سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي جائزو

 

صفحو:12 

سفر ناما

      غلام رباني آگري کي سياحت جا موقعا ان ڪري مليا جو هن سنڌ پاڪستان جي علمي ۽ ادبي ادارن ۾ نوڪريون ڪيون انهيءَ حيثيت ۾ دنيا جي ملڪن جا دورا ڪيا. جيئن ته، مختلف هنڌن ماڳن مڪانن تي گھميل منظرن ۽ ملڪن شهرن جون ذڪر ڪري آيو آهيان. هاڻ هن ئي عنوان ۾ غلام رباني آگري جي سفر نامن جو ذڪر ڪبو ته غلام رباني آگري سفر نامي جي صنف ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪهڙي انداز سان پاڻ مڃرايو آهي ۽ غلام رباني آگري جا تمام مختصر سفرناما آهن، اهي سڀئي سفرناما جنهن جو تعداد اٺ آهي. اهي اٺ ئي سفرناما هڪڙي ئي ڪتاب هنگلاج ۾ چانهه مجموعي ۾ شامل ڪيل آهن. هن ڪتاب کي محترم الطاف آگري صاحب  ۽ نصير مرزا سهيڙيو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو آگسٽ 2012ع ۾ ڇپيو آهي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو هي ڪتاب شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا  غلام رباني آگرو جي ٻن پٽن عزيزالرحمان مجيب الرحمٰن سندس نياڻي قرة العين ۽ انهن جي والده ماجده  نورجھان جي نالي ٿيل آهي. هن ڪتاب جي شروعات ۾ ٻه اکر محمد قاسم ماڪا ڊئريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جا لکيل آهن. مهاڳ هوائون هنگلاج ڏي. سنڌي ادب جي نالي واري ليکڪا ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي. مذڪوره مختصر سفر نامن جي هنڌن جا نالا هن ريت آهن. هنگلاج ۾ چانهه، بنگلاديش ۾ ڏهه ڏينهن، هندستان ۾ سارڪ سيمينار، ايران اڳي ۽ هاڻي، رني ڪوٽ، سير ۽ سفر چين ولايت جو، چين جو سفر نامو، ڪوهه قاف جون پريون.

           مذڪوره ڪتاب ۾ ڪل 230 صفحا آهن ۽ ان کان پوءِ هنگلاج ۾ چانهه ۾ البم ڏنل آهي. جنهن ۾ غلام رباني آگرو ۽ خضدار جي ڊپٽي ڪمشنر علي رضا، جرمن اسڪالر اينيمري شمل جي هٿن ۾ چانهه  جا ڪپ آهن. هنگلاج جو پوڄاري سندن پويان بيٺل نظر اچي ٿو. رباني جي هن سفر جي ساٿي ڪئرن به بنا ڪوپ جي ويٺل نظراچي ٿي. منهنجي تحقيق جو موضوع تصويرون بيان ڪرڻ ته ڪو نه آهي. پر سفر نامي هن مجموعي جو نالو ئي هنگلاج ۾ چانهه آهي، انڪري هن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجھيم. هن مجموعي ۾ ڪي يادگار تصويرون پڻ ڏنل آهن.

جيئن ته :- هن مجموعي ۾ پهريون سفر نامو آهي.

1-    هنگلاج ۾ چانهه

 

هن سفر نامي ۾ غلام رباني آگري هنگلاج ياترا جي تاريخ بابت ڪجھ حوالا به ڏنا آهن ته قديم زماني ۾ السند والهند هندي ۽ انگريزي ڪتابن ۾ ان جو ذڪر اذڪار هنگلاج ناني جي نالي سان ملي ٿو.(27)  غلام رباني لکي ٿو ته: ڀلارو ڀٽائي جوڳين ۽ سنياسين جي سنگت ۾ ٻه دفعا هنگلاج ياترا تي ويو هو. رباني هن سفرنامي بابت لکي ٿو ته ويهه پنجويهه سال ورهيه ڪن تي پڙلاءُ پيو ته هنگلاج هلڻ لاءِ هڪ قافلو تيار ٿيو آهي. جنهن ۾ سنڌي زبان جو وڏو عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس دوست (مرحوم) محمد اسماعيل نون ۽ ٻيا ڪي ساٿي شامل آهن. اها ڳالهه ٻڌي اندر ۾ ڏاڍا اڌما ٿيا  ته جيڪر ان قافلي ۾ شامل ٿجي… غريباڻي حال کي ڏسي هنگلاج ڏسڻ جي حسرت بهر صورت دل ۾ رهي. قرآن ڪريم ۾ خداوند ڪريم جون جيڪي صفتون بيان ٿيل آهن تن ۾ هڪ اها به آهي ته هو ظاهر  ۽ لڪل (غيب) جو ڄاڻندڙ آهي. …… ويهه پنجويهه ورهيه اڳ مونکي اهو خواب خيال ڪونه هو ته الله هڪ ڏينهن اهڙو آڻيندو جو مان هنگلاج هن طرح ڏسڻ ويندس.(28)  جيپ بدران هيليڪاپٽر ۾ سوار ٿي وڃي هوا مان هيٺ لهندس! جيئن ٿي پير پٽ تي رکندس ته فوج جا جوان مون کي سلامي ڏيندا ۽ هنگلاج جي ويراني ۾ گلم غاليچا وڇايا ويندا.(29) صدر پاڪستان وٽان مون وٽ اڪادمي اديبات پاڪستان جي آفيس ۾ هدايتون پهتيون ته ڊاڪٽر شمل ملڪ جي قابل قدر علمي خدمت ڪئي آهي، هؤ جڏهن دوري تي اچي ته سندس خاص خيال رکيو وڃي ۽ ميزباني جا فرائض اڪادمي اديبات پاڪستان سر انجام ڏئي. مون ڊاڪٽر شمل کي خط لکي پڇيو ته گھمڻ لاءِ ڪاڏي هلڻو آهي؟ پنهنجي طرفان کيس سڪردو هلڻ جي صلاح ڏنم جتي سنڌو درياءُ پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو. ڊاڪٽر شمل واديءَ ڪاغان ۾ سيف الملوڪ ڍنڍ ڏسڻ جو شوق ڏيکاريو.(30)  سڪردو وڃڻ لاءِ هيليڪاپٽر بدران بوئنگ جھاز جي سواريءَ کي ترجيع ڏني رهائش لاءِ شنگريلا هوٽل ۾ انتظام ٿيو. جنهن جي اشتهار ۾ دعوى ڪئي هئي ته هي هوٽل ڌرتيءَ تي بهشت جون سڪون ٿي لاهي.(31)

