سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:12 

ويهن ورهين کان پوءِ   

                          

ناٽڪ

 

رات جا ڏهه وڄڻ وارا آهن. نيويارڪ جو هڪ رستو جنهن تي ڪوبه ماڻهو نظر ڪونه ٿو اچي. سياري جي سرد هوا رستي تان وڻن جي پنن ۽ ڪاغذ جي ٽڪرن کي اُڏائيندي اتر کان ڏکڻ ڏانهن سوساٽ ڪندي پئي وڃي. رستي جي ڪناري تي بجليءَ جي ٿنڀن ۾ لڳل روشنيءَ جا بلب پيا ٽمڪن. آس پاس گهرن ۾ ڪٿي ڪٿي روشني آهي، جيڪا درين ۽ دروازن جي سفيد شيشن مان ڇڻندي رستي جي اونداهن ڀاڱن کي منور ڪري رهي آهي. هڪڙي گهر جي دروازي جي آڙ ۾ ڪو شخص اوور ڪوٽ پايو بيٺو آهي. سندس بيهڻي ۽ حرڪتن مان ائين ٿو ڀانئجي ته ڪجهه بيقرار آهي. اتر پاسي کان هڪ گشتي سپاهي آهستي آهستي قدم کڻندو، هيڏانهن هوڏانهن ٿيندو ڏکڻ طرف پيو وڃي. هن کي اوور ڪوٽ پيل آهي ۽ ٻئي هٿ ڪوٽ جي کيسن ۾ پيل اٿس.

سپاهي:- (آهستي) اڙي! پريان هن دروازي جي وڪڙ ۾ ڪير لڪو بيٺو آهي؟

        سپاهي تڪڙو تڪڙو هلندو در وٽ پهچي ٿو.

بوب:- (پاڻمرادو) اهو نه آهي- هي سپاهي. (سپاهي کي مخاطب  ٿيندي) اوهان مون کي ڏسي شايد لڪيا آهيو.سپاهي:- نه، نه. هن وقت... هتي... اوهين ڪير آهيو؟

بوب:- (کلندي) اوهان فڪر نه ڪريو. مڙيئي خير آهي. آءٌ پنهنجي هڪ دوست جو انتظار پيو ڪريان.

سپاهي:- دوست جو انتظار!

بوب:- هائو- ويهه ورهيه اڳ اسان هن هنڌ ملڻ جو واعدو ڪيو هو.

سپاهي:- تعجب آهي!

بوب:- اوهان کي واقعي تعجب ٿيندو. هي ڳالهه اهڙي آهي. خير آءٌ اوهان کي سمورو احوال ٻڌايان ٿو. انهن ڏينهن ۾ هن سامهون واري اسٽور جي جاءِ تي هڪ ريسٽوران هوندو هو- (بريڊي ريسٽوران.)

سپاهي:- برابر. پر پنج سال اڳ اهو ريسٽوران ڊهي پيو.

        (بوب سگار دکائڻ لاءِ ماچس ٻاري ٿو، سپاهي هن جي چهري کي غور سان ڏسي ٿو.)

بوب:- افسوس! اڄ اهو ريسٽوران موجود ڪونهي!! خير- ويهه ورهيه اڳ ههڙيءَ سرد رات جو مون ۽ جِمي ويلز گڏجي انهيءَ ريسٽوران ۾ ماني کاڌي هئي (سوچيندي) جِمي ويلز! سچ پچ ڏاڍو مٺڙو دوست آهي.

سپاهي:- واقعي. دوست مٺڙا لڳندا آهن.

بوب:- هائو. اسين ٻئي هن شهر ۾ ئي پيدا ٿياسين ۽ هت ئي وڏا ٿياسين. بلڪل ٻن ڀائرن وانگر. منهنجي عمر آرڙهن سال هئي ۽ جمي ويهن ورهين جو هو جڏهن اسين هڪ ٻئي کان جدا ٿياسون.

سپاهي:- ڪهڙي سبب ڪري؟

بوب:- بس،ائين ئي مون کي هڪڙو خيال اچي ٿيو ته اُلهندي ملڪن ۾ وڃي پنهنجي قسمت آزمايان.

سپاهي:- جمي اوهان جو ساٿ نه ڏنو؟

بوب:- جمي! جمي کي ته ڪو به نيويارڪ کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. ناممڪن. (کلندي) هو ته ائين سمجهندو هو ته ساري دنيا ۾ نيويارڪ ئي رهڻ جي لائق شهر آهي.

سپاهي:- واهه واهه!!

بوب:- خير، ان رات اسان اهو فيصلو ڪيو ته ويهن ورهين کان پوءِ اڄوڪي رات اسين هتي ضرور گڏباسون. کڻي اسان جي حالت ڪهڙي به هجي ۽ اسان کي کڻي ڪٿان به اچڻو پوي. اسان اهو به واعدو ڪيو هو ته اسين پنهنجي قسمت ٺاهڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسون.

سپاهي:- واقعي دلچسپ واعدو هو. اوهان جي گڏجاڻيءَ ۾ ڪيترو نه طويل عرصو گذريو آهي، پر ان عرصي ۾اوهان هڪ ٻئي کي ڪو خط به لکيو يا نه؟

بوب:- هائو، ڪجهه وقت تائين اهو سلسلو هليو، پر هڪ ٻن سالن کان پوءِ اسين هڪ ٻئي کان بلڪل ڪٽجي وياسون ۽ اهو سلسلو به ختم ٿي ويو. الهندي ملڪ ۾ مون کي ڏاڍي مصروفيت رهي . پر آئون يقين سان چوان ٿو ته جيڪڏهن جمي زنده آهي ته اهو اڄ مون سان هت ضرور اچي ملندو. هو ڪڏهن به واعدي خلافي نٿو ڪري سگهي.

