غلام رسول مهر
ابن حيات پنهور ۽ شمشير الحيدري
مير علي شير ’قانع‘ بن عزت الله، بن مير ڪاظم، بن
مقيم. ’قانع‘ جا وڏا شيراز کان آيا هئا. پاڻ سال
1140 هه ۾ پيدا ٿيو، ۽ ٺٽي ۾ ئي تربيت حاصل
ڪيائين. اوائل ۾ ئي اٺن هزارن شعرن جو ديوان مرتب
ڪيو هئائين، جو پوءِ ڪنهن سبب ڪري ديوان درياهه ۾
لوڙهي ڇڏيائين. ٻن سالن جي عرصي کان پوءِ، مير
حيدر الدين ابو تراب ’ڪامل‘ جي شاگردي اختيار
ڪيائين، ۽ نئين سر شعر چوڻ شروع ڪيائين. ’ڪامل‘ ئي
هن لاءِ ’قانع‘ تخلص تجويز ڪيو. ان کان اڳ هو
’مظهري‘ جو تخلص رکندو هو.
ميان غلام شاهه ’قانع‘ کي نظم ۽ نثر ۾ تاريخ لکڻ
جو ڪم حوالي ڪيو هو؛ پر اهو پتو نه آهي: ته هن ڇا
لکيو. تاريخ جي سلسلي ۾ نظم ۽ نثر جو ڪوبه ڪتاب،
يا ان جو ڪوبه حصو هٿ نه اچي سگهيو.
’قانع‘ وچولي درجي جو شاعر هو، ۽ نثر به درمياني
درجي جو لکيو اٿس. ”مقالات“ ۾ هن پنهنجن ڪيترين
تصنيفن جو ذڪر ڪيو آهي. مثلاً:
1. قصو ڪامروپ، |
ٽن هزار بيتن جي مثنوي.
هي قصو ’قانع‘، ابو الفتح ’قابل خان‘
جي نالي منسوب ڪيو هو. |
2. شمھ از قدرت حق، |
مثنوي. |
3. واقعات حضرت شاهه، |
ڏيڍ هزار بيت، مثنوي. |
4. قضا و قدر، |
مثنوي. |
5. چار منزلھ، |
مثنوي، هڪ هزار بيت. |
6. صنعتن ۽ تاريخن بابت متفرقا شعر، |
هڪ هزار بيت. |
7. بوستان بهار، |
مڪليءَ جي تعريف ۾ (نثر). |
8. تزويج نامھ حسن و عشق، |
|
9. ديوان، |
غزل، قصيدا، مخمس، ترجيح بند، وغيره. |
10. نثر نو آئين، |
|
11. تحفة الڪرام، |
|
12. مقالات الشعراء، |
|
13. ساقي نامو، |
|
’قانع‘ جي اهميت ۽ عظمت جو بنياد هي آهي ته، هن
سنڌ جي عالمن فاضلن ۽مشهور شاعرن ۽ اديبن جا تذڪرا
لکي، انهن جا نالا ۽ شهر هميشه لاءِ محفوظ ڪري
ڇڏيا. جيڪڏهن اهي ڪارناما ’قانع‘ جي هٿان سرانجام
نه ٿين ها، ته سنڌ جي انهن هستين جي ڪابه چيز اڄ
اسان کي سلامت ڪانه ملي ها.
’قانع‘ جون چيل ڪيتريون ئي تاريخون هن ڪتاب ۾ جا
بجا درج ٿي چڪيون آهن. سندس ڪلام معمولي آهي، فقط
نموني طور چند شعر هيٺ ڏنا وڃن ٿا.
در کلام هر کھ از سوز درونش شور نيست،
گرهمه از آسمان نازل شود مشهور نيست.
***
هر کس ز رهی
رود به سويش،
ار بهر خدا چه اختلاف است.
***
قطره شود ز بحر بدر چون گهر شود،
يا رب مباد هيچ
کسی
با هنر شود.
***
(غلام رسول مهر ”تاريخ سنڌ- عهد ڪلهوڙا“، جلد ٻيو،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1964ع، ترجمو: ابن حيات
پنهور ۽ شمشير الحيدري)
رحيم داد خان مولائي شيدائي
مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي ولد مير عزت الله ٺٽوي
(المتوفي 1203هه) شڪر الاهي سادات مان هو.
