اڻ ڇپيل مواد:
غلام رباني آگري لاءِ هڪڙو ذڪر ڪري آيو آهيان ته،
سندس وفات کان پوءِ سندس جانشين الطاف آگرو آهي.
جيڪو رات ڏينهن جتن ڪري رهيو آهي ته، غلام رباني
آگري جي اڻڇپيل مواد کي ڇاپي پڙهندڙن آڏو آندو
وڃي،
۽ سنڌي عوام ۽ ادب سان چاھ رکندڙ ماڻهو ان
جي تحريرن کان استفادو حاصل ڪن. هي باذوق ماڻهو
ڪنهن اداري ڏانهن به واجهائي رهيو آهي ته، ادارو
حامي واري ته، جيئن غلام رباني آگري جا ڪي لڪل
پهلو جيڪي اڃان تائين پنن جي صورت ۾، ٽڙيا پکڙيا
پيا آهن تن کي يڪجاءِ ڪري ڪتابي صورت منظر عام تي
اچڻ گهرجي. غلام رباني آگري جو اهو علمي ادبي
پورهيو، جنهن ۾، سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو اهڙو اثاثو
شامل ڪيل آهي، جيڪو ماضي جي قدامت ۽ حال جي حقيقتن
تان لڪل پردو کڻي ٿو، انهيءَ قيمتي ورثي ۾ وڏي
قيمتي معلومات ڏنل آهي. جنهن ۾، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن
جي سماجي قدرن جي ڳالھ ڪيل آهي. انهي جا هرلحاظ
کان روشن رخ ۽ پهلو سنڌي عوام اڳيان اچي ويندا،
اهڙي جوهر کي سنڌي ادب ۾ داخل ڪجي ته، اڳ جيان هڪ
شاندار واڌارو ٿي پوندو. الطاف آگري وڏي جدوجهد
ڪري، غلام رباني آگري جي وفات کان پوءِ سندس اهي
ڪهاڻيون ڪهاڻيون منظر عام تي آنديون جيڪي اڻڇپيل
هيون تن کي، اڳ وارين ڇپيل ڪهاڻين سان ملائي ”آب
حيات“ ڪهاڻي-
ڪليات: نالي مجموعي ۾ داخل ڪري، شايع ڪرايون آهن.
ٻي سندس اهم ڪاوش هي به آهي ته، غلام رباني جي
لکڻين ۾ مثال مضمون، مقالا، يادگيريون، ترجما،
تقريرون ۽ خاڪا ڪتابي صورت ۾مرتب ڪري وڏو ڪم ڪيو
آهي. انهي خدمت جي سفر ۾ نصير مرزا جون به خدمتون
شامل آهن. سندس ٽئين خدمت کي خراج تحسين ۽ داد ڏجي
ٿو، جنهن ۾ غلام رباني جي سفرنامن کي يڪجاءِ ڪٺو
ڪري سڀئي سفرناما کي “هنگلاج ۾ چانهه” جي عنوان
سان مجموعي ۾ شايع ڪرايا آهن. الطاف آگري اهو به،
ٻڌايو ته هاڻ غلام رباني جي فن ۽ شخصيت تي جلد
هڪڙو ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي. اهڙي جاکوڙ تي
الطاف آگري کي جس ڏجي ٿو ۽ اهڙي محنت کي ڏسي
سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. وارث هجن ته اهڙا،
عزيز هجن ته اهڙا جيڪي رباني جي خاندان جا هوندي
اهو فرض بخوبي سرانجام ڏئي رهيا آهن. اڃا به رباني
جو کوڙ سارو رهيل ڪم آهي. جنهن کي ڇپائڻ جي ضرورت
آهي. مثال ڊائريون ۽ انٽرويو ڳولي هٿ ڪري شايع
ڪرائڻ جي ضرورت آهي. اهڙي قسم جي ڪوشش بلڪل ڪانه
ٿي سگھي آهي. جنهن ۾غلام رباني جون ڊائريون ۽ خط
جيڪي سنڌي ادب جو اهم حصو آهن. اهي ڇپجي ظاهر ٿيڻ
کپن. جيئن سنڌي ادب جو دامن وسيع ۽ سر سبز شاداب
رهي قوم کي هڪ ميوو ڏيندو رهي. ايندڙ دور ۾ ڪن
محققن لاءِ هي ڪم وڌيڪ مدد گار بڻجي پوندو ۽ سنڌي
ادب تازي تحقيق سان گل و گلزار ٿي پوندو. هن تحقيق
۾ پنهنجي حصي جو ڪم ٿيل آهي ۽ ايندڙ محقق ۽ نقاد
هن ڪم ۾ جيڪو خال رهجي ويو آهي، انهيءَ رهيل حصي
کي اڳتي وڌائي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري هن تحقيق ۾
انشاءالله
اهم اضافو ڪندا.
تاثرات:
غلام رباني آگري
جن
ماڻهن سان ٿورو يا گھڻو وقت گڏ گذاريو هو. يا ڪن
شخصن کان متاثر ٿيو هو. انهن بابت پنهنجا ذاتي
تاثرات لکيا آهن. جنهن ۾ سندس ڪتاب
”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“
آهي هن ڪتاب ۾ آيل جن شخصيتن جو احول لکيو ويو آهي. انهي کي
پاڻ ذاتي تاثرات ٿو ڪوٺي ۽ اهو به لکي ٿو ته:
”هي سوانح خاڪا نه آهن.“(107)
وڌيڪ لکي ٿو ته:
”ايس.ايم ڪاليج ۾ پڙهڻ واري زماني ۾ انهي ۾
جواني جا ڪيئي ماهه ۽ سال ڪي ڏکيا ته ڪي سک ۾
گذريا هئا. جڏهن هاسٽل ڇڏيم ته پنهنجا تاثرات قلم
بند ڪيم. جيڪي شيخ اياز سميت گھڻن کي وڻيا.“ رباني 30 نمبر ڪمري جون يادن ۾ پنهنجي
دوستن مقبول سومري ۽ حفيظ جي يادن کي تمام گھڻو
ساراهيو ۽ شمس جهڙي پياري دوست جو ذڪر ڪندي لکي
ٿو.
”شمس
منهنجو دلبر دوست هو. کِل
ڀوڳ کان سواءِ رهي نه سگھندو هو. رباني وڌيڪ لکي
ٿو:
”هڪ
دفعي مان بيمار ٿي پيس ڪراچي جي گھميل آب هوا مون
کي سنڌن جو سور ڪري وڌو. اهڙو سخت جو چري پري نه
سگھان بستري داخل ٿي ويس. راتين جون راتيون لڇندي
پڇندي گذاريم. منهنجي دوست شمس سومري جون ٻه
خوبيون هونديون هيون. هڪ کل ڀوڳ کانسواءِ رهي نه
سگھندو هو. بيماري وارن ڏينهن ۾ منهنجي ڏاڍي سار
سنڀال لڌائين. ڊاڪٽري پڙهندو هو، حافظ، رومي سندس
مرشد هئا.“
غلام رباني پنهنجي همدرد ۽ هڏ ڏوکي دوست کي ڏاڍن
سٺن لفظن ۾ ساراهيو. ڇو ته زندگي ۾ جيڪي ڏک ڏيندا
يا سک تڪليفن ۽ خوشين ۾ شريڪ ماڻهو ڪو نه وسرندا
آهن اهي دنيا ڇڏي ويندا ته ويتر انهن جا وڍ ۽ وير
خوشيون غم ياد ئي رهجي ويندا آهن. انهن جون پل پل
يادون جيءَ کي جهوري ڇڏينديون آهن. غلام رباني به
انهن شخصيتن بابت پنهنجا تاثرات پڙهندڙن اڳيان بيان
ڪيا آهن ڀلا دوست ۽ يار ڪي وسرڻ جا هوندا آهن ڇا؟
غلام رباني جا تاثرات ڄڻ ته سنڌي ادب جي تاريخ جو
حصو بڻجي چڪا آهن. جمال ابڙي بابت چوي ٿو:
”جمال
ابڙو سنڌي افساني جو امام هو. جمال ابڙي کان وڏو
افسانا نگار نه مون اڳ ۽ نه مون پوءِ ڏٺو.“
عثمان علي انصاري بابت ۽ ان سان گذاريل
گھڙين بابت احوال توڙي پنهنجي همعصرن تي تاثرات
لکي انهن کي سهيڙي ڪي ماضي جا تجربا ۽ تلخيون بيان
ڪيون آهن. نورالدين سرڪيءَ بابت لکيو اٿس ته:
”ماڻهو جيڪو ڪجھه آهي. پنهنجي ماحول مطابق
آهي.“
نورالدين سرڪي تاثرات ۾ جيڪي رايا کنيا اٿس، ان
بابت ابن خلدون، ابوالڪلام آزاد، البرٽ آئنسٽائين
جا حوالا ڏنا آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد
واري شاخ نورالدين سرڪي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ غلام
رباني لکي ٿو ته:
”چئن
پنجن ڄڻن جي ميڙ ۾ عقيدت جا گل آڇيا ته سنگت جا
اصل در نسل ڪيترا پراڻا اسان پاران ميمبر ۽ ٻيا
ميمبر ويجھو ئي ويٺا هئاسين، انهن کي سڏڻ کان
لاچار ٿي ويل ڪجھ دوست ۽ سندن ميڙ ڪيڏو نه وڏو پئي
ڀانيم، اهو سنگت جو تعزيتي ميڙ ڪيڏو نه اوپروهو.“ غلام رباني پنهنجن دوستن جيڪي هن دنيا ۾
نه رهيا هئا. انهن جون يادون گڏ ڪيون آهن نورالدين
سرڪيءَ جي تاثرات ۾ به انهن شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪي هينئر اسان وٽ
موجود نه آهن، پر غلام رباني جي تاثراتن ۾ اسان
سان ڳالهائيندي نظر اچن پيا. مثال جمال ابڙو،
نورالدين سرڪي ۽ تنوير عباسي اهي غلام رباني جا
تاثرات دل کي متوجھ ڪندي هڪڙي اسان کي نصيحت ڪن ٿا
ته دوست سدائين گڏ نه هوندا آهن. ڪي اڳي ته ڪي
پوءِ زماني مان ئي موڪلائي هليا ويندا آهن. خلوص
دل سان دوستن جي عزت ڪريو ملو ته پيار سان ملو.
