غلام رباني آگري جي سنڌي ادبي بورڊ سان وابستگي
سنڌي ادبي بورڊ جي تاريخ تي نظر ڦيرائڻ
سان معلوم ٿئي ٿو ته وقت جي هاڪارن ۽ علمي هستين
پنهنجي غير معمولي اخلاص ايثار ۽ قرباني محنت ۽
پاڻ ارپڻ واري جذبي سان هن اداري جو بنياد وڌو ۽
سنڌ جي خدمت واري ڪم کي اڳيان وڌايو. اهڙن محترم ۽
معتبر شخصيتن ۾ سائين جي.ايم.سيد، عمر بن محمد خان
دائود پوٽو، علامه آءِ.آءِ
قاضي، سيد ميران محمد شاهه، عثمان علي انصاري،
لالچند امرڏنومل، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، مخدوم محمد زمان طالب المولى، سيد
حسام الدين شاهه راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
محمد ابراهيم جويو، مولانا غلام محمد گرامي ۽ غلام
رباني آگري جا نالا آفتاب وانگر روشن ۽ عيان آهن،
۽ ٻيا به کوڙ سارا عالم ۽ ڏاها جن پنهنجو رت ست
ڏئي هن اداري لاءِ رات ۽ ڏينهن ڪم ڪيو آهي. غلام
رباني به انهن ۾ هڪ هو، جنهن 1957ع کان 1984ع
تائين مسلسل ۽ لاڳاتار بورڊ سان وابسته رهيو.“(11)
مثال: نائب سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، ايڊيٽر،
قائم مقام سيڪريٽري، اسسٽنٽ سيڪريٽري، 27 سالن جو
هي عرصو تمام وڏو هو. انهيءَ وسيع تجربي جي ڪري
مرڪزي سرڪار موصوف کي اسلام آباد ۾ ايڪيڊمي آف
ليٽرس ۾ اول ڊئريڪٽر ۽ پوءِ ڊئريڪٽر جنرل ۽ آخر ۾
چيئرمين جي اعلى عهدن تي مقرر ڪيو هو. هن کان اڳ ۾
ڪو به سنڌي اديب ۽ عالم انهي منصب تي مقرر ڪونه
ٿيو هو.“
(12)
موصوف انهيءَ حيثيت ۾ چين، هندستان، بنگلاديش ۾
سارڪ ملڪن ۽ بين الاقوامي ادبي تقريبن ۾ پاڪساني
وفدن جي قيادت ڪئي هئي. اسلام آباد ۾ سندس آخري
مصروفيت فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر شپ هئي.
جيڪو هڪ انتهائي اهم عهدو هو. ڇو ته اهي ئي ميمبر
سي.ايس.ايس ڪلاس جا آفيسر چونڊيندا آهن.“(13)
غلام رباني آگري جي شاندار ادبي خدمتن جو
اعتراف مرڪزي سرڪار
”تمغهءِ
امتياز“
ڏيڻ سان ڪيو هو. ڪيترن ئي غير ملڪي ادبي رسالن ۽
عالمن سندس صلاحيتن ۽ لياقتن جي مڃتا ڪئي. جن ۾
چين، هندستان، ايران، بنگلاديش ۽ ڀارت جا اديب
شامل آهن.“ (14)
هاڻي انهيءَ ڳالھ جو به، ذڪر ڪرڻ ضروري
ٿو سمجهان ته، جڏهن سنڌي ادبي بورڊ بحران جو شڪار
ٿي ويو هو ته، غلام رباني آگري سنڌي ادبي بورڊ جي
اعزازي سيڪريٽري ٿيڻ جي آڇ قبول ڪئي هئي. ان وقت
جي چيئرمين محمد ابراهيم جويي جي صدارت ۾ ٿيل بورڊ
آف گورنرس جي اجلاس ۾ اها آڇ قبول ڪئي هئي. ان وقت
سنڌي ادبي بورڊ جي ايمپلائيز يونين جي صدر علي
نواز ڪيهر ۽ جنرل سيڪريٽري رفيق جمالي نئين
سيڪريٽري غلام رباني آگري جي مقرري جي آجيان ڪئي
هئي.“ (15)
29 جنوري 1997ع ۾ غلام رباني آگرو اسلام
آباد کان واپس آيو هيو ۽، پاڻ سنڌي ادبي بورڊ ۾
اچڻ کي ترجيع ڏني. ڇو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ
جي آفيس کان وٺي اچڻ جي سفر ۾ حيدرآباد ۾ اچڻ
تائين غلام ربانيءَ جو رت ۽ خدمتون سنڌي ادبي بورڊ
