اهي سڀ بزرگ پاڻ صاحب تصانيف ۽ صاحب دواوين هئا؛
انهن مان هرهڪ کي جدا جدا ڪتب خانو هوندو هو، جنهن
مان نه فقط پاڻ فائدو وٺندا هئا، بلڪ دوست احباب
به وقت بوقت استفادو ڪندا رهندا هئا؛ انهن مان
هرهڪ بزرگ جي اوطاق ”دارالمصنفين“ ۽ ”ندوة
المصنفين“ هوندي هئي؛ ۽ هرهڪ استاد ۽ عالم جو
مدرسو، ”دارالعلوم ديوبند“ ۽ ”ندوة العلوم“ هو.
مير علي شير کي اهڙا معاصر مليا؛ انهيءَ قسم جا
همعصر شاعر مليا؛ ۽ اها علمي فضا ۽ ادبي ماحول
نصيب ٿيو. هن علمي صحبتن ۽ ادبي مجلسن جو پورو
پورو فائدو حاصل ڪيو. انهن مدرسن ۾ هن علم پرايو؛
۽ انهن دارالعلومن ۾ هن عربي ۽ فارسي زبانن تي
قدرت ڪامله حاصل ڪئي؛ ۽ انهن ڪتبخانن جي هرهڪ ڪتاب
جي هن ورق گرداني ڪئي؛ ۽ ڪتابن جي هرهڪ جلد مان هن
مطلب ۽ مواد اخذ ڪيو. ڪتبخانا نه فقط هن ٻين جا
ڏٺا، بلڪ خود سندس پنهنجو ذاتي ڪتبخانو ايڏو عظيم
الشان هو، ۽ ان ۾ ايترا نادر مخطوطا موجود هئا، جو
اڄ به ان جي فهرست ۽ ان جا باقي بچيل ڪتاب پڙهي ۽
ڏسي حيرت وٺيو وڃي ٿي.
مير صاحب جي مطالعي جي شوق، ۽ ٺٽي ۾ ڪتابن جي
فراوانيءَ ۽ دستيابيءَ جو اندازو تڏهن ٿئي ٿو،
جڏهن سندس پنهنجي تصنيفن ۾ اهڙن اهڙن ڪتابن جا
حوالا پڙهجن ٿا، جن مان اڄ به ڪيترا ڪتاب ناياب ۽
نادرالوجود آهن.
”تاريخ فرشته“، ”طبقات اڪبري“، ”منتخب التواريخ“،
”دهه ساله عالمگيري“، ”آئين اڪبري“، ”روضة الصفا“،
”حبيب السير“، ”مراة احمدي“، ”مراة سڪندري“،
”خزانهء عامره“، ”يدِ بيضا“، ”تذڪرهء واله
داغستاني“، ”هفت اقليم ابن رازي“، ”ڪلمات
الشعراء“، ”مجالس المومنين“، وغيره- تاريخون ۽
تذڪرا، تصنيف تاليف ڪندي، مير صاحب جي پيش نظر
هئا.
ايراني توڙي هندوستاني شاعرن مان ڪيترن جا ديوان
مير صاحب وٽ موجود هئا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي تقريباً
سڀني مصنفين جون تصنيفون به سندس پيش نظر هيون.
”تاريخ معصومي“، ”طاهري“، ”بيگلر نامه“، ”ترخان
نامه“، ”تذڪرة المراد“، ”آداب المريدين“، “حديقة
الاولياء“، کانسواءِ ڪيترا ديوان ۽ گهڻو ڪري
سِنڌِين جون سڀئي مذهبي تصنيفون سندس مطالعي ۾
رهيون هيون. ”طومار سلاسل گزيده“ تيار ڪرڻ وقت،
طريقت جي بزرگن جون گهڻو ڪري سڀئي ملفوظاتيون، ۽
سلسلهء طريقت جون اسناد ڏٺيون هئائين. ”ملفوظات
مخدوم جهانيان“، ”منهاج العباد“- شيخ سعدالدين،
”تحفة البرر“- شيخ مجدالدين بغدادي، ”بحرالدقائق
شافعي“، ”کتاب استعداد الاخرة“، به انهيءَ ڪتاب جي
ماخذن مان آهن.
