سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي جائزو

 

صفحو:10 

باب ٽيون:

غلام رباني آگرو بحيثيت نثر نگار اديب

سنڌ جي نثر نويسن ۾ غلام ربانيءَ جو نالو پنهنجي ڇاپ سان آهي. مطلب ته، سندس لکڻين ۾، اسلوب معياري ۽اعليٰ پئماني جو هڪ شاندار مثال آهي ۽ زبان توڙي لهجي جي لحاظ سان معياري ساهتي واري لهجي ۾ ڳوٺاڻو عڪس نظر اچي ٿو. غلام رباني جو تخليقي ادب وارو لهجو هر لحاظ کان استعمال ٿيندڙ تخليقي ادب سان منسلڪ آهي. غلام رباني آگري وچولي لهجي سان سٻنڌ رکندڙ جي وابستگي فطري طور محسوس ڪرڻ لازم امر آهي. ان جي باوجود به هُو معياري زبان کي سڄي سنڌ لاءِ مفيد ڄاڻي ان جي ئي استعمال کي اهميت ڏئي ٿو. اُن لاءِ هن کي آفرين آهي ۽ جس لهڻي ٿو، جو پنهنجي انفرادي اسلوب کي دائم ۽ قائم رکي پنهنجي لکتن جي سڃاڻپ ڇڏي ويو آهي. پهرئين ادبي شاهڪار جو نالو آب حيات آهي. جيڪو پڻ ڪهاڻين جو ڪتاب آهي ۽ ان کانپوءِ مشاهيرن جي تذڪري تي ٻڌل سندس نشانبر ڪتاب آهن. مثال جهڙا گل گلاب جا، سنڌ جا بر بحر۽ پهاڙ، سنڌي ڪلچر ۽ اجھو هاڻي، ماڻهو شهر ڀنڀور جا ڄاڻو ڄاڻن ٿا ته رباني جي تحرير ۾ جا دلڪشي ۽ اسلوب جي ندرت هميشہ کان سندس نثر جو خاصو رنگ رهي آهي. نصير مرزا لکي ٿو ته: ادبي مؤرخ هن جي هر تحرير بابت هيئن به چوندا آهن ته هو پنهنجي نثر ۾ رڳو لفظ ئي ڪٿي؟ ڄڻ ته موتي پوئيندو آهي ۽ جئين مٿي بيان ڪيو آهي. آب حيات رباني صاحب جي پهرئين شاهڪار جو نالو آهي. سندس آخري ڪتاب ماڻهو شهر ڀنڀور جا جڏهن پڙهجي ٿو ته واهه واهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. ڪتاب ماڻهو شهر ڀنڀور جا ڇپائيندڙ لکي ٿو ته ڪتاب ماڻهو شهر ڀنڀور جا سنڌي ادب جي نامور نثر نگار سائين غلام رباني آگرو جن جي آخري تصنيف آهي. جيڪا پڻ سندن اڳين تصنيفن جيان تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب سبب ڏاڍي دلپذير آهي ۽ لکڻ جو اهو انداز اتساهيندڙ ادب جو هڪ اهم حصو آهي. هن زندگي جي مختلف مرحلن ۾ تجربي ۽ تلخيءَ جي وهه کي ماکيءَ ۾ ملائي عجب جهڙو ڪم ڪيو آهي.(1)

رباني جي مذڪوره تخليق ڏيهي ۽ پر ڏيهي ادبي ثقافتي سماجي ۽ سياسي شخصيتن جي مختلف رخن تي روشني وجهي ٿي. محترم غلام محمد لاکو پنهنجي مضمون غلام رباني آگرو شخصيت جو هڪ پهلو ۾ لکي ٿو ته: راشدي ڀائرن کانپوءِ موجوده دور ۾ رباني صاحب ڀلوڙ نثر نويس تسليم ڪيو وڃي ٿو.(2)

غلام حسين مشتاق سچاروي پنهنجي مضمون سي لاهوتي لڏي ويا ۾ غلام رباني آگري بابت لکيو آهي: ايم سيد، ڊاڪٽر عمر بن محمد خان دائود وپوٽو، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، شيخ اياز، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي، حفيظ شيخ جهڙن مهان شخصيتن ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن اديبن ۽ دانشورن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ويچار ونڊڻ ته رباني کي ڊاڪٽر اينمري شمل، جي ۾ صحبت ياران نصيب ٿي. سندس يارن جي خزاني ۾ ڪيترائي ڪتاب ۽ لائبريريون لڪل هيون. رڳو ورق ورائيندو ويندو هو ۽ ماضي کي حال جي آئيني ۾ ارپيندو، ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جو من موهي ڇڏيندو هو.(3) رباني جي نثر ۾ خوش پوشي سان گڏ خوش طبعي ۾ به سندس اڇو اجرو رنگ لڳندوهو. خداوند ڪريم کيس سهڻي شڪل شباهت، طبعي نفاست،علمي لياقت، گفتگو ۾ سنجيدگي سان گڏ ظرافت جو عنصر وڏي سخا ۽ عطا سان عنايت ڪيو هو.  جنهن به چند گھڙيون گڏ گذاريون ته هميشہ هميشہ سندس دوستي ۽ عقيدت مندي جي دائري ۾ داخل ٿي ويو. غلام رباني جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي چند چوٽيءَ جي مثالي نثر نگارن ۾ ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس ادبي حوالو سنڌي ڪهاڻي جي جديد بانيڪارن ۾ ٿئي ٿو. ورهاڱي کانپوءِ جن ليکڪن جديد سنڌي ڪهاڻي کي اڳتي آندو ڪهاڻي جي ميدان ۾ پاڻ کي ملهايو انهن ۾ رباني جو نالو سر فهرست آهي. غلام رباني جو شمار جن نثر نويس ۾ ٿئي ٿو. تن ۾ اهي وڏا نالا عرض ڪري چڪو آهيان. رباني جو شمار سنڌي ڪهاڻي جي ٽمورتي ۾ ٿئي ٿو. جنهن ۾ غلام رباني آگرو، اياز قادري، جمال ابڙو اچن ٿا. رباني جي سفر نامن، جيون خاڪن، سوانح عمرين جي نثر ۾ ميٺاج ۽ چاشني شامل ڪئي آهي. نصير مرزا پنهنجي مضمون سنڌي ٻوليءَ جو منفرد نثر نگار ۾ لکي ٿو ته: رباني صاحب جون ڪهاڻيون شيدو ڌاڙيل هجي بري هن ڀنڀور ۾ يا آب حيات مشاهيرن جا خاڪا، تذڪرا، سفر ناما، ادارن بابت تفصيل يا ساروڻين جا احوال پاڻ جيڪي صفحا لکيا آهن. انهن ۾ سندس نثر ۽ اسلوب جي دلفريبي بيشڪ پنهنجي جاءِ تي پر سندس هر تحرير جا مکيه موضوع جيڪي سدائين رهيا آهن.

