سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مير علي شير قانع ٺٽوي

باب:

صفحو:11 

سيد ضياءُ الدين ٺٽوي

مولانا دين محمد وفائي

سيد ضياء الدين ’ضياء‘ ولد سيد مير عزت الله شکر الٰهي. هي بزرگ ٺٽي جي مشهور شاعر ۽ فاضل سيد مير علي شير ’قانع‘ جو سڳو ۽ ننڍي ۾ ننڍو ڀاءُ هو. تحفة الڪرام ۾ مير ’قانع‘ پنهنجن ڀائرن جي بيان ۾ پاڻ کي 4 نمبر ۽ ضياء الدين کي 6 نمبر شمار ڪيو آهي، ڀائنجي ائين ٿو ته مير ’قانع‘ جي هن دنيا فاني جي حياتي کان قناعت گزين ٿيڻ کان پوءِ هن صاحب شعر شاعري ڏانهن توجه ڪيو آهي، جنهن ڪري ئي حضرت ’قانع‘ ڪٿي به سندس شاعري جي حيثيت جو تذڪرو ڪونه آندو آهي.

سيد ضياءالدين فارسي ۽ اردو جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس هڪ فارسي غزليات جو مڪمل ديوان مگر غيرمرتب موجود آهي، اهڙي طرح هندي يا انهيءَ زماني جي اردو زبان ۾ هن غزليات جو هڪ ديوان به مرتب ڪيو. ”هير رانجها“ جي عشقيه قصي کي مثنوي جي صورت ۾ تيار ڪيو. ”فتح نامه ٽالپران“ به سندس نظم ۾ موجود آهي. سيد ’ضياء‘ جي ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي ٽالپر حاڪمن مان هو مير ٺاري خان ميرپورخاص واري حاڪم جو درٻاري شاعر هو ۽ قصه هير رانجهو جو سندس نالي منسوب ڪيو اٿس.

اردو ديوان جي ديباچه ۾ فرمائي ٿو ته:

فقيراضعف العباد ضياءالدين المتخلص بضيا ولد سيد عزت الله شيرازي ساکن بلده ڻهڻه از ديوان غزليات در زبان فارسي و قصائد و مناقب بسيار که هنوز اورا ترتيب ديوان نداده ويک مثنوي عشقيه رانجها هير تصنيف کرده در حضور گذر رانيده بود باالفعل ديوان بزبان هندي تصنيف نموده“

سندس ڪلام جو نمونو هيٺين طرح آهي:

هي جڳهه خالي ڇڏيل آهي

سيد ضياء الدين جي وفات 13 ذي القعد 1229 هجري ۾ ٿي. پنهنجي خانداني مقبره ۾ مڪلي ۾ دفن ڪيو ويو.

]دين محمد وفائي ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد/ ڄام شورو، 1986ع[

مولانا دين محمد وفائي

سيد مير عظيم الدين ولد سيد مير يار محمد ولد سيد عزت الله (متوفي 1160هه) شڪراللهي شيرازي ٺٽوي. هي صاحب مير علي شير ’قانع‘ جي وڏي ڀاءُ جو فرزند سال 1162هه ۾ ٺٽي ۾ تولد ٿيو. ”مقالات الشعراءِ“ ۾ علي شير، محمد روشن ”ذهين“ ٺٽوي جي تذڪري ۾ لکي ٿو ته، هن صاحب منهنجي وڏي ڀاءُ مير  يارمحمد صاحب جي فرزند مير عظيم الدين جي ولادت جي تاريخ ”انالھ لحافظون“ جي قرآني آيت مان ڪڍي آهي.

”تاريخ تولد مير عظيم الدين قرت العين برابر قبله مڪان مير يار محمد صاحب، انالھ لحافظون بر آورده“ (مقالات)

تحفة الڪرام ۾  پنهنجي خاندان جي شجره جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”سيد يار محمد بادو فرزند مير ڪريم الدين و مير عظيم الدين که اکنون سليقه شعر نيک اندوخته است داخل يادگاران آباد است.“

هن مان ظاهر آهي ته مير عظيم الدين پنهنجي چاچي بزرگ جي حياتي ۾ ئي شاعري شروع ڪري ڏني هئي، مگر اڃا اُن ڪماليت کي نه رسيو هو، جو سندس تذڪرو پنهنجي ڪتاب ”مقالات الشعراء“ ۾ ڪري ها.

