سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مير علي شير قانع ٺٽوي

باب:

صفحو:10 

ميرعلي شير ’قانع‘

از: رحيم داد خان مولائي شيدائي 

ميرعلي شير ’قانع‘ ٺٽوي ولد مير عزت الله ٺٽوي (المتوفي 1203هه) شڪر اللهي سادات خاندان مان هو. ابتدائي تعليم کان پوءِ علامه معين الدين، مخدوم رحمت الله ٺٽوي ۽ وقت جي استاد مير حيدر ابوتراب وٽان تعليم حاصل ڪري، سنڌ تي پنهنجي علميت جو سڪو ڄمايو. شاعري لاءِ سندس طبع موزون هئي، ’مظهري‘ تخلص هئس. شاعرانه صنفن جو نه فقط ماهر هو، پر موجد به هو. سندس قابليت جي ڌاڪ ڪلهوڙا حاڪمن جي درٻار ۾ به ويٺل هئي. جن کيس گهرائي پنهنجو مقرب بڻايو. ميان نور محمد ۽ سندس فرزند مرادياب خان ۽ ان کان پوءِ ميان غلام شاهه جو علمي مصاحب ٿي رهيو. ميان مرادياب خان جي تخت نشيبي جي موقعي تي 21 شعر نعتيه لکيا اٿس. اهو قصيدو سندس ”مقالات الشعراءِ“ ۾ نقل ڪيل آهي. مير ’قانع‘ کان اڳ اهڙو قصيدو غازي اورنگزيب عالمگير اول جي تخت نشيني وقت سيد محمد باقر گيلائي لکيو هو. مير ’قانع‘ کي تاريخ گوئي ۾ الهامي دسترس هئي.

سندس سنڌ وارن تي وڏو احسان سندس ”تاريخ تحفة الڪرام“(1) ٽن جلدن ۾ آهي.  سچ پچ ته جيڪڏهن اڄ سنڌ وارن جي هٿن ۾ اها مختصر تاريخ نه هجي ها، ته پوءِ ڪجهه به نه هجي ها. انهي تاريخ جي روشني ۾ اسين قديم سنڌ کي ڏسي سگهون ٿا. سندس تصنيفات مان ڪن ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا: (1) زينت الاخلاق، (2) نسخه غوثيه، (3) مڪلي نامه، (4) مثنوي ختم المولڪ، (5) قصاب نامه، (6) زبده المقامات، (7) زين الافڪار، (8) تذهيب الطباع، (9) مختارنامه، (10) معيار سالکان طريقت، (11) قصه کامروپ، (12) چهار منزله، (13) مثنوي ڪرشمه قدرت، (14) حديقة الاولياء، (15) مثنوي قضا و قدر، (16) رساله در صنائع وبدائع، (17) روضة الانبياء، (18) بوستان بهار، (19) لب لباب تاريخ ڪلهوڙه، (20) رسالا شرح معما، (21) ديوان قانع، (22) مقالات الشعراء. منجهانئن ڪي نظم ۾ آهن ته ڪي نثر ۾ آهن. فقط تحفة الڪرام ڇپيل آهي. مختارنامه ٺٽي جي سيدن وٽ آهي. مقالات الشعراء جو به فقط هڪ نسخو مصنف جي هٿ اکرن سان دنيا ۾ موجود آهي.

]رحيم داد خان مولائي شيدائي ”سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 2012ع[

ڀاڱو ٻيو

 

مير علي شير ’قانع‘ ٺٽويءَ جا استاد

 

ميرعلي شير ’قانع‘ ٺٽوي جا استاد

مرتب: عبدالرسول قادري

مير ’قانع‘ جو زمانو ڪلهوڙا دور علم ادب جي حوالي سان سونهري دور مشهور آهي. ان علمي دور ۾ ڪيئي عربي جا اڪابر، فارسي جا گوهر ۽ سنڌي ٻوليءَ جا مخدوم، سگهڙ سياڻا، مصنف ۽ ڪاتب، علم ۽ فن جا ماهر موجود هئا. جن سنڌ جي علمي ماحول کي باغ بهار ۽ گل گلزار بنائي ڇڏيو هو. مير ’قانع‘ جا استاد به علمي آسمان تي چنڊ جيان چمڪي رهيا هئا ۽ ميرعلي شير ’قانع‘ انهي علمي چانداڻ جو روشن ستارو ٿي اڀريو، جيتوڻيڪ انهي علمي آسمان تي ڪيترا ٽيڙو، ڪتيون، لڌا، قطب ۽ وهائو تارا چمڪي رهيا هئا، پر مير ’قانع‘ پنهنجي علم ادب، شعرو سخن، تاريخ ۽ تحقيق جي چمڪاٽ ۾ نرالو نالو آهي. مير ’قانع‘ ننگر ٺٽي ۾ رهڻ ڪري ضرور مادري سنڌي ٻولي ميين ابوالحسن جي سنڌي ”مقدمة الصلوٰة “ ۽ ڪي ٻيا مادري ٻولي جا بنيادي منظوم سنڌي ڪتاب پڙهيو هوندو. پوءِ قرآن مجيد، فارسي ۽ عربي علم پرايو. افسوس ته تاريخ ۾ سندس سنڌي ٻولي پڙهائيندڙ استادن جا نالا محفوظ نه ٿي سگهيا، البت فارسي، شعرو سخن ۽ عربي استادن جو مختصر ذڪر ’مقالات الشعراءِ‘ ۽ تحفة الڪرام‘ ۾ موجود آهي. هيٺ مير ’قانع‘ جي استادن جو ذڪر خير ڏجي ٿو.

