سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي جائزو

 

صفحو:14 

        مٿين ڪتابن کان سواءِ رسالن جا خاص نمبر شايع ڪيا ويا آهن. مٿي سوانح عمرين جي نالن جي انهيءَ ڪري ڄاڻ ڏني اٿم ته نون تحقيقن ڪندڙ لاءِ ڏکيايون محسوس نه ٿين. مذڪوره سوانح عمرين ۾ غلام رباني جو نالو پڻ اهم جاءِ والاري ٿو. رباني جي دور جون مٿي سوانح عمرين ۽ خاڪن جا ڪتاب بيان ڪيا ويا آهن. پنهنجي همعصرن ۾ غلام رباني جا هيٺيان ڪتاب ذڪر ڪيل موضوع ۾ اهم جاءِ والارين ٿا.

(1) جهڙا گل گلاب جا (ٻه ڀاڱا) جنهن جو مٿي ذڪر اچي چڪو آهي.

(2)            سنڌ جا بر بحر ۽ پهاڙ هي ڪتاب غلام رباني جو لکيل آهي. جنهن ۾ ٽن وڏن بزرگن پير سائين محمد راشدي روضي ڌڻي، حضرت غوث بهاءَ الدين زڪريا ملتانيؒ ۽ قلندر شهباز سيوهاڻيءَ  جي باري ۾ قدري ۽ تفصيلي بيان آهي. جيئن “جهڙا گل گلاب” وانگر هنن بزرگن جي سوانح لکندي به رباني  پنهنجو خاص منفرد انداز اختيار ڪري ٿو، پر تقليد نه ڪئي آهي، پر پنهنجي الڳ رنگ ڍنگ ۽ انداز سان بزرگن جي سوانح بيان ڪئي آهي. هن ڪتاب بابت اهم ڳالهه ڪندس ته، هن ڪتاب جو نالو اگر رباني ٻيو ڪو تجويز ڪري ها ته سهڻو ۽ سٺو لڳي ها، سنڌ جا بر بحر۽ پهاڙ”هن ڪتاب مان ائين لڳي ٿو ڄڻ ته هي ڪو جاگرافي جو ڪتاب آهي، پر اندر ڪتاب ۾ اوليائن جا تذڪرا ان ۾ بزرگن  جو احوال، پنهنجي جڳهه تي هڪ سوال ڇڏي ٿو. پر انداز بيان ۽ اندر تاريخي حوالا پڙهي دل کي سڪون ۽ عملي ڄاڻ ملڻ ڪري ڪجھه راحت به ملي وڃي ٿي. اها رباني جي تحرير جي گرفت آهي.

جهڙا گل گلاب جا

       غلام رباني آگري جي هن ڪتاب جو ذڪر ٻئي باب ۾ ڪري آيو آهيان جڏهن ته سوانح عمرين ۽ خاڪن جي ذڪر جو تعلق آهي ته انهن ۾ غلام رباني آگري فن کي زنده صورت ڏئي سنڌي ادب ۾ خاص جاءِ جوڙي آهي.

         موضوع جي اعتبار سان جھڙي طرح جهڙا گل گلاب جا“، ”سنڌ جا بر بحر ۽ پهاڙ، توڙي ماڻهو شهر ڀنڀور جا غلام رباني جا اهڙا شاهڪار آهن جنهن ۾ آگري صاحب سنڌ توڙي پرڏيهه جي عالمن اديبن ۽ اوليائن بزرگن جي شخصيتن تي ۽ انهن جي ڪارنامن ۽ خدمتن تي ڀرپور نموني سان روشني وجهي پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ علمي اضافو ڪيو آهي.

غلام رباني آگري جي سوانح نگاريءَ جو فني فڪري ۽ تقابلي جائزو

غلام رباني آگري جو هي سوانح نگاري وارو فن، پنهنجي اندر هڪ وڏو رکي ٿو، جنهن مان غلام رباني آگري فهم ۽ فڪر چٽو نظر اچي ٿو. انهيءَ خوبيءَ سبب سنڌ جي وڏن عالمن چيو آهي ته، سندس شمار سنڌي ادب جي وڏن نثر نگارن ٿئي، اهڙو لقب اڄ تائين ڪنهن به ناهي مليو. ڳالهه کڻڻ پکيڙڻ ۽ سميٽڻ جو فن منجھس پختو ۽ ڀرپور هو. هن جي لکڻ جو ڍنگ سنڌ جي مڙني ليکڪن کان نرالو هو. هن پنهنجن خاڪن ۾ سوانح عمرين کي جنهن باريڪ بينيءَ سان عملي ويس پارايو آهي سو ٻئي ليکڪ کي اهڙو شرف حاصل نه ٿيو آهي. غلام رباني آگري جيڪي گهڙيون پنهنجن دوستن سان گذاريون، يا جن شخصيتن کان متاثر ٿيو، ٻين به اهڙين صنفن تي قلم آزمائي ڪئي آهي، پر غلام رباني جو انداز ۽ بيان ٻين کان الڳ ۽ منفرد آهي. هو هڪ سرڪاري ڪامورو هو، پر علم ادب سان توڙي سنڌ سان سچو عشق رکندڙ هو، تنهن ڪري هن جو گھڻو تڻو احوال پنهنجي خانداني پسمنظر سرڪاري نوڪري سانگي مختلف مشاهيرن سان ميل ملاقات رکڻ ۽ علمي ادبي ڪتاب ترجمو پيش ڪرڻ ڪري هن پنهنجي دور جي عالمن، اديبن، محققن تي لکي انوکن طريقن جو اظهار ڪيو آهي.