سپاهي:- ها، ها. جيڪڏهن هو زنده. آهي ته اوهان سان ضرور ملندو.

بوب:- هو مون کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي. آءٌ هزار ميلن جي فاصلي تان اچي هت هن دروازي وٽ بيٺو آهيان. پنهنجي پراڻي ساٿيءَ خاطر، اها ڪا ايڏي تڪليف ڪانهي.

سپاهي:- ته پوءِ هاڻي هن کي به اچڻ گهرجي.

بوب:- هائو. (کيسي مان هڪ هيرن جي جڙيل واچ ڪڍي وقت ڏسي ٿو) اڃا ڏهن وڄڻ ۾ ٽي منٽ آهن. هن ريسٽوران جي دروازي وٽ جڏهن اسين جدا ٿيا هئاسون، ان وقت رات جا ٺيڪ ڏهه لڳا هئا.

سپاهي:- اوهان جي اها هيرن جڙيل واچ ڏسي آئون سمجهان ٿو ته اولهه ۾ قسمت اوهان جو خوب ساٿ ڏنو آهي. سچ چوان ٿو نه؟

بوب:- بلڪل (کلندي) اوهان جو خيال درست آهي.

سپاهي:- مون کي اميد آهي ته جمي اوهان سان ضرور اچي ملندو.

بوب:- (يقين سان) ضرور. جيڪڏهن ڏهين بجي نه پهتو ته ڪلاڪ اڌ وڌيڪ انتظار ڪندس، جيستائين هو اچي.

سپاهي:- (ويندي) چڱو دوست! خدا حافظ.

بوب:- شب بخير!

        سپاهي اوور ڪوٽ جي ڪالر سان پنهنجا ڪن لڪائيندو ڏکڻ طرف وڃي ٿو ۽ ڏسنديئي ڏسندي اولهه طرف واري هڪ گهٽيءَ ۾ مڙي ٿو وڃي. ٿو ري وقت تائين بوب سپاهي کي ويندي ڏسندو رهي ٿو، پر وري ٻين طرفن ڏانهن ڏسندو رهي ٿو. رکي رکي سرد هوا جا سوساٽ اڀرن ٿا ۽ رستي تان ڪڏهن ڪڏهن ڪا موٽرڪار نهايت تيزيءَ سان گذري وڃي ٿي.

بوب:- پاڻمرادو) توبهه! ڏاڍو سيءُ آهي. (واچ ڏسندي) ڏهه لڳي ويهه منٽ ٿيا آهن، پر اڃا ته جمي جو ڪو پتو ئي ڪونهي.

        بوب ڏکڻ طرف ڏسي ۽ بيقراريءَ سان اڳتي وڌي ڏسي ٿو. ڏکڻ طرفان ڪو شخص اوور ڪوٽ پايو تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو بوب ڏانهن اچي ٿو.

شخص:- (ڪجهه شڪي انداز ۾) اوهه! اوهان بوب ته نه آهيو؟

بوب:- (رڙڪندي) تون جمي ويلز آهين ڇا؟

شخص:- (خوشيءَ وچان) خدا جو شڪر آهي.تون بوب ئي آهين. مون کي يقين هو ته جيڪڏهن تون زنده آهين ته اڄ رات هت ضرور ملندين.

بوب:- (جذباتي انداز ۾) جمي! منهنجا دوست آءٌ ته زنده آهيان.

شخص:- شال سدائين سلامت هجين بوب ! ويهه ورهيه ! اُف. تمام طويل عرصو آهي. تمام طويل. پاڻ وارو ريسٽوران ڦٽي چڪو آهي بوب! جيڪر اهو موجود هجي اها ته اڄ وري گڏجي اتي هلي ماني کائون ها. (بوب جي ڪلهي تي هٿ هڻندي)، پر دوست! الهندي جون ڪي خبرون ڏي.

بوب:- موج لڳي پئي آهي مٺڙا! اتي مون جنهن شئي جي طلب ڪئي اها منهنجي اڳيان حاضر ٿي وئي. (شخص کي غور سان هيٺ کان مٿي ڏسندي)، پر تون ته ڏاڍو بدلجي ويو آهين جمي! مون کي خبر نه هئي ته تون قد ۾ به ڊگهو ٿي ويو آهين.

شخص:- (کلندي) هائو. ويهن ورهين جي عمر کان پوءِ منهنجو قد ٿورو وڌي ويو.

بوب:- نيويارڪ ۾ وقت آرام سان پيو گذري نه جمي؟

شخص:- بس شڪر آهي. هتي آءٌ هڪ سرڪاري آفيس ۾ ملازم آهيان. چڱو، هيڏانهن اچ نه بوب. هل ته ڪٿي آرام سان هلي ويهون ۽ گذريل زندگيءَ جون ڳالهيون ڪريون، اچ.

بوب:- هائو، هائو. هل ته هلون. هت ته سيءُ به ڏاڍو آهي.

        ٻئي ڳالهيون ڪندا ڏکڻ طرف وڃن ٿا.

شخص:- چئبو ته ڏاڍي موج ۾ آهين اڄ ڪلهه تون.

بوب:- (خوش ٿيندي) نه تڏهن. تنهنجي دعا سان دنيا جي هر نعمت موجود آهي.ڪهڙي پرواهه.

