سنڌي
افساني يا ڪهاڻي ۾ غلام رباني جي افسانن جو مقام
1-
موضوع
غلام رباني آگري جون ڪهاڻيون فن
۽ موضوع جي حوالي کان جيڪي ادبي روايتون قائم ڪيون
آهن، تن ۾ هن ڌرتي ۽ سماج جي مسئلن جي حل جا رستا
ٻڌايا آهن. موضوع کانسواءِ هر تحرير اڻپوري ۽
اڌوري هوندي آهي. موضوع تمام گھڻي اهميت رکندو آهي
تخليقڪار جي چونڊ مان ئي خبر پئجي ويندي آهي ته ان
جو ڪهڙن رخن ۽ پاسن ڏانهن لاڙو آهي. موضوع ۾ مرڪزي
خيال سمايل هوندو آهي. ان مان ئي واقعن حالتن ۽
نظرين جي ڄاڻ ملندي آهي. ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ جيڪي
تجربا بيان ڪيا آهن. ان جي ڪيتري ضرورت آهي. موضوع
رحجانن ۽ لاڙن جي نمائندگي جو ڏس ڏين ٿا. لکين
ڪروڙين مسئلا آهن. هر معاشرو مسئلن جي لپيٽ ۾ آهي.
فنڪارن تي ڪهڙين تحريڪن جو اثر ٿيو آهي. جنهن جي
زيرِ اثر اهو ليکڪ جي نظرياتي شعور تي منحصر آهي
ته هو انهن مان ڪهڙن مسئلن کي پنهنجي فن جو موضوع
بنايو آهي. هن عبوري دور ۾ خاص طور تي جيڪي رجحان
رهيا آهن. انهن سماجي مسئلن جو ليکڪ ڪيئن رنگ ڀريو
آهي. غلام رباني جي ڪهاڻين ۾ جنهن انداز سان رنگ
ڀريل آهن، اهي رنگ ڏاڍا خوبصورت ۽ پابندي سان
پنهنجي تحرڪ ۾ نظر اچن ٿا. هن پنهنجي معدبانه
اظهار سان حقيقتن جي تلاش ڪئي آهي. غلام رباني،
جمال ابڙو ۽ اياز قادري، اهڙا فنڪار آهن، جن
پنهنجن ڪهاڻين ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ کي موضوع بنايو
آهي. غلام رباني آگري مقامي زندگيءَ جي رنگ ڍنگ کي
پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بنائڻ ۾ سڀني کان پيش رفت
ڪئي آهي. هن کان اڳ پيدا ٿيل روايت کي اڳتي وڌايو
۽ ذوق ۽ مطالعي جي آڌار تي ان ۾ اڃان به وڌيڪ
پختگي آندي اٿس. هو ٿوري وقت ۾ ئي وڏو فنڪار نظر
اچڻ لڳو. مرحوم غلامرباني جي ڪهاڻين جي موضوع جن
کي مقالي ۾ بار بار بيان ڪيو اٿم تن ۾ مهارت ۽
ادبي حسن جو ثبوت ملي ٿو. هن جي ڪن ڪهاڻين ۾
ڇرڪائيندڙ پڇاڙي آهي. ڪن ۾ دردناڪ انجام سان تاثر
پيدا ڪيو آهي ته، ڪن ۾ وري مستقبل جو اميد افزا
پيغام ڏنو ويو آهي. فن توڙي موضوع جي لحاظ کان
غلام رباني جون گهڻيون تڻيون ڪهاڻيون شاھ
عبداللطيف ڀٽائي جي شعرن مان چونڊ ڪيل آهي جيڪي
مواد جي اعتبار کان زيادهه ڪامياب آهن. جن کي
فئنٽسيءَ جي خوبصورت رنگت ۾ جوڙيو ويو آهي.
2-
ٻولي
غلام رباني آگري پنهنجي ڪهاڻين
۾ اهڙي ته وڻندڙ ۽ ڪردارن سان ٺهڪندڙ ٻوليءَ
استعمال ڪئي آهي ۽ محسوس ٿئي ٿو ته، هر مڪتبه فڪر
سان تعلق رکندڙ ۽ ڪردار سان ٺهڪندڙ ٻوليءَ جو
استعمال ڪيو آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ استعمال ٿيل ٻولي
هٿرادو ٺاهيل ۽ سينگاريل نه آهي. ننڍڙن جملن ۾
وڏيون ڳالهيون چوي ٿو. سندس پهرين ڪهاڻي “اتر ڊاهي
ان جا” ۾ مهراڻ دريا جو ذڪر ڪيو اٿس، هڪ ڪردار بچل
بابت چوي ٿو: “بچل جا ابا ڏاڏا به اهائي ڪرت ڪندا
هئا کاريون ڄاريون ڇڄ ڇپريون جن جي محبت مڇي ساڻ،
ماءُ ته ٿڻين موڪلائي وئي هيس، پر مڇن جي ساول ٿيس
ته پڻس به پٺي ڊگھيري…
هتي پٺي ڊگھيري اصطلاح آهي. ڇا ته، رباني پنهنجن
ڪهاڻين ۾ ڪيئي. اصطلاح، چوڻيون، پهاڪن، محاورن جو
استعمال ڪري ثابت ڪيو آهي نه ته فقظ ڪهاڻيون لکڻ
پر منفرد انداز جو به مالڪ هو. سندس ڪهاڻين ۾
خوبصورت ۽ وڻندڙ ٻوليءَ جو استعمال بهترين انداز
سان ڪيو آهي، پر اها ٻولي روز مرد جي زندگيءَ ۾
ڪتب ايندڙ ٻولي آهي، اها عام پڙهندڙ لاءِ سولي ۽
آسان آهي. رباني جي ڪهاڻين ۾ هو زندگيءَ جي مختلف
واقعن کي پنهنجي مشاهدي تجربي آڌار خوبصورت ٻوليءَ
جي ذريعي بيان ڪرڻ جو ماهر آهي ۽ ان ۾ پڻ ڪاميابي
حاصل ڪئي اٿس ۽ سندس ڪهاڻين پڙهڻ محل ائين محسوس
ٿيندو آهي ته انهن ۾ ڪي به اجايا ۽ غير ضروري بيان
نه آهن، پر ٻولي ماحول ۽ ڪردار موضوع ۽ اسلوب ۾
پوري پوريءَ حق ادائيءَ سان استعمال ڪيا اٿس.