پنهنجي ايراني بزرگن جون به گهڻو ڪري سڀئي تصنيفون
پڙهيون هئائين- جيئن ته امير غياث الدين منصور جا
تصنيف ٿيل ڪيترا ڪتاب سندس نظر مان گذريا هئا.
”طبقات ابن سعد“ جهڙو نادر ۽ ناياب ڪتاب، جيڪو اڄ
ڇپئي کان پوءِ به ايتري قدر نادرالوجود آهي، جو
اسان جي ملڪ جا گهڻو ڪري سڀئي ڪتبخانا ان کان
محروم آهن، اڄ کان ٻه سؤ ورهيه اڳ ٺٽي ۾ مير صاحب
جي مطالعي مان گذريو، جيئن پاڻ هڪ هنڌ (”مقالات
الشعراء“ 212) فرمائي ٿو ته: ”25 ربيع الاول
1169هه جو، مخدوم ضياء الدين ٺٽويءَ کان، ”طبقات
ابن سعد“ جو ٻيو جلد پڙهڻ لاءِ مستعار ورتم.“
مير صاحب جو علمي ورثو:
تصانيف: مير علي شير جي زندگيءَ جو مقصد فقط تصنيف
تاليف هو، جيئن اسين مٿي ڄاڻائي آيا آهيون- هن 12
ورهين جي ڄمار ۾ قلم ۽ ڪاغذ کنيو، ۽ مرڻ گهڙيءَ
تائين ان کي هٿ مان نه ڇڏيائين. صحيح پتو ڪونه ٿو
پوي ته، هن ڪيترا ڪتاب لکيا، پر ”مقالات الشعراء“،
”فهرست ڪتبخانه ٺٽه“ (برٽش ميوزيم
(O.R.2073
۽ ”تحفة الڪرام“ (مملوڪ خان بهادر مولوي محمد
شفيع، لاهور) مان جن ڪتابن جا نالا ملن ٿا، انهن
جو تعداد 42 آهي. ڪيترا ڪتاب اهڙا به هئا، جن جا
مسودا نامڪمل رهجي ويا- جيئن پاڻ فرمائي ٿو:
”اکثر مسودات بهرجا که ماندند، ماندند.“
(”مقالات الشعراء“ 214)
1174هه ۾ ”مقالات الشعراء“ تصنيف ڪيائين. ان ۾ لکي
ٿو ته:
”الی
الحال اگر بجمع شعر می
پرداخت تا سی
(30) هزار بيت کم و بيش رسيده می
بود.“
گويا مٿئين سال تائين، جيڪي هن شعر چيو، سو به گڏ
ڪونه ڪيائين ۽ جن جو تعداد ڪم و بيش ٽيهه هزار ٿئي
ها. اهڙيءَ طرح 1174هه کان وٺي 1202هه تائين، 28
سال پوءِ به، اهو سلسلو جاري رکيائين: خبر نه آهي
ته ان مان ڪيترو ضايع ٿيو ۽ ڪيترو بچيو. بهرحال جن
ڪتابن جا نالا معلوم ٿيا آهن، يا ڪتاب دستياب ٿيل
آهن، انهن جو ذڪر تصنيف جي ترتيب سان هيٺ ڪجي ٿو:
(1) ”ديوان علي شير“- (1152هه): ٻارهن ورهين جي
ڄمار ۾ هي ديوان مرتب ڪيائين، جنهن کي نامعلوم
سببن ڪري درياهه ۾ لوڙهي، ايندڙ ٻه سال،
53-1154هه، شعر چوڻ ڇڏي ڏنائين؛ هن ۾ نالو تخلص
طور استعمال ڪندو رهيو.