مير عظيم الدين اڃا ننڍو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن ڪري سندس تعليم جو باقاعده انتظام ڪونه ٿي سگهيو. جيئن ته ”فتح نامه“ ۾ لکي ٿو ته:

نشد باب تعليم ھٰذالصبی

کسی غیر باب علوم النبی

يعني ته منهنجو ٻالجتي ۾ پيغمبر جي علمن کان سواءِ ٻي هنڌ تعليم جو ڪوبه دروازو ڪونه کليو.

هي خاندان بنيادي طرح پنهنجي قوت گويائي ۽ شاعري جي ذريعي سنڌ جي حاڪمن وٽ عزت ياب ٿيندو رهندو هو ۽ ٺٽو اُن وقت علم و فضل ۽ شعر شاعري جو گهوارو هو، جنهن ڪري هي صاحب پنهنجي خانداني فن يعني فارسي شاعري ۾ ڪمال حاصل ڪري مير بجار خان جو اُن وقت ڪلهوڙن حاڪمن جي پوئين دور جو هڪ وڏو امير هو، رسائي حاصل ڪئي ۽ مير صاحب هن جو بيحد قدر ڪيو. جنهن جو بيان هيٺين شعرن ۾  فرمائي ٿو:

چہ میر جہان قدر افزاء قدر

 بہ افزود قدرم بہ بالائی قدر

نوشتہ فزودم زمرد  وسیم

بدل شد بامید مایوسیم

بصد لطف می بود غمخوار من

پس از وی غم او بود یار من

هن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب سندس سامهون ڪلهوڙن هٿان شهيد ٿيو. جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ حڪومتي انقلاب آيو ۽ اهو انقلاب مير عظيم الدين پنهنجي اکين سان ڏٺو. جڏهن حڪومت مير فتح علي خان ٽالپر جي نالي تي قرار ورتو، تڏهن هي صاحب سندس دربار ۾ پهتو ۽ ”فتح نامه سنڌ“ سندس نالي تي لکيائين. مير عظيم الدين، فتح نامه سنڌ کان سواءِ ”مثنوي سيردل“ مثنوي ”هير رانجهو“ لکيا، جي فارسي ۾ موجود آهن ۽ سندس غزليات جو هڪ ديوان به آهي.

فتح نامه سنڌ 1199هه ۾ تصنيف ڪيائين ”مثنوي سير دل“ 1206هه ۾ ختم ٿي، جنهن جي تاريخ تصنيف غلام علي ’مداح‘ ٺٽوي هن ريت ڪڍي آهي.

زہی مثنوی تحفئہ اہل بزم

عجب سیر دل نامہ نسخہء زیبا

1206ھ

هير رانجهو جي سبب تصانيف بابت فرمائي ٿو:-

در مقامات عشق رانجہو ہیر

فلک حسن را دو نجم منیر

بگذاشتہ بہ بزم خسر و سند

میر نامدار فارس و ھند

کین سخن نظم تابندہ می خواھد

چہرہ ذکر غاز می خواھد

شاھ ما بر گزیدہء ازلی

گفت با میر ما غلام علی

نظم این ذکر ھست کار عظیم

گر کند ذکر ھست کار عظیم

شاھ چون این گہر فشانی کرد

صاحب قدر قدردانی کرد

حسب الامر شاھ والا شان

خسر و سند نامدار جہان

يعني ته مير فتح علي خان جي ڪچهري ۾ هير رانجهي جي داستان عشق جو ذڪر نڪتو ته پاڻ پنهنجي ڀاءُ مير غلام علي کي حڪم ڪيائون ته ان قصي کي ڪنهن نئين رنگ ڍنگ ۾ نظم ڪيو وڃي، جنهن لاءِ سيد عظيم الدين وڌيڪ موزون آهي. بادشاهه جي قدرداني ۽ ارشاد موجب اها مثنوي لکي ويئي ۽ سال 1214هه ۾ ختم ٿي. جيئن سال تاريخ بابت لکي ٿو:

قصہ عشق پاک رانجھن ھیر

شد ز طبع عظیم نظم پذیر

گفت سالش سروش فرخ پئی

قصہ عشق ھیر رانجھو طی

1214ھ

مير صاحبن جي مهرباني سان سيد صاحب جي مالي حالت ڏاڍي بهتر ٿيندي وئي. هن صاحب سن 1208هه ۾ هڪ عاليشان بنگلو اڏايو، جنهن جي تعمير سال لاءِ سندس سؤٽ مير ’مائل‘ ولد مير ’قانع‘ ڪيترا قطعا لکيا آهن، جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:

چہ قصر آنکہ مسمی بہ بنگلہ کرداند

چہ بنگلہ کہ بود رشک جنت الماویٰ

عمارتی است معلیٰ بہ گنبذ عالی

زہی عمارت خوش گنبذ ست نیک نما

برائی سیر عجب سیر گان این قصر است

تو ان نمود بھر لحظہ سیر  این خوش جا

خصوص در شب مہتاب موسم باران

برائی سیر بود   گلشن نشاط افزا

دلم بہ مزدہ تعمیر این بنائی عظیم

عجب بناء خجستہ بگفت سال بنا

        1208ھ

ایضاً

زھی مکان آنکہ عجیب سال تعمیرش

عجب مکان زھی خوب قصر دل فرمود

1208ھ

ایضاً

چو ھست بنگلہ میر ما عظیم الدین

عجب مکان عظیم، عجب نشان عظیم

دلم بمزده این خوش مکان عظیم

بگفت سال عزیمش "عجب مکان عظیم"

                                  1208ھ

سنڌ جي هن ڪامياب ۽ نامور شاعر جي تاريخ وفات اگرچه گهڻي ڳولا کان پوءِ به هٿ نه آئي، مگر هي ته ظاهر آهي ته هو 1162هه ۾ تولد ٿيو ۽ 1214هه تائين زنده هو. سندس اولاد ڪونه آهي. ڪتاب ۽ تصنيفات سيد صابر علي ولد مير ’مائل‘ ولد مير ’قانع‘ جي ڪتب خانه ۾ ڏٺا ويا، جتان آهسته آهسته گم ٿي رهيا آهن.

]دين محمد وفائي ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد/ ڄام شورو، 1986ع[

 

ڀاڱو چوٿون

 

مير قانع جا ڇپيل ڪتاب: هڪ تعارف

 

مقالات الشعراءِ

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

 

ڪلهوڙن جي دور ۾، سنڌ ۾ فارسي گو شاعرن جو هي ٻيو تذڪرو تيار ٿيو ڏسجي ٿو. هن تذڪري جي مؤلف مير علي شير ’قانع‘ جو تعلق ٺٽي جي شڪرالاهي ساداتن سان آهي. ’قانع‘ سيد عزت الله جي گهر سن 1140هه ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم توڙي تربيت ٺٽي ۾ ٿي. سن 1175هه ۾، کيس سنڌ جو سرڪاري مؤرخ مقرر ڪيو ويو، ليڪن ٿوري ئي عرصي اندر پاڻ کي ان عهدي کان آجو ڪري ورتائين. صرف هڪ ڀيرو سنڌ کان ٻاهر ويو ٿو ڏسجي، باقي سموري حياتي پنهنجي ديس ۾ ئي گذاريائين. گذر معاش لاءِ کيس سرڪاري سرپرستي حاصل رهي. فارسي نثر توڙي نظم تي، ’قانع‘ کي پورو اختيار حاصل هو. هن ڪل ٽيتاليهه ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه ڪتابن کي سنڌ جي سلسلي ۾، همه گير اهميت حاصل آهي. مير صاحب سن1203هه ۾ وفات ڪئي.

مير علي شير ”مقالات الشعراءِ“، پنجن سالن جي عرق ريزيءَ بعد سن 1174هه/ 1760ع ۾ لکي تيار ڪيو. راشدي صاحب هن تذڪري جي وجود ۾ اچڻ جو پس منظر هن ريت ٻڌايو آهي:

”مصنف...... 1169هه ۾ جڏهن ”مثنوي ڪامروپ“ لکي رهيو هو، تڏهن کيس هن قيمتي ڪتاب لکڻ جو خيال آيو. ان سال ڪم شروع ڪري، ’قانع‘ ان کي 1174هه ۾ لکي پورو ڪيو.“

ان دور ۾ سنڌ جي علمي دنيا ۾، صرف ٻه تذڪرا- ”ڪلمات الشعراءِ“ (1093هه) ۽ ”يدبيضا“ (1145هه)- گشت ڪري رهيا هئا، جن تان مير علي شير پنهنجي هن لاثاني ڪتاب تيار ڪندي خاص مدد ورتي آهي. جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته، هتي فارسي زبان ۾، شاعرن جا تذڪرا گهڻو اڳ لکجڻ شروع ٿي چڪا هئا، ليڪن ”مقالات الشعراءِ“ کي هن موضوع تي خاص اهميت حاصل آهي.

