سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:6 

سوال

بشير پنهنجي مُنهن تان پکو کنيو ۽ ”اُف“ ڪندي، پنهنجي پگهر ۾ ٻڏل جسم کي زور زور سان پکو هنيو.

جولاءِ جي هڪ گرم ڏينهن جو ذڪر آهي. ٻن پهرن جو وقت هو، ۽ گرمي به پنهنجي پوري اَوج تي هئي. بشير دروازي سان لڳ کٽ وجهي ليٽيو هو ۽ هن جو خيال هو ته دروازي مان هوا ضرور ايندي. پر اَڄ ته وڻ جو پن به نه ٿي چُريو ۽ سامهون ميدان مان ٻاڦ نڪرندي پئي معلوم ٿي، ڄڻ ته زمين جي هيٺان به پئي بٺي ٻري.

چؤطرف سانت ئي سانت هئي. ڪمري ۾ هڪ طرف ميز پيل هئي، جنهن تي ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. ميز جي ويجهو هڪ ننڍڙي منجي پيل هئي، جنهن تي بشير جو پنجن سالن جو پٽ ستو پيو هو. هن جي مٿان ململ جو سنهو ۽ سفيد رَئو پيو هو، جنهن جي ڀرسان هيٺ پٽ تي سندس ماءُ ڀرت جو ڪم پئي ڪيو، ۽ ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ کيس پکو به پئي هنيائين. منجيءَ جي سيرانديءَ کان هڪ ننڍي ٽپائي رکيل هئي، جنهن تي ناسي رنگ جي شيشي ۽ چينيءَ جو سفيد پيالو رکيو هو. مٿي ڀت تي تاج محل جي رنگين تصوير پئي لٽڪي.

بشير پاسو ورائيندي ڪنڌ کنيو ۽ چيائين، ”رشيد کي اٿاري دوا پيار. هينئر شايد ٽي وڳا هوندا. ڊاڪٽر چيو ٿي ته ٻن وزنن پيئڻ سان ڇوڪري جو بخار ٽٽي ويندو!“

”نه اڃا سوا ٻه کن ٿيا آهن،“ سندس زال سئي ڪپڙي ۾ ٽنبيندي جواب ڏنو، ”ٻارهين وڳين هڪ وزن پيتو اٿس. ٻيو وزن چئين وڳين ڏبس. هينئر روئي روئي سُتو آهي؛ ڪچيءَ ننڊ مان اٿارڻ به چڱو نه آهي. اُٿي وري ٻائيتال وجهندو!“

بشير دراصل سمهڻ چاهيو ٿي. مگر هن جي اکين مان ڄڻ ته ڪنهن ننڊ ڪڍي ورتي هئي. اڄ هو آفيس مان موڪل وٺي آيو هو، ۽ پنهنجي پٽ کي کڻي ميونسپل اسپتال ۾ ويو هو، ڇاڪاڻ ته اتي جي في محض هڪ آنو هئي. ۽ موجوده وقت هڪ آني ۾ دوا جي ٽن وزنن جو سؤدو سُٺو هو!

”بخار آهي،“ ڊاڪٽر پنهنجي عينڪ درست ڪندي پڇيو هو.

”هائو،“ بشير ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته شام جو اوچتو بخار آيس ۽ رات جو وڌي 103 ڊگريون وڃي ٿيو.

”هون،“ ڊاڪٽر صاحب ٻار جو پيٽ ۽ ڇاتي تپاسيندي چيو.

”ڊاڪٽر صاحب مهرباني ڪري ڪا اهڙي دوا ڏيوس جو پيئڻ شرط ٻار جو بخار ٽٽي پوي،“ بشير جي آواز ۾ خوشامد هئي. ”بخار جي شدت کان اک به نٿو کولي!“

”فڪر نه ڪريو، اميد ته جلد ئي بخار لهي ويندو،“ ڊاڪٽر بشير کي خاطري ڏياري. ”بهتر آهي ته ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ اوهان منهنجي گهر اچو، ته آءٌ اوهان کي گهر واري دوا ڏيندس.“

ڪجهه دير سان بشير جي سمجهه ۾ اها ڳالهه آئي ته ’هِتي جي دوا لاءِ محض هڪ آنو ڏيڻو پوي ٿو ۽ ”گهر“ جي دوا لاءِ ڏهه آنا ڏيڻا پوندا، هڪ آنو ۽ ڏهه آنا، ڏهوڻو تفاوت. يقيناً دوا به ڏهوڻي سٺي هوندي!‘ پر بشير وٽ فقط هڪ رپيو کيسي ۾ هو، جنهن مان هڪ آنو ته ڏئي ويٺو هو، باقي 15 آنا رهيا هئا. هن جي دل ڪجهه پس و پيش ڪئي، مگر اوچتو سندس اکيون پنهنجي معصوم پٽ جي منهن ۾ کُپي ويون، جنهن جا نرم ۽ نازڪ ڳل بخار جي شدت کان تپي سُرخ ٿي ويا هئا. بشير هڪدم منهن ڦيرائي ڇڏيو. هن جي منهن تي بيوسي پکڙجي ويئي. ”چڱو ڊاڪٽر صاحب، آءٌ اوهان وٽ گهر حاضر ٿيندس،“ بشير بي خياليءَ مان چيو ۽ ٻار کي کڻي اسپتال مان نڪري ويو.