غلام رباني هن سفر نامي ۾ سٺي منظر ڪشي ۽ اتان جي ماڻهن جي زندگي گذارڻ جي اصولن تي سٺي نموني لکيو آهي. لسٻيلي لهڻ کان اڳ خضدار ۾ لٿاسين جو هيليڪاپٽر جي عملي کي اتي تيل ڀرائڻو هو. ايئر پورٽ اڃان زير تعمير هو. خضدار جو نوجوان ڊپٽي ڪمشنر اسان جي استقبال لاءِ اتي موجود هو.شهر جا معزز ماڻهو اسان جي استقبال لاءِ موجود هئا. چاءِ پيتيسون، رابعه خضداريءَ جو قصو نڪتو جا ٽينءَ چوٿيءَ صديءَ جي عربي زبان جي وڏي شاعره هئي. پنهنجي نوڪر سان رومانس ڪيو هئائين. ڀاڻس ان ڪري کيس ماري ڇڏيو سندس دوست وري ڀاڻس کي ماري ڇڏيو. هاڻي ته ڪنهن جي قبر جو نشان ڪونهي.(32)  هن سفر نامي ۾ رباني لسٻيلي جي سگھڙن ۽ ڳائڻن لوڪ ناچن جي ڊپٽي ڪمشنر طرفان انتظام جو ذڪر ڪيو ته شمل، ڪئرن ۽ مان اتان جي ڊپٽي ڪمشنر علي رضا سان گڏ هڪ شامياني ۾ اچي ويٺاسين جتي (100) سو کن ماڻهو اسان جا منتظر هئا. هو سنڌي ، بلوچي ۽ مڪراني ڳالهائي رهيا هئا. اسان جي پهچڻ سان راڳ ۽ ناچ شروع ٿيا. راڳ جا ٻول گھڻو ڪري بلوچي يا مڪراني هئا. البت زالن جي ڳيچن ۽ سهرن جي لئه، لب ولهجي ۾ سنڌي جھلڪ نمايا هئي. مقامي هندو فنڪارن جيڪو ڏانڊ يا ناچ ڏيکاريو اهڙو ساڳيو ناچ مان ويهارو ورهيه اڳ شڪارپور ۾ ڏسي  چڪو هوس. البت شيدين جو مگرما ناچ جنهن جو نالو سنڌي ادبي بورڊ جي فائيلن ۾ پڙهيو هو، سو پهريون ڀيرو لسٻيلي ۾ ڏٺم.(33) هتي غلام رباني، سنڌ جي ثقافت جو منظر ۽ بلوچستان جي منظر ۾ هڪجھڙائي ڏيکاري آهي. هن سفر نامي ۾ شيرين فرهاد جي قبر ڏسڻ جو ذڪر ڪيو آهي، تربت ۽ گوادر ويندڙ رستي جبل ۾ داخل ٿيڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، شاهراهه ريشم قراقرم هماليه جبل پاڻ ۾ ملن ٿا. شاهراهه ريشم جي هڪ طرف جتي سنڌو درياهه جي ڪڙڪي ڪرڻ جو ذڪر ملي ٿو. رباني لکيو آهي ته: “مون کي ايئن سمجهه ۾ آيو ته پراڻي دور ۾ ايران ۽ ڪيچ مڪران کان ايندڙ واپارين قافلن کان شيرين فرهاد جو قصو ٻڌي ڪنهن شخص اها مصنوعي قبر ٺاهي آهي.(34)