سندس ٻوليءَ ۾ سگھڙائپ موجود آهي.
3-
ڪردار ۽ ڪردارنگاري
غلام رباني آگري جي ڪهاڻين ۾ اسان کي شاندار ڪردار نگاري ملي ٿي،
جيئن ته ادب جو واسطو انساني حياتي سان آهي ۽ مواد
به اتان ئي کنيو وڃي ٿو،
ڪردار، ٻولي، واقعو، حادثو، انداز بيان، منظر
نگاري ماحول وغيره فني جزا آهن. جن جي ترتيب سان
ڪهاڻي مڪمل ٿئي ٿي. غلام رباني پنهنجي روز مرهه جي
زندگيءَ ۾ جيڪي ڪردار کنيا آهن. اهي سڀ جو سڀ اسان
جي زندگيءَ سان وابستا آهن. غلام رباني پنهنجي
ڪهاڻين جي ڪردارن وسيلي ڪافي ڪوشش ورتي آهي ته،
اهي اوپرا نه لڳن ۽ ان ۾ ڪامياب به ويو آهي.
ڪردارن ۾ ليکڪ جي مرضي ته ڪو نه هلندي آهي. پر اهي
پنهنجي مزاج ۽ نفسيات موجب چرپر ڪن ٿا. ليکڪ صرف
پڙهندڙ جي اندر ۾ ڪردارن لاءِ همدردي جاڳي پوي ٿي
۽ نا انصافي خلاف اُڌما
اٿن ٿا. رباني انهن ڄاتل سڃاتل ڪردارن ۾ رنگ ڀريو
آهي، جو هو پنهنجي ماحول ۾ اڀري بيهن ٿا. غلام
رباني جي ٽيويهن ئي ڪهاڻين جا ڪردار پنهنجي سماج
کي صحيح صحيح راهه مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن
ٿا. سندس ڪهاڻيون ادب ۾ پنهنجي پنهنجي جاءِ
والارين ٿيون ليڪن سندس هڪ ڪهاڻي جنهن کي سنڌي
سماج ۾ مقبوليت حاصل آهي سو آهي، “شيدو ڌاڙيل”.
اسان جي سماج ۾ ماضي توڙي حال ۾ اهڙا ڪردار اڀريا
۽ اڀري رهيا آهن. جيڪي سماجي نا انصافي ۾ جبر جي
ڪري ٻي واهه نه ڏسي ڌاڙيل ٿيا آهن. ليکڪ ڌاڙيل کي
ظالم نه پر وڏيرن کي ظالم ڏيکاريو ته اهي ڪيئن نه
ڌاڙيل پاڻ پيدا ڪرائي ۽ پاڻ ئي ان جو ساٿ ڏئي پاڻ
ئي ان کي موت جي گھاٽ تي پهچائي ڇڏين ٿا.
4-
تجربو ۽ مشاهدو
غلام رباني آگرو لکي ٿو ته
”مون
پنهنجي ننڍيءَ ڄمار ۾ جيڪي واقعا ڏٺا ۽ ٻڌا آهن.
تن مان ڪن کي ڪهاڻيءَ جو ويس ڍڪائي عام ماڻهن جي
اڳيان
پيش ڪيو اٿم.“(19) ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، غلام ربانيءَ جي نگاهه پنهنجي
معاشري جي تڪليفن تي هئي جن کي ڪهاڻين جو ويس
ڍڪائي پيش ڪيو آهي. غلام رباني وسيع تجربو رکندڙ
هڪ اهڙو فنڪار هو جو سنڌي ادب لاءَ هڪ ئي وقت
زندگيءَ جي مختلف شعبن مان ڪهاڻيون کڻي انهن تي
تمام گھرائيءَ سان نگاھ وڌي هئي، انهن جي تخليق
ڪئي آهي جنهن مان هن جو مثبت ڪردار منجهيل ماڻهن
کي سجاڳ ڪرڻ واري سوچ نظر اچي ٿي. سندس پيڙهيل ۽
ڏتڙيل ماڻهن سان همدردي هئي. سندس ڪهاڻين جا ڪردار
پڙهندڙن سان ڳالهائيندا رهندا آهن. غلام رباني
آگري جي ڪهاڻين جي مطالعي کانپوءِ ان نتيجي تي
پهچجي ٿو ته ربانيءَ جو مشاهدو ۽ مطالعو تمام وسيع
هو جنهن پنهنجي تجربن آڌار ڪهاڻيون جوڙيون آهن.