(2) ”مثنوي شمهء از قدرت حق“- (1165هه): مثنويءَ
جو نالو تاريخي آهي- سال تصنيف 1165هه ان مان
برآمد ٿئي ٿو. انهيءَ مثنويءَ جو ڪوبه نسخو موجود
نه آهي. ڀانئجي ٿو ته مثنويءَ ۾ ڪو قصو بيان ڪيل
آهي. ”مقالات الشعراء“ ۾ نمونتاً ڪجهه شعر ڏنا ويا
آهن، جن مان مٿيون قياس ٿئي ٿو:
- در تعريف بر دکان نشستن آن جوهري پسر-
پسر چون دکاندار شد در ديار |
چو خورشيد اندر حمل بسته يار |
کفش بر ترازو چو گشتی
فرو |
قمر در ترازو مکان يافت گو |
- قطعات لعل امانت فقراء را جوهري پسر در ستون
مخفي ساخته-
ستون گشته کان بدخشان سپس |
برو رشک بر وی
بسی
کان سپس |
چو در راستي بوده پا استوار |
شده زادگانِ خورش در کنار |
(3) ”مثنوي قضا و قدر“- (1167هه): ”گل از بهار
قضا“ مان اهو سال تصنيف برآمد ٿئي ٿو. هيءُ مثنوي
”نڪهت“ شاعر جي تحريڪ تي لکي وئي. ڪوبه نسخو موجود
نه آهي. ”مقالات الشعراء“ ۾ هيٺيان اقتباس ڏنل
آهن:
- در صفت کشمير-
خور اندر سبزه زارش شپره وار |
نيارست آنکه بيند روی
انوار |
گر آيد بالمثلمه در زمينش |
کند گلچين غلط با ياسمينش |
ببوی
بوی
شبويش زهر باد |
گل خورشيد گيرد غنچگی
ياد |
گهی
تقرير وصفِ زعفران زار |
لَب از خنده نيابد راه گفتار |
زبس سَروَش بازادي علم شد |
ثمر در تخلهايش وقف هم شد |
طلاي آفتاب آنجا است پر غش |
زبش در بوتة گل ديده آتش |
تونگر گردد آن کو بار دارد |
گلستانش گل دينار دارد |
- در صفت خوبرويان چين-
زروئ گلرخانش چشم خورشيد |
زبس گستاخ بين افتاد جوشيد |
ز گفتارِ ملاحت ريز خوبان |
بگيرد عندليب آتش بدامان |
زفر جبهء شان حسن آداب |
نمايد همچو در مينا ميء ناب |
مِه نو تا به ابرو يافت نسبت |
همی
بالد بخود از فرط بهجت |
مگر دست قضا از صنع ايزد |
لطافت جمله اندر ساعدش زد |
ز روي بيت صدرِ شان توان يافت |
معاني را که اندر دل همان يافت |
نهد ار پشت بر ديوار چون مست |
توان دريافت نقش او چه چيز است |
گهي نظاره خوبیء
هر ماه |
تماشائی
بر آرد الله الله |
- صفت هندو نغمه نوازان هند-
بپا کوبیء
رقاصان مه وش |
فتد نظاره را نعل اندر آتش |
صلای
باده نوشی
اندر و عام |
بود خورشيد آنجا صورت جام |
مدام اندر وی
از صافیء
مهتاب |
مه نو هر شب آفزايد میء
ناب |
مگو اختر که رخشانند هر شام |
خم گردون شراب انداخت در جام |
بهار نشهء سرشار دارد |
سرود آنجا عجب بازار دارد |
هر آنکو بسته آهنگ حجاز ست |
لجام توسنش از تار ساز ست |
دف خورشيد اندر دست زهرش |
به پيش مطريش کمتر ز مهرش |
بهر محفل که نا و نوش دارد |
هوس بر سير پا بردوش دارد |
- در صفت مصر و تعريف عمارتهايش-
وزد بادش اگر از جانبِ آب |
حباب از ياسمين گيرد فزون تاب |