شخص:- مٺڙا شال خوش هجين (ٿورو خاموشيءَ سان هلن ٿا) بس هن جاءِ جي اڳيئن ڪنڊ واري گهٽيءَ ۾ هلنداسون.

بوب:- ترس جمي. هن دريءَ مان روشني پئي اچي. تنهنجي صورت ته ڏسان. دل ڏاڍي بيقرار آهي.

شخص:- اڙي يار ڪهڙي تڪڙ آهي! باقي ٿورو پنڌ ته رهجي ويو آهي.

بوب:- (ٻانهن جهليندي) ترس ته مٺڙا ! (دانهن ڪندي) تون... تون جمي ويلز ڪونه آهين؟ نه نه. ويهه ورهيه هڪ طويل عرصو ضرور آهي، پر ان طويل عرصي ۾ ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ جو اڀريل ۽ ڊگهو نڪ ڦينو ۽ ڦٿل نه ٿو ٿي سگهي.

شخص:- هائو، پر ان طويل عرصي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو چڱوماڻهو برو به ٿي ويندو آهي. (سنجيدگيءَ سان) مسٽر بوب! تون گرفتار آهين. چڪاگو پوليس اسان کي اطلاع ڏنو آهي ته تو کي گرفتار ڪيو وڃي . هنن کي تنهنجي ضرورت آهي.

بوب:- (رڙڪندي) بلڪل غلط آهي. اوهان کي غلط فهمي ٿي آهي.

شخص:- (دڙڪو ڏيندي) نه مهربان! هاڻي سياڻپ ان ۾ آهي ته اوهان سڌا ٿي مون سان هليا هلو.

بوب:- پر...آءٌ ته ... آءٌ ته

شخص:- ها، ها، مون کي سڀ خبر آهي. ٿاڻي تي هلڻ کان پهرين تو کي هيءَ چٺي به ڏيکاريان ٿو(کيسي مان ڪاغذ ڪڍندي) مون کي چيو ويو ته هيءَ تنهنجي حوالي ڪريان. وٺ. هن دريءَ جي روشنيءَ ۾ تون هيءَ پڙهي سگهين ٿو. هيءَ چٺي مون کي پوليس مئن جمي ويلز ڏني آهي.

بوب:- (حيران ٿيندي) پوليس مئن جمي ويلز ! مون کي ڏي (چٺي وٺي پڙهي ٿو) پيارا بوب! آئون مقرر جاءِ تي وقت تي پهتو هئس. جڏهن تون سگار دکائڻ لاءِ تيلي ٻاري ته مون ڏٺو ته منهنجي اڳيان اهو ماڻهو بيٺل آهي، جنهن جي چڪاگو پوليس کي ضرورت هئي. بهرحال، مون کان اهو ڪم نه ٿي سگهيو ته تو کي پاڻ گرفتار ڪريان، تنهن ڪري آءٌ هليو آيس ۽ ان ڪم لاءِ هڪ ٻئي ماڻهوءَ کي روانو ڪيو اٿم- تنهنجو جمي.

شخص:- بوب صاحب! هيڏانهن هلو. پوليس اوهان جو انتظار پئي ڪري.

        ٻئي ڏکڻ طرف ويندي الهندي طرف واري گهٽيءَ ۾ مڙي وڃن ٿا.

[1963]

اُداس پاڇا

ريڊيا ناٽڪ

 

[مراد علي ”اختر مرزا، حيدرآباد جو رهاڪو آهي. مير نور محمد خان واليءَ سنڌ جي وزير مرزا ٻڍل بيگ جو پوٽو ۽ مرزا مهر علي جو فرزند آهي. سندس تعلق مرزا- مغل خاندان سان آهي.

        سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪري چڪو آهي. سندس لکڻ جو آغاز، علمي مضمونن ۽افسانن سان ٿيو.

        ملازمت جي سلسلي ۾ اول روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ هو، ۽ پوءِ ريڊيو پاڪستان سان وابسته ٿيو. هن وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ پروگرام آرگنائيزر آهي، ۽ ريڊيو لاءِ ڪيترائي ڊراما ۽ فيچر، لکي، پيش ڪري چڪو آهي.

        سنڌي ادبي بورڊ پاران ”دنيا جا عظيم افسانا“ (ڀاڱو 2) پڻ ترجمو ڪيا اٿس، جي ڇپجي چڪا آهن. –مولانا غلام محمد گرامي پاران لکيل تعارف-1968]

[اوائلي موسيقي ] – ( طربيه )

(ٽهڪڙن جا آواز)

جاني: اچي ويو- اُستاد! نيٺ اچي ويو منڙو.

استاد: واه! واه! منهنجو منڙو موج ڪري، آئين، جي آئين، سدا آئين.

منڙو: ها، ها، منڙا! مان موج ڪندو آهيان، مان موج ڪندو آهيان، جاني! ڏس ته سهي- اڄ اُستاد جو موڊ ئي نرالو آهي. مڃ کڻي، اُستاد. آهي نه موڊ نرالو تنهنجو.

اُستاد: پنهنجا موڊ هميشه نرالا هوندا آهن، منڙا، اهڙي موڊ لاءِ شينهن جو جگر ۽ گينڊي جي دل گهرجي. اسان جهرڪيءَ دل ڪونه آهيون- ها.

جاني: واه جاني واه! جواب ڪونهي، گينڊي جي دل ۽ شينهن جو جگر! آهين بيشڪ استاد- حق تي يارن تنهنجو نالو استاد رکيو آهي.

