سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:15 

پٿر ۽ پٿريون

سفر نامو

        ‘The Road to Mecca’ نالي ڪتاب محمد اسد جو لکيل آهي. اصل ۾ اهو مصنف يهودي هو،جيڪو سن 1926ع ۾ مسلمان ٿيو ۽ پوءِ ڪيتري عرصي تائين مڪي ۽ مديني ۾ رهيو. ان وقت حجاز (موجوده سعودي عرب) جو بادشآهه ابن سعود هو، جنهن محمد اسد کي پنهنجو ذاتي دوست ڪري ورتو. هڪ نو مسلم لاءِ اهو وڏو اعزاز هو. تنهن ڪري ابن سعود جي ملڪ ۾ هو جتي به ويو، اتي هن جي زبردست آجيان ڪئي ٿي وئي. ’دي روڊ ٽو مڪه‘ در اصل نه رڳو هاڻوڪي سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن، ايران ۽ افغانستان جو سفرنامو آهي، پر اهو مصنف جي روحاني سفر جو پڻ دلچسپ داستان آهي، جيڪو نهايت خوبصورت لفظن ۽ اثرائتي اسلوب ۾ لکيل آهي.

        محمد اسد پاڪستان حڪومت جي وزارت خارجه ۾پڻ هڪ اعليٰ عهدي تي رهيو ۽ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان جو مستقل عيوضي ٿي، هن پنهنجا فرض ادا ڪيا. ان عهدي تان هن 1952ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي ۽ حياتيءَ جا باقي ڏينهن قرآن ۽ ۽ حديثن جو انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ ٻين ڪتابن جي تصنيف ۾ گذاري نوي ورهين جي عمر ۾ سن 1990ع ۾ وفات ڪئي ۽اسپين ۾ الحمرا جي ويجهو دفن ٿيو.

        محمد اسد جي وفات تي ڊان اخبار جي ميگزين سيڪشن ۾ ڪنهن صاحب جيڪو مضمون لکيو هو، اهو پڙهڻ کان پوءِ مون کي هن جي لکيل ڪتاب ’دي روڊ ٽو مڪه‘ پڙهڻ جو اشتياق ٿيو. گهڻي ڳولا کان پوءِ به اهو ڪتاب هٿ نه اچي سگهيو. پوءِ ٿيو ائين جو هڪڙي ڏينهن فقير جو پڙ کان موٽندي رستي تي هڪ هٿ­-گاڏي وٽ بيهي رهيس، جنهن تي پراڻا ڪتاب ۽ رسالا رکيا هئا. انهن ۾ اهو ڪتاب به پيو هو. ڪتاب تي نظر پوڻ شرط مون اهو کڻي ورتو جو ڳڻتي ٿيم ته متان ٻيو ڪير خريد نه ڪري. مون گاڏي واري کان اهو ڪتاب هن جي ٻڌايل قيمت تي هڪدم خريد ڪيو ۽ جلد جلد گهر ڏانهن روانو ٿي ويس.

        ڪتاب پڪي جلد سان 381 صفحن تي پکڙيل ڊيمي سائز ۾ آهي،جيڪو لنڊن مان 1954ع ۾ ڇپيو هو. جيئن ئي ڪتاب کولجي ٿو ته پهرين ٻن صفحن تي لبيا، ترڪي، مصر، سوڊان، شام، عراق، حجاز (موجوده سعودي عرب) ايران، ترڪمانستان (سمرقند، بخارا، تاشقند)، افغانستان، پاڪستان (اڌ) جو نقشو ڏنل آهي، محمد اسد انهن ملڪن جو سفر به ڪيو. نقشن کي آئون ڏاڍي غور سان ڏسندو آهيان. نقشا مون کي وڻندا آهن، جو انهن ۾ اهڙن اجنبي ۽ اوپرن ملڪن جا نالا ۽ ماڳ ڏيکاريل هوندا آهن، جن هميشه منهنجي ذهن ۽ خيال کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي. نقشو ڏسندي منهنجي نظر جي اڳيان هاڻ اهو نقشو نه، پر ان شهر جو منظر ڦرڻ لڳو، جتي سن1938ع ۾ جڏهن آئون اڃان 9 ورهين جي ڄمار جو هوس، پنهنجيءَ نانيءَ سان گڏ ڪربلا  ۽ نجف جي زيارتن ڪرڻ لاءِ پهتو هوس.