آخوند ابوالحسن ’بي تڪلف‘ (فارسي جو استاد):

آخوند ابوالحسن شعر وسخن جو صاحب ۽ وڏي لياقت وارو استاد هو. وٽس مدرسي ۾ هندو مسلمان شاگرد گڏ پڙهندا هئا. فقير (علي شير قانع) وٽس فارسي پڙهيو. آخوند ڳچ عرصو جهانگارا باجارا جي ساداتن وٽ رهيو. تاريخ گوئي ۽ شعر وسخن جو به شوق هوس. مير ’قانع‘ جي ڀاءُ مير فخرالدين شيرازيءَ کي علي اڪبر نالي پٽ ڄائو ته آخوند ’بي تڪلف‘ هي قطعئه تاريخ هيٺين سٽ مان  ڪڍيو.

”گل اندر گلستان حيدر دميدً 1146هه

]مقالات ۽ راشدي[

آخوند شفيع محمد (فارسي جو استاد):

هيءُ وقت جو استاد، باوقار ۽ متانت وارو شخص هو. سندس طبيعت خوش مزاج، رنگين طبع، خوراڪ ۽ پوشاڪ جو به شوقين هو. فقير (مير قانع) کيس پيريءَ ۾ ڏٺو. ان هوندي به طبيعت ۾ جوانن جهڙو جوان ۽ اڃان به سرس هو. مير ’قانع‘ هن استاد وٽ ”قصائد عرفي“ ۽ ”عروض سيفي“ پڙهيو هو. آخوند جي هر هنڌ وڏي عزت هوندي هئي. سال 1156 هجري ڌاري وفات ڪري ويو.

]مقالات، تحفه، راشدي[

ميان محمد صادق ٺٽوي (عربي جو استاد):

هي بزرگ ميان عبدالجميل جو فرزند، عربي فارسي جو عالم باعمل ۽ وڏي ذهن ذڪاوت وارو استاد هو. سندس ذهن قابل فخر هو. عين جواني ۾ علمي ڪمال حاصل ڪيو هئائين. هو حرمين شريفين جي زيارت جو شرف حاصل ڪري ٺٽي موٽي آيو. ان کان پوءِ سفر ڪري جهونا ڳڙهه به ويو. اتي به عزت ۽ تبرڪ سان گذاري واپس وريو. وري ٻيهر به انهي پاسي ويو ۽ ڪڇ جي سر زمين تي نڙي جي ڳوٺ ۾ وفات ڪري ويو. سندس فرزند جو نالو عبدالجليل عرف ميان متو آهي. مير ’قانع‘ هن بزرگ ۽ سندس ننڍي ڀاءُ نعمت الله وٽ عربي پڙهيو هو.

] مقالات، تحفة الڪرام[

ميان نعمت الله ٺٽوي (عربي جو ستاد):

ميان نعمت الله به ميان عبدالجميل جو فرزند ۽ ميان محمد صادق جو ڀاءُ هو. ٻنهي ڀائرن جو مشغلو درس تدريس هو. مير ’قانع‘ هن بزرگ وٽ ’ميزان الصرف‘ کان وٺي ’شرح ملا، وٽس عربي ڪتاب پڙهي پورا ڪيا.

مخدوم نعمت الله زماني جي نادر علمي سوکڙي هو. نقلي ۽ عقلي علوم ۾ ماهر هو. چوويهن سالن ۾ سڀ علمي حاصلات ۽ چوڏهن علمن ۾ ڪمال حاصل ڪيو هئائين. سندس مدرسو به ٺٽي شهر ۾ مشهور هو.

ظاهري علم سان گڏ روحاني سلوڪ ۾ به قابل هو. فقيريءَ جي رستي ۾ سندس مرشد سيد يارمحمد هو. سلوڪ ۾ به وڏي رتبي تي پهتل هو. زبان کي سندس تعريف جي طاقت ڪانه آهي. سنڌ جي والي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو فرزند محمد سرفراز خان به منجهس ارادو رکندو هو.

مخدوم نعمت الله ڀلي پار سنبريو. تقديراً سال 1179 هجري ۾ حرمين شريفين جي زيارت لاءِ روانو ٿي، مڪي شريف کان اورتي ستين منزل تي حجاز جي سر زمين جي ڪلفته بندر وٽ تاريخ 18 ذوالقعد سفر ۾ وفات ڪري ويو. مير ’قانع‘ سندس وفات جي تاريخ ۾ هي مصرع چئي.

