سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مير علي شير قانع ٺٽوي

باب:

صفحو:10 

ڊاڪٽر سيد عبدالحسن شاهه

عرف غلام شبير شاهه شڪرالاهي 

سنڌ ڌرتي علمي طور، شروع کان ئي علم جو مرڪز پئي رهي آهي. هن هر دور ۾ عالمن، فاضلن، شاعرن ۽ اديبن کي جنم ڏنو آهي، جن جي علمي خدمتن جو اعتراف سنڌ هند ته ٺهيو، پر عالم اسلام جا معتبر ادارا ۽ علمي شخصيتون ڪري چڪيون آهن. سنڌ ۾ وري ٺٽي کي خاص اهميت حاصل رهي آهي، جنهن ۾ ماضي بعيد ۾ اهڙن علمي خاندانن جنم ورتو آهي، جن جون علمي خدمتون اهل علم کان مخفي نه آهن. ٺٽي جو اهڙو ئي هڪ خاندان شڪر الاهي سادات  خاندان جي نالي سان  معروف آهي. ان خاندان ۾ به ڪيترائي عالم، فاضل، اديب، شاعر ۽ تاريخدان پئدا ٿيا آهن، جن علمي ۽ ادبي ميدان ۾ پنهنجي ڏاهپ، فهم ۽ فراست آهر، سنڌ جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي.

ذاتي حالات ۽ خاندان:

شڪر الاهي سادات خاندان جي ابتدا، قاضي سيد شڪر الله شيرازي جي سنڌ ۾ آمد کان شروع ٿي. سندن وڏا ايران جي مشهور شهر، ”شيراز“ جي محلي  ”دشتڪ“ ۾ رهندا هئا. پنهنجي وقت جو هي هڪ وڏو عالم ۽ بزرگ انسان پهرين شيراز کان هرات ۽ پوءِ اتان کان سنه 904 هجري ۾ قنڌار آيو. تاريخ طاهري موجب: ان وقت جي سنڌ جي حڪمران شاهه حسن ارغون (جيڪو خود ديندار هو) جي عهد سنه 927 هجري ۾ قنڌار کان ٺٽي آيو. هن سان گڏ ٽي ٻيا بزرگ هر هڪ سيد منبو المعروف شاهه مبين عليھ الرحمة، ٻيو سيد ڪمال عرف شاهه ڪمال عليھ الرحمة، ٽيون سيد عبدالله المعروف عبدالله شاهه اصحابي عليھ الرحمة. اهي چارئي پاڻ ۾ سنگتي هئا ۽ گڏجي ٺٽي پهتا. هن کان سواءِ سندس فرزند مير سيد ظهير الدين پڻ ساڻن گڏ هو. اهي چارئي بزرگ علم ۽ ايقان، دين ۽ ايمان جا روشن چراغ هئا. جن نه فقط ٺٽي شهر کي بلڪ سموري سنڌ کي پنهنجي علم ۽ عمل جي روشني سان منور ڪري ڇڏيو. سندن علم جا ڪرڻا ملتان تائين محسوس ٿيڻ لڳا، جيڪو ان وقت سنڌ پرڳڻي ۾ شامل هو. صديون گذري ويو ن آهن، پر اڄ به سندن مقبرن تي هزارين سلامي، پنهنجن مقصدن جي پورائي لاءِ سلامي ڀريندا رهندا پيا اچن.

شاهه حسن ارغون، سيد شڪر الله شاهه جي علم، فضل، ديني عظمت، بزرگي ۽ وقار کي پيش نظر رکندي، کيس پنهنجي حڪومت جو سڀ کان پهريون ”شيخ الاسلام“ بنائي، سڄي سنڌ جو منصب قضا سندس سپرد ڪيو. يعني ”قاضي القضاة“ (چيف جسٽس) ڪري مقرر ڪيو. سيد صاحب جي عدالت ۽ بي ريائيءَ جا واقعا تاريخ جو حصو آهن. اهڙن واقعن مان شاهه حسن ارغون جو سندن عدالت ۾ جوابدار جي حيثيت ۾ اچڻ ۽ قاضي سيد صاحب جو بي رياءَ ٿي فيصلو ڪرڻ مشهور واقعو آهي.

جيئن ته سيد صاحب انهي منصب لاءِ نهايت موزون ۽ لائق شخص هو، بلڪ ائين کڻي چئجي ته سيد صاحب جي ذات سبب انهي عهدي جو خود شان ۽ مان وڌيو ته بيجا نه ٿيندو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سيد صاحب انهي منصب تان علحدگي اختيار ڪري رياضت ۽ عبادت ۾ لڳي ويو ۽ گوشه نشين ٿي ياد الاهي ۾ پنهنجي حياتي جا ڏينهن پورا ڪيا. قاضي سيد شڪر الله شيرازي جڏهن استعفيٰ ڏني ته پنهنجي پاران، وقت جي حاڪم کي ان وقت جي مشهور عالم ۽ فاضل قاضي محمد اُچيءَ کي اهو منصب حوالي ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جنهن قاضي صاحب کي بکر مان گهرائي انهي عهدي تي مقرر ڪيو. اهو منصب پوءِ هميشه انهي خاندان ۾ رهندا آيو، جنهن جو سلسلو انگريزن جي ابتدائي زماني تائين قائم رهيو. قاضي علي محمد جو وڏو فرزند قاضي غلام علي ثاني عرف قاضي خادم هن وقت انهيءَ گهراڻي جو يادگار ۽ پالڪي نشين آهي. اها پالڪي کين همايون بادشاهه کان عنايت ٿي، جنهن ۾ اڄ به عيدالفطر ڏينهن قاضي محمد اُچيءَ جي خاندان جو چشم و چراغ قاضي غلام علي ثاني، پنهنجن وڏن جي روش موجب پالڪي ۾ سوار ٿي شهر کان ٻاهر مڪليءَ تي موجود وڏي عيدگاهه تي پهچي ٿو ۽ پيش امام کي مصلو (جاءِ نماز) پيش ڪري ٿو جنهن بعد پيش امام نماز جي ابتدا ڪري ٿو.