مٿي ذڪر ڪيل ٽن ڪتابن ۾ جن جن شخصيتن جا خاڪا پيش ڪيا آهن، انهن تي ڪن ٻين اديبن به خاڪا لکيا آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ غلام رباني جنهن انداز سان نوان رخ اختيار ڪري اڳتي وڌيو آهي ايئن ٻين نه ڪيو آهي. ٻن ٽن صفحن وارو خاڪو ويهن ٽيهن صفحن واري پکيڙ ۽ هر پهلوءَ تي روشني وجھڻ جو انداز اهڙو ته وڻندڙ آهي، جنهن ۾ پڙهندڙ گم ٿيو وڃي. جهڙا گل گلاب جا (پهريون حصو) ۾ جن ڇهن شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهن ۾ علامه امداد علي قاضي، عبداللطيف آگرو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، عثمان علي انصاري، سيد ميران محمد شاهه، پير حسام الدين راشدي، هن ڪتاب ۾ عيسوي ويهين صديءَ جي اهڙن مشاهيرن جو تذڪرو آهي، جن ۾ غلام رباني آگري کي زيارت ۽ صحبت ته ڪن سان خط و ڪتابت جي سعادت نصيب ٿيل هيس. سواءِ هڪ شخصيت يعني سندس والد بزرگ عبداللطيف آگرو جي باقي ٻين سڀني بزرگن جو احوال ۽ ذڪر ٻين ليکڪن به ڪيو آهي.

        جن ۾ سائين جي.ايم.سيد پنهنجي ڪتاب جنب گذاريم جن سين 176 شخصيتن ۽ تن جي ڪارنامن جو باضابطه ۽ بل ترتيب بيان ميران محمد شاهه سان ذاتي تعلق به هيس.

جھڙا گل گلاب جا (ٻيو حصو) ۾ جن شخصيتن جو ذڪر ڪيل آهي. انهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولابخش سومرو، نواب نوراحمد خان لغاري، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا عبدالواحد سنڌي، ٻيڙو فقير ڪنڀر، مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽي، صديق سالڪ، ايڇ- ٽي لئمبرڪ، محمد امين کوسو، مخدوم محمد زمان طالب مولى، پروفيسر سيد غلام مصطفى شاهه ، محمد ابراهيم جويو، شفيق الرحمان، مولانا غلام مصطفى قاسمي، غني خان. هي ڪتاب هن صديءَ جي پوئين اڌ جي علمي ۽ ادبي مشاهيرن جو تذڪرو آهي. هن  ڪتاب ۾به سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيتن بابت يادگيرين تي 17 متحرڪ ڪردارن جي زندگي بابت ڪيتريون ئي دلچسپ ۽ انوکيون ڳالهيون بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب ۾ جن شخصيتن جو تذڪرو بيان ڪيو ويو آهي. سي پنهنجي وقت جي همعصرن جي تذڪرن جھڙو آهي. انهن تذڪره نويسن ۾ سائين جي.ايم.سيد جو ڪتاب جنب گذاريم جن سين“ پير علي محمد راشدي جو اهي ڏينهن اهي شينهن ۽ پير حسام الدين راشديءَ جو هو ڏوٿي هو ڏينهن وانگر سنڌي ادب ۾ تمام وڏي اهميت لهڻي ٿو. هي ڪتابَ ۾ عظيم شخصيتن جي عظمت ڀريل ڳالهين ۽ ڪردار جي چونڊ ڪيل جن جون خدمتون ۽ لکڻيون سنڌي سماج تي اثر انداز ٿيون آهن، انهن ڪتابن مان، غلام رباني جي هي منفرد تحرير جو نمونو آهي.سنڌ جا بر بحر ۽ پهاڙ جيڪو ادبي دنيا عظيم ڪردارن جي ڪارنامن کي بيان ڪري ٿو.

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ٽن وڏن نالي وارن بزرگن جو احوال ڏنل آهي ته هن ڪتاب ۾ به ليکڪ طرفان اتم ڪردارن جي چونڊ ۽ انهن جي زندگي بابت ڏنل تفصيل ۽ سندس حاصلات تي نظر وجھڻ واري نڪتي، جو انمول تحفو ثابت ڪرائڻ تي مجبور ڪري ٿي. هن ئي دور ۾ لکيل ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي لکيل ڪتاب تذڪرهه شهباز به موجود آهي ۽ غلام رباني آگري قلندر لعل شهباز جي ذڪر ۾ سن وفات ۽ جنم جون تاريخون ڏنيون آهن. ان کان علاوه غلام رباني آگري عقيدي جي پردي کي هٽائي ڪيتريون ئي حقيقتون بيان ڪيون آهن ۽ ان ۾ قلندر شهباز توڙي غوث بهاؤالحق جي هڪٻئي سان تعلقاتن جو چٽو پٽو احوال ڏنل آهي ۽ سنڌ جي ٻاهرين ملڪن سان وڻج واپار ثقافتي لڳ لاڳاپن جو تفصيلي بيان به آهي ۽ ڪتاب جي ابتدا به پير محمد راشدي روضي ڌڻي جو تفصيل سان ذڪر ڪيو اٿس.

ماڻهو شهر ڀنڀور جا                        

       غلام رباني آگري جي هي هڪ آخرين تصنيف آهي. هن ۾ به تحرير جي دلڪشي آهي ۽ پڻ دل کي وڻندڙ آهي اهو پورهيو به سندس تجربن ۽ مشاهدن مان نڪتل آهي پاڻ جتي ڏيهي ۽ ديسي شخصيتن جي رخن کي ڏسي ٿو، اهڙي نظر سان ئي پرڏيهي شخصيتن کي ڏسي ٿو رباني دل جو ڪشادو ۽ ذهن جو صاف آهي، سندس لکڻين مان ڪنهن جي دل آزاري ڪونه ٿي ٿئي ڇاڪاڻ ته پاڻ لکي ٿوته هن ڪتاب ۾ جن شخصن جو احوال ڏنل آهي سي سڀ معزز ۽ معتبر آهن. مڙني محترم ۽ منفرد شخصيتن بابت تاثرات آهن جيڪي پڙهندڙن اڳيان ادب ۾ احترام سان پيش ڪريان ٿو.

هن ڪتاب ۾ 26 بزرگن جو تذڪرو آهي. جنهن ۾ ڪن شخصيتن سان سندس گھرا ۽ گھاٽا تعلق به رهيا آهن، انهن ۾ سائين جي.ايم.سيد، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر اينيمري شمل، سوڀوگيانچنداڻي، جمال ابڙو، حفيظ شيخ، تنوير عباسي، جمال رند، حسين شاهه راشدي، ڊاڪٽر نجم الاسلام، اعجاز قريشي، پير علي محمد راشدي، شيخ اياز، ڊاڪٽر جي ايم مهڪري، حميد سنڌي، محمد حسن ڀٽو وغيره .