”وارث الانبيا شد از دنيا“

يعني نبين جي علم جو وارث هي جهان ڇڏي ويو.

]مقالا الشعراءِ، تحفة الڪرام، راشدي[

 

مير حيدرالدين ٺٽوي (شاعريءَ جو استاد)

مولانا دين محمد وفائي

 

مير حيدرالدين ابوتراب تخلص ’ڪامل‘، ولد مير رضي الدين تخلص ’فدائي‘ بزرگ پنهنجي تخلص ’ڪامل‘ وانگي سمورين ڪماليتن جو مالڪ هو. اهل ڪمال سندس خدمت ۾ ڪمالات حاصل ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا رهندا هوا. دنيا کي ترڪ ڪري فقيرانه زندگي اختيار ڪئي هوائين. سموري حياتي شادي ۽ اهل عيال جي گمسان ۾ ڦاسڻ کان سواءِ مجرد گذاريندو رهيو. هن کي اگرچه گذران جي ڪا به ڳڻتي ڪانه هوندي هئي. مگر ان هوندي به امير طبقي جا ماڻهو، جيئن ته نواب مهابت خان تخلص ڪاظم (متوفي 1135) منتون ڪري سندس خدمت ۾ نذر نياز پهچائيندا هئا، مگر گهڻو ڪري قبول نه ڪندو هو. گوشه نشيني ۾ گذاريندو هو.

جيڪو به سندس صحبت ۾ ايندو هو، سوگهڻو ڪجهه پرائي اٿندو هو. قال الله وقال الرسول کان سواءِ سندس گفتگو خالي نه هوندي هئي.

مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي ۽ محمد پناهه ’رجا‘ ٺٽوي سندس مشهور شاگردن مان آهن. سنڌي، هندي ۽ فارسي جو بهترين شاعر هو. سندس متفرق شعرن جو هڪ وڏو ڪتاب جمع ٿي ويو هو، جنهن کي سندس ارشاد موجب ميان محمد پناهه ’رجا‘ مرتب ڪندو رهيو. فرمائي ٿو:

نگاہش ساغر مل میتوان گفت

صراحی گفت قلقل می توان گفت

شہادت جنت از دوزخ برآرد

چراغ گشتہ گل می تواند گفت

ایضاً

قانع بخانہ دست بہر خان مکش مکش

یکنان بس است منت دو نان مکش مکش

ایماشناس نرگس بیمار یار باش

بادرد ساز منت درد مان مکش مکش

هندي شعرن جو نمونو ڏسو:

لبوں دلبر کے میرے قتل پر بیڑا اٹہایاہے

خدایان خون سون میرے تو اسکو سرخرو کرنا

ٻيا به هندي ۾ هزارين شعر زبان زد عام هوا. سندس شعرن جي ديوان کي محمد پناهه رجا اڃا پوري طرح جمع نه ڪيو هو ته پاڻ سال 1164هه ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي ويو. مير قانع ”ان للمتقين جنت“ جي فقري مان سال تاريخ جو ڪڍيو آهي.

(مقالات الشعراءِ)

(دين محمد وفائي ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/ حيدرآباد، 1985ع)

مولوي مرزا  محمد جعفر شيرازي (شاعري جو استاد):

هي هندستان جي سفير  سفر جي ارادي سان سنڌ ۾ آيو. ٺٽي ۾ مخدوم محمد معين سندس علم ذاتي جو هر ۽ قابليت ڏسي سندس گهرو دوست ٿي ويو. ميرعلي شير قانع ٺٽوي سان به سندس تعلق خاطر پيدا ٿي ويو. ان ڪري مير قانع هن بزرگ وٽان به ڪجهه پرايو.

ڪلهوڙا دور جي حڪمران ميان نو رمحمد ڪلهوڙي جي پٽ ميان محمد مراد ياب خان سندس علمي لياقت ڪري مرزا کي پنهنجو معتمد خاص ڪري رکيو. ميان نورمحمد جي دربار ۾ به سندس وڏي عزت هئي. ميان  نور محمد جي وفات 1167هه کان پوءِ جڏهن مرادياب بادشاهه ٿيو ته کيس پاڻ وٽ رکيائين. پر اڳتي هلي بادشاهه مٿس ناراض ٿيو ته مرزا جعفر موڪل وٺي وطن ۽ زيارتن تي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو. ڪڪرالي بندر تي ڪڪرالي جي ڄام کيس جهاز تي سوار ٿيڻ نه ڏنو. ان ڪري ڪراچي بندر تان سوار ٿيڻ جو ارادو ڪيائين، پر سندس روانو ٿيڻ کان اڳ سندس انتقال ٿيو. ميرعلي شير قانع سندس وفات تي هي تاريخ چئي آهي:

”غريب“ از ”دام“ دنيا گشته آزاد (1167 هجري)

مطلب ته مسافر دنيا جي ڄار مان آزاد ٿي ويو.

علم جفر ۽ تڪثير ۾ عامل ڪامل هو. ”جفر جامع“ نالي ڪتاب ميان نورمحمد بادشاهه لاءِ لکڻ شروع ڪيائين، پر ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي وفات سبب ڪتاب پورو نه ڪري سگهيو.