مير صاحب جو هي تذڪرو اٺاويهن بابن تي مشتمل آهي. مؤلف پيش لفظ ۾ ڪتاب لکجڻ جو پس منظر ۽ شعر جي فضيلت جو ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 719 شاعرن جو ذڪر اچي ٿو، جن کي هن ريت ورهائي سگهجي ٿو:

i- اهي شاعر جي سنڌي هئا يا وري ڪم ڪار سان ٻين ملڪن کان هت پهتا ۽ سنڌ ۾ ئي فوت ٿيا ۽ انهن جو زمانو پڻ معلوم آهي. هي حصو سنڌ جي ادبي تاريخ جو هڪ اهم باب نروار ڪري ٿو.

ii- اهي شاعر جي ڪم ڪار سان سنڌ ۾ آيا ۽ پوءِ واپس وطن موٽيا.

iii- اهي شاعر جن جو زمانو معلوم ڪونهي.

”مقالات“ ذريعي مير ’قانع‘، سنڌ جي پنجن صدين جي ادبي تاريخ هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏي آهي. ادراڪي بيگلاري، آزاد، اڪبر بادشاهه، ٻالچند ٺٽوي، مير معصوم بکري، مخدوم بلال، شيخ حماد، محمد علي حزين، سرمد، شاهه ڀٽائي، عثمان مرندي، ملامحب علي سنڌي، محسن، ڄام نندو ۽ بابر بادشاهه هن تذڪري جا ڪجهه ڪردار آهن.

مير صاحب هي ڪتاب سليس فارسي نثر ۾ تحرير ڪيو آهي. ”مقالات“ ادبي تاريخ کان علاوه سنڌ جي معاشرت، تمدن ۽ سياسي تاريخ جو پڻ هڪ اهم ماخذ آهي. ’قانع‘ هن ڪتاب ۾ پاڻ متعلق 115 صفحا تحرير ڪيا آهن. محترم سيد حسام الدين راشدي هي تذڪرو جامع فارسي پيش لفظ، معلوماتي حاشين ۽ ناياب تصويرن سان سينگاري، سال 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ذريعي ڇاپيو آهي. راشدي صاحب ”مقالات“ بابت تعليقات جي صورت ۾، هڪ الڳ ڪتاب پڻ تيار ڪرڻ گهريو ٿي، ليڪن خود سندن چوڻ موجب ”پنهنجن جي بدذوقيءَ سبب هي ڪم ترڪ ڪيو ويو.“ ياد رهي ته هن تتبع تي پوءِ، شعراءِ ڪشمير جا چار جلد ڇپيا.

]ڊاڪٽر غلام محمد لاکو ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ مارئي سماجي سنگت، ڪراچي، 1997ع[

سيد حسام الدين راشدي

تعارف

مير علي شير ’قانع‘، ”مڪلي نامه“ جنهن جو ٻيو  نالو آهي ”بوستان بهار“- ۽ هيٺئين شعر مان ان جي اختتام جي تاريخ نڪري ٿي:

سال وی گفت بلبل- الھام،

"بوستانِ بہار تازہء دل"

- 1174هه ۾، ”مقالات الشعراء“ کان ٿورو اڳ ختم ڪيو. ”مقالات الشعراءِ“ ساڳئي سال جي پوين  مهينن ۾ لکي پورو ڪيائين، جنهن ۾ پهريون دفعو هن پنهنجي تصنيفات ۾ ”مڪلي نامه“ جو ذڪر ڪيو.

اڄ کان 15- 20 ورهيه اڳ، جڏهن ”مقالات الشعراء“ منهنجي نظر مان گذريو ۽ مون ان ۾ ”مڪلي نامه“ جو نالو ڏٺو، تڏهن کان ئي ان جي ڏسڻ ۽ پڙهڻ جي آرزو دل ۾ رهندي آئي. اهي سمورا سال تلاش ۽ جستجو ۾ رهيس، تا آنڪ گذريل سال جڏهن سنڌي ادبي بورڊ مير صاحب مرحوم جي ذاتي ڪتب خاني جي منتشر اوراقن جو انبار خريد ڪيو، ان وقت مون کي به منهنجو گوهر مقصود سالن پڄاڻان هٿ آيو.

