سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:9 

ڪشمڪش 

آفيس مان ٿڪجي ٽٽجي 3 بجي آيس ۽ ماني کائي لت کوڙي سمهي رهيس. 4:30 بجي شام جو اک کلي، ڪوٺيءَ مان ٻاهر نڪتس ته توسل آيو ”ادا هلو ته کير وٺي اچون، ادا تجمل کي پيٽ ۾ سور آهي.“

”ڇو؟ ڇا کان پيٽ ۾ سور پيو اٿس!؟“

مون بيپرواهيءَ مان پڇيو. خير آئون تجمل وٽ ويس، هو کٽ تي ليٽيو پيو هو. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هن کي دل جي هيٺان سور آهي. مون انهيءَ ڳالهه کي اهميت نه ڏني، ڇاڪاڻ ته هن جي منهن تي ڪا اهڙي خطرناڪ نشاني ڪا نه هئي.

کير وٺي آيس، چانهه پيتي سين. ليڪن انهي عرصي ۾ برابر آئون کيس ڏسندو رهيس. ڊاڪٽر ڏانهن به وياسين، ليڪن بدقسمتيءَ سان ڊاڪٽر به ڪونه مليو. ماستر الله بخش ۽ پاڙي جي ٻي هڪ ڪمپائونڊر کي ڏيکاريو ويو، جنهن ٻڌايو ته بدهاضمي ۽ قبض جو سبب آهي. ليڪن آه!

درد بڑهتا گیا جوں جوں دوا کی۔

07 بجي تجمل قطعي بيهوش ٿي ويو. ڏاڍي پريشاني ٿي، ڇا ڪجي آخر! گھڻي مشڪل کانپوءِ کيس هوشيار ڪيو ويو. سڀني جي صلاح ٿي ته اسپتال ۾ وٺي هلجي. اسپتال ۾ پهتاسين، ڊاڪٽر ڏٺو ڪا اهڙي خاص ڳالهه نظر نه آئي. وري به خاطريءَ لاءِ اسٽمڪ واش (Stomach wash) ڪيو ويو. هينئر هو هوش ۾ هو ۽ نهايت چالاڪي ۽ تيزيءَ سان ڳالهائي رهيو هو ۽ سندس خيال هو ته واپس گهر هلجي. ليڪن نرس اجازت نه ڏني. هن جو چوڻ هو ته هن زهر کاڌو آهي. دل کي ڄڻ شاڪ اچي ويو! پر حالت بهتر هئڻ ڪري ايڏو فڪر ۽ ڳڻتي ڪونه ٿيو.

تجمل چوي ته گهر هلان ۽ نرس ۽ اسين چئون ته نه هِتي رهه. بهرحال هن کي وارڊ ۾ رهائي وٽس حامد علي ڇڏي، اسين ماني کائڻ لاءِ گهر ڏانهن آياسين. رستي ۾ ماما علي بخش ٻڌايو ته، تجمل آفيم هڪ تولو کاڌو آهي ۽ اهو خود هن جو چوڻ هو. گهر اچي ماما کي حقيقت ٻڌايم. سندس الماڙي کولي ڏٺي وئي، ته ڪو آفيم رهيل نه هجي. پر ڪجهه به هٿ نه آيو ۽ اِهو راز پوشيده رهيو، ته هن آفيم ڇو ۽ ڪهڙي طرح کاڌو.

آئون، توسل ۽ ضمير ماني کائي آهستي آهستي واپس اسپتال وياسون. رستي تي هوٽل ۾ چانهه به پيتي سون. خيال هو ته شايد سڄي رات جاڳڻو پوي، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر تجمل کي ننڊ ڪرڻ کان منع ڪئي هئي.

آه! اسان جا خواب شرمندهء تعبير نه ٿي سگهيا. نور محمد هاءِ اسڪول وٽ اڃان مس پهتاسين، ته حامد علي ٽانگي ۾ مليو ۽ نهايت ڪاوڙ مان چوڻ لڳو ”اوهان مزي سان گھمندا ڦرندا پيا اچو ۽ هيڏانهن تجمل جي حالت ته وڃي ڏسو!“ اسان ٽنهين جي منهن مان دانهن نڪري وئي. وٺي ڀڳاسين. آه! اهو منظر منهنجي ذهن کان ڪڏهن به وسري نه سگندو.