]مقالات الشعراءِ، راشدي[

ڀاڱو ٽيون

 

عزيز قريب ۽ اولاد

 

مير غلام علي ’مائل‘ ٺٽوي

سيد حسام الدين راشدي

خاندان: مير علي شير ’قانع‘، سنڌ جي عظيم المرتبت مؤرخ، تذڪره نويس ۽ شاعر کي هرڪو سڃاڻي: مير غلام علي ’مائل‘ انهيءَ بزرگ جو وڏو فرزند هو. مير علي شير ٺٽي جي مشهور صوفي خاندان يعني سيد شڪر الاهي خانوادي جو چشم و چراغ هو. انهيءَ گهراڻي جو وڏو ڏاڏو سيد شڪر الله جنهن جي نالي جي نسبت سان آئنده هلي خاندان جي سڃاڻپ شروع ٿي، سو شاهه حسين ارغون جي عهد ۾ ( 927هه) هرات کان ٺٽي ۾ وارد ٿيو، ۽ ساڻس گڏ انهيءَ طرف جا ٽي ٻيا بزرگ به سنگتي ٿي، ساڻ اچي ٺٽي پهتا: هڪ سيد شاهه مبين، ٻيو سيد ڪمال، ۽ ٽيون سيد عبدالله- اهي ٽيئي ٺٽي جا مشهور ولي الله ٿي گذريا آهن.

شاهه حسين، سيد شڪرالله کي، سندس علم، فضل، ۽ ديني عظمت ۽ وقار کي پيش نظر رکندي، ٺٽي جو منصب قضا پيش ڪيو، جنهن کي ڪجهه وقت ته سيد صاحب هلايو، ليڪن پوءِ ڇڏي گوشه نشين ٿي، ياد الاهيءَ ۾ ڏينهن پورا ڪيائين.(1)

سيد علي شير جو نسب نامو هن طرح آهي: سيد علي شير بن سيد
عزت الله، بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظهيرالدين ثاني، بن سيد شڪرالله ثاني، بن سيد ظهيرالدين اول، بن سيد شڪرالله اول، بن سيد وجيهه الدين، بن سيد نعمت الله، بن سيد عرب شاهه، بن سيد امير نسيم الدين محدث، بن سيد امير عطاالله جمال الدين محدث، بن سيد فضل الله محدث
(2)، بن سيد عبدالله الحسيني الدشتڪي الشيرازي.

مير علي شير ’قانع‘ پنهنجي والد سيد مير عزت الله جي وفات جي تاريخ هن طرح چئي آهي:

خرد گفت تاریخ سال وفات،

کہ "پیوست با رحمت ایزدی۔"

         1161هه

سيد عزت الله کي ڇهه فرزند ٿيا: سيد فخرالدين، سيد يار محمد، سيد محمد امين، سيد علي شير ’قانع‘، سيد محمد صلاح ۽ سيد ضياءُالدين ’ضيا‘.

مير علي شير جو ڀاءُ، سيد ضياءُالدين ’ضيا‘، پنهنجي دور جو بلند پايه شاعر هو. سندس ٻئي ڀاءُ يارمحمد کي ٻه پٽ ٿيا: هڪ مير ڪريم الدين ۽ ٻيو مير عظيم الدين ’عظيم‘، جيڪو مير فتح علي خان ’فاتح سنڌ‘ جي درٻار جو ملڪ الشعراء هو.

مير علي شير 1140هه ۾ ڄائو: ”خلق انسانا من السلالة“ مان اهو سال نڪري ٿو. سنه 1203هه ۾ سندس انتقال ٿيو. سندس فرزند مير غلام علي ’مائل‘، هن فقري مان اهو سال ڪڍيو- ”اُبشره بالجنةالنعيم ابدا“. (1)

مير علي شير کي ٽي پٽ ٿيا: مير امير علي جنهن جي تولد جو سال ميان غلام محمد ٺٽويءَ ”در چمن جاه شگفة گلي“ (1171هه) مان ڪڍيو ۽ ميان محمد پناهه ’رجا‘ ٺٽويءَ، هيءَ تاريخي سجع تيار ڪئي: ”امير علي بن علي شير حسيني“ (1171هه)؛ ٻيو مير غلام علي ’مائل‘، جنهن جي بياض تي هي مضمون لکيو ويو آهي؛ ۽ ٽيون فرزند مير غلام ولي.

ولادت مير غلام علي ’مائل‘:

مير علي شير ’قانع‘ لکي ٿو (تحفة الڪرام ج 2، ص 33) ته: مير سعد الله پوربي، هڪ زبردست عالم ۽ معقولات ۾ بي نظير دسترس رکندڙ هو؛ کيس ٻه فرزند هئا: مير عبدالعلي، ۽ مير عبدالولي(1). انهن نالن جي ترتيب ۾ عجيب قسم جي ندرت رکيل هئي. سندس پنهنجي نالي سميت جيڪڏهن ٽنهي نالن جا آخري لفظ گڏبا ته ”علي ولي الله“ جو جملو ٺهي پوندو.