اهو رسالو، قصيدن جي هڪ بياض ۾ مير صاحب پاڻ نقل ڪيو هو. بياض جو شروع ۽ آخر ناقص آهي، تنهنڪري پتو پئجي نه سگهيو ته، مصنف انهيءَ بياض جو نالو ڇا رکيو هو؛ ليڪن معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب پهرئين مسودي تان ”مڪلي نامه“ انهيءَ بياض ۾ صاف ڪري لکي ڇڏيو ۽ انهيءَ کان پوءِ ان جو ٻيو ڪوبه نقل ٿي نه سگهيو، جنهنڪري اڄ اهو ئي واحد نسخو دنيا ۾ محفوظ رهجي ويو.

قصيدن وارو اهو بياض نهايت ئي خسته حالت ۾ ورق ورق ٿيل هو. ڪاغذ انهيءَ حد تائين سڙي چڪو هو، جو هٿ لڳڻ سان ڀُري ٿي پيو. نهايت احتياط ۽ محنت سان بياض کي مڪمل ڪري، ان جو جلد ڪرايو ويو؛ جنهن بعد پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي قابل ٿيو. بياض اگرچ نامڪمل آهي، ۽ هنڌان هنڌان ان جا ورق گم ٿيل آهن، تاهم اها انتهائي خوش بختي آهي، جو ”مڪلي نامه“ سڄو سارو- چونڪ وچ ۾ هو، تنهنڪري- محفوظ رهجي ويو- سواءِ سندس ٻن (134 ۽ 156) ورقن جي، جن جو اڌ ضايع ٿيل هو، جنهن ۾ تقريباً ٻارهن شعر ۽ چند نثر جون سٽون هيون.*

مير علي شير، ”مڪلي نامه“ هونئن ته فقط پنهنجي زور بيان ڏيکارڻ ۽ شاعرانه ڪمال جي مظهر لاءِ لکيو، ليڪن اڄ اسان لاءِ هن ڪري قيمتي وٿ آهي، جو  ان مان هڪ ته مير صاحب جو اديبانه ڪمال پرکي سگهجي ٿو ۽ ٻيو ته ٺٽي جي معاشري، تهذيب ۽ تمدن متعلق هڪ تصويررچي سگهون ٿا. مير صاحب ان ۾ مڪليءَ جي چند مزارن ۽ مقابرن جو اديبانه ۽ شاعرانه رنگ ۾ بيان ڪيو آهي، ليڪن ضمناً ڪي ان بيان ۾ اهڙيون شيون به اچي ويون آهن، جن جي حيثيت تاريخي ٿيو وڃي ٿي: مثلاً، ان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مڪليءَ جي ڪهڙين ڪهڙين مزارن ۽ درگاهن تي ماڻهن جي زياده آمد رفت هئي؛ ڪهڙن بزرگن جي مزارن تي عرس ۽ ميلا لڳندا هئا، انهن لاءِ ڪهڙا مهينا ۽ تاريخون مقرر هيون؛ مرد خواه عورتون ٺهي جڙي، لٽي ڪپڙي راس ٿي، ڪيئن ڏينهن جا ڏانهن ۽ راتين جون راتيون اچي انهن مزارن تي ميلا ۽ مجلسون ڪندا هئا؛ چانڊوڪين راتين، ڏکڻ جي هير ۽ برسات وارن زمانن ۾ ٺٽي جا ماڻهو ڪهڙيءَ طرح محفلون اچي ڪندا هئا؛ راڳ رنگ جون مجلسون، ساز سرود جي وڄت ۽ ميلن ملاکڙن جو هنگامو ڪهڙيءَ ريت رس رچائيندو هو؛ ٺٽي ۽ مڪليءَ جي وچ ۾ جيڪا هيٺاهين زمين آهي، ان ۾ پاڻي ايندو هو، مرد ۽ عورتون ٻيڙين ۾ چڙهي سير و تفريح ڪندا هئا؛ ڳڀرو جوانن ۽ حسين عورتن جا ميلا هوندا هئا؛عورتون نهايت حسين جميل، پٽ پٽيهر پهري، رنگ روغن لائي، ٺهي جڙي، بزرگن جي مقبرن تي باسون کڻي اينديون هيون، ۽ نظر باز نوجوانن لاءِ جنسي ڪاري قيام ٿي پوندي هئي؛ سڄي مڪلي رنگ برنگي پوشاڪن، ۽ حسين جميل صورتن سبب، ڄڻ باغ بستان بڻجي پوندي هئي؛ جاڏي کڻي نظر ڪر، ته ڄڻ بهار پنهنجي ڦوه جوانيءَ ۾ هرهنڌ منزل انداز ۽ خيمه زن هئي.