بشير کي ننڊ ڪانه آئي. ڀلا ننڊ به ڪيئن اچي! فڪر ۽ ڳڻتيءَ جو ديو، ننڊ جي پريءَ کي ڪنهن پاتال ۾ ڪٿي بند ڪري ويهاري ڇڏيو هو.

بشير پاسو ورائي، منهن تان پکو کڻي، نهايت آهستگيءَ سان پاڻ کي هڻڻ لڳو. هن جي ذهن ۾ خيالن جو طوفان اُڀري آيو. ”اڄ ننڊ ڇو نٿي اچي تعجب آهي! هونئن ته روز ايندي آهي. خبر ناهي ته اَڄ ڪيڏانهن غائب ٿي ويئي آهي!“ اوچتو هن کي بُک جو احساس ٿيو. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته هن جي پيٽ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. خال! جيڪو ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين خالي هوندو آهي. سامهون ڀت تي ڪانگ اچي ويٺو ۽ پنهنجي ڪاري چهنب کولي، ڳاڙهي زبان ڪڍي ڪان ڪان ڪرڻ لڳو. ٻاهر گڏهه هينگ ڏني ۽ پري زيتونن جي باغ ۾ باغائيءَ جي رڙ بلند ٿي ’هو هو! هو هو!!‘ جاين جا پاڇا اُداس ۽ ويران پئي لڳا. مگر وري چؤطرف خاموشي ڇائنجي ويئي. خاموشي، قديم مقبري جهڙي ويران خاموشي.

”پئسي ۾ ڪيڏو نه جادو آهي، ڪيتري نه حڪمت آهي ۽ ڪيتري نه قوّت آهي! انساني زندگيءَ جو دارومدار پئسي تي آهي. زندگي، جنهن جي پرورش پئسي جي ذريعي ئي ٿئي ٿي. پئسو، جيڪو زندگيءَ کي حُسن بخشي ٿو. زندگيءَ جي خشڪ ۽ ٺوٺ نَهرن کي مسرت جي شفاف ۽ مٺي پاڻيءَ سان ڀري ٿو. پئسو! انسانيت تهذيب ۽ تمدن کي ذلت جي اَٿاهه گهرائين مان ڪڍي اَوج تي رسائي ٿو!“ بشير سامهون ڀت تي ٽنگيل تاج محل جي رنگين تصوير کي غور سان ڏسندي خيال ڪيو، ”جيڪڏهن شاهجهان وٽ دولت نه هجي ها ته هيءَ دنيا جي حَسين ۾ حَسين ۽ لاجواب تخليق ڪڏهن به وجود ۾ ڪين اچي ها. پئسو ئي هو جنهن جي آسري ۽ اُميد تي فردوسيءَ شاهنامي جا بي نظير شعر تصنيف ڪيا!“

بشير جي نظرن اڳيان پنهنجي ننڍپڻ واري دوست ڪمال جي تصوير ڦري ويئي، جنهن سان ڪراچيءَ ۾ هن جي اوچتو ملاقات ٿي ويئي هئي. 28 سالن جو نوجوان ڪمال، سرخ ڳل ۽ ڀريل مُنهن، تندرست ۽ توانو، مٿي تي ماءُ پيءُ جي شفت جو هٿ، مشهور معروف واپاريءَ جو سڪيلڌو پٽ، بيپرواهه، الهڙ ۽ جوانيءَ جي نشي ۾ چُور.