غلام رباني جن شخصيتن تي پنهنجا تاثرات لکيا آهن
انهن ۾ تقريبن سڀئي سنڌي ادب ۽ ٻولي جا خدمتگار
هئا، جن هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌي ادب جي تاريخ ۾
پنهنجو نالو روشن ڪري ويا.
هن وقت انهن جي علمي ادبي ڪمن کان سواءِ سنڌي ادب
ڄڻ ته، اڻپورو رهجي ويندو انهن شهپارا سنڌي ادب جا
اٽوٽ حصو آهن اهي رڳو تاثرات نه بلڪ هڪ دور جي
تاريخ به آهي.
انٽرويو:
غلام
رباني آگري جي لکڻين ۾ اهڙي ته ڪشش رکيل آهي، جو
پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪرائين ٿيون، وٽس سنڌ ۽ دنيا جي
ادب بابت اڻکٽ ڄاڻ هئي ان ڪري،
”سندس
لکڻين ۾ هڪ دور جي تاريخ به سمايل آهي ته ڪٿي
تحقيق جو رنگ به سمايل اٿس. مذڪوره موضوع آهي
”انٽرويو“ غلام رباني آگري جيڪي خاڪا لکيا آهن،
انهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ
وارن خاڪن ۾ اهي انٽرويو ڏنا آهن جي سنڌي جي هنن
اعلٰي انسان کان پاڻ ورتا هئا.“(108)
غلام
رباني آگري جا به، ڪيترائي انٽرويو آهن جيڪي سندس
حياتي ۾ ورتا ويا هئا. انهن انٽرويوز بابت گهڻن ئي
ڪتابن، رسالن، اخبارن ۽ اديبن کان معلوم ڪيم ليڪن
رباني جو ڪٿي به ڪو انٽرويو وغيره هٿ نه اچي
سگھيو. نصير مرزا ۽ الطاف آگري غلام رباني جا
مختلف مضمون، تقريرون، مقالا، مشاهيرن جا تذڪرا هڪ
ڪتاب
”ٿيا قلب قرار“
۾ سهيڙيا آهن. مذڪوره ڪتاب جي صفحه نمبر 9 تي ڪتاب
جي باري ۾ الطاف آگري ۽ نصير مرزا لکيو آهي ته:
”اسان
جي هي به حسرت آهي ته رباني جي حياتي ۾ کانئن جيڪي
انٽرويو ورتا هئا ۽ جيڪي طويل انٽرويو سنڌالاجيءَ
جي سائونڊ آرڪائيوز لاءِ رڪارڊ ڪرايا هئا. اي ڪاش
موقعو مليو ته اهو به ٽيپ تان ٽرانسڪرائيب ڪري
سندن انٽرويو تي ٻڌل اهڙو ڪتاب پڌرو ڪرائبو.“(109)
غلام رباني آگرو هڪ ناميارو اديب هو، سندس ڪيترن ئي ادبي
ادارن ۽ رسالن ۾ ڪم ڪرڻ جا موقعا مليا آهن، لازمي
آهي، انهيءَ ڪري سندس انٽرويوز کي شايع ڪيو ويو
هوندو جيڪي هن کان سندس همعصر اديبن ۽ شاعرن ورتا
هوندا پر، اسان کي انهن سڀني انٽرويوز تائين رسائي
حاصل نه ٿي سگهي آهي. هڪ ننڍڙي اسڪالر جي حيثيت
سان گهڻي ڳولا ڪندي ڪتابن ۽ رسالن جي اٿل پٿل مان
اها ڪاميابي حاصل ٿي ۽ ڪجھ من ماٺو ٿيو، جڏهن سندس
هڪ انٽرويو جيڪو خالد اطهر کانئس اردو زبان ۾ ورتو
هو انهيءَ کي ڏسي خوشي محسوس ٿي تحقيق جي طالب علم
جي حيثيت ۾، انهيءَ انٽرويو کي سنڌي ۾، ترجمو ڪري
هت پيش ڪريان ٿو:
غلام رباني آگرو (هڪ مڪالمو)
خالد اطهر: غلام رباني صاحب : توهان هڪ اديب ۽ محقق
جي حيثيت سان جيڪا خدمت سرانجام ڏني آهي مان
چاهيان ٿو ته سڀ کان پهرين انهيءَ تي مختصر روشني
وجهو؟
غلام رباني: مان پنهنجي ادبي ڪريئر جي شروعات 54-1953ع ۾ هڪ
افسانا نگار جي حيثيت سان شروع ڪئي هئي. افسانا
نگاري ۾ منهنجي دلچسپي وڌڻ جو هڪ سبب هيو، انهي
وقت ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي
MATURE
ليکڪن جي انجمن هوندي هئي
”سنڌي ادبي سنگت“
انهي افسانا نگاريءَ جو هڪ مقابلو ڪرايو، مصنفن ۾،
مرحوم حسام الدين راشدي، مرحومه بيگم زينت چنه ۽
سنگت جو جنرل سيڪريٽري مرحوم عثمان علي انصاري
هئا، هن مقابلي جي شرڪت جي لاءِ سنڌ کان تقريبن
پنجاهه اديبن پنهنجا افسانا موڪليا هئا. هڪ ڏينهن
مرحوم انصاري صاحب مون کي ٻڌايو ته توهان جي
افساني کي پهرين نمبر جو افسانو قرار ڏنو ويو آهي،
منهنجي لاءِ هي وڏي خبر هئي. هن انعام ملڻ سان مون
کي ٻن ڳالهين جو اندازو ٿيو، هڪ هي ته مون ۾
افساني لکڻ جي صلاحيت موجود آهي، ٻيو هي ته سنڌ ۾
ان وقت سٺي افساني لکڻ وارا موجود نه آهن نه ته هڪ
نئين افساني لکڻ واري کي پهريون انعام ڪيئن ملي
ها! هي سوچي مان انهيءَ طرف وڌيڪ توجھ ڏني. پوءِ
ڇهه، ست سال افسانا لکندو رهيس جن ۾ ڪجهه مقبول
ٿيا.
خ :-
”روح رهاڻ“
وارن اوهان جو افسانن جو مجموعو شايع ڪيو هو؟
ر:- جي ها!
”روح رهاڻ“
جي روح روان حميد سنڌي منهنجي افسانن جو مجموعو
”آب حيات“
جي نالي سان شايع ڪيو هو، انهيءَ ڪتاب جا ٻه
”ايڊيشن“
آيا هئا. هاڻي نيون ڪهاڻيون به شامل آهن، ٿي سگهي
ٿو مان انهي مجموعي لاءِ ڪجهه ٻيون ڪهاڻيون به
لکان! منهنجي ڪهاڻين جا ترجما انگريزي، چيني ۽
جرمني ۾ ٿي چڪا آهن. جرمن زبان ۾ ترجمو ڊاڪٽر
اينيمري شمل ڪيو آهي، جو هڪ دانشور آهي.
خ:- توهان سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪڏهن شامل ٿيا؟
ر:-
”1957ع جي آخر ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جي حيثيت سان، سنڌي ادبي
بورڊ ۾ آيس انهيءَ وقت ٻارن جو رسالو
”گل
ڦل“ شروع ڪيو هو، ان وقت ايڊيٽر مون کي مقرر
ڪيو ويو هو. ٽن چئن سالن تائين مان گهڻي دلچسپي
سان هي رسالو ڪڍيو، جنهن ۾ ٻارن جي ادب کي خاص
ترقي حاصل ٿي.
خ:- سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جي متعلق تحقيق
ڏانهن توهان جو رجحان ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو؟
ر:- سنڌي ادبي بورڊ سان وابستگي رهڻ سبب، ڇو
ته هن اداري ۾ زياده تر ڪم جي نوعيت علم ۽ تحقيق
آهي. بورڊ سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ادب سان تعلق
رکندڙ ڪتاب شايع ڪندو آهي، ظاهر آهي ته مون کي
انهن ڪتابن کي ڏسڻو پوندو هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾
گھڻو ڪجھ ڪرڻو پوندو هو. اديبن جي سامهون به سوال
هي آهي ته، سنڌي ڪلچر ڇا آهي؟ پنجابي ڪلچر ڇا آهي؟
۽ پختون ڪلچر ڇا آهي. جڏهن مان ڪلچر جو مطالعو ڪيو
ته مون محسوس ڪيو ته زبان ۽ مذهب، هي ٻه شيون ڪنهن
به ڪلچر جي تشڪيل ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون،
مگر هن ئي پس منظر ۾ جڏهن مان سنڌي ڪلچر جو مطالعو
ڪيو ته هن نتيجي تي پهتس ته سنڌي ڪلچر تي مذهب جي
گهري شاپ آهي، يا هيئن چوان ته سنڌي مسلم ڪلچر،
سنڌي غير مسلم ڪلچر کان بلڪل مختلف آهي. ليڪن
توهان منهنجي هن ڳالهه کي ڪلچر جي عام تشريح يعني
WAY OF LIFE جي روشني ۾ سنڌ جي مسلم ڪلچر تي رکنداسين ته هن ڳالهه جي
تصديق ٿي ويندي يعني روز مره جي زندگي ۾، لباس ۾،
کائڻ پيئڻ جي شين ۾، فن ۽ تعمير ۾ انهيءَ قدر زبان
۽ لفظن جي چونڊ ۾ سنڌ جو مسلم ڪلچر بلڪل الڳ آهي.
انهي لاءِ مان هن موضوع تي مضمونن جي هڪ سيريز
شروع ڪئي، هي مضمون هر هفتي
”هلال
پاڪستان“ ۾ شايع ٿيندا هئا. بهرحال پوين ڏهن سالن
۾
”سيرت النبي
صلي الله عليہ وآلہ وسلم“ منهنجي خاص دلچسپي جو مرڪز آهي. هن موضوع
تي جيترا به سٺا ڪتاب منهنجي ذهن ۾ ايندا آهن، مان
انهن کي هٿ ڪري انهن جو مطالعو ڪندو آهيان.