        صبح ۽ ٻپهريءَ جي وچ وارو وقت آهي. اسين ڪراچيءَ جي هڪڙي گهر مان روانا ٿي سامونڊي بندر تي پهچون ٿا. ڪناري تي هڪ وڏو غوراب بيٺو آهي. بندر تان جهاز تي پهچڻ لاءِ هڪ ڊگهي ۽ اُڀي ڏاڪڻ لڳل آهي، مسافر هڪ ٻئي جي پٺيان ڏاڪڻ تان چڙهندا جهاز تي پهچن ٿا. اسان جو ننڍڙو قافلو جنهن ۾ لالا نواز علي (ميرزا فتح علي بيگ جو ڏاڏو) نانا (منهنجي والد جي پڦي، جنهن کي آئون نانا سڏيندو هوس)، دائي زينون (اسان جي حبشڻ خادمه) ۽ آئون آهيون، پڻ مٿي جهاز تي پهچي هڪڙي ڪئبن ۾ وڃي رهي ٿو. مسافر جڏهن جهاز ۾ پهچي وڃن ٿا، تڏهن جهاز سيٽيون وڄائيندو لنگر کڻي ٿو ۽ کليل سمنڊ ڏانهن وڌي ٿو. آئون ڪئبن مان نانا کان نظر بچائي ڊوڙي ڊيڪ تي وڃان ٿو ۽بندر ڏانهن ڏسان ٿو، جتي اڃا تائين ماڻهو هٿ لوڏيندا جهاز کي الوداع چئي رهيا آهن. ڊيڪ تي ٻيا به مسافر آهن؛ انگريز، هندوستاني، مسقط ۽ اومان/عمان جا رهاڪو، عورتون ۽ مرد، سڀني جي چهرن تي سرهائي ڏسجي ٿي.

        پهريان ٻه ڏينهن سمنڊ جي سطح سانتيڪي آهي.جهاز آرام سان پنهنجيءَ منزل ڏانهن وڌندو پيو وڃي. پرهڪڙي ڏينهن هوا جو رخ ڦري ٿو ۽ سمنڊ ۾ رکي رکي پهاڙ جيڏيون ڇوليون اڀرن ۽ لهن ٿيون. جهاز ڪڏهن ساڄي پاسي جهڪي ٿو ته ڪڏهن کاٻي طرف. ڪئبنن ۾ ۽ڊيڪ تي مسافر الٽيون ڪري ڪري ساڻا ٿي پون ٿا. نانا مون کي ڪئبن مان ٻاهر وڃڻ نه ٿي ڏي، هر وقت پاڻ سان گڏ ويهاريو ويٺي آهي.هڪڙو ڏينهن ۽ هڪڙي رات سامونڊي لهرون جهاز کي لوڏينديون رهن ٿيون ۽مسافر ساڻا ۽ بي حال ٿيندا رهن ٿا. نيٺ سمنڊ جي مٿاڇري تي ماٺار پکڙجي وڃي ٿي. مسافر ڪئبنن مان آهستي آهستي نڪري ڊيڪ تي وڃن ٿا. سمنڊ سانتيڪو آهي ۽ جهاز آرام سان اڳتي پيو وڌي.

        هڪڙي ڏينهن آئون ڪئبن مان نڪري ٻاهر اچان ٿو ۽ جهاز جي هڪ پاسي واري جهنگلي وٽان هيٺ سمنڊ ڏانهن ڏسان ٿو. هيٺ سمنڊ جون ڇوليون جهاز جي پاسي کي لڳي گجي؟ ٿي وڃن ٿيون. آئون انهن کي غور سان ڏسان ٿو. اوچتو منهنجي ڪلهي تي ڪو ماڻهو هٿ رکي مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. آئون ڪنڌ ورائي ڏسان ٿو. هڪ انگريز جنهن کي اڇي قميص، اڇي پتلون ۽ اڇي ٽوپي پاتل آهي، مون کي اتان لاهي وٺي هلي ٿو. آئون هن ڏانهن ڏسندو رهان ٿو ۽ هو هر هر منهنجن وارن ۾ آڱريون وجهي مٿي ۾ ڪتڪتائي پيو ڪري. ايتري ۾ سامهون لالا نواز علي تڪڙو تڪڙو اچي منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي ٿو. انهيءَ تي اهو انگريز هن کي ڪي چوي ٿو ۽ لالا ڪنڌ لوڏيندو مون کي ڇڪيندو ڪئبن ۾ پهچي ٿو.