ماضيءَ جي دوست ۽ ماضيءَ جي ياد جي آسودگي بشير جي مُنهن جي چوڌاري گهيرو ڪري ويئي، ۽ هن جو مُنهن ٿوريءَ دير لاءِ ٻهڪڻ لڳو. دماغ جي سطح تي آسودگي ۽ مسرت جا نقش نمودار ٿيڻ لڳا. سليٽي رنگ جي بيوُڪ ڪار بندر روڊ جي عظيم شاهراه تان ترندي، ڪلفٽن ڏانهن پئي وڃي. ڪمال پنهنجي دوست کي سير ڪرائڻ چاهيو ٿي. دوستن احبابن جو ميڙ، چرچن ڀوڳن جا انبار ۽ ٽهڪن جو بي پناهه طوفان. ڪلفٽن بيچ جو پر فضا اوپن ايئَر ريسٽورانٽ جنهن جي چيلهه جيڏين ڀتين کان عربي سمنڊ جون عظيم ڇوليون جهاتيون پائينديون نظر اينديون آهن. بيوڪ ڪار جو خوبصورت دروازو کولي سمنڊ جي نرم واريءَ تان ڊوڙندا هوٽل ۾ وڃي ويٺا هئا. چانهه، ڪافي، ڪوڪو، وائين، عورت ۽ سندس حسن ... نازڪ ۽ نرم!

هوٽل جي کليل وڏي ميدان تي خوبصورت جوڙن ڊانس پئي ڪيو. گراموفون تي سازن جي رڪارڊ، سمنڊ جي گهميل هوا ۽ حسين جوڙن جي ڳائڻ جي آواز فضا کي ويتر خوش گوار ڪري ڇڏيو هو!

’اڄ رات ڪهڙي نه حسين آهي منهنجا دوست!

هلي آءُ، آءٌ تنهنجو منتظر آهيان.

اَڄ رات مون کي محبت ڏي اي دوست!

اَڄ رات مون کي پيار گهرجي اي دوست.‘

ڊانس ختم ٿي ويو، سفيد ۽ نرم سينا ڦوڪجي ويا، هڪ ٻئي کي محبت جون نشانيون ڏنيون ويون، ۽ گلاب جي خوبصورت گلن جي مٽا سٽا ڪئي ويئي. آخري ڀيرو عشق، چانڊوڪيءَ جيان نوراني مکڙي ڏانهن منهن ورائي الوداع چئي. ريسٽورانٽ تي اُداسائي پکڙجي ويئي ۽ سمنڊ جي هيبتناڪ لهرن جي شور ۾ وڌيڪ گهرائي پيدا ٿي ويئي. پري رستي تان موٽرن جو قافلو اهڙيءَ ته سست رفتاريءَ سان ويندو رهيو، ڄڻ ته ڪو جواري پنهنجي سموري هڙ هارائي گهر ڏانهن واپس وڃي رهيو هو.

بشير کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته سندس جسم تي بيشمار ڪِوليون پيون سُرن. هن منهن تان پکو لاٿو ۽ ٽوال کڻي منهن اگهيائين. گرميءَ جي شدت هن جي خيالن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو هو. هن جو سڄو جسم پگهرجي ويو هو.

ساهه پٽڻ لاءِ هو وري اٿي ويٺو، ۽ پنهنجي معصوم پٽ ڏانهن ڏسڻ لڳو، جيڪو ڏاڍي گهريءَ ننڊ ۾ ستو پيو هو. ٻار جي ڀرسان سندس ماءُ اڃا تائين سبڻ ۾ مشغول هئي.

”انسانن جي زندگي ڪيتري نه دُکي ٿي ويئي آهي،“ بشير وري ليٽندي ويچار ڪيو. ”ڪيترائي انسان بيروزگاريءَ جي گهاڻي ۾ پيا پيڙجن. زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ هڪ ڇڪتاڻ آهي. ڪيترائي انسان پنهنجي قيمتي زندگيءَ کي موت جي حوالي ڪيو ڇڏين. غريبي مفلسي، ۽ بيچارگي پنهنجي اوج تي پهچي ويئي آهي. چورين، ٺڳين ۽ دغابازين جي فراواني آهي. ساري انسانيت هڪ عظيم خطري جي چڪيءَ ۾ پيئي پيسجي.“ پوءِ، بشير جي اکين آڏو هڪ نوجوان جي شڪل تري آئي: ”اهو نوجوان ڪهڙو نه خوبصورت هو، ڪيترو نه مهذب هو. مگر انساني وقار ۽ عزت، زندگيءَ جي ضرورتن اڳيان هيچ آهي. هن ڪيڏي نه بيزاريءَ سان هڪ وڏي ماڻهوءَ کي سوال ڪيو هو! محض هڪ سگريٽ جي خاطر _ عادت کان مجبور ٿي _ عادت، جيڪا ’اُم الخبائث‘ آهي! اف!“ بشير ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏڪي ويو ”۽ هو نوجوان؟ جنهن جا وار اهڙا ته هئا ڄڻ ته گهڻن ڏينهن کان هن پاڻيءَ جو منهن به نه ڏٺو هو، ۽ جنهن جي منهن تي هيڊ هاري پيئي هئي. ڪيترو نه خطرناڪ هو اهو نوجوان! شايد گريجوئيٽ هو. چانهه جي آفر ڪرڻ تي ائين ته چانهه پي ويو، جيئن ڪنهن ٿڪل ٽٽل مسافر کي صحرا ۾ پاڻي مليو هجي! ڪيڏو نه بي پرواهه هو! چيائين پئي ته ’جي اڄ نوڪري نه ملي ته اڄوڪو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو آخرين ڏينهن هوندو‘.  خودڪشي! آپگهات!“