ابتدائي تعليم کان پوءِ، علامه معين الدين، مخدوم
رحمت الله ٺٽوي ۽ وقت جي اُستاد مير حيدر ابو تراب
وٽان تعليم حاصل ڪري، سنڌ تي پنهنجي تعليم جو سڪو
ڄمايائين. شاعريءَ لاءِ سندس طبيعت موزون هئي ۽
’مظهري‘ تخلص هو. شاعرانه صفات جو نه فقط ماهر هو،
موجد به هو. سندس قابليت جو آواز سرائن جي درٻار ۾
پهتو، جن کيس گهرائي پنهنجو مقرب بڻايو. ميان نور
محمد ۽ سندس پٽ مرادياب خان ۽ ان کان پوءِ ميان
غلام شاهه خان جو علمي مصاحب ٿي رهيو. ميان محمد
مراد ياب خان جي تخت نشينيءَ جي موقعي تي 21 اشعار
نعتيه لکيا اٿس. اهو قصيدو سندس ڪتاب ”مقالات
الشعراءِ“ ۾ لکيل آهي. مير قانع ٺٽوي کان اڳ اهڙو
قصيدو غازي اورنگزيب جي تخت نشينيءَ وقت سيد باقر
گيلانيءَ لکيو هو. مير ’قانع‘ ٺٽويءَ کي تاريخي
علم ۾ الهامي دسترس هئي. سندس سنڌ وارن تي وڏو
احسان ”تاريخ تحفة الڪرام“ آهي، جا ٽن جلدن ۾ آهي،
جن مان پويون جلد تاريخ سنڌ متعلق راءِ گهراڻي کان
وٺي ميان غلام شاهه جي وفات تائين آهي؛ تنهن کان
پوءِ، سنڌ جي اوليائن، صوفين، ويندي مجذوبن تائين
ان ۾ ذڪر ڏنل آهي. سچ پچ ته جيڪڏهن اڄ سنڌ وارن جي
هٿن ۾ اها مختصر تاريخ نه هجي ها ته وٽن ڪجهه به
نه هجي ها. انهيءَ تاريخ جي روشنيءَ ۾ اسين قديم
سنڌ کي ڏسي سگهون ٿا. سندس تصنيفات مان چند نسخن
جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: (1) زينت الاخلاق، (2) نسخه
غوثيه، (3) مڪلي نامه، (4) مثنوي ختم الملوڪ، (5)
قصاب نامه، (6) زبده المقامات، (7) زين الافڪار،
(8) تهذيب الطباع، (9) مختار نامه، (10) معيار
سالڪان طريقت، (11) قصه ڪامروپ، (12) چهار منزلھ،
(13) مثنوي ڪرشمھ قدرت، (14) حديقة الاولياء، (15)
مثنوي قضا و قدر، (16) رسالھ در صناع و بدائع،
(17) روضة الانبياء، (18) بوستان بهار، (19) لب
لباب تاريخ ڪلهوڙه، (20) رسالھ شرح معما، (21)
ديوان قانع، (22) مقالات الشعراء وغيره. مٿين
ڪتابن مان ڪي نظم ۾ ۽ ڪي نثر ۾ آهن.
(رحيم داد خان مولائي شيدائي ”جنت السنڌ“ سنڌي
ادبي بورڊ، ڪراچي، حيدرآباد، 1958ع)
مير ’قانع‘
عبدالرسول قادري
قاضي سيد شڪر الله کان پوءِ (علي شير ’قانع‘ ۽
قانع جي پٽ) مير غلام علي ’مائل‘ تائين نسب جو
سلسلو هي آهي.
1.
قاضي سيد شڪر الله (ٺٽوي)
2.
ظهير الدين اول
3.
شڪر الله ثاني
4.
ظهير الدين ثاني
5.
سيد مقيم
6.
سيد محمد ڪاظم
7.
سيد عزت الله
8.
مير علي شير ’قانع‘
9.
مير غلام علي ’مائل‘
سيد عزت الله کي ڇهه فرزند هئا. 1. سيد فخر الدين،
2. سيد يار محمد، 3. سيد امين محمد عُرف سيد موٽو،
4. سيد علي شير ’قانع‘، 5. سيد محمد صلاح عُرف مير
محمد شاهه، 6. مير ضياءُ الدين ’ضيا‘.
هنن مان سيد فخر الدين ۽ سيد يار محمد غالباً مير
عزت الله جي پهرين گهرواريءَ جو اولاد آهن ۽ مير
علي شير ’قانع‘ ۽ ضياءُ الدين ’ضيا‘ ٻي گهرواريءَ
مان آهن.
مير ’قانع‘ پنهنجي سڄي حياتي علم ۽ ادب جي خدمت ۾
گذاري ڇڏي ۽ مير ضياءُ الدين ’ضيا‘ شاعريءَ ۾ نالو
پيدا ڪيو. مير ’قانع‘ جي وڏي ڀاءُ سيد يارمحمد جي
ننڍي پٽ مير عظيم الدين ’عظيم‘ شاعريءَ ۾ ناموري
حاصل ڪئي ۽ پوءِ مير قانع جي اولاد مان مير غلام
علي ’مائل‘ شاعريءَ ۾ پنهنجي والد بزرگوار جون
روايتون قائم رکيون.