پاڪستان کان علاوه يورپ ۽ آمريڪا کان به ڪجھ ڪتاب
گهرايا آهن. ان کان علاوه حضور
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جي سيرت تي
BASIC SOURCES
آهن
۽ جو تازه ترين تحقيقي ڪم ٿي رهيو آهي، ان جو به
مطالعو ڪيو آهي منهنجو به ارادو آهي ته مان به
انهي موضوع تي سنڌي زبان ۾ ڪا خدمت ڪريان.
خ:- توهان بورڊ ۾ شايع ٿيڻ واري ڪنهن ڪتاب جي لکڻ ۽ مرتب ڪرڻ
جي سلسلي ۾ ڪي فرض سرانجام ڏنا آهن؟
ر:- بورڊ هڪ ڪتاب
”چونڊ آمريڪي افسانا“ شايع ڪيو آهي، ان ۾ ڪجھ ڪهاڻيون مان ئي ڪي سراج الحق ميمڻ،
انگريزي زبان مان سنڌي ۾ ترجما ڪيا آهن. ان کان
سواءِ رچرڊ برٽن جو هڪ ڪتاب
FALCONARY IN THE VALLEY OF INDUS”
“
آهي جنهن ۾ انهيءِ ٻڌايو آهي ته ڏيڍ سؤ سال پهريان
”سنڌ
۾ بازن سان شڪار“
کيڏيو ويندو هو. جڏهن ته اڄ ڪلهه عرب ماڻهو ايئن
ڪن ٿا. هي ناياب ڪتاب آهي. مون هن جا ڪجهه مضمون
ترجمو ڪري ڇپرايا هئا، هن کان پوءِ سنڌي ادبي
بورڊ، سنڌ ۾ شڪار جي موضوع تي هڪ ڪتاب شايع ڪيو،
جنهن ۾ منهنجا ترجما ٿيل ٻه مضمون ۽ محترم محمد
اسماعيل عرساڻي جا ڪجهه مضمون شامل آهن.
خ:- سنڌي ادبي بورڊ ۾ شامل ٿيڻ کان پهريان، توهان جي ڇا
مصروفيت هئي؟
ر:- مرڪزي حڪومت جي طرفان هڪ علمي ادبي رسالو
”نئين
زندگي“ شايع ٿيندو هو هي اڃان به حيدرآباد مان
شايع ٿيندو آهي) انهيءَ وقت ان جو ايڊيٽر مولانا
عبدالواحد سنڌي هو. ڏاڍو نيڪ انسان آهي، مان
انهيءَ سان گڏ ٻن سالن تائين انهيءَ رسالي ۾ ڪم
ڪيو. هي پنهنجي وقت جو ڏاڍو مقبول رسالو هو. پوءِ
مان اسسٽنٽ سيڪريٽري جي حيثيت سان سنڌي ادبي بورڊ
۾ آيس، ان کان پوءِ سيڪريٽري جي حيثيت سان مقرر
ٿيس. جولاءِ 1976ع ۾ مون کي سنڌ يونيورسٽي جو
پرووائيس چانسيلر مقرر ڪيو ويو. 1979ع جي آخر ۾
مان ٻيو دفعو سيڪريٽري جي حيثيت سان سنڌي ادبي
بورڊ ۾ واپس آيس.
خ:- بورڊ سان وابستگي جي دوران توهان کي سنڌ
جي تمام گهڻن طاقتور شخصيتن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو
مليو هوندو، ڇا توهان ان ۾ ڪجھ غير معمولي شخصيتن
يا اهڙين علمي شخصيتن جو جن کان توهان متاثر ٿيا
هجو، ذڪر ڪرڻ پسند ڪندؤ؟
ر:- توهان ڏاڍو دلچسپ سوال ڪيو آهي. مان سمجهان ٿو ته زندگي
۾ مون تي الله تعاليٰ
جون نوازشون شامل آهن، ان ۾ هڪ هي به آهي ته بورڊ
جي ذريعي مون کي تمام وڏن وڏن ماڻهن سان ملاقاتن
جو شرف حاصل ٿيو. هي اهي ئي ماڻهو هئا جن جو سنڌ
جي مقدر ٺاهڻ ۾ وڏو هٿ هيو. توهان انهن کي علمي،
سياسي، سماجي مطلب ته ڪنهن نقطهءِ نظر سان ڏسو،
اهي انتهائي اهم نظر ايندا. حڪومت سنڌي ادبي بورڊ
جي بورڊ آف گورنرز ۾ اهڙا ماڻهو شامل ڪندا هئا.
جيڪي سنڌ ۾ ڏاڍي اهميت رکندا هئا. مثال خان بهادر
ايوب کهڙو جو وزيرِ دفاع به هئا ۽ سنڌ جو
وزيرآعلٰي به رهيو هو، بورڊ جو صدر به هو ۽ جناب
جي.ايم.سيد جن جو سنڌ جي سياسي زندگي ۾ تمام گهڻو ڪردار هو، بورڊ ۾
نائب صدر هو ۽ هو ڪيتري عرصي تائين ان جي اسٽيڊنگ
ڪاميٽي جو چيئرمين به رهيو هو. سنڌ اسميبلي جي
اسپيڪر آغا بدرالدين دراني، بورڊ جا ميمبر هئا.
سنڌ اسيمبلي جو هڪ ٻيو اسپيڪر ۽ اسپين ۾ پاڪستان
جو سفير. مرحوم ميران محمد شاهه به ميمبر رهيو.
مخدوم محمد زمان طالب المولٰي، شمس العلماءُ ڊاڪٽر
دائود پوٽو مرحوم ۽ علامه آءِ.آءِ قاضي ڪيترن سالن تائين سنڌي ادبي بورڊ
سان وابسته رهيو. سنڌي جو تمام وڏو عالم پير حسام
الدين راشدي ته بورڊ جا روح روا هئا. پير علي محمد
راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وڏو عرصو بورڊ سان گڏ
رهيا هي ڪجھ نالا هئا، جو مان اوهان کي ڳڻايان ته
فهرست تمام وڏي آهي.
خ:- انهن مان ڪنهن اهڙي شخصيت جي متعلق ڪو اهڙو واقعو جو
سدائين ياد رهي؟
ر:- هي ذڪر تمام ڊگهو ٿي ويندو. خان بهادر کهڙو بابت هي چيو
ويندو آهي ته هو سنڌ جو فولادي انسان هو. اخبارون
به هن جي باري ۾ اهو لکنديون هيون، پر جڏهن مان ان
جي ويجهو ٿيس ته مون کي ان جي اندر هڪ نهايت ئي
معصوم ۽ نيڪ انسان نظر آيو. هڪ مهربان مون بابت هي
ڳالهه چئي ڏني اها ڳالهه منهنجي حق ۾ نه هئي، مون
سوچيو ته ان کي ڪا غلط فهمي نه هجڻ گهرجي، جڏهن ته
مان ان وٽ ويس سمجهان پيو ته هو ڪجھ ناراضگي ڪندو
پر پاڻ ان موضوع کي کوليو ئي نه، مان خود انهي
موضوع تي اچڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻ اها ڳالهه ٽاري
ڇڏي، آخر مان براهه راست اها ڳالهه چئي ته انهن
معصوم ٻارن جهڙي مسڪراهٽ سان سان گڏ چيو، ته اهڙي
ڪا ڳالهه نه آهي توهان جهڙي طرح مناسب سمجهو ڪيو.
”شمس
العلماءَ دائود پوٽو بورڊ جو اسڪالر هو ان کي هڪ
هزار ماهوار وظيفو ڏيندو هو جڏهن هو گهر جو ڪم ڪار
ڪندو هو ۽ هر مهيني دفتر جو ٻهاريدار ان جي گهر
رقم ڏئي ايندو هو. هڪ دفعي ان انهن هڪ هزار روپين
مان پنج سو روپيه دفتر جي چپڙاسي کي واپس ڏنا ته
دفتر وڃي ڏي، اسين پريشان ٿي ڪري ان وٽ وياسين ۽
ان کان پڇيوسين ته اڌ رقم ڇو واپس ڪري ڏني اَٿو.
پاڻ نهايت سادگيءَ سان جواب ڏنائون ته منهنجي ڌي
جي شادي هئي ۽ مان مصروف هيس، پندرنهن ڏينهن بورڊ
جو ڪم نه ڪري سگهيس، ان لاءِ پندرنهن ڏينهن جي
پئسن تي منهنجو حق نه هو.
علامه آءِ.آءِ
قاضي جو ته معاملو ئي دنيا کان الڳ هو. مان زندگي
۾ صحيح معنيٰ ۾ ڪو ئي اهڙو انسان ڏٺو، جنهن کي
ملائڪ به سجدو ڪن ته، اهو علامه هو. منهنجي تمام
گهڻن عالمن، اديبن ۽ دانشورن سان ملاقاتون ٿينديون
رهيون آهن، پر علامه جي سامهون ايئن نظر آيا جيئن
جبل جي سامهون بندرا، مرحوم ميران محمد شاهه جي
باري ۾ به عجيب ڳالهيون ٻڌيون هيون. هو ڪجهه عرصي
لاءِ منهنجا بالا آفيسر به ٿي رهيا، مون ان کي هڪ
شفيق انسان ڏٺو. هو هاڻي هن جهان ۾ نه آهي پر مان
اڪثر ان کي گهڻي محبت سان ياد ڪندو آهيان.
خ:- رباني صاحب! سنڌي ادب جي موجوده رفتار کان توهان ڪنهن حد
تائين مطمئن آهيون؟
ر:- ادب زندگي جو ترجمان هوندو آهي، اوسي پاسي جو ماحول
هوندو جو حالات هوندا ادب ان کان متاثر ٿي ڪري
تخليق ٿيندو. دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب وانگر سنڌي
ادب به پنهنجي آس پاس کان متاثر ٿيندو آهي، پوءِ
اديب جي ڪيفيت جنهن انداز سان مٽجي ٿي، ان جو اثر
به ٿئي ٿو، ظاهر آهي اڄ جا اديب انهي رستي تي ڪونه
ٿا هلن، جنهن طريقي تي اڄ کان ٽي سو سال پهرين هن
خطي جا اديب هلي رهيا هئا. پر صرف هي چئي ڏيڻ ته
سنڌ صوفين جي سر زمين آهي ۽ هتان جا شاعر محض صوفي
هئا، صحيح نه آهي اهي جو صوفي هئا، اهي وڏا انسان
هئا، هو پنهنجي وقت جي حساب سان ان معاشري جا
حقيقي ترجمان ۽ نهايت ديانتدار ترجمان هئا. اهڙي
طرح اسان جو اڄ جو اديب ۽ شاعر پنهنجي دور جو عڪاس
آهي ۽ پنهنجا جذبا ۽ احساس رکي ٿو. هن قسم جي گٺل
پيٺل جملن ۾ جو اڄ ڪلهه ادب تي جمود طاري آهي،
جنهن ۾ صداقت نه آهي ۽ هتان جو اديب يا شاعر
دانشور آهي، ان جي فڪر ۾، اظهار ۾، ڪلام ۾، پيغام
۾ زندگي نظر ايندي.