         غلام رباني آگرو لکي ٿو ته ڪن شخصن جو وري اخبار، ٽي وي ۽ ريڊيو تان مواد ورتو اٿم. محترم غلام رباني آگري جي هن ڪتاب ماڻهو شهر ڀنڀور جا تي سٺي نموني ٽيڪا ٽپڻي  مانواري سانئڻ مهتاب اڪبر راشدي صاحبه کانسواءِ نٿو لکي سگھي. انهيءَ سدوري ۽ سڀاڳي سنڌ ڄائيءَ جا الفاظ حوالي طور ڏجن ٿا. هر ڪو ڪنهن به شخص کي پنهنجي نقطهءِ نظر سان ڏسندو آهي ۽ پرکيندو آهي پر ان شخص جي هر پهلوءَ کي ايئن اجاگر ڪرڻ ته هو پڙهندڙن جي سامهون پنهنجين سمورين خوبين سميت قدآور شخصيت طور اڀري اچي اهو ڪمال ربانيءَ جو قلم ئي ڪري سگهي ٿو.

ائين به ڪونهي ته رباني جو ڪجھ لکيو سوئي سچ آهي. يا رباني جي هر لکيت درست آهي. ڪٿي ۽ ڪيترن ئي جاين تي سندس تحرير تي اعتراضن ۽ نڪته چيني ڪرڻ جو سبب آهي. مگر پوءِ به هي پنهنجي تحريرن ۾ اعلى نشانبر جي صورت اختيار ڪئي جنهن ۾ سندس تحريرون ، تقريرون ڳالهائن ٿيون. اسان کي هن منفرد نثر نگار جي سوانح عمرين، خاڪن، يادگيرين، بابت قلم بند ڪيل ڪتابن جھڙا گل گلاب جا ( ٻه ڀاڱا) سنڌ جا بر بحر ۽ پهاڙ“، ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا اهم تصنيفون آهن. جنهن ۾ رباني جي سماجياتي ۽ نفسياتي لاڙن ۽ ڪيفيتن جي خبر پوي ٿي ته رباني صاحب جي من اندر ۾ هڪ سچي ۽ حساس طبيعت جو انسان ويٺل آهي جنهن ۾ سچائي ۽ خوبصورتي مثال آهي، مٿيان ڪتاب به سندس جا تحرير ٿيل آهن. جن کي غور سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهچجي ٿو ته، غلام رباني آگري اهڙا لاجواب ۽ قيمتي ڪتاب لکيا آهن. جنهن جي سنڌي ادب ۽ زبان کي وڏي ضرورت هئي. سمجھان ٿو ته جيڪڏهن سنڌي ادب ۾ شخصيتن تي خاڪا لکيا وڃن ته هڪ طرف انهن شخصيتن جي گڻن ۽ اوگڻن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگھجي ته ٻئي طرف اسان کي هڪ جيئري جاڳندي تاريخ ملي پوندي ۽ ان سلسلي ۾ اسان جي اڄ جي ٽهيءَ کي آڏو اچڻ گھرجي جن خصوصي طور تي خاڪا لکيا آهن اهي سڀ جاندار خاڪا آهن. جيڪي علمي ادبي شخصيتن جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار آهن.

رباني جي لکيل خاڪن مان ڪجھه جملا:

سائين جي.ايم.سيد بابت

خودشناسي ۽ خدا شناسيءَ جو پاڻ ۾ گھرو رشتو آهي.(89)

… سائين پيدائشي طور سيد به هو ته زميندار به ، اهي ٻئي ڳالهيون پڻ سڄي عمر سندس سوچ ۽ سياست تي اثر انداز رهيون.

مسجد منزل گاهه وارو فساد ته سنڌ ڌرتيءَ تي زلزلو هو.

غلام رباني پنهنجي سوانح عمرين، خاڪن مشاهيرن جي تذڪرن جو 53 جن شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي، اهي بغير ڪنهن ترجمي جي آهن، انهن اقتباسات مان پروڙ پوي ٿي ته غلام رباني دنيا جي چونڊ عظيم ڏاهن ۽ ذهين شخصيتن جي سوانح حيات جو مطالعو ڪندڙ هو. گل محمد عمراڻي، مقدمي، جھڙا گل گلاب جا جو نفسياتي ۽ سماجياتي جائزو ۾ لکي ٿو ته: هن مولوي عبدالحق جي سوانح خاڪن واري ڪتاب چند همعصر مالڪ رام جي ڪتاب وه صورتين الاهي کي پنهنجي سامهون هڪ ماڊل جي صورت ۾ رکي.(90)

غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ هرڪا ڪوشش ساراهه جوڳي آهي. جيڪا سنڌي ادب ۾ سوانح عمرين جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿي. هن صنف تي هن عظيم ليکڪ پنهنجي همعصرن ۾ جيڪا طبع آزمائي ڪئي سا هر لحاظ کان سندس ادبي خدمتن کي ظاهر ڪري ٿي. جهڙي طرح مرزا قليچ بيگ ”جواهر الانسان“ ڪتاب ۾ 42 اهم آمريڪي ۽ يورپي شخصيتن جي جيون خاڪن تي ٻڌل مذڪوره ڪتاب ڏئي سنڌي ادب جي خدمت ۾ پنهنجو خاص مقام پيدا ڪيو آهي، اهڙي طرح غلام رباني آگري پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“ جو انتساب شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عاشقن ۽ پارکن جي نالي ڪري سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پيار جو ثبوت ڏنو آهي. ارنيسٽ ٽرمپ، ايڇ.ٽي سورلي ۽ ڊاڪٽر اينيمري شمل جو نالو سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عاشقن ۾ شمار ٿئي ٿو. غلام رباني آگري جو نالو سنڌي ادب ۾ احترام سان ورتو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس تحريرن ۾ امر ڪردار ذڪر هيٺ آندا آهن، اهي ڪڏهن به نٿا مٽجي سگهن. اڃا ان تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. اميد ته ايندڙ وقت ۾ ٻيا محقق غلام رباني جي شخصيت، علمي ادبي خدمتن ۽ فن تي وڌيڪ فڪري ۽ فني روشني وجهندا، اهڙي اميد ايندڙ وقت تي ڇڏجي ٿي، اميد نه بلڪ يقين آهي اهو ڏينهن ضرور ايندو. اسان جڏهن غلام رباني آگري جي ڪتاب ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“  جو مطالعو ڪيو ته، قلندر شهباز جي علمي ۽ عملي زندگي بابت معلومات آڏو آئي آهي ته، وري ٻئي طرف جڏهن اسين، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڪتاب ”تذڪره شهباز“ جي مطالعي ڪرڻ دوران محسوس ڪيو آهي ته، ٻنهي اديبن جون خدمتون سٺي معلومات ڏين ٿيون. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو تذڪرو 128 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾، مرحوم ميمڻ ”قلندر شهباز“ جي سوانح حيات، نالو ۽ لقب، نسب، وطن، ولادت، ظاهري تعليم، بيعت، قلندري طريقو، مستي، منصور ۽ شهباز، سهروردي سلسلو، سيد جلال الدين شاهه سرخ بخاري، حضرت بابا فريد گنج شڪر، سير و سياحت، سيوهڻ ۾ اقامت، حضرت بو علي قلندر، ملتان ڪڏهن آيا؟ سيوهڻ آمد، سندن اچڻ وقت سنڌ جي سياسي حالت ۽ رشد ۽ هدايت وغيره جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ اهڙيءَ طرح درگاهه جون عمارتون، نوبت ۽ ڌمال، لعل سائينءَ جي مينديءَ کان ويندي ٻين ويهن طالب ۽ مستفيض ٿيل بزرگن جو مختصر احوال آندو ويو آهي ۽ هن ڪتاب جي آخري باب چوٿين ۾، قلندر شهباز جي شاعريءَ مان ڪن مثالن ڏانهن ڪي ضروري اشارا ڏنا ويا آهن: ”اُن دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو نقشو به هن ڪتاب ۾ چٽيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته، انهن حالتن ۾ ڪيئن حضرت شهباز قلندر ماڻهن ۾ ڀائپي، امن ۽ آشتيءَ لاءِ پنهنجي فڪر ۽ عرفان کي ڦهلايو آهي.(91) اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾، غلام رباني آگري سهڻيءَ ريت ڪيترن ئي بزرگن جو سوانح احوال ذڪر ڪري ادبي دنيا تي دسترس حاصل ڪري ٿو.

سوانح نگاري جي شعبي ۾ غلام رباني جي حيثيت

          سوانح نگاري تمام ڏکيو فن آهي، هن فن کي ڪنڊن جي سيج چيوويوآهي. سوانح ادب سهيڙيندڙ لاءِ مطالعي کان وڌيڪ مشاهدي جي ضرورت آهي. جنهن جي سوانح لکجي ٿي. ان جي حياتيءَ جي پهلوءَ کي جاچڻو پوي ٿو. سندس جنم کان وٺي مرڻ تائين، اٿڻي ويهڻي ۽ هلت چلت کان پوري ريت شناسائي هئڻ لازمي آهي. ان جي دوستن جي دائري جي واقفيت، حاصل ڪجي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو دوستن مان ئي سڃاتو ويندو آهي. جئين اسان وٽ چوڻي آهي ته: جوءِ جا گابا ڏسبا آهن.(92)

رباني جي سوانح نگاري واري پورهئي کي مفصل بيان ڪرڻ لاءِ الڳ تحقيق ڪرڻ لاءِ جي ضرورت آهي. اسان هن فن تي ربانيءَ جي سوانح عمري بابت ڪجهه لکون ٿا.

سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ

زير نظر ڪتاب ۾ ٽن شخصيتن جا سوانح مضمون ڏنل آهن.

1. پير سائين روضي ڌڻي

2. غوث بهاؤالحق ملتاني  

3. قلندر لعل شهباز

پير سائين روضي ڌڻي

       حضرت محمد راشدي ؒ جن جي احوال ۾ سندن جنم ٻالڪ پڻ، شاگردي جواني ۽ سڄي ڄمار جو احوال لکيو اٿس ان وقت جي سماجي ۽ معاشي حالات سان گڏ اقتصادي ۽ سياسي حالات تي به واقفيت ڏني اٿس سندس احوال لکڻ وقت اهو ٻڌائيندو ويو آهي ته ڪنهن ڳالهه ڪئي ۽ اها ڳالهه ڪٿي لکيل آهي هڪ سٺي ۽ سچي عقيدتمند جيان لکيو اٿس. هن عنوان تحت جن بزرگن جا نالا ورتا اٿس اهي هيٺ ڏجن ٿا. مخدوم امير احمد، مخدوم يار محمد، سيد عاقل شاهه، مخدوم محمد دائود آگرو، محمد نظاماڻي، ٻاجهي نظاماڻي، خواجه محمد زمان، محمود نظاماڻي، حافظ هاليپوٽو، فاني، ڊاڪٽر گربخشاڻي، حضرت عيسى، بيبي مريم، شمعون، حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم، محمد بن قاسم، علي ڪوفي، قاضي اسماعيل، ڊاڪٽر بلوچ، علي محمد، محمد موسى طائي، يعقوب،  مرزا قليچ  بيگ، شاهه ڀٽائي ؒ، خليفو محمد حسين مهيسر،  جابر همايون، اڪبر، جهانگير، شاهه جهان، اورنگزيب، بهادر شاهه، جامي، سعدي، محمد قاسم مشوري، رشيد ڀٽي، شيخ محبوب، محمد خان جوڻيجو، علي محمد چنه، خليفو ميان لقمان، صاحبزادو ميان جمال شاهه، ميان عبدالرزاق، حسام الدين راشدي، خليفو اميد علي، عبدالله فقير، فقير قربان علي، صبغت الله شاهه راشدي، ٽالسٽاءِ، روسو، محمد عارف، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، قلندر شهباز، غوث بهاؤالحق، مخدوم نوح سرور، لنواري جو لعل خواجه محمد زمان، فقير سلطان نظاماڻي، سيد مرتضى شاهه، غازي خان، موليڏنو فقير، حضرت ابوبڪر صديق﷦، مير رستم، مير سهراب، قاضي محمد عاقل، سيد موليڏنو شاهه، خواجه محمد معصوم، فقير الله علوي، حاجي ايوب قدس سره، شاهه شجاع، مخدوم محمد اسماعيل، مظفر خان، خليفو ميان سلطان، اميد علي ٽالپر، ملا واحد ڏنو، حضرت بلاول ﷦، صاحبزاده ميان هدايت الله، امين فقير، شيخ طيب، بيبي خديجہ﷦، حضرت عبدالله، يعقوب فقير، محمد ذاڪر، ميان محمد حسن شاهه، محمد عالم، مير بهرام خان، مير ڄام، ميان احمد شاهه، محمد وارث، ڊاڪٽر سورلي، خليفو الهه رکيو، مير فتح علي، عبدالنبي، نادر شاهه، مدد خان پٺاڻ، احمد شاهه ابدالي، رحيم بخش سومرو، ابوالخير ڏاهري، افلاطون، ابوالحسن، ندوي، شاهه ولي الله، مصباح الدين، عبدالرحمٰن، غلام مصطفى قاسمي، امام غزالي، حاجي ابراهيم فقيرجي ماء، ايلزبيٿ، نيلسن منڊيلا، مولوي عبداللطيف سڪندري، خليفو محمد حسين مهيسر، مخدوم محمد دائود آگرو.