مير ’قانع‘ جي اهيمت رڳو شاعر جي حيثيت سان نه
آهي، پر هن مختلف موضوعن تي لڳ ڀڳ چاليهه ڪتاب
لکيا ۽ پنهنجي وفات تائين هي مشغلو جاري رکيو.
تحفة الڪرام، مقالات الشعراءِ ۽نصاب البلغاءِ
پنهنجي افاديت ۽ تاريخي معلومات جي لحاظ کان مير
’قانع‘ جو قيمتي ورثو آهن.
(مير غلام علي ’مائل‘ ”ڪليات مائل“ مقدمو: محمد
حبيب الله رشدي، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي/ حيدراباد،
1959ع)
مير علي شير ’قانع‘
پير حسام الدين شاهه راشدي
هن بزرگ مؤرخ جو پورو نالو غلام علي شير آهي ۽
سندس نسب جو سلسلو قاضي سيد شڪر الله تائين پهچي
ٿو، جيڪو شاه بيگ ارغون جي دور ۾ (927-908هه)
شيراز کان سنڌ ۾ آيو ۽ سندس نسبي سلسلو هن طرح
آهي:
غلام علي شير بن مير عزت الله (وفات 1161) بن مير
محمد ڪاظم بن مير محمد مقيم بن مير ظهير الدين
(اول) بن قاضي سيد شڪر الله (اول) نزيل سنڌ (وفات
966هه کان اڳ).
مير غلام علي شير ’قانع‘ جي ولادت 1140هه ۾ ٿي ۽
”خلق انسانا من السلالة“ مان سندس تاريخ ولادت
نڪري ٿي.
مير علي شير ٺٽي ۾ پنهنجي وقت جي جيد عالمن کان
تعليم پرائي، ”مقالات“ ۾ انهن بزرگن استادن مان
هيٺان نالا ٻڌايا اٿس: ميان نعمت الله، ميان محمد
صادق، آخوند محمد شفيع ٺٽوي، آخوند ابو الحسن ’بي
تڪلف‘ ٺٽوي ۽ مرزا محمد جعفر شيرازي.
’قانع‘ کي شاگرديءَ جي دور کان ئي شعر و سخن سان
چاه هو، ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ سال (1152هه) ۾ شعر
چوڻ شروع ڪيائين ۽ اٺن هزارن بيتن جي مجموعي جو هڪ
ديوان مرتب ڪيو، جو ڪن سببن ڪري ان کي درياءَ جو
بک ڪري ڇڏيائين.
سال 1155هه ڌاري وري کيس شاعري لاءِ جوش جاڳيو،
مير حيدر الدين ابو تراب ’ڪامل‘ جي ڏيک ويک کيس
جوش جاڳايو، ۽ شاعريءَ ۾ هن استاد جي شاگردي قبول
ڪيائين. شروع ۾ ’مظهري‘ تخلص سڏائيندو هو، پر پوءِ
’قانع‘ کي پسند ڪيائين ۽ آخر عمر تائين انهيءَ
تخلص سان مشهور رهيو.
هي خاندان مختلف دورن ۾ هميشه عزت ۽ احترام سان
رهيو آهي ۽ هتي جي هر حڪومت هن خاندان جي افراد کي
مجموعي طور يا ڪن خاص فردن کي خاص وظيفن ۽ انعامن
سان نوازيندي آئي، هن لاءِ ڪي سَندون يا شاهي
فرمان جيڪي مون وٽ موجود آهن، انهن مان مٿئين
ڳالهه تي پوري روشني پئي ٿي.
سنڌ جي والي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور
(1170-1186هه) ۾ ’قانع‘ کي هن خاندان جي تاريخ لکڻ
تي رکيو ويو هو. هن بادشاهي فرمان پٽاندر ٻه
تاريخون لکيون، جن مان هڪ نظم ۽ شاهنامه جي وزن تي
۽ ٻي نثر ۾ لکڻ شروع ڪئي، پر اهو معلوم نه ٿي
سگهيو آهي ته هو ڪهڙن سببن ڪري انهن تاريخن جي
تڪميل نه ڪري سگهيو. گهڻو ڪري هڪ ٻن سالن کان پوءِ
نوڪريءَ کي ڇڏي واپس ٺٽي آيو. ڇو ته سنه 1180هه ۾
اسين کيس ٺٽي ۾ ”تحفة الڪرام“ جي لکڻ ۾ سرگرم ٿا
ڏسون.