۾ ڏنل هيون. سنڌي ادبي بورڊ جي معاملن کي سلجهائڻ
لاءِ کائنس ٻيو گھٽ ماهر ٿي سگھيو هو. جڏهن بورڊ
ماضيءَ ۾ وڏي انتشار جو شڪار ٿي رهيو هو، مالي
بحران سان گڏ انتظامي طور تي بي بندوبستي به هن
اداري کي ڪاپاري ڌڪ هنيو هو، نتيجو اهو نڪتو هو جو
هي ادارو تقريبن پوئتي وڃي چڪو هو، ٻئي طرف سنڌ جي
علمي حلقن جو يقين متاثر ٿيو هو. سنڌ جا با شعور ۽
سڄاڻ حلقا هن اداري سان هڪ خاص انس رکن ٿا.“(16)
جڏهن غلام رباني جي هن اداري ۾ اسلام آباد
موٽي اچڻ کا پوءِ جڏهن سندس هن اداري ۾ مقرري ٿي
هئي ته سنڌ جي وڏن نالي وارن اديبن مبارڪ باد ڏني
هئي، انهن ۾ غلام مصطفى قاسمي صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، حميد سنڌي، تنوير عباسي، ڊاڪٽر غلام
محمد لاکو، عبدالقادر جوڻيجو، آپا شمس عباسي،
ڊاڪٽر نواز علي شوق، خان محمد پنهور، عبدالغفار
صديقي ۽ ٻين عالمن ۽ اديبن مبارڪون ڏنيون هيو“
(17)
ان وقت علمي ادبي ادارن ۽ اخبارن به
پنهنجي پيغامن ۾ خوشي جو اظهار ڪيو هو ته سنڌي
ادبي بورڊ جي واڌاري لاءِ ان وقت محمد ابراهيم
جويي ذميواري پاڻ کنئي هئي. سندس سان گڏ بورڊ جي
ٻي معمار غلام رباني آگري اعزازي سيڪريٽريءَ جو
منصب قبول ڪيو ۽ ڪم شروع ڪيو هو. محمد ابراهيم
جويو ۽ غلام رباني آگرو ٻئي ڄاڻو ۽ بورڊ جي
انتظامي معاملات جا ماهر هئا. بورڊ جي حوالي سان
ان مثالي ادبي جوڙي جو هڪ ڀيرو وري بورڊ ۾ اچي ڪم
سنڀالڻ هڪ معجزي کان گھٽ نه هو.بورڊ سان محبت جو
مثال ان کان مٿي ٻيو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو.“(18)
غلام رباني آگرو فقط نالي وارو دانشور
ڪو نه هو، پر انتظامي معاملن جو ماهر سنڌي ادبي
بورڊ جي تمام مسئلن کان واقف بورڊ کي ترقي وٺرائڻ
لاءِ اسڪيمن جو ڄاڻو ۽ ذاتي طرح سان سٺي شخصيت جو
مالڪ هو. قدرت کيس بي شمار صلاحيتن سان نوازيو هو.
سندس وجود سنڌي ادبي بورڊ ۾ ترقي جو ضامن هو. (19)
جويي صاحب ۽ رباني لاءِ هڪ وڏو چئلينج
هو. عالمن ۽ اديبن اسڪالرن ميڊيا سان تعلق رکندڙ
ماڻهن کي جيڪي اميدون هيون ته سنڌي ادبي بورڊ ترقي
ڪندو. اهي اميدون ساب پيون. محمد ابراهيم جويي ۽
غلام رباني آگري جي ڏاهپ ۽ ذهانت انهن سڀني اميدن
کي سرخرو ڪري ڏيکاريو. غلام رباني آگري سنڌي ادبي
بورڊ ۾ ڪل ٽيهارو ورهيه جي خدمت ۾ جنهن محنت ۽
صلاحيت سان خدمت ڪئي ان جو ثبوت اهو آهي. ته هڪ
طرف بورڊ جي ناموس ۾ واڌارو ٿيو ته ٻئي طرف بورڊ
کي -ڄام شورو ۾ پنهنجون عمارتون مليون. جديد آفسيٽ
”پريس“ جو قيام به غلام رباني جي مرهون منت هئي.“(20) نه فقط سنڌي ادبي بورڊ پر سندس وسيع
انتظامي تجربو به هو جنهن وسيلي هن پنهنجو نالو
امر ڪري ڇڏيو.
جويي صاحب کان پوءِ 2002ع ۾ سنڌي ادبي
بورڊ جو چيئرمين غلام رباني آگرو بنيو. آخوند صاحب
۽ رباني صاحب ۾ ڪجھ مسئلن تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي محمد
ميان سومرو ان وقت سنڌ جو ”گورنر“ هو. ان وقت
رباني جي ڪوششن سان بورڊ کي ڪلچر کاتي مان ڪڍي.