سندس ذهن تي بيروزگاري، فرسودهه قديم روايتن،
طبقاتي ڇڪتاڻ، تاريخي واقعا ۽ حالتون، رباني جي
ڪهاڻين جو موضوع رهيا آهن. سندس ڪهاڻين جي ڪردارن
۽ واقعن مان ثابت ٿئي ٿو ته، هن ڳوٺن جي ماحول
ڏاڍن مڙسن جي ڏاڍين، ڪمزورن جي مجبورين جا قصا
رباني جي ڪهاڻين جا موضوع رهيا آهن. غلام رباني
سنڌ جو اهو واحد ڪهاڻيڪار آهي، جنهن سنڌيءَ ۾
پهريون ڀيرو ڪهاڻيءَ ۾ فلسفيانه نڪتن تي بحث ڪيو
آهي ۽ پنهنجي ڪهاڻين ۾ فڪري بحث کي علامتي انداز
سان پيش ڪيو آهي. غلام رباني آگري جو
”آب حيات“ اهڙو فلسفيانه افسانو آهي. جنهن ۾ هن شهزادي
”مهراڻ“ جي آڙ ۾ افسانا نگار انسان دوستيءَ ۽ نيڪيءَ ۽ سچائي تي عمل
ڪرڻ لاءِ اهڙا ڪردار جوڙي انساني خدمت جي عظمت
جهڙي فلسفي کي پيش ڪري هڪڙو نظريو پيش ڪيو آهي ته
جيڪڏهن انسان جو روح پاڪ آهي، ۽ هن جا سٺا عمل ڪيل
آهن ته پوءِ سندس نالو تيسين قائم رهندو. جيسين
بقا کي بقا آهي. هن ۾ رباني انساني عظمت جي بقا جي
اصول جو فلسفو پيش ڪري ثابت ڪيو آهي ته
”آب حيات“
جا ٻه ڍڪ پيئڻ سان انسان جو روح پاڪ نٿو ٿي سگھي،
اهو نظريو ڪاميابي سان پيش ڪيو آهي.
5-
منظر نگاري
غلام رباني جي ڪهاڻين جو موضوع ۽
مواد ڳوٺاڻي زندگي مان ورتل آهن. منظر نگاري ۽
سنڌي ثقافت جڏهن هڪ ٿي وڃن ٿا ته سونهن وجود وٺي
ٿي. غلام رباني ڪهاڻين ۾ اهڙي ته منظر نگاري پيش
ڪئي آهي، جو دل ٿي چوي ته دل کي فرحت وٺرائڻ لاءِ
ڳوٺن، دريائن، ٻيڙين، سانوڻي جي مينهن ۽ برسات جو
مزو چکجي. منظر نگاري چکڻ ته ڪو غلام رباني کان
سکي مثال: بري هن ڀنڀور ۾ جو منظر:
”عيسو چوهاڻ ڪچي ۾ واهه جي ڪڙ ۾ رهندو هو،
هو روز صبح جو گڏهه ڪاهي پڪي تي گذارن لاءِ ويندو
هو. هڪ سال سانوڻيءَ ۾ گھڻي ٻوڏ اچي ٿي ۽ سڄي رات
برسات به زور سان وسي هئي. ان ڪري بند ڀڄڻ جو
امڪان هو… باک ڦٽي صبح ٿيو. مينهن بس ٿيو. عيسو
چؤنري کان ٻاهر نڪتو کڻي جو نظر ڪري ته چوڌاري اڇ
لڳي پئي آهي.
…
رباني جي هن ڪهاڻي ۾ ڪهڙو نه خوبصورت منظر
چٽيل نظر اچي ٿو، جيڪو دل کي وندرائي به ٿو ته
سڪون به مهيا ڪري ٿو. ۽ ٻئي طرف عيسي جون تڪليفون
ڏکارو ڪري ٿيون ڇڏين.
6-
واقعه نگاري
غلام رباني آگري جي سمورين ڪهاڻين ۾ خوبصورت مقامي رنگ جو ماحول
بيان ڪيل آهي، ۽ سنڌ ڌرتي واسين جا جيئرا جاڳندا
ڪردار نظر اچن ٿا. هو سماج جي ناسورن کي سڀني
سامهون کولي رکي ٿو ۽ ان ناسورن جو علاج به پاڻ
ٻڌائي ٿو. “واقعه نگاري جي حوالي سان رباني جا
افسانا فني خوبين جي اعتبار کان تمام روشن ۽ چٽا
آهن. ”بري
هن ڀنڀور ۾“ واقعه نگاري جي اعتبار کان هڪ شاهڪار
افسانو آهي ڇو ته، هن کي غير ملڪي ٻوليءَ ۾
ترجموبه ڪيو ويو آهي ۽ هن ڪهاڻي کي ڪيترن ئي حلقن
وٽان ساراهيو ويو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي
نقادن به ان تي تبصرا ڪيا آهن. هن ڪهاڻي ۾، غلام
رباني ڪيترن ئي واقعن
کي خوبصورت
انداز سان بيان ڪيو
آهي. غلام رباني آگري جي مٿي بيان ڪيل روشني ۾ سندس ڪهاڻين جي
اڀياس کانپوءِ معلوم ٿيو آهي ته، غلام رباني آگري
جون ڪهاڻيون فني ۽ فڪري حوالي سان بهترين ڪهاڻيون
آهن. سندس چند ڪهاڻين جي روشني ۾ اهي دليل پيش ڪيا
ويا آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو. غلام رباني آگري
پنهنجي دور جي افسانن ۾ وڏو افسانا نگار هو. جنهن
پنهنجي افسانن جي ذريعي سنڌي قوم جي ڀلي لاءِ
عالمي معيار جون ڪوششون وٺي، سنڌي ادب جي گلشن کي
مالا مال ڪيو آهي. تحقيق جي شاگرد جي حيثيت سان
ماهرن جي ڏسيل اصولن آڌار تي هڪ ننڍڙي مطالعي جي
آڌار تي رباني جھڙي وڏي اديب تي قلم کڻڻ جي هڪڙي
ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ پڻ ڪهاڻين ۾ لکڻين جي روشني
۾ ايترو چوندس ته، رباني ويهين صدي جو عظيم ليکڪ
هو. جنهن جي لکڻين ۾ عالمي پيغام سمايل آهي ۽ ڀلوڙ
ليکڪ جون جيترن موضوعن تي لکڻيون موجود آهن، اهي
نه فقط سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لاءِ پر عالمي معيار تي
پورو لهن ٿيون.