سندس حالات مان (جن کي ان پاڻ لکيو آهي) پتو پوي
ٿو ته ’قانع‘ سندس سڄي ڄمار ۾ سورت، ڪڇ، احمد آباد
۽ جهونا ڳڙهه جي سفر کان سواءِ ٻيو ڪيڏانهن به نه
ويو آهي ۽ سڄي ڄمار ٺٽي ۾ گذاريائين ۽ تصنيف و
تاليف ۾ مشغول رهيو. ٻارهن سالن جي عمر (1152)هه
کان وفات جي سال 1203 هه تائين، سندس قلم لکڻ کان
نه بيٺو ۽ انهيءَ ڊگهي مدت ۾ سنڌ لاءِ علم ۽ ادب
جو هڪ لافاني خزانو ورثي ۾ ڇڏي ويو، جي هاڻي اسان
وٽ اهو املهه وٿ نه هجي ها ته، هوند اسين ملڪي ۽
سياسي تاريخ جي هڪ وڏي ڀاڱي کان هٿ ڌوئي ويهون ها
۽ ڪيترن مشهور هستين ۽ فارسي جي نثر و نظم جي
عالمن کي نه سڃاڻون ها.
مير ’قانع‘ اڪيچار ڪتاب لکيا آهن، جن مان گهڻن جي
ته اسان کي سڌ نه رهي آهي ۽ اهي شهپارا گردش زماني
ڪري اسان کان کسجي ويا آهن. پر مقالات الشعراءِ ۽
ڪتب خاني ٺٽي جي فهرست ۽ ٻين ذريعن مان يا جن
ڪتابن کي اسان ڏٺو آهي ان مان پتو پئي ٿو ته انهن
تاليفن جو تعداد 43 تي پهچي ٿو. ان کان سواءِ سندس
ڪي تاليفون نامڪمل ۽ اڻ پوريون رهجي ويون، هو پاڻ
لکي ٿو:
”گهڻا مسوده جتي هئا، اتي ئي رهجي ويا“
سنه 1152هه ۾ اٺ هزار بيتن جي ديوان کي پنهنجي هٿن
سان درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيائين. سنه 1174هه جڏهن
”مقالات الشعراءِ“ لکي رهيو هو ته پاڻ ئي چئي ٿو
ته، جي پنهنجي اشعارن کي گڏ ڪيان ها ته اهي ٽيهه
هزار ٿي وڃن ها.
مطلب ته اهو پورو پتو نه پئجي سگهيو آهي ته، ان جي
مسودن مان ڪيترا تڪميل تي پهتا ۽ ڪيترا نه پهتا يا
انهن مان ڪيترا ضائع ٿي ويا، هيستائين اسان کي
سندس تاليفات مان هيٺيان ڪتاب معلوم ٿي سگهيا آهن:
1.
ديوان علي شير سال تاليف 1152هه، درياءَ ۾ ٻوڙي
ڇڏيائين.
2.
مثنوي شمه از قدرت حق (سال تاليف 1167هه): اهو
ڪتاب به رڳو نالو وڃي رهيو آهي، هن جو نسخو ڪٿي به
ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، هن مان نموني طور ڪي بيت
”مقالات“ ۾ آيل آهن.
3.
مثنوي قضا و قدر (سال تاليف 1167هه): هن ڪتاب کي
آقا رضا نگهت شيرازيءَ جي چوڻ تي لکيو هئائين، هن
جو هڪ خطي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرري ۾ موجود
آهي.
4.
نو آئين خيالات (1169هه): اهو تاريخي نالو آهي ۽
ان مان سن تاليف نڪري اچي ٿو. هي ڪتاب نثر ۾ هو.
هي ڪتاب به ناپيد آهي، هن جا ڪجهه جملا ”مقالات“ ۾
آيل آهن.
5.
مثنوي قصه ڪامروپ (1169هه): هي ٽن هزارن بيتن تي
مشتمل مثنوي هئي، هن جو به نسخو موجود نه آهي،
نموني طور ڪجهه شعر ”مقالات“ ۾ آيل آهن.
6.
ديوان قال غم (1171هه): هن ۾ نو هزار بيت، غزل،
قصيده، مخمس، ترجيح وغيره تي پهچن ٿا. هي ڪتاب به
ناپيد آهي.
7.
ساقي نامه (1174هه): غير موجود، مقالات ۾ هن جا
ڪجهه اقتباسات آيل آهن.
8.
واقعات حضرت شاهه: هڪ هزار بيتن تي مشتمل. هي به
ناپيد آهي.
9.
چهار منزله (1174هه): هڪ هزار بيتن جو مجموعو. هن
جو ڪوبه نسخو نٿو ملي.
10.
تزويج نامه حسن و عشق (1174هه): هي نثر ۾. هي به
اڻ لڀ آهي.
11.
اشعار متفرقه درصنايع و تاريخ (1174هه): هن جو ڪو
نسخو باقي نه رهيو آهي. هن ۾ هڪ هزار بيت هئا ۽
مقالات ۾ هن جو بيان آيو آهي.
12.
