا ھئا. سندس نڪ ۾ پيل لونگ جو موتي اس جي روشنيءَ تي تجلو ڏيئي رھيو ھو.

”اي عشق! تون به ماڻهوءَ کان ڇا ڇا نٿو سرزد ڪرائين!

افلاطون چيو ھو، ”جنھن کي محبت نه ڇھيو آھي، اُھو انڌيرن ۾ ڀٽڪي ٿو!“ واقعي محبت، جسماني تعلق کان جدا شئي جو نالو آھي. زندگيءَ جي دشت ۾ ماڻهو الائي ڪھڙا ڪھڙا سپنا ڏسي ٿو. ڇا اھي سمورا سپنا ساڀيا ٿي وڃن ٿا؟ سچ پچ ته عاشق، دشت سوس ۾ خيم زن ان مسافر وانگر آھي، جنھن جي سامھون ڪرھن جو قافلو ھن کي اڪيلو ڇڏي وڃي رھيو آھي ۽ صحرا جي بيپناھه وسعتن ۽ واريءَ جي تيز واچوڙڻ ۾ اڏامي ٿا وڃن ھن جا سمورا خواب. بھرحال ھن دشت صحرا ۾ جيڪي ڪجهه آھي، اھو ئي امر آھي، ڇاڪاڻ ته ھيءَ دنيا ڪڏھن ڪڏھن ناقابل سڪونت ٿي يندي آھي. پر پوءِ به خبر ناھي ڪھڙي ڏاھي چيو آھي:

”اي وينس! تون فطرت جي راڻي آھين. توکان سواءِ ڪابه شيءَ زندگيءَ جي الاھياتي ايوانن تائين نٿي پھچي سگهي. جبلن ۽ سمنڊن، تيزيءَ سان وھندڙ درياھن، پکين جي آکيرن، چھچ سائي گاھه جي ميدانن جي وسيلي تون ھر ماڻهوءَ جي دلين ۾ محبت ٿي جاڳائين ھر ھڪ تنھنجي حُسن جو اسير آھي ۽ محبت جي ڪري تنھنجي پويان پويان ھلي ٿو.“

*****

ڇا واقعي جنھن سان ماڻهو عشق ٿو ڪري، جنھن جي چاھت ۾ چريو ٿي ٿو گهمي، ھڪ ڏينھن اُن جي جدا ٿيڻ جو يا ھن جھان ڇڏڻ بعد چار ڳوڙھا ڳاڙي پوءِ ماٺ ٿو ڪري ويھي رھي؟ ڇا ھن جي وڇوڙي جو درد کيس نٿو ستائي؟ ڪھڙي خبر انسان جي اندر ۾ ڪيڏي نه خود غرضي لڪل آھي. جيڪا ٿي ھن کي سڀ وساري ڇڏي، ڇا عشق جٽادار نه آھي؟ ۽ عاشق؟ جنھن لاءِ امراء القيس چيو ھو، ”عاشق جي صُبح فرقت به شب فرقت کان گهٽ پساھه نه ھوندي آھي. اھو عاشق! پوءِ به چار ڳوڙھا ڳاڙي ٻيھر نئين عشق جي تلاش ۾ ٿو گم ٿي وڃي؟“