هوايش گر بروي هجر آيد |
ز شاخِ خشک مرجان گل بر آيد |
بدوش مشرق اندر وقت تعمير |
فلک می
ريخت آهک از تباشير |
ازان خورشيد بر کف رعشه دارد |
که خواهد دستي از بامش بر آرد |
که گچکاري از خورشيد تابان |
ستاند پنجه رازش دستگردان |
بهر خشت عمارتهاش خورشيد |
برای
اقتباسِ نور بوسيد |
کمانِ طاقش از قوسِ قزح ساخت |
رواقش را چو بنا منشرح ساخت |
بود مهتاب آنجا آهک کرم |
سفيده صبح از خاکش کشد شرم |
- رسيدن از خشکي بدرياء و صفت آن-
دگر راهِ شتابيدن چو طی
شد |
بجمله احتياجِ کشتیء
شد |
بلي کشتي گدايان را ضرور است |
که فاقه را بدو راهِ عبور است |
مسافر را برطب و يابس است راه |
ز خشکي باز دريا گشت دلخواه |
غبارِ ماندگی
بست ابر در دل |
کنارِ بحر ماندم پاي در گل |
چه بحر آن کز کمالِ پاکی
رنگِ |
نهنگ چرک را زد قافيه تنگ |
(4) ”نو آئين خيالات“- (1169هه): انهيءَ نالي مان
سال تصنيف برآمد ٿئي ٿو، اهو ڪتاب نثر ۾ آهي. ڪوبه
نسخو موجود نه آهي، جنهن ڪري معلوم نه ٿي سگهيو ته
ڪتاب ڪهڙي موضوع تي هو.
(5) ”مثنوي قصهء کامروپ“- (1169هه): هيءَ مثنوي به
گم آهي. ”مقالات الشعراء“ ۾ لکي ٿو ته تخميناً ٽي
هزار بيت منجهس آهن ۽ 1169هه ۾ تصنيف ڪيائين.
مقالات الشعراء ۾ انهي مثنوي جا هيٺيان اقتباس ڏنل
آهن، جن مان نوعيت ۽ انداز معلوم ڪري سگهجي ٿو:
تا قدم از ارض رضاعت کشيد |
پايهء قدرش بعليين رسيد |
قبضهء قدرش چو کمان گير شد |
ناوکِ دشتش بفلک تير شد |
بخت بلندش نه شمارد يکي |
بلکه کند سهو که جم بود وکی |
بازوی
قدرت چوفشردی
به تيغ |
زهرهء رستم بزدی
ريغ ريغ |
- در صفت چترمن مصور-
کز قلم مو چو کشد مشکل باغ |
لاله ز شنجرف پر آرد اياغ |
آب گهر در صدفش داشت جا |
تا ورق سبزه نمايد طلا |
غنچة تصوير وي از بوی
فرح |
رايحة خلد برين راست شرح |
بر لب تصويرش حرفِ نشاط |
گل کند از گوشهء صحنِ بساط |
گر بمثل در کشود شکل آب |
نقطة سهوِ قلمش دان حباب |
- صفت صيد گاه مينونشان-
آهکش از پرتو مه بيش تاب |
در گچش آميخته رنگ سحاب |
خشت پزانش پي حسن نظر |
بسته نمودند خميرِ گهر |
مخمل سبزه به هجومي که آب |
راه نمي يافت ببانين خواب |
بر لب هر جدولش
از موج آب |
نقش نشاط ابدي داشت تاب |
بلبلش از نغمه سرائی
فرح |
از پي سيپارة گل بسته شرح |
فاختة زاهد مشرب دران |
داشت بلب آية کوکو روان |
حاجيء قمري ز پئي طوف سرو |
خواسته احرام ز بال تذرو |
پير عصا در کف زنبق بنام |
داشت بصحن چمن آنجا خرام |
موي دماغش ز بس آشفته بود |
بينيء وا کرده سخن می
نمود |
از گل شب بوش گل آفتاب |
گريه همی
خواست کند بوی
آب |
باد صبا داشت درو زرگری |
سکه همی