اهي هئا سنڌ، شاهه لطيف، ماروئڙا ۽ جھانگيئڙا. رباني پنهنجي ڏات ۽ ذات ۾ ڇا هو؟ هڪ دلبر انسان ڳالهين جو ڳهير، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ ايڪهين صديءَ ۾ سنڌي نثر جو سڀ کان منفرد نثر نگار غلام رباني هڪ مڪمل يونيورسٽي هو، هن وٽ پنهنجا ماڻ ۽ ماپا هئا. سندس زبان گھٽ اکيون وڌيڪ ڳالهائينديون هيون، ربانيءَ جي نثر ۾ ميٺاج ۽ چاشني رکيل آهي، ان سان گڏ سندس نثر ۾ جا بجا اصطلاح، پهاڪا، چوڻيون، ورجيسون، ٻوليءَ جو درست ۽ صحيح استعمال پڻ ملي ٿو.(4)

غلام رباني آگري جو علمي ادبي دائرو 

         غلام رباني دنيا ۾ آيل نئين فڪري ڦير گهير ۽ سنڌي ادب ۾ پڻ ان تبديليءَ سنڌ جي اديب ۽ تاريخ نويس ۽ مترجم پڻ سجاڳيءَ سبب علمي ۽ عملي جدوجهد لاءِ نئين سري کان ادب جي نئين عمارت جي پيڙھ جو پٿر رکڻ جي شروعات ڪئي. ان واضح تبديليءَ کي جنهن نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ خاڪا نگار غلام رباني آگري نئين حوصلي، جذبي ۽ جوش سان پنهنجي ادبي سفر جي شروعات ڪئي. پنهنجن همعصر ساٿين سان گڏجي پنهنجي خاص ادبي دائري ۾ رهي پنهنجي فهم ۽ فڪر کي چٽو ڪيو. پنهنجي متعين ڪيل علمي ۽ ادبي ڪم زور شور سنڌ جي مختلف جريدن ۾ شايع ڪرايو. سندس تصنيف ۽ تاليف جي مطالعي مان اهو بخوبي ظاهر ٿئي ٿو ته سندس نثر نه رڳو علم ادب ۽ سيرت سوانح نگاري، افسانه نگاري، ترجما نگاري، تاريخ، تنقيد وغيره ۾ سهڻو لڳي ٿو، پر سفرنامن، ادارن جي موضوعن متعلق اصلاحي، انقلابي ۽ جامع تصنيف جو ڪم به ڏئي ٿو. هن ادب جي ميدان ۾ معياري ڪم ڪيو آهي. هن معاشي، ديني، ادبي اصلاح خاطر اثرائتا اپاءَ ڏسيا آهن. شروع ۾ سندس علمي ۽ ادبي مضمون مختلف اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. جنهن ڪري سندس نالو ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيڻ لڳو.

           غلام رباني جو شمار موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي چوٽيءَ جي مثالي نثر نگارن ۾ ٿئي ٿو. سندس بنيادي ادبي حوالو سنڌي ڪهاڻي آهي. سندس شمار سنڌي ڪهاڻي جي بانيڪارن ۾ ٿئي ٿو. غلام رباني آگرو، جمال ابڙو، ۽ اياز قادري جن جو شمار جديد سنڌي ڪهاڻي جي ٽمورتي ۾ ٿئي ٿو. سنڌي ڪهاڻي کي نوان موڙ ۽ لاڙا ڏنا، سندس ڪهاڻين جي ڪتاب “آب حيات” کي سنڌي ڪلاسڪ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. رباني ڪهاڻين کان علاوه مختلف ادبي ثقافتي، سماجي ۽ سياسي شخصتين جي زندگيءَ تي روشني به وڌي آهي. سندس ڪتاب جھڙا گل گلاب جا جنهن جو هن تحقيق ۾ باربار ذڪر ڪيو ويو آهي سو ٻن حصن ۾ لکيو آهي، انهي ۾ هن سهڻي ريت پنهنجن بزرگن، عالمن، سگهڙن جي يادگيرين کي سهيڙيو آهي.

رباني مرحوم سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ  وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. سندس سفر نامن جي ڪتاب هنگلاج ۾ چانهه ۾ اٺ سفر ناما شامل آهن. غلام رباني تمام سڄاڻ ۽ اعلى پايه جو ليکڪ آهي. سندس مضمونن، مقالن، يادگيرين، ترجمن، تقريرن ۽ خاڪن جو احوال سندس ڪتاب ٿيا قلب قرار ۾ آيل آهي. سندس تقريرون، خاڪا، مقالا، مضمون، يادگيريون ۽ ترجما سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارين ٿيون. سندس تقريرن جي هن بي مثل ڪتاب مان ائين سمجھو ته سندس لکيل غير افسانوي ۽ شاهڪار تحريرن جو باب ڄڻ مڪمل سهيڙجي چڪو آهي. رباني جئين ته تمام گھڻ پاسائين شخصيت هوندا هئا ۽ سندس  شخصيت جا ڪيترائي حوالا آهن.

1 رباني تخليقي ڪم جا قائل هئا.

2 رباني جي تقرير ۽ تحرير جا پهلو روشن آهن.

           غلام رباني آگري جو شمار اهڙن جڳ مشهور اديبن ۾ ٿئي ٿو. جن جي لکڻين کي دنيا جي مقبول ۽ معروف ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو ويو آهي جن ۾ انگريزي، هندي ۽ چيني وغيره شامل آهي. غلام رباني وٽ لفظن جي رنگارنگي به هئي، سندس تحريرن جا موضوع وڻندڙ ۽ دلچسپي ڏياريندڙ آهن جن ۾ سيرت پاڪ، ازواج مطهرات، ڪلامي الاهي  جي ترجمن جي تاريخ، سنڌ جي تاريخ، تاريخي مامرا، اوائلي تعليمي ادارا، ميٺارام هاسٽل گورنمينٽ ڦليلي ڪاليج، ريڊيو حيدرآباد، سنڌي صحافين جو ذڪر، نشانبر شخصيتن جا خاڪا، ڪتابن جا مهاڳ، ادبي ادارن مان انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ادبي بورڊ، مقدمه نگاري، مشاهيرن جا خاڪا ۽ سفرناما لکيا. هي سنڌي نثر جو هڪڙو نئون درياهه هو جيڪو سندن تخليقي وجود مان نڪري سنڌي ادب ۾ روان ۽ دوان ٿي ويو ۽ ائين ڪهاڻيون هجن يا خاڪا، يا ڪالم، غلام رباني آگرو هر صنف ۾ اول يا آخر تخليقڪار بڻجي اڀرندو ۽ چمڪندورهيو.