اوچتو ڪنهن شئي جي ڪرڻ جو کڙڪو ٿيو. بشير ٽپ ڏيئي اٿيو. ٽپائيءَ جي هيٺان دوا جي شيشي پرزا پرزا ٿي پيئي هئي، دوا لار ڪري هڪ طرف وهي رهي هئي. ٽپائيءَ تي کير جو وٽو اونڌو پيو هو، ۽ پاڙي جي ڪاري ٻلي ڏاڍي مزي سان پئي کير چٽيو. بشير بي تحاشا ڀڳو، مگر ٻلي اک ڇنڀ ۾ پنهنجي سنهڙي هلڪي جسم کي دروازي مان ٻاهر ڪڍي ويئي هئي. رشيد اڃا اکيون پئي مهٽيون، ۽ زينب حيران ٿي مڙس کي ڏسڻ لڳي، جنهن جون اکيون سرخ ٽانڊن وانگر ٻَري رهيون هيون!

(مهراڻ 4/1955ع ۾ شايع ٿيل)

سونهن ۽ سوداءُ

 

اوچتو ٽيلفون جي گهٽي وڳي.هن جهٽ ڏيئي رِسيور کنيو.

جيءُ؟

جيءُ!

هم؟“

”اڄ تو ڏاڍو انتظار ڪرايو. آئون ڪيتري وقت کان تنهنجو مٺڙو آواز ٻڌڻ لاءِ آتو هوس.“

مٺڙو آواز هم!“

هائو، مٺڙو آواز، نرم، مٺڙو مٺڙو آواز. هم!“

مٺڙو آواز ڇا ٿيندو آهي؟ مون ته انهيءَ تي ڪڏهن غور نه ڪيو آهي. اڄ تو احساس ڏياريو آهي، آئيندي خيال ڪنديس ته آواز مٺو آهي يا ڪڙو“

”مون مٺو نه چيو، پر مٺڙو چيو آهي. تنهنجو آواز آهي. تون منهنجن لفظن تي غور ڪر...تنهنجو آواز مٺڙو آهي، اهڙو مٺڙو، جنهن جي ٻڌڻ سان منهنجي ذهن ۾ ڪنهن پهاڙي جهرڻي جو خيال اُڀري ايندو آهي، جنهن جي ٻڌڻ سان اکين اڳيان سرسبز ۽ شاداب کيتن جو نظارو اچي ويندو آهي. سمجهيئي نه؟ تنهنجي آواز ٻڌڻ نه ٻڌڻ جي فرق کي هاڻي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر“

 ها! اهو تنهنجو پنهنجو خيال آهي خيال، جيڪو خيال ئي هوندو آهي، نه حقيقت. پر سمجهان ٿي ته مون کي پڏائڻ گهرين ٿو. تون چاهين ٿو ته آئون انهن خوبين جي ڄاڻ تنهنجن لفظن وسيلي حاصل ڪريان، آئون تنهنجين ڳالهين تي اعتبار ڪرڻ به شروع ڪريان. ڪيئن، سچ چوان ٿي نه؟“

”تون سدائين سچ ڳالهائيندي آهن. مون هميشه اهوئي محسوس ڪيو آهي“

”سچ! (ٽهڪڙا) سچ ڪٿي آهي؟ (ٿڌو ساهه) سچ ته هاڻي لفظن جي لباس ۾ لڪي ويو آهي. تون به ته لفظ ئي پيو استعمال ڪرين!“

”لفظ ئي ته اظهار جو وسيلو آهن. جيڪڏهن لفظ نه هجن ته اظهار ڪيئن ڪري سگهجي؟ احساس ۽ اُمنگ جڏهن لفظن جي قالب ۾ ٺهڪي ڦهڪي ايندا آهن، تڏهن انهن مان ڪا معنى، ڪو مطلب ظاهر ٿيندو آهي.“

”هم. احساسن جي اظهار جا ٻيا به ڪيترائي وسيلا هوندا آهن. مثلا، آواز، رنگ، جسماني حرڪت، وغيره وغيره“

”پر لفظن جو اثر ئي نرالو هوندو آهي، انهن ۾ زور هوندو آهي، قوت هوندي آهي، جادو هوندو آهي،