آئون ويچار ڪريان ٿو ته دوست ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو ڪيڏو نه جاکوڙي ليکڪ آھي. جيڪڏھن ھو روشن آرا مغل بابت لکيل مضمونن سندس شاعري ھن جي ڪھاڻين جي ڳولھا نه ڪري ھا ته ھي سمورو مواد گم ٿي وڃي ھا. ڪتاب ۽ ڪاغذ، اڪثر ڪتب خانن ۾ اُڏوھيءَ جو کاڄ ٿا بڻجي وڃن. نتيجي ۾ مشھور ڪھاڻيڪار حفيظ شيخ جا نڪتل شاگرد مخزن جا ٻه پرچا، جيڪي ھن ڪراچيءَ جي شاگرد آفيس 15 رقيا بلڊنگ، نارائڻ اسٽريٽ ڪراچي مان جاري ڪيا ھئا، اسان کي ھٿ نه اچن ھا. منھنجي اکين آڏو ماھوار شاگرد جو اپريل 1955ع وارو شمارو ٿو اکين آڏو ڦري اچي، جيڪو ڊاڪٽر انور فگار مون کي اماڻيو ھو. ڊبل ڪرائون سائيز واري مخزن ۾ ٽائيٽل تي روشن آرا مغل جو فوٽو ڇپيل آھي. کيس طوطئي سائي رنگ جي شرٽ ساڳئي رنگ جو رئو ۽ اڇي رنگ جو اطلسي غرارو پاتل آھي ۽ ھو سامھون پئي نھاري. اھو شاگرد جو پرچو اپريل 1955ع ۾ حفيظ شيخ، ڪراچيءَ جي باب الالسلام پرنٽنگ پريس ٽڪچند اوڌو ڌاس روڊ ڪراچي مان ڇپرايو ھو. البت رسالي جو ٽائيٽل ھن ميڪلوڊ روڊ تي واقع محترم سائين جي. ايم. سيد جي روزاني اخبار نئين سنڌ پرنٽنگ پريس مان پرنٽ ڪرايو ھو. مخزن جي پھرئين صفحي تي ھيءَ تحرير لکيل آھي، ”ڪور پيج وارو فوٽو اسان جي ڪھنه مشق اديبا مسز روشن اسحاق مغل بي ايس سي، بي ٽي ايل ايل بي جو آھي، جا تازو آمريڪا مان ٻارن جي تعليم جو ڪورس پورو ڪري موٽي آھي، سندس ليک اندر پڙھو.“ مخزن ۾ ھڪ تمام خوبصورت نوجوان اديب جو فوٽو ڇپيل آھي، جنھن جو نالو آھي عبدالغفور انصاري!“

۽ ھن رسالي شايع ٿيڻ کان بعد 25 جون 1955ع تي روشن، ھن جھان کي الوداع ڪري وئي! ھن مخزن ۾ روشن آرا مغل جو ھڪ مضمون ”عورت جي صورت ۽ سيرت“ ان جو نالو رکيو ھئائين، ڇپيل آھي ۽ شيخ اياز جو گيت ”واڪا“ جي عنوان سان شامل آھي، جنھن جون ڪجهه سٽون آھن:

شبِ تاريڪ کان تاريڪ تر آ زندگي منھنجي،

ڪٿي آھين اڙي او روشني او روشني منھنجي،

سوين فانوس دنيا ۾ جلايا ويا وسايا ويا،

اھا ئي روشني منھنجي، اھائي تيرگي منھنجي.

اياز اڄ تيره بختيءَ ۾ رھي ٿي دور ڪيئن مون کا،

ڪڏھن نزديڪ ھُي، مون کان به مون کي روشني منھنجي.

*****

۽ روشن آرا جي مضمون جون شروعاتي سٽون:

”انساني فطرت جو اھو قائدو آھي، ته ھُو حسين شين کي ڀائيندو ۽ پيار ڪندو آھي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته انسان فطرتاً حُسن پرست آھي. اھا ھڪ اھڙي حقيقت آھي، جنھن کان ڪو به انڪار ڪين ٿو ڪري سگهي!“

*****

”اُھو ماڻهو مري ويو. کيس خبر نه ھئي ته ھن قدرت جي صراف خاني تي ھلان ڪري وڏو ڌاڙو ٿي ھڻڻ چاھيو. ستارا، سونھري پڇڙ تارا ۽ سارو آڪاس ئي لُٽڻ چاھيو. ھا اُھو ماڻهو مري ويو ۽ آئون چوان ٿو ته نه ڄاڻان اھو ماڻهو ڪيترا ڏينھن جيئرو رھندو!“ (اسيپني شاعر آلبرٽي)