مير صاحب لکي ٿو ته

- ” نظر ها را هجوم تماشاي مھ رويان از هوش ميخرد، و پيرهن شکيبا برتن مي درد. جوانان عشرت دوست- همه مغز، خالي از پوست- تمام روز در باغات مَي بجام گل خورند، و آتش در آشيان بلبل زنند.“

حسين جميل عورتن جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو:

بتانِ گلبدن در رنگ لالہ

بکف دارند از صھبا پیالہ

بگیسو دام صیدِ خلق تابند

چو صیادان بھر سو ئی شتابند

بھر سوئی خرامان دلبری چند

جھانی راکشند و نا شکیبند

زيارتگاه ”شاه پريان“ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

-”روز خميس هر هفته هجوم زيارت زنان، پري طلعتان، آنجا محشر طاقت نظارکيان ميشود.“

انهيءَ سلسلي جا چند شعر اندازي لاءِ ڏجن ٿا:

پری رویان بلای دین و ایمان

در آنجا ہر طرف محشر خرامان

نگاہِ شان نمی دارد یک انداز

گھی شوخی گھی عشوہ گھی ناز

بچشمانِ سیہ غارتگرِ ھوش

کمان زہ کردہ از ابروی تا گوش

زمڑگان چنگلِ شاہین کشادہ

بصیدِ مرغِ دل ہر حور زادہ

* * * * *

نگارین دست حورانِ خرد شور

پی دل بردنِ عاشق قوی زور

چہ گویم در صفاتِ ساعدِ شان

کہ باشد در صفایش عقل حیران

 

 

بلور ویشم را این تاب  نبود

عدیلِ رنگ او سیماب نبود

کمر چون موی شان ہنگام رفتن

بود از ناز اندازِ نشستن

ٍ

 

شتابان سوی مکلی خیل خوبان

چو انجم بر فلک در شب نمایان

 

 

یکی را زعفرانی چیرہ بر سر

بسنتی فیتہ دیگر را ست افسر

تو گوی رنگ گل کردہ ست طغیان

ویا شد زعفران زاری نمایان

 

 

بھر گوشہ نشستہ حلقہ حلقہ

بتانِ ماہ رو و رشک زھرہ

 

 

ازین غارت گرانِ شھر دلھا

کرا تابِ صبوری و شکیبا

 

 

نہ دُردر گوش این خوبان قرین است

طلوعِ ماہ و مھر از مشرقین است

 

 

رخِ شان کعبه اربابِ اسرار

غزالانِ حرم چشمانِ طرار

 

 

کمان دارند ز ابرو و ز مڑہ تیر

دلی یک عالمی شان راست نخچیر

کشیدہ قامتان چون سرو آزاد

خرامِ شان کند صد گلشن آباد

برخ برق و بگیسو ابر سیراب

عرق رخسار شان را عالمِ آب

 

 

کشیدہ ابروان بر روی چون حور

بود بسم اللھی از سورہء نور

عذارِ شان ندارد خطر ریحان

بود تفسیرِ بیضاوی و قرآن

باین خوبی چو جمعی جمع کردند

جھان شیرین کنند ازیک شکر خند

ٻيڙين ۾ چڙهي، جڏهن حسين عورتون تفريح ڪنديون هيون، تڏهن جو نظارو چٽيندي مير صاحب چوي ٿو:

بکشتیھا نشتہ فوج خوبان

چو اختر در تہِ گردون نمایان

نہ تنھا اندرین جا سیر دیدہ است

گریبانِ دل عاشق دریدہ است

مير صاحب اها فقط شاعري ڪانه ڪئي آهي، بلڪ اها حقيقت هئي، ته ٺٽي جا خوش باش ۽ زنده دل باشندا، ميلن ملاکڙن، مجلسن محفلن، سکائن ۽ عرسن ۾ انهيءَ حد تائين رهاڻيون ڪندا هئا، جو مڪلي ڄڻ بهشت جو ٽڪرو معلوم ٿيندي هئي؛ جتي غم ۽ فڪر، ڏک ۽ سور، مصيبت ۽ زحمت جو ڏس پتو به ڪونه پوندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو تاريخ طاهريءَ جي مصنف لکيو آهي ته:

- ”هرگز ساکنان ومتوطنان آن، غمگين و حزين کسی نيافته، بر کم وبيش قناعت داشته، بعيش و طرب کام و کامرانی ميدارند، تا حال (1030هه) خوشدلی و خرمی که درين خلق است، جائی ديگر نيست ونخواهد بود.“

مڪلي هن وقت گهڻو ڪجهه تباه ۽ تاراج ٿي وئي آهي، ڪيترا مقبرا مٽجي ويا آهن، ڪيتريون مزارون منهدم ٿي ويون آهن، ڪيتريون خانقاهون ۽ عمارتون ڊهي ڍير ٿي پيون آهن، تلاون، پُلين ۽ سير سپاٽي جي جاين جو ته نالو نشان به ڪونه آهي. ”مڪلي نامه“ مان اسان کي وڏو فائدو اهو ٿو پهچي، جو  ان مان ڪيترين اهڙين عمارتن، تلائن، ۽ پُلين جي نشاندهي ٿئي ٿي، جن جو ٻيءَ صورت ۾ پتو پوڻ ناممڪن آهي. اڄ اسان انهن نشانن پارن ۽ پتن جي ذريعي جيڪڏهن گهرون، ته اهي برباد ٿيل شيون کوٽي لهي سگهون ٿا. ميرزا خسرو چرڪس جي رانڪ، جنهن جو پتو ڪونه ٿي پيو ته ڪهڙيءَ جاءِ تي هئي، ”مڪلي نامه“ جي ذريعي ئي دريافت ڪئي وئي.

اهڙيءَ طرح ”مڪلي نامو“ نه فقط سنڌ ۾ پيدا ڪيل فارسي ادب جو هڪ نادر شاهڪار آهي، بلڪ مڪليءَ جي تاريخي خواه ٺٽي جي تمدن ۽ معاشري متعلق به هڪ مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.

مير صاحب ”مڪلي نامه“ ۾ ڇڙو پنهنجو شاعرانه ڪمال ڪونه ڏيکاريو آهي، بلڪ فارسي زبان ۽ نثر تي جيڪا کيس قدرت هئي، ان جو به هن ۾ مظاهرو ڪيو آهي. مقفيٰ ۽ موجز هجڻ سبب، نثر ۾ نظم جو مزو اچي ٿو؛ فارسي ادب جو ذخيرو، جيڪو هن وقت تائين سنڌ ۾ دستياب ٿيو آهي، ان ۾ فقط هڪ هيءُ ئي رسالو انهيءَ قسم جي ترنم خير ۽ نغماتي نثر جو واحد نمونو آهي. منجهس تشبيهن، استعارن ۽ تلميحن جو آزادنه استعمال ڪيو ويو اهي، جنهن مان نه فقط  مير صاحب جي تخيل جي بلنديءَ جو پتو پوي ٿو، بلڪ سندس زبان دانيءَ ۽ هڪ ڌاريءَ زبان تي سندس قبضي ۽ قدرت جو به اندازو ٿي وڃي ٿو. ”مقالات الشعراء“ ۽ ”تحفة  الڪرام“ جي آسان ۽ ساديءَ عبارت کي سامهون رکي، جڏهن سندس هن ادبي تخليق جي زبان، انداز بيان ۽ مرصع ڪاريءَ کي ڏسجي ٿو ته، بي اختيار سندس علمي بلنديءَ ۽ فني گهرائيءَ اڳيان سر نوائڻو پوي ٿو.