غوث بهاول الحق زڪريا ملتاني

       غلام رباني لکي ٿو ته: سنڌ ۽ ملتان جا تاريخي لاڳاپا نهايت قديم آهن ۽ ملتان ۽ سنڌ جي جاگرافيائي حالت جي هڪجهڙائي بيان ڪئي اٿس لکي ٿو ته: ”آڳاٽي زماني ۾ ماڻهو پاڻيءَ جي سهنج سانگي چشمن ، ڍنڍن ، ڍورن، دريائن ۽ واهن جي پاسن سان ڳوٺ ٻڌي رهندا هئا. ريلون ۽ لاريون ڪونه هيون تڏهن سوداگروڻج واپار جو سامان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ خشڪي تان اٺن جي قافلن وسيلي ۽ دريائي ٻيڙين جي وسيلي آڻيندا هئا.(93)

غلام رباني آگري، هن سوانح عمري ۾ غوث بهاول الحق جي زندگي تي روشني وڌي آهي، ان سان گڏوگڏ ان وقت جي حالات واقعات، ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي ۽ زندگي کي گذارڻ جي ڍنگ کي بيان ڪيو اٿس. ملتان جي ڪاشيءَ جي هنر ۽ جاين کي سينگارڻ لاءِ شيشا ڪاريءَ جو استعمال ۽ هنر بابت ٻڌايو اٿس هن تحرير ۾ خوشبو دار تيل عطر عنبير، ٽيبل لئمپس جي شيڊن ۽ ٻي سامان جو ذڪر ملي ٿو. رباني لکي ٿو ته: غوث بهاول الحق جو زمانو سن 578 هجريءَ کان سن 661 هجريءَ آهي لکي ٿو ته ان حساب سان کين هن جهان کان پردو اختيار ڪئي، ڀريا ست سؤ سال گذريا آهن ليڪن رباني جي حساب مطابق ته غوث بهاول الحق کي ست سؤ نه بلڪ ساڍا ست سؤ سال گذريا آهن. ڇو ته رباني جو هي ڪتاب پهريون ڇاپو جون 1997ع ۾ ڇاپو ويو آهي ته انهيءَ حساب سان ساڍا ست سؤ سال ٿين ٿا. (سنڌ جا بر بحر۽ پهاڙ ص: 94) رباني اڳتي هلي غوث بهاول الحق جون جنم جون تاريخون مختلف اخباري حوالن سان ڏنيون آهن. جنهن ۾ ٿورو گھڻو فرق پڻ آهي. رباني صاحب غوث بهاول الحق جي علم جي تحصيل بابت حرمين شريف جي حاضري بابت مريدن ۽ خادمن بابت گھڻي معلومات شامل ڪئي آهي. غوث بهاول الحق ملتاني جي سوانح عمري ۾ جن شخصن ۾ ذڪر ڪيو اٿس. انهن ۾ چند شخصتون هي آهن.

ناصرالدين قباچه، شيخ جلال تبريزي، شيخ شهاب الدين سهروردي بابا فريد گنج شڪر، هن سوانح عمري ۾ چار يارن جي ذڪر ۾ غلام رباني لکي ٿو ته: ”غوث پاڪ جن تبليغ جي خيال کان گھڻو سير سفر ڪندا هئا، گھڻو ڪري بابا فريد، قلندر لعل شهباز ۽ سيد جلال سرخ بخاري ساڻن گڏ هوندا هئا، انهيءَ ڪري ماڻهو کين “چار يار ڪوٺيندا هئا.

اها ڳالهه سمجھ ۾ گھٽ ٿي اچي ته، غوث بهاول الدين ملتان جو ۽ قلندر لعل شهباز سنڌ جي شهر سيوهڻ جو سيوهڻ ۽ ملتان هڪٻئي کان تمام گھڻو پري آهن پوءِ به رباني صاحب لکيو آهي ته قلندر شهباز غوث بهاول الحق سان تبليغ لاءِ گڏ هوندا هئا.(94)

بهرحال ربانيءَ جو سوانح انتخاب سنڌ جا بر بحر ۽ پهاڙ ڪتاب اها کوٽ پوري ڪرڻ جي حوالي سان هڪ بهترين ڪوشش ڪئي آهي، جو سنڌي ادب جي واڌاري ۾ اهم ادب پيش ڪيو آهي.

هن سوانح عمري جي ڪتاب ۾ تمام گھڻيون تاريخي ڳالهيون واقعا،شخصيتون، حالات زندگي بابت هڪ اضافو آهي. اتم ڪردارن جي چونڊ ڪري زندگي بابت تفصيل ڏنا آهن، تذڪره بزم صوفياءَ تذڪره سيرت العارفين غوث جي ڄم ۽ وفات بابت مختلف حوالن سان بيان ڪيو ويو آهي غوث جي زندگيءَ تي ڀرپور ۽ جامع بيان آهي. اهو بيان تاريخي ڪتابن مان ورتو اٿس، جيڪي ربانيءَ جي علمي ڄاڻ جو ڏس ڏين ٿا.