خ:- توهان جو مقصد هي آهي ته هن وقت جنهن رفتار سان سنڌي ادب
اڳتي وڌي رهيو آهي توهان ان کان پوري طرح مطمئن
آهيو؟
ر:- قطع طور پر مطمئن، اسان جي اديبن ۾ هر نسل کان پوءِ ٻيو
نسل اچي ٿو. هو زندگي جو ترجمان آهي، پنهنجي حالتن
جو عڪاس آهي. هن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ مون کي
اهڙي ڪا به تشويش نه آهي، جو اسان جو ادب جمود جو
يا اسان جو اديب غفلت جو شڪار آهي.
خ:- توهان جي خيال ۾ سنڌي ادب جي واڌاري ۾ ڪنهن قسم جي رڪاوٽ
درپيش آهي يا ان جا ڪجهه مسئلا آهن؟
ر:- مان هڪ خاص مسئلي جي نشاندهي ڪري سگهان ٿو. اهو اِهو ته
لکڻ وارن کي اشاعت جا موقعا گهٽ ملن ٿا. ٻي طرف
پبلشرن کي پنهنجا مسئلا آهن ادبي حساب شايع ڪرڻ
وارن جا پنهنجا مسئلا آهن.
خ:- توهان جي خيال ۾ سنڌي هڪ زبان جي حيثيت ۾ ڪهڙي دور ۾ سڀ
کان وڌيڪ ترقي ڪئي آهي؟
ر:- منهنجي خيال ۾ زبان جو انحصار ان جي ڳالهائڻ وارن تي
آهي. جڏهن ته زبان جي ڳالهائڻ واري زندگي جي دور ۾
اڳتي هلي رهيا آهن ته ان وقت تائين توهان چئي
سگهون ٿا ته اها زبان ترقي ڪري رهي آهي. ليڪن
توهان جي سوال جو مطلب هي آهي ته سنڌي زبان ڪهڙي
دور ۾ وڏا شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا آهن يا سنڌي زبان
جو سونهري دور ڪهڙو هيو؟ ته ان جو مختضر جواب مان
هي ڏيندس ته اهو دور سنڌي زبان جو سونهري دور هيو
جنهن شاهه لطيف کي پيدا ڪيو.
خ:- منهنجو مطلب هي هيو ته مختلف زبانون مختلف دورن ۾ عروج ۽
زوال کان گذرنديون آهن. ان ۾ تبديليون ٿينديون
آهن. ترقي ٿيندي آهي، تحقيق ٿيندي آهي، ان جي وڌڻ
ويجهڻ جا موقعا هوندا آهن يا ان ترقي جي راهه ۾
رڪاوٽون حائل ٿينديون آهن ته ان لحاظ سان سنڌي
زبان ۾ ڪهڙو دور سڀ کان سٺو هو؟
ر:- انگريزن جي حڪومت ۾ سنڌي زبان کي وڌڻ ويجهڻ جا تمام گهڻا
موقعا ميسر ٿيا، جو ان کي، ان کان پهريان نصيب نه
هئا. حالانڪه ان کان پهريان هر هڪ جي سنڌي هن جي علائقي جي زبان هئي.
ليڪن ان کي حڪومت جي سرپرستي حاصل نه هئي. طويل
عرصي کان پوءِ انگريزن جي دور حڪومت ۾ سنڌي زبان
کي سرڪاري سرپرستي حاصل ٿي. سنڌي زبان جي هاڻوڪي
رسم الخط جي باري ۾ فيصلو ٿيو، ان کان پهريان هندو
ديوناگري رسم الخط لکندا هئا. بهرحال هن دور ۾ ئي
تمام وڏو مسئلو طع ٿيو.
”شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جو ڪالام به انگريزن جي دور ۾
پهريون دفعو شايع ٿيو. هي ڪارنامو هڪ جرمن عيسائي
مبلغ ڊاڪٽر آرنيسٽ ٽرمپ سر انجام ڏنو. خود سنڌ ۾
انهي دور ۾ ڇاپ خانه آيا، پرنٽنگ انڊسٽري قائم ٿي،
اخبارون جاري ٿيون، سنڌي زبان کي ذريعا تعليم ۽
سرڪاري ۽ دفتري زبان جو درجو ڏنو ويو. عدالتن ۾ به
هي زبان مستعمل ٿي. هن دور ۾ مرزا قليج بيگ، ڊاڪٽر
گر بخشاڻي، دين محمد وفائي، ڀيرومل جهڙا قلمڪار
پيدا ٿيا. خاص طور تي سنڌي نثر تمام گهڻي ترقي
ڪئي. خود انگريز حاڪمن سنڌي ادب جي خدمت ڪئي. ايڇ.ٽي سورلي شاهه لطيف جي سوانح تي انگريزي ۾
اهڙو عمدو ڪتاب لکيو جو اڄ تائين ان کان بهتر ڪتاب
ڪير نه ٿو لکي سگهي.
خ:-
گفتگو جي دوران توهان پير حسام الدين راشدي مرحوم
جو ذڪر ڪيو هو، منهنجي علم ۾ هي آهي ته توهان کي
ان جي قربت حاصل رهي آهي ته توهان ان جي باري ڪجهه
ٻڌائڻ پسند ڪندؤ؟
ر:- پير حسام الدين صاحب سنڌي جي اصطلاح جي مطابق صحيح معنيٰ
۾ پير هئا. مان اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته مون تي
ان جو ڪيئي نوازشون رهيون برو ڀلو جو ڪجھ به
آهيان، ان کي ٺاهڻ يعني منهنجي ذهني نشو نما ۾ پير
صاحب جو وڏو رول هو. 1957ع ۾ جڏهن منهنجو ان سان
تعارف ٿيو ته منهنجي عمر وڏي نه هئي، پوءِ اسان جو
تعلق وڌندو ئي رهيو ۽ هڪ وقت اهڙو آيو جڏهن زندگي
جو شايد ئي ڪو اهڙو معاملو هجي جو مان ۽ هو مشورو
نه ڪندا هجون يا ڪا اهڙي ڳالهه جو مون کي نه ٻڌائي
هجي، علمي ۽ ادبي معاملا ته الڳ رهيا ان جي جيڪا
خانگي زندگي هئي يا دوستن ۽ رشتيدارن جو حلقو هو.
ان بابت به مون سان تبادله خيال ڪندا هئا. هو جن
ماڻهن سان اٿندو ويهندو هو، جو ڪجهه پسند نا پسند
هو، اهو سڀ ڪجھ پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ان کان گھڻو
اثر به ورتو، پير صاحب جي شخصيت تي مان ڪلاڪن جا
ڪلاڪ ۽ ڏينهن ڳالهائي سگهان ٿو. پاڪستان جي علمي
زندگي ۾ انهن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، ان جي وڏي
خاصيت هي هئي ته هو صاحب ڪردار ۽ با اصول انسان
هو. قول ۽ فعل جي معاملي ۾ هو جبل وانگر مستحڪم
هيو. اگر انسان وٽ ڪردار هجن ته ان جي تمام گهڻي
غلطي به درگذر ڪرڻي پوندي آهي. پير صاحب ، صاحب
ڪردار ۽ صاحب اخلاق انسان هئا. ان جي نه ، ۽ ها نه
،۽ ها ها هئي، دوستن جا دوست هئا. زندگي جو نقطه
نگاهه هي هيو ته هو بامقصد زندگي گذارڻ چاهيندا
هئا. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هو پنهنجي اصولن تي
زياده ڪار بند رهيا، جو چيو اهو ڪيو.“
مان پنهنجي پنجاهه سالن واري زندگي ۾ هي محسوس ڪيو آهي ته
انسان کي وقتي مصلحتن جو غلام نه رهڻ گهرجي پنهنجي
عزت ڪرائڻ گهرجي ۽ هي انهيءَ صورت ۾ ممڪن آهي،
جڏهن انسان با اخلاق هجي، پير صاحب زندگي ۾ هي
نقطو پاليو هيو هڪ دفعي ان مون کي چيو هو ته ”
ماڻهو چون ٿا ته انسان مرڻ کان پوءِ تلوار کان
زياده باريڪ پلصراط تي گذرڻو پوندو، پر رباني مان سمجهان ٿو ته هي دنياوي
زندگي ئي اها پلصراط آهي“ مان زندگي جا ويهه سال
پير صاحب سان گڏ گذاريا ۽ ان کان تمام گهڻو سکيو،
هاڻي مان ان کي دعا ڏيان ٿو.
خ:- رباني صاحب توهان پير صاحب جي تمام ويجها رهيو ته يقينن
توهان انهي ڳالهه تي روشني وجهي سگهندا ۽ ڪهڙيون
علمي ۽ ادبي شخصيتون ان جي ويجهو رهيون، يا هو خود
ڪهڙن ماڻهن کي اهميت ڏيندا هئا؟
ر:- مان اگر غلط نه آهيان ته هي سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيان ته
غالباً سنڌ ۾ ۽ سنڌي حلقن ۾ ڪو به اهڙو شخص پير
صاحب کي ايترو ويجهو نه هو جيترو مان هيس. ان جي
وفات کان پوءِ جڏهن مان “مهراڻ” جو خاص نمبر ڪڍي
رهيو هيس ته ان وقت منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال اڀريو
ته، اهو ڪهڙو ماڻهو هو جيڪو پير صاحب جو دوست نمبر
هڪ قرارڏنو وڃي ته سوچ ويچار کان پوءِ ان نتيجي تي
پهتس ته، ممتاز حسن مرحوم يا ڊاڪٽر اينيمري شمل،
پوءِ جڏهن پوئين ڏينهن ڊاڪٽر شمل پاڪستان آئي ته
مان ۽ هو
حسين شاهه راشدي (پير صاحب جو ڀائٽيو بلڪ پٽ) پير
صاحب جي مزار تي مڪلي وڃي رهيا هئاسين رستي ۾ مون
انهن ماڻهن کان سوال ڪيو، ٻئي سوچ ۾ پئجي ويا ۽
ڪجهه دير کان پوءِ حسين شاهه چيو ته غالباً ممتاز حسن کي ان جو دوست نمبر هڪ قرار ڏئي
سگهجي ٿو. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ته منهنجو
اندازو صحيح نڪتو ۽ مان غلط ناهي لکيو پر مان سنڌي
حلقن جي ڳالهه ڪريان جيئن، ته مان عرض ڪيو ته مون
تي وڏا ڪرم فرما هئا. ليڪن اديبن ۽ شاعرن جي ڳالهه
ڪريان ته منهنجي خيال ۾ ابراهيم جويو کي هو زياده
ويجھو سمجھندو هو.