هنگلاج جي تاريخ جون خبرون چارون هن ريت بيان ڪري ٿو ته: ستت هڪ پنڊت لس ٻيلي جي هندن سان گڏ آيو. مون کانئن هنگلاج جي تاريخ بابت سوال ڪيا، رباني لکي ٿو ته: ڏند ڪٿائن کان وڌيڪ ڪجهه به معلوم نه هو، البت پنڊت کي سنسڪرت ۾ ڪي اهڙا ڀڄن ياد هئا، جي ياتري هنگلاج ۾ پڙهندا آهن. ربانيءَ جو هي سفرنامو بهترين نموني لکيل ۽ بيان ڪيل آهي،. اٺن تي هنگلاج ياترا ڏانهن وڃڻ ۽ ڊاڪٽر شمل جڏهن اُٺ تي چڙهي ٿي ته ڪو به ڀولو ڀؤڪونه ٿو ٿئيساٺ جيئن ئي لوڏو ڏئي اٿيو ته پهرين سٽ ۾ ربانيءَ جا پگھر نڪري وڃن ٿا.(35)

واٽ تي ڇپ پئي هئي، جت چيو سائين هيگڻيش آهي، مون مٿس نگاهه ڪئي  ايئن محسوس ڪيم ته غالباً انساني ذهن جو هڪ مسئلو اهو به آهي ته هي هو بي معنى شين ۾ معنيٰ ڳولي ٿو۽مفروضن جي بنياد تي عقيدا قائم ڪري پاڻ کي ڏچي ۾ وجھي ٿو.(36)

ڏچي ۾ وجھڻ هڪ سوالي ڳالهه آهي، ڪٿي ائين ته ناهي ڪٿي نه ڪٿي انسان پنهنجي تسڪين جي لاءِ ايئن به ڪيو هجيآسا پوري کان اڳتي اٺن جي هلڻ جي واٽ ڪانه هئي. باقي سفر اسان کي پيادل ڪرڻو هواڳتي وڌنڌا رهياسين هڪ هنڌ ننڍي غار جي منهن تي رت جا نشان هئا. چيائون ته ياتري اتي ٻڪري قربان ڪندا آهن، ان غار کي ڪالي ماتا جي غار ڪوٺبو آهي، سنڌ جي ممتاز عالم دين مولانا غلام مصطفى قاسميءَ مون کي ٻڌايو هو ته اڄ کان هزارين ورهيه اڳ هنگلاج تي حج ٿيندو هو ۽ زالون ۽ مرد طواف ڪندا هئا. مون ڏي هنگلاج جي ياترين کي گيڙو لباس ڏسي ياد آيو ته مير عبدالحسين خان سانگيءَ لطائف لطيفيءَ ۾ لکيو آهي ته ڪجھ وقت ڀٽائي صاحب پڻ سناسين جي سنگت ڪري گيڙو ڪفني پائيندو هو. رباني لکي ٿو ته اسان جا حاجي سڳورا پڻ حج جو مخصوص سفيد احرام ٻڌندا آهن. هاڻي ٻڪر جي قرباني جو ٻڌي حج جي رسم ياد آئي.(37)

پنج پندرنهن ٻيون وکون کنيوسين پاڻيءَ جو تلاءُ نظر آيو. جنهن جي پٺيان هڪ چڱي ”وڏيٽڙي“ غار هئي. جنهن ۾ هڪ پوڄاري پلٿي ماريون ويٺو هو. هنگلاج ۾ ڪنهن مندر يا مڙهي جو نالو نشان ڪونه هو. .

پوڄاري گورڌن ٿرپارڪر ضلعي چيلهار جو ويٺل هو سندس اڳيان ڪي پراڻا پستڪ رکيل هئا، جن لاءِ چيائين ته هندي ۽ سنسڪرت ۾ آهن. انهن پستڪن ۾ هنگول ديويءَ جي ساراهه جا ڀڄن آهن. پڙهي اسان کي مطلب سمجهايو……

هنگلاج لاءِ چيائين ته هي متبرڪ مقام آهي. هتي سري رامچندر، گروگورکناٿ، گرو نانڪ آيا هئا. ڀلاري ڀٽ ڌڻي پنهنجا پير گھمايا هئا، ديوتا عبادت ڪندا هئا.

هن سفر نامي لکڻ جو مطلب ڏنو آهي، ته هنگلاج اهو هنڌ آهي، جتي ايامن کان وٺي اهل دل انسانن پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ لاءِ ايندا رهندا آهن پر رباني ڪجھ فلسفي ڳالهيون پڻ هن سفرنامي ۾ بيان ڪيون آهن. مختصر ۽ چند مثالن ذريعي هن سفر نامي کي پڙهندڙ آڏو پيش ڪيو آهي.