قلندر لعل شهباز

       هن سوانح عمري ۾ رباني مرحوم قلندر شهباز جي سيرت نگاريءَ جو پهلو بيان ڪيو آهي.(95) ان ۾ رباني تاريخي واقعن جو بيان دستاويزي ثبوتن تاريخي حقيقتن مان شاهديون ڪٺي ڪيون آهن، قلندر شهباز۽ واقعات سان شخصيت جي مڪمل تصوير کي اڀاري نمايان ڪئي آهي. سوانح قلندر، قلندر لعل شهباز جا ميلا ڪاميٽيءَ جا ڪتابڙا ۽ انهن جو بيان، حصي پهرين ۾ حضرت لال شهباز قلندر، سيوهڻ شريف جي تاريخي اهميت، سيوهڻ شريف کي ترقي ڏيارڻ، سيوهڻ شريف جي تاريخي اهميت، آثار قديمه جي لحاظ کان خاتمو، حصي ٻئي ۾: حضرت ابوذر غفاري، حضرت اويس قرني، حضرت امام ابو حامد محمد بن الغزالي، حضرت مولانا جلال الدين رومي، حضرت غوث الاعظم سيد عبدالقادر گيلاني ؒ، حضرت رابعه بصري، حضرت منصور الحلاج، داتا گنج بخش، خواجه معين الدين چشتي، حضرت مخدوم شيخ جلال الدين سهروردي ”سلهٽ“، حضرت بو علي شاهه شرف الدين قلندر، حضرت علاؤالدين علي احمد صابر ڪلياري، حضرت حافظ حاجي وارث علي شاهه حسني حسيني، حضرت بابا سيد محمد چشتي صابري ناگپوري، حضرت شيخ فريد الدين شڪر، قلندر شهباز جو احوال ڏاڍو جامع انداز سان لکيو آهي ۽ وڏن وڏن عالمن، اڪابرن، ڏاهن، جي لکڻين جا حوالا ۽ دليل ڏنا اٿس. مثال قلندر شهبار جو احوال. ماثرالڪرام ۾ قلندر جواحوال تاريخ  فرشته ۾ قلندر جو ذڪر (آبِ ڪوثر ۾) قلندري احوال (مخدوم محمد هاشم ٺٺويءَ جي تصنيفن ۾ قلندر جو احوال سنڌ جي تارخ ۾ لب تاريخ سنڌ“، ”تحفة الڪرام“، ”تاريخ معصومي“، ”چچ نامو“، مير معصوم جي تاريخ سنڌ، غوث بهاول الدين جي باري وانگر رباني لکي ٿو ته: قلندر لعل شهباز کي هن جهان مان گذرئي ڀريا ست سو سال ٿيا آهن.

         غلام رباني لکي ٿو ته: پاڻ ڪهڙي سڳوريءَ ساعت ماهه ۽ سال ۾ تولد ٿيا. ان باري ۾ تاريخ نويسن ۽ تذڪري نگارن ۾ اختلاف آهي صحيح سن ۽ سال معلوم ڪونهي، پر هلي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، لب تاريخ“، ”مظهر شاهه جهانيءَ، لاڙڪاڻي جي گزيٽيئر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪتاب سوانح قلندر محبوب علي چنه، ۽ آخر ۾ رباني پنهنجي تحقيق مطابق وفات جو سن 673 هجري ڏنو آهي ۽ ڄمڻ جي تاريخ بابت چوي ٿو ته: 538ھ کان 583 هجري جي وچ ۾ ڄائو آهي. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي شهباز قلندر جو جنم 565 هجري، خداداد خان، لبِ تاريخ سنڌ ۾ قلندر جو جنم 583 هجري، حڪيم فتح محمد سيوهڻ قلندر لعل جي ولادت 538 هجري ڏنو آهي.(96)  سوانح نگار غلام رباني آگري کي گهربو هو ته بجاءِ 538 هجري کان 583 چوڻ جي ڪو هڪ سن هجري سن تحقيق مطابق ڏئي ڇڏي ها. بهرحال رباني ءَ جي هن ڪاوش کي پڻ داد ڏيون ٿا. جنهن پنهنجي علمي لياقت، گهري مطالعي آڌار سوانح نگاري جي صنف کي خوب نڀايو آهي. تحقيق ۽ محنت ڪري بزرگن جو احوال قلمبند ڪري اجائي خوشامد اجائي پٽاڙ کان با لاتر ٿي نه رڳو سادگيءَ سان ڳالهه ڪرڻ جي هنر کان آشنا آهي. پڙهندڙ ۽ لکندڙ جي وچ ۾ دلي رفاقت پيدا ڪئي آهي. انهيءَ وکر جي اڻاٺ هجڻ ڪري سوانح ادب ۾ اضافو ڪيو آهي. غلام رباني  آگري سوانح نگاري ۽ خاڪا نگاري جا ڪي نوان تجربا ڪيا آهن. انهن ۾ ڪٿي تحقيق جو رنگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو جهڙا گل گلاب جا ٻن حصن ۾ جيڪا سوانح نگاري ڪئي، انهي ۾ ڪيترا رنگ نظر اچن پيا. جن شخصيتن جا تذڪرا ڪيا ويا آهن، انهن جي لکڻ ۾ غلام رباني جي مطالعي ۽ تجربي جي خبر پوي ٿي، اگر هر هڪ شخص تي جدا جدا مثال ڏئي سمجهايا وڃن ته اهو تمام گهڻو ٿي ويندو، پر مختصر طور ايترو ئي چوندس مرحوم غلام رباني آگري جي سوانح نگاري ۾ ليکڪ جو تجربو سمايل آهي. مختلف شخصيتن جي لاهن چاڙهن جو ذڪر به آهي ته ٻولي جي خوبصورت روانگي، جملن جي ادئگي، مثال ۽ دليل، لطيفي شعر و شاعري ۽ وچ وچ ۾ مختلف شخصيتن جي ذڪر واري تحرير جو سواد سنڌ ۾، پير علي محمد راشدي ۽ علي احمد بروهي، علامه آءِ.آءِ قاضي جي فڪر کان مدد وٺي پنهنجي نوجوان نسل کي فلسفي جون راهون ڏيکارڻ لاءِ پنهنجا مشاهدا بيان ڪيا آهن.