عيد نماز کان پوءِ قاضي صاحب حسب معمول قاضي سيد شڪر الله شيرازي جي پڳدار (هن خاندان جي آخري عالم فاضل ۽ شاعر) مرحوم مير سيد صابر علي شاهه ’صابر‘ (راقم جو ڏاڏو) جي حويليءَ تي (سندس چوڻ موجب) سيد شڪر الله شيرازي معرفت سندن وڏن کي ”قاضي القضاة“ جي مليل منصب جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ اچي ٿو. اها روايت اڄ ڏينهن تائين هلندي ٿي اچي ۽ قاضي غلام علي ثاني عرف قاضي خادم هن وقت به راقم جي حويليءَ تي اچي ٿو. اتي سندس خاطر تواضع ڪئي وڃي ٿي. شام جو انهي پالڪي ۾ چڙهي نوابي جلوس ۾ شامل ٿي واپس پنهنجي گهر روانو ٿي وڃي ٿو.

خاندان جون علومي خدمتون:

قاضي سيد شڪر الله شيرازي ئي اهو بزرگ آهي، جنهن جي نسل مان، سندس نالي سان ئي منسوب ٺٽي جو مشهور سيد شڪر الاهي سادات خاندان جو سلسلو هليو ۽ تحفة الڪرام مطابق، اها موتين جي لڙي آهي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ ساري آهي. سندس وڏي فرزند مير سيد ظهير الدين عرف مير جادم مان ئي هي خاندان وڌيو ۽ ويجهيو آهي ۽ انهيءَ نالي سان ٺٽي ۾ موجوده محلي ۾ سندس پويان رهن ٿا. (راقم پڻ انهي خاندان جو چشم وچراغ آهي. خاندان جو شجرو ۽ ٻي وراثت هن وٽ موجود آهي.) مير سيد شڪر الله شاهه جي بزرگن جهڙي ريت ايران ۾ علم جو چراغ روشن ڪيو. اهڙي طرح انهن ٺٽي ۾  پهچڻ کان پوءِ به انهي ڏيئي کي اجهامڻ ڪو نه ڏنو . خاندان جو هر فرد ۽ گهراڻي جو هر چشم و چراغ ان ۾ تيل وجهندو ۽ وٽ سوريندو رهيو. ڪم و بيش پوڻا چار سئو ورهيه سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ انهيءَ خاندان جي روحاني ۽ علمي لاٽ سان منور ٿيندي رهي. جيڪو به فرد پيدا ٿيو، سو زماني جو فرد فريد ثابت ٿيو. ڪن شعر و ادب ۽ تصنيف و تاليف کي پنهنجو مشغلو بڻايو ته، ڪن روحاني تعليم پکيڙي ته، ڪن دنيوي علوم جي اشاعت ڪئي. ڪيترن بزرگن نه فقط طريقت ۽ سلوڪ جا رستا روشن ڪيا ته، ڪن ادب کان سواءِ مذهبي علوم ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. جيئن سيد ظهير الدين جادم پرهيزگار ۽ ظاهري طرح درس و تدريس سان منسلڪ هئا، پر باطني طور فقير منش ۽ سلوڪ سان لنئون لڳل هئس. سندس وڏو فرزند سيد شڪر الله ثاني هو، جنهن جو فرزند سيد نظام الدين ثاني، انهي درجي جو باڪمال بزرگ هو، جنهن کي عالمگير بادشاهه، ان وقت جي عالمن مان ”فتاويٰ عالمگيري“ مرتب ڪرڻ لاءِ جيڪو ايڊيٽوريل بورڊ ٺاهيو هو، ان ۾ کيس شريڪ ڪيو. جنهن لاءِ هر لحاظ کان سيد صاحب پاڻ کي اهل ثابت ڪيو. اهڙي طرح سيد شاهه ولي، جيد عالم ۽ هڪ بي مثال انشاءَ پرداز هو ۽ ”تحفة المجالس“ جو مصنف هو ۽ سندس فرزند مير سراج الدين ابو القاسم، صاحب طرز شاعر ۽ تاريخ گوئي ۾ خاص مقام جو مالڪ هو.

ميرعلي شير ’قانع‘ ٺٽوي:

شڪر الاهي خاندان جي هن فرزند، سنڌ جي لافاني ۽ عظيم المرتبت مؤرخ، بيمثال تذڪره نويس ۽ بي بدل شاعر کي سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ هر شخص سڃاڻي. سندس اصل نالو (مقالات الشعراءِ، صفحه 205 مطابق) مير سيد عبداللطيف هو. پاڻ پنهنجي ٻي تصنيف ڪيل مشهور ڪتاب ”تحفة الڪرام“ ۾ پنهنجو خانداني پسمنظر هن طرح بيان ڪيو آهي:

مير علي شير بن سيد عزت الله بن سيد محمد ڪاظم بن سيد محمد مقيم بن سيد ظهير الدين ثاني بن سيد شڪر الله ثاني بن سيد ظهيرالدين جادم اول بن سيد قاضي شڪر الله شيرازي بن سيد وجهه الدين بن سيد نعمت الله بن سيد عرب شاهه بن سيد امير نسيم الدين محمد المعروف مير ميرڪ شاهه بن سيد امير عطاءُ الله جمال الدين محدث بن امير سيد فضل الله المحدث الحسيني الدشتڪي الشيرازي.

مير ’قانع‘ صاحب پنهنجن ٻن بزرگن جو ذڪر تحفة الڪرام، ٻئي جلد ۽ مقالات الشعراء ۾ پنهنجي سوانح حيات جي ضمن ۾ ڪيو آهي. تحفة الڪرام جي ٽئين جلد ۾ قاضي سيد شڪر الله اول کان وٺي پاڻ تائين خاندان جي سنڌي فردن جو ذڪر ڪيو آهي.

پنهنجي ايراني بزرگن جي سلسلي ۾ مير ’قانع‘ جا ماخذ ”تاريخ حبيب السير“، ”هفت اقليم“ ۽ ”مجالس المومنين“ آهن، جن تان هن صاحب پنهنجا خانداني حالات نقل ڪيا آهن.