ٻيهر تعليم کاتي ۾ شامل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو.“ (21)
غلام رباني آگري جي علمي ادبي ذهن ۽ ذڪاء
کي ڏي
نهاري
اهو چئي سگهجي ٿو ته رباني هڪ بهترين منتظم ڏاهو ۽
قابل انسان اديب هو. جنهن پنهنجي شعور عقل ۽ ڏاهپ
سان سان گڏو گڏ هڪ منتظم جي حيثيت سان ڪيترائي
انتظامي معاملات پنهنجي شعور ۽ سمجھ سان حل ڪري
منجھيل معاملن کي پئي سلجهايو آهي.
ادبي ذوق
غلام رباني آگرو سنڌ جو هڪ
ڏاهو اديب هو جنهن پنهنجي سموري حياتي سنڌي ادب ۽
ٻوليءَ کي ارپي ڇڏي. پنهنجي ڪتاب ”جھڙا گل گلاب
جا“۾ لکي ٿو ته:
”غالباً سن 1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئيءَ کان
جدا ٿي هئي. ”الوحيد“ اخبار جو ”سنڌ آزاد نمبر“
شايع ٿيو هيو. منهنجي والد بزرگوارکي علمي ادبي
ڪتابن ۽ رسالن جو شوق هوندو هو. اهو نمبر به خريد
ڪيو هو ۽ سالن جا سال سندس ڪتابن جي ذخيري ۾ موجود
هو. جڏهن مان ڏهن ٻارهن سالن جي عمر جو ٿيس ته اهو
نمبر پڙهيم. گھڻو حصو مضمون سنڌيءَ ۾ هئا، ۽ ٿورو
حصو انگريزي ۾، هڪ مضمونن ۾ هڪ جو عنوان هو.Sheik
Abdul Majeed Sindhi Soldier of Islam
انساني حافظو ضعيف آهي. پر مان ڀانئيان ٿو ته
عنوان اهو ئي هو.“(22) رباني وڌيڪ لکي ٿو ته:
”مضمون علي برادران يعني مولانا شوڪت علي ۽
مولانا محمد عليءَ ٻنهي مان ڪنهن هڪ جو لکيل هو.
ان زماني ۾ منهنجو انگريزي زبان جو مطالعو نه هئڻ
برابر هو، جڏهن وڏو ٿيس ته اهو مضمون پڙهيم. ان
زماني تائين شيخ صاحب جي عظمت جا پاڇا منهنجي ذهن
تي پئجي چڪا هئا.“(23) چنانچه جڏهن غلام رباني ادبي رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيو هو.
تڏهن پاڻ کي غلام رباني
”سنڌي“ تخلص سان لکندو هو. سنڌي لفظ جو اضافو
شيخ صاحب جي شخصيت کان متاثر ٿي ڪري ڪيو هو. ۽ شيخ
عبدالمجيد به پاڻ کي عبدالمجيد سنڌي جي نالي سان
لکندو هو.
غلام رباني آگرو وڌيڪ لکي ٿو
ته:
”غالباً 1952ع ۽ 1953ع ڌاري ڪراچي ۾ سنڌي
ادبي سنگت جو بنياد پيو. مرحوم عبدالغفور انصاري،
مرحوم احسان بدوي، مرحوم نبي بخش دائود پوٽو،
نورالدين سرڪي، شايد جمال ابڙو ڪي ٻيا دوست ان جا
ابتدائي ڪارڪن هئا.“(24) غلام رباني آگري سنڌي ادب سان رغبت
رکي ڪيترن ئي همعصرن سان ادبي ناتا جوڙيائين. تن
۾، شيخ حفيط کيس گهڻو اتساھ ڏياريو ۽ سنڌي ادبي
سنگت سان متعارف پڻ ڪرايو هو. هڪ مرتبا شيخ حفيظ
ميٺارام هاسٽل ۾ هڪ افسانو لکي رهيو هو. ۽ غلام
ربانيءَ کي چيائين ته سنڌي ادبي سنگت افسانن جي
ڀيٽ ڪرائي آهي. ان لاءِ افسانو لکي رهيو آهيان ته،
ان وقت غلام رباني آگري به چيو ته مان به لکان؟ ان
وقت حفيظ شيخ رباني کي اتساهه ۽ جذبو ڏيارو ته ڀلي
لک. غلام رباني پنهنجو افسانو لکي شيخ حفيظ کي
ڏنو.
شيخ حفيظ پنهنجي افساني سان
گڏ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري عبدالغفور انصاري
کي ڏئي آيو. هڪ هفتي کان پوءِ انصاري صاحب غلام
رباني کي ميس ۾ مليو ۽ غلام رباني کي چيائين ته
سڄيءَ سنڌ مان تقريبن پنجاهه کن افسانا آيا آهن ۽
پهرين ڏهن افسانن ۾ تنهنجو افسانو به شامل آهي.