چيتن گارگ ونشي پنهنجي مضمون هنگلاج تيرٿ ياترا ۽ نانيءَ جو ميلو لکيو آهي، ته جبل کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ پٿر تي هنگلاج ماتا جي مور تي اُڪريل اڄ به نظر اچي ٿي. هنگلاج ديويءَ جو آستان کان اڌ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي اڌ وچ ۾ڪٽيل جبل اندر ڪالي ماتا جو مندر آهي.” (38)   

جڏهن رباني لکي ٿو ته پاڻيءَ جو اتي تلاءُ نظر آيو جنهن جي پٺيان هڪ چڱي وڏيٽڙي غار هئي. جنهن م هڪ پوڄاري پلٿي ماريو ويٺو هو. هنگلاج ۾ ڪنهن به مندر يا مڙهي جو نالو نشان ڪونه هو، شايد غلام رباني آگرو اهو مندر نه ڏٺو هجي.

2.    بنگلاديش ۾ ڏهه ڏينهن

 

هي غلام رباني آگري جي سفر نامي ”هنگلاج ۾ چانھ“، جي مجموعي ۾ٻيو نمبر سفر نامو آهي. جڏهن ڍاڪا ۾ ايشيا جي ملڪن جي شعري و شاعري ۽ ادب بابت پاڪستان سرڪار کي دعوتناما موڪليا هئا ته اوهان پنهنجو وفد موڪليو. ان وقت حڪومت پاڪستان غلام رباني آگري  کي وفد جو اڳواڻ ڪري موڪليو هو. جشن ڍاڪا لاءِ پاڪستان، هندستان، نيپال، سريلنڪا، ايران، ترڪي ۽ ڪوريا ملڪن جا وفد به شامل ٿيا. ڍاڪا ۾ ادبي اجلاسن ۾ مختلف ٻولين جي  اديبن پنهنجا ادبي پيپر پڙهيا هئا، انهيءَ اجلاسن جو ذڪر هن سفر نامي ۾ ملي ٿو. غلام رباني لکي ٿو ته: هڪ ڏينهن صبح جو ادبي اجلاس جي وقفي ۾ بنگلاديش جي صدر جنرل ارشاد، سمورن مندوبين Delegates جي مان ۾ پارٽي ڏني. جڏهن سڀ مهمان چاءِ تي  ڳالهه ٻولهه ۾ مشغول هئا ته هن پنهنجي يارهن ٻارهن سالن جي پٽ کي آڱر سان اشارو ڪري چيو ته هو مهمان پاڪستان مان آيل اٿئي ساڻس وڃي مل. مون کي پاڪستاني لباس پيل هو، سو ان ڳالهه تي حيرت ڪانه ٿيم ته جنرل ارشاد کي ڪيئن خبر پئي مان پاڪستاني آهيان، پر سوچڻ لڳس ته سمورن مهمان جي وچ ۾ هن پنهنجي پٽ کي رڳو مون سان ملڻ لاءِ ڇو چيو؟ اوچتو منهنجي اکين اڳيان هڪ تيز رفتار فلم وانگر پاڪستان جي ٺهڻ ۽ اوڀر پاڪستان جي جدا ٿيڻ جا منظر لحظي ۾ لنگھي ويا ۽ شدت سان احساس ٿيم ته مار! مان هت ڪو سئر ۽ تفريح ڪرڻ ڪونه آهيان، پر عظيم اجتماع ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ آيو آهيان. جنرل ارشاد جو نينگر مون تائين پهچي ئي پهچي تنهن کان اڳ مان تڪڙو تڪڙو ڏانهنس وڌيس ۽ کيس مٿي تي هٿ گھمائي دعا ڪري وڃي جنرل ارشاد سان مصافحو ڪيم. جنرل ارشاد نهايت سٻاجھي لهجي انگريزيءَ ۾ پڇيو ته رهائش ۾ ڪا تڪليف ته ڪانهي؟ مون سندس شڪريو ادا ڪيو.(39) پروفيسر علي حسن غلام رباني آگري کي هڪڙي ڳالهه ٻڌائي هئي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ملڪ جو وزيراعظم پنهنجي بيگم سان گڏ اوڀر پاڪستان جي دوري تي آيو. پاڻ ڪنهن دعوت ۾ ويو ته پٺيان ڍاڪا جي وڏ گھراڻين خواتين اڌ گول ۾ ڪرسيون وجھي-  ويٺيون هيون، جڏهن بيگم صاحبه گارڊن پارٽيءَ ۾ پهتي ۽ پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺي تڏهن سڄي کٻي نهاري نرڙ ۾ گھنج وجهي چيائين ته اوهان هي هندوانه لباس ڇو پاتو؟ غرارو ڇو نه ٿيون پايو؟

اهو ٻڌي هڪ نوجوان بنگالي خاتون جوش ۾ اچي وئي ۽ اٿي بيٺي تيزيءَ سان چيائين ته بيگم بيبي عائشيه به غرارو پائيندي هئي؟.“(40)