             غلام رباني آگري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ هڪ گيتن ڀري ڪهاڻي پڻ تحرير ڪئي. سيلاني جيڪا اڄ به سندن ريڊيا ئي تحريرن ۾ شاهڪار شمار ڪئي ويندي آهي.(5)

 

 غلام رباني آگرو بحيثيت افسانه نگار/ ڪهاڻيڪار

            غلام رباني آگري جي ٽيويهن افسانن جو مٿي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. گويا هڪ ڪهاڻيڪار يا افسانه نگار لاءِ ڪهڙا ضروري لوازمات هوندا آهن جن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿوته، هي ڪهاڻيڪار آهي ۽ ڪهاڻي يا افساني جون گهرجون پوريون ڪري رهيو آهي. پنهنجي ڪهاڻين بابت لکي ٿو ته: مون پنهنجي ننڍي ڄمار ۾ جيڪي واقعا ڏٺا ۽ ٻڌا آهن، تن مان ڪن کي ڪهاڻين جو ويس ڍڪائي عام ماڻهن اڳيان پيش ڪيو اٿم ۽ ڪي ڪهاڻيون اهڙيون به آهن، جي رڳو خيالي آهن. جيئن ته آب حيات جي پڇاڙي واريون ٻه ٽي ڪهاڻيون، هر ڪهاڻي ۾ منهنجي ڪوشش، بهر صورت اها رهي آهي ته ڪوڙ کي سندس اصلي روپ ۾ نروار ڪريان منهنجي لکڻ جو مقصد اهو ئي آهي، حاصلات ڇا ٿيندي ؟ تنهن باري ۾ ايترو چوندس ته ڪاري رات جي پويان چمڪندڙ صبوح اچڻ هڪ لازمي امر آهي، تيئن مون کي يقين آهي ته هڪ اهڙو ڏينهن ضرور ايندو، جڏهن نيڪيءَ جي پري گهر گهر ايندي ۽ پوءِ دلين تي خوف جو نه، پيار جو راڄ هوندو، پوءِ سموري انسان ذات هڪ ڪٽنب وانگر گڏجي پورهيو ڪندي، انهن مقدس مقصدن جي حاصلات لاءِ دنيا مان بک، بيماري ۽ گناهه ختم ٿئي، چوڏس سونهن خوشي ۽ پيار پکڙجي، آدم جو اولاد ، هن ڌرتيءَ تي وڃايل جنت وري هٿ ڪري.(6) ڪهاڻي جديد ادب جي هڪ نهايت مقبول صنف آهي. جنهن ۾ ليکڪ ڪردار ۽ واقعن جي ذريعي هڪ ڀرپور تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اديب جو موضوع انساني حياتي ۽ هر دور جي  تقاضائن سان هوندو آهي.(7) پٿر جي دور واري انسان کان وٺي هن سائنسي دور تائين جيڪي ترقيءَ جا ڏاڪا طئي ٿيا آهن انهن مان هر ڏاڪو پنهنجي جڳهه تي هڪ وڏي حيثيت ۽ اهميت رکي ٿو. پراڻي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ اڄوڪو دور بلڪل بدليل آهي. سواءِ بنيادي انساني قدر جن ۾ پيار، نفرت، کل، خوشي، بهادري، ڪاوڙ، بزدلي، ۽ چالاڪي وغيره اچي وڃن ٿا. لغوي لحاظ کان هر ڪهاڻي کي افسانو چئي سگهجي ٿو. پر مختصر طور افساني لاءِ فني لوازمات مقرر ڪيل آهن. وحدت، تاثر، ۽ مواد جي فنڪارانه ترتيب مختصر ڪهاڻي سماجي تعمير اصلاح جو سڀ کان وڏو ڪارگر ۽ روز اثر ذريعو ثابت ٿيو آهي. جديد سنڌي افساني لاءِ اهو چوڻ بيجانه ٿيندو ته ان جي شروعات ڪندڙ مرزا نادر بيگ، لعل چند امر ڏنو مل ۽ ان جا ٻيا اديب هئا.(8)                                                                        

           قاضي خادم لکي ٿو ته:  سن 1914 ع مرزا قليچ بيگ شريف بيگم نالي هڪ افسانو لکيو جنهن جي سٽاءُ اڄڪلهه جي افساني کان الڳ آهي. پران  مان اڄ جي افساني جا اهڃاڻ ملن ٿا. قاضي خادم وڌيڪ لکي ٿو ته: سن 1932ع ۾ شڪارپور مان سنڌو نالي هڪ رسالو نڪتو. جنهن سنڌ ۾ وڏو انقلاب آندو. ان رسالي کي سنڌي ادب جي جديد دور جو سنگ ميل چئون ته به بجاءِ آهي. هن رسالي ۾ اسان کي ڪيترائي اهڙا افسانه نگار ملندا، جن سنڌي ادب ۾ افساني جو پايو وڌو سنڌي افساني تي بحث ڪرڻ کان اڳ ان دور جي چند افسانن جو ذڪر ضروري آهي. انار ڪلي پير حسام الدين راشدي، اسڪول ماسترياڻي  عبدالله عبد، غريبت عثمان انصاري وغيره .

          سنڌ اوائلي افسانا نگارن ۾ مرزا نادر بيگ ۽ ان کان علاوه لطف الله بدوي، شيوڪ ڀوڄراج ۽ شيخ اياز پڻ سنڌو رسالي ۾ ڪهاڻيون لکيون.(9)

1940ع کان 1947ع تائين نوان ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا جن ڪراچي مان نڪرندڙ ماهوار رسالي ڪهاڻي لاءِ ان کانپوءِ شيخ اياز جي ايڊيٽري هيٺ ڳتي قدم رسالو نڪتو. جنهن ۾ پڻ نوان ليکڪ پنهنجي لکڻين سان ظاهر ٿيا. انهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر نجم عباسي، جمال ابڙو. ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻي ۾ تبديلي آئي. ٻاهرين دنيا جي هلندڙ تحريڪن، انقلابن، تبديلين جو اثر اسان جي ٻولي ۽ ادب تي ٿيو. جنهن ۾ هڪ مخصوص سماجي توڙي سياسي پس منظر هيٺ ملڪي مسئلن توڙي ملڪن جي باشندن جي ذهني ۽ جسماني مسئلن جو ذڪر ڪيو ويو. سنڌي هندن جي لڏ پلاڻ هندستانين جي آمد سنڌ جي اديبن تي وڏو اثر ڪيو.(10)

1947ع کانپوءِ جن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيون لکيون. انهن ۾ ع-ق شيخ ، جمال ابڙو، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، اياز قادري، سوڀو گيانچنداڻي، حفيظ شيخ، عبدالرزاق راز، نجم عباسي، محمد عثمان ڏيپلائي، بيگم زينت، عبدالله چنه، ثميره زرين، خيرالنساءِ جعفري، مهتاب محبوب، نسيم کرل، امر جليل، عبدالقادر جوڻيجو، طارق اشرف، مني، آغاسليم، غلام نبي مغل، بشير مورياڻي ذڪر لائق آهن، هر هڪ ليکڪ وٽ پنهنجا پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا هوندا آهن. هر هڪ وٽ انداز پنهنجو پنهنجو هوندو آهي. مذڪوره ليکڪن نه صرف ڪهاڻي کي ترقي وٺرائي پر موضوع توڙي فني لحاظ کان سنڌ ۾ ڪهاڻي کي ڪلاسڪ جي درجي تي پهچايو.