        ”پڦي، علي بچائي ( منهنجي پيار جو نالو) کي سوگهو ڪري پاڻ وٽ ويهار“، هو نانا کي ٻڌائي ٿو. ”انگريز چوي ٿو ته هيءُ ٻار مون کي ڏيو ته آئون نپايان“. نانا ”ائي مٺيس“ چئي مون کي پنهنجيءَ هنج ۾ لڪائي ٿي.

        هاڻي نانا مون کي ڪئبن مان ٻاهر نڪرڻ نه ٿي ڏي. مون تي ڪڏهن نانا نظر رکي ٿي ته ڪڏهن مائي زينون، آئون ڪئبن ۾ بند آهيان، ستين ڏينهن جهاز بصري جي بندر تي پهچي لنگر هڻي ٿو. اسان جو ننڍڙو قافلو جهاز مان لهي شهر روانو ٿئي ٿو، جتان بصري جي ريلوي اسٽيشن تان ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿئي ٿو.

        ريل گاڏيءَ ۾ گهڻا ماڻهو ڪونهن. پر اسين جنهن گاڏي ۾ ويٺا آهيون ان۾ هڪ عرب، جنهن کي ڪاري قبا پيل آهي ۽ مٿي تي رومال ۽ ڪارو ڏورو ٻڌل آهي، چڙهي اچي ٿو. هو ان برٿ تي ويهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيڪا اسان رزرو ڪرائي هئي. لالا هن کي گهڻو ئي سمجهائي ٿو، پر هن کي اتي ويهڻ جي ضد آهي. لالا نواز علي جو اهو ڪو پهريون سفر ڪو نه هو. هو نه رڳو عراق جي ماڳن مڪانن کا واقف آهي، پر عراق جا ۽ خاص ڪري ڪربلا ۽ نجف جا ڪيترائي ماڻهو هن کي ڄاڻن سڃاڻن ٿا.

        هيءُ اهو زمانو آهي، جڏهن عرب جي سر زمين مان سون جاگرم چشما اڃان ڦٽي نه نڪتا آهن. اڃان عرب ملڪن جي معيشت جو گهڻو تڻو دارو مدار هندوستان ۽ ٻين ملڪن جي انهن مسلمان امير ڪبير حاڪمن ۽ ماڻهن تي آهي،جيڪي هر ڇهين ٻارهين مهيني انهن مقدس جاين جي زيارت لاءِ اتي وڃن ٿا ۽ مذهبي عقيدي جي اثر هيٺ ايتري رقم نذراني طور ڏئي اچن ٿا، جنهن ۾ هنن جي سڄي سال جو گذر بسر ٿي وڃي ٿو.

        پوءِ ايئن ٿئي ٿو جو لالا نواز علي ان بدو عرب کي ڌڪا ڏئي زوريءَ برٿ تان اٿاري ٻيءَ برٿ تي ويهاري ٿو. گاڏي ۾ ٻيا به ڪي هندوستاني ويٺل آهن، جيڪي لالا جو ساٿ ڏين ٿا. عرب اڪيلو ٿي پوي ٿو. اسين برٿ تي آرام سان ويهون ٿا. ايتري ۾ ريل گاڏيءَ جي انجڻ سيٽي وڄائي ٿي ۽ پوءِ ريل گاڏي ڇڪ ڇڪ ڪندي هلڻ شروع ڪري ٿي. آئون دريءَ مان ٻاهر ڏسان ٿو. کليل ۽ پکڙيل وارياسا ميدان. ڪٿي ڪٿي کجيءَ جي وڻن جا گهاٽا ۽ڳتيل جهڳٽا، جهگيون ۽ جهوپڙا.هلندڙ گاڏيءَ ۾ هوا جا ٿڌا جهوٽا لڳن ٿا. انهن اوپرن نظارن کي ڏسندي ئي ڏسندي منهنجون اکيون پوجي وڃن ٿيون.

        ڪربلا شهر ۾ ڪهڙي وقت پهچون ٿا. چئي نه ٿو سگهان. ياد ٿو اچيم ته اتي اسين هڪ ڪشادي گهر ۾ رهيل آهيون. ٻٽي ڪمرا آهن جن جي اڳيان کليل صحن آهي. ان گهر جو بندوبست اسان لاءِ حضرت امام حسين عه جي روضي جي هڪ متولي سيد هاشم ڪيو آهي. اهو بزرگ عمر جو پڪو، قد جو قداور، رنگ جو ڳورو ۽ بت جو نه ڀريل نه سنهو، هر سال سنڌ ۾ اچي اسان وٽان هڪ خاص رقم وٺي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجو ڏاڏو مرزا ٻڍل بيگ ڪربلا ۾ حضرت عباس علمدار جي روضي جي پيرانديءَ ٺهيل حجرن مان هڪ حجري ۾ دفن ٿيل آهي. انهن حجرن ۾ روشنيءَ ۽ صفائيءَ ڪرڻ جو بندوبست هن جي ذمي آهي.