بوستان بهار معروف مڪلي نامه (1174هه): نظم ۽ نثر
۾ هن جو سال تاليف جو ”بوستان بهار تازه دل“ مان
نڪري ٿو. هڪ ننڍڙو رسالو آهي، جو مڪليءَ جي
قبرستان بابت آهي، هن جو قلمي نسخو ادبي بورڊ جي
لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي، جنهن کي راقم الحروف حواشي
سان، سنڌي رساله مهراڻ، 1956ع جي 2-3 شماري ۾ شآيع
ڪيو آهي.
13.
مقالات الشعراءِ.
14.
تاريخ عباسيه. هي نامڪمل رهجي ويو.
15.
تاريخ عباسيه نظم (1175هه) نامڪمل.
16.
تحفة الڪرام ٽن جلدن ۾ مشهور ڪتاب آهي جنهن جو
سنڌي ۽ اردو ترجمو پڻ شايع ٿي چڪو آهي.
17.
مثنوي اعلان غم (1192هه): هي مثنوي نظر مان نه
گذري آهي. معلوم ٿئي ٿو ته اهل بيت جي مصيبتن بابت
لکي وئي آهي.
18.
زبدة المناقب (1192هه)
19.
مختار نامه (1190هه)
20.
نصاب البلغاء: هي ڪتاب ڏاڍو ڪارائتو آهي جو انساني
زندگي جي مصلحات تي مشتمل آهي، هن کي قاموس سڏي
سگهجي ٿو.
21.
مثنوي ختم السلوک (1199هه): ختم السلوڪ مان هن جي
تاليف جو سال نڪري ٿو. تصوف جي رمزن ۽ نڪتن تي
مشتمل آهي، هن ۾ هڪ مقدمو، 21 مقالا ۽ هڪ خاتمو
آهي.
22.
طومار سلال گزيده: سنڌ ۾ صوفين جي طريقت جي سلسلن
۾ هڪ تاريخ آهي. هن جو مصنف جي خط سان هڪ نسخو
سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي.
23.
شجره اطهر اهل بيت (202هه): هن جي نالي سان سن
تاليف نڪري ٿو.
24.
معيار سالکان طريقت (1202هه): مير ’قانع‘، تحفة
الڪرام ۾ مشاهير جي سال ولادت وفات جو ذڪر نه ڪيو
آهي، ان ڪري ان مان انهن جي دور جو تعين ڏاڍو ڏکيو
آهي، هن ڪتاب ۾ ان نقصان جي تلافي ڪئي وئي آهي،
اٽڪل روءِ هڪ هزار مشاهير جو احوال وفات جي سن
سميت هن ۾ آندو ويو آهي.
25.روضة
الانبياء منظوم.
26.
زينت الاخلاق منظوم.
27.
غوثيه منظوم سلوڪ ۽ معرفت ۾.
28.
مثنوي نصاب نامه.
29.
ميزان الافڪار منظوم.
30.
تهذيب طباع.
31.
سرفرازنامه.
32.
حديقه بلغاء (مجموعه اشعار فارسي).
33.
مثنوي کان جواهر.
34.
ميزان فارسي.
35.رساله
معما مع شرح نظم و نثر.
36.
لب تاريخ ڪلهوڙه.
37.
بياض محک الشعراء.
38.
ديوان اشعار.
39.
قصائد و منقبت.
40.
انشاء قانع.
41.
مثنوي محبت نامه.
مير علي شير، نقشبندي طريقت جو طالب ۽ شيخ
عبدالاحد جو مريد هو، هن خاندان جا ٻيا افراد به
نقشبندي سلسلي جا مريد هئا. هن 64 سال جي عمر ۾
سنه 1203هه ۾ وفات ڪئي ۽ پڇاڙي تائين تصنيف ۽
تاليف ۾ مشغول رهيو.
(رسالو ”الرحيم“ (مشاهير نمبر) شاهه ولي الله
اڪيدمي، صدر حيدراباد، مقالو: سيد حسام الدين
راشدي، 4-3، 1967ع)
حبيب الله مولا بخش ڀٽو
مير علي شير ولد مير عزت الله ٺٽوي، سن 1140 هجري
۾ ٺٽي ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم ملڪ جي مشهور عالم
مخدوم محمد معين (مخدوم ٺاري) ۽ مخدوم رحمت الله
ٺٽويءَ وٽ حاصل ڪئي هئائين. چيو وڃي ٿو ته پاڻ
اهڙو ته ذڪي ۽ ذهين هو جو ٻارهن ورهين جي ننڍڙي
ڄمار ۾ موزون شعر چوڻ شروع ڪيائين. شروعات ۾ سندس
تخلص ’مظهري‘ هو، جو پوءِ ڦيرائي ’قانع‘ (قناعت يا
صبر ڪندڙ) ڪيائين. سندس بعض اشعار ۾ علم عروض جا
اهي راز لڪل آهن، جن جو مثال ملڻ مشڪل ۽ محال آهي.