پاڪستاني سفارتخاني، پروفيسر علي حسن جي ميزباني، بنگلا ايڪيڊمي، ڍاڪا شيرين هوٽل، چاٽگام کان ڪاڪس بازار جو سفر ۽ هڪڙي اهم ڳالهه رباني لکي ٿو ته: ”بنگلاديش ۽ برما جي سرحد تي ڪي اهڙا قبيلا به آهن، جن ۾ عورت کي اهو درجو مليل آهي، جيڪو اسان وٽ مرد کي مليل آهي، جنهن مارڪيٽ غلام رباني پنهنجي وڃڻ جو ذڪر ڪري ٿو ته هي مارڪيٽ انهن ئي قبيلن جي عورتن جو آهي انهن قبيلن ۾ روزگار جا سڀ ڪم مثلاً واپار، نوڪري ۽ کيتي ٻاڙي عورت ڪري مرد گھر ۾ ماني پچائي. ڇنڊ فوڪ ڪري ۽ ٻار سنڀالي. زال ڪاوڙجيس ته هٿ مان ڏوئي کسي نڙڙ ۾ ٺڪاءُ ڪرائيس ته، بد افعالا، اڄ ٻوڙ ۾ لوڻ گهڻو وڌو اٿئي.

              ڪا ڌاري زال گھر ۾ اچي ته مرد ڊوڙي  وڃي پردو ڪري ڇو ته  ڪي زالون لٺ باٺي ۽ بندوق جي زور تي ٻين عورتن جا خوبصورت مرد اغوا ڪري وينديون آهن ڳالهه جو نبيرو عورتن جي جرڳي ۾ ٿيندو آهي.(41)  هن سفرنامي ۾ ايئن محسوس پيو ٿئي رباني ڄڻ ته ڪنهن پراڻي دور جي قصن جي ڪردارن جي ڳالهه پيو ڪري پر هن سفرنامي ۾ سچا پچا حقائق بيان ڪيل اٿس. جيئن ته الطاف جي ڪنهن سفر نامي ۾ پڙهيو هيم ته انهي ملڪ جا ڳيرا ايترا وڏا آهن جيئن اسان وٽ جيتريون ڳجھون آهن ايترا  وڏا آهن. هن سفر نامي  ۾ اتان جي ريتن رسمن ۽ تاريخ جي حقيقتن جي خبر پوي ٿي.

 

3.    هندستان ۾ سارڪ ڪانفرنس

غلام رباني آگرو جي سفرنامن ۾ هن سفر نامي ۾ جيڪا منظر ڪشي ۽ هندستان جي تاريخي ماڳن مڪانن جو ذڪر دل کي لڀائيندڙ آهي. غلام رباني هن سفر نامي ۾ پنهنجي شروعاتي تعليم جو ذڪر ڪري ٿو ته: “جڏهن انگزير هندستان ڇڏي ويا ته مان تيرهن سالن جو هئس ۽ ٽيون درجو انگريزي پڙهندو هئس. ان زماني ۾ انگريزي ست درجا پڙهي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻو پوندو هو. اسڪولن ۾ سنڌ جي رنگين تاريخ سان گڏ هندستان جي تاريخ به پڙهائي ويندي هئي. سو شاگردن کي مغل بادشاهن جي ٺهرايل عاليشان عمارتن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. خاص ڪري دهليءَ جو لعل قلعو، ديوان عام، ديوان خاص، جامع مسجد موتي مسجد، قطب مينار، همايون جو مقبرو  ۽ آگري ۾ تاج محل ته ننڍپڻ ۾ اسان جو خواب هو.(42) هي 1984ع جي ڳالهه ته دهليءَ ۾ پاڪستاني سفارتخاني مان گهر ٿي هئي ته ڪلڪتي ۾ سارڪ ملڪن ۾ جو سيمينار آهي. پاڪستاني وفد موڪليو وڃي، انهيءَ وفد جي سرواڻي غلام رباني آگري ڪئي. هن سفر نامي  ۾ غلام رباني هند جي تاريخ خصوصاً تاج محل بابت، پنهنجي سوانح حيات، الڙپائي جا قصا، ڀارت جي اديبن جي بي وفائي، اهڙي ڳالهه اسان جي پاڙيسري محمد پناهه ڦرڙو به ذڪر ڪندو آهي ته واقعي اتي بي وفائي جي بوءِ نظر ايندي آهي. رباني جي هن سفرنامي ۾ هند جي شعرن جي جاگرافي جاگرافيائي پوزيشن، ڪن تحريرن بابت، ون يونٽ بابت، ادبي مشاهيرن  ۽ سنگيتن بابت، مکيه ڏسڻ جڙيون جايون- تيمورن جي ڪوس بابت، مغلن جي زواليت جا ڪارڻ بيان ڪيل آهن. ڊاڪٽر فهميده حسين هن سفرنامي بابت لکي ٿي ته: هندستان جي سفر نامي دوران حاصل ٿيل تجربن مان به ڪي مون کي بلڪل پنهنجن تجربن جھڙا لڳا، جيئن رباني صاحب مهيندر سنگھ بيديءَ جي وهنوار ۽ رويي جو احوال لکيو آهي، بلڪل اهڙو ئي وهنوار مون کي 2008ع ۾ دهليءَ جي ڪن سنڌي اديبن ۽ اديبائن جو نظر آيو جن سان هتي وي.آئي.پي  ورتاءُ ٿيندو آهي ۽ اتي هنن اسان کي کنگھيو به ڪونه! سو اهي زندگي جا تلخ تجربا ۽ مشاهدا جتي گھڻو ڪجھ سيکاريندا آهن. اتي احساس دلين ۾ ڏک جي هڪڙي ننڍڙي ڇيت به ڇڏي ويندا آهن، جيڪا هر هر پئي ڏکندي آهي.(43)  غلام رباني جو هي سفر نامو گھڻي اهميت رکي ٿو جيڪو هميشه ياد رهندو.   