        لالا، نانا، مائي زينون ۽ آئون صبح شام روضن جي زيارت ڪرڻ لاءِ وڃون ٿا. روضن جي ڪشادن صحنن ۾ داخل ٿيڻ کا اڳ اسين ڏاڍي ادب ۽ احترام سان انهن جي وڏن وڏن دروازن جي جهڪي چانئٺ تي هٿ لايون ٿا. چلڪندڙ فرشن وارا پکڙيل ۽ ڪشادا صحن جن تي ڪيترائي ڪبوتر اڇا ۽ سليٽي رنگ جا، ان پيا چڳين. روضن جي ديوارن ۽ منارن تي ڪاشيءَ جو نيري ۽ هئڊي رنگ ۾ خوبصورت گل ٻوٽي جو ڪم ڏاڍو سهڻو پيو لڳي. شاندار ۽ وڏا وڏا گولائيءَ تي گنبذ جن تي سون ۽ چانديءَ جا پرت چڙهيل آهن، جيڪي سج جي روشنيءَ ۾ پيا چلڪن ۽ چمڪن، جنهن ڪري انهن تي نظر بيهي ئي نه ٿي سگهي. روضن جا چانديءَ مڙهيل وڏا ۽ ڪشادا دروازا، اندر ضريح سون جي يا چانديءَ جي ٺهيل، ان جي مٿان ڪيترن ئي بلبن وارا خوبصورت جهاڙ ۽ فانوس. ديوارن تي گل ٻوٽا چٽيل ۽ گنبذ تي ميناڪاري ٿيل. ضريح مبارڪ جي ننڍن ۽ نازڪ ستونن تي ٽاريون ۽ سهڻا سهڻا گل اڪريل. اگر بتيون ۽ لوبان ۽ انهن جو هلڪو هلڪو اڻلکو خوشبودار دونهون، تازن گلن جا هار ۽ گلدستا، چؤڌاري مقدس، پاڪ ۽ صاف خوشبو، جيڪا ڦڦڙن ۾ پهچي راحت ۽ تازگي بخشي ٿي. هر روضي تي لالا، نانا ۽ مائي زينون اشڪبار ٿي ڏاڍي عجز ۽ انڪساريءَ سان دعائون گهرن ٿا. آئون ڪڏهن مٿي گنبذ ڏانهن ڏسان ٿو، ڪڏهن سنهڙن ۽ نازڪ ستونن کي ڇهي انهن جو ڇهاءُ محسوس ڪريان ٿو ۽ ڪڏهن ديوارن جي نقش ونگار تي نظر ڪريان ٿو ته ڪڏهن وري اندر موجود زائرن جي چهرن ۽ لباس کي ڏسان ٿو. چؤطرف ڏاڍي سانت آهي، جنهن ۾ رکي رکي ٿڌن ساهن کڻڻ ۽ هلڪن هلڪن سڏڪن جا آواز ٻُرن ٿا.

        ڪربلا جو شهر فرات نديءَ جي ڪناري تي آهي. آئون شام جو شهر وڃان ٿو، لالا نواز علي سان گڏ. لالا منهنجو استاد آهي. مون کي گهر ۾ پهرين هن پڙهڻ لکڻ سيکاريو آهي. آئون هن جي آڱر جهلي هن سان گڏ گهمان ٿو. اتي جا ماڻهو جن کي قبائون پيل آهن ۽ مٿي تي رومال ڪاري ڏوري سان ٻڌل آهن، هيڏانهن هوڏانهن پيا اچن ۽ وڃن. ڪارا برقعا ۽ چادرون ويڙهيل عورتون به ڏسجن ٿيون. تسبيحن، مڻڪن، ننگن، منڊين ۽ ٻين ڪيترين ئي شين جا دڪان ۽ نانن جا تندور هر هنڌ آهن. جنهن گهر ۾ اسين ترسيل آهيون ان جي ٻاهران به هڪ تندور آهي. آئون هر روز صبح جو ان دڪان تي وڃان ٿو. اتي وڏا ۽ ڀرٽڻا نان پچن ٿا. تندور جي ڀرسان ئي نرم کجور جو دڪان آهي. آئون گرم گرم نان خريد ڪري نرم نرم کجور وٺي نان تي پکيڙي ان کي گول ڪري کائڻ شروع ڪريان ٿو. ميٺاڄ، لذت ۽ خوشبو ان جي اڄ به ياد اچي ٿي ته وات پاڻي پاڻي ٿيو وڃي.