سندس ولادت سنه 1140هه ۾ ٿي. اهو دور ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومت جو هو. مير صاحب ٻارنهن ورهين جي ڄمار ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو. انهي عمر ۾ اٺ هزار شعرن جو ديوان مرتب ڪيائين، جنهن ۾ شعر جون سڀئي صنفون شامل هيون. انهن شعرن ۾ پنهنجي نالي کي تخلص طور استعمال ڪيائين. پوءِ ڪجهه وقت لاءِ پنهنجو تخلص ’مظهري‘ رکيائين ۽ پوءِ پنهنجو تخلص ’قانع‘ رکيائين، جيڪو آخري دم تائين جاري رهيو. سندس لاڙو اهل تشيعت ڏانهن هو.

مير صاحب جو دور سياسي طرح سان غير مستحڪم هو. بغاوت، خونريزي ۽ ڌارين جي ڪاهن ۽ حملن ڪري تباهي ۽ بربادي جي هولناڪ منظرن ۾ مير صاحب انهي دور ۾ اکيون کوليون، پليو ۽ پروان چڙهيو ۽ تعليم حاصل ڪري علم جي انتهائي اوج تي پهتو. شعر و سخن جو شغل ڪندو رهيو ۽ تصنيف و تاليف کي پنهنجو مقصد بنائي زندگي بسر ڪندو رهيو.

مير صاحب جي غير معمولي شخصيت ۽ بي پناهه صلاحيتن جو هن مان اندازو ٿئي ٿو ته، انهيءَ سموري دور جي سڀني مصيبتن هوندي به سندس قلب جو سڪون ۽ اطمينان غارت نه ٿيو ۽ هن پنهنجي سڄي زندگي تصنيف ۽ تاليف ۾ گذاري ۽ هو برابر لکندو رهيو ۽ هزارن ورقن جو عظيم الشان ادبي ذخيرو سنڌ جي آئيندي نسلن لاءِ ڏيئي ويو.

مير صاحب جي علمي خزاني ۽ سندس تصنيف ڪيل ڪتابن جو، جيڪڏهن ذڪر ڪبو ته هتي پورو ڪتاب گهرجي، هتي اختصار کان ڪم وٺجي ٿو. هن وقت موجوده ڪتابن مان جن جو تعداد 42 بيان ڪيو وڃي ٿو، انهن مان تحفة الڪرام، مقالات الشعراء، مڪلي نامه، اعلان غم، شجره اهلبيت اطهر ۽ معيار سالڪان طريقت مشهور آهن. سندس تصنيفن. مان سندس ٽن پٽن جا نالا ملن ٿا. غلام علي، غلام ولي الله ۽ مير سيد امير علي حسيني.

مير علي شير ’قانع‘ جي خود پنهنجي گهر ۾ ڪيترا اديب مصنف ۽ شاعر پيدا ٿيا. سندس ڀاءُ مير ضياءُ الدين ’ضياءُ‘ پڻ پنهنجي دور جو وڏو شاعر هو. هو وقت جي حاڪم مير ٺاري خان جي دربار جو ”ملڪ الشعراء“ هو. ڪيترن ديوانن جو صاحب ۽ ”مثنوي هير رانجها“ جو مصنف هو. مير مرحوم جو ڀائيٽيو ۽ مير سيد يار محمد جو پٽ مير عظيم الدين ’عظيم‘ ٺٽوي، مير فتح علي خان ٽالپر جي دربار جي شاعرن جو سردار هو. ”فتح نامه سنڌ“ سندس تصنيفن مان هڪ يادگار تصنيف آهي.

مير صاحب جو پٽ مير غلام علي ’مائل‘ مير ڪرم علي خان جي دربار جو شاعر ۽ باڪمال اديب هو. سندس تصنيفن مان ”ديوان مائل“، تذڪره مجمع البلغاءِ“ ۽ ”ڪليات مائل“ مشهور آهن. مير مائل کان پوءِ سندس ٽي پيڙهيون شعر و سخن جو شغل جاري رکنديون آيون. يعني مير مائل جو پٽ مير صابر علي ’سائل‘ ان جو پٽ مير حسين علي ’ضيا‘، هُن جو پٽ مير صابر علي ’صابر‘، جنهن تي شڪر الله شاهه شيرازي جي پڳ هئي. (راقم جو ڏاڏو) سڀ جو سڀ پنهنجي پنهنجي دور جا نالي وارا شاعر ۽ عالم هئا.

سادات شڪر الاهي جي شجري مطابق انهي خاندان جو سلسلو ستين امام حضرت موسيٰ ڪاظم عليھ السلام سان ملي ٿو، جيڪو آخر ۾ ابو البشر حضرت آدم عليھ السلام تائين پهچي ٿو. (اهو شجرو راقم الحروف وٽ هن وقت به ضعيف حالت ۾ موجود آهي).

شڪر الاهي سادات جو موجوده دور:

موجوده وقت ۾ سيد شڪر الاهي موسوي خاندان جو سلسلو خدا جي مهرباني سان وڌي ۽ ويجهي رهيو آهي ۽ قاضي سيد شڪر الله شيرازي جي اولاد جون مختلف شاخون ڦهلجي رهيون آهن. مير سيد صابر علي شاهه ’صابر‘ جنهن تي خاندان جي پڳ هئي- کي جيڪو اولاد هو- ان مان مير سيد حسين علي شاهه المعروف سيد آگو شاهه (جيڪو راقم جو چاچو ٿئي) جي انتقال بعد سندس ننڍي ڀاءُ مير سيد نواز علي شاهه المعروف حاجي قربان علي شاهه وٽ اها وراثت رهي. مير سيد حسين علي شاهه سندس وڏو فرزند هو. هن وقت مرحوم سيد محبوب علي شاهه جو وڏو فرزند سيد معشوق علي شاهه آهي.(جيڪو راقم جو ڀاڻيج پڻ آهي) جنهن کي خانداني مريد حوالي ڪيا ويا آهن. جڏهن ته باقي وراثت راقم وٽ آهي، جيڪا کيس پنهنجي والد مرحوم الحاج سيد قربان علي شاهه کان ملي آهي. (جنهن ۾ خاندان جو شجرو ۽ تلوار ۽ ٻيا هٿيار پڻ شامل آهن.)