استاد: جاني واه جو ياد ڏيارئي. ڇا چوندا آهنس. هائو- جاني، منڙو ۽ استاد- بس رڳو اسين ٽي ڄڻا موجود آهيون! ٻيا ڪٿي آهن؟ شهزادو. راجا!

منڙو: ڏس ڏس منڙا نٽائين ٿو- ڳالهه لنوائڻ ته ڪير تو کان سکي! وڏو اُستو آهين.

جاني: ها استاد، اِها ڳالهه ٺيڪ نه آهي. يارڙا ته خير اچي ويندا- مڙهه مقام هيءُ ئي اٿن. ٻيو ڪيڏانهن ويندا- ڄاڻ ته اچي ڌوڙيو ڪندا- پر استاد ! تو هينئر منڙي لاءِ مڙئي ڪجهه چيو هو- اهو ئي ته، اهوئي ته...

منڙو: ها ها منڙا، آءٌ ٿو تو کي چئي ٻڌايان! استاد ته استاد آهي نه، اهوئي پئي چيائين ته منهنجومنڙو موج ڪري. ها، ها، منڙا مان موج ڪندو آهيان.

استاد: تڏهن ته مون به چيو نه منڙا! مڃڻ مراد آهي، پر منڙا ڳجهه ڳوهه ۾ تون جيڪي ڪرين ٿو، تنهن جي ڪنهن کي به خبر نه آهي. تون ته اهو ئي ٿو سمجهين، پر منڙا، اسان کي به هوائي خبر مليو وڃي- (کلي ٿو)

منڙو: ڪهڙيون موجون منڙا! مڙئي دل آهي وندرائڻي. مڙئي يٽ شٽ هنيون پاڻ ريجهايو ويٺا آهيون.

جاني: گهڙ بهانا، مجال آهي جو يارن سان ڳالهه سلين. دل جي دل ۾!

استاد: نه نه، ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڳالهيون ڊائري ۾ به لکندو آهي. هن جي اها ڊائري هٿ ڪجي- ڏاڍيون مزيدار ڳالهيون هونديون ان ۾ لکيل!

جاني: منڙا! اهڙيون ڳالهيون ڊائريءَ ۾ لکندو آهين؟ سچ ٻڌاءِ.

منڙو: منڙا! توسان ڪوڙ نه ڳالهائيندس. ڇا جي ڊائري، ڇا جو لکڻ! اهي ڪم آهن، انهن جا جن کي وقت هجي. اسان سڄو ڏينهن ڳڀي جي ڳولا ۾ وڃايون، باقي ڪهڙو وقت؟

استاد: [ڪاٽيندي] باقي وقت ته گهر جي ذميدارين ۾ ختم ٿيو وڃي. ڪئن منڙا؟

منڙو: ها استاد سچ ٿو چوين. گهر جا جنجهٽ به وڏا آهن. [ٿڌو ساهه ڀريندي]ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين منڙا!

جاني: ڇو، ڇو، منڙا اڄ ٿڌا ساهه پيو ڀرين، ٻيو ته خير آهي نه!

استاد: هاءِ هاءِ منڙا! ٿڌا ساهه ڀرين تنهنجا دشمن. تون ته موجون ڪر موجون.

منڙو: موجون ڪهڙيون منڙا ! مڙئي. جاني، جاني، مون کي چانهه ڪونه پياريندين؟

جاني: چانهيون کوڙ! بس ڄاڻ ته آئي. گهر ۾ اطلاع ڪري ڇڏيو اٿم. [رڙڪندي] ڇوڪرا! ڇوڪرا! چانهه جلدي پهچاءِ!

استاد: يار! چانهه کان سواءِ آنڊا جهڙا سڪي ويا آهن. گرم گرم چانهه پيٽ ۾ وڃي ته آنڊا به نرم ٿين. منڙو ته چانهه کان سواءِ موڊ ۾ ئي نه ايندو.

منڙو: ها، ها، منڙا! چانهه پيڻ سان عقل جا طاق کليو پون!

جاني: ٺيڪ آهي يار! تنهنجو عقل ڄاڻ ته موٽائي ٿا اچون. پر منڙا! تو ٿڌو ساهه ڇو ڀريو؟ ٻيو ته مڙئي خير آهي نه ؟ ڪا ڳڙ ٻڙ ته وري نه ٿي نه؟

استاد: منڙا! اها ڳالهه وري يارن کان نه لڪاءِ. ڪا ڳڙٻڙ هجي ته هڪدم ٻڌاءِ!

منڙو: ها ها، منڙا مان ٻڌائيندس، مان ٻڌائيندس! پر منڙا چانهه ته نٿي اچي. ڀلا تو وارا سگريٽ ڪٿي آهن. آهي منڙا ولائتي سگريٽ.

جاني: يار اُهي ته ختم ٿي ويا. هي پنهنجا سگريٽ آهن.

منڙو: ٺيڪ آهي. پرايا نه ته پنهنجا، پنهنجا نه ته پرايا... مڙئي آهي ٻاڙ مارڻي. خير جاني! توکي ته خبر آهي، استاد کي ته پوري ڄاڻ ڪانهي، پر ڪي ڳالهيون اهڙيون به آهن جاني، جن جو مون توسان به ذڪر نه ڪيو.

استاد: ته پوءِ اهي به ڳالهيون ٻڌائي ڇڏ! مون کي به سڄي ڳالهه جي خبر پئجي ويندي.