غلام رباني آگرو بحيثيت مضمون نگار
مضمون هڪ نهايت دلچسپ ۽
انوکي ادبي صنف آهي. ان لاءِ ڪنهن به موضوع تي
ڪابه پابندي ڪانهي. مضمون ذاتي ۽ شخصي به ٿي سگهن
ٿا ۽ علمي ادبي ۽ سائنسي به جديد دور ۾ ان کي ٻن
حصن ۾ ورهايو ويو آهي. ذاتي ۽ شخصي تجربن ۽
کوجنائن جي آڌار تي لکيل لکڻين کي
”مضمون“ ڪوٺيو وڃي ٿو ته علمي ادبي ۽ سائنسي
تجربن ۽ کوجنائن جي آڌار تي لکيل مضمون کي
”مقالو“ ڪوٺيو وڃي ٿو. انهن مان پهرين قسم جي
مضمونن ۾ ڪو شخص پنهنجي اردگرد جي حالات، واقعات ،
حادثات تجربن جو بيان ڪندو آهي. هن فن جي شروعات
تڏهن
کان
ٿي جڏهن لکڻ وجود ۾ آيو ته مضمون نويسي به شروع
ٿي. عربيءَ ۾
”مقامه“ پارسي ۾
”مقاله“ ۽ انگريزي
”Essay“
اهڙي قسم جون شيون آهن. انگريزي لفظ ”Essay
“
فرانسيسي لفظ ”Essay“ جي انگريزي صورت آهي، جيڪي وري عربي لفظ
”اسمعي“ جي فرانسيسي شڪل معلومات ٿئي ٿي، ٻئي لفظ
ڪوشش جي معنى ۽ مفهوم کي ظاهر ڪن ٿا. ذاتي يا شخصي
مضمون کي انگريزيءَ ۾ ”Essay“ ۽ اردو ۾ انشائيه پڻ چون. جڏهن ته علمي ۽ تحقيقي مضمون کي
انگريزيءَ ۾ ”Research Article
“ ۽ اردو ۾ مقاله چون.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ورهاڱي کان اڳ واري دور ۾ هن صنف
ڏاڍي ترقي ڪئي. خاص ڪري ذاتي ۽ شخصي مضمون ته ڏاڍا
مشهور ٿيا. ڪيترائي ڌارين ٻولين مان مضمونن جا
مجموعا ترجمو ٿيا. مثال. 1863ع
”پڪو
پهه“
ديوان ڪوڙو مل
1877 ع
”مقالات الحڪمت“
بيڪن جي مضمونن جو ترجمو مرزا قليچ بيگ
1907ع
”گلدستو“ ترتيب: ديوان ڏيارام وسڻمل ۽ ديوان ليلارام پريمچند
1925ع ۾”گل ڦل“
جوت اخبار ۾ ڇپيل مضمونن جو مجموعو پرمانند
ميوارام جو
ٻيو حصو. 1936ع ۾ شايع ٿيو.
1940 ع
”ادبي گلشن“ چونڊيل پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻي
1941 ع
”ادبي آئينو“ ليکراج ڪشنچند عزيز
1944 ع
”ويچار“ لالچند آجواڻي
1945 ع
”ادبي غنچو“ پروفيسر رام پنجواڻي ۽ نارائڻ داس ڀمڀاڻي
1947ع
”ڪلاڪار جي دنيا“ پروفيسر خوشي رام واسواڻي
ورهاڱي کانپوءِ ڇپيل مضمون جا ڪي اهم مجموعا هي
آهن.
1957 ع
”ادبي
گل“،
موتي پر ڪاش
1974 ع
”چار مقالا“، محمد اسماعيل عرساڻي
1974 ع
”اثار الڪلام“، مولانا ابوالڪلام آزاد جي مضمونن جو ترجمو، علي محمد راهو
1975ع
”هٻڪار“ ڊاڪٽر نواز علي شوق
1977ع
”ٻولي منهنجي ماءُ“، پوپٽي هيرا ننداڻي
1979ع
”مضمون ۽ مقالا“ (علامه عمر دائود پوٽو) سهڙيندڙ: خانم خديجه دائود پوٽو
1980ع
”نياريون وٿيون“ (ٻارن لاءِ مضمون) محمد اسماعيل عرساڻي
1980ع
”چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
1983ع
”ڪڇان ته ڪافر“، ناز سنائي
1983ع
”مضامين خليل“، مرتب:
عبدالقيوم صائب
1984ع
”آئينو ۽ اولڙو“،
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ انهيءَ کان علاوه ٻيا کوڙ سارا
ٻيا به مجموعا پڻ ڇپجي چڪا آهن. منهنجو موضوع آهي
رباني جا مضمون پر انهن جي شروعاتي تاريخ تي ان
ڪري نظر وڌي اٿم، تاڪه هن صنف جي باري ۾ نون
پڙهندڙن کي مضمونن جي مجموعن جي ڄاڻ ملي. حالانڪ
مونکي ته صرف غلام رباني آگري جي مضمونن تي تحقيق
ڪري پيش ڪرڻي آهي.