خاندان جو بزرگ ۽ راقم جو ڏاڏو مرحوم مير سيد صابر علي شاهه ’صابر‘ جيڪو سيد شڪرالله شاهه جي پڳ جو وارث پڻ هو، هن خاندان منجهان آخري شاعر ۽ عالم هو، جنهن جي انتقال کي 55 سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي. هن خاندان جي ماضي قريب ۾ گذريل هڪ سياسي شخصيت جو ذڪر ڪرڻ پڻ ضروري ٿو سمجهان، جنهن پڻ پنهنجي دور ۾ نهايت شايان شان طريقي سان وقت گذاريو ۽ مشهور ۽ وڏو زميندار پڻ هيو جنهن جو نالو مير سيد جان علي شاهه آهي، جيڪو سيد نجف علي شاهه جو برادر هيو. هتي اهو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته، شڪر الاهي خاندان جي علمي، ادبي حيثيت جي مڃتا طور هر دور جي حڪمرانن طرفان هن خاندان کي وظيفا جاري رهندا رهيا، جيڪو سلسلو پاڪستان ٺهڻ بعد ايوب خان جي دور حڪومت تائين جاري رهيو. ايستائين جو لوڪل گورنمينٽ ۾ پڻ ٻه سيٽون هن خاندان لاءِ مخصوص هيون. 1905ع جي هڪ رپورٽ مطابق ڪراچي ضلعي جي ڪمشنر جي دربار ۾ هن خاندان جي ٻن بزرگن سيد صابر علي شاهه ’صابر‘ ۽ سيد نجف علي شاهه جن لاءِ ٻه سيٽون مخصوص هيون.

مٿئين رپورٽ مطابق سر برٽل فريئر (جنهن جي نالي سان ڪراچي جو فريئر روڊ آهي) کي هن خاندان جي علمي و ادبي خدمتن جو وڏو اعتراف هو ۽ راقم جي ڏاڏي سيد صابر علي ’صابر‘ جي والد مير سيد حسين علي شاهه اول کي خاندان جي قدر شناسي ڪندي، سروليم ميري ويدر (جنهن جي نالي اڄ به ڪراچي ۾ ميري ويدر ٽاور موجود آهي) هڪ تلوار عنايت فرمائي، جيڪا راقم وٽ موجود آهي. مير سيد نجف علي شاهه شڪر الاهي جو والد مير سيد لطف علي شاهه وقت جو مشهور ڏاهو ۽ ”تحفة الباصرين“ جو مصنف هو. مٿيان ٻئي بزرگ فرسٽ ڪلاس يوميه دار هئا. مير علي شير ’قانع‘ ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين اديبن ۽ شاعرن جو علمي ادبي (قلمي ذخيرو) مير حسين علي شاهه المعروف سيد آگو شاهه (راقم جو چاچو) ان وقت جي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويو (جيڪو حيات آهي) جي حوالي ڪيو،  جو ذخيرو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو جي لائبريري ۾ موجود آهي. ڪجهه ڪتاب ۽ مواد لاهور ميوزيم ۾ ۽ مولوي محمد شفيع لاهور واري جي ذاتي ڪتبخاني ۽ ڪجهه مواد برٽش ميوزيم لنڊن ۾ موجود آهي. مير علي شير ’قانع‘ پاڻ کان وٺي قاضي سيد شڪر الله شيرازي ۽ مٿي تائين پنهنجن بزرگن جو ذڪر ۽ شجرو ”تحفة الڪرام“ ۾ ڄاڻايو آهي. هتي مير سيد شڪر الله ۽ مير علي شير ’قانع‘ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سندس اولاد جيڪي وارث ۽ پڳدار رهيا ۽ رهيا آهن جو مختصر شجرو هيٺ درج ڪجي ٿو:

ڊاڪٽر سيد عبدالحسين شاهه عرف غلام شبير شاهه (راقم) بن مير الحاج سيد قربان علي شاهه عرف سيد نواز علي شاهه بن مير سيد صابر علي شاهه“ بن مير سيد حسين علي شاهه ’ضيا‘ بن مير سيد صابر علي شاهه ’سائل‘ بن مير سيد غلام علي شاهه ’مائل‘ بن مير سيد علي شير ’قانع‘ (ولادت 1140، وفات 1203هه) بن مير سيد عزت الله شاهه بن مير سيد محمد ڪاظم شاهه بن مير سيد محمد مقيم شاهه بن مير سيد ظهير الدين شاهه ”ثاني“ بن مير سيد شڪر الله شاهه ”ثاني“ بن مير سيد ظهير الدين شاهه اول ”جادم“ بن مير سيد قاضي شڪرالله شاهه شيرازي وارد در ٺٽه 927هه ۽ متوفي سنه 948 هجري.

مٿي فقط انهن بزرگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي پڳ جا وارث رهيا آهن. جڏهن ته سيد شڪر الله شيرازي جي اولاد جي ٻين شاخن جو ذڪر طوالت سبب نه ڪري سگهيو آهيان. موجوده وقت ۾ هن خاندان جي هڪ ٻي شاخ جو چشم و چراغ سيد غلام مرتضيٰ شاهه المعروف سيد اظهر شاهه تعليم ۽ تدريس جي طرف راغب آهي ۽ شڪر الاهي محلي ۾ ئي هڪ شاندار ۽ بهترين تعليمي ادارو ”پرفيڪٽ اسڪول سسٽم ٺٽو “ جي نالي تي قائم ڪيو اٿس. سندس منشا آهي ته هن اسڪول کي علمي ۽ ادبي مرڪز بنائي سگهي، جيڪو اڳتي هلي هن خاندان جي علمي ميراث جو وارث بنجي. سيد غلام مرتضيٰ شاهه عرف سيد اظهر شاهه (ائڊمنسٽريٽر پرفيڪٽ اسڪول سسٽم ٺٽو) جو شجرو هن ريت آهي: مير سيد غلام مرتضيٰ شاهه عرف سيد اظهر شاهه بن مير سيد احسان علي شاهه بن ميرسيد خير علي شاهه بن مير سيد احسان علي شاهه بن مير سيد نياز حسين شاهه بن مير سيد قربان علي شاهه بن مير سيد ڪريم الدين شاهه بن مير سيد يار محمد شاهه (ميرعلي شير ’قانع‘ جو ننڍو ڀاءُ) بن مير سيد عزت الله شاهه (مير علي شير ’قانع‘ جو والد)

آخر ۾ منهنجي هن ڪاوش ذريعي حڪومت سنڌ، سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي صاحبن کي اها گذارش آهي ته، هن خاندان جي بزرگن خصوصاً مير علي شير ’قانع‘ جي علمي، ادبي ۽ تاريخي خدمتن جي اعتراف طور سنڌي ادبي بورڊ ۾ ”قانع ڪارنر“ ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ ”مير علي شير چيئر“ قائم ڪئي وڃي ۽ سندن تمام علمي ۽ قلمي ڪاوشن کي ترجمو ڪري منظر عام تي آندو وڃي ته، جيئن سنڌ جو نئون نسل پنهنجي شاندار تاريخي ۽ علمي ورثي کان آگاهه ۽ مستفيد ٿي سگهي.