آئون وري ھڪ ساروڻيءَ ۾ گم آھيان، روشن آرا کي جيئري ڏسڻ وارن مان ھڪ شخص گلزار ٿيٻو پڻ آھي. جيڪو روشن جي وڏي ڀيڻ بادام ناتوان خاتون جو فرزند ۽ منھنجي پياري دوست مير ٿيٻي جو وڏو ڀاءَ آھي. ھُن روشن آرا عرف ريشم کي نه رڳو ڏٺو، بلڪ سندن گهر ۾ پڻ گهڻو وقت گذاريو. چون ٿا ته گلزار پنھنجي وقت جو ھڪ انتھائي خوبصورت نوجوان رھيو آھي. ھن گهڻو وقت اڳ ھڪ مضمون ”شيخ اياز، پنھنجي محبوبا ريشم سان بيوفائي ڪئي ھئي.“ جي عنوان سان تحرير ڪيو ھو. انھيءَ مضمون جو ذڪر خليل مورياڻي مون سان ڪيو ھو. ھي مضمون اپريل 1996ع ۾ ڪنھن 15 روزه مخزن ۾ ڇپيو ھو. گهڻو ڳوليم، پر ھٿ نه آيو، دوست ادريس جتوئيءَ کان مخزن جي پڇا ڪيم، پر ھُن ٻڌايو ته اھا مخزن ڳولڻي پوندي. آخرڪار گلزار ٿيٻي سان فون تي رابطو ڪيم، ھن چيو، ”مضمون ته ھٿ ڪونه ايندو، پر توسان ڪچھري ضرور ان موضوع تي ڪري سگهجي ٿي.“ گلزار پاڻ ميھڙ ويجهو رھي ٿو. جڏھن ڪراچي آيو، ته ساڻس ملاقات ٿي نه سگهي، البت فون تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ھُن سان گهڻي ڪچھري ٿي. ان وچ ۾ منھنجي دوست محترم بشير احمد ھيسباڻي، نواب شاھه مان اھو مضمون مون کي ٽي سي ايس ڪري اماڻيو، جنھن کي پڙھڻ بعد ڪيتريون ئي ڳالهيون معلوم ٿيون. خود گلزار به ٻڌايو: ”روشن آرا، شيخ اياز سان ڪابه بيوفائي نه ڪئي ھئي، جيئن عام طور تي تاثر ادبي حلقن ۾ موجود آھي. پر خود شيخ اياز، روشن سان ان ڪري شادي نه ڪري سگهيو ھو، ڇاڪاڻ جو اياز روشن سان شادي ڪري ھا ته شڪارپوري شيخ، اياز جي ڀيڻ جو سنڱ نه وٺن ھا. گلزار ٻڌايو، ”خالا، روشن، اياز سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ھئي، جنھن کي ھوءَ ”مُبو“ ڪري سڏيندي ھئي، جو اياز جو اصل نالو مبارڪ علي ھو. آئون تڏھن ننڍو ھيس. پر مون کي ياد آھي ته اسان جي ناني به انھي شاديءَ لاءِ راضي ھئي. ھڪ ڏينھن اياز اسان جي گهر ۾ آيو، پر ڏاڍو ھيسيل پئي نظر آيو، ان تي خالا روشن چيس ”مُبو، ڇو سڏڪڻي ٻار وانگر ماٺ ڪيو بيٺو آھين؟“ ته اياز چوڻ لڳو، ”مون کي منھنجا مائٽ تنگ ٿا ڪن ته جيڪڏھن تون ٻئي ھنڌ شادي ڪندين ته پوءِ تنھنجي ڀيڻ کي ڪير کڻندو؟ ان ڪري تون ھتي مائٽن (لکيدر وارن شيخن) مان شادي ڪر، ته تنھنجي ڀيڻ به کڄندي.