زد بزرِ جعفری |
- در شکستن جهازات بطوفان-
يوسف مه رفته ته قعر چاه |
يونس شب حوت گرفته پناه |
فتنه بپا خواسته در رنگ باد |
جوش زده بحر که طوفان فتاد |
آتشی
افروخت منقل حباب |
سوخته هر خار و خسی
را بر آب |
ماهیء
موج از اثرِ برق باد |
سينهء خود را بشرر بر نهاد |
جامه به تن چاک زده نا خدا |
رفته ز سکان سکون جمله را |
در کفِ ملاح ز بادی
چنان |
پنبة حلاج شده بادبان |
ديدهء گرداب ز بس کور بود |
در طلبِ مردم پرشور بود |
خورد شد آن جمله کشتی
بر آب |
در نفسی
همچو سفالِ حباب |
مردم خشکی
همه آبی
شدند |
درچه آن بحر شتابی
شدند |
- در صفت جنگ-
صور سرافيل دميده چو نائي |
مغز هزبران بچکيده ز نائي |
بسکه بپا گشت دَم گاو دُم |
گاو زمين و فلک انداخت سم |
در کف پر برگ تبيره زنان |
خون يلان بسته چو بيره زنان |
بحر ستيز آنگه طوفان گرفت |
پنجهء خورشيد ببحران گرفت |
تير فلک ريخت برنگِ خدنگ |
گاهگشان پا زده در نيم ننگ |
ازدرِ شمشير چو پر وار شد |
هر طرف از زخم بهم غار شد |
مغز پراگنده شد از عطسه تيغ |
در سر پيکار کنان بيدريغ |
گشت بپا تاکه طريدِ ستيز |
جان به برِ رستم شد ريز ريز |
هر طرفي خاست ترنگا ترنگ |
پنجهء خورشيد شده بر خدنگ |
شور چقا چاق نهنگِ خدنگ |
ريخت همی
مغز دماغِ پلنگ |
بسته بخون بود يلان را مگر |
لاله صفت کرده سپر در سپر |
- صفت مبارزت نانک چند جوهري-
تيغ بکف نانک چند جوهري |
بود چو الماس پئ جان جري |
تابزدي از سر غصه طريد |
لعل ز فيروز همی
شد پديد |
داشته تيغش عمل کهربا |
بهر خسيسان بجان در بلا |
- صفت رزم دهنتر طبيب-
دهنتر آنجا که فشردي قدم |
تيغش مي جسته ز کف دم بدم |
شربتِ مرگ از کفِ او موجزن |
بوده پئ نوش عدو در زمن |
- صفت جنگ رس رنگ کلاونت-
کرده چو رس رنگ سوی
رزم راه |
جسته ز چنگش اجل آنجا پناه |
گوش مخالف ز طريدش بخَست |
تيغ دودستی
بزدي همچو مست |
کرده بقانون شجاعان نبرد |
از سرِ مردان چو اجل ريخت گرد |
گرز گران در کفش از پر دلی |
زمزمه خوان بود به نقشِ يلي |
- صفت نبرد چترمن مصور-
چترمن آنگه که شدي رزم جو |
پي عدو بود گو اندر فرو |
در کفِ او مانده عدو نقش وار |
بلکه چو تصوير بديوار يار |
صفحهء صحرا ز کفش رنگ بست |
بسکه سرانِ سپه اندر شکست |
- در فتح شاه و هزيمت دشمن-
شير علم ديده چو روباه شد |
بود ز جان سير بلا خواه شد |
پرچمِ اقبال شه از بادِ فتح |
ترجمه مي بست باسناد فتح |
(6) ”ديوان قال غم“- (1171هه): ديوان جو اهو
تاريخي نالو آهي. منجهس غزل، قصيدا، مخمس، ترجيع
بند، وغيره سڀئي اصنافِ سخن موجود هئا. 9 هزار
شعرن جو هي مجموعو به زماني جي دستبرد تباهه ڪري
ڇڏيو.