(ماخذ: تحفة الڪرام، مقالات الشعراءِ، مڪلي نامه ۽ ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون)

]”القانع“ اسڪول ميگزين ٺٽو، 2008- 2003ع، پرفيڪٽ اسڪول سسٽم ٺٽو، سنڌ.[

 

مير علي شير ’قانع‘

 

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

 

دنيا جي اتهاس ۾ سنڌ جي تاريخ، تمام پراڻي تسليم ڪئي وئي آهي. هن ملڪ جي تاريخ ٺاهڻ ۾ عوام، بادشاهن، راجائن، جوڌن ۽ بهادرن، مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. ان سان گڏ هر دور ۾ اديبن ۽ عالمن، قلم کڻي پنهنجي ديس جي تاريخ لکي محفوظ ڪري اسان تائين پهچائي آهي. جيڪڏهن اهي عالم ۽ تاريخ دان وقت به وقت قلم نه کڻڻ ها ته، جهڙوڪر اڄ اسان جو دامن خالي هجي ها. ائين اسين قومن جي برادريءَ ۾، هڪ جهڙا ۽ مرتبي وارا نه سڏجون ها سنڌ جي تاريخ نويسيءَ ۾، مير علي شير ’قانع‘ کي وڏي اهميت حاصل آهي.

مير علي شير ’قانع‘، سنڌ جي نامياري شهر ٺٽي ۾، سيدن جي هڪ علمي گهر ۾، سن 1727ع ڌاري پيدا ٿيو. ان دور ۾ هن ملڪ تي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومت هئي. مير صاحب جو زمانو پر آشوب، هنگامه خير ۽ ڀڃ ڊاهه وارو ڏسجي ٿو. هن دور ۾ هڪ پاسي سنڌ جو ملڪ ڌارين جي ٻن صدين جي غلاميءَ مان آزاد ٿيو ته، ٻئي طرف نادر شاه، احمد شاهه ابدالي ۽ مدد خان پٺاڻ جي حملن ۽ ڪاهن سبب هتي جا ماڻهو قتل ٿيا. وڏي پيماني تي خونريزي ٿي ۽ سنڌ جو ڏيوالو نڪري ويو. هي سڀ واقعا مير علي شير جي ڄمڻ کان ڪري، هي جهان ڇڏڻ واري دور تائين ٿي گذريا. سنڌ جي ان ڀڃ ڊاهه، ٻاهرين حملن ۽ ملڪي ماڻهن جي عام قتلام، ’قانع‘ جي قلمي ڪشالي تي وڏو اثر ڇڏيو. ڪلهوڙن حاڪمن پنهنجا مرڪز اتر ۽ وچولي سنڌ ۾ رکيا. اهو ئي سبب آهي جو ”ٺٽي“ جهڙو عالمي تهذيبي ۽ علمي مرڪز هاڻي ويران ٿيڻ لڳو هو. ان هوندي به اڃا اتي سوين مدرسا ۽ مڪتب موجود هئا، جتي هزارين عالم ۽ استاد هر قسم جو علم پاڙهيندا هئا. مير علي شير زماني جي رائج تعليم ٺٽي ۾، آخوند محمد شفيع، ميان نعمت ۽ ميان محمد صادق وٽ حاصل ڪئي. پاڻ اڃا مڪتب ۾ پڙهي رهيو هو ته، شعر چوڻ شروع ڪيائين. ابتدا ۾ سندس تخلص ’مظهري‘ ۽ پوءِ ’قانع‘ ٿيو.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت ۾، مير صاحب کي هڪ درٻاري تاريخدان جي حيثيت ۾ مقرر ڪيو ويو. ان دور ۾ هن ڪلهوڙن جي تاريخ کي نظم ۽ نثر ۾ لکڻ شروع ڪيو. مير ’قانع‘ کي درٻار راس نه آئي، ان ڪري ٽن سالن بعد، سرڪاري عهدو ڇڏي ٺٽي واپس موٽي آيو. تڏهن به سندس گذر سفر سرڪاري تنخواهن، جاگيرن ۽ انعامن اڪرامن تي ٿيندو رهيو. مير صاحب سموري زندگي، علمي ۽ ادبي ڪم ڪندي گذاري. پاڻ سير سفر لاءِ صرف هڪ ڀيرو ڪڇ ۽ گجرات ويو ڏسجي ٿو.

مير علي شير ’قانع‘ جو زمانو ادبي لحاظ کان سونهري لفظن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ان وقت سنڌ ۾ سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ جا، سوين عالم،اديب ۽ شاعر موجود هئا. ٺٽي ۾ هڪ پاسي اڻ ڳڻيا ليکڪ ۽ شاعر هئا. ته ٻئي طرف سوين ڪتب خانا ۽ لائبريريون هيون، جتي هر علم بابت ڪتاب موجود هئا. مير صاحب وٽ پنهنجو عاليشان ڪتب خانو هو، جنهن ۾ شعر، ادب ۽ تاريخ جا سوين ڪتاب هئا. اهو ئي سبب آهي جو مير علي شير ’قانع‘ جو اڀياس وسيع هو.

مير صاحب نثر توڙي نظم ۾، ڪل ٽيتاليهه ڪتاب ڇڏيا آهن. انهن مان ڪجهه گم ٿي ويا ۽ ڪي قلمي حالت ۾ موجود آهن. انهن مان ٿورا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. مير صاحب جا لکيل هي ڪتاب سنڌ جي حوالي سان خاص اهميت رکن ٿا: مڪلي نامه، مقالات الاشعراء، تحفة الڪرام ۽ معيار سالڪان طريقت. انهن ڪتابن کان سواءِ، اڄ قديم سنڌ جو اڀياس ناممڪن آهي. مير صاحب ”تحفة الڪرام“ نالي ڪتاب سن 1767ع ۾ لکيو، ليڪن پوءِ به ان ۾ واڌارا ڪندو رهيو. هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ، مشاهيرن توڙي شهرن بابت آهي. هن ڪتاب کي سنڌ جي تاريخي ادب ۾ وڏي اهميت حاصل آهي.