غلام رباني آگري جو مضمون لکڻ
جو ڏانءُ پنهنجو آهي، سندس تحرير جو طريقو نرالو
آهي. رباني جو جنهن به مضمون يا مقالو پڙهيو هوندو
ته اهو سندس لکيل شاهڪار کي ڀلي اهو سواءِ نالي جي
لکيل هجي، ان کي پڙهڻ سان چوندو ته هي لکيت رباني
جي آهي. جنهن ۾ هو ڪنهن شخصيت تي لکي ٿو ته سندس
هر طرف جي خدوخال کي چٽو ۽ صاف ڪري لکي ٿو:
”سنڌ جي نامور ۽ قدآور عالم ۽ دانشور سائين غلام علي الانا
رباني جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”غلام
رباني آگرو قابل مصنف، هڪ باخبر، با صلاحيت ليکڪ ۽
اهو ڄاڻندڙ اديب هو جو هو ڪنهن جي باري ۾، ڪهڙي
مضمون واقعي تي لکي رهيو آهي. سو هن جڏهن به لکيو
هر لفظ، فقرو، جملو ۽ پئراگراف سوچي، سمجهي،
سنڀالي، توري تڪي پوءِ لکيو. سندس ٻين ڪتابن وانگر
”سنڌي ڪلچر“ به سنڌ جي هڪ دور جي پوري تاريخ آهي. جيڪڏهن ان جي مضمون ۽
عنوانن کي الڳ الڳ ڪري هر هڪ تي ويهي ڌار تحقيق
ڪجي ته منجهائنس گھڻو ئي مواد ملي ويندو.“(20)
جهڙي طرح رباني ڪهاڻين، خاڪن،
سوانح عمرين، سفر نامن، خطن، ۾ ادبي ۽ وڻندڙ جملا
۽ لفظ ڪتب آهن. اهڙي طرح مضمونن جي ڪتاب
”سنڌي ڪلچر“ ۽
”ٿيا
قلب قرار“
۾ پڻ ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي. مضمون لکيا ته
هڪ روزانه
”اخبار“
لاءِ ويا آهن، مگر انهن مضمونن جي اهميت کان انڪار
ڪري نٿو سگهجي.
غلام ربانيءَ جا مضمون ڇا آهن؟
مصريءَ جون مٺيون تڙون، ماکيءَ جي شڪر، ڪمند جي
رس، انبن جو ٻور، گلن جي خوشبو، کير جي مهڪ،
سنڌوءَ جو پاڻي مينهن جو پلر، پلي جو پلاءُ،
گهوگهاري ،سڳداسي چانور، ڪڻڪ جا آنڀو، نسيم شملا
يا ڏکڻ جي هير، شهيدن جو خون، عالمن جي مس، ميهڙ
جي ميندي،لاڙ جا زيور ۽ نوٽن جي سرهاڻ وغيره آهن.
جئين ٿر ۾ پنجين موسم وسڪارو چئبي آهي. تيئن رباني
جي مضمونن کي سنڌي ادب جو وسڪارو چئي سگهون ٿا.
سنڌي ادب ۾ غلام رباني آگري جو شمار سر فهرست
ڪهاڻيڪارن ، محققن ۽ دانشورن ۾ ٿئي ٿو. شاندار
ادبي ڪارنامن جي ڪري رباني صاحب جو نالو سنڌي ادب
جي تاريخ ۾ ڪيترن ئي همعصرن ۾ جن سنڌ جي جدوجهد ۾
نهايت اهم حصو ورتو آهي، جن جي لڳاتار جاکوڙ نئين
سنڌ انهي تاريخ جي منتظر آهي، جنهن ۾ هن جو نالو
سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو“. (21)
مذڪوره ڪتابن ۾ آگري مرحوم
ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جي ثقافت سنڌ ڌرتي جي اصل
ثقافت آهي. جهڙي طرح تهذيب ۽ ثقافت الڳ ۽ نج سنڌ
جي آهي، تهڙي طرح هو ان جي اصليت ۽ نج پڻي کي به
ظاهر ڪري ٿو، اها حقيقت آهي ته، سنڌ جي ثقافت ۾
ڪنهن به شاهوڪار ثقافت جون سموريون خوبيون موجود
آهن. غلام رباني آگري جا هي مذڪوره ڪتاب ”سنڌي
ڪلچر“ پڙهندڙن لاءِ ڄاڻ ۽ دلچسپي جو سبب بڻبو.”