         سنڌ ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي جي ڪامياب سفر ۾، غلام رباني آگري جو اهم ڪم آهي. جنهن پنهنجي دور ۾ وڏي مڃتا ماڻي. پنهنجي ڪهاڻين ۾ فڪري ۽ فني اصولن کي قائم رکندي خاص اسلوب قائم ڪري ورتو. پشو پاشا، شيدو ڌاڙيل، بلو داد اهڙيون ڪهاڻيون آهن. جيڪي چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر تابناڪ آهن. واقعي کي قلمبند ڪرڻ جي تربيت ته، ڪو غلام رباني آگري کان ڪو سکي. ڪهاڻي گهڙي انهن جا ڪردار ٺاهي ۽ انهن کان انهن جي منهن تي سونهندڙ ٻولي ڳالهرائڻ جو هنر ۽ ڪهاڻي کي ابتدا کان آخر تائين هڪڙي تسلسل ۾ رکڻ هر هڪ جي وس جي ڳالهه نه آهي. پر هر هڪ جي ڪوشش ساراهه جوڳي هوندي آهي. مٿين ليکڪن مان سڀني پنهنجي پنهنجي نموني ڪهاڻي جي صنف کي ترقي وٺرائي پر موضوع توڙي فن جي لحاظ کان سنڌ ۾سنڌي ڪهاڻي جي کيتر ۾ عروج واري دؤرکي جنهن انداز سان غلام رباني آگري توڙ تائين پهچايو ۽ ڪهاڻي جي سفر کي ڪامياب ۽ مقبول ڪيو. رباني ڪهاڻي جي ميدان ۾ وڏو رول ادا ڪيو هو. پنهنجي دور ۾ هڪڙو وڏو نالو آهي. ڪنهن به ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي ڏسڻ کان پهريائين، غلام رباني آگري جي ڪهاڻي جا مثال ۽ دليل نه ڏنا وڃن ته ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻي تي جائزي يا تنقيد ۽ تحقيق وارو پهلو اڌورو ۽ اڻپورو رهجي ويندو. غلام رباني سنڌي ڪهاڻيءَ جو اهڙو ڪهاڻيڪار هو جنهن وٽ تاريخي واقعن ۽ مظلومن جي آهن جي دانهن جي ترجماني ڪيل آهي، جنهن وٽ هڪڙو منفرد ۽ مخصوص انداز آهي ان مخصوص انداز جي وسيلي سنڌي ٻولي جي، وِک وِک تي پهاڪن چوڻين، ورجيسن ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام کي آڻڻ ڪري ڪردار وڻندڙ ۽ دل کي لڀائيندڙ ۽ پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ ۽ ڪهاڻي پڙهڻ ۾ دلچسپي پيدا ڪرائين ٿا. نوان ڪاڪا لکي ٿو ته: غلام رباني اهو واحد ڪهاڻيڪار آهي. جنهن سنڌيءَ ۾ پهريون ڪهاڻي ۾ فلسفيانه نڪتن تي بحث ڪيو ۽ پنهنجي ڪهاڻين ۾ فڪري بحث کي علامتي انداز ۾ پيش ڪيو.(11)

           غلام رباني آگرو پنهنجي لکتن بابت لکي ٿو ته: مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي. اهو شعوري طرح مارن سان هڪ قول اقرار هو ته اسان سڀ هڪٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ آهيون. اسان هر ظلم جي خلاف احتجاج ڪنداسين، قلم سان، زبان سان ۽ ٻئي هر ممڪن ذريعي سان.(12)

        غلام رباني جي ڪهاڻين جا ڪردار، ٻولي، واقعا، ماحول يا منظر نگاري اهڙا بيان ٿيل آهن. جن وسيلي سندس ڪهاڻيون مڪمل ٿين ٿيون. سندس لکڻ جو فن مضبوط آهي تڏهن ته سندس ڪهاڻي مقبوليت ماڻي آهي ۽ پڙهندڙ جي ذهن تي اثر ڇڏيا آهن. منهنجي نظر ۾ رباني جو ڪهاڻيون موضوع توڙي فن جي لحاظ کان افسانا نگاريءَ جو هڪ اهڙو عمدو شهپارو آهي. جو ان کي دنيا جي ٻين ترقي يافته ٻولين جي بهترين افسانن سان بنا ڪنهن هٻڪ جي ڪلهو ڪلهي سان ڏياري بيهاري سگهجي ٿو.(13)

سنڌي افسانو غلام رباني آگري جي دور ۾

        هر دور پنهنجي دور جي عڪاسي ڪندو آهي. پاڪستان ۾ سنڌي افساني جو نئون دور 1950ع ۾ شروع ٿيو. سنڌي ادبي جمود کي ٽوڙڻ ۽ افساني کي عام ڪرڻ ۾ ماهنامي نئين زندگي ۽ ٽماهي مهراڻ، ماهوار ادا، رهنما“ رسالن جو افسانه نويسيءَ جي فن ۾ نهايت ئي اهم ڪم آهي. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ جيڪي نوان افسانه نگار منظر عام آيا تن جي افسانن ۾ پنهنجي ماحول ۽ پنهنجي زماني جون ڪهاڻيون تيار ٿيون. نون افسانه نگارن پراڻن افسانه نويسن جي نگراني ۾ نئين رنگ ڍنگ سان ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف ڏاڍو بيباڪيءَ سان سينو تاڻي لکيو ويو آهي. انهن جو مختصر جائزو وٺڻ کان پهرين ان وقت جي ادبي ڪوشش جا ڪي روشن نشان ڪجھ ڪتابن ۽ رسالن پڻ ۾ موجود آهن، جن مان پرهه ڦٽي ۽ اڳتي قدم پنهنجو پاڻ موکيو. ڪجھ افسانن جا مجموعا ڊاڪ بنگلو، پنهل کانپوءِ، گل مکڙيون وغيره منظر عام تائين اچي ماڻهن جي هٿن تائين پهتا جن جي پڙهڻ سان ساڃاھ پيدا ٿي.  آزادي کانپوءِ افسانن جي دنيا ۾ مضبوط مقام جو ماڻيو، 1953ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت جو نئين سر بنياد پيو. انهيءَ پليٽ فارم تان سنڌي ۾ افسانن جي ترقي لاءِ اهم ڪم ڪيو ۽ سنڌي ادبي سنگت، سنڌي افسانن جي چٽا ڀيٽي ڪرائي انعام پڻ ڏنا. جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي افسانا نگارن حصو ورتو ۽ انهن ۾ جن افسانا نگارن کي سندن افسانن لکڻ تي انعام مليو. تن کي وڏو حوصلو مليو ۽ انهن مان ڪن افسانن کي پوءِ سماهي مهراڻ ۾ ڇپرايو ويو. بهر حال آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ انقلابي تبديليون آيون. هر موضوع تي طبع آزمائي ڪئي وئي- 1955ع ۾ ون يونٽ جي قيام ۽ ان کانپوءِ ستت ئي 1958ع ۾ ايوب واري مارشل لا سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ رڪاوٽون آنديون ۽ رنڊڪون پيدا ڪيون. 1955ع ۾ ٻيهر سه ماهي ”مهراڻ جاري ٿيو. جنهن ادب جي راهه ۾ روشن راهون پيدا ڪيون. جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌي ادبي سنگت طرفان افسانن جي چٽا ڀيٽي ۾ حاصل ڪيل انعام وارن افسانن کي مذڪوره رسالي ۾ ڇپرايو ويو ۽ ان کان علاوه ٻيا به رسالا هئا. جن سنڌي افساني کي عام ڪرڻ ۾ قابل فخر ڪوشش ورتي. انهيءَ ۾ تقاضا سکر مان نڪرندو هيو. مارئي حيدرآباد مان ادا ۽ رهنما نواب شاھ مان جاري ٿيا. انهن رسالن ڪيترائي افسانه نگار پيدا ڪيا. ڪجھ افسانه نگارن جو ذڪر هت پيش ڪجي ٿو:

ڪڏهن بهار ايندو سوڀو گيانچنداڻي. بدمعاش، خميسي جو ڪوٽ، مان مرد، چاچي ڪنوار، عبدالحي ”جهانگي جو، مهرباني ۽ شاهه جو ڦر، جمال ابڙي جا افسانه ، انسان ۽ زندگي جي ڪنارن تائين ( سراج) بري هن ڀنڀور ۾ غلام رباني آگرو نئون مڙدو، چهڙي، پريم ٽڪري ۽ زندگي جو روڳ: بشير موريائي) مان انسان آهيان (اياز قادري)  ٻه ڳوڙها ۽ ٻه پاڇا (شيخ حفيظ) جن پاڻ موکيو ۽ ڏاڍو بيباڪي سان افسانه لکيا. بهرحال آزادي واري دور کانپوءِ سنڌي  سماج جي سماجي مسئلن جو ذڪر وڌيڪ آهي. انقلابي ڳالهيون آهن. بين الاقوامي مسئلن جو ذڪر آهي. هن دور جو سنڌي اديب بين الاقوامي ادب جو پڙهندڙ هيو. ۽ ان کان گھڻو متاثر ٿيندي نظر اچي پيو. جيئن مٿي ڪجھ رسالن جو ذڪر ڪيو اٿم. انهن رسالن سنڌي افساني کي عوام تائين پهچائڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو هو. انهن ۾ ڪجھ رهجي ويل رسالن جو ذڪر، پرهه ڦٽي“، ”روح رهاڻ“، ”مارئي، سهڻي ۽ فردوس افسانن جي دنيا ڱي خوب گرمايو. انهن رسالن افساني جي ترقيءَ لاءِ اهم هئا. ٻين دورن جي مقابلي ۾ هن دور ۾ لکيل اڪثر افسانا اسان جي ادب جو بيحد قيمتي سرمايو آهن. هن دور جي افسانن ۾ پڙهيل ۽ مظلوم طبقي جي نمائندگي ٿيل آهي. سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي خلاف مظلوم ڪردارن کي زبان ڏني وئي آهي ۽ انهن جي خلاف پنهنجي حقن جي وڙهڻ جي سگھ ۽ مهاڏي اٽڪائڻ جي صلاح ۽ ترغيب ۽ تربيت ڏني وئي آهي. فني لحاظ کان آزادي کانپوءِ جي دور جو افسانو وڌيڪ چڱو آهي.

        غلام رباني آگري جي دور جي افسانا نگارن ۾ اياز قادري، جمال ابڙو، شيخ اياز، ع-ق شيخ  شيخ حفيظ، نجم عباسي، غلام علي الانا، سراج ميمڻ، رشيد ڀٽي، ابن حيات پنهور، بشير مورياڻي، قمر شهباز، رسول بخش پليجو، حميد سنڌي، امر جليل، علي احمد بروهي ۽ جمال رند وغيره اچي وڃن ٿا. ذڪر ڪيل افسانه نگارن وٽ پنهنجي پنهنجي حيثيت، پنهنجي راهه ۽ پنهنجو نظريو آهي.

 

غلام رباني جي دور جو فني ۽ فڪري جائزو

           غلام رباني جي افسانن ۾ فني اوج سمايل آهي ۽ سندس افساني ۾ اڪثر ڳوٺاڻي زندگي جو عڪس ملي ٿو ۽ هن ليکڪ جنهن منفرد ۽ مفرد انداز سان پنهنجي افسانن ۾ رنگ ڀريا آهن. اهڙا رنگ جمال ابڙي، يا اياز قادري نه ڀريا آهن. هن جي افسانن ۾ خالص سنڌي ڳوٺاڻن جي گفتگو آهي. هن پنهنجي افساني شيدو ڌاڙيل ۾ انداز گفتگو ۽ ڪهاڻي کي جنهن نموني ۾ پيش ڪيو آهي. اهڙو انداز بيان جمال ابڙي جي پشو پاشا ۾ نه آهي انهن ٽنهي افسانن سنڌي افسانوي ادب ۾ خاص ڇاپ ڇڏي آهي. هي ٽئي اهڙا ڪردار آهن. جيڪي وڏيرن ۽ سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ ڦورو طبقي کي ڏسي لکيا ويا آهن.

سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ انهيءَ دور کي سنڌ جي محققن سنڌي ادب جو عبوري دور سڏيو آهي. ڇاڪاڻ جو، هن دور ۾ مختصر ڪهاڻي جو بنياد پيو خيال آرائي بدران حقيقت نگاري جي خشڪ ۽ پٿريلي زمين تي رکيل آهي. هن دور ۾ ڳوٺاڻي ۽ مقامي زندگيءَ جي مسئلن جو عڪس چٽيل آهي ۽ هن دور جي ڪهاڻيڪارن جي خصوصيت آهي، جو هن دور جي افسانه نگارن جي مشاهدي ۽ تجربي ۾ هڪ نئون افسانوي ڍنگ ڏٺو ويو آهي. جنهن ۾ مقاميت واري اميزش سان هڪ نئون موڙ پيدا ٿيو جنهن ڪري انهن افسانه نگارن جي افسانن ۾ نئين رنگ جي تمام وڏي لهر شامل آهي. هن دور جي ڪهاڻيڪارن جا پڙهندڙ مٿان تمام گهڻا اثرات مرتب ٿيا ۽ بري ڀلي جي تفاوت کي عوام سمجهڻ شروع ڪيو ۽ انهن افسانن جي ڪردارن جا چرچا عام توڙي خاص ماڻهن جي زبانن واتان ٻڌا ويا. اها ٽنهي ڪهاڻيڪارن جي وڏي ڪاميابي چئبي جو انهن جهڙا ڪردار تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ٿي. علمي ادبي محفلن ۾ مذڪوره ڪهاڻين تي بحث مباحثا به شروع ٿي ويا. غلام رباني آگري- جمال ابڙي- اياز قادري- جي ٽنهي ڪهاڻين ۾، ڄڻ ته هڪڙي مشابهت نظر اچي ٿي، ليڪن ٽنهي ڪهاڻين جي جائزي  مان جا ڳالھ آڏو اچي ته، جمال ابڙي، اياز قادري ۽ غلام رباني آگري جي ڪهاڻين ۾، ٻولي جو استعمال، ڪردارن کان جو ڪجھ چورائڻ جي پيشڪش، اسلوب ۽ سماجي شعور پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ تي گهرا اثر ڇڏي ٿو. غلام رباني آگري جي ڪهاڻين ۾ استعمال ڪيل ٻولي نج ساهتي لهجي سان صاف سٿري علائقائي اثر سبب مقامي محاوريدار آهي. هن ڪهاڻي ۾، ڪچي ۽ پڪي جي ڳوٺاڻن جي لهجي جو هڳاءُ پيو اچي. اها غلام رباني آگري جي خاص انفراديت آهي، جيڪا جمال ابڙي ۽ اياز قادري ٻنهي ڪهاڻيڪارن کان کيس جدا پد تي بيهاري ٿي. جمال ابڙو، اياز قادري ۽ غلام رباني آگرو سنڌي ادب جي ٽمورتي جو ڪردار ادا ڪيوآهي ۽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي جنهن نهج تي پهچايو انهيءَ خوبي سبب سندن دور کي شاندار ليکيو وڃي ٿو. ٽنهي ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي رهواسين جا ڏک تڪليفون پڙهندڙ پاڻ تي محسوس ڪن ٿا سنڌي نالا سنڌي ماڻهو ۽ ان سان وڏيرن ۽ جاگيردارن جو ناانصافيون اهڙي ته انداز ۾ پيش ڪيل آهن ڄڻ ته، سڀ ڪجھ اکين اڳيان ٿي رهيو آهي. ٽنهي ڪهاڻيڪارن جا ڪردار ڪي اوپرا نه،

حقيقي ڪردار آهن ۽ انهن ڪردارن سان پيش ايندڙ واقعن کي محرومين کان نڪرڻ لاءِ ڪهاڻيڪارن رستا مهيا ڪيا آهن ۽ سندن ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي واتان معاشري ۽ سماج کي صلاحون ڏنل آهن. جنهن ڪري سنڌي ڪهاڻيڪارن جي هڪڙي نسل کي متاثر ڪيو آهي ۽ سندن ڪهاڻين جي معاشري کي گھڻي گھرج ٿي ۽ هن دور جي ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جي ماڻهن کي ضرورت پيش آئي ۽ ان وقت جي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون مختلف رسالن ۽ ادبي مجموعن ۾ بار بار ڇپيون رهيون هيون. هن دور ۾ جن ڪهاڻين پنهنجي اهم جڳهه والاري انهن ۾ غلام رباني جون ڪهاڻيون. غريبن جي جھوپڙي، پن ٻوڙين پاتال ۾، هونداسي حيات، شيدو ڌاڙيل، بري هن ڀنڀور ۾ هي غلام رباني جون اهڙيون ڪهاڻيون آهن. جنهن ۾ ليکڪ عام ڊگر کان هٽي هڪ حقيقت نگار جي طريقي ڪار کي اپنايو آهي. مذڪوره ڪهاڻين ۾ زندگيءَ سان لاڳاپيل اهي مسئلا بيان ڪيل آهن، جن ۾ جاگيرداراڻا اثر، سنڌ جا ڳوٺ ۽ انهن جي رهواسين جو خاص لب ولهجو، مسڪيني حال ۾ اٻوجهائپ ۽ سچائي آهي جنهن ڪري بري ۽ ڀلي جي فرق نه ٿا رکن.(14)

           هن دور جي ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين تي مختصر تقابلي جائزو وٺڻ کان پهرين، هن عبوري دور جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي موضوعات ۽ ان جي مجموعن جي خصوصيتن تي الڳ نموني سان روشني وجھجي ته جيئن هن دور جا سمايل سڀئي تجربا مختصر بيان ٿي سگھن. مثال ورهاڱي کان اڳ اسان وٽ تمام ڀلوڙ ڪهاڻيڪار هئا. پر سنڌي ڪهاڻيءَ جي صورت واضح ڪانه ٿي هئي. هندو اديب لڏي ويا ۽ مسلمان ڪهاڻيڪار مايوس ٿي لکڻ ڇڏي ڏنو ۽ سنڌي ڪهاڻيڪارن جا ڪتاب اڻلڀ ٿي ويا. آزادي کانپوءِ ڪجھ اهڙين معاملن ۽ مسئلن تي سوچ ويچار ٿيڻ لڳو. جنهن جي ڪري آهستي آهستي ادبي ماحول جڙڻ لڳو ۽ ادب ۾ تيز رفتاري اچي وئي. ان ميدان ۾ ڪم ٿيڻ شروع ٿيو. انهن مسئلن مان جن هڪدم اديبن جو ڌيان ڇڪرايو سي هئا، هيٺيون ۽ مٿيون طبقو دولت جي ڦرلٽ، فرقيواريت ۽ مذهب جو بي دريغ استعمال، جاگيردارن جي معاشري ۾ ناانصافي سان ڀريل ظلم، لڏپلاڻ مان اٿيل نوان تهذيبي مونجھارا ۽ مسئلا جن ڪر کنيو. عبوري دور جي ڪهاڻيڪارن انهن بد ديانتين ۽ بڇڙاين کي هن دور جي ڪهاڻيڪارن  پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بنايو. ٿوري مختصر نظر هن دور جي خاص خاص موضوع تي مٿي بيان ڪري چڪو آهيان ته غلام رباني جون ڪهاڻيون.بري هن ڀنڀور ۾، هونداسي حيات ۽ شيخ اياز جي چار ايڪڙ ٻني ابن حيات پنهور جون زن طلاق، واهه وڏيرا محمد عثمان ڏيپلائي جي مهربان خوني جمال ابڙو جون بدمعاش، شاهه جو ڦر، خميسي جو ڪوٽ، سينڌ ۽ منهن ڪارو، رشيد ڀٽي جي اوسيئڙو حفيظ شيخ جي مبارڪون“ اسي سڀئي اهڙيون ڪهاڻيون آهن. جيڪي وڏيري ڪلاس جي ظلمن ۽ هارين جي مظلوميت تي لکيل آهن. علي احمد جي رانجھو مداري اياز قادري جيفرشتو، شيخ رازجون گريجوئيٽ ۽ ناڪام محبت ع.ق شيخ جي پريشان انسان بشير مورياڻي جي ٽڪري ۽ زندگيءَ جو روڳ وغيره طبقيوار سماج ۾ پرماريت باعث بک ۽ بيروزگاريءَ جا اهم مسئلن بابت لکيل ڪهاڻيون آهن.