تجمل پلنگ تي نئون سنئون پيو هو. ساهه جي آمد و رفت نهايت تڪليف سان پي هلي ۽ رکي رکي گھوگھري جھڙو آواز پي آيو. اهڙي طرح ڄڻ ڪو ٻار گھڻي روئڻ کانپوءِ سُڏڪا ڀريندو هجي. آئون منهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏڪي ويس ۽ دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. تجمل جا ننهن ڪارا ٿي ويا هئا.

”موت“!... منهنجو دماغ چڪرائجي ويو ۽ قريب هو ته آئون پنهنجا جمله هوش و حواس وڃائي ويهان ها، ليڪن منهنجي دل ۾ اهائي خواهش هئي ۽ منهنجي دماغ ۾ اهوئي خيال هو ته ڪنهن به نموني سان منهنجي محبوب دوست ۽ پياري عزيز جي زندگي سلامت رهي. مون سڀني کي ليلايو ته مهرباني ڪري ڊاڪٽر کي وٺي اچو! منهنجي دل نه مڃيو ته هڪ پل لاءِ به اڪيلو ڇڏي ڪنهن طرف وڃان! ڊاڪٽر جي پٺيان هر هڪ ڊوڙيو، ليڪن ڊاڪٽر جو پتو ئي ڪونه هو! آخر گھڻي مٿاماري کانپوءِ ڊاڪٽر به آيو. انجيڪشن ڏني وئي، آڪسيجن لڳايو ويو. هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي ۽ رفته رفته تجمل جي حالت سڌرندي وئي. انهي دوران ۾ سڀئي عزيز اچي ويا. سڀني جا منهن لٿل ۽ حال پريشان هئا.

هي حادثو صحيح معنيٰ ۾ هڪ عظيم حادثو هو، جنهن جي خيال کان ئي دل پاش پاش ٿيو وڃي. جوان، ڦوهه جواني، ڪنهن جي اُميدن ۽ تمنائن جو مرڪز هن حادثي جي لپيٽ ۾ هڪ اهڙو شخص هو، جنهن دنيا جي هماهميءَ کي فقط پري کان ڏٺو هو، اڃا هن انهي جدوجهد ۾ قدم به ڪونه رکيو هو. موت ۽ سو به خودڪشي! آپگھات!! پنهنجي زندگي پنهنجي رضاخوشيءَ سان موت جي حوالي ڪرڻ!!! زندگي جھڙي بي بها نعمت کي لت هَڻي موت جي پُرخطر راهه تي وک وڌائڻ. اميدن ۽ آرزن جو گلو پنهنجي هٿن سان پاڻ گھٽڻ. اُف! آه! انسان تنهنجي سرڪشي ۽ ضد.

سموري رات جاڳندي گذري. دل پريشان ۽ حال حيران... هڪ طرف باهه ٻئي طرف پاڻي. تجمل وٽ وڃي ويهان ته هن جي حالت ڏسي دل تي ڇريون هليون ٿي ۽ جيڪڏهن ٻاهر اچي بيهان ته وڇوڙي جو درد هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪرڻ نه ڏئي. عجيب ڪشمڪش ۾ جان هئي. دوست ۽ دوست به اُهو جنهن سان ننڍي هوندي کان ئي نينهن هو. اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جو حال ڀاءُ ٿيڻ، عزيز، همراز، منهنجي اکين جي اڳيان هن جي گذريل زندگيءَ جو نقشو کليو رکيو هو. منهنجي ذهن ۾ هن جي زندگيءَ جو هر هڪ سين تيزيءَ سان گذري رهيو هو. هن جي ٻاراڻي وَهي، هن جي جواني، اڳتي شال رب هن کي ٻڍڙو ڪري. ليڪن زندگيءَ جا اُهي مرحله جن مان هو گذريو، ڪهڙا نه عجيب و غريب هئا. هڪ طرف ناقص تعليم، ٻي پاسي غربت! هڪ طرف محبت جي گرفت، ٻي پاسي پنهنجي جي بي پرواهي! هر وقت اداس، هر وقت حيران ۽ پريشان! اڪيلائي ۽ تنهائيءَ جي زندگي هن کي کائي ڇڏيو. هو جيئري ئي هڪ لاش مثل هو، جيڪا محض هلي ڦري ۽ کائي پي سگهندي هئي. زندگي هن جي لاءِ ڇا هئي. افسوس! ڪاش! هن کي زندگيءَ جي ڳجهن رزان جي خبر هجي ها. ڪاش! هو زندگيءَ جي هر هڪ مد و جزر مان واقف هجي ها ۽ ڪاش هو زندگيءَ کي زندگي ڪري سمجهي ها.