مير علي شير جو وڌيڪ بيان آهي ته: جڏهن 1160هه ۾ هو سورت پهتو، ان وقت کيس مٿي ذڪر ڪيل نالن جي ترتيب جو علم ٿيو، ۽ بطور نذر جي ان وقت هن باس باسي، ته جيڪڏهن الله پاڪ کيس فرزندن جي دولت عنايت ڪري ته، هو به انهيءَ رعايت جي لحاظ سان مٿن نالا رکندو.

حسن اتفاق يا فضل ايزديءَ سان 1161هه ۾ کيس هڪ فرزند ڄائو؛ مٿئين لفظي رعايت سان نالي رکڻ سان گڏ، هن اها به ڪوشش ڪئي ته نالو تاريخي هجي. چنانچه ”غلام علي“ نالو بر آمد ٿيو، جنهن مان سال ولادت 1161هه نڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ٻن سالن بعد، 1163هه ۾، کيس ٻيو پٽ ٿيو، ۽ مٿين ٻنهي رعايتن کي مدنظر رکندي، ان جو نالو ”غلام ولي الله“(2) رکيائين، جنهن مان تولد جو سال 1163هه به نڪري ٿو، ۽ ٻنهي نالن جي پهرين حصن کي ڇڏي ڏيڻ سان ”علي ولي الله“ به ٺهي اچي ٿو؛ ۽ اهڙيءَ طرح مير علي شير جي باس پوري ٿي.

مٿئين مذڪور مان معلوم ٿيو ته مير غلام عليءَ جو  1161هه(3)  ۾ تولد ٿيو. مير علي شير جي عمر ان وقت 22 ورهن جي هئي. مير علي شير پنهنجي پٽ جي تعليم ۽ تربيت جو ڪوبه ذڪر ڪونه ڪيو آهي، جنهن مان اسان کي مير ’مائل‘ جي ابتدائي زندگيءَ جو پتو پئجي سگهي. ٽالپري دور جي ادبي اثاثي مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته مير ’مائل‘ ٽالپري دور جو قادر الڪلام شاعر ۽ شاعريءَ جي سڀني اصنافن جو استاد هو. سندس ديوان خواهه بياض ۾ اسان کي سخن جون سڀيئي صنفون ملن ٿيون، جنهن مان پڻ سندس سخنوريءَ جي ڪمال جي خبر پوي ٿي.

سندس قصيدن، تاريخي قطعن ۽ مدحيه غزلن مان معلوم ٿئي ٿو ته، مير ڪرم علي خان جي درٻار سان سندس وابستگي هئي. هن ٽالپرن جي پهرينءَ چؤياريءَ جي زماني ۾ جيڪي اهم  واقعا ٿيا آهن، تن سڀني تي تاريخي قطعا چيا آهن؛ ليڪن زياده تر ڪلام اسان کي اهو ملي ٿو، جنهن جو تعلق مير ڪرم علي خان جي ذات سان آهي.

مير ’مائل‘ جا حالات مخدوم محمد ابراهيم ’خليل‘ جي تذڪري ”تڪلمھء مقالات الشعراء“ ۾ لکيل آهن، ليڪن اهو اسان جي پيش نظر نه آهي. پاڻ به مير صاحب هڪ تذڪرو ”مجمع البلغاء“ جي نالي سان لکيو هو، ليڪن اهو به اڃا تائين دستياب نه ٿي سگهيو آهي؛ جنهنڪري سندس مڪمل حالات معلوم ڪين ٿيا آهن. سندس بياض جي تاريخي قطعات مان سندس سوانح حيات جي ڪن پهلوئن تي روشني پوي ٿي، جن کي ترتيبوار هيٺ ڏيون ٿا.

اولاد:

مير صاحب کي ڪيترو اولاد ٿيو، ان جو پتو ڪونه آهي؛ بياض ۾ پنهنجن هيٺين فرزندن جي نالي تي تاريخي قطعا چيا اٿائين:

(1) مير عسڪرعلي: ڀانئجي ٿو ته هي مير صاحب جو وڏو فرزند هو، جنهن کي جڏهن سيد صدرالدين نالي هڪ پٽ ڄائو، تڏهن مير صاحب هيٺيون قطعو چيو:

یافت چون میلاد این پور گزین،

آنک دائم باد از حق کام او،

سال میلاد، شریفش گفت دل،

"ہست صدرالدین مبارک نام او۔"

1215ھ- ص 30

ساڳئي مير عسڪر عليءَ کي ٻيو پٽ مير علي بخش نالي ڄائو؛ مير صاحب هيٺيون قطعو چيو:

بخشید چون بسید عسکر علی، علی،

فرزند نامور بہ نبی بخش از عطا،

تاریخ زادانش ز کمال، رجا سحر،

فرمودہ دل، "زاد علی بخش با رجا۔"

1221ھ- ص76

مير عسڪر عليءَ کي ٽيون پٽ ڄائو، جنهن جو نالو مير لطف علي رکيو ويو؛ مير ’مائل‘ هيٺيون قطعو چيو:

آمد از لطف علی چون کہ بما این فرزند،

کہ رساندہ بہ پدر مڑدہ نعم البدلی،

سال میلاد سعیدش خردم گفت سحر،

"حبذا لطف علی آمدہ با لطف علی"

1223ھ –ص73

ساڳئي پوٽي لاءِ ٻيو قطعو چيائين:

ایزد از لطف چوبخشید بما این فرزند،

کہ معمر بہ پدر باد ز لطف، ازلی،

گفت با روی "بہی" سال ولودش ہاتف،

"حبذا لطف علی داد بما لطف، علی۔"

1221+ 2- 1223ھ –ص73

ٽيون قطعو هي جوڙيائين:

سروش غيب بسال، ولادتش فرمود،

ابد بہ لطف علي مير ماست لطف علی.“

1223ھ –ص73

پهرئين قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته 1223هه کان اڳ مير عسڪر عليءَ جو ڪو پٽ انتقال ڪري ويو هو، جنهن جو نعم البدل مير ’مائل‘، لطف عليءَ کي سمجهيو.

(2) مير علي شير: مير ’مائل‘ کي 1222هه ۾ هڪ پٽ ڄائو، جنهن تي پنهنجي والد جو نالو يعني مير علي شير رکيائين، ۽ خوشيءَ وچان ٻه تاريخي قطعا چيائين:

شکر حق کامدہ این خوش فرزند،

نامی عصر چو جد ممتاز،

آمد و داد بہ من چون ہاتف،

از غلامی علی شیر اعزاز،

سال میلاد شریفش گفتم،

"نامور میر علی شیر آمد باز۔"

1222ھ

ٻيو قطعو:

صد شکر کہ از یمن غلامی علی شیر،

حق کرد عطا چون بمن این گوہر مقصود،

از یمن علی شیر بکام، دلم از مجد،

زین نام، مبارک شرف، تازہ بیفزود،

تاریخ ولودش بدم صبح دل، من،

"با شادی دل میر علی شیر" بفرمود۔

1222ھ – ص30

(3) مير امام بخش: 1225هه ۾ مير صاحب کي هڪ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو، مير امام بخش رکيائين؛ سندس تولد جي تاريخ ۾ هيٺيون قطعو جوڙيائين:

ز بخش حق چو امام،امم بمن بخشید،

گل، حدیقئہ بخشش امام بخش بنام،

بروز بخشش او گفت طبعم این تاریخ،

امام بخش بقاءٌ بما بداد مام"۔

1225هه

(4) مير مختار علي: مير صاحب کي، 1232هه ۾، مير مختار علي نالي پٽ پيدا ٿيو؛ هيٺينءَ طرح قطعو چيائين:

چو حق بخشید بامن میر مختار،

کہ درپیش آمدش، آمد دوان بخت،

سروشم سال مولد، شریفش،

بمن گفتا "جوان طالع جوان بخت"

                                   1232ھ

ٻيو قطعو چيائين:

صد شکر کہ حق بہ من چو بخشید،

مختار علی بنام مولود،

تاریخ ولادتش سروشم،

"با رشد چہ بہ خلف" بفر مود۔

               1232ھ                        ص76

اهو فرزند غالباً ساڳئي سال فوت ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته بياض ۾ هڪ قطعو ملي ٿو، جيڪو مير مختار عليءَ جي انتقال تي چيو ويو آهي، اگرچه قطعي ۾ ”نامور“ جو لفظ ڪتب آيل آهي، جيڪو هڪ سال جي ٻار لاءِ ڪم آڻڻ مناسب نه آهي:

نامور ما میر مختار از علی،

چون زد اندر قصر جنت قال وصل،

روز وصل، او بجنت ایزدش،

"ہست جنت جایش" آمد سال وصل۔

1232هه –ص 122

(5) بيبي سڪينه: مير صاحب کي هڪ نياڻي بيبي سڪينه نالي به هئي، جنهن جي انتقال تي هيٺيون قطعو چيو اٿائين:

شد چو اندر جنان سکینئہ من،

ہم مکان با سکینہ پیش بتول،

گفت تاریخ ہاتفم "وے باد"

                                                  23

"درجنان باسکینہ پیش بتول۔"

23+1206=1229ھ- ص 121

مٿين قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب کي چار پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي: (1) مير عسڪر علي، (2) ميرعلي شير (1222هه)، (3) مير امام بخش (1225هه)، (4) مير مختار علي (1232هه) ۽ (5) بيبي سڪينه (وفات 1229هه)؛ ليڪن سندس هڪ ٻئي پٽ جو نالو به اسان کي ملي ٿو، مير صابرعلي ’سائل‘، جنهن جو پٽ مير حسين علي ’ضيا‘ ٿيو، ۽ ان کي مير صابر علي ثاني ٿيو، جنهن جو تخلص ’صابر‘ هو، ۽ ان جو پٽ، سيد حسين علي شاهه، هن وقت ٺٽي ۾ موجود آهي، جنهن جي عمر تقريباً 55 ورهيه کن ٿيندي.