هفتي کان پوءِ نتيجو ظاهر ڪيو ويو ته غلام رباني
جي افساني کي پهرين نمبر انعام لاءِ چونڊيو ويو
هو. جيتري قدر ادبي ذوق جو تعلق آهي ته اهو تعلق
غلام رباني جي پنهنجي گھر ۾ ئي اهڙو ماحول قائم
ڪيل هو. سندس والد محترم گھر ۾ ڪتاب، رسالا ۽
اخبارون تمام گهڻي شوق ۽ چاھ سان خريد ڪندو ۽
پڙهندو هو. غلام رباني ننڍي هوندي کان انهن ڪتابن
سان آشنا ٿيندي دلچسپي وٺندو هو. اهڙو ماحول کيس
ادبي ورثي ۾ مليو هو. ويتر جڏهن سنڌي ادبي سنگت
پاران سندس افساني جي انعام لاءِ پهرين نمبر چونڊ
ٿيڻ تي وڌيڪ اُتساهه پيدا ٿيو ۽ پوءِ پنهنجي همعصر سنگتين سان گڏجي سنڌي
ادب ڏانهن مثبت رويو اختيار ڪندي ان ۾ دلچسپي وٺڻ
لڳو. انهن سنگتين علمي، ادبي بحث مباحثا ڪري،
سندس ذهانت ۽ قابليت کي وڌيڪ پڪو ۽ پختو ڪيو.
انهن ۾ شيخ حفيظ، تنوير عباسي، عبدالغفور انصاري،
مولانا عبدالواحد سنڌي، مولانا غلام محمد گرامي،
مولانا غلام مصطفى قاسمي، حميد سنڌي، شيخ اياز،
شيخ راز، محمد ابراهيم جويو، رشيد ڀٽي، احسان بدوي
، نبي بخش دائود پوٽو، نور الدين سرڪي، جمال ابڙو،
اياز قادري، پير حسام الدين راشدي ۽ ٻيا کوڙ سارا
عالم ۽ اديب جن جي سنگت ۽ صحبت نصيب ٿيس جو سندس
آخري دم تائين سندس قلم نه رڪيو۽ مسلسل اک پورڻ
تائين لکندو رهيو. ۽ ان جو ثبوت ان جون تحريرون
آهن. جنهن ۾ ساهتيءَ جي صاف سٿري زبان ۽ ان جي
محاورن کي پنهنجي لکڻين تي سون جي سهاڳ جيان ڪتب
آندو اٿس.
ادبي دائرو
غلام رباني آگرو ليکڪ،
پاڙهو، مرتب، مؤ لف، مترجم، مدون ۽ پبلشر رهيو
آهي. اسان کيس مترجم نقاد ۽ دانشور پڻ چئي سگهون
ٿا. سندس محنت توڙي جاکوڙ جو اهو جهان آهي، جو کيس
وقت جو قدر به هو، نه پنهنجو وقت وڃائيندو هو. نڪي
ڪنهن ٻئي جو وقت ضايع ڪندوهو. ان ڪري هن علمي ادبي
ميدان ۾ وڌي مڃتا ماڻي ورتي پوءِ اها مقامي سطح جي
هجي يا عالمي سطح جي ڇو نه هجي. هر لحاظ ان جو
علمي ۽ ادبي پهلو زردار نظر اچي ٿو. سندس علمي ۽
ادبي ڪم جو جائزو وٺڻ معنيٰ ان جي پورهئي جو قدر
ڪرڻ آهي. سندس شهرت سانتيڪي هجڻ سان گڏ جفا ڪشي
سان به ڳنڍيل آهي. سندس نالو سنڌ ڏيهه توڙي پنهنجي
ملڪ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جن ۾ ڀارت، چين،
بنگلاديش ۽ ايران ۾ پڻ شهرت ۽ وڏو مقام حاصل
ڪيائين. هي هڪ سنڌ جو ذهين شخص هئڻ سان گڏوگڏ سڌو
سنئون صوفي منش نظر ايندڙ، ڪنهن به گروهه سان نه
ڳنڍيو، پر هميشه انسانيت لاءِ ڪم ڪندو رهيو. اسان
جي سنڌ ڏيهه جي هڪ مهان روحاني درگاهه لنواري شريف
جي ٻئي سجادهه نشين حضرت خواجه گل محمد بن خواجه
محمد زمان سلطان الاولياءَ قدس سره پنهنجي تخليق
”الورد محمديءَ“۾ لکيو آهي ته:
”انسان
کان انسانيت ۾ ٻه اکر وڌيڪ آهن. هڪ ي ٻيو ت انهن
ٻنهي اکرن جي علم ابجد موجب 410 ٿئي ٿو. تنهن ڪري
انسانيت جي حاصلات لاءِ ايتري انداز ۾ جدوجهد ڪرڻ
گهرجي.“ مگر هن اسان جي ڏاهي، ايترن مضمونن،
مقالن ۽ ڪتابن جي ڇپائڻ کان پوءِ به پاڻ کي وڏو
اديب نه سڏايائين. سندس اٿاهه خوبين سببان رباني
سنڌ واسين لاءِ قابل احترام آهي. رباني جي فضيلت
جو دليل پنهنجي دور جي ليکڪن تي ظاهر ظهور آهي.