زندگي ڇا آهي...؟ موت ڇا آهي؟ زندگيءَ ۽ موت جو درمياني عرصو شايد هڪ خواب آهي. ليڪن خواب جي حقيقت؟ زندگي ۽ موت، معشوق ۽ عاشق، هجر ۽ وصل، وڇوڙو ۽ ميلاپ، اک ڇنڀ جي ڳالهه آهي، ڪنهن ڄڻ ته ڏاڍي ڏکاري ۽ مغموم حالت ۾ ڊگھو ۽ ٿڌو ساهه کنيو هجي ۽ بس... اک کلي ۽ بند ٿي، نفس جو سلسلو بند، جسم هڏن جو حقير بوتو، جوهر ختم، يعني زندگي ختم-  انسان ته زنده- مرده کي انسان جو نالو ڏئي نه ٿو سگهجي. زندگيءَ سان ئي باغ ِ عالم ۾ رونق آهي.

ڏک سک، ڇانوَ اُس، خوشي غم ئي ته زندگي آهن، يا زندگيءَ جو ٻيو نالو حرڪت آهي. ڪشمڪش، فتح و شڪست زندگيءَ جو ڏاج آهن ”زندگي“ ته ”نام ہے مر مر کےجیئے جانے کا“ طوفان اچن ٿا، ڪارا ڪارا هيبت ناڪ ڪڪر اڀري اچن ٿا، گجگوڙ، کنوڻ، زلزله، ٻوڏون، برفباري، بهار، چؤطرف گلن جي خوشبودار هٻڪار، خزان، وڻن جي هيٺان زرد ۽ سڪل پنن جو ميڙ، زندگي محرڪ آهي. ليڪن زندگيءَ سان نڀاءُ ئي ته هڪ معرڪي جي ڳالهه آهي. خلوص نيت، بلند ارادا ۽ قوي همٿ، زندگي انهن جي ئي غلام آهي. ليڪن افسوس! _ ليڪن افسوس کي ڇا چئجي؟ شايد قسمت ۽ مقدر انهيءَ لاءِ مناسب لفظ آهن.

منهنجي زندگيءَ ۾ اڄوڪي رات هڪ يادگار رات آهي. رات خاموش ۽ پرسڪون _ آسمان جي نيري چادر تي روشن تارا ٽمڪي رهيا آهن. ڪائنات چنڊ جي سفيد روشنيءَ ۾ ڄڻ ته تري رهي آهي. اسپتال ۾ بلبن جي پيلي روشنيءَ جي ڇانوَ ۾ مريض گھري ننڊ ۾ ستا پيا آهن. البت رکيو رکيو ڪٿان ڪنهن مريض جي دانهن جو آواز فضا ۾ ارتعاش پيدا ڪيو ڇڏي. تجمل پلنگ تي پيو آهي ۽ نفس جو سلسلوپنهنجي اصلوڪي پابنديءَ سان شروع آهي. هڪ ڀيرو زندگيءَ جي اميد دل جي پريشانيءَ کي ڪافور ڪري ڇڏيو آهي. البت اکيون کيس خوش و خرم ڏسڻ لاءِ ڏاڍيون حيران آهن. آئون، توسل ۽ ضمير پنهنجي خوشيءَ جي خزاني مٿان نهايت هوشياريءَ سان پيا پهرو ڏيون. ماما آيو، ليڪن هن جي حالت بيان ڪرڻ منهنجي وس نه آهي. دل جو سرور ۽ اکين جو نور هن جي اڳيان موت ۽ زندگيءَ جي زبردست ڪشمڪش ۾ گرفتار ڦٿڪي رهيو هو. اُف! ڪيتري نه قابل رحم هئي هن جي حالت. هن جي دل و دماغ جي روشني غم جي بادلن ۾ غائب ٿي وئي هئي. هو آيو ويو پي، ليڪن حامد علي جو هٿ هن جي چيلهه ۾ هو. سچ آهي:

آنکھوں کا نور کھوتا ہے نور نظر کا داغ

ماما گل حسن جي منهن تي عجيب و غريب مُردني پکڙيل هئي ۽ هو اهڙي طرح قدم کڻي رهيو هو، ڄڻ ته ننڍڙو ٻار پهريون دفعو پنڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو هيٺ پَٽَ تي ويهي رهيو ۽ مٿي کي هٿ ڏئي ڪنهن ويچار ۾ غرق ٿي ويو!!