مير علي شير پنهنجي زماني جو مثالي اهل قلم ۽ اديب هو. خدا ترسي، رحمدلي ۽ انساني عظمت جو حامي هو. جيتوڻيڪ عقيدي جي لحاظ کان شيعو هو، پر لکڻ وقت پاڻ هميشه ٻين فرقن جو احترام ڪيائين. تاريخ نويس جي حيثيت ۾، ڌارين حاڪمن ۽ حملي ڪندڙن جو ذڪر سادي انداز ۾ ڪيو اٿس. البت کيس سنڌي عوام، حاڪمن، مشاهيرن ۽ شهرن سان خاص محبت ڏسجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ هڪ عالم جي حيثيت ۾، سڄي حياتي سنڌ جي ثنا ڪندو رهيو ۽ هن ملڪ جي باري ۾ قلم ڪاهيندو رهيو. پاڻ جڏهن ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾ پيري، ڪمزوري ۽ بيمارين ۾ گهيريل هو، تڏهن به قلم هٿ مان نه ڇڏيائين. کيس ٽي پٽ ٿيا، جن مان وري به، مير غلام علي ’مائل‘، پنهنجي دور جو وڏو شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي. شعر و سخن ۾ به سندس ڪافي شاگرد هئا. مير علي شير ’قانع‘ چوهٺ سالن جي ڄمار ۾ سن 1789ع ۾ ننگر ٺٽي ۾ وفات ڪئي. کيس مڪليءَ تي، پنهنجي اباڻي مقام ۾ دفنايو ويو. بلاشڪ مير علي شير ’قانع‘ قلم کڻي، سنڌين تي وڏو احسان ڪيو. ٻي صورت ۾ اڄ سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب ۾ ڪيئي خال هجن ها!

]ڊاڪٽر غلام محمد لاکو ”مشهور سنڌي ماڻهو“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، 2009ع[

مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي

 

ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو 

مير ’قانع‘ ٺٽوي دنيا جو ڄاتل سڃاتل ۽ مڃيل مؤرخ آهي. جيڪڏهن مير ٺٽوي نه هجي ها ته، اڄ اسان جي تاريخ بلڪل اونداهي ۽ گمناميءَ ۾ گُم هجي ها. هن بزرگ جي ڪري اڄ اسين ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جي سياسي، تمدني ۽ ادبي تاريخ معلوم ڪري سگهون ٿا. سچ پچ ته جيڪڏهن اڄ سنڌ وارن جي هٿن ۾ اها مختصر تاريخ نه هجي ها ته، وٽن ڪجهه به نه هجي ها. انهيءَ تاريخ جي روشنيءَ ۾ اسين قديم سنڌ کي ڏسي سگهون ٿا.(1)

’قانع‘ صاحب ڳچ وقت سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي درٻار ۾ سرڪاري مورخ ٿي رهيو. جيئن ته هي عهدو سندس آزاد مزاج جي خلاف هو، تنهنڪري نوڪري ڇڏي اچي ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم شروع ڪيائين. سندس تصانيف مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ ٺٽي کان ٻاهر ”سورت“ جو سفر پڻ ڪيو اٿس.

جيستائين شيخ محمد حيات سنڌيءَ سان مير ’قانع‘ جي ملاقات جو تعلق آهي ته لڳي ٿو ته، مير صاحب جي زماني ۾ شيخ محمد حيات سنڌي مديني ۾ ئي رهندڙ آهي ۽ خود ’قانع‘ صاحب به پنهنجي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ ۾ اهڙو ئي اشارو ڪري ٿو، جنهن مان ڏس پئي ٿو ته هنن ٻنهي بزرگن جي پاڻ ۾ ڪا به سڌي سنئين ڏيٺ ويٺ نه آهي. ڏسو ’قانع‘ جي بياني:

”مخدوم محمد حيات سنڌي، جنهن جو مديني ۾ مدرسو هوندو هو ۽ انهيءَ سر زمين ۾ وڏي ۾ وڏو عالم ۽ بهترين فاضل شمار ٿيندو هو.“(1)

مٿين بيان مان غائبانه تذڪري جي جهلڪ نظر اچي ٿي، پر بنهه لاتعلقي به ظاهر نٿي ٿئي. ممڪن آهي ته سندن ميلاپ ٿيو هجي يا ٻنهي وچ ۾ ڪو خطي رابطو رهيو هجي. شيخ محمد حيات سنڌيءَ جو همعصر هجڻ ڪري هتي اسين مير صاحب جو تذڪرو ڪري رهيا آهيون.

خانداني پسمنظر:

مير صاحب جو تعلق ٺٽي جي شڪرالاهي خاندان سان آهي. باقي سندس وڏا اصل ۾ ايران جا حسني شيرازي سيد آهن. سيد شڪر الله شاهه، مرزابيگ ارغون جي زماني ۾ شيرزا مان لڏي بکر ۾ آيو.(2) ستت ئي مرزا شاهه حسين کيس قضا جي عهدي تي مقرر ڪيو.(3) ليڪن ڪجهه عرصي کان پوءِ هن سيد کي ڪي پابنديون پسند نه آيون، جنهن ڪري کيس پنهنجي عهدي تان علحدهه ٿيڻو پيو.(4) ’قانع‘ مذڪوره سيد جي نائين پيڙهي مان هو. وڌيڪ مير صاحب پنهنجي وڏن جو ذڪر ”تحفة الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعراءِ“ ۾ ڪيو آهي.(5)

ولادت:

مير عزت الله بن سيد محمد ڪاظم جي گهر ۾ هڪ ٻار جنم ورتو، جنهن جو نالو مير علي شير رکيو ويو. ”خلق انسانا من السلالھ“ مان سندس ولادت جو سال نڪري ٿو.(1) ڪن تذڪره نگارن جو خيال آهي ته والدين سندس نالو ”غلام علي شير“ رکيو هو.(2) پر پوءِ پاڻ گهڻو ڪري علي شير سان مشهور ٿي ويو. هي ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي حڪومت جو دور آهي.