”۽ تون انهيءَ آخري وسيلي کان ڪم وٺڻ گهرين ٿو يعني لفظ، جن ۾ تنهنجي چوڻ مطابق جادو هوندو آهي ٻين لفظن ۾، تون مون تي جادو ڪرڻ چاهين ٿو!“ (ٽهڪڙا)

”مون کي جادو ۾ ڪوبه يقين ڪونهي، مون کي ته لفظن ۾ ويساهه آهي. منهنجا لفظ ڪڏهن به ڪوڙا نه هوندا؛ انهن ۾ منهنجن احساسن ۽ امنگن جو عڪس هوندو آهي، انهن ۾ سچ سمايل هوندو آهي. آئون فنڪار آهيان، ۽ فنڪار سچ جا ساٿي هوندا آهن: سچ، جيڪو سونهن آهي، ۽ سونهن، جنهن جي ڳولا ۾ هرڪو فنڪار ڀٽڪندو رهندو آهي. جيڪڏهن تنهنجي چوڻ مطابق، سچ ڪونهي ته پوءِ پڪ ڄاڻ ته سونهن به ڪانهي“

”سونهن؟ (ٽهڪڙو) سونهن ڇا ٿيندي آهي ڀلا؟“

”سونهن سچ جو ٻيو نالو آهي. ٻڌ! لفظن جا ڪيترائي روپ ٿيندا آهن، ظاهري ۽ باطني“

”مردن وانگر؟“

”هم. عورتن وانگر!“

”عورت جو فقط هڪ روپ هوندو آهي. (ٿڌو ساهه) تو انهيءَ تي ڪڏهن غور ڪيو؟

”منهنجو سمورو وقت انهيءَ سوال تي غور ڪندي گذرندو آهي.“

”ته پوءِ تون ڪهڙي نتيجي تي پهتو آهن“

”آئون...(ٿڌو ساهه) آئون ڪنهن به نتيجي تي نه پهتو آهيان. ٻڌ آئون هڪ فنڪار آهيان، سچ جوساٿي ۽ سونهن جو سودائي. پر ياد رک ته جنهن وقت به ۽ جڏهن به سونهن جو سوداءُ  ختم ٿيو، ته پوءِ منهنجي اندر ۾ ويٺل فنڪار مري ويندو. مون کي پنهنجي مقدر جي ڄاڻ آهي. آئون  پاڻ ۾ ويٺل فنڪار کي مارڻ نٿو گهران. آئون ، يا شايد مون ۾ ويٺل فنڪار، اهو ئي چاهي ٿو ته اهو سوداءُ سدائين سلامت رهي“

ائين نه چئه. تنهنجا حواس تنهنجي پنهنجي آواز جو ميٺاج محسوس ڪري نه سگهندا. تون انهيءَ ميٺاج کان، جنهن کي سونهن به چئي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته سونهن گهڻين ئي صفتن جو به نالو آهي واقف نه آهين“

”(ٽهڪڙو) پوءِ چئبو ته تو سونهن کي ڳولي لڌو، ۽ اهڙيءَ طرح تو ۾ ويٺل فنڪار ته مري ويو!“

”نه، مون سونهن کي اڃا ڳولي نه لڌو آهي. مون ته اڃا رڳو سونهن جي هڪ ذري، هڪ حصي، ۽ هڪ جُزي کي محسوس ڪيو آهي. (ٿڌو ساهه) جيڪر آئون  سراپا سونهن کي پسي سگهان! آئون  ته رڳو ان جو احساس ڪري سگهان ٿو. انهن ذرن، جزن ۽ حصن کي ملائي، ڳنڍي ۽ جوڙي، آئون  پنهنجي ذهن جي پردي تي ڪو نقش قائم ڪري سگهان ٿو. توکي ڪا ڄاڻ آهي ته منهنجي ذهن ۾ تنهنجو ڪهڙو نقش آهي؟ تون منهنجي ذهن جي آرسي ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙي ٿي نظر اچين؟“

”هم! مون کي اڃا ته اهڙي قسم جوڪو احساس ڪونه ٿيو آهي.

”ٻين لفظن ۾ تون ڄآڻي ٻجهي ڪجهه به محسوس نٿي ڪرڻ گهرين، جيتوڻيڪ اوهين عورتون اشارن ۾ گهڻو ويساهه ڪنديون آهيو“

”بيشڪ، اشارا معنائن جا مهراڻ هوندا آهن. البت ڪو غواص انهن مهراڻن ۾ پيهي، معنائن جا موتي ميڙي اچي.

”ڪيتري نه بامعنى، ۽ ڪيتري نه اونهي ڳالهه ڪئي اٿئي! پر اهو ڪم فقط فنڪارن جي وس جي ڳالهه آهي ڇا، تون به فنڪار آهين؟

فنڪار رڳو مرد نه هوندا آهن، فن جو تعلق ته دل ۽ دماغ سان هوندو آهي.