خ:- هي ٻڌائيندئو ته اڄ ڪلهه ٽيليويزن ۽ ريڊيو تي جيڪي سنڌي
پروگرام پيش ٿي رهيا آهن، توهان ان جي معيار کان
ڪنهن حد تائين مطمئن آهيو؟
ر:- ”مان نه صرف ڪنهن حد تائين مطمئن نه آهيان بلڪه نهايت
مايوس آهيان. مان سمجھان ٿو ته ٽيليويزن ۽ ريڊيو
تي اڪثر پروگرام خانه پوري ڪرڻ ۽ بعض ته اردو
پروگرامن جا نقل معلوم ٿين ٿا.
خ:- ڇا توهان ان زبان جي معيار کان مطمئن نه آهيو، يا ان ۾ ڪا
خامي محسوس ڪيو ٿا؟
ر:- ٽيليويزن ۽ ريڊيو جھڙا مواصلاتي نظام فردن ۽ قومن جي
زندگيءَ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. مان پنهنجي هتان جي
پروگرامن ۾ جا ڳالهه محسوس ڪريان ٿو، اها هي آهي
ته پروگرام با مقصد نه هوندا آهن، ان ۾ مقصديت يا
ڪوئي پيغام نه هوندو آهي، زياده وقت گوڙ گهمسان ۾
گذري ويندو آهي ٿي سگھي ٿو ته ريڊيو ۽ ٽيليويزن جا
ڪجھ سنڌي پروگرام سٺا به هوندا آهن، پر ان جو
مجموعي تاثر وقت جو زيان آهي.
خ:- ان پروگرامن جي توهان وٽ ڪا توقعات جي مطابق هلائڻ ۽ انهن
کي بهتر بنائڻ لاءِ يقينن توهان وٽ ڪجھ ٺوس
تجويزون ته هونديون، ڇوته توهان ان پروگرامن جي
باري ۾ انتهائي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي، ان لاءِ
ته توهان کان هي ڳالهه پڇي آيو آهيان؟
ر:- ڀائو ڏسو نه ! ڳالهه هي آهي، ته جو ماڻهو جنهن مشين کي
هلائي ٿو ته هي بنيادي طور تي هن جو ڪم آهي ته، هو
هي سوچي ته هن مشين کان وڌ کان وڌ فائدو ڪهڙي طرح
حاصل ڪري سگهجي ٿو
خ:- رباني صاحب! توهان هي ٻڌائيندوء ته توهان سنڌي کانسواءِ
۽ ڪهڙين ڪهڙين زبانن جو مطالعو ڪيو آهي؟
ر:- انگريزيءَ جو ۽ ظاهر آهي ته اردو جو ان کانسواءِ ٿورو
گهڻو فارسي ادب به ڏٺو آهي.
خ:- توهان ڪڏهن شاعري به ڪئي؟
ر:- نه
خ:- رباني صاحب! توهان چيو ته انگريزن دور حڪومت ۾ سنڌي زبان
سڀ کان گهڻي ترقي ڪئي. ڇا توهان جي خيال ۾ پاڪستان
جي قيام کانپوءِ، سنڌي زبان جي فروغ جي لاءِ ڪو به
ڪم نه ٿيو هيو؟
ر:- پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ ته سنڌيءَ کي ترقي جي لاءِ
ڪارناما سرانجام ڏنا ويا اهي انگريزن جي دور حڪومت
۾ به نه ٿيا. هي ڪارناما سنڌي ادبي بورڊ جي قيام ۾
ٿيا. هن اداري سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي لاءِ
بنيادي ڪم ڪيو آهي. وڏا وڏا منصوبا مڪمل ٿيا آهن.
نادر ۽ تاريخي ڪتاب شايع ڪيا آهن. هي محل نما
عمارت ٺهي آهي، سنڌي ادبي بورڊ حڪومت جي سرپرستيءَ
۾ گران قدر خدمتون انجام ڏيندو رهيو آهي ۽ هاڻي به
هي صورتحال آهي ۽ ان کان بعد ۾ ٻيا ادارا به قائم
ٿيا مثلاً اسان جي
Sister Orgnization
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي آهي ان جو به ان سلسلي ۾
وڏو حصو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي باري ۾ توهان کي
ٻڌايان ته، هي صرف سنڌ يا پاڪستان ۾ نه بلڪه دنيا
ڀر جي علمي مرڪزن ۾ هڪ باعزت مقام رکي ٿو.
برطانيا، آمريڪا، جرمني، روس ۽ ايران وغيره ۾ جيڪي علمي ۽ تحقيقي ادارا آهن، اهي سنڌي ادبي بورڊ کي قدر ۽
عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. قيام پاڪستان کان پوءِ
سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ جو سلسلو ڪجھ عرصي لاءِ
بيهي ويو هيو. ان جو سبب هي هيو ته سنڌي هندو عالم
هندستان هليا ويا هئا، ليڪن تاريخ جو وهڪرو ڪڏهن
به ناهي رڪبو. قيام پاڪستان کان پوءِ سنڌي زبان ۽
ادب جي ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي ڪاميابي سنڌي
ادبي بورڊ جو قيام هو ۽ ظاهر آهي ته هي خدمت حڪومت
سرانجام ڏني هئي. هونئن به بورڊ جي قيام جو آغاز
پاڪستان کان پهريان ٿي چڪو هو ۽ ان جي لاءِ محرڪ
جناب جي.ايم.سيد
هو، پر قيام پاڪستان کان پوءِ باقائدي تنظيم ۽
مالي امداد ڏئي ڪري پنهنجي پيرن تي بيهاريو ويو
هو. بورڊ جي اول خدمت گذارن ۾ جناب محمد ابراهيم
جويو جو نالو خاص طور تي قابل ذڪر آهي. شمس
العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ ۽ پير حسام الدين راشدي وارن هن اداري کي
گهڻي کان گهڻو فعال ٺاهڻ ۾ گرانقدر خدمتون سرانجام
ڏنيون. اهڙي طرح مخدوم محمد زمان طالب المولٰي ۽
موجوده چيئرمين مولانا غلام مصطفٰي قاسمي هن اداري
جي ترقي جي لاءِ جدوجهد ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي.
خ:- ڇا توهان مختصر طور بورڊ جي خدمتن تي روشني وجهندا؟
ر:- بورڊ پوين ٽيهن سالن ۾ ٽي سو کان وڌيڪ ڪتاب شايع ڪيا آهن
جو سنڌ جي تاريخ، تذڪرا، صوفين، مشاهيرن، قديم
شهرن، لساني تاريخ، لغت، گرامر، لوڪ ادب، شاعري،
اقتصاديات، جاگرافي سنڌ جي عربي ۽ فارسي شاعرن ۽
ٻين موضوعن بابت، پر ڪو به شخص سنڌ جي نفسيات ۽
ذهن کي ڳولڻ چاهي ته ان کي سنڌي ادبي بورڊ جي
دروازي تي دستڪ ڏيڻي پوندي. بورڊ ابو عطا سنڌي کي
ڇپرايو آهي جن جو شمار عرب دنيا هاڻي پنهنجي
استادن ۾ ڪندي آهي. مخدوم معين کي به ڇاپيو آهي جن
جي لاءِ شاهه ولي الله لکيو هو ته تون ته (علم) تي
سوار آهين. مخدوم نوح کي به ڇاپيو آهي، جن جي لاءِ
شهنشاهه اڪبر پنهنجي فوجي ڪمانڊر خان خانان کي حڪم
ڏنو هو ته سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان هالا ۾ مخدوم
جي دوازي تي حاضري ڏجان. علي شير قانع ۽ محمد هاشم
ٺٽوي کي به ڇپرايو آهي. جن جا ڪتاب مصر ۽ عرب دنيا
جي علمي مرڪزن ۾ پڙهايا وڃن ٿا. عبيدالله سنڌي کي
به ڇپرايو آهي. بورڊ علمه آءِ آءِ قاضي، ايلسا
قاضي، فتح محمد سيوهاڻي ۽ مرزا قليچ جي تصنيفن کي
به شايع ڪرايو ويو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽو، ڊاڪٽر
بلوچ، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي،
جي.ايم.سيد،
ميران محمد شاهه ۽ حنيف صديقي جي عملي خدمتن کان
استفاد ڪيو ويو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي
انگريزي ۽ سنڌي ۾ ڇپرايو آهي. توهان اسان جو
”مهراڻ“ کڻي ڏسو سنڌ جي تمام ڪلاسيڪي شاعرن کان علاوه جديد سنڌي
شاعرن ۾ به مشڪل توهان کي ڪو اهڙو ڪم نظر ايندو
جنهن جو ڪجھ نه ڪجهه ڪلام هن پرچي ۾ شايع نه ٿيو
هجي. اهڙي طرح هن پرچي ۾ توهان کي سنڌ جي ممتاز
افسانا نگارن جا نالا به نمايان نظر ايندا. هي
سلسلو صرف سنڌ جي اهل قلم حضرات تائين محدود نه
آهي بلڪه مولانا غلام رسول، ايڇ.ٽي
لئمبرڪ، مولانا اعجازالحق قدوسي، اختر جهونا ڳڙهي
۽ ادريس صديقي به بورڊ لاءِ علمي خدمتون انجام
ڏنيون ۽ ان وقت به ڊاڪٽر اينيمري شمل جو ڪتاب زير
طبع آهي.