تصانيف:

مير ’مائل‘ جو انتقال 1251هه ۾ ٿيو؛ هن وقت تائين سندس تصنيفون هيٺينءَ طرح اسان کي معلوم ٿيون آهن:

(1) ديوان مائل: جنهن ۾ 232 غزل موجود آهن، ۽ 108 ورق اٿس؛ اهو نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ آهي؛ ديوان جي پهرئين غزل جو پهريون شعر آهي:

الاهي درهمه پنهان وهم از جمله هويدا، پنهان چه هو يداست ظهورت زهمه ها. آخري غزل جو مقطعو آهي:

با ’مائل‘ حق آنکه ز دل مايل حق است، باشاه حق مآب دل حق به آب ده.

هن ديوان جا آخري ورق گم آهن، جنهنڪري منجهس ”ي“ جو رديف ڪونه آهي.

(2) مجمع البلغاء: 1218هه ۾، مير صاحب سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو هي تذڪرو مرتب ڪيو. ان ۾ ارغوني عهد کان وٺي ٽالپري زماني تائين جي شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهيءَ جو ڪوبه نسخو دستياب ٿي ڪونه سگهيو آهي. هن جو حوالو اسان کي برٽش ميوزم ۾ مسٽر ايليٽ جي فائلن ۾ ڏسڻ ۾ آيو؛ ڪتاب ۾ 639 ورق بيان ڪيل آهن.

(3) بياض مير ”مائل“: هي ننڍي سائيز جي تقريباً 200 ورقن تي، تمام باريڪ شڪسته خط ۾،مير صاحب جي پنهنجي هٿ اکرين لکيل آهي. هن وقت اهو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي. منجهس قصيدا، منقبت، نعتون، سلام، تاريخي قطعا ۽ متفرق اشعار جمع ڪيل آهن ۽ نهايت سليقي، قريني، ۽ ترتيب سان لکيا ويا آهن؛ ڪاغذ تمام پراڻو ٿي چڪو اٿس. ۽ هٿ لڳڻ سان پيو ڀري. هن مضمون جو مواد انهيءَ بياض مان ورتو ويو آهي.

(4) بياض: سنڌي ادبي بورڊ ۾، مير صاحب جا پنهنجا ۽ پنهنجي هٿ اکرين لکيل 3 ٻيا به بياض ساڳئي سائيز ۾ ساڳئي نموني جا آهن، جن مان هڪ اهو آهي، جنهن تان مٿيون بياض نقل ڪيو ويو آهي. هي غالباً مسودو هو. ٻيا ٻه به سندس ئي بياض آهن، جن ۾ پڻ قصيدا، سلام، مرثيا ۽ منقبت آهن.

]رسالو ٽِه ماهي ”مهراڻ“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، بهار: 1955ع مقالو: سيد حسام الدين راشدي، تلخيص[

سيد صابر علي ٺٽوي

 

مولانا دين محمد وفائي

مير صابر علي ولد مير غلام علي ’مائل‘ بن مير علي شير ’قانع‘، شاعر بن شاعر بن شاعر، هن صاحب ٺٽي جي شهر ۾ اُن وقت اکيون کوليون، جڏهن اسلامي حڪومت جو سنڌ ۾ خاتمو ٿي رهيو هو ۽ انگريز راڄ جي شروعات هئي. هن خاندان جي علم ۽ فضل ۽ شاعري سبب سنڌ جا حاڪم پرورش ڪندا هوا، سو دور ختم ٿي چڪو هو. پر ان هوندي به مير صاحب هڪ خانداني شاعر هو ۽ ٺٽي ۾ اُن وقت تائين گهڻا خوش گو شاعر موجود هوا، جنهن ڪري هن صاحب فارسي نظم ۾ ڪمال حاصل ڪيو هو. سندس ڪلام جو نمونو ڪجهه هيٺ ڏجي ٿو:

تيری شره، ز ابروی کمانی بکمینے

زین تیر کمان نیست امانے بہ امینے

مہر توان قرآن کرد بدل ہیئت شرف شد

در برج و داد است قرآنے بقرینے

از قرب رقیب بدخو حیرت افزود

زیبا نبود جاءِ چنانے بہ چنینے

ہر ناوک مڑگان خدنگ است پئے صابر

ابرو تو گویا ست کمانے بہ کمینے

ايضاً  ولہ

دستت از خون ما نگا رین است

دلبرا این چہ رنگ رنگین است

آب حیوان یا دعائی مسیح

یا تحقیق لبش نگارین است

گرچہ نرگس بہ باغ خودبین است

پیش چشم تو لیک نابین است

مہ جبین ابر زلف یار فلک

عقد رندان یار پروین است

صابرا نیست خوف روز جزا

چون شفیعت علی شہ دین است

سندس متفرق ڪلام گڏ ڪيو وڃي ته پورو ديوان جمع ٿي وڃي.