منڙو:سد ها! استاد. مان ٻڌائيندس. ضرور ٻڌايندس. [اُداس ٿيندي] اوهان دوستن سان دل جي ڳالهه ڪري هانوَ تان بار لاهيان- مون کي ته هنن ڳالهين چريو ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي- ڇا ڪريان؟

استاد: [همدردي ڪندي] چه چه چه ! يار منڙا! مون کي اها خبر نه هئي ته تون ڪو ايترو دکي آهين؟

منڙو: دوست، هن دنيا ۾ ڪير دکي ڪونهي؟

هر هڪ ڪنهن نه  ڪنهن غم ۾ مبتلا، پنهنجي عذابن جا علم پنهنجن ڪلهن تي کنيو پيو هلي. [ٿڌو ساهه ڀريندي]آءٌ تازو ڳوٺان موٽيو آهيان!

جاني: منڙا! تو ته وري مون سان انهيءَ باري ۾ ڪا ڳالهه نه ڪئي ! يار! مون کي ڏاڍو انتظار هو. پر نيٺ ڪهڙو فيصلو ٿيو؟

منڙو: فيصلو ڪهڙو ٿيندو! اهو ئي ٿيو جيڪو ٿيڻ کپندو هو. [چپ ٿي وڃي ٿو.]

جاني: ها، ها چؤ- ماٺ ڇو ڪيئ ؟ ڇا فيصلو ٿيو.

منڙو: [خاموش رهي ٿو]

جاني: منڙا! ڪجهه ته ٻڌاءِ. مون کي سچ پچ ته ڏاڍي ڳڻتي ٿي پئي آهن. [حيرت مان] منڙا منڙا! هي توکي ڇا ٿيندو وڃي ؟ تنهنجي اکين ۾ هيءُ ڳوڙها ڇو آهن؟

استاد: يار! همت کان ڪم وٺ ! ڳالهه ڪر من ڪو بلو ٿي سگهي.

منڙو: هاڻي بِلا ڪهڙا ٿيندا دوست! ڳالهه هٿن مان نڪري وئي فيصلو ٿي ويو. آءٌ سمجهان ٿو شايد اهو ئي ٿيڻو هو.

جاني: خير، خير! پهرين ڳالهه ته ٻڌاءِ!

منڙو: ڳالهه اها آهي جاني ته مون چاچا کي ٺهه پهه جواب ڏئي ڇڏيو. مون چيو مانس ته آءٌ تنهنجي حڪم جي تعميل نه ڪندس. جاني، جاني! آءٌ پنهنجيءَ دل هٿان مجبور هئس، لاچار هئس. آخر مون کي پنهنجو پاڻ تي به حق حاصل آهي. مون هن وقت تائين ٻين جي حڪم جي پيروي ڪئي، پر هڪڙو ڀيرو مون پنهنجي حڪم اڳيان به سر جهڪائي ڌنو- ۽ ان جو نتيجو ايڏو ته المناڪ نڪتو آهي، جو هاڻي پاڻ سنڀالڻ مشڪل ٿي پيو اٿم! هيءَ زندگي هاڻي ايترو ته بار ٿي پيئي آهي جو ان جي هيٺان آءٌ پيسجي اٽو ٿي ويندس.

استاد: منڙا! تون هي اڄ ڪهڙيون ڳالهيون ڪرين ٿو! ڪير آهي جو دکي ڪونهي؟

منڙو: ها، ها استاد، تون سچ ٿو چوين! پر جتي باهه ٻرندي اتي ئي سيڪ ايندو. جانيءَ کي منهنجي حال جي سموري خبر آهي.

جاني: ائين ته آهي-  پر ايترو مايوس ٿيڻ جا ڪا ڳالهه ڪانهي- آءٌ سمجهان ٿو...