 

ابنِ احسن! اوهان جي موت مون کي

بي قراريءَ ۾ بي قرار ڪيو

 

]هي سچي ڪهاڻي مراد صاحب پنهنجي سڳي ماروٽ ميرزا تجمل حسن جي خودڪشي بابت لکي هئي. بقول مراد صاحب 15 مئي 1954ع شام 5 وڳي کان وٺي تجمل حسن جي حالت خراب ٿي ۽ ٻئي ڏينهن 16 مئي 1954ع (12 رمضان 1373هه) سول اسپتال حيدرآباد جي ميڊيڪل وارڊ ۾ 2:10 بجي منجهند زندگيءَ جو سفر ختم ڪري راهيءِ عدن ٿيو. سندس عمر ان وقت 20 سال 9 مهينا ۽ ڪي ڏينهن هئي.[

 

رت ورني رات

  باب پهريون

 

      رات وڏي ٿي وئي آهي. ٻاهر هر طرف سالت ۽ سڪوت آهي. نعيم اڃا هينئر اٿي ويو آهي ۽ آءٌ ڪمري ۾ اڪيلو ويٺو آهيان. چون ٿا ته ننڊ سوليءَ تي به اچيو وڃي، پر مونکي ننڊ ڪين ٿي اچي. منهنجي اکين مان ننڊ اڏامي ويئي آهي. آءٌ ڪڏهن هنڌ ۾ ليٽي پاڻ گرم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريا نٿو ۽ اکيون ٻوٽي ننڊ ڪرڻ گهران ٿو، پر ننڊ ڪين ٿي اچي. بتي وسائي ڏٺم ته من ننڊ اچي، ڇو ته ان جو تعلق تاريڪيءَ سان آهي ۽ زندگيءَ جا اهڃاڻ ته روشنيءَ ۾ ملندا آهن؛ ليڪن رڳو پيو پاسا بدلايان. هنڌ جي سوڙهه ۾ ساهه پوساٽجي ٿو. پاڻ مرادو هٿ ٿي کڄي ٿو: ٽڪ. بجليءَ جي ورشني ڪمري جي تاريڪيءَ کي وڪوڙي وڃي ٿي. زندگي موٽي اچي ٿي. آءٌ اُٿي ويهان. ٿو ڪنهن طرف کان ڪو جيت تيز اڏامندو اچي ٿو ۽ بجليءَ جي بلب سان ٽڪرائي ٿو ۽ ڏسندي ئي اچي ٿو پٽ تي ڪري. منهنجي چين تي مرڪ اچي ٿي: روشني زندگي آهي ۽ هر چيو کي روشني پسند آهي. پر جيو جي ڇا حيثيت! آءٌ اٿٺان ٿو ۽ تازيءَ هوا لاءِ دريءَ جو طاق کوليانٿو. ٿڌيءَ هوا جو جهوٽو منهنجي چهري تي ٿڦڪيون ڏيندو، قميص جي کليل ڳلي مان ٿيندو، منهنجي ڇاتيءَ کي وڪوڙي وڃي ٿو. برف ڀريل هوا جو جهوٽو. منهنجو جسم ڏڪي وڃي ٿو ۽ لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وڃي ٿي. سيءُ ڏاڍو سخت آهي، پر ڪيترو نه وڻندڙ  خوشگوار. آءٌ لوندڙين ۽ ڳلن ۾ گرم گرم خون کي دورو ڪندي محسوس ڪريانٿو. آءٌ اوور ڪوٽ کڻي ڪلهن تي رکانٿو ۽ سگريٽ دکائي دريءَ وٽ ئي بيهي رهانٿو.

        ٻاهر برف جا اُڇا اُڇا ٻُڙا ڪپهه جي ڦونڌن وانگر ماٺيڻي ماحول ۾ چپ چاپ ۽ آهستي آهستي هيٺ ڪرندا پيا رهن. گهرن جون ڇتيون، ديوارون، ٿنڀا، رستا، سڀني تي برف جي چانڊاڻ جهرو تهه چڙ هيو پي آهي؛ وڻن جي ٽارين تي به برف آهي ۽ انهن جر جڙن ۾ برف گڏ ٿي ٻوٽن جي صورت وٺي بيٺي آهي. دريءَ جي سامهون، رستي جي هن ڀر پريان ننڍين ننڍين ۽ سلاميءَ وارين ڇتين سان گهرن جو لاڳيتو سلسلو نظر اچي ٿو. انهن سڀني گهرن ۾ چمنيون آهن، جيڪي سدائين پيون آسمان ۾ تڪين، ڪي ننڍيون ته ڪي وڏيون، ۽ ڪن مان ته اڃا تائين پيو دونهون نڪري. ڪاري چمني، اڇو دونهون ۽ برف ڀريل ڪڪرن سان آسمان!