4- ايران اڳي ۽ هاڻي

غلام رباني آگري جي هڪ ئي تصنيف “هنگلاج ۾ چانھ” ۾ سفر نامو مختصر هوندي به وڏي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ غلام رباني آگري هن سفر نامي ايران مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالات کي قلبند ڪري اتان جي انقلاب کي روس اشتراڪي انقلاب، ان کان اڳ يورپ جي صنعتي انقلاب ۽ فرينچ انقلاب ۽ انهن انقلابن کان اڳ اسلامي انقلاب بابت ڳالهيون ڪيون آهن تنهن کان ايران جي انقلاب کان ويندي ان جي زوال ۽ ترقي بابت معلومات ڏني آهي. هن اڳ کان ۾، غلام رباني آگرو سن 1977ع، ۾ به، ايران گهمي آيو هو، ان وقت جا حالات ۽ ويهن کان پوءِ، جڏهن ايران ويا ته، هرهڪ شيءِ ۾ تبديلي ڏسي اتان جي عوام ۽ حڪمرانن جي عملي حڪمت کي ساراهيو آهي. غلام رباني آگرو لکي ٿو ته: ايران هڪ عظيم ملڪ آهي. اڄڪلھ عظيم ملڪ ته آمريڪا  آهي، پر تاريخي لحاظ کان ايران جو تحزيبي سرمايو ان کان گهڻو وڌيڪ آهي. شخصيتن، قومن، قبيلن، ملڪن ۽ تهذيبن جي عظمت جي پرک تاريخ جي ورقن سان ٿيندي آهي.(44)  غلام رباني آگري پنهنجي سفرنامن ۾ هر طرح جي معلومات پڙهندڙن تائين پهچائي تن جي علم ۾، هر طرح اضافي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري وڌيڪ لکي ٿو ته: اسلامي انقلاب کان اڳ به ايران هڪ مهذب ۽ تمدن وارو ملڪ هو، پر هفت اقليم  SUPER-POWER)) هو. آمريڪا، انهيءَ زماني ۾، نيم- مهذب ماڻهن جو پٺتي پيل ملڪ هو.(45) غلام رباني رباني آگري پنهنجي سفر نامي ۾ مختلف ملڪن جي انقلابن حالتن ۽ سياسي ۽ صنعتي ترقي جو ذڪر ڪيو آهي، اُتي لکي ٿو ته: چون ٿا ته، ڪو پاڪستاني وَفدُ، چين جي اڳواڻ چيئرمئن مائوءَ سان مليو هو. ملڪن ۽ معاشرن ۾ عام خرابين جو ذڪر نڪتو، ته وفد مان ڪنهن شخص چيو ته: اسلامي تعليم تي عمل ڪرڻ سان معاشري جون مڙئي خرابيون دور ٿي وڃن ٿيون.“

چيئرمين مائوءَ جواب ۾ چيس تون پوءِ دنيا ۾ هيترا سارا مسلمان ملڪ آهن ٻڌايو ته ڪهڙي ملڪ اسلامي تعليم تي عمل ڪري رهيو آهي.(46)  ايران جو قديم تختگاهه، تخت جمشيد (پرسي پولس) جنهن کي سڪندر بادشاهه دارا کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ ساڙائي ڇڏيو هو. تخت جمشيد جا فلڪ بوس پٿر جا منارا هزارن سالن گذرڻ کانپوءِ به اڃا صحيح ۽ سالم بيٺا آهن.(47) ايران جي ماضيءَ تي رباني لکيو آهي ته: ماڻهن ۾ مذهبي بيگانگي ۽ عياشي چوٽ چڙهيل هئي. شراب، رشوت ۽ حرام ڪاري عام هئي، مٿئين طبقي ۾ چرس، آفيم ۽ ٻين نشيدار شين جو واهپو وڌي ويو هو. شاهه جي عياشين ۽ ڀيڻس (شهزادي اشرف پهلويءَ) جي فرعونيت جا داستان عام هئا.(48) هن سفر نامي ۾، پروفيسر حجاريءَ جو حوالو ڏنو ويو آهي ته، لاهور جي دن اخبار ۾، 18 جون 98ع تي ايران جي دوري بابت، پنهنجي تاثراتي مضمون ۾ لکيو آهي، جنهن جو هت اردو مان سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو: ”جناب غلام رباني آگرو کي پاڪستان جا سمورا اديب ۽ شاعر بلڪ تمام گهڻا ماڻهو سڃاڻن ٿا. هُو شاھ ايران جي حال احوال کان به واقفڪار هو ۽ مختلف دورن ۾ پاڪستانين جي بابت ايرانين جي راءِ جي صورتحال کان به واقف هو.(49)