(22)
بقول رباني جي ته: مون ويهن
سالن جي ڄمار ۾ لکڻ شروع ڪيو.” اسان کيس ان دور جي
تحريرن کي پهرين اوستا ڄاڻون ٿا، پر اها ابتدائي
اوستا جي لکيت پنهنجي همعصر ڪهاڻيڪارن ۾ کيس انعام
يافته ڪهاڻي نويس بنايو، سندس ٻيو دور مضمونن لکڻ
جو اچي ٿو. هن دور جي تحريرن ۾ سندس تجربن ۽
مشاهدن جو نچوڙ اچي وڃي ٿو. پهرين لکي چڪو آهيان
ته ربانيءَ جا مضمون
جن کي
اخباري ڪالم ئي چئجي
ٿو،
مگر انهن
جا
موضوع زمان ۽ مڪان تمام وڏو وکر آهي. انهن اخباري
مضمونن کي سيد سليمان ندوي جي ”خطبات مدارس“ جيان
وسهي سگهجي ٿو، انهن مضمونن ۾ هم گيريت ۽
عالمگيريت وارو ذخيرو آهي. اهڙن مضمونن ۾ ربانيءَ
جو ادبي چهرو چٽو ۽ صاف نظر اچي ٿو. سندس لکڻين ۾
سنڌي ثقافت ۽ اسلامي تمدن جو بحر بيڪران سمايل آهي
۽ پڻ سندس مطالعي ۽ گهري مشاهدي جو عڪس ۽ جلوو
ظاهر پيو پسجي. سڀ کان سهڻي ۽ سچي ڳالهه ته سندس
مضمونن جو سلسلو ڳنڍيل نظر اچي ٿو. ربانيءَ جو ذهن
ڪمپيوٽر جيان آهي. جيڪي لکيو هئائين. اهو ياد هيس.
جنهن ڪري سندس تحريرن هڪٻئي جون تسلسل نظر اچن
ٿيون. غلام علي الانا لکي ٿو ته:
”غلام
رباني آگرو قابل مصنف هڪ باخبر باصلاحيت ليکڪ ۽
ڄاڻندڙ اديب هو. هو ڪنهن جي باري ۾ ڪهڙي موضوع يا
ڪهڙي واقعي تي لکي ته سندس هر لفظ، فقرو، جملو ۽
پئراگراف سوچي سمجهي سنڀالي تڪي توري پوءِ لکيو.“(23)
جئين اسانکي هر سماج ۽ معاشري ۾ متقي، پاڪيزه
روشن دل ۽ دماغ شخصيت جي تلاش ڪرڻ جڳائي جنهن وٽ
نه صرف شخصي ۽ انفرادي فلاح وارو فعل هجي، پر
اجتماعي ۽ بني آدم لاءِ پروگرام هجي. اهو پروگرام
علمي ۽ ديني هجي يا ادبي هجي. اهڙي ڪسوٽيءَ تي
پرکڻ بعد اسان کي ربانيءَ جي شخصيت پوري ۽ ٺهڪندڙ
نظر اچي ٿي. سندس ڪهاڻي هجي يا مضمون يا خاڪو،
سڀني ۾ اتحاد انساني ۽ قومي وحدت جو جذبو نمايان ۽
نشانبر نظر اچي پيو. ربانيءَ جي ذهانت وسعت فڪري
۽ ان جي اخلاق حسنه جي اردگرد نظر اچي ٿي. اها
حقيقت اسان جي لاءِ نهايت خوشي ۽ سرور جو باعث آهي
ته اسان جي لاءِ غلام رباني آگرو هڪ قوي ترين ادبي
سرمايو هو.
ربانيءَ جي تحريرن جو مطالعو هر طرف ۽ رخ کان
ڪيوويندو ته سندس لکڻين ۾ ٻولي سهنجي ۽ صاف آهي.
ڪنهن به موضوع تي سندس تحرير مڪمل ڪوائف سان ڀرپور
آهي. پوءِ اهو موضوع مذهبي هجي يا ادبي هن اسلام ۽
حضور
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جي حقيقت کي کولي بيان ڪيو آهي.
اسان جا ڏاها ۽ ترقي پسند عالم توڙي اديب ربانيءَ
جي پورهئي کي دانشورانه ۽ ڏاها گفتا ڪوٺين ٿا انهن
ربانيءَ جي مفيد ارشادات ۽ قيمتي آراءِ کان
استفادو وٺڻ جي لاءِ زبردست آرزو رکي آهي. ڇاڪاڻ
ته ربانيءَ جا گفتا اسان جي قومي وحدت لاءِ مشعل
جو سنگ ميل ثابت ٿي سگهن ٿا. ڏسڻ ۾ اهو به اچي ٿو
ته هن قوم جي ڀلائي لاءَ بغير اجوري ۽ مخلصانه
جذبي تحت مضبوط ذريعي سان ڪم ڪيو آهي. هن آخري دور
۾ توڙي اصلاح پسند شخصن ۽ قومي اتحاد لاءِ جدوجهد
ڪئي، انهن مان هڪ قدآور شخص غلام رباني آگري جي به
آهي
جنهن پنهنجي مضمون ۾، انسانذات کي برادريءَ ۽ اخوت
جو درس ڏنو آهي.