        نعيم به انهن ئي گهرن مان هڪ گهر ۾ رهندو آهي ۽ نسرين جو گهر به اتي ئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته هوءَ سنهي ۽ ڪجهه ڊگهي چمني نسرين جي گهر جي ئي هجي. اهو به امڪان آهي ته نسرين اڃا تائين جا ڳندي هجي ۽ پنهنجي نرم نازڪ هٿڙن سان ٽڦڻيءَ ۾ ڪوئلا کڻي ”ڪل“ ۾ وجهندي هجي ۽ پنهنجن ريشمي ۽ سونهري وارن کي جهٽڪو ڏئي وري ڪنهن ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف ٿي وئي هجي. يا ممڪن آهي ته هوءَ گرم گرم ڪمري ۾ نفيس ۽ نازڪ هنڌ تي ستي پئي هجي ۽ وارن جون چڳون سندس چنڊ جهڙي چهري تي پکڙيون پيون هجن. برفاني راتين ۾ هر ڳاهه جو امڪان ٿي سگهي ٿو! انهن راتين جي حسن ۾ بي انداز دلڪشي ۽ دلفريبي هوندي آهي، اهي اکين کي ٿڌاڻ پهچائين ۽ دلين کي بخشين. اڄو ڪي رات بيحد دلڪش ۽ دلفريب آهي. اڄ آسمان مان حسن ۽ پيار جي بارش پئي پوي. هيءُ مٺڙيون مٺڙيون راتيون، هيءُ پرڪشش نظارا، هيءَ نسرين ۽ هيءُ نعيم، اڄ اهي سڀئي منهنجي اکين اڳيان آهن، پر سڀئي ؟ اهو خيال هڪ سوال جي صورت وٺي منهنجي ذهن تي نقش ٿي وڃي ٿو. اهو سوال هڪ معمو بڻبو وڃي. پر زندگي به ته هڪ معمو آهي، جنهن جو ڪو حل ئي ڪونهي. ته پوءِ آئون  به هڪ معمو آهيان ۽ نسرين ۽ نعيم به پنهنجي پنهنجي جاءِ تي معما آهن. اسين سڀ معما آهيون ۽ هيءَ ساري ديا به هڪ معمو آهي.

        آءٌ سگريٽ پيان پيو ۽ منهنجي وات مان دونهين جا ڇلا نڪرندا، وڌندا گهٽبا، سسندا پکڙبا فضا جي وسعت ۾ ملندا گم ٿيندا پيا وڃن...

        ”نسرين؟“

        ”جيءُ!“

        ”ڏاڍي ڏنگي آهين.“

        ”اهو ته سڀئي ٿا چون. گهر ۾ به اها ئي ڳالهه ڪندا آهن ۽ سهيليون به ائين ئي چونديون اٿم.“

        ”۽ آءٌ به اهو ئي ٿو چوان.“

        ڪانئين ڳالهه ڪانهي.“

        ”چڱو، ڀلا چانهه پئبي؟“ مون ڳالهه کان نٽائيندي پڇيو.

        ”دل نٿي چوي“

        ”ته پوءِ ڪريم ڪافي مناسب ٿيندي.“

        ”ڪافي مونکي ڪساري لڳندي آهي.“

        ”هون، ان ۾ ٿوري تلخي آهي. ڀلا اوولٽين؟“

        ”جهڙو سڙيل کير.“

        مون نسرين کي چتائي ڏٺو. هن جي چپن تي مرڪ هئي. غير معمولي ۽ جاودان مرڪ، جهن کان سندس چهرو هميشه پيو ٻهڪندو هو.

        ”ته پوءِ هلڻ گهرجي.“

        ”نه، اڃا هينئر ته آيا آهيون، ٿورو وقت ويهبو.“

        چائنا ڪيفي جي چيني فانوسن مان روشنيءَ جا ڪرڻا لهندا اسان جي چوڌاري ناچ ڪندا رهيا. هڪڙو ڪرڻو هن جي هٿ تي اچي ويٺو. منهنج ڌيان هڪدم ان طرف ڇڪجي ويو. ڳوري ۽ نازڪ ٻانهن تي سائي رنگ جاليڪا ظاهر هئا.