سندس فڪر ۽ نظر جي زوايه سان جو ڪجهه لکيو اٿس، ان
جي هر ڪنهن واکاڻ ڪئي آهي. سندس تخليقات مان جنهن
به تخليق کي انتخاب ڪجي ٿو ته، اها تخليق سهڻي
سريلي سنڌي زبان جي زيب ۽ زينت سان ڀرپور ادبي
مقام رکي ٿي. سندس عبارت جي سادگي ۽ تحقيق ۽ تخليق
جو انداز مثالي آهي. رباني تحقيق جي ميدان ۾ ديرپا
اثرات ڇڏيا آهن. سندس لکيل سوانحي خاڪن جي تحقيق
وارو ڪم ڪري سٺا مثال قائم ڪيا آهن. ٻين جا لکيل
سوانحي خاڪا موضوع جي اعتبار کان نازڪ آهن. ترتيب،
۽ ان جي اخذ ڪيل نتيجا قابل تعريف آهن. غلام رباني
وٽ روايات جا انبار آهن. هو انهن روايتن کي
ڪسوٽيءَ تي پرکي ۽ ڇنڊي ڇاڻي تحرير ۾ آڻي ٿو.
روايتن کي مختلف سمتن کان سميٽندي اڳتي وڌائي ٿو ۽
تحقيق جو ادبي سلسلو شروع ڪري ٿو. ان حوالي سان
ادب ۾ تحقيق جي روايتن کي استحڪام بخشي ٿو. غلام
رباني آگري هر حوالي سان متعدد گوشن کي تلاش ڪري
پنهنجي موضوعن ۾ نئين انداز سان مواد کي نئين علمي
۽ ادبي زاوين سان تخليق ڪري انهن کي چيزن کي مؤزون
پسمنظر ۾، پيش ڪيو آهي. ان لاءِ هن سنڌي، پارسي ۽
عربي توڙي اردو جي مايه کي بند الماڙين مان ٻاهر
آندو. تاريخ توڙي ادب جي گج ٿيل ڪڙين جي دريافت
ڪري، ادب کي عوام الناس تائين پهچايو. تنهن ڪري
غلام رباني جي آغاز ۽ ارتقا کي ڏيھ توڙي پرڏيھ جي
عالمن، فاضلن درويش ۽ دانشورن جي حالات ۽ واقعات
کي متعين ڪيو ۽ اهو سرمايو فراهم ڪيو. جڏهن سندس
تحقيق جو جائزو ورتو ويو ته، ان مان معلوم ٿيو ته،
سندس ادبي ڪم وارو رخ هڪ نئين ترتيب ۽ ڍنگ وارو
آهي جو ٻين ڀيٽ ۾ هڪ نئون تخليقي حسن کڻي نروار ٿي
آڏو اچي ٿو. نئين رخ ۽، مفيد معلومات سان ظاهر نظر
اچي ٿو. غلام رباني آگرو هڪ خود دار ۽ سچار ماڻهو
هو. سندس تحريرن مان اها ئي خوشبو اچي ٿي. سندس
تحريرون بلند پايه جون آهن، ۽ پڻ انهن ۾ الهامي
ٻاڻين جو مفهوم سمايل آهي، ڪيترا راز فاش ڪيا
اٿس.
سياسي شعور
جڏهن ننڍي کنڊ ۾ سياسي
حالات تمام تيزيءَ سان بدلجڻ لڳا، ته ان جو سنڌ ۾
سٺو اثر پيو، سياسي طور ڪي مکيه مسلمان ليڊر به
ڪانگريس جا روح روان هيا. سنڌ جي ساهتي پرڳڻي ۾ به
اهو حال ڏسڻ ۾ اچي ٿو. گهر گهر ۾ پنهنجي سياسي
پارٽين جو ذڪر هلندڙ هو. ڪي مسلم ليگ جا ته ڪي
ڪانگريس جا همدرد هئا. جئين ته غلام رباني جو ڳوٺ
مسلم ليگ جي هڪ ليڊر حاجي غلام نبي ڏهراج جي ڳوٺ
محبت ديرو جتوئي کان سڏ پنڌ تي آهي. هن ڳوٺ جي
رهاڪن تي اسلامي سکيا جو وڏو اثر هو. ان ڪري هن
ڳوٺ جا رهاڪو مسلم ليگ جا همدرد هئا. مگر غلام
رباني نوشهرو فيروز مدرسه هاءِ اسڪول جو شاگرد هو.
جنهن جو بنياد سيد خان بهادر الھ آندو شاهه وڌو
هو. ان ڪري ان جي فرزند سيد محمد علي شاهه جو
ڪانگريس ۾ وڏو اثر هو. ان جو تاثر مدرسه هاءِ
اسڪول جي شاگردن تي وڏو پيو. جنهن کان پوءِ غلام
رباني به متاثر ٿيو.