منڙو: [ڪاٽيندي] جاني تو کي حقيقت جي پوري خبر نه آهي. مون جيئن هينئر چيو ته تو کي ڪي ڳالهيون معلوم آهن،ڪن جي تو کي ڄاڻ ڪانهي. خير آءٌ سموري ڳالهه ٻڌايان ٿو: جاني تو کي ته خبر آهي ته آءٌ ننڍي هوندي ئي يتيم ٿي ويو هئس. هن ڀريءَ ڀڪلي دنيا ۾ ماءُ ۽ چاچي کان سواءِ منهنجو ٻيو ڪير به ڪونه هو. پيءُ جي وفات کان پوءِ اسين پنهنجي چاچي جي گهر وڃي رهياسون. جاني! چاچي جا اسان تي جيڪي احسان آهن، انهن جو آءٌ ڪوبه بدلو ڏيئي نٿو سگهان. هن مون کي نپايو، پاليو، پڙهايو ۽ هن درجي تائين پهچايو. پر اڄ شرمندگي، ندامت ۽ پشيمانيءَ کان آءٌ هن سان اکيون به ملائي نٿو سگهان. هن جي مهربانين، نوازشن ۽ پيار جي بدلي مون هن کي غم، ڏک ۽ پريشانيون ڏنيو آهن. مون کي انهن ڳالهين جي ڪهڙي سزا ملڻ گهرجي؟ آءٌ ان بابت ڪجهه به سمجهي نٿو سگها. انهن ڳالهين تو سوچي سوچي منهنجي دماغ جا دروازا بند ٿي ويا آهن؛ منهنجو عقل خاموش آهن. فقط من ۾ آنڌ مانڌ ۽ لوڇ پوڇ اٿم. پر انهيءَ سڄي الميه داستان جو مرڪزي ڪردار رضيه- جنهن جي محبت ۾ منهنجو عقل انڌو ٿي ويو هو ۽ آءٌ پنهنجي وس ۾ نه رهيو هئس. هن جي دلڪش ۽ معصوم صورت هينئر به مون کي بيقرار ۽ بيچين ڪريو ڇڏي. بي. اي جي آخري سال ۾ آءٌ پڙهندو هئس، جو منهنجو هن سان پيار ٿيو، جاني! محبت اوچتي ٿي پوندي آهي. وڄ جو وراڪو ٿيندو آهي، ۽ دلين جا ديپ ٻري ويندا آهن. اها روشني ابدي، دائمي ۽ جاودان آهي. هڪ دفعو ٻرڻ کان پوءِ اُجهامڻ جي ئي ڪانهي. اهو منهنجو پهريون پيار هو... انهيءَ پهرين پيار جي مڌ ۾ ايترو ته سرور آهي، ايترو ته ڪيف آهي، جو خمار اڄ به آءٌ محسوس ڪريان ٿو. منهنجي رُکي، بي لطف ۽ اڪيلي زندگيءَ ۾ انهيءَ پيار ڪيتويون نه خوشيون آنديون هيون؛ ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن سُڪل ۽ ٺوٺ وڻ ۾ ساوا ساوا بيشمار پن ڦٽي پيا هجن. انهن ئي ڏينهن جو ذڪر آهي.. رضيه مون کي پنهنجي گهر اچڻ جي دعوت ڏني. هن جي سالگرهه جو ڏينهن هو. ڪا وڏي ۽ ٺٺ واري دعوت نه هئي، پر نهايت مختصر، جنهن ۾ فقط ٽي ڄڻا هئاسون: آءٌ، رضيه ۽سندس ماءُ.

(موسيقي)

منير: [پريان چوندو اچي ٿو] رضيه، رضيه! آءٌ اچي ويس!

رضيه: [پيار وچان] اوهه ! منير! مون تنهنجو ئي پئي انتظار ڪيو. منير، مون کي پڪ هئي ته تون ضرور ايندين. مون ته تنهنجون ئي پئي واٽون نهاريون.

منير: [ڏاڍو خوش ٿيندي] هون هون رضيه ڇا سچ پچ تو کي خوشي ٿي آهي؟

رضيه: منير ! مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. حد کان وڌيڪ خوشي؛ ايتري خوشي جيڪا مون کي منهنجي سالگرهه به نه ڏيئي سگهي آهي.

منير: [هڪ سرور جي ڪيفيت ۾] اوهه رضيه!... آءٌ اڄ دنيا جو سڀني کان وڌيڪ خوش قسمت انسان آهيان! مون کي سچ ته پاڻ تي فخر آهي. مون کي تو جهڙي حسين، ۽ معصوم محبوبه جو پيار حاصل آهي. ۽ رضيه ! رضيه [رضيه وچ ۾ جواب ۾ هون هون چوي  ٿي]، تنهنجي پيار جا املهه ماڻڪ اهڙا آهن، جن جي اڳيان دنيا جون سڀيئي دلڪشيون، سڀئي رونقون، ۽ سڀئي رنگينيون هيچ آهن.

رضيه: [ٿورو نٽائيندي] اون هون ! بس بس منير! آءٌ ته تنهنجي ئي آهيان. ايترو بيقرار ۽ بيچين ڇو ٿو ٿين- اڙي... اڙي! منير ! تو کي سڀ ڪجهه وسري ويو ! تو کي ياد هجڻ گهرجي ته اڄ منهنجي سالگرهه آهي. تون ته اڄ هت سالگرهه جي دعوت تي آيو آهين. اها ڪهڙي فضيلت آهي، جو مون کي سالگرهه جون مبارڪون به نٿو ڏين.

منير: رضيه، رضيه! مون کي ياد آهي. مون کي ياد آهي... اڄ تنهنجي سالگرهه آهي. تنهنجي مٺڙي ۽ پياري زندگيءَ جي هڪ نئين سال جو هڪ نئون ڏينهن آهي. شال اهڙا نيڪ ۽ سدورا ڏينهن سدائين اچن....

رضيه: [ڪاٽيندي] ته... ته... جيئن تون سدائين مون کي پريشان ڪرين [کلي ٿي.]

منير: [کلندي] جيڪر آءٌ توکي پريشان ڪري سگهان... رضيه، رضيه ! توکي تنهنجي مبارڪ سالگرهه جي موقعي تي آءٌ هيءَ... [کيسي مان ڪجهه ڪڍندي] هيءَ سوکڙي پيش ڪريان ٿو.

رضيه: منير! هيءُ ڇا آهي؟ هيءُ تو ڇا آندو آهي؟

منير: [منع ڪندي] نه، نه نه! اڙي ائين جلدي نه کول! پهرين ٻڌاءِ چاچي ڪٿي آهي. هيءَ سوکڙي انهيءَ جي اڳيان کُلندي!

رضيه: هون!امان ته ٻاهر رڌڻي ۾ رُڌل آهي- آءٌ کوليان ٿي. [پرتي ويندي] آءٌ کوليان ٿي...

منير: نه، نه، نه- رضيه ! جلدي نه ڪر. تڪڙ ڪهڙي آهي، ڀل ته چاچي اچي. آءٌ چاهيان ٿو ته تون اها سوکڙي چاچيءَ جي اڳيان کولين.