شعر شاعريءَ سان گڏ مير صاحب کي تاريخ نويسيءَ تي
پڻ ڪافي دسترس حاصل هوندو هو. سندس تاريخي ڪتابن
مان ”تحفة الڪرام“ نالي هڪ اهو مشهور معروف تاريخي
خزانو آهي، جنهن مان اسان ۽ دنيا کي سنڌ جي قديم
حالات جي پوري پوري خبر پوي ٿي. مير صاحب اهو ڪتاب
سنھ 1103هه-1789ع
۾ لکيو هو. سندس ٻين تصنيفات مان ”مقالات
الشعراءِ“ ۽ ”مختار نامھ“ کان سواءِ ٻيون سڀيئي
تصنيفون ناياب ۽ اڻلڀ آهن.
هي بزرگ 63 ورهين جي ڄمار ۾ سن 1204هجري ڌاري
گذاري ويو.
(حبيب الله مولا بخش ڀٽو ”شاهه صاحب جا همعصر“
(مقالو) رسالو ماهوار ”نئين زندگي“ ڪراچي، مئي
1969ع)
ڊاڪٽر سيد علي رضا نقوي
ترجمو: عبدالرسول قادري
’قانع‘ جو شمار سنڌ ۾ وقت جي فاضلن ۾ ٿئي ٿو. هو
سال 1140هه/1727ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. سندس وڏا سنڌ ۾
وڏن عُهدن ۽ مرتبن تي فائز رهيا هئا. ’قانع‘ سڄي
ڄمار ٺٽي ۾ لکڻ پڙهڻ ۾ گذاري. هو جيتوڻيڪ تفضيلي
شيعو هو، پر طريقت ۾ نقشبندي هو. نهايت وسيع النظر
۽ تعصب کان پري هو. جيئن پاڻ چوي ٿو:
چو را فضی
نه کنم سرد دل بُغض کسی،
زچهار يار درين دهر گرم محفل ماست.
مقصد ته رافضين وانگر بُغض جي ڪري ڪنهن کان به دل
ٿڌي نه ٿو رکان يعني ڪنهن اصحابي جو انڪار ڪونه ٿو
ڪريان. هن زماني ۾ اسان جي محفل چئن يارن جي ذڪر
سان آباد آهي.
اهڙي طرح ٻئي هنڌ چوي ٿو:
نبود عجب به ما نشد ار صاف رافضی،
که دل ز گرد کينه اصحاب شسته ايم.
مطلب ته انهيءَ لاءِ عجب نه ٿيڻ گهرجي ته اسان صاف
رافضي نه ٿيا آهيون، ڇاڪاڻ ته دل اصحابن جي ڪيني
جي گرد غبار کان ڌوئي ڇڏيسون.
پاڻ حياتيءَ جي آخري وقت تائين تصنيف تاليف ۾
مشغول رهيو. وفات کان هڪ سال اڳ ۾ هن ٽي ضخيم ڪتاب
لکيا. آخر 64 سالن جي عمر ۾ 1203هجري/ 1788ع ۾
پنهنجي وطن ٺٽي ۾ فوت ٿيو. هن نظم ۽ نثر ۾ گهڻا
ڪتاب لکيا، جن ۾ ڪجهه ديوان، مثنويون، تحفة
الڪرام، تاريخ عباسيھ ٻه ڪتاب نظم ۽ نثر ۾ شامل
آهن.
(”تاريخ ادبيات مسلمانان پاڪستان و هند“ مقالھ
نگار: ڊاڪٽر سيد علي رضا نقوي (مقالو) ”مقالات
الشعراءِ“ مديران خصوصي: سيد فياض محمود ۽ سيد
وزير الحسن عابدي، پنجاب يونيورسٽي لاهور، 1972ع،
پنجون جلد، فارسي ادب (حصو ٽيون).
ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي
ترجمو: عبدالرسول قادري
مير ’قانع‘ وفات 1203هجري، عظمت الله (صحيح اصل
نالو عزت الله) جو فرزند، گهڻن ڪتابن جو ليکڪ ۽
گهڻين شآعري جي صنفن جو ماهر سنڌ جو بهترين شاعر
آهي. ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ شاعري ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجو
نالو پهريان تخلص ۾ ڪم آڻيندو هو. ٿوري وقت ۾ اٺن
هزارن بيتن جو ديوان مرتب ڪيائين، پر پوءِ ڪن سببن
ڪري ديوان پاڻي سان ڌوئي يا درياءَ ۾ لوڙهي
ڇڏيائين.
ڪجهه وقت کان پوءِ ’مظهري‘ تخلص سان شاعري ڪيائين.
ڪجهه مدت بعد پنهنجو تخلص تبديل ڪري ’قانع‘
رکيائين. سندس شاعريءَ ۾ هي ڪتاب يادگار ڇڏيائين.