         هرهڪ ڪهاڻيڪار وٽ پنهنجو پنهنجو ماحول سوچ ويچار جو عمل آهي جنهن سان ڪهاڻيڪار واقعن تي رد عمل ڏيکاري ٿو، بشير مورياڻي جي چهڙي بيگم زينت چنه جي مٺي وغيره سڀ اوچ ۽ نيچ طبقي جي پيداوار ڪهاڻيون آهن. هن دور بابت آغا سليم لکي ٿو ته: اهو دور اسان جي ڪهاڻين جو عبوري دور آهي. جنهن ۾ ڪهاڻي جي موضوع سان گڏ ٽيڪنڪ ۾ نوان تجربا ڪيا ويا. ع.ق شيخ، جمال ابڙو، حفيظ شيخ، بشير مورياڻي، رباني، سراج رشيد ڀٽي، رشيد آخوند، ثميرزرين، خواجه سليم، ابن حيات پنهور، ابن الياس سومرو، اياز قادري، مراد علي مرزا، ممتاز مرزا، نذير احمد زئي، رشيدهه حجاب، نجم عباسي، سڀني گڏجي رت ست ڏئي سنڌي ڪهاڻي کي اڳتي وڌايو.

ڪهاڻين جي مٿئين جائزي کانپوءِ ان نتيجي تي پهچجي ٿو ته ان وقت جي ڪهاڻيڪارن ۽ جي ڪهاڻيڪارن جا معاملا ۽ مسئلا ته ساڳيا رهيا ساڳئي سماج جي پيداوار هئا.  تنهنڪري سندن ڪهاڻين جا موضوع جنهن ۾ هڪجهڙائي نظر آئي.

مثال طور:- هڪڙي ئي مرڪزي خيال واريون ڪهاڻيون اسان کي متعدد اديبن جون ملن ٿيون. جن ۾ اياز قادريءَ جي ڪهاڻي بلو دادا غلام رباني آگرو جي شيڊو ڌاڙيل جمال ابڙو جي پشو پاشا  ڪهاڻين ۾ ٽئي  ڪهاڻيون جنهن ۾ ٽنهي اديبن جو هڪٻئي تي اثر انداز ٿيڻ جا ڪي اهڃاڻ نظر اچن ٿا، پر مٿي چئي آيا آهيون ته، ٽنهي ڪهاڻين ۾ موضوع، ٻولي، ڪردار ۽ ڪردار نگاري اسٽائيل ۽ پيشڪش ۽ سماجي شعور جدا آهي.(15)

         مطالعي مان هي به نتيجو آڏو آيو آهي ته، ٻوڏ جي عنوان تي غلام رباني آگرو جي بري هن ڀنڀور ۾ جمال ابڙو جي ڪارو پاڻي سراج جي اوندهه جو وڻ هڪڙي ئي انداز ۽ مرڪزي خيال تي ٻڌل آهن. انهيءَ سموري مطالعي مان ظاهر ٿيو آهي ته، سنڌ جي ڪهاڻيڪارن جا هڪٻئي جي ڪهاڻين جي مطالعي جا اثرات پاڻ تي مرتب ڪيا آهن. انهيءَ کان علاوه، ع.ق شيخ جو پريشان انسان شيخ راز جو گريجوئيٽ ۾ ڪنهن قدر هڪجھڙائي نظر اچي ٿي. ڇا ان وقت ادب جي ميدان ۾ کوٽ هئي. ڇا مارڪيٽ ۾ يا پڙهندڙن وٽ ڪهاڻين جي ايتري گھرج هئي. مسائل جي صورت ۾ ڪچو مال ميسر هو. ڇا هن دور جي ليکڪن مختصر ڪهاڻي جي روپ ۾ ڇا آندو.ڇا هن دور جي ڪهاڻيڪارن جذباتي طور هڪ ٻئي تي چڙهت  ته ڪانه ڪئي. انهيءَ تي آغا سليم هيئن روشني وڌي آهي.“ انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسان ٻين ٻولين جي اديبن ڏانهن نهاريو ته اسان کي انهن ٻولين جي ادب ۾ وڏا وڏا ڪهاڻي نويس ۽ نفاد نظر آيا. اسان کي يڪدم احساس ڪمتريءَ کي مٽائڻ لاءِ اسان جمال ۽ ربانيءَ کي عظيم ڪهاڻي نويس کڻي بنايو.(16)

         عبوري دور جي ڪهاڻيڪارن ۾ سوچڻ ۽ فن جو رياض وڏي ڳالهه هئي. هنن پنهنجو پاڻ کي نقالي کان آجو به ڪرايوهو ۽ هنن پنهنجن ڪهاڻين ۾ اصليت تي زور رکيو جيڪي شيءِ اڳي گھٽ موجود هئي. جمال ابڙو، غلام رباني ، حفيظ شيخ ويندي بشير مورياڻي، تائين روس جي افسانوي ادب کان متاثر آهن. هنن جي فن ۽ مقاصد ۾ دوستو- وسڪي، ٽالسٽاءِ ۽ گورڪي گوگول جو اڻ لکو رنگ سمايل آهي. هنن وٽ اڪثر ڪري بياني ۽ مڪالماتي انداز آهي. پر هنن جو فن پيچيدهه ناهي. سندن پلاٽ صاف ۽ سٿرا آهن. هنن مان ڪنهن به موپاسا، چيخوف، اوهينري، يا سمر سيٽ ماهم جي مڪمل طور تي طرز اختيار نه ڪئي آهي. هن عبوري دور ۾ صرف ڪن ڳاڻ ڳڻين نالن کي سٺن اديبن جي قطار ۾ بيهاري سگھجي ٿو ۽ انهن مان صرف ٻه فنڪار جمال ابڙو ۽ غلام رباني آگرو اهڙا آهن. جن جو نالو خصوصي طور وٺي سگھجي ٿو، هنن جي تجربي ۾ مشاهدو، ڄاڻ ۽ جذبو ڪافي حد تائين شامل هو.(17)  ڪنهن حد تائين پڙهندڙن جو توجع پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويا . نون لکندڙن کي فني واٽ ڏيکاري. اسين ٽن ڪهاڻيڪارن جمال ابڙو، اياز قادري ۽ غلام رباني آگري جي ڪهاڻين جو جائزو وٺنداسين. ڪهاڻي جي تاريخي معلومات مان حاصل ڪيل مطلب مان ظاهر ٿيو ته غلام رباني ۽ جمال ابڙو ۽ ايازقادري عبوري دور جي ڪهاڻيڪارن ۾ بنيادي پيڙهه جو پٿر رکندڙ آهن. جڏهن جمال ابڙو پنهنجي ڪهاڻي پشوپاشا محمد ابراهيم جويو ڏانهن موڪلي ته ان سان گڏ خظ لکيائين، جنهن بعد ان ڪهاڻي ۽ جمال جي خط تي مهراڻ ۾ ڪافي بحث هليو. جمال ابڙو محمد ابراهيم جويي صاحب کي لکيل خط جي شروعات هن ريت ڪري ٿو: ادا سائين مون پنهنجو پشو اوهان طرف موڪليو آهي، اميد ته پهتو هوندو.مون پشو بلو دادا، (اياز قادري) ۽ شيدو ڌاڙيل (غلام رباني آگرو) تان متاثر ٿي لکيو آهي. غلام رباني- اياز قادري- جمال ابڙو اهڙا ڪهاڻيڪار آهن، جنهن جي ڪهاڻين ۾ مقامي رنگ ملي ٿو. سندس ڪهاڻين جي جائزي وٺڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته جمال ابڙو، اياز قادري ۽ غلام رباني جي ڪهاڻين پڙهڻ کانپوءِ لڳي ٿو ته هي اهڙو سماج آهي، جنهن م انسانيت سڪرات ۾ آهي.(18)