ايرانين ۾ ترڪن جو رت شامل آهي، ترڪ ۽ ايراني نسل جا ماڻهو عام طرح خوبصورت ٿين ٿا، سندن وصف پيشاني، ڀرون، اکيون، نڪ، چپ ۽ ڳل ڏاڍا سهڻا ٿين ٿا.(50) رباني هر شهر لاءِ سٺو لکيو آهي، ان شهر ۾ جھڙوڪر عڪس ڪڍيو اٿس ته، تهران جي پنهنجي سونهن آهي، پر، مشهد وڌيڪ سهڻو شهر آهي، چئو طرف ساوڪ، وڻڪار ۽ وڻندڙ نظارا اٿس، امام علي رضا جو روضو پري کان پڌرو آهي، انسان وٽ اڪثر روضن  ٽي ڳالهيون ڪثرت سان نظر اينديون آهن فقير، ڪتا ۽ مکيون پر سڄي مشهد شهر ۾ اسان کي گداگر ۽ ڪتو نظر ڪو نه آيو. ته وري کاڌي پيتي جي نشين تي مکين جا ڀونڀاٽ ٻڌڻ ۾ آيا.(51)  

دنيا ۾ قرآن ڪريم جي ناياب نسخن جو سڀ کان مشهور ڪتب خانو مشهد ۾ آهي.(52) ايران ۾ اسلامي انقلاب کان پوءِ فردوسيءَ جو مجسمو به ڪنهن طرح بچي ويو. سڄو ڀٿر جو آهي ۽ انهيءَ انداز سان ٺهيل آهي، ته فردوسيءَ کي ڊگهو ڪوٽ پيل آهي. مٿي تي دستار اٿس، جنهن جو نمونو سنڌ ۾ دستار ٻڌڻ وارو آهي.(53)  

چين ۾ سن يات سين جو عاليشان مقبرو آهي، سنگمرمر ۾ ٺهيل سندس مجسمو آهي.(54)

         سنڌ چيف ڪورٽ جي اڳيان ڪوي مهاتما گانڌيءَ جو مجسمو هوندو هوڪراچيءَ جي فريئر هال گارڊن ۾ راڻي وڪٽوريا جو هڪ خوبصورت مجسمو هوندو هو.(55) اچو ته رباني سان گڏ، اسان به ايران جي هڪ علمي شهر جي زيارت ڪريون. تهران کان روڊ رستي ٻن ڪلاڪن جو سفر آهي علائقو جابلو آهي. اهڙوئي جھڙو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ آهي.(56) هي سمورو سفرنامو ايران جي تهذيب، تاريخ، ثقافت، ايراني انقلاب کان اڳ ۽ پوءِ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هي سفرنامو ٽماهي مهراڻ 1998ع ۾ به شايع ٿيل آهي ۽ ان کان پوءِ، غلام رباني آگري جي سفر نامي جي ڪتاب هنگلاج ۾ چانهه جي صفحي نمبر 95 کان 144 تائين پکڙيل آهي.