خ:- سنڌي شاعري ۾ جڏهن نئون آواز اپنايو ، جنهن ۾ قوميت جو
رنگ غالب آهي ته ان کانپوءِ منظر عام تي اچڻ واري
جديد سنڌي شاعرن ۾ ڪنهن جي ڪلام کي توهان پسند
ڪيو؟
ر:- توهان جو سوال وضاحت طلب آهي.
خ:- پوين اڍائي سو سالن جي دوران اسين سنڌي
شاعرن کي ٽن اهم دورن ۾ تقسيم ڪري سگهون ٿا؟ پهرين
دور ۾ جن مقبوليت حاصل ڪئي، انهن ۾ اڪثر صوفي
شاعرَ هئا ۽ انهن جو مخصوص رنگ هو، قيام پاڪستان
کانپوءِ به شاعري ٿيندي رهي پر اها گهڻي قدر
روايتي شاعري هئي، مثلاً ڊاڪٽر ابراهيم خليل ۽ ان
جي همعصرن ۾ شامل ٻين شاعرن جي ڪلام، ڪجهه وقت
کانپوءِ سنڌي شاعرن پنهنجي شاعري کي نئون رنگ ڏنو
۽ کوڙ اهڙا شاعر جيڪي هن حلقي ۾ شامل هئا. پنهنجو
انداز مٽايواهڙن شاعرن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي به
شامل هو. جو پهرين ڊاڪٽر ابراهيم خليل جو شاگرد
هو. ان جي شاعري ۾ قوميت جو رنگ وڏي درجي تي موجود
آهي، ته مان هي ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته ان جديد شاعرن ۾
ڪنهن کي توهان پسند ڪيو؟
ر:- هن سلسلي ۾ وضاحت ضروري آهي، اها هي ته سنڌ جي قديم
شاعرن جي ڪلام ۾ خواهه اهي صوفي شاعر ئي ڇو نه
هجن، انهن ۾ قوميت جو جذبو ڏٺو ويو آهي. هاڻي شاهه
لطيف کي ئي ڏسو ته هو ظاهر ۾ صوفي شاعر هو ۽ ان جي
ڪلام ۾ تصوف موجود آهي. ليڪن ان به انهي دور ۾ صرف
سنڌي زبان ۾ شاعري ڪئي جڏهن ته سرڪاري دفتري زبان
فارسي هئي، ۽ انهي دور ۾ اڪثر سنڌي مشاهير فارسي
لکندا هئا. ليڪن شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ
Artist Concious
هو. اهو هڪ شعر ۾ واضح طور تي چوي ٿو ته:
”اگر تون فارسي سکي ته تون غلام ٿيندين“، ۽ جو فارسي ڳالهائيندو آهي ان جو هڪ پير
هيڏي هوندو آهي ۽ هڪ پير هوڏي، توهان ان ۾ قوميت
جو رنگ نه چوندؤ ڇا؟ شاهه عبداللطيف کان پوءِ ٻئي
نمبر تي سچل سرمست اچي ٿو. ان جا هتي به ڪيترائي مثال آهن. مثال هڪ جڳهه تي فرمائي ٿو
”ديس سچل دا شهر درازا، مڪه نه ملتان“ هاڻي توهان هن جي ڪجهه به تشريح ڪيو.
ليڪن سچل جي هنن لفظن ۾ پنهنجي ڌرتي سان محبت جو
پيغام ملي ٿو. ڇا توهان هن کي قوم پرستي نه چوندؤ
هاڻي انهي کي ڪو غلط رنگ ۾ به وٺي سگهي ٿو، پر
ايئن نه هئڻ گهرجي، ڇو مان سمجهان ٿو ته پنهنجي
ڌرتي سان محبت پيغمبرن جي سنت آهي. مان توهان کي
هن جو هڪ مثال به ڏيان ٿو، جڏهن حضور
صلي الله عليہ وآلہ وسلم مڪي کان هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿيو ته رات جي تاريخي ۾ حضرت
ابوبڪر صديق رضه سان گڏ ٻاهر آيا ته روايت جي
مطابق پاڻ
صلي الله عليہ وآلہ وسلم مڪي تي نگاهه وڌي ۽ فرمايو ته اي شهر مڪه
! تون مون کي جهان جي تمام شهرن کان وڌيڪ عزيز
آهين، پر تنهنجي رهڻ وارن ماڻهن مون کي هتي رهڻ نه
ٿا ڏين. هڪ ٻي به روايت آهي ته حضور
صلي الله عليہ وآلہ وسلم مديني ۾ سڪون پذير هئا، ڪافي وقت کان
پوءِ هڪ شخص مڪي کان آيو حضور
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي موجودگي ۾ ڪنهن ان کان مڪي جو احوال پڇيو، انهيءَ نهايت
شاعراڻي انداز ۾ مڪي جي حالتن ۽ موسم جي تعريف
ڪئي. روايت هي به آهي ته مڪي جي تعريف ٻڌي، حضور
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. مگر سنڌي شاعري جي باري ۾
عام خيال غلط آهي ته هن جي ڪنهن مخصوص شاعري ۾
قوميت جو جذبو پيدا هو، پر سنڌي شاعري ۾ قوميت جي
روايت پراڻي آهي.
خ:- توهان بجا فرمايو آهي، پر سنڌي زبان جي
جديد شاعرن پنهنجي الڳ تشخص کي پوري طرح برقرار
رکيو آهي ۽ مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته، ان جديد شاعرن
۾ توهان کي ڪهڙن شاعرن جو ڪلام پسند آيو؟
ر:- سنڌي جي جديد شاعرن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز
همايوني ۽ امداد حسيني مون کي پسند آهن. هونئن به
ٻيا ڪيئي سٺا شاعر آهن، ليڪن هي خاص طور تي منهنجي
پسند آهن.
خ:- شيخ اياز جي باري ۾ توهان ٻه جملا
فرمايو؟
ر:- ان کي لفظن تي ڏاڍي قدرت حاصل آهي ۽ هو
ڪنهن به جذبي ۽ ڪنهن به خيال جو اظهار انتهائي ۽
نهايت مؤثر لفظن ۾ ڪري سگهي ٿو.
خ:- ۽ تنوير عباسي جي ڪا خاص ڳالهه توهان کي
پسند آهي؟
ر:- ان جي ڪلام ۾ هڪ خاص ادا آهي، ايئن چئو
ان ۾محبوبيت جي ادا آهي، سڀ جي لاءِ محبت ۽ خير
سگالي جو پيغام آهي، نيڪ خيال آهن.
خ:- رباني صاحب! توهان جي خيال ۾ ڪهڙين
شخصيتن سنڌ جي تاريخ ، تهذيب ۽ ادب جي متعلق
نمايان تحقيقي خدمتون سر انجام ڏنيون آهن؟
ر:- هن سلسلي ۾ بين الاقوامي شهريت جي حاصل
ڪيل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سر فهرست آهي. ان جي
خدمتن کي نه صرف فراموش
ڪري نٿو سگهجي، پر ان جي لاءِ هو لائق تحسين ۽ آفرين آهي. مان ان کان ڏاڍو
متاثر آهيان. ان کان علاوه مان سنڌ جي ممتاز عالم،
دانشور ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مولانا غلام
مصطفيٰ
قاسمي کان به ڏاڍو متاثر آهيان، هي ٻئي حضرات صحيح
معنيٰ ۾ عالم آهن ۽ انهن ٻنهي جي هي خوبي آهي ته
اهي ٻئي غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿي ڪري پنهنجي زندگي
ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ۽ حصول علم جي لاءِ جستجو ڪئي.
مولانا قاسمي جي گفتگو مان مون کي مولانا
عبيدالله سنڌي جي صحبت جي خوشبو ايندي آهي.
خ:- ڇا توهان ٻڌائڻ پسند ڪندؤ ته توهان ڪٿي
پيدا ٿيا ۽ ڪٿان تعليم حاصل ڪئي؟
ر:- نوابشاهه ضلعي جي تعلقي ڪنڊياري ۾ درياءَ
جي ڪناري هڪ ننڍو ڳوٺ آهي آگرا ۾، اتي پيدا ٿيس.
منهنجو والد محڪمه تعليم ۾ هو، ۽ اتي استاد به ٿيو
علم ۽ ادب ۾ اسان جي خاندان جي قديم روايت هئي.
سنڌ جي هڪ مستند تاريخ آهي”تحفة
الڪرام“ ان ۾ مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي، ان
مشهور عالمن ۽ اهل الله وارن جو تذڪرو ڪيو آهي، جو
ان دور ۾حال حيات هيو، ان ۾ هالاڻي جي مخدوم
عبدالله جو نالو به شامل آهي. مان انهيءَ خاندان
مان آهيان، ان جو پٽ مخدوم محمد دائود آگرو ايڏو
ته وڏو عالم ٿيو، جو ماڻهن کان ان جي والد جو نالو
وسري ويو. مخدوم محمد دائود، پير محمد راشد جا هم
درس هئا. جنهن کي روضي ڌڻي چيو وڃي ٿو ۽ جن جي
خاندان مان پير صاحب پاڳارا آهن. سنڌ جي عالمن ۾
مخدوم محمد دائود آگرو جو هڪ خاص مقام ۽ مستند
حيثيت آهي ۽ انهن ڪيئي ڪتاب لکيا، ان جي هٿ جي
لکيل مثنوي مولانا روم جو هڪ نسخو مون وٽ موجود
آهي، ان جي والد مخدوم عبدالله جي باري ۾ هڪ روايت
ٻڌي آهي ته شاهه لطيف جڏهن کهڙن ڏانهن ويندو هو ته
مخدوم عبدالله وٽ ان جو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ان مان
اندازو ڪيو وڃي هن خاندان جي علمي روايت ڪيتري
عظيم ۽ پختي آهي . جڏهن مان تيرهن سالن جو ٿيس ته
ملڪ تقسيم ٿي ويو. اسان جا هتي تمام اسڪول هندوئن
جا هئا، جو علائقو ڇڏي هليا ويا، اسان جو حصول
تعليم محدود ٿي ويو. اسان جي تعليم کي وڏو ڌڪ لڳو،
پوءِ مان ويجهي شهر نوشهروفيروز هليو ويس، اتي به
استادن جي قلت هئي، هندو هليا ويا هئا. اسان جا
مهاجر ڀاءُ ننڍن ننڍن شهرن ۾ اچڻ کان گريز ڪري
رهيا هئا. بهرحال 1951ع ۾ مان نوشهروفيروز مان
مئٽرڪ ڪئي، پوءِ حيدرآباد سائنس ۾ داخلا ورتي ليڪن
منهنجو طبعي شوق آرٽس جي طرف هو، پوءِ مان ڪراچي
هليو ويس. جتي مان ايل.ايل.بي جو پهريون سال مڪمل ڪيو پر ان کان پوءِ
مون کي خانداني حالتن تعليم جي سلسلي ۾ متاثر ڪيو
۽ مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيس.