انگريزن جي اوائل حڪومت ۾ سڀ کان پهريان علمي خاندانن کي آئنده گذران جو خيال هو، ڇاڪاڻ جو اڳين خاندانن کي اسلامي حڪومت پاران يوميه (روزينا) يا جاگيرون مقرر هيون، جي انگريزي حڪومت ۾ سند پيش ڪرڻ کان سواءِ ختم ٿيڻ واريون هيون. اُنهيءَ بناء مير صابر علي هڪ پراڻو پروانو جو مرزا عيسيٰ ترخان جي مهر سان وٽن موجود هو، سو سنڌ ڪمشنر مسٽر فريئر صاحب جي پيش ڪيو، جنهن کان پوءِ تحقيقات ٿي ۽ سن پٽيداري بحال ٿي ۽ سندس لکپڙهه جي طفيل، ٺٽي جي ٻين خاندانن جا وظيفا بحال ٿيا. انگريزن جي شروع زماني ۾ ٻن سالن تائين قديم نموني ۾ سرڪاري لکپڙهه فارسي ۾ ٿيندي هئي ۽ مير صابر علي شاهه جي ڪتب خانه ۾ جهوني لکپڙهه فارسي واري موجود آهي. ان کان پوءِ جڏي سڏي سنڌي ۾ شروع ٿي. اُهي خط ڪليڪٽرن جا نظر مان گذريا آهن، مگر ڏٺو وڃي ته هي صاحب پاڻ سنڌي ۾ لکي پڙهي ڪونه ڄاڻندو هو. مير صابر فارسي جو بيحد خوشخط هو. سندس دستخط غزل ۽ ٻيا ڪاغذ نظر مان گذريا آهن، جن مان سندس قابليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

سندس خاندان مير حسين علي شاهه، پنهنجي والد کان بيان ڪيو ته فريئر صاحب سنڌ مان جڏهن بمبئي جو گورنر ٿي ويو ته هڪ دفعي مير صاحب کي پاڻ وٽ اُتي گهرايو هوائين، جو برابر ڏيڍ مهينو مهابلشور جي پهاڙي تي ساڻس رهاڻيون ڪندو رهيو هو. هو خوشگو شاعر ۽ وڏن جو يادگار بزرگ اٽڪل سن 1292هه ۾ دنيا فاني مان انتقال فرمائي ويو ۽ پوئتان وڏي ڄمار جو فرزند مير حسين علي شاهه يادگار ڇڏي ويو. (مسودات ڪتب خانه صابر علي)

]مولانا دين محمد وفائي ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/ حيدرآباد، 1985ع[

(1)  مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي جا ٽي جلد ”تحفة الڪرام“ مطبع ناصري بمبئي جا منهنجي ڪتبخاني ۾ موجود آهن. مٿيون ناياب نسخو مون وٽ مير محمد بخش خان ماڻڪاڻي ٽالپر بطور تحفه جي روانو ڪيو.

(1)  سيد صاحب جي استعفيٰ بعد، شاهه حسين، قاضي محمد اُچيءَ کي بکر مان گهرائي، قضا جي عهدي تي مقرر ڪيو ۽ اهو منصب پوءِ هميشه انهيءَ خاندان ۾ رهندو آيو.

(2)  امير نسيم الدين، امير عطا الله، ۽ سيد فضل الله جي سلسلي ۾، تاريخ روضة الصفا، تاريخ حبيب السير ۽ هفت اقليم ڏسڻ گهرجن. اهي ٽيئي بزرگ جيد عالم ۽ پنهنجي دور جا مشهور محدث ۽ مصنف هئا.

(1)  هتي ”جنة“ ۾ ”ة“ جا 400 عدد شمار ٿيل آهن: حالانڪ تاريخ گوئيءَ جي ماهرن جي اڪثريت هن ڳالهه تي متفق آهي ته ان جا 5 عدد يعني ”هاي هوز“ جي برابر هئڻ گهرجن.

(1)  اهي ٽيئي بزرگ وڏا عالم هئا، ۽ ڪيترن ڪتابن جا مصنف هئا. مير عبدالولي ’عزلت‘ شاعر ۽ ڪيترن علومن ۾ يگانهء روزگار هو؛ مولوي محمد صادق ٺٽوي سندس شاگرد هو؛ مخدوم محمد معين سان انهيءَ گهراڻي جو گهاٽو تعلق هو.

(2)  مير غلام ولي الله جي هڪ فرزند، محمد شاهه، جي ڄمڻ تي ’مائل‘ هيٺيون قطعو چيو: چون باخوي کز غلاميء علي نامش جلي ست، حق محمد شاه نام اين پور با فرحت بداد؛ گفت با روئي ”جلا“ تاريخ ميلادش سروش، ”از ولي الله محمد شاه فرحت ياب باد“. 1226+ 3- 1229هه تا بود نام محمد فرحت افزائي قلوب، عمرش از عون ولي الله خدا افزون کناد! – ص 76

(3)  مير ”مائل“ جي وفات، 19 ذي الحج 1251هه جو ٿي، ۽ مڪليءَ تي پنهنجي آبائي قبرستان ۾ دفن ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org