(7) ”ساقي نامه“- (1174هه): ”ساقي نامه“ جو انداز
هي آهي:
بيا ساقيا زان مئ ناب ده |
بلب تشنگان بکدمي آب ده |
که در آتشم از خمار شراب |
باتش ز آتش توان داد آب |
شب و روز در فکر آنم که کي |
شود جان اين مرده دل باز حي |
گروهی
که رفتند زين تيره خاک |
ندانم چه کردند باجانِ پاک |
وضو را بابِ عنب مي کنم |
نمازِ سرِ شام و شب می
کنم |
همي بينم از دور محراب جام |
که پيشش صراحی
است اندر قيام |
باين قائم الليل دارم شروع |
که در سجده افنم ز بعدِ رکوع |
موذن چو گلبانگ حیّ
بر زبان |
چومينا دهم روح گريه کنان |
مناجاتيان تا نيابند راه |
بکوئي خرابات بردم پناه |
مغنی
نوای
که مستی
دهد |
رهی
زن که ذوقِ الستی
دهد |
چو در کاسهء سر نداريم آب |
لبم تَر نمائی
ز موجِ رباب |
(8) ”واقعات حضرت شاهه“- (1174هه): هن جو ذڪر به
”مقالات الشعراء“ ۾ آيو آهي، جنهنڪري ڀانئجي ٿو ته
1174هه کان اڳ جي تصنيف آهي. هن مثنويءَ ۾ هڪ هزار
شعر هئا. نسخو ڪوبه موجود نه آهي. نالي ۽ هيٺين
اقتباسن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ مثنوي ڪربلا جي
واقعن ۾ آهي، ۽ منجهس مختلف بحرن ۾ شعر چيا ويا
آهن.
مگر هلال که بک کشتی
است طوفانی |
تنور فتنه ز بس جوش کرده عماني |
دونيمه گشتهء دل روزگار روزِ عزا |
يکی
بزير زمين شد دگر بروی
سما |
ز بس گريست محبانه زين مصيبت خون |
فتاد ناخنه در چشم ارزقِ گردون |
پر از ستاره نباشد بچشم اندهناک |
زناوک غم گشته مشبک اين افلاک |
* * *
مگر که مهر بروی
سما نمود طلوع |
درين معامله چشم مسيح شد نگران |
* * *
دمِ آبي نبوده جز دمِ تيغِ
|
مگر از آسمان باريد اين ميغ |
لباسِ چرخ زان گرديد نيلی |
کزين جورِ زمانه خورد سيلی |
براندامِ خور از آن رعشه افتاد |
که روزی
کربلا مي باشدش ياد |
(9) ”چهار منزلھ“- (1174هه): مصنف هن مثنويءَ جو
ذڪر به ”مقالات الشعراء“ ۾ ڪيو آهي، جنهن ڪري
مثنوي 1174هه يا ان کان اڳ جي تصنيف ڀانئجي ٿي. هڪ
هزار شعرن جي هيءَ مثنوي به گم ٿي وئي. هيٺين
اقتباسن مان اندازو ٿي سگهي ٿو:
- در صفت حلقه بيني –
يروی
راست بينش حلقه ديده |
دکانِ حيرتم بر خويش چيده |
کدامي بی
ادب پيچيده بر است |
که شکل حلقهء بينيش پيداست |
تامل کرده تا من خوب ديدم |
بروي است بينی
سر کشيدم |
سرش گردِ دهانِ يار الحق |
طلوعِ آفتابست اين ز مشرق |
- در شکايت زمانه -
مرا از بی
زری
شد آنچه حاصل |
نديده عشر آن قارون تهِ گِل |
مر او را کرده زر مردود ايزد |
منم از بي زري در مردمان بد |
بسي از دوستان در بی
زري ام |
همين رانند اندر زرگری
ام |
همه اخوان بحقِ اخ نويسند |
شدم تا بينوا اخ اخ نمايند |
کليم الله بفرض آيد اگر باز |
ازين قارون سرشتان نيستش ساز |
کسانی
که چنين کالا کشيدند |
مَگر از خالهء خالا کشيدند |
(10) ”تزويج نامهء حسن و عشق“- (1174هه): هي ڪتاب
به 1174هه کان اڳ جي تصنيف آهي- نه نسخو موجود آهي
نه اقتباس، جنهن مان ڪتاب جي مضمونن جو اندازو ڪري
سگهجي. البت پاڻ لکي ٿو ته هن ۾ مقفى ۽ مسجع نثر
لکيو ويو آهي. عنوان مان معلوم ٿئي ٿو ته، حسن ۽
عشق جي ميلاپ ۽ معاملن تي ادبي طور طريقي ۾ خيال
آرائي ڪئي وئي هوندي.