خ:- رباني صاحب توهان يقينن ڪجهه غير ملڪي دورا به ڪيا
هوندا؟
ر:- ” جي ها
مان گهڻائي غير ملڪي دورا ڪيا آهن، جن ۾ ايران ۽
چين جا دورا به شامل آهن. چين جو دورو منهنجي لاءِ
هڪ يادگار جي حيثيت رکي ٿو.
خ:- ته توهان پنهنجي چين جي دوري جو ڪو اهڙو واقعو ٻڌايو، جو
توهان جي دل تي نقش ٿي ڪري رهجي ويو هجي؟
ر:- هونئن ته اهڙا گهڻا ئي واقعا آهن پر مان
”کهه لان“ سان ملاقات زندگي ڀر نٿو وساري سگهان. هو حڪومت چين جو اعليٰ عهديدار هو ۽
”سرخ پرچم“
جو ايڊيٽر به هو، هو حڪومت چين جي طرف کان اسان جي
ثقافتي دوري جو منتظم هو ۽ تمام عرصو اسان سان گڏ
رهيو. بيجنگ، تانڪنگ، هانچو، شهنگائي، ڪينٽن ۽
پوءِ واپس بيجنگ پهچڻ کان پوءِ اسين دنيا جي
عجوبي، ديوار چين ڏسڻ وياسين، کهه لان اتي به گڏ
رهيو. ملڪي ۽ غير ملڪي سياح عظيم ديوار جي پاسي ۾
تصويرون ڪڍي رهيا هئا. مان به کهه لان جي هڪ تصوير
ڪڍي، هو سامهون بيٺو هو ۽ پس منظر ديوار چين هو،
ڪئمرا جي بٽڻ هڻڻ کان پهرين مان فوڪس ڪيو ۽ غور
سان پهريان عظيم ديوار تي نظر وڌي ۽ پوءِ کهه لان
تي، ديوار چين واقعي عظيم هئي، پر کهه لان جي
شخصيت ان کان به عظيم تر هئي. کهه لان جي عمر سٺ
سال جي ويجهو هئي، زندگيءَ جي ڏک سک جو لڪيرون ان
جي چهري تي چٽيءَ طرح واضح
هيون، پر مزاج گل جهڙو هو. سنڌي ۾ هڪ مثال آهي ته
عقلمند انسان دريا وانگر ٿڌا ۽ گهرا هوندا آهن ۽
دريا سج جي گرمي کان ڪڏهن به گرم ناهي ٿيندو. کهه
لان به اهڙو ئي هڪ عظيم انسان هو، جڏهن اسان جو
سفر ختم ٿيو ۽ اسان جا ميزبان اسان کي بيجنگ جي
هوائي اڏي تي الوداع ڪرڻ آيا ته ڪافي پيئڻ جي
بهاني سان کهه لان کي ويجهي هوٽل ۾ وٺي وياسين،
کهه لان نه انگريزي ڄاڻندو هو ۽ نه اردو سان
ويجهڙائي هيس، ڇوڇي تنگ اسان جو مترجم هو، نوجوان
هو ۽ نوجوانن وارو مزاج هيس. اسان کي عالمگيري جي
مزاج ۾ اردو گانا ٻڌائيندو هو ۽ فصيح اردو
ڳالهائيندو هو، ڪافي جي چسڪي وٺندي، ڇوڇي تنگ جي
وضاحت کان مون کهه لان کي چيو ته، دوران سفر ۾
اسين
”دنيا وما فيها“
جون ڳالهيون ڪندا رهياسين، مگر ڪنهن موضوع تي
گفتگو نه ٿي هئي ته اهو هڪ ٻئي جو ماضي هو. مان
توهان کان زندگي جا ڪجهه واقعا معلوم ڪرڻ چاهيان
ٿو. توهان انقلاب کان پهريان جو زمانو ڏٺو آهي ۽
بعد جو به، ڪجهه پنهنجيون ڳالهيون ٻڌايو، کهه لان
پنهنجي متعلق ڪجھ چوڻ کان پاسو ڪندو رهيو، جڏهن
مان اسرار ڪيو ته هڪ واقعو ٻڌايائين چوڻ لڳو،
انقلاب کان پهريائين اسين هڪ دستي جي صورت ۾ هڪ
صحرا کي عبور ڪري رهيا هئاسين. کاڌي پيتي جي هر
شيءِ ختم ٿي چڪي هئي، ڪمانڊر حڪم ڏنو ته گهوڙا ڪهي
کائو. ڪجھ ئي ڏينهن ۾ اسان وٽ گهوڙن جو صرف ڪجھ
تعداد رهجي ويو، سفر ۾ بار برداري لاءِ لازمي هو.
دشمن جي فوج ڪافي تعداد ۾ اسان جي پويان اچي رهي
هئي، صحرا
۾ ڪو به سهارو نه هو ۽ اسين گهڻي سفر کان عاجز ٿي
چڪا هئاسين، هڪ رات گذرڻ کان پوءِ جڏهن صبح
اٿياسين ته خبر پئي ته پيئڻ جي پاڻي جو آخري قطرو
به ختم ٿي چڪو هو، سخت پريشاني جو عالم هو، سفر
جاري هو، هڪ جڳهه تي ويهي وياسين، جڏهن ڪجهه دير
ساهي پٽڻ کان پوءِ، ڪمانڊر لائين لڳائڻ جو حڪم
ڏنو. اسان جي هٿن ۾ خالي پياليون ڏنيون ويون ۽ هڪ
سپاهي بندوق اُڀي
ڪري بيهي رهيو، ٻيو سپاهي هڪ بالٽي کڻي آيو ۽ گلاس
ڀري ڪري اسان جي ساٿين جي پيالن ۾ وجهندي چيو، اڃ
ختم ڪرڻ لاءِ پيئو، اسان جي ساٿين پيالين ۾ ڏٺو ۽
ڪنڌ سان انڪار ڪندي پيئڻ کان انڪار ڪيو. ڪمانڊر
اشارو ڏنو ۽ سپاهي بندوق جي نالي سڌي ڪئي هاڻي
اسان جي ساٿين کي پياليون خالي ڪرڻيون پيون
پر پيالين ۾ ڇا هو ؟ مان کهه لان کان سوال ڪيو، ان
چيو گهوڙي جو پيشاب مون کي کهه لان کان وڌيڪ واقعن
معلوم ڪرڻ جي همٿ نه ٿي، ڪجهه دير اسين ٻئي خاموش
رهياسين ۽ مان سوچيندو رهيس ته
انقلابن ۾ بازن ۽ شڪارين جا رستا ڪيڏا ڏکيا هوندا آهن.
”زنده
لوگ“: غلام رباني آگرو، (ايڪ مقالمه)، مرتب:
خالد اطهر، شيخ عبدالمجيد سنڌهي، اڪيڊمي، 1987ع،
ص: 57 کان 75.
ڊسمبر 1983ع
حـــوالا:
1-
آگرو غلام رباني،
”ماڻهو
شهر ڀنڀور جا“- ڇاپو پهريون - ڇپائيندڙ پاران- الهڏ تو
وگهيو، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، -ڄام شورو، سنڌ،
فيبروري - 2012ع.
2-
ٽماهي
”مهراڻ“، جلد نمبر 60 - اپريل- جون نمبر 2 سنڌي ادبي بورڊ - ڄام
شورو سنڌ 2010ع، ص: 168.
3-
غلام حسين، مشتاق
”سچاروي“
”سي لاهوتي لڏي ويا“ ٽماهي ”مهراڻ“ -
اپريل- جون 2010ع، ص: 187.
4-
روزاني ڪاوش “دنيا”، “سنڌي ٻوليءَ جو هڪ منفرد
نثرنگار”، (مضمون)، آچر- 9 جون
2013ع)
5-
ٿيا قلب قرار
”مرتب“ نصير مرزا، الطاف آگرو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو
2013ع.
6-
غلام رباني آگرو
”آبِ حيات“،
(پيش لفظ). ص: 18 ۽ 19
7-
قاضي خادم
”ادب ۽ روايتون“، (ڇاپو ٻيو)،
سنڌي ساهت گھر حيدرآباد، سنڌ 1992ع.
8-
ايضاً، ص: 71
9-
قاضي
خادم
”ادب ۽ روايتون“ (ڇاپو ٻيو)، سنڌي ساهت گھر حيدرآباد، سنڌ 1992ع، ص: 72
10-
ايضاً، ص: 73.
11-”ڪارونجهر“ جرنل آرٽ ۽ سائنس:
”غلام رباني آگري جي افسانن جي ڪردارن جو
جائزو“
نواب ڪاڪا، شعبو سنڌي وفاقي اردو يونيورسٽي براءِ
آرٽس ۽ سائنس ٽيڪنالاجي،
جون، 2011ع، ص: 54.
12- غلام
رباني
”آب حيات“ ڪهاڻي ڪليات- پيش لفظ، ص: 18.
13-سراج
”آب حيات“
”ڪهاڻي ڪليات“
جو، مهاڳ، ص: 16
14-
عرساڻي، آزادي کانپوءِ سنڌي سنڌي افسانوي ادب جي
اوسر، ص: 227،. (143) آزادي کانپوءِ سنڌي افسانوي
ادب جي اوسر، ص: 254
15-
آزادي کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر: ص: 255
16-”مهراڻ“
نمبر1، جلد 5، سال 1985ع، ص: 301
17-
افسانوي ۽ فڪري ادب: مرتب - جامي چانڊيو:، ص: 26.