        ”ان ڪري نه تون ضعيف آهين“

        ”هائو، پر جسماني طرح ۽ نه ذهني طرح.“

        ”تون سچ ٿي چوين،“ ۽ آءٌ سوچڻ لڳس ته اسان وٽ ڪيترا انسان ذهني طور تندرست آهن؟

        ”پر اوهان ته ڪجهه پيئو پنهنجي ڪا دلپسند شئي.“

        مون سندس ڌيان ڀر واريءَ ديوار تي ٽنگيل بورڊ ڏانهن ڇڪائيندي چيو، ”اها دلپسند شئي هتي ڪين ملندي.“

        ”هون! مردن کي اهڙيون ئي شيون پسند اينديون آهن، جيڪي کين پاڻ وسارڻ ۾ مدد ڪن.“

        ”۽ عورتون انهن شين کان نفرت ڪنديون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي شيون مردن کي پنهنجو ڪيو ڇڏين.“

        نسرين خاموش رهي. سندس نظرن ۾ معنيٰ جو مهراڻ موجون هڻڻ لڳو ۽ هن جي چپن تان مرڪ ويندي ويندي موٽي آئي.

        ”ڪيئن سچ ٿو چوان نه ؟“

        ” هون، سوال به اوهان ڪيو ۽ جواب به اوها ئي ڏنو.“

        پوءِ هڪ ٻئي جي اڳيان ويٺي ويٺي اسان ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون: موسم تي، نئين فيشن تي، نفسيات تي، سياست تي. موضوع ڦرندا رهيا، ڳالهيون وڌنديون رهيو ۽ وقت کٽندو ويو. اٿڻ کان پهرين هن جيلي کاڌي ۽ مون ڪافي پيتي.

        ٻاهر نڪتاسين ته سج الهندي طرف ساين ٽڪرين جي پٺيان لهندو پئي ويو. اوڀر طرف سج جي عڪس ٽڙيل پکڙيل سفيد ڪڪرن ۾ جذب ٿي، انهن کي رتول ڪري ڇڏيو هو. وچ آسمان ۾ تاريڪيءَ جا پلاند پکڙيا پئي ويا.

        ”هيءُ تاريڪ دور آهي.“ نسرين جون روشن آنگريون سندس سونهري وارن ۾ گم ٿي ويون.

        ” پر اڃا ڪرڻا آهن، روشني غيرفاني آهي.“

        نسرين جو چهرو ٻهڪڻ لڳو ۽ هن جي چپن جي مکڙي ٽڙي پئي. هڪڙي سهڻي موٽر رستي تان ويندي ويندي بيهي رهي. دروازو کليو، هڪ نوجوان لٿو، هو پئي هٿ پتلون جي کيسن ۾ وجهي ڏاڍي بينيازيءَ ۽ بي پرواهي سان  اسان جي اڳيان اچي وڌي ويو. فضا ۾ ٿوريءَ دير لاءِ هڪ نئين خوشبو پکڙجي ويئي. ”جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.“ منهنجي ذهن ۾ شاهه جي سٽ اڀري آئي.

        ”ڪڏهن ڪڏهن ته نظرون به ڌوڪو ڏينديون آهن،“ نسرين مشڪندي چيو.

        مون چوڌاري چتايو، سچ پچ رات ٿي ويئي هئي ۽ بجليءَ جا بلب تاريڪيءَ ۾ پئي ٽمڪيا. ڇا نسرين، انهن کي ته ڪرڻا ڪين ٿي سمجهي ؟ ”نه، نه. اهي ته مصنوعي آهن،“ مون چيو. پر نسرين اڳ ۾ ئي ٽانگي ۾ ويهي چڪي هئي ۽ گهوڙي جي ٽاپ جو آواز منهنجي ڪنن کان پري ٿيندو ويو.

        خوشبوءِ جي هجرت. ۽ انهيءَ هٻڪار تي آءٌ اڳتي وڌندو رهيس. تاريڪيءَ ۽ روشنيءَ مان؛ موت ۽ زندگيءَ مان. ”موت جو هڪڙو ڏينهن مقرر آهي.“ رڳو ڪوڙ، رڳو قريب. وک وک تي موت، وک وک تي زندگي. مرڻ کان اڳ انسان لکين دفعا مري ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org