غلام رباني وري جڏهن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ
تعليم لاءِ ويو ته اتي قوم پرست ليڊرن جي تقريرن ۽
گفتگو جو مٿس اثر پيو. غلام رباني ڪنهن به پارٽيءَ
۾ ميمبر نه ٿيو. مگر آزاد خيال محب وطن رهيو. جنهن
ڪري مٿس آزاد خيالي ۽ محبت جو عنصر غالب رهيو.
وفات
ماضيءَ جو ساهتي پرڳڻو ۽ اڄوڪو ضلعو نوشهرو فيروز،
ڪجھ حقيقتن سبب سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
ساهتي پرڳڻي جي اها به وڏي خوش نصيبي آهي جو هن
زرخيز خمير مان ئي ڪي عالم، اديب، محقق، نقاد،
مدبر ۽ ڏاها پيدا ٿيا آهن ۽، ٿيندا رهن ٿا. انهن
پنهنجي دور ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. ساهتيءَ جي
سپوتن جي هڪڙي تمام قديم تاريخ آهي. اگر ساهتيءَ
جي ڏاهن عالمن ۽ اديبن جي علمي، ادبي ۽ تاريخي
ڪمن ۽ ڪاگذارين کي سهيڙجي ته، جيئن هاڻوڪي نسل ۽
ايندڙ نسل کي معلوم ٿي سگھي ته ساهتي خطو ڪيڏو نه
علم ۽ ادب سان پنهنجي اندرمفيد معلومات جو خزانو
رکندڙ هو. هن خطي ۾ وڏا نالي وارا عالم ۽ اديب
پيدا ٿيا آهن، انهن ۾ نارائن شيام، ڪوڙو مل، گوبند
مالهي، حشوڪيولراماڻي، قاضي فيض محمد، نجم عباسي،
حافظ محمد بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر حامد علي خانائي،
حميد سنڌي، پروفيسر غلام حسين جلباڻي، راشد
مورائي ۽ ٻين کوڙ سارن ساڃاهه وندن جون علمي ادبي
خدمتون وسارڻ جهڙيون ناهن. انهن نه فقط ساهتي
پرڳڻي پوري سنڌ ملڪ جي خدمت جي جذبي سان پاڻ ارپي
ڇڏيو. انهن ڏاهن ۾ خاص طور تي سال 2010ع جو ذڪر
ڪندس هن سال ۾ ساهتي پرڳڻي جو ادبي لحاظ کان وڏو
نقصان ٿيو، جنهن ۾ 15 مارچ 2010ع تي ڊاڪٽر حامد
علي خانائي جي وفات ٿي ۽ ٻيو غلام رباني آگرو شگر
۽ دل جي بيماريءَ دل جي دوري پوڻ سبب لطيف آباد
جي هلال احمر اسپتال حيدرآباد ۾ سومر ڏينهن 18
جنوري 2010ع ڪچڙيءَ منجھند ڌاري راهه رباني وٺي
الله کي پيارو ٿي ويو. سندس جنازي کي کڻائي ضلع
نوشهرو فيرز جي تعلقي ڪنڊياري جي شهر محبت ديرو
جتوئي کان اٽڪل ڏيڍ ڪلو ميٽر اتر طرف سندس اباڻي
ڳوٺ محمد خان آگرو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. اڄ
اسان وٽ غلام رباني آگرو موجود ته ڪونهي، پر سندس
تحريرون ۽ يادون اسان وٽ محفوظ آهن. حافظ مهراڻ
سڪندري پنهنجي مضمون
”آگري صاحب جو وڇوڙو“ ۾ لکي ٿو ته:
”هو به انسان هو، کائنس به خطائون ٿيون هونديون ڇو ته انسان ۾
عام طرح سان گڻ ۽ اوگڻ جا ٻئي اوصاف ۽ اوساڻ سمايل
هوندا آهن. انهن ساهمي جي ٻنهي پڙن کي برابر
بيهارڻ اوکو ۽ اڙانگو ڪم آهي، آگري صاحب لاءِ بس
ايترو ئي چئي سگهجي ٿو.“(25)
ویران ہے میکدہ خم ساغر اداس ہیں
تم کیا گئے کہ روٹھ گئے دن بہار کے!
رباني هڪ اهڙو خلا ڇڏي ويو. جيڪو پرُ ڪرڻ ممڪن
ناهي، ڇو ته هو هڪ نامور ليکڪ، سلجهيل سوچ رکندڙ
اديب، هڪ قد آور شخصيت ۽ هڪ عظيم انسان هو. رباني
پنهنجي ورثي ۾ قومي جذبو، تاريخ ۽ تمدن جي حفاظت،
تهذيب ۽ قدرن جي اهميت، ننڍن سان پيار ۽ شفقت، وڏن
جو احترام، بلا امتياز مذهب جو قدر، سنڌي ٻولي ۽
ادب جي خدمت ڪندي پنهنجي خالق سان وڃي مليو آهي.