رضيه: نه نه- هرگز نه- سوکڙي منهنجي لاءِ آهي. آءٌ کولينديس! [خوشيءَ وچان دانهن ڪندي] هاءِ الا! ڪيڏا نه پيار جهومڪ آهن. منير! سچ پچ ته ڏاڍا سٺا جهومڪ آهن. هيءُ ته تون مون کي منهنجيءَ پسند جي سوکڙي ڏني آهي.

منير: ها رضيه! مون کي پڪ هئي ته تو کي اهي جهومڪ ضرور پسند ايندا. اچ اچ، آءٌ تو کي پنهنجن هٿن سان اهي جهومڪ پارايان. [رضيه انڪار ۾ اون هون، اون هون چوندي رهي ٿي] نه، نه- رضيه، هيڏانهن اچ، منهنجي ويجهو. ها، ٺيڪ آهي، مون کي ڏي. آءٌ چاهيان ٿو ته هنن نازڪ نازڪ ڪنن ۾ هي سهڻا ۽ نفيس جهومڪ آءٌ پارايان. ڏس... ڏس... هان ٺيڪ آهن. هاڻي پنهنجي چنڊ جهڙي چهري کي آئيني ۾ ته ڏس!

رضيه: بس بس، هاڻي گهڻي خوشامد نٿي ٺهي. امان، امان! [هوءَ ماءُ کي سڏيندي ٻاهر وڃي ٿي].

منير: [پنهنجي سر] ڏاڍي حرڪتڻ آهي! ڏاڍي شرير آهي!

رضيه: [ پريان ايندي] امان! هيءُ آهي، منير! منهنجو ڪلاس ميٽ. اسين ٻئي گڏ پڙهندا آهيون.

منير: [گهٻرائجي وڃي ٿو] چاچي ! السلا۾... السلام عليڪم ! ويهو. چاچي هتان ٿي ويهو.

چاچي: وعليڪم السلام- پٽ منير! خوش آهين نه! هيڏانهن ڪوچ تي آرام سان ٿي ويهه!

منير: [گهٻرايل آواز ۾] چاچي، مهرباني. پر چاچي معاف ڪجو، رضيه جي سالگرهه جون آءٌاوهان کي به مبارڪون پيش ڪريان ٿو.

چاچي: مهرباني، مهرباني- پٽ! رضيه کي تو سالگرهه جي هيءَ سوکڙي ڏني آهي. ان لاءِ شڪر گذاريءَ، واسطي پٽ، مون وٽ ته لفظ ئي ڪونهن. تو ڏاڍي قيمتي سوکڙي ڏني آهي. ايتري تڪليف ڪرڻ نه کپندي هئي!

منير: [شرمائيندي] مڙوئي خير آهي، اهو ته منهنجو فرض هو.

چاچي: [سڏ ڪندي] رضيه! او رضيه مهمان جي خاطر به ڪانه ڪئي اٿئي. اهي مٺايون ۽ ٻيون شيون سڀ ڪيڏانهن ويون؟

رضيه: [پريان] هائو امان! اچان پئي، ٿورو چانهه جو پاڻي گرم ٿئي ته سڀ شيون کڻي اچان ٿي.

چاچي: [ٿڌو ساهه  ڀريندي] منهنجا ته وار به اچي اڇا ٿيا آهن، هيءَ هڪڙي ڌيءَ اٿم. نازن جي پليل آهي، پڻس مرحوم ته ساهه ڇڏيندو هئس. تقدير جو لکيو ڪڏهن گسي نٿو. ٻه-ٽي سال ٿيا جو پڻس گذاري ويو. مرحوم چوندو هو ته ڌيءَ کي آءٌ ايم. اي تائين پڙهائيندس. پاڻ هينئر جيئرو هجي ها ته ڪيترو نه خوش ٿئي ها، پر جيڪا رب جي رضا. شڪر آهي، پٺيان زمين جو ٽڪرو ڇڏي ويو آهي. ايتري آمدني ٿئي ٿي جو آرام سان گذر بسر ٿئي ٿو. ڪنهن عزيز مائٽ اڳيان هٿ ٽنگڻو نٿو پوي. پٽ! هاڻي ته سڄي ذميداريءَ جو بار منهنجن ضعيف ڪلهن تي آهي. پڻس مرحوم جي خواهش کي آءٌ پورو ڪنديس. مائي ايم. اي تائين پڙهي پورو ڪري ته منهنجا ڪلها انهيءَ ذميدارِيءَ جي بار کان آجا ٿين.

منير: چاچي بس، بي. اي جي آخري سال ۾ ته پڙهي ٿي، باقي ٻه سال، سي به ڄاڻ ته پورا ٿيا.

چاچي: ها، پٽ! سچ ٿو چوين. پر مون لاءِ ته هڪڙو ڏينهن به هڪ سال برابر آهي. آءٌ چاهيان ٿي ته اهو ڏينهن بس سڀاڻي ئي اچي. پر منير پٽ! تنهنجو ڪهڙو ارادو آهي؟ بي. اي ڪرڻ کان پوءِ تون به ايم. اي  پڙهندين يا....

منير: چاچي! منهنجو خيال ته بي. اي ڪرڻ کان پوءِ ڪميشن ۾ وڃڻ جو هو- پر رضيه جيڪڏهن ايم. اي پڙهندي ته ... ته آءٌ .... آءٌ به ايم. اي پڙهندس.

چاچي: ها، ها، مون سمجهيو. رضيه به مون کي اهو ئي ٻڌايو هو، هوءَ تنهنجي ڏاڍي تعريف ڪندي آهي.