       غلام رباني پنهنجي تصنيفات ۾، جن شخصيتن بابت ڄاڻ ڏني آهي، اهي شخصيتون پنهنجن سمورين خوبين سان اسان آڏو نروار ٿي اچن ٿا، ۽ انهن جا هر لحاظ کان سياسي، سماجي ۽ ديني پهلو به نظر اچن ٿا، جو اسان انهن سان غلام رباني آگري مرحوم جي لکڻين سان متعارف ٿي تن عظيم شخصيتن بابت قيمتي معلومات حاصل ڪري، انهن جي ڪمن کان روشناس ٿيا سين. سوانح نگاري ۾ جن شخصيتن تي سوانح نگاري ڪئي آهي. ان مان سندس تدبر، ڏاهپ، سياڻپ، ڏکن سکن جو وڻندڙ انداز سان سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ خدمتن کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪري عجب جهڙو ڪم ڪيو آهي. غلام رباني آگري سيرت پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم تي وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن بابت سيرت جا ڪي پهلو تلخيص ۽ ترجمو ڪري پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي آهي. انهي ۾ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ولادت، ننڍپڻ ۽ جواني، نڪاح ۽ اولاد، ڪعبي جي تعمير، رسالت، معراج، هجرت، قبلي جي مقرري، غزوهه بدر، غزوهه احد، غزوه خندق، صلح حديبيہ، مڪي جي فتح، اسلام جي تبليغ، حجة الوداع ۽ نبوت جي فرضن جو بيان ڪري، آخر ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي وفات بابت ٻڌايو ويو آهي. هن موضوع جي آخر ۾ حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي دعا بابت ٻڌايو ويو آهي، ته پاڻ دعا گهري اٿن ته يا الله، مون کي ڏينهن قيامت جي مسڪينن سان گڏ اٿار. اهڙي طرح جي ڪم عمل ۽ سوچ ويچار ڏسي، غلام رباني جي علمي لاڙي ۽ ڄاڻ جي معلومات ملي ٿي ته، هُو هر لحاظ کان علم ادب ۾، هڪ معبر نالي سان اُڀري نروار ٿيو آهي ۽ پنهنجي همعصر دور سڀني مڪتبه فڪر جي ماڻهن لاءِ احترام وارو درجو رکي ٿو.(97)

        غلام رباني آگري هي علمي ادبي ميدان ۾ وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. اهي سڀ شخصيتون علمي ادبي، سماجي ۽ سياسي آهن. جن جي علم قرابت کان متاثر ٿيو جنهن مان سندس علمي ادبي ميدان ۾ هڪ قدآور شخصيت نظر اچي ٿي.

ترجمن ۾ غلام رباني بحيثيت مترجم

        ترجمو هڪ فن آهي، جنهن لاءِ سخت محنت جي ضرورت پوي ٿي. غلام رباني هڪ ڏاهو اديب هو، گهڻين ٻولين جي ڄاڻ رکندڙ هو، ٻولين جي مزاج کان واقف هو، انهن ٻولين جي گرامر کان به واقف ۽ ماهر هو. اصطلاح جو ترجمو، اصطلاح ۾، پهاڪي جو ترجمو پهاڪي ۾، نظم جو ترجمو نظم ۾ ڪرڻ جو فن ڄاڻندو هو. ڪراچيءَ ۾ رهائش ۽ ملازمت واري دور ۾، سنڌ جي هن ڀلوڙ نثر نويس غلام رباني آگرو جو تعلق رچرڊ برٽن جي ڪتابن سان ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ گهڻو پوءِ برٽن جو ڪتاب سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون ترجمو ڪري ڇپرايو. ليڪن ان کان ڪافي عرصو اڳ برٽن ۽ سندس ڪتابن جي مطالعي وارو ڪم، غلام رباني آگري شروع ڪيو.(98)

        غلام رباني  برٽن جي ڪتاب سنڌ ۾ بازن سان شڪار (انگريزي) لنڊن مان 1852ع ۾ ڇپيو. غلام رباني هن ڪتاب ۾ ڪي ٽڪرا (حصا) ترجمو ڪيا ۽ ماهه نامه نئين زندگي  (ڪراچي) ۾ مارچ، اپريل ۽ جون 1962ع جي پرچن ۾ ڇپرايا، ليڪن ڪتاب مڪمل طرح سان ترجمو نه ٿي سگهيو. برٽن جي ڪتاب جي اشاعت کان 160 سال پوءِ، ان جا ڪي حصا ترجمو ڪري ڇپائڻ واري ڳالهه نهايت اهميت جوڳي آهي.(99) سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ۾ محمد اسماعيل عرساڻي مرحوم جو ڪتاب سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار ڇاپي پڌرو ڪيو، ڪتاب ۾ عرساڻي صاحب جا عنوان تي لکيل ڇهه مضمون موجود آهن. جڏهن ته ضميمي طور رباني صاحب جو 1962ع ۾ برٽن جي ڪتاب جو ڪيل ترجمو بازنامو پڻ شامل ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 143 صفحن تي مشتمل آهي. مصنف طور عرساڻي مرحوم سان گڏ غلام ربانيءَ جو نالو به ڏنو ويو آهي، حرف آغاز عرساڻيءَ جو، ۽ پيش لفظ رباني صاحب جو لکيل آهي، جنهن ۾ وري به برٽن بابت مختصر ڄاڻ ڏني وئي آهي.(100)