“ اھا ڳالهه ٻڌي خالا روشن چوڻ لڳي، ”ھر ڪنھن جو پنھنجو نصيب آھي، تون تنھن کان گهٻرائين ڇو ٿو؟“ اھو ٻڌي اياز چپ ٿي ويو، ان مھل ھُو در تي بيٺو ھو ۽ مون خالا کان ڪورس جي ڪتاب جو سبق پئي پڙھيو، پر منھنجي توجهه ھنن جي ڳالهين طرف ھئي ته مون کي دڙڪو ڏيئي چوڻ لڳي، ”گل ماٺ ڪري ويھي پڙھه!“ ۽ پوءِ اياز کي چيائين، ”ڇو در تي بيٺو آھين، اندر اچ،“ اياز اندر داخل ٿيو ته ٻيھر خالا روشن چيس، ”تون ڇا ٿو چاھين مُبو، شادي ڪندين يا نه ڪندين.“ اھا ڳالهه ٻڌي اياز چيو، ”مان ڇا ڪريان، آئون مجبور آھيان، جو منھنجي ڀيڻ نه کڄندي.“ اھو ٻڌي خالا روشن ڪاوڙ مان چيس “You go out Bhetto” تون اصل ۾ ڀيٽو عاشق آھين، ھاڻي جو ھاڻي ھتان نڪري وڃ.“ اياز چيو، ”ريشم منھنجو توسان عشق آھي، پيار آھي، مان تنھنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو.“ پر خالا روشن چيس، ”مون کي خبر آھي ته تون منھنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهين، مان توکي سڃاڻان ٿي ته تون ڪجهه به نه ڪري سگھندين. وڃ، وڃي پنھنجي ڀيڻ جي به شادي ڪرائي، ۽ پاڻ به وڃي پرڻج. پر پوءِ اڄ کان وٺي ھتي ڪڏھن به نه اچجائين.“ اھو ٻڌي شيخ اياز اتان  ھليو ويو. اصل ۾ شڪارپوري ڀيٽو ان کي چوندا آھن، جيڪو پنھنجي معشوقه لاءِ ڪابه قرباني نه ڏيئي سگهي. خالا روشن ھڪ وڏي ھمت واري عورت ھئي. پڙھيل ھئي، مغل خون سندس رڳن ۾ ڊوڙي رھيو ھو. پوءِ خبر پئي ته شيخ اياز، شادي ڪري ڇڏي ۽ خالا ڪراچي ويئي ھلي. آئون توھان کي ٻڌائيندو ھلان ته روشن ھڪ بيباڪ ڇوڪري ھئي، جڏھن ھوءَ اياز سان گڏ سي ايس ڪاليج ۾ پڙھندي ھئي ته اياز ھنن جي گهر ايندو ھو. انھن ڳالهين تي سندن پاڙيوارا سخت اعتراض ڪندا ھئا ته ھي اوپرو ماڻهو ڇو ٿو توھان جي گهر اچي؟ پر روشن جواب ڏيندي ھئي، ”ھي، منھنجو دوست آھي، ۽ مون سان گڏ ڪاليج ۾ پڙھي ٿو، جيڪڏھن اسان وٺ اچي ٿو، ڇا ٿي پيو؟“ اوھان پاڻ اندازو لڳايو ته اڄ کان 70 ورھيه اڳ جو ماحول ڏسو ۽ ان ماحول ۾ روشن ڪيڏي نه دلير ڇوڪري  ھئي. سندس ماءَ جيڪا ماسترياڻي ھئي، تنھن ٻنھي ڌيئرن يعني منھنجي امڙ بادام ۽ روشن کي وڏي محنت ڪري پڙھايو ھو. پر افسوس ته روشن جوانيءَ ۾ فقط 31 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويئي.“