18-”آب حيات“،
ص: 48
19-غلام
رباني آگرو
”سنڌي ڪلچر“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ سال 2011ع.
20-شيخ
اياز
”رباني جو نالو سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو“
ٽماهي،
”مهراڻ“
اپريل- جون، سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو، سنڌ 2010ع، ص: 167
21- قاضي
خادم ”ادب ۽ روايتون“ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد،
سنڌ، 1992ع
”پيش لفظ“،
ص
5-6-7
22-
غلام رباني آگرو
”سنڌي
ڪلچر“ پسمنظر- پيش منظر- ثقافت کاتو حڪومت سنڌ،
2011ع- پويون پاسو
23-
مهاڳ،
”هوائون هنگلاج
ڏي”، ص: 10 ۽ 11
24-
آگرو الطاف
”هوائون
هنگلاج ۾“ تاثرات
25-آگرو
غلام رباني
”هنگلاج ۾ چانهه“، (سفرنامو)، ڇاپو پهريون: سهيڙيندڙ: الطاف آگرو ۽ نصير
مرزا، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2012ع، ص: 5
26-غلام
رباني آگرو
”هنگلاج ۾ چانهه“ سهيڙيندڙ، الطاف آگرو ۽ نصير مرزا، ڇاپو پهريون انسٽيٽيوٽ
آف سنڌ الاجي، ڄام شورو، 2012ع، ص: 14
27-
ايضاً، ص: 15، 16
28-
ايضاً، ص: 16
29-
ايضاً، ص: 16
30-
ايضاً، ص: 17
31- غلام
رباني آگرو،
”هنگلاج
۾ چانهه“، سهيڙيندڙ، الطاف آگرو ۽ نصير مرزا، ڇاپو
پهريون، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام شورو، 2012ع،
ص: 21.
32- ايضاً،
ص: 22.
33- ايضاً،
ص: 22.
34-
غلام رباني آگرو ”هنگلاج ۾ چانهه“، سهيڙيندڙ:
الطاف آگرو ۽ نصير مرزا، (ڇاپو پهريون،)،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، -ڄام شورو، 2012ع، ص: 23،
26
35-
ايضاً، ص: 27،26
36-
ايضاً، ص: 26.
37-
غلام رباني آگرو ”هنگلاج ۾ چانهه“ سهيڙيندڙ:،
الطاف آگرو ۽ نصير مرزا، (ڇاپو پهريون، انسٽيٽيوٽ
آف سنڌ الاجي، ڄام شورو، 2012ع، ص: 27-28
38- آگروغلام
رباني، ”بنگلاديش ۾ ڏهه ڏينهن“، ص: 37
39- غلام
رباني آگرو
”هنگلاج
۾ چانهه“، سهيڙيندڙ، الطاف آگرو ۽ نصير مرزا، ڇاپو
پهريون، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 2012ع،
ص: 40
40-
ايضاً، ص: 54
41-آگرو
غلام
”هنگلاج ۾ چانھ“ (ڇاپو پهريو)، سهيڙيندڙ: الطاف آگرو ۽ نصير مرزا، انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 2012ع، ص: 57.
42- ايضاً،
ص: 12
43- آگرو
غلام رباني ”هنگلاج ۾ چانهه“ سهيڙيندڙ الطاف آگرو
۽ نصير مرزا، ڇاپو پهريون- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 2012ع،
ص: 95
44-
ايضاً، ص: 95، 96
45- ايضاً،
ص: 97
46-
ايضاً، ص: 97
47-
ايضاً، ص: 97-98
48-
ايضاً، ص: 102
49- آگرو
غلام رباني
”هنگلاج
۾ چانهه“ سهيڙيندڙ الطاف آگرو ۽ نصير مرزا، ڇاپو
پهريون-
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 2012ع، ص: 1111.
50-
ايضاً، ص: 113.
51-
ايضاً،ص: 114
52- ايضاً،
ص: 118، 119
53-
ايضاً، ص: 118
54-
ايضاً، ص: 118
55-
ايضاً، ص: 120
56- ”ايران اڳي ۽ هاڻي“، ص: 122
57-
ايضاً، ص: 123
58-
ايضاً، ص: 123، 124
59-
ايضاً، ص: 124
60- آگرو
غلام رباني
”هنگلاج
۾ چانهه“ سهيڙيندڙ الطاف آگرو ۽ نصير مرزا، ڇاپو
پهريون انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 2012ع،
ص: 124.
61-
ايضاً، ص: 124
62-
ايضاً،
ص: 125
63-
ايضاً، ص: 125
64-
ايضاً، ص: 125
65-
ايضاً، ص: 134
66- آگرو
غلام رباني
”هنگلاج
۾ چانهه“ سهيڙيندڙ: الطاف آگرو ۽ نصير مرزا، ڇاپو پهريون انسٽيٽيوٽ آف سنڌ
الاجي، ڄام شورو، 2012ع، ص: 146
67-ٽماهي
”مهراڻ“ نمبر1، 2009ع،
68-ٽماهي
”مهراڻ“ نمبر1،
2009ع، ص: 198.
69- ٽماهي
”مهراڻ“، نمبر1، 2009ع، ص: 199
70-
ايضاً، ص: 199
71-
ايضاً، ص: 199
72- ايضاً،
ص: 202.
73- ٽماهي
”مهراڻ“،
نمبر1، 2009ع، ص: 202
74-
ايضاً،
”مهراڻ“، ص: 206
75-
ايضاً، ص: 206
76-
ايضاً، ص: 207.
77-
ٽماهي،
”مهراڻ“، نمبر1، 2009ع، ص: 207.
78- چين
گارگ ونشي
”هنگلاج
تيرٿ ياترا ۽ نانيءَ جو ميلو“
روزانه سوڀ- سنڊي مئگزين، آچر 4، مئي 2014ع، ص: 7.
79- آگرو
غلام رباني،
”هنگلاج
۾ چانهه“، سفر نامو:
”بنگلاديش ۾ ڏهه ڏينهن“،
ص: 31-37-41 ۽ 54.
80-
”ٿيا
قلب قرار“ (مهاڳ)،
عنايت بلوچ، ص: 11.
81- ”ٿيا قلب قرار“، (بيڪ ٽائيٽل)
82-
”آگرو
صاحب-
”جيئن مون ڏٺو“ (خاص مضمون)، ص: 231.
83-
آگرو غلام رباني
”ماڻهو
شهر ڀنڀور جا“
ڪتاب جي. (شڪر ادائي)، -
غلام رباني آگرو
84-
ايضاً، ص: (ڪتاب جي شڪريا ادائي)،
85-
”جھڙا
گل گلاب جا“ ڪتاب جو (مقدمو)،
86-
”جھڙا
گل گلاب جا“ (پهريون حصو)، ص: 115
87- آگرو
غلام رباني،
”جھڙا
گل گلاب جا“، (پهريون حصو)، ڇاپو ٻيو، سنڌي ادبي
بورڊ، ڄام شورو، 2007ع، ص: 143.
88-”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“، ص: 40-50-53-55
89-”جھڙا گل گلاب جا“ تصنيف ڪيو هو. ٽماهي
”مهراڻ“ اپريل- جون 2010ع، ص: 174.
90- گل
محمد عمراڻي، مقدمي،
”جهڙا
گل گلاب جا“، جو نفسياتي جائزو، ٽماهي،
”مهراڻ“، نمبر2، جلد -60، اپريل- جون، سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو، سنڌ، 2010ع، ص: 174
91- عبدالمجيد
سنڌي ميمڻ
”تذڪره شهباز“، (نئون ڇاپو)، ثقافت کاتو حڪومت
سنڌ، ڪراچي، 2012ع، ص: 7، 8.
92-
ڻي جو فن“،
ڪينجھر-3 سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، 1989ع، ص: 98
93-مولانا
دين محمد وفائي
”تذڪره
مشاهير سنڌ“،
سنڌي ادبي بورڊ 1985ع
94-ٽماهي
مهراڻ
”سوانح نمبر“ سنڌي ادبي بورڊ 1957ع نيو ڪئمپس-ڄام شورو 1980ع
95-
ٽماهي
”مهراڻ“، حسام الدين راشدي نمبر 1، سنڌي ادبي بورڊ 1983ع
96-
غلام رباني آگرو
”سنڌ
جا بر بحر ۽ پهاڙ“
سنڌي ادبي بورڊ -ڄام شورو سنڌ، اپريل، 2005ع
97- غلام
رباني آگرو،
”سڏ
پڙاڏو“، مرتب، نصير مرزا، شاهه عبداللطيف سنڌي
ادبي سوسائٽي، ڪراچي، 1933ع، ص: 25 ۽ 64.
98-
لاکو غلام محمد،
”غلام
رباني آگرو- شخصيت جو هڪ پهلو“
ٽماهي
”مهراڻ“ نمبر 1، اپريل- جون، سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو، سنڌ 2010ع، ص: 169.
99-
ايضاً، ص: 169
100. ايضاً، ص: 171
101. آگرو غلام رباني،
”دارا جا پويان“،
ٽماهي،
”مهراڻ“، نمر4، جلد62، آڪٽوبر- ڊسمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ،
2012ع، ص: 89
102. ايضاً، ص: 89
103. ٿيا قلب قرار: ص: 337
104. اياز پاٽولي
”ڪوڪو ماڻهو موتي داڻو“، ص: 204 ۽ 205
105. سائين جي.ايم.سيد
”جيئن اسان ڏٺو“
مرتب:
ناز سنائي، ڀاڱو پهريون-
جي.ايم.سيد اڪيڊمي سن، ضلع ڄام شورو، 2014ع، ص: 56 ۽
57.
106. پير علي محمد شاھ
راشدي، (مقالو)، عنوان:
”غلام
رباني آگرو“، ٽماهي
”مهراڻ“،
نمبر 1، جلد 46، جنوري- مارچ- سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو سنڌ، 1997ع، ص: 44، 45.
107. غلام رباني آگرو،
”ٿيا قلب قرار“،
ص: 257
108.
ڪتاب: ”سڏ پڙاڏو“، ص: 29
109. ماهوار
”شريعت“ فيبروري- مارچ، پاليهه ساله شريعت، جلد
41، شمارو 6 ۽ 8، سکر 2014ع ص: 145 |