خدا پاڪ کيس پنهنجي جوار رحمت ۾ رکي
”آمين.“(26)
غلام رباني هڪ حقيقت پسند انسان وانگر وڏي جاکوڙ
همت ۽ حوصلي سان زندگيءَ ۾ وک وڌائيندو رهيو. سندس
وفات سان هڪ وڏو علمي، ادبي ۽ تخليقي نقصان ٿيو
آهي.
غلام رباني آگري جو سفر هڪ ننڍڙي
ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ کان ٿيو آهي ۽ سندس نالو سنڌ جي
ادبي دنيا ۾ وڏي حيثيت ماڻي چڪو هو. پنهنجي ملازمت
جي شروعات سنڌ سيڪريٽريٽ جي جونيئر ڪلارڪ کان وٺي
سنڌ يونيورسٽيءَ جي پرو وائيس، اڪيڊمي آف ليٽرس
اسلام آباد جي چيئرمين جي عهدن تائين رسيو. سڄي
عمر مسواڙي جاين يا سرڪاري رهائشگاهن ۾ رهيو،
وڏائي ڪونه ڪيائين، پنهنجي لاءِ جاءِ ٺهرائي نه
سگهيو. 2005ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي رهائشگاهه
ڇڏيائين ته يارن دوستن ۽ ڀائرن جي تعاون سان نسيم
نگر حيدرآباد ۾ هڪ گھرڙو خريد ڪيائين. جنهن ۾
زندگيءَ جا باقي ڏينهن پوراڪيائين.“(27)
نصير مرزا لکي ٿو ته:
”پوئين
ڀيري گهر تي ڪاشيءِ ”باءِ پوسٽ“ موڪلڻ لاءِ ايڊريس
گھري مانس، ته اها پنهنجي هٿن سان مونکي لکي ڏني
هئائين: غلام رباني آگرو، بنگله نمبر
107 نسيم نگر، فيز11، قاسم آباد، حيدرآباد ۽ 19 هين جنوري
2010ع صبح جو، جڏهن پنهنجي انهيءَ رهائشگاهه وٽان،
ايمبولنس ۾ سوار ٿي، هو هميشه هميشه لاءِ حيدرآباد
کي ڇڏي رهيو هو، ته روانه ٿيندڙ
VAN ڏانهن اکيون کڻي ادب سان پڇيو مانَ: جڏهن ڀلا هاڻي پيا
روانا ٿيو، اتان جو ڏس پتو نه ڏيندا ويندؤ؟ ۽ جهٺ
فضا مان سندن مٺو، مهربان ۽ چاڪ وچو بند آواز ٻڌم:
پوسٽ آفيس آڳرهه مقام: محمد خان آڳڙهه تعلقو
ڪنڊيارو، ضلع نوشهرو فيروز.“(28)
غلام رباني آگري جي وفات سنڌي ادب جو وڏو نقصان
آهي. ڇو ته پاڻ جيڪا به سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت
ڪندي گذاري، اها ڪڏهن به مٽجڻ جي ناهي ۽ اها سنڌ
جي ادب ۽ تاريخ ۾ گلاب جي وانگر هٻڪار پکڙييندي
رهندي. سندس لکيل مضمون ۽ ڪهاڻيون، سوانح عمريون،
سفرناما، مشاهيرن جا تذڪرا، ترجما پڻ سنڌي ادب ۾
خاص مقام رکن ٿا. غلام رباني اڄ اسان وٽ موجود ته
ڪونهي، پر سندس لکڻيون مثالي بنجي چڪيون آهن. جڏهن
پهرين دفعي پنهنجي تحقيق جي سلسلي ۾، استاد نثار
احمد آگري، الطاف آگري، رياض احمد آگري سان گڏجي
سندس مزار تي ويس هيس چار قل پڙهي اهو سوچيو هيم
ته انسان ڀلي سوين سال جئي، پر سندس آخر گهر هي
آهي، ۽ اهو به سوچيو هيم ته عالم ۽ اديب ڏاها ۽
مدبر جنهن جا لکيل گفتا ۽ ڳالهيون آهن، اهي ڪڏهن
به ناهن مرندا پنهنجي عوام ۽ سماج جي ارد گرد
ڦرندا رهندا آهن. ڪتابن ۾ ڏنل معلومات هزارن سالن
تائين زنده رهي ٿي ۽ اها معلومات پنهنجي قوم جي
رهبري ڪندي رهندي آهي. انهن مان انهيءَ قوم جا فرد
مستفيض ٿي استفادو حاصل ڪري قوم کي سنواري ڇڏيندا
آهن.