تعليم:

مير صاحب پاڻ پنهنجي تعليم جي وضاحتي روئداد ته ڪانه لکي آهي، البت ضمني طور جن ڪجهه استادن جو ذڪر ڪري ٿو، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب انهيءَ زماني جي جن جيد استادن ۽ عالمن کان سبق ورتا، سي هي آهن: ميان نعمت الله ٺٽوي ۽ ميان محمد صادق ٺٽوي. ’قانع‘ ٻنهي جي مدرسي ۾ پڙهيو. تنهنڪري ”مقالاتُ الشعراءِ“ ۾ پاڻ هڪ هنڌ فرمائي ٿو ته:

”فقير بخدمت هر دو صاحبان نسبتِ تلميذی دارد.“(3)

ميان نعمت الله وٽ ميزان صرف کان وٺي شرح مُلا تائين تعليم ورتائين ۽ ميان محمد صادق لاءِ ڪتابَ ڪونه ٿو لکي صرف شاگرديءَ واري نسبت جو اظهار ڪري ٿو:

”فقير که کمين تلاميذه ايشان است.“ (4)

انهن ٻنهي بزرگن کان علاوه مير صاحب، آخوند محمد شفيع، آخوند ابوالحسن ۽ مولوي مرزا جعفر شيرازيءَ جا نالا پنهنجي استادن ۾ آڻي ٿو. رحيمداد خان مولائي شيدائي، سندس استادن ۾ وڌيڪ ٽن نالن جو اضافو ڪري ٿو، جهڙوڪ: علامه محمد معين ٺٽوي، مخدوم رحمت الله ٺٽوي ۽ ابوتراب مير حيدرالدين.(1)

ملازمت:

’قانع‘ ٺٽوي ڪجهه وقت ميان غلام شاهه جي حڪومت دوران تاريخ نويس ۽ وقائع نگار مقرر ٿيو، جنهن ڪري ڪلهوڙن جي سرڪاري مرڪزن جهڙوڪ: خدا آباد، محمد آباد ۽ مراد آباد جو پڻ سفر ڪيائين، پر جلد ئي هن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي واپس ٺٽي آيو.

سير ۽ سفر:

مير صاحب جي سموري زندگي سراسر علمي هئي، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته هن پنهنجو وقت دنيا جي ٻين مشغلن ۾ ڪونه وڃايو ۽ گهڻو ڪري گهر ۾ رهي تصنيف ۽ تاليف ڪندو رهيو، سواءِ هڪ معمولي وقفي جي، جنهن ۾ هن کي نامعلوم سببن ڪري سُورت، ڄام ننگر ۽ ڀُڄ جو سفر درپيش آيو.(2)

سن 1160هه ۾ مير صاحب ”سُورت“ ويو، جتي شيخ سعدالله سُورتي ۽ اُن جي فرزند مير عبدالوليءَ سان ملاقات ٿيس ۽ انهيءَ سفر ۾ ڪجهه ٻين اهلِ علم بزرگن سان به سندس صحبتون ۽ رهاڻيون ٿيون. سُورت ۾ کيس محمد اڪرم ٺٽوي ۽ تحفة الطاهرين جو مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽوي پڻ مليا. ڄام ننگر ۾ محمد عاقل جهوناڳڙي ۽ ڀُڄ ننگر ۾ هڪ ايراني شاعر ’هوشيار‘ اصفهانيءَ سان به ملاقات ٿين.(3)

مطالعي جو شوق:

مير صاحب جو دور جيتري قدر سياسي ۽ ملڪي حالتن سبب اونداهو ۽ اندوهناڪ هو، ايتري قدر علم ۽ ثقافتي لحاظ سان روشن ۽ خوشگوار هو. هڪ ئي وقت سوين مدرسا علم جي آبياري لاءِ آباد هئا، هر هڪ گهراڻو ۽ فرد علم جو مرڪز ۽ منبع هو. هر علم دوست جي اوطاق ۽ بيٺڪ اڪيڊميءَ جو ڪم ڏيندي هئي. هر هڪ عالم، اديب ۽ شاعر وٽ جدا جدا ڪتب خانا موجود هوندا هئا. گهرن ۽ اوطاقن ۾، دوڪانن، بازارن ۽ چوراهن تي علم پرورن جون ملاقاتون، صحبتون، مجلسون ۽ مشاعرا صبح شام ۽ رات ڏينهن ٿيندا رهندا هئا.

مير صاحب کي اهڙو علمي ماحول مليو، جنهن کيس مطالعي جي شوق سان گڏ لکڻ تي پڻ آماده ڪيو. انهيءَ جو  اندازو هن مان ڪري سگهجي ٿو ته، پاڻ پنهنجي تصنيفات ۾ هيٺ ذڪر ڪيل ڪتابن کي لکڻ وقت سامهون رکيو اٿس:

تاريخ فرشته، طبقات اڪبري، منتخب التواريخ، دهه سال عالمگيري، آئين اڪبري، خزانهء عامره، يدِ بيضا، ڪلمات الشعراءِ ۽ مجالس المومنين(1) وغيره

تصنيفات:

مير ’قانع‘ ٺٽوي ٿلهي ليکي 40 کن ڪتاب تصنيف ڪيا، جن مان گهڻا سنڌ جي تاريخ ۽ بزرگن جي تذڪرن سان تعلق رکڻ ڪري بعد ۾ ايندڙ عالمن لاءِ تحقيق جو بنيادي ذريعو بڻيا. ’قانع‘ جي لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:

1.      ديوان علي شير

2.     مثنوي شمه از قدر حق

3.     مثنوي قضا و قدر

4.     نو آئين خيالات

5.     مثنوي قَصهء کامروپ

6.     ديوان قال غم

7.     ساقيء نامه

8.     واقعات حضرت شاهه

9.     چهار منزله

10. تزويج نامهء حسن و عشق

11.  اشعار متفرقه

12. صنايع وَ تاريخ

13. بوستان بهار

14. مقالات الشعراءِ

15. مثنوي ختم السلوک

16. تحفة الڪرام

17. اعلانِ غم

18. زبدةُ المناقب

19. مختار نامه

20.            تاريخ عباسيه

21. طومار سلاسل گزيده

22.            شجره طهر اهلِ بيت

23.            معيار سالڪانِ طريقت

24.            روضه الانبياءِ

25.زينتُ الاخلاق

26.            غوثيه

27.            نصاب نامه

28.            ميزان فارسي

29.            ميزان الافڪار

30.            تهذيب طباع

31. سرفراز نامه

32.            حديقته البلغاء

33.            مثنوي کان جواهر

34.            نصاب البلغاء

35.رساله معما مع شرح

36.            بياض محک الشعراءِ

37.            ديوان اشعار

38.            قصائد و منقبت

39.            انشايء قانع

40.            لُب تاريخ کلهوڙه (1)

اولاد:

سن 1160 هه تائين مير صاحب کي ڪوبه نرينه اولاد ڪونه ٿيو هو، تنهن کان پوءِ کيس هڪ ٻئي پٺيان ٽي فرزند ڄاوا، جن جا نالا هي آهن: غلام علي، غلام ولي الله ۽ مير امير علي.

وفات:

مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي، پنهنجي حياتيءَ جا 63 ورهيه گهاري سن 1203هه/ 1788ع ۾ وفات ڪري ويو. (2)

آخوند غلام محمد ٺٽوي ”عليھ الرضوان“ مان سندس انتقال جو سال برآمد ڪيو ۽ مير ’قانع‘ جي فرزند مير غلام علي ’مائل‘(3) بشره بالجنة النعيم ابدا“ وفات جي سال لاءِ تجويز ڪيو.(4)

]ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو ”شيخ محمد حيات سنڌي“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2009ع[

 

نزهت عباسي

عبدالرسول قادري

 

هن دور ۾ ميرعلي شير ’قانع‘ ٺٽوي جو نالو سڀ کان اهم اديب جو نالو آهي، جنهن سنڌ جي علمي، ادبي،سياسي ۽ روحاني تاريخ ”تحفة الڪرام“ لکي. جيڪڏهن هو هي تاريخ نه لکي ها، ته اڄ سنڌ جي تاريخ جا ڪيترا اهم گوشا اسان جي نظر کان مخفي هجن ها. هن ٻارهن سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ اٺن هزارن شعرن جو هڪ ديوان به مرتب ڪيو، جنهن ۾ سڀني صنفن تي طبع آزمائي ٿيل هئي، پر هن اهو ديوان درياء ۾ لوڙهي ڇڏيو. هن (شاعريءَ ۾) ابوتراب ’ڪامل‘ جي شاگردي اختيار ڪئي. پهريان تخلص ’مظهري‘ ڪندو هو. بعد ۾ ’قانع‘ تخلص رکيو.

غلام شاهه ڪلهوڙي، ’قانع‘ کي 1175 هجريءَ ۾ تاريخ لکڻ تي مقرر ڪيو. پاڻ هڪ تاريخ نظم ۾ ۽ هڪ تاريخ نثر ۾ لکڻ شروع ڪئي، پر هي تاريخون مڪمل لکجي نه سگهيون.

هن سموري حياتي لکڻ پڙهڻ ۾ گذاري. سندس گهڻيون تصنيفون آهن، جنهن جو تفصيل اعجازالحق قدوسي تاريخ سنڌ ۾ ڏنو آهي.

]پروفيسر ڊاڪٽر خورشيد عباسي مرتب: ”قومي ادبي ڪانفرس ڪلهوڙا (عباسي) دور“ مقالو: نزهت عباسي ”ڪلهوڙا دور ۾ شعر و ادب“، سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي ڪراچي، 2009ع[

(1)  مولائي شيدائي رحيمداد خان: جنت السنڌ، ڇاپو ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1993ع، ص- 573.

(1)  ’قانع‘ علي شير ٺٽوي مير: تحفة الڪرام، مترجم (سنڌي) مخدوم امير احمد کهڙائي ڇاپو چوٿون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 1994ع، ص- 578.

(2)  بدوي لطف الله: تذڪره لطفي، حصو پهريون، ڇاپو ٽيون، آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد، سال 1963ع، ص- 246.

(3)  ٺٽوي محمد اعظم شيخ: تحفة الطاهرين، مترجم (سنڌي) عبدالرسول قادري، چاپو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1990ع، ص- 48.

(4)  مرزا عباس علي بيگ: خدا يار خاني، ڇاپو پهريون، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالوجي يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو، سال 1980ع، ص- 99

(5)  راشدي حسام الدين: مقدمه تحفة الڪرام، بابت مير ’قانع‘ جي سوانح حيات، ڇاپو چوٿون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1994ع، ص- 11

(1)  ايضاً راشدي: ص- 22.

(2)  انصاري محمد ابراهيم: سنڌ جي تاريخ، چاپو پهريوهن، عجائب اسٽورز سکر، سال 1976ع، ص- 415.

(3)  قانع مير علي شير ٺٽوي: مقالات الشعراءِ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1957ع، ص- 157.

(4)  ايضاً قانع ٺٽوي: ص- 817.

(1)  مولائي شيدائي رحيمداد خان: تاريخ تمدنِ سنڌ، ڇاپو ٻيو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو، سال 1995ع، ص- 676.

(2)  راشدي حسام الدين: مقدمه تحفة الڪرام، بابت مير قانع جي سوانح حيات، ڇاپو چوٿون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1994ع، ص- 41.

(3)  راشدي حسام الدين: مقدمه تحفة الڪرام، ص- 41، 42

(1)  ايضاً راشدي حسام الدين: ص- 43، 44.

(1)  راشدي حسام الدين: مقدمه تحفة الڪرام، ص- 11، 73 (تلخيص).

(2)  الوحيد سنڌ آزاد نمبر: مولوي دين محمد وفائي، بابت ”سنڌ جا ڪي مشهور بزرگ“ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت گاڏي کاتو حيدرآباد، سال 1979ع، ص- 38.

(3)  ٺٽوي محمد ابراهيم خليل: تڪمله مقالاتِ الشعراءِ ڇاپو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1958ع، ص- 537.

(4)  راشدي حسام الدين: مقدمه تحفة الڪرام، بابت مير ’قانع‘ جي سوانح حيات، چاپو چوٿون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1994ع، ص- 71.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org