(11) ”اشعار متفرقه در صنايع و تاريخ“- (1174هه):
هي هڪ جدا مجموعو، ڄاڻايل سال تائين مرتب ڪيو
هئائين، جنهن ۾ تاريخي قطعا ۽ صنايع جا اشعار، هڪ
هزار جي تعداد ۾ هئا. اهو نسخو به گم آهي.
(12) ”بوستان بهار“- (1174هه) معروف به ”مڪلي
نامه“: ”بوستان بهار تازهء دل“ مان سال تصنيف
برآمد ٿئي ٿو. مڪليءَ جي منظرن ۽ مقبرن تي هن ۾
نظم ۽ مقفى نثر ۾ شاعرانه خيال آرائي ڪئي وئي آهي.
هن جو مسودو سنڌي ادبي بورڊ ۾ مصنف جي خط ۾ محفوظ
آهي. هي رسالو هن مضمون سان گڏ شايع ٿي رهيو آهي،
تنهنڪري تفصيل آئنده صفحن ۾ ڏسڻ گهرجي.
(13) ”مقالات الشعراء“- (1174هه): مصنف لکي ٿو ته،
1169هه ۾، جڏهن هو ”مثنوي کامروپ“ لکي رهيو هو، ان
وقت کيس هن بيش بها تذڪري لکڻ جو خيال پيدا ٿيو.
انهيءَ سال هن لکڻ شروع ڪيو، ۽ پنجن سالن جي ديده
ريزيءَ ۽ محنت کانپوءِ 1174هه ۾ جوڙي تيار ڪيائين.
نالي مان اختتام جو سال نڪري ٿو، ۽ جيڪڏهن ان مان
5 عدد گهٽ ڪبا ته تصنيف جي شروعات جو سال 1169هه
معلوم ٿيندو. سنڌ جي فارسي گو شاعرن تي انهيءَ کان
اڳ ڪوبه تذڪرو ڪونه هو. اهوئي پهريون ڪتاب آهي،
جنهن مان سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ معلوم ڪري
سگهجي ٿي. مير صاحب سِنڌين کانسواءِ، هن ۾ انهن
شاعرن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سنڌي النسل نه هئا،
بلڪ ٻاهران اچي سنڌ ۾ رهيا، يا سفر ڪندي سنڌ مان
اچي لانگهائو ٿيا. هن تذڪري لکڻ ڪري، مير صاحب جو
سنڌ تي اهو احسان عظيم آهي، جنهن جي بار کان سنڌي
قيامت تائين آجا نٿا ٿي سگهن. مصنف جي پنهنجي هٿ
اکرين لکيل نسخو، سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي ۽ هڪ
نسخو برٽش ميوزيم ۾ به
(ADD2I, 589)
آهي، جيڪو 1246هه ۾ مير مراد علي خان لکرايو. انهن
ٻنهي نسخن جا نقل مون وٽ آهن؛ انهن کانسواءِ ٻيو
ڪوبه نسخو موجود نه آهي.