”ڇا توھان کي روشن جو چھرو ياد بيٺو آھي؟“ مون ھن کان سوال ڪيو ھو.

”ھا، ادا، آئون ڪيئن ٿو وساري سگهان. روشن خالا بيحد خوبصورت ڇوڪري ھئي. ۽ وڏي ڳالهه ته سال 1941ع ۾ واحد مسلمان نينگري ھئي، جيڪا شڪارپور ڪاليج ۾ انٽر ڪلاس ۾ داخل ٿي ھئي.“

”ڇا شيخ اياز، شادي ڪرڻ کان پوءِ به روشن جي گهر ڪڏھن آيو؟“ مون ھن کان سوال ڪيو.

ھن وراڻي ڏني، ”ھا، ھڪ ڀيرو آيو ھو، ان کان اڳ خالا روشن رسالن ۾ شيخ اياز جا شعر پڙھندي ھئي ۽ منھنجي امڙ کي ڏيکاريندي ھئي. تڏھن اياز ڪراچي ۾ رھندو ھو. خالا روشن به ڪراچي ۾ رھيل ھئي. ھڪ ڀيرو خالا روشن شڪارپور آئي ته اياز سندس گهر آيو. خالا روشن، ھن کي ڏسندي چيو، ”مبو ڇو آيو آھين ھيڏي؟“ اياز چوڻ لڳو، ”مان، جو ڪجهه ڪيو، ان تي پشيمان آھيان، منھنجو توسان بيحد پيار آھي، تڏھن تو وٽ ھلي آيو آھيان، ھاڻي مون کي ھر ڳالهه معاف ڪر!“ اھو ٻڌي خالا روشن ھن تي ڪاوڙجي پئي ۽ ھن اياز کي چيو، ”تون ھتان نڪري وڃ.“ ۽ پوءِ پنھنجي امڙ کي چوڻ لڳي، ”امان جيڪڏھن مبو ھتان نه ويندو، ته آئون گهر مان نڪري وينديس.“ ان تي نانيءَ، کيس چيو، ”روشن، ھي مھمان آھي، گهر آئي جي عزت ڪبي آھي، تون وڃي ٻئي ڪمري ۾ ويھه.“ اھو ٻڌي اياز نانيءَ وٽ اچي ويٺو، ۽ چوڻ لڳو، ”جيجي مان ڇا ڪريان؟ مان مجبور ھيس. امان تون ته سڀ ڳالهيون سمجهين ٿي. منھنجي ريشم سان ڏاڍي دل آھي ۽ مان ھن لاءِ تمام گهڻو پريشان آھيان!“ ائين چوندي اياز روئي ڏنو، پر پريان ٻئي ڪمري مان روشن رڙ ڪئي، ”امان ھن کي نه ويھار، ھي ڪوڙ ٿو ڳالهائي، آئون توکي وري به چوان ٿي ته ھي اڃا به ھتي ويٺو ته آئون گهر ڇڏي ويندس!“ اھو ٻڌي ناني اياز کي چيو، ”ابا، ڇوڪري ڪاوڙ ۾ آھي، تون ھينئر ھليو وڃ.“ ان تي اياز گهر کان ٻاھر نڪري ويو ۽ خالا روشن به ڪراچي رواني ٿي ويئي، جتي ھن جي شادي اسحاق خواجه سان ٿي. آئون ڪراچي روشن ۽ اسحاق جي فليٽ تي ويندو ھوس، جيڪو کارادر ۾ ھوندو ھو. روشن جي وفات بعد اياز روشن جي ماسات سان شادي ڪئي، جيڪا ھُن کان گهڻي ننڍي ھئي. آئون جڏھن سکر ھُن سان ملاقات لاءِ ويس ته ڏٺم ته اياز کي سخت اعتراض ھو ته گلزار ھتي ڇو ٿو اچي. آخرڪار اڳتي ھلي، شيخ اياز جي اھا شادي ناڪام ٿي.“ ۽ پوءِ گلزار ٻيو به گهڻو شيخ اياز جي ٻي شاديءَ بابت ٻڌايو، پر ان سان اسان جي ھن مھاڳ جو واسطو ڪونھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org