            سندس وڌيڪ تحرير جو لطف هن لکيت ۾ ڏسواها به خبر ڪانهي ته اهو سفر ڇو اختيار ڪيائون؟ زندگيءَ جا آخري ايام بيابان جي هن خيابان ۾ ڇو اچي گذاريائون؟ پنهنجي ناني سائينءَ حضور پيغمبر صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جا متبرڪ ڪک ڪهڙي مجبوري هيٺ ڇڏيائون؟ ليڪن ايترو ته پڌرو پيو آهي. اسان مسلمانن تي ساڻن اهي عقوبتون ڪيون، کين پنهنجن اباڻي ڪکن، ڇڏڻ تي مجبور ڪيوسون، ڪٿي به قرار وٺڻ ڪو نه ڏنوسون، دربدر ڪيوسون، بيبي صاحبه ته ”قم“  ۾ علالت ڪري وفات ڪئي، پر امام علي رضا کي، زهر ڏئي، شهيد ڪيائون جن اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو، تن ۾ ڪير به مجوسي يهودي يا عيسائي ڪونه هو، سڀ جو سڀ سندن ناني سائينءَ ، حضور پيغمبر صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن تي پنج وقت ڪلمو پڙهندڙ مؤمن مسلمان هئا.“(57)  ايران جي سياسي تاريخ:  هن عنوان لاءِ ربانيءَ مسلسل صاف ۽ چٽو لکيو آهي. شاهه ايران جي حڪومت ۾ امام خميني اول گرفتار ٿيو پوءِ نظر بند ٿيو ۽ آّخر ۾ جلاوطن ٿيوامام خميني ئي شاهه جي مخالفن جو هيرو هو. تاريخ پاسو ورايو ته شاهه کي تخت تاج ۽ وطن ڇڏڻو، پيو امام خميني فرانس ۾ جلاوطنيءَ جا ڏينهن پورا ڪري ايران آيو لکين ماڻهن سندن استقبال ڪيو. اقتدار جون واڳون ورتائين ۽ ايران جي مغرب زدهه معاشري ۾ اسلامي انقلاب آندائين.(58) ايران جي تڏهوڪي هلچل جو هيرو، محمد مصدق هو. جيڪو ملڪ وزيراعظم هو. قومي خيالن جو ماڻهو هو ايران جي ڪميونسٽ پارٽي سندس ڇپر ڇانو هئي. مغربي ملڪن ايراني فوج سان سازباز ڪري، شاهه کي واپس ايران آندو ۽ تخت تي ويهارو، شاهه پهريون ڪم اهو ڪيو. جو مصدق کي گرفتار ڪري، تا عمر قيد تنهائي ۾ رکيو جتي هن اُداسائيءَ ۽ اڪيلائيءَ ۾ دم ڏنو.(59)  مصدق کي ختم ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش وجهي، شاهه ايران وڏي آرام سان ملڪ تي حڪومت ڪرڻ لڳو، فوج سان تعلقات پڪا ڪرڻ لاءِ جنرل زاهديءَ جي پٽ کي پنهنجي ڌيءَ پرڻايائين.(60)

مغربي ملڪن جي مشوري سان ساوڪ نالي هڪ جاسوسي تنظيم ٺاهيائين، جيڪا ملڪي سرگرمين تي ڪڙي نظر رکندي هئي. سندس مخالفن کي ڪچلڻ سختي کان ڪم ورتائين ليڪن ساوڪ ڏاڍاين ڪري شاهه جي حڪومت بدنام به ڏاڍي ٿي. عام ماڻهن جو ذهني ڪلچر مذهبي هو شاهه جي پوليس ۽ فوج ڪيترا ڀيرا قم جي مدرسن تي فائرنگ ڪئي.(61)

حڪومت جي باري ۾ رباني جا خيال هن ريت آهن. شاهه ايران ٻين ملڪن جي بد اخلاق حڪمرانن وانگر ايران ۾ ڪرپشن ۽ رشوت کي زور وٺايو شاهه جي وزيرن اميرن ۽ درٻارين جا ڀڀ ڀريا اقتدار جي نشي ڪري هو پنهنجا پير پختا ڪري نه سگھيو ، ذهني توازن قائم رکي نه سگھيو.(62)

اقتدار جو نشو ڏاڍو سخت ٿئي ٿو. شاهه پنجويهه سو سال بادشاهت جي حقيقي جانشين پاڻ کي سمجھڻ لڳو، جنهن لاءِ وڏو جشن ملهايائينجنهن ۾ انگستان جي راڻيءَ سميت دنيا جي گھڻن ئي ملڪن جا سربراهه سڏيائين.(63)

اهڙا شاهاڻا شوق اهڙن ماڻهن کي ڪونه ٿا جڳائين. دنيا جي يهودين ۽ عيسائي حڪمرانن منجھانئن هٿ ڪڍي ڇڏيا، نتيجو اهو نڪتو ته هڪ ڏينهن اوچتو ڌڌڪوٿيو، اعلى حضرت شهنشاهه ايران محمد رضا شاهه پهلوي آريا مهر پٽ تي اچي ڦهڪو ڪيو.(64)

  هينري ڪسنجر چئي ڇڏيو هو ته اسان کي ٽن شخصن کي احسان فراموشيءِ جو سبق سيکارڻو آهي، هڪ ايران جو شاهه ٻيو پاڪستان جو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٽيون لبيا جو معمر قذافي.(65)

غلام رباني آگرو، ايراني ۽ پاڪستان ماحول کي ڪنهن قدر هڪجهڙو سمهجندي ڪچهرين جو ذڪري ٿو ۽ پنهنجي هن سفر نامي ۾ لکي ٿو، ته: قدرت جا نوازيل ڪي ڪي انسانَ، حسن خمينيءَ وانگر، ڪرشمه ساز شخصيت جا مالڪ ٿين ٿا. جڏهن هُو محفل ۾ آيو، ته ڄڻ نُور جي شمع روشن ٿي وئي، ۽ جڏهن اٿي ويو ته:

                      ڦِر چراغُون ۾ روشني نه رهي.(66)  

            هن سفر نامي ۾ غلام رباني آگري ايران جي تاريخي حقيقت کي بيان ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي.  مطلب ته، هر لحاظ هي سفر نامو غلام رباني آگري جي علمي، ادبي ۽ اخلاقي گڻن ۽ مطالعي ۽ ذهانت کي چٽو ڪري ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org