(14) ”تاريخ عباسيه“- (1175هه): ميان غلام شاهه
1175هه ۾ مير صاحب کي ڪلهوڙن جي تاريخ لکڻ لاءِ
مقرر ڪيو. معلوم نه آهي ته مير صاحب ڪهڙن سببن ڪري
ان کي مڪمل نه ڪيو، پر ٺٽي جي ڪتبخانن جي فهرست،
جيڪا برٽش ميوزيم ۾
(O.R.2073)
آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب جو گهڻو حصو
لکجي چڪو هو. فهرست نگار لکي ٿو ته:
”تاريخ عباسيه“ اعنی
در بيان ميان صاحبان کلهوره از ابتدای
آمدن شان در سند، مع تحقيقات نسب اوشان، و تقرر
زمينداری
آن فرقه در سند، و بدست رسيدن بانها حکومت سند، و
احوال و واقعات آن ايام، سيد علي شير ’قانع‘ مرحوم
در نظم و نثر تاليف و تصنيف کرده، و مسوده ناتمام،
از هردو در کتابخانه موجود- نسخهء نظم قريب بيست
هزار ابيات.“
(15) ”تاريخ عباسيه“- (1175هه): مٿئين اقتباس مان
معلوم ٿئي ٿو ته هن جو نامڪمل نسخو به مير صاحب جي
ڪتبخاني ۾ موجود هو، ۽ ان ۾ ويهه هزار اشعار هئا.
ڀانئجي ٿو ته دستور مطابق اها تاريخ ”شاهه نامه“
جي طرز تي ساڳئي ئي بحر ۾ لکي وئي هوندي. افسوس
آهي جو هنن ٻنهي ڪتابن جا نسخا تلف ٿي ويا؛ نه ته
انهيءَ دور جي تاريخ تي اهي ٻئي تاريخون مستند
ماخذ جو ڪم ڏين ها. جنهن صورت ۾ مير صاحب انهيءَ
دور جي تاريخ تي جداگانه ڪتاب لکي رهيو هو، تنهن
ڪري ”تحفة الڪرام“ ۾ ڪلهوڙن جو ذڪر نهايت سرسري
محض هن ڪري ڪيو اٿس ته:
”ذکر شان در طبقه علحده ميگردد، و بنابر مزيد
فائده و ادای
حقوق نمک ذکر از اصل مع بيان بزرگان اين سلسله
مجملاً گذارش ميکند.“
(16) ”تحفة الڪرام“ (1181هه): ”مقالات الشعراء“
کانپوءِ مير صاحب هي ٻيو ڪتاب معرڪي جو لکي، سنڌ ۽
تاريخ سان دلچسپي رکندڙ اهل علم ماڻهن تي، عظيم
احسان ڪيو. ڪتاب ٽن جلدن ۾ هيٺين طرح ورهايل آهي:
جلد پهريون- انبياء، حڪماء، بادشاهه ۽ خلفاء اسلام
جي حالتن ۽ تاريخ ۾- جيتوڻيڪ ٻئي جلد جي شروعات ۾
بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”از تاليف مجلد اول تحفة الکرام مشعر حالات خلاصه
موجودات انبياء و اوصياء، و حکماء، و خلفاء و
سلاطين فراغت يافته.“
مطبوعه نسخي ۾ جيڪو پهريون جلد آهي، سو حقيقت ۾
”تحفة الڪرام“ جو پهريون جلد نه آهي، بلڪ تاريخ
”مراة احمدي“ جي ٻئي جلد جا 86 صفحا ”تحفة الڪرام“
جي عنوان سان ڪنهن ڇپائي ڇڏيا آهن. ”مراة احمدي“
1357هه ۾ مطبع فتح الڪريم بمبئي ۾ ڇپيو، جنهن جي
ساڳئي ڇاپي جي 86 صفحن کي علحده ڪري غالباً ساڳيءَ
پريس وارن، ان تي ”تحفة الڪرام“ جو نالو لکي، بقيه
ٻن جلدن سان پيوست ڪري ڇڏيو آهي.
|