غلام رباني آگرو بحيثيت سفر نويس:
سفر نامو سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ
والاري ٿو. سنڌي ادب جي هي صنف نه ڪي قديم آهي نه
ته وري ڪا جديد ان جي تاريخ ضرور آهي. انساني فطرت
۾ گھمڻ ڦرڻ جو عادي آهي هونئن به چر پر ۽ تحرڪ ۾
ئي زندگي آهي. ماٺار ۽ بي حسي جو ٻيو نالو موت
آهي، جڏهن به ڪو ٻار ڄمندو آهي ته اهو چرپر نه
ڪندو آهي ته دائي چوندي آهي ته ٻار ٺريل آهي. جنهن
جو مطلب هوندو آهي ته ٻار مئل آهي. اهڙي ريت جيڪو
انسان ٿورو يا گھڻو سير ڪري ٿو، اهو ئي جيئرو
جاڳندو ماڻهو آهي، وري گھمندڙن ۾ جڏهن ڪي ڏاها ۽
دانشور شخص شامل هوندا آهن ته اهي پنهنجي سير سفر
جو احوال لکندا آهن ۽ جيڪي سفر جي احوال کي پڙهندا
آهن، اهي ڄڻ ته سياح سان گڏ سفر ڪندڙ آهن. اسان وٽ
ڪي سياحن جا نالا مشهور ۽ معروف آهن. جن پنهنجي
سياحت جو احوال لکيو آهي. جن ۾ ابن بطوطه ۽
ابوريحان جي سفر نامن کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽
جديد سنڌي ادب ۾ محترم الطاف شيخ ۽ عبدالحئي پليجي
کي وڏو مقام حاصل آهي. سندس تمام قيمتي ۽ ڪارائتا
سفر لکيل آهن ٿوري نگاهه سفرنامن جي تاريخ تي
وجھنداسين ته سنڌي ادب ۾ سفر نامن جي شروعات
انگريزن جي دور ۾ ٿيل نظر اچي ٿي جنهن جي ابتدا
مرزا قليچ بيگ ۽ لالچند امر ڏني مل، پيرومل مهر
چند آڏواڻي ۽ ٻين ڪئي. ورهاڱي کان اڳ سير سفر بابت
مضمون نموني سفر ناما ملن ٿا. جي سنڌي ادب ۾ سفر
نامن جي ابتدائي ڪوشش ڪئي آهي. ورهاڱي کانپوءِ
سفرنامن جو نئون دور شروع ٿئي ٿو.
هن دور ۾ سنڌي ادب جي شروعات
ڪندڙن ۾ سيد غلام مصطفى شاهه، قاضي عبدالمجيد
”عابد“، الطاف شيخ، سليم، رشيد احمد لاشاري، محمد اسماعيل عرساڻي،
ميران محمد شاهه، سليم قريشي، مهتاب محبوب، محمد
خان سيال، انور بلوچ، احمد خان راڄپر، اشتياق
انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، بدر ابڙو، ڊاڪٽر
سليمان شيخ، قاضي عمر، عبدالحي پليجو، عنايت بلوچ،
فهميده حسين ميمڻ، تنوير عباسي، عبدالجبار جوڻيجو،
فريده بشير، فقير محمد لاشاري، ڀرڳڙي عبدالغفور،
غوث محمد گوهر، محمد بخش جوهر، پڻ سفرناما لکيا
آهن. انهن سفر نويسن ۾ غلام رباني آگري جي سفرنامن
جو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون سندس سفر نامن جي حيثيت
تمام گهڻي آهي ان ڪري سندس سفرنامن جو ذڪر ڪرڻ
لاءِ لازم آهي جيڪي هن طرح جا آهن:
بنگلاديش ۾ ڏهه ڏينهن، هندستان ۾
سارڪ سيمينار، ايران اڳي ۽ هاڻي، رني ڪوٽ ،سير ۽
سفر چين ۽ ولايت جو (چين)، چين جو سفر (چين)، ڪوهه
قاف جون پريون (چين) مذڪوره سفرنامن جو ذڪر هڪڙي
ئي ڪتاب ”هنگلاج ۾ چانهه“ ۾ شامل آهن. رباني جي
گھميل ڏٺل وائٺل ماڳن مڪانن جو احوال آهي. هن
پنهنجن مختصر سفرنامن کي نهايت ئي سهڻي انداز سان
تحرير ڪيا آهن. سندس اهي سفرناما هر طرح جي ڄاڻ
سان ڀريل آهن. هونئن ته هر سفرنامو لکندڙ صرف ان
ملڪ جي منظرن کي بيان ڪندو آهي. مگر رباني پنهنجي
لکيت ۾ ان جي ملڪ جي سياسي مذهبي، اقتصادي،
معاشرتي احوالن سان گڏ ماضيءَ جي تاريخ به بيان
ڪئي آهي. اها به رباني جي خوبي آهي جو ٻاهرين ملڪن
۽ شهرن جي دوري وقت ساٿين سان احوال ڪندي، سنڌي
پهاڪن ۽ چوڻين کي مثال طور بيان ڪندو رهي ٿو.
محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين رباني جي سفر نامن جي
ڪتاب ”هنگلاج ۾ چانهه“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿي ته: ”سنڌي
ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ ڪوبه نئون سفر نامو پنهنجي جاءِ
تڏهن ٺاهي سگھي ٿو. جڏهن ان ۾ خوبصورت منظر
نگاريءَ سان اسلوب بيان ۽ ڊڪشن جي به سونهن هجي
واقعن جو بيان محض بيان نه پر دلي ۽ جذباني ڪيفيتن
جي عڪاسي ڪندڙ هجي ۽ تحرير ۾ اهڙو اثر هجي جو هڪ
ڀيرو پڙهڻ شروع ڪجي ته ان کي پورو ڪري پوءِ اٿجي،
۽ اهڙي تحرير سنڌي ڪهاڻي جي وڏي نالي سنڌي نثر جي
اعلى ترين ليکڪن ۾ منفرد لهجي ۽ ڊڪشن جي مالڪ غلام
رباني آگري جي هجي ته اها پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ کي
گرفت ۾ ڪئين نه وٺندي.“(24)
غلام رباني آگرو چين ملڪ ۾ ٻه دفعه سرڪاري دوري
تي ويا آهن. الطاف آگرو، غلام رباني جي سفرنامن
بابت لکي ٿو ته:
”هنگلاج ۾ چانهه“ رباني صاحب جي سفرنامي جو ڪتاب آهي. جنهن
۾ پاڻ هنگلاج، چين، هندستان، ايران ۽ بنگلاديش جا
مختصر سفرناما نهايت ئي دلچسپ انداز ۾ تحرير ڪيا
اٿن. جيڪي هرطرح سان ڄاڻ ۽ معلومات سان ڀرپور ۽
مڪمل آهن، رباني صاحب جي ٻين مشهور ڪتابن وانگر هي
ڪتاب پڻ
”موتين جي مالها مثل، نثر ۾ پويل آهن.“(25)
اهو محسوس ڪيو ويو آهي ته رباني جو مشاهدو تمام اونهو آهي، جو ڪجھ
هن ڏٺو اهو ديس اڳيان اهڙي انداز سان پيش ڪيو اٿس،
جو ڄڻ ساڻس گڏ آهيان. سفرنامي لکندڙن جي هڪڙي ٽولي
جي لکڻ جو اهو ئي طريقو آهي، جيڪي سڌي يا اڻ سڌي
طرح ربانيءَ جا همسفر اديب چئجن ته بجا آهي اهي
آهن.
ساهتيءَ جي ٻن عالمن ميان غوث
محمد گوهر جيڪي پاڻ الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي محمد جا
باني آهن تن هڪ سفرنامو
”سا
سفر هليا“
جي عنوان سان لکيو
آهي ۽
محمد پناهه ڦرڙو- ڊئريڪٽر الڪبير اڪيڊمي جنهن
”ڀارت ياترا“ لکيوآهي. اڪبر سومري ”چهرا چهرا“
لکيو آهي. بهرحال ربانيءَ سير سفر تمام
گھڻو ڪيو آهي. اهڙا اشارا ڪنايه سندس ڪهاڻين،
مضمونن، توڙي سوانح احوالن مان ملن ٿا. سنڌ جي چپي
چپي جو سير ڪيو اٿس. اهو ريگستان هجي يا ڪوهستان
لاڙ هجي يا سرو، وچولي جو ته هي پاڻ آهي، پاڪستان
جو ڪهڙو صوبو آهي، جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ جو ديدار نه
ڪيو اٿس. بلوچستان جو هنگلاج هجي، سرحد جو غنيءَ
جو ڳوٺ هجي، اترين علائقن جو سوات هجي، ڪاغان هجي،
ڪيلاش يا ڪا فرستان هجي، پنجاب جا مٺڻ ڪوٽ ، داتا
جي نگري لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، نٿيا گلي،
ڪوهه مري، ايوبيه ، توڙي هڙاپا هجن، سڀني ماڳن کي
چڱي طرح گھميو ۽ ڏٺو اٿس. ٻاهرين ملڪن مان
بنگلاديش، ڀارت، چين، ايران ۽ ڪي روس کان آزاد ٿيل
رياستون ۽ افغانستان به گھميو آهي. پاڻ پنهنجي
سفرنامن جي انفراديت ۽ واقعن جو رخ اهڙي انداز سان
پيش ڪيا اٿس ۽ سير ڪيل جڳهين کي حوالن سان بيان
ڪيو آهي. سندس جو مطالعو وسيع هو ۽ سندس گھرائي
تمام اونهي آهي. جنهن جو ثبوت سندس سفرنامن جو
ڪتاب آهي. هو جڏهن ڪا تصوير، ڪا محل، ڪو هوٽل، ڪو
تاريخي ماڳ ڏسي ٿو. پڙهندڙن کي ٻڌائي ڪونه ٿو، بلڪ
پوري ڄاڻ ڏئي ٿو، محمد قاسم ماڪا لکي ٿو ته:
”غلام رباني آگري صاحب جن ذاتي طور مون تي
تمام گهڻا احسان ڪيا ۽ هميشه مون کي پنهنجي اولاد
جيان پيار ڪندا هئا.
سندن هيءُ سياحت نامو
’هنگلاج ۾ چانهه‘ دنيا جي ڪن مشهور ملڪن ۽ تاريخي ماڳن
مڪانن جي شاندار سفرنامن تي مبني آهي. جنهن جي
سنڌي ادب ۾ ٿيل سفرنامن ۾ اهميت “سدا گلاب” جي
ٽڙيل گل جهڙي رهندي. سرهاڻين سان واسيل هن سفرنامي
جي پني پني کي اوهان جي نظر ڪندي انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي فخرمند آهي.“(26)
غلام رباني آگري جا سفرناما سنڌي
ادب جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. جڏهن ڪو محقق
سفرنامن جي تاريخ تي تحقيق ڪندو ۽ رباني جي لکيل
سفرنامن جو ذڪر نه ڪندو ته سفرنامن جي تاريخ
اڻپوري ۽ اڌوري رهندي ڇو ته، رباني جا سفرناما
سنڌي اديب جي تاريخ جا اهم حصا آهن. |