* ديوان قانع، جنهن ۾ نو هزار شعر آهن.
* مختار نامھ، هن ۾ ست هزار شعر آهن.
* قصھ ڪامروپ
* مڪلي نامھ، هن ۾ نثر سان گڏ ڏيڍ هزار شعر آهن.
* چهار منزلھ، هن ۾ هڪ هزار شعر آهن:
* مثنوي قضا و قدر
* مثنوي اعلان غم
* زينت الاخلاق
* نسخھ غوثيھ، علم سلوڪ ۾.
* ختم السلوڪ، تصوف جي رازن رمزن تي مشتمل آهي.
* ميزان الافڪار
* روضة الانبياءِ
* مثنوي شمھ از قدرت حق
* ساقي نامھ
* تاريخ عباسيھ (نامڪمل)
* بياض محڪ الشعراءِ، مختلف شاعرن جي شاعري جو
انتخاب .
* اشعار متفرقھ، هڪ هزار شعر وغيره.
هنن کان علاوه ”تذڪره مقالات الشعراءِ“، جنهن ۾ ست
سو اڻويهه وطني ۽ ٻاهرين شاعرن جي زندگي ۽ شاعريءَ
جو احوال آهي، جيڪي 1173هجري تائين سنڌ ۾ آيا.
(ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ”پارسي گويان هند و سند“
فارسي، انتشارات بنياد فرهنگ ايران، درسال
2435شاهنامي، ڇپيل 1973ع کان بعد ۾)
اعجاز الحق قدوسي
خالد وسير
سنڌ جي سياسي، ادبي، علمي ۽ روحاني تاريخ کي جيارڻ
وارو مير
علي شير ’قانع‘ ئي آهي. جيڪڏهن هو اهو علمي
ڪارنامو سرانجام نه ڏئي ها ته، سنڌ جي تاريخ جا
ڪيئي پهلو اڌورا رهجي وڃن ها ۽ سڀ کان وڌيڪ سيد
حسام الدين راشدي صاحب جس لهڻي، جنهن انهن کي
ڳولهي ڪري ضروري نوٽ هڻي منظر عام تي آندو. گڏوگڏ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب خراج تحسين جي لائق
آهي، جنهن سندس ڪتاب کي ترجمو ڪرائي، اهم حاشين ۽
فوٽ نوٽن سان سينگاري، انهيءَ اهم علمي خزاني کي
عوام آڏو ۽ موجوده دؤر جي مؤرخن تائين پهچايو.
مير ’قانع‘ جي بزرگن مان قاضي شڪر الله شيرازي بن
وجيهه الدين 927هه ۾ قنڌار مان لڏي ٺٽي آيو.
سيد شڪر الله جي نسل مان ٺٽي جي سيدن شڪر الاهي جو
سلسلو جاري ٿيو. سيد شڪر الله کي علمي ڪمال ۽
بزرگي جي ڪري شاهه حسن ارغون پنهنجي حڪومت جو
پهريون ”شيخ الاسلام“ ڪري رکيو، پر کيس انهي عهدي
جون پابنديون پسند نه آيون ۽ جلد ئي عهدو ڇڏي
ڏنائين.
مير ’قانع‘ انهن جي ئي اولاد مان هو۽ سندس سلسلو
ستين پشت ۾ وڃي ملي ٿو.
پاڻ 1140هه (28-1727ع) تي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي
دؤر ۾ پيدا ٿيو ۽ اها تاريخ ”خلق انسانا من
السلالة“ مان نڪري ٿي. سندس اصل نالو غلام علي شير
هو.
مير علي شير ٺٽي جي اهم عالمن کان تعليم حاصل ڪئي،
جنهن ۾ ميان نعمت الله، ميان محمد صادق، ميان
عبدالجليل جي ٻنهي پٽن کان، آخوند محمد شفيع،
آخوند ابو الحسن ۽ مولوي مرزا جعفر شيرازي جو نالو
پاڻ ٻڌائي ٿو.
مير صاحب جو شاعري سان گهڻو لڳاءُ هوندو هو ۽
ٻارهن سالن ۾ پنهنجو اَٺ هزارن شعرن جو ديوان پورو
ڪري ڇڏيو هئائين، جنهن ۾ سڀني صنفن تي طبع آزمائي
ٿيل هئي، پر خبر ناهي ته ڇو ان کي درياءَ جي حوالي
ڪري ڇڏيائين؟
وري 1155هه ۾ شاعري جو شوق مٿس غالب ٿيو ۽ مير
حيدر الدين ابوتراب ڪامل جو وڃي شاگرد ٿيو. شروع ۾
استاد جي ڏنل تخلص ’مظهري‘ سان لکندو رهيو، پر
پوءِ ’قانع‘ پسند آيس.