        هڪڙي ڏينهن صبح جو اسين سامره شهر وڃون ٿا، زيارت ڪرڻ. ڪربلا ۽ سامره شهر جي وچ ۾ فرات ندي وهي ٿي. زائر هڪ لاريءَ ۾ چڙهي روانا ٿين ٿا، فرات نديءَ تي پتڻ آهي، جتان ٻيڙيءَ ۾ لاريءَ کي چاڙهي ٻيءَ ڀر وڃڻو آهي، جيستائين لاري ٻيڙيءَ ۾ چڙهي آئون لاريءَ مان لهي فرات نديءَ جي ڪناري تي گهمان ٿو. سڄي ڪناري تي ننڍڙا ننڍڙا پٿر ۽ پٿريون ڏسجن ٿيون، واريءَ رنگ، ناسي، ڪارا، ڀورا پٿر ۽ پٿريون انهن مان آئون لسا ۽ سهڻا پٿر ۽ پٿريون چونڊيندو پنهنجي جهوليءَ ۾ وجهندو وڃان ٿو. مون کي اهي پٿر ڏاڍا وڻن ٿا.

        آثارِ قديمه جاماهر چون ٿا ته دجله ۽ فرات جي ماٿري جنهن ۾ عراق آهي، دنيا جي قديم ترين وادي آهي، دنيا جي ان قديم ترين ماٿري مان لڌل اهي پٿر ۽ پٿريون آئون پاڻ سان کڻي پنهنجي وطن سنڌ اچان ٿو. مان اهي پٿر پٿريون پنهنجي گهر جي هڪ ڪمري ۾ رکيل الماريءَ جي خاني ۾ سانڍي رکان ٿو. ۽ پوءِ اهي وڃائجي وڃن ٿيون. دنيا جي قديم ترين تهذيب ۽ واديءَ جون نشانيون ڪٿي آهن؟ آئون اداس ٿي وڃان ٿو.

        آئون ان ڏکوئيندڙ ياد کان پنهنجو ذهن آزاد ڪرڻ خاطر روڊ ٽو مڪه‘ ڪتاب جي نقشي تي وري هڪ نظر وجهان ٿو.

        نقشي جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪراچيءَ ۽ بلوچستان جو علائقو ڏيکاريل آهي. آئون ڪراچيءَ واري هنڌ کان مٿي ڏسان ٿو. اتي دادو ضلعو آهي. مماثلت ۽ هڪ جهڙائيءَ جو عجيب مثال ذهن تي تري اچي ٿو. آئون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ پروگرام آرگنائيزر آهيان. سال 1973ع ۾ آئون ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ ”منڇر“ تي دستاويزي پروگرام ٺاهڻ لاءِ دادو وڃان ٿو. مون سان گڏ سائين محمد ابراهيم جويو ۽ سائين ع.ق. شيخ به آهن. اهي وري هوا بدلائڻ خاطر هلن ٿا. دادو ۾ اسين سائين تاج صحرائي وٽ رات گذاريون ٿا. ٻئي ڏينهن اتان بوبڪ وڃون ٿا. تاج صحرائي به اسان سان هلي ٿو. اسين اتان منڇر جي پتڻ تي پهچي ٻيڙيءَ ۾ چڙهون ٿا، جيڪا اسان کي منڇر جي ٻئي طرف شاهه حسڻ ڳوٺ پهچائيندي.

        سياري جي مند آهي ۽ سيءُ خاصو آهي. صبح جا ڏهه اسين هڪ وڏي ٻيڙيءَ ۾ چڙهون ٿا. ٻيڙي منڇر جي مٿاڇري تي هلڻ شروع ڪري ٿي. اتر جي ٿڌي هوا منڇر جي سطح کي لوڏي ٿي ۽ ننڍڙيون ننڍڙيون لهرون ٻيڙيءَ سان پاڻ ٽڪرائي پٺتي هٽيون وڃن.

        ٻيڙيءَ جو مالڪ هڪ نوجوان شخص آهي. قد جو وچولو، بت جو سنهو ۽ منهن مهانڊي مان عام رواجي. هن سان گڏ هن جي ماءُ ۽ زال آهن. ماڻس پڪي عمر جي، رنگ ڪاراڻ مائل ۽ شڪل صورت جي خاص نه. جوڻس مڙس