غلام رباني آگري مرحوم جي وفات کانپوءِ
گورنمينٽ آف سنڌ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو جو
نالو مٽائي غلام رباني آگرو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
ڪنڊيارو رکيو ويو انهي جو نوٽيفڪيشن 18 جنوري
2011ع تي جاري ڪيوويو. غلام رباني آگرو جون سنڌي
ادب ۽ ٻولي لاءِ تمام اڻمٽ ڪوششون آهن جنهن جي
بدولت کيس جي وفات کان پوءِ انهيءَ اعزاز سان
نوازيو ويو آهي جو هميشہ ساهتي پرڳڻي لاءِ هي
ڳالهه نهايت ئي اعزاز واري آهي، گورنمينٽ جي انهي
قدم کي ساراهجي ٿو.
حوالا:
1.
آڏواڻي ڀيرومل مهرچند
”قديم
سنڌ“ ڇاپو ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/
حيدرآباد سنڌ، پاڪستان 1992ع ڪتاب جو (ديباچو).
2.
ايضاً (ديپاچو)
3.
رحيمداد خان مولائي شيدائي
”جنت السنڌ“ ٻيو ڇاپو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2006ع ص: 24
4.
خضر نوشاهي ڊاڪٽر
”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“
ٽماهي
”مهراڻ“ جنوري-
جون 1999ع، ص: 249
5.
غلام رباني آگرو
”جھڙا گل گلاب جا“ عنوان-
عبداللطيف آگرو، ڇاپو ٻيو، سنڌ ادبي بورڊ ڄام شورو
2007ع، ڪتاب جو فوٽ نوٽ: ص: 119
6.
رٽائرڊ استاد نثار احمد آگرو 06 آڪٽوبر 2012ع،
ملاقات
7.
آگرو غلام رباني
”جهڙا گل گلاب جا“ پهريون حصو: ص: 119
8.
”سنڌيڪا لغت“
پهريون ڇاپو:ص: 24
9.
مير علي شير قانع ٺٽوي
”تحفة
الڪرام“ مترجم-
مخدوم امير احمد-
مرتب- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- ڇاپو ٻيو- سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، پاڪستان 1976ع، ص: 346
10.
آگرو غلام رباني،
”فن
۽ شخصيت“ مرتب- الطاف آگرو، ڇاپو پهريون، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ
يونيورسٽي، -ڄام شورو، 2014ع، ص: 12
11.آگرو
غلام رباني
”جهڙا
گل گلاب جا“ پهريون حصو: ص: 119
12.
ٽماهي-
”مهراڻ“
نمبر1،
”سنڌي
ادبي بورڊ ۾ انتظامي تبديليون سنڌي پريس جا رايا“
جلد 46-
جنوري - مارچ، سنڌي ادبي بورڊ -ڄام شورو
1997ع، ص :227
13.
روزانه
”برسات“
آڱارو 31 ڊسمبر 1996ع.
14.
روزانه
”ڪاوش“
26 جنوري 1997ع.
15.
روزاني
”خلق“ سومر 03 فيبروري 1997ع.
16.
روزاني
”برسات“ جمعو 07 فيبروري 1997ع.
17.
روزانو
”وطن“ خميس 13 فيبروري 1997ع.
18.
روزانه
”بخت ور“ اربع 12 فيبروري 1997ع
19.
روزاني
”سرواڻ“
جلد 6 ڇنڇر 15 فيبروري 1997ع.
20.
روزاني
”عبرت“ آچر 16 فيبروري 1997ع.
21.
لاکو غلام محمد
”غلام رباني آگرو- شخصيت جو هڪ پهلو“، ٽماهي
”مهراڻ“
نمبر2،
جلد 60، اپريل- جون سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو، 2010ع، ص: 172
22.
غلام رباني آگرو
”جھڙا گل گلاب جا“ ٻيو حصو - ڇاپو ٻيو- شيخ عبدالمجيد سنڌي - سنڌي ادبي بورڊ
ڄام
شورو 2007ع، ص: 283
23.
ايضاً، ص: 283
24.
ايضاً، ص: 457
25.
حافظ مهراڻ سڪندري
”آگري
جو وڇوڙو“
ٽماهي
”مهراڻ“ نمبر2، جلد 60، اپريل - جون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ
2010ع، ص: 185
26.
ميمڻ نثار احمد
”غلام رباني آگرو“
ساڳيو
”مهراڻ“، رسالو، ص: 190
27.
صديقي عبدالغفار
”جوڳي
ڇڏي ويا جوءِ“
ساڳيو
”مهراڻ“، ص: 198
28.
مرزا نصير
”آگرو صاحب- جيئين مون ڏٺو“ خاص مضمون، ٽماهي،
”مهراڻ“
نمبر1،
جلد 60، جنوري - مارچ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،
سنڌ 2010ع، ص: 231 |