1174هه ۾ هي رسالو تصنيف ٿيو، ۽ پورن ٻن سون ورهن بعد، 1374 هه ۾ مان پنهنجي ڪريم الطبع ۽ شفيق دوست سيد محمد مطيع الله ’راشد‘ برهانپوريءَ کان ان جو صاف نقل ڪرايو ۽ انهيءَ حسن اتفاق تي هن صاحب هڪ طويل تاريخي قطعو چيو، جنهن جا آخر چند شعر هي آهن:

یہ مخطوطہ ملا دو سو برس بعد

ہوئی جس سے دو بالا شان مکلی

اب اس کو نقل کرنے کی سعادت

ملی ہے مجھ کو میں قربان مکلی

ضرورت ہے کہ میں بہی پیش کردوں

کوئی تحفہ جو ہو شایان مکلی

لکھو اس نقل کی تاریخ راشد

"یہ ہے آثار کوھستان مکلی" – ۱۳۷۴ھ

نقل تيار ٿي وڃڻ بعد، نسخي جي تصحيح ڪرڻ ۽ ان تي وضاحتي حاشين لکڻ جو مرحلو پوري هڪ سال جي دير بعد طي ٿي سگهيو، ۽ انهيءَ وچ ۾ حضرت ’راشد‘ برهانپوري، دوست محترم آغا بد رالدين ۽ مولانا اعجاز الحق قدوسيءَ  هر قدم تي منهنجي مدد فرمائي، جنهن لاءِ آءٌ سندن بيحد احسانمند ۽ سپاس گذار آهيان. حقيقت ۾ آءٌ اڃا به شايد دير ڪريان ها، ليڪن آغا بدرالدين خان جي امداد ۽ همت افزائيءَ مون  کي تيسين سک سمهڻ نه ڏنو، جيسين هي سڄو ڪم پورو ڪري نه ورتم.

جن بزرگن ۽ جن مقابرن ۽ مزارن جو ”مڪلي نامه“ ۾ ذڪر آيو آهي، انهن تي مان وضاحتي نوٽ لکيا آهن، جيڪي ”مڪلي نامه“ جي آخر ۾  نمبرن * سان نروار ڪري شايع ڪيا وڃن ٿا. ميرزا عيسيٰ ترخان ثاني جي سوانح وڏيءَ محنت بعد پهريون دفعو مون تيار ڪئي آهي، جيڪا پڻ نوٽن واري سلسلي ۾ ڏني وئي آهي. ازان سواءِ مير علي شير ’قانع‘ جو تذڪرو به تفصيل سان تيار ڪيو اٿم، جيڪو ”مڪلي نامه“ جي شروع ۾ شايع ٿي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح مير صاحب جي مهر جو فوٽو به شامل ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ”طو مار سلاسل“ تان ورتو  ويو آهي.

ضروري جاين ۽ مقابرن جا فوٽا به شامل ڪيا ويا آهن، تاڪ پڙهندڙ تذڪري سان گڏ انهن تاريخي عمارتن جون تصويرون به ڏسن. مڪليءَ جو هڪ نقشو پڻ  شامل ڪيو ويو آهي، جنهن مان انهن مقبرن ۽ آثارن جي جاءِ وقوع معلوم ڪري سگهجي ٿي. اهو نقشو ۽ انهن فوٽن مان ڪيترا فوٽا، محڪمھ آثار قديمه مان حاصل ڪيا ويا آهن، جنهن لاءِ آءٌ محڪمي جي ڊائريڪٽر مونش، آر. ڪوريل (Mons, R. Curiel) ۽ آفيس سپريڊنٽ مسٽر محمد ادريس جو ٿورائتو آهيان- انهن ٻنهي صاحبن نه فقط اهي فوٽا ڏنا، بلڪ مون سان گڏجي انهيءَ سلسلي ۾ ٻه- ٽي دفعا مڪليءَ تي به هليا.

پروفن پڙهڻ ۽ ڇپائڻ جي ذميواري ۽ بار بوجهو، سڄو منهنجي دوست عزيز مسٽر محمد ابراهيم جويي پنهنجي سر تي سٺو، جنهن جو پڻ آءٌ ممنون ۽ مشڪور آهيان.

ڪراچي،

6- جولاءِ، 1956ع

- حسام الدين راشدي

]سيد حسام الدين راشدي ”مڪلي نامه “ (مقالو) رسالو ٽه ماهي ”مهراڻ“ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي/ حيدرآباد، 2- 1956ع[

*  مذڪور بياض جا صفحا، ”مڪلي نامه“ جي متن ۾، وڏين ڏنگين ليڪن [] اندر ڏنا ويا آهن.

*  وضاحتي نوٽن لاءِ متن ۾، ننڍين ڏنگين ليڪن () اندر انگ ڏنا ويا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org