”نه، انهيءَ جو واسطو احساسن ۽ امنگن سان هوندو آهي؛ ۽ انهيءَ ڏاهپ سان، جيڪا فقط ڏات وسيلي ملندي آهي“

” ۽ ڏات مردن جو ورثو ڪونهي!“ (ٽهڪڙا) ”هم“ مون وٽ انهيءَ لاٰءِ ڪوبه جواب ڪونهي (ٿڌو ساهه)

اسين هڪٻئي کان ڪيترو نه پري آهيون!

هائو، اسين هڪٻئي کان تمام گهڻو پري آهيون، پري، ايترو پري، جو انهيءَ فاصلي جي ڪابه ڪٿ ڪري نٿي سگهجي.

”پر فاصلي جي ڪابه اهميت ڪانهي. فاصلا ته فريب جي علامت هوندا آهن. نظر جا فاصلا، فڪر جا فاصلا، موت جا فاصلا، دلين جا فاصلا، سڀئي فريب، سڀئي دوکو. جيڪڏهن فاصلا هجن ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، آئون هن جون اکيون پسي سگهان! هرڻيءَ جهڙيون، وڏيون ۽ آبدار اکيون. آئون  انهن مرگهه نيڻن کي ايترو ته ويجهو ڏسي سگهان پيو، جو انهن جي روشني ۽ ٿڌاڻ منهنجي روح ۾ پيهي وئي آهي...

”(ٽهڪڙا) منهنجيون اکيون ايتريون ته اونداهيون آهن. (ٽهڪڙا) توکي انهن ۾ تارن جي جهر مر ۽ رات جي ٿڌاڻ ڪيئن محسوس ٿي؟“

(ٿڌو ساهه) آئون  خيالن جي وهڪري ۾ الائجي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتس. دراصل تو وايو منڊل ئي اهڙو جوڙي راس ڪيو، جو آئون  حال جون سرحدون اڪري، ماضيءَ جي کنڊرن ۾ وڃي پهتس. تو اڄ مون کي وري کنڊرن ۾ وڃي پهچايو، جتي يادن جا واسينگ نانگ وراڪا ڏيئي منهنجي روح کي ڏنگيندا آهن!“

”(ٿڌو ساهه) اوهان فنڪارن جو اهوئي مقدر آهي.

”هائو، اسان جو اهو ئي مقدر آهي. پر اسين سڀ ڪجهه ڏسندي به انهيءَ حقيقت کان نٽائيندا رهندا آهيون، جئين تخليق جو ڏيو اجهامي نه وڃي“

(خاموشي) هلو....هلو!“

جيءُ؟“

”ٻڌين پيئي نه؟

مون سمجهيو ته ٽيليفون ڪٽجي ويو...(خاموشي)

شايد اسان وٽ چوڻ لاءِ ڪي به ڪونهي، جو تون بلڪل چپ ٿي ويئي آهين...ڀلا، توکي پنهنجو ماضي ياد آهي؟

”ڇا چيئي؟ ماضي! (ٿڌو ساهه) اسين سدائين آئيندي جي اميدن ۽ آڌارن تي جيئريون رهنديون آهيون.

”آئيندي جون اميدون ۽ آڌار؟ ڪيڏو نه خوش ڪندڙ خيال آهي! پر اسين مرد ماضيءَ جا پوڄاري هوندا آهيون. اسين فنڪار، ماضيءَ جي اجهامندڙ  ڏياٽين مان خيال جون شمعون روشن ڪري، آئيندي جي اونداهين راهن کي ڳوليندا آهيون. اسان جي فڪر ۽ فن جو سرمايو ماضيءَ جا مجروح داستان هوندا آهن، جن جي ايذائن جا علم پنهنجي ڪلهن تي کڻي، حال جي ميدانن ۾ اچي کوڙيندا آهيون، ۽ اهي ئي اسان جي فڪر ۽ فن جي علامت هوندا آهن“

”مون سمجهيو. اڄ تون مون کي پنهنجي فلسفي سمجهائڻ جي موڊ ۾ آهين!“

”نه اڄ آئون  ڏاڍو اداس آهيان. ايترو اُداس، ايترو اداس آهيان، جو هن هيڏي ساريءَ ڪائنات ۾ ڪوبه نظر نٿو اچيم، جيڪو مون کي انهيءَ منحوس اداسيءَ کان نجات ڏياري سگهي“

”اسين سڀئي اداس آهيون. (ٿڌو ساهه) ڪير آهي، جيڪو خوش رهي ٿو؟ پر توکي ته اداس ۽ مايوس ٿيڻ نه گهرجي. تون ته فنڪار آهين، مايوسين ۽ تارڪين جو اوهان سان ڪهڙو واسطو؟

”اسان جو انهن سان ازلي لاڳاپو آهي. اسين مايوسين ۽ تاريڪين جي ماٿرين جا مسافر آهيون. اسان کي ته سدائين صبح جي سهاءَ جي ڳولا هوندي آهي، جنهن کي ڳولڻ لاءِ اسين هميشه ڀٽڪندا رهندا آهيون تنها تنها، اڪيلا اڪيلا.

(ٿڌو ساهه) جيڪر آئون  توکي ڪا خوشي ڏيئي سگهان!

”سڀئي عورتون ائين ئي چونديون آهن. (ٿڌو ساهه)...هن به مون کي ائين ئي چيو هو!“

”ڪنهن؟...ڪير هئي اها؟

”اهائي، جنهن ڪڏهن مون کي پنهنجو ڪري سڏيو هو؛ جنهن جون نرم نرم آڱريون آئون  اڃا به پنهنجن پريشان وارن ۾ سرڪنديون محسوس ڪندو آهيان؛ جنهن جي گلابي ڳلن جي گلن مان منهنجن بيقرار ۽ بيچين چپن رس چوسيو هو؛ جنهن جي گهاٽن ۽ اونداهن وارن جي ٿڌڙي ۽ خوشبودار ڇانءَ ۾ مون ليٽي آرام ڪيو هو؛ ۽ جنهن جي محبت جي مڌ ۾ آئون  اڃا تائين خماريل آهيان

(خاموشي)

”ڇو، تون چپ ٿي وئينءَ، تو پڇيو ٿي اها ڪير هئي؟

”ها، مون اهوئي پڇيو هو پر پر

”ها ها، چئه. تون وري ڇو چُپ ٿي وئينءَ. ٻڌاءِ ٻڌاءِ تو ڇا ٿي چوڻ گهريو؟“

”ڪجهه به نه، ڪجهه به نه. آئون  ڪجهه به چئي نٿي سگهان. آئون  ته هڪ عورت ذات آهيان، ۽ اسان وٽ عورتون ڪجهه به چئي نه سگهنديون آهن.“

”نه چوڻ کان پوءِ به تو گهڻو ئي چئي ڇڏيو. تنهنجون اهي ئي ته خوبيون آهن. هن جون به اهي ئي خوبيون هيون، جن منهنجي من کي منڊي ڇڏيو هو. (ٿڌو ساهه) هوءَ ڪيتري نه سٺي هئي! بلڪل تو وانگر...ساڳيو لهجو، ساڳيو آواز نرم نرم ۽ مٺڙو مٺڙو“

”مون کي ڪهڙي خبر؟

”ها، توکي ڀلا ڪهڙي خبر. مون تي ته اها ڪيفيت گذري آهي. آئون  گهڻي ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به هن کي وساري نٿو سگهان. هوءَ منهنجي ويران زندگيءَ ۾ بهار جي جهوٽي وانگر آئي، ۽ هلي ويئي. پر منهنجو ذهن اڃا به هن جي گلابي جسم جي هڳاءَ سان واسيو پيو آهي

”مون کي توسان پوري پوري همدردي آهي.

”هوءَ هلي ويئي. مون کي مايوسين جي ويرانن ۽ بيابانن ۾ اڪيلو ڇڏي، هوءَ ويئي هلي ۽ آئون  زندگي جي واچوڙن ۾ وڪوڙجي ويس، ۽ جڏهن واچوڙن جي لٽ لٿي، تڏهن مون کي خبر پئي ته هن جي شادي ٿي ويئي پر مون کي يقين نٿو اچي، هوءَ ڪڏهن به ائين ڪري نٿي سگهي.

”ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي. (ٿڌو ساهه) عورتن جو اهوئي مقدر هوندو آهي.

”توکان هڪ ڳالهه پڇان؟

”هم“

”توکي ياد آهي، هڪ ڏينهن اوچتو ٽيليفون تي پنهنجي ملاقات ٿي هئي.مون پنهنجي هڪ دوست سان ڳالهائڻ ٿي گهريو، پر هن جي بدران مون تنهنجو آواز ٻڌو“

”انهيءَ ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه! تو پنهنجو تعارف ڪرايو، آئون  چپ ٿي ويس، مون کي دراصل فنڪارن لاءِ عزت هوندي آهي.

”ها، مون ئي پنهنجو تعارف ڪرايو هو. پر تو مون کي اڄ ڏينهن تائين پنهنجو  نالو به نه ٻڌايو.

”نالي ۾ ڇا رکيو آهي؟ منهنجو نالو ٻڌي تون ڇا ڪندين (ٿڌو ساهه) منهنجو ڪوبه نالو ڪونهي. ڪڏهن منهنجو به ڪو نالو هو، اهڙو ئي، جهڙو عام طرح عورت جو هوندوآهي.

”شايد آئون ڀليو آهيان، يا شايد هن جي محبت جي خمار ۾ آئون  ٻن آوازن جي وچ ۾ تميز ڪري نٿو سگهان، پر يقين ڪندئين...هن جو به تو جهڙوئي آواز هو!“

”ڇا مطلب؟“

”مون چيو....هن جو هوبهو تو جهڙو آواز هو.

مٺڙو مٺڙو، نرم نرم. هوءَ جڏهن منهنجي ڀر ۾ ويهي مون سان ڳالهيون ڪندي هئي، تڏهن ائين محسوس ٿيندو هو

”ڇا محسوس ٿيندو هو؟

”هن جي ڳالهين مان گلاب جي خوشبوءَ ۽ موتئي جو هڳاءُ محسوس ٿيندو هو.

”هم“

”۽ تنهنجن ڳالهين مان به گلاب جي خوشبو ۽ جو هڳاءُ محسوس ٿئي ٿو“

”تون شاعري پيو ڪرين، جنهن جي حقيقت سان ڪوبه واسطو ڪونهي“

”هن به اهوئي چيو هو. هائو، نسرين به ائين ئي چيو هو!“

”نسرين!“

”ڇو، توکان ڇرڪ نڪري ويو... سمجهيم تون ئي نسرين آهين!..

(خاموشي)

تون جواب ڇو نٿي ڏين“

(خاموشي)

”جواب ڏي نه! مون کي گهڻو پريشان نه ڪر. آئون  خاموشي سهي نٿو سگهان. تنهنجي اها خاموشي منهنجي جيءَ کائيندي پئي وڃي، ٻڌاءِ نه...نسرين!

”منهنجو نالو نسرين ڪونهي!

”تنهنجو نالو نسرين ڪونهي؟ (خاموشي) ته پوءِ تون نسرين نه آهين! تون شايد اها نه آهين، جيڪا منهنجي سيني تي سر رکي اکيون ٻوٽي ڇڏيندي هئي؛ جنهن جي ڳالهين ۾ بهارن جي خوشبو ۽ جهرڻن جهڙي رونق هئي؛ جنهن جي اکين ۾ مون صبح جو سهائو ڏٺو هو، ۽ جنهن جي سون جهڙي سونهري جسم جو ڇهاءَ آئون  اڄ به محسوس ڪندو آهيان....اربيلي ۽ چنچل نسرين،جنهن جي جهوليءَ ۾ سر رکي مون پنهنجي روح کي ڳولي لڌو هو.

(سڏڪا)

”مون سمجهيو ته تون اهائي نسرين آهين. منهنجي وڃايل جنت، جنهن جي ڳولا ۾آئون  اڃا تائين پيو ڀٽڪان

(سڏڪا)

”يقين ڪر، جڏهن ٽيليفون تي توسان اوچتو ملاقات ٿي هئي، تڏهن مون کي پنهنجين اميدن جي افق تي روشني نظر آئي....

”هي ڇا. تون روئين پئي؟....آئون  پنهنجين خيالن ۾ الائي ڇا جو ڇا چئي ويس. مون کي افسوس آهي پر آئون  ته نسرين جي ڳالهه پيو ڪريان!تون چوين ٿي ته تون اها نسرين ڪانه آهين. تون اها ڪونه آهين، جنهن جي ريشمي جسم جي روشن خوشبو سان اڃآ تائين منهنجو بدن پيو ٻهڪي. توکي خبر آهي ته هن منهنجي ڪلهي تي پنهنجو سر رکي مون کي ڇا چيو هو؟

(سڏڪا)

”هن چيو هو ته آئون  توکان ڪڏهن به جدا نه ٿينديس ۽ پوءِ ....ماضي، حال ۽ مستقبل جا سڀئي رشتا، فاصلا ۽ حدون ختم ٿي ويون هيون.

”نه نه، نه! آئون  نسرين ناهيان، آئون  نسرين ناهيان سمجهه ته نسرين مري ويئي هوءَ مري ويئي. ۽ هاڻي تون هن کي ڪڏهن به ڏسي نه سگهندين!..

”(ڇرڪ ڀري) هلو....هلو...تو ٽيلفون ڇو بند ڪيو؟ ...نسرين....... نسرين!

هن آهستي آهستي ٽيليفون جو رسيو رکي ڇڏيو ۽ ڀر واريءَ دريءَ مان، پري پري، اُفق ۾ گهورڻ لڳو، جتي ڏينهن جي روشنيءَ کي رات جي اونداهي وڪوڙيندي پئي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org