          هن دور جي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ۽ انهن جا ڪردار اهڙي قسم جا ڪردار آهن. جيڪي سنڌ جي سنڌي ليکڪن سنڌ جي وڏي آبادي جا ڳوٺن ۾ رهي ٿي. جن جي نقاشي صحيح نموني ڪيل آهي. جتي ظلم جو رد عمل به آهي. ڪردار خوني هوندي ته به گناهنگار نٿا لڳن. اگر رباني ۽ ان جي همعصر ڪهاڻيڪارن جو جائزو وٺنداسين ته هڪڙي وڏي لسٽ ٿي ويندي. جنهن ڪري مذڪوره ڪهاڻيڪارن ۽ سندن ڪهاڻين جي روشني مان ثابت ٿيو ته عبوري دور جي ڪهاڻيڪارن ۾ غلام رباني سنڌ ٻولي ۽ ادب جو اهو واحد  ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جون ڪهاڻيون پنهنجي دور جي ڪهاڻيڪارن ۾ بنيادي حيثيت جون حامل آهن ۽ غلام رباني کي پنهنجي دور جي ڪهاڻيڪارن ۾ پهرين درجي حيثيت حاصل آهي. جمال ابڙي به پنهنجي هڪ انٽريو ۾ اظهار ڪيو هو ته غلام رباني جو انداز ڏاڍو پيارو آهي ۽ ان جو لهجو مٺو آهي جيئن فيض احمد فيض جي شاعريءَ جو لهجو آهي. غلام رباني پنهنجي شروعاتي دور جي ارڙهن ڪهاڻين ۾ اتر ڊاهي ان جا، بري هن ڀنڀور ۾، اکڙيون اڃايون“، ”نيٺ بهار ايندو“، ”ڪرئڪ“، ”جي پل هجان“، ”غريبن جي جھوپڙي“، ”بک بڇڙو ٽول“، ”نئون مڙدو“، ”اخبار“، ”پن ٻوڙين پاتال ۾“، ”هونداسي حيات“، ”شيدو ڌاڙيل“، ”پيار جي پري“، ”آب حيات“، ”بدلو“، ”هن لکيو جن جو شمار شاندار ڪهاڻين ۾ ٿئي ٿو. ان کان پوءِ يعني ٻئي دور جون ڪهاڻيون جيڪي 1980ع کان پوءِ لکيون ويون. لهرن لک لباس، خواب“، ”صبح ازل آهي“، ”همسفر ۽ محمد موچيءَ جو حج اچي وڃن ٿيون. غلام رباني جيتوڻيڪ تعداد جي لحاظ کان ته ٿوريون ڪهاڻيون لکيون آهن، پر اهي فني فڪري معنوي ۽ ادبي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ خاص جاءِ جوڙين ٿيون.

           غلام رباني آگري جون ڪهاڻيون سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي سماج جي ڌار ڌار مسئلن جي بيان سان ڀريل آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ هارين، نارين، مزدورن، عام ماڻهن جي مسئلن جو ذڪر آهي. غلام رباني آگرو جديد سنڌي ڪهاڻيڪارن جي علمبردارن مان هڪ آهي. رباني کانسواءِ هن دور جي ٻين ڪهاڻي نويسن ۾ جمال ابڙو، اياز قادري، حفيظ شيخ ، عبدالغفور انصاري، علي احمد بروهي، شيخ اياز، ابن حيات پنهور، محمد حسن ڪروڙپتي، بيگم زينت عبدالله چنه، نسيم کرل، امر جليل، سراج الحق ميمڻ، بشير مورياڻي، ثميره زرين، ع-ق شيخ، شيخ عبالستار، راز بلڙائي، آغا سليم، محمد بخش جوهر، حميد سنڌي، شمس صديقي، خواجه سليم ۽ جمال رند جا نالا اهم آهن.

          ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ غلام رباني آگري کي اهم مقام حاصل آهي جو هي پهريون ڪهاڻيڪار آهي. جنهن جي مختصر ڪهاڻي کي عالمن، اديبن سگهاري روپ ۾ ڪهاڻيون پيش ڪندڙ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي. توڙي جو ان کان اڳ ۾ حقيقت نگاريءَ جي ابتدائي شڪل ۾ ڪهاڻيون ڏيندڙ امر لعل هنڱوراڻي، آسانندمامتوراءِ، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سندري اتمچنداڻي، موهن ڪلپنا، ايشور چندر، گورڌن محبوباڻي، عثمان علي انصاري، مرزا نادر بيگ ۽ ٻين ڪهاڻيڪارن ۾ ملي ٿي، پر انهي شيءِ کي جنهن شڪل ۽ انداز سان غلام رباني آگري پيش ڪيو آهي ۽ سندس ڪهاڻين ۾ اسان کي فن ۽ فڪر جو خوبصورت سنگم ملي ٿو. سندس ڪهاڻيون موضوع جي لحاظ سان منفرد حيثيت رکن ٿيون.

          اڄ جي دور ۾ غلام رباني آگري جي ڪهاڻين کانسواءِ سندس ڪهاڻي جو نالو وٺڻ  ۽ مثال ۽ دليل نه ڏيڻ کانسواءِ سنڌي ڪهاڻي ۽ ان جي تاريخ ڏيڻ جو تصور اڻپورو ۽ اڌورو آهي، ڇو ته غلام رباني جون ڪهاڻيون فني ۽ فڪري لحاظ سان اسلوب بيان، ننڍن جملن واري عبارت، سليس ۽ عام فهم ٻولي تشبيهن، استعارن، اصطلاحن، پهاڪن ۽ چوڻين ۽ ٻين خوبين سان ڀريل آهن.

         غلام رباني آگري جي سنڌي ادب ۾ وڏي سڃاڻپ آهي. هن عنوان ۾ غلام رباني جي افسانن جو مقام بابت ڇا حيثيت آهي. موضوع جي حساب سان افساني يا ڪهاڻيءَ جي فن ۽ فڪر بابت مکيه رخن تي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org