         هت ٻئي باب ۾ آيل ڪن شين جو ورجاءُ ڪيو آهي نه ته هي موضوع بيان ڪري ڪونه سگهبو. غلام رباني آگرو جيئن ته سنڌ جو ڏاهو ۽ قابل مترجم هو، پاڻ ۽ سندس ساٿي سراج ميمڻ سان گڏجي چونڊ مختصر آمريڪي افسانا جي نالي سان آمريڪا جي چوٽيءَ جي افسانا نگارن جا چونڊ چوڏنهن افسانه پڻ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترجما ڪيا آهن، ۽ هر افسانو پنهنجي منهن آمريڪي ادب ۾ هڪ بلند ۽ زندهه مقام رکي ٿو. غلام رباني ۽ سراج مرحوم سنڌي ۾ آمريڪي افسانن کي ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ واڌاري جو ڪم ڪري سنڌ ۽ سنڌي ادب ۽ ٻولي وارن ماڻهن مٿان انصاف جهڙو ڪم ڪري سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ واڌ ويجهه وارو ڪم ڪيو آهي ۽ انگريزي افسانن مان هڪڙو وسيلو ۽ ذريعو ڪڍي زندگيءَ جا لطيف ۽ گونا گون پهلو روشن ۽ نمايان ڪري سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرائي روشنائي مهيا ڪئي آهي ۽ فني ۽ فڪري لحاظ سان افسانن جي ڪردارن، منظر ۽ ماحول نگاري هڪ مقصد تحت آڻي پنهنجو فرض ڪاميابي سان نباهيو آهي. هن مجموعي ۾ جن آمريڪا جي چوٽيءَ جي افسانا نويسن جا افسانا آهن، تن جو هر افسانو جنهن آمريڪي ادب ۾ هڪ بلند ۽ زندهه مقام رکي ٿو. تن شاهڪار افسانن جي ترجمي جي ضرورتن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ترجمن ڪرڻ سان نه رڳو اسان جي پڙهندڙن کي نئين حقيقتن جون نيون دنيائون کلن ٿيون، بلڪ لکندڙن کي صحيح قسم جي سکيا ملي ٿي. غلام رباني آگري ۽ سراج  به انهيءَ مقصد جي مناسب حد تائين پورائي ڪئي آهي. ٻين ٻولين جو ترجمو ايڏو آسان ۽ سولو به نه آهي، هي ٻن اديبن جو تخليقي پورهيو آهي. جنهن مان سندن ڏات ۽ ڏانو ظاهر پئي آهي.  غلام رباني آگري نڪولائي منو چيءَ جي اطالوي زبان ۾ لکيل ڪتاب ”سوريا دو موگور“ ” Soria do more “ مان هڪ مضمون دارا جا پويان ڏينهن سنڌي ۾ ترجمو ڪيو جو غلام رباني آگرو جي جنم ڏينهن جي حوالي سان سندس هي اڻڇپيل تحرير ٽماهي مهراڻ جي آڪٽوبر- ڊسمبر 2012 ع جي پرچي ۾ ڀيٽا طور پيش ڪئي وئي آهي.  مذڪوره ڪتاب سوريا دو مور ترجمو ٿيل آهي، اهو ڪتاب سن 1906ع ۾، لنڊن مان، چئن جلدن ۾ شايع ٿيو هو. آگري صاحب چئن ئي جلدن جو ترجمو پڙهيو هو، جنهن ۾ غلام رباني آگري شهزادي دارا جي پوين ڏينهن جو احوال سندس دل لڀائيندڙ لڳو هو ان ڪري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپائڻ جو خيال آيس، غلام رباني آگري هن مضمون جي شروعات ۾ نڪولائي منوچيءَ جي بابت لکيو آهي. 1639ع ۾ ڄاڻو هو ۽ 1717ع ۾ وفات ڪيائين، پوءِ دارا جي زندگي بابت اهڙي ته سهڻي انداز سان مضمون کي پورو ڪيو ويو آهي، ڄڻ هي مضمون لکيل ئي ربانيءَ جو آهي، ترجمو اصل نٿو لڳي. اورنگزيب بادشاهه پنهنجي ڀاءُ دارا تي جيڪي ظلم ڪيا رباني مضمون جي آخر ۾ لکي ٿو، اورنگزيب رڳو پنهنجي ڀاءُ دارا کي ڪو نه مارايو پر، پنهنجا سڀ ڀائر هڪ هڪ مارايائين. جڏهن پاڻ تخت تي ويٺو ته ”محي الدين“ يعني (دين کي جيئرو ڪندڙ) جو لقب اختيار ڪيائين، سو هندستان جي هڪ اديب پنهنجي ڪتاب ۾ مٿس هيءُ تاريخي جملو لکيو، اورنگزيب مغل بادشاهه ايڏو ته ديندار هو، جو تهجد جي ڪابه نماز قضا نه ڪيائين ۽ پنهنجو ڪوبه ڀاءُ جيئرو ڪو نه ڇڏيائين.(101) سنڌ ۾ مرزا قليچ بيگ وڏو ترجمي نگار هو. جنهن کي سنڌ جو شيڪسپيئر چيو وڃي ٿو. جنهن ڪافي مواد ترجمو ڪري سنڌي ادب جي گلشن کي مالامال ڪيو آهي.غلام رباني آگرو به سنڌ جي انهيءَ ڏاهي ۽ ڏاهن واري لسٽ ۾ شامل آهي. جنهن سان محمد اسماعيل عرساڻي مرحوم، سراج ميمڻ ۽ محمد ابراهيم جويي جي رهبري به ان ۾ شامل آهي. ترجمي نگار جي اها ڪوشش هوندي آهي ٻين جي تجربن مان فائدا وٺي، پنهنجي ٻولي جي ڳالهائڻ وارن جي وچ ۾ باهمي ٻڌي ۽ اتفاق ۽ ربط ۽ ضبط جون راهون کوليندو آهي. پنهنجي علم ادب جي ذخيري کي وڌائي ذهني مفاهمت پيدا ڪري ٿو.(102) ٻين الاقوامي طور ڏنو وڃي ته اڄ جڏهن علم ۽ ادب ۽ معلومات حيرت جهڙي آهي، هي هر زبان جي بنيادي ضرورت آهي ته انهيءَ کي ترجمي جي بند ڪوٺين مان ٻاهر ڪڍي ٻاهر کان اچڻ وارن هوائڻ مان تازگي حاصل ڪجي، نون خيالن، نون خبرن جي بغير ڪا به ٻولي پنهنجي زماني جي علمي سرمائي کي نين نين انڪشافن کي، ترجمي ذريعي پنهنجي پڙهندڙن وارن تائين پهچائي ٿو، اها ئي توانائي چئي وڃڻ جي مستحق آهي ۽ اها ئي اڄ جي بين الاقوامي مقابلي ۽ اڳتي وڌڻ جي اهل چئي وڃي ٿي. اڄ جي دور ۾ غلام رباني آگري جهڙن ترجمي نگارن جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، اسان جي سنڌي ٻولي کي عالمي برابري جي ڊوڙ ۾اڳتي وٺي وڃڻ جي صلاحيت موجود هئي ۽ آهي. سندس مٿي بيان ڪيل ترجمي مان اها ڳالهه پڻ عيان آهي، جيڪڏهن اديبن جو ۽ ادب جو معيار بلند کان بلند ترين ڪرڻو آهي ته سٺي ۽ معياري ترجمن جو هڪ سلسلو قائم ڪرڻ ضروري آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org