غلام شاهه ڪلهوڙي (1186-1170هه) مير ’قانع‘ کي
تاريخ لکڻ تي رکيو ۽ هڪ ڪتاب نثر ۾ ۽ هڪ نظم ۾
شاهنامي وانگر لکڻ شروع ڪيائين، پر مڪمل ٿيڻ کان
اڳ نوڪري ڇڏي هليو ويو. ’قانع‘ پنهنجي سڄي زندگي
لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاري، سندس جن ڪتابن جي باري ۾
معلومات ملي سگهي آهي اهي هيٺيان آهن:
(1) ديوان علي شير (2) مثنوي شمھ از قدرت (3)
مثنوي قضا و قدر (4) نو آئين خيالات (5) مثنوي
قصه ڪامروپ (6) ديوان غم (7) ساقي نامو (8) واقعات
حضرت شاهه (9) چهار منزله (10) تزويج نامه حسن ۽
عشق (11) اشعار متفرقه در صنائع و تاريخ (12)
بوستان بهار معروف مڪلي نامه (هي ڪتاب نثر ۽ نظم ۾
آهي، جنهن ۾ مڪلي قبرستان جي منظرن ۽ مقبرن جو
احوال ڏنل آهي.ان جو هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾
موجود آهي. راشدي صاحب ان تي وڏي محنت ۽ عرق ريزي
سان حاشيا ۽ ضروري نوٽ لکي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو
آهي) (13) مقالات الشعراءِ (14) تاريخ عباسيه
(15) تاريخ عباسيه (نظم) (16) تحفة الڪرام (هي
ڪتاب ٽن جلدن ۾ آهي ۽ ٽئي جلد 1304هه ۾ مطبع ناصري
دهلي طرفان ڇپجي به چڪا آهن. ڪتاب جو آخري جلد سنڌ
جي تاريخ متعلق آهي. راشدي صاحب هن ڪتاب تي ضروري
حاشيا ۽ شجرا ڏئي ڪري ادبي بورڊ پاران ڇپرايو آهي)
(17) مثنوي اعلان غم (18) زبدة المناقب (19) مختار
نامه (ان جو هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ وٽ محفوظ آهي)
(20) نصاب البلغاء (ان ڪتاب جو هڪ نسخو مولانا
محمد ابراهيم ڳڙهي ياسيني جي ڪتب خاني ۾ موجود
آهي) (21) مثنوي ختم السلوڪ (سنڌي ادبي بورڊ وٽ ان
جو هڪ نسخو پيل آهي) (22) طومار سلاسل گزيده (ادبي
بورڊ وٽ نسخو موجود آهي) (23) شجره طريقت اهل بيت
(24) معيار سالڪان طريقت (ان جو هڪ نسخو برٽش
ميوزيم ۾ موجود آهي، جيڪو سن 1242هه ۾ مير مراد
علي ٽالپور جي لاءِ لکيو ويو) (25) روضة الانبياء
(26) زينت الاخلاق (27) غوثيه (28) مثنوي قصاب
نامه (سنڌي ادبي بورڊ ۾ ان جو نسخو موجود آهي)
(29) ميزان الافڪار (30) تذهيب طباع (31) سرفراز
نامه (32) حديقة البلغاء (نسخو سنڌي ادبي بورڊ وٽ
محفوظ آهي) (33) مثنوي ڪان جواهر (34) ميزان فارسي
(35) رساله معمامع شرح (نظم ۽ نثر ۾) (36) لب
تاريخ ڪلهوڙا (37) بياض محڪ الشعراء (نسخو ادبي
بورڊ وٽ آهي) (38) ديوان اشعار (39) قصائد و منقبت
(نسخو موجود) (40) انشاء قانع (نسخو موجود) (41)
مثنوي محبت نامو (نسخو موجود) (42-43) انهن ٻنهي
جا نالا مير مائل جي ڏنل فهرست مان ڊهي چڪا آهن.
”طومار سلاسل گزيده“ ۾ مير ’قانع‘ پنهنجو ۽ پنهنجي
پيءُ جو طريقت جو سلسلو نقشبندي ٻڌائي ٿو، پر
پنهنجو شيعت ڏانهن لاڙو هيس.
مير ’قانع‘ چوهٺ سالن جي عمر ۾ 1203هه (1788ع) تي
وفات ڪئي.
سندس قبر جي جاءِ ته نه لڀجي سگهي آهي، پر يقين
سان چئي سگهجي ٿو ته، شڪر الاهي قبرستان جيڪو مڪلي
۾ آهي مدفون هوندو.
(اعجاز الحق قدوسي ”تاريخ سنڌ“ مرڪزي اردو بورڊ
لاهور، 1974ع جلد 2/ترجمو ۽ تخليص سنڌي خالد وسير،
مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور)
|