منير: [شرمائيندي]، اها ته... اها ته هن جي ۽ اوهان جي مهرباني آهي! پر... پر [ڳالهه نٽائڻ خاطر] چاچي! آءٌ به رضيه وانگر يتيم ئي آهيان. مون کي منهنجي چاچي پاليو ۽ نپايو آهي. هو شهر جو وڏو واپاري آهي، لکن جو ڪاروبار اٿس. هن جا مون تي ڏاڍا احسان آهن، چاچي!

چاچي: شڪر آهي پٽ! ماءُ-پيءُ سدائين ساڻ ڪونه هوندا آهن، سڀڪجهه تقدير جو لکيو آهي. شابس هجي تنهنجي چاچي کي، جنهن تو کي پالي نپائي هيڏو ڪيو آهي. نه ته اڄ ڀاءُ ڀاءُ کي ڪونه سڃاڻي. ڪنهن کي پئي آهي، جو ٻين جون مصيبتون پنهنجي مٿي تي کڻي گهمي!

منير: هائو چاچي! مون کي ته پيءُ جو پيار نصيب ئي ڪونه ٿيو. پر شڪر آهي اها ڪمي چاچي جي پيار سبب پوري ٿي ويئي. وري ماءُ جو سايو به اڃا سلامت آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين احساس به ٿيندو آهي ته آءٌ يتيم آهيان، پر اهو غم آخر ڪيستائين سانڍبو.

چاچي: شڪر ڪر ڇوڪرا! تون ته وڏو خوش قسمت آهين. پڻس مرحوم، جڏهن گذاريو ته ڇوڪري روئي روئي بيهوش ٿي ويندي هئي. جيڪڏهن هيءَ ڇوڪري نه هجي ها ته منهنجا ته الائجي ڪهڙا حال ٿين ها- [ٿڌو ساهه ڀريندي] چڱو پٽ، تون هتي آرام سان ٿي ويهه، آءٌ گهر جي سارسنڀار لهان [ويندي سڏ ڪر ٿي]، رضيه، او رضيه! مائي ڇا ٿيئي؟ جلدي چانهه کڻي اچ.

رضيه: [پريان ايندي] امان! کنيون ٿي اچان. امان! هي ڇا؟ تون به ته چانهه ڍڪ پي وڃ.

چاچي: [ويندي]، نينگر هاڻي مون کي کڻي ڇڏيو ته گهر جو وڃي ڪم ڪار ڪريان. ڏينهن چڙهندو وڃي.

رضيه: منير صاحب! چانهه حاضرآهي.

منير: مهرباني- رضيه صاحبه!اوهان جي هٿ جو زهر به منهنجي لاءِ آبِ حيات آهي.

رضيه: اوهو! هيءُ زهر ٿو روئي آهي، تون شڪ ٿو ڪرين ته پهرين آءٌ ٿي تنهنجي ڪوپ مان چانهه پيان [چانهه جو ڍڪ ڀريندي] ڏاڍي گرم آهي.

منير: اڙي اڙي! ڇو ٿي پنهنجو گلاب جهڙو نرم وات ساڙين، مون ته چرچو  ڪيو. رضيه، تون ڪيتري نه سٺي آهين! ڪيتري نه سلڇڻي آهين؟

رضيه: [نٽائيندي]، اڙي! ڇڏيو انهن ڳالهين کي توهان کي  مٺائي پسند نه آهي، هي ٿورا گلاب جامن کائو- آءٌ ٿي اوهان کي کارايان.

منير: [رضيه جي هٿ کي چڪ ٿو هڻي]، آ آ هم!

رضيه: [دانهن ڪندي] هاءِ الا! چڪ ته نه هڻ! اڱرين ۾ نير پئجي ويا. هاءِ هاءِ، اهي چڪ هڻڻ ڪٿان سکيو آهين.

منير: تو کان سواءِ ٻيو ڪير سيکاريندو!

رضيه: هاڻي مسخري ڇڏيو، مٺائي کائو، چانهه پيو ۽ موڪلايو.

منير: اوهو، رضيه، آءٌ ته ڪونه ويندس. اڄ ته تنهنجي مان به مون کي ڏاڍي دلداري ڏني آهي.

رضيه: منهنجي امان ڏاڍي سٺي آهي. مون کي ڏاڍو ٿي ڀانئي!

منير: ۽ مون کي به ٿي ڀانئي! اڄ ته مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ ته منهنجي سڳيءَ ماءُ پئي مون سان ڳالهايو...

رضيه! رضيه! دريءَ مان ٻاهر ته نهار! موسم ڪيتري نه سٺي ٿي پئي آهي، وڻن ويس مٽايو آهي، ۽ ٽارين ۾ گونچ ٽڙي پيا آهن. چوڌاري ڪيڏي نه هٻڪار آهي، ڪيتري نه سونهن ۽ دلڪشي آهي. رضيه! هلي آءُ، هيڏانهن اچ!

رضيه: هل، هل آيو آهي ويچارو- مون کان پري ٿيءُ. آءٌ تنهنجي ويجهو نه اينديس.

منير: ايندينءَ وري ڪيئن نه، پر خير تون ائين نه مڃندينءَ ! آءٌ اڄ ئي ٿو امان ۽ چاچا کي چوان. سڀاڻي آءٌ هنن کي چاچيءَ وٽ وٺي ايندس. پوءِ ته مڃندينءَ؟

رضيه: (خوشيءَ مان) سَچ!

منير: ها، ها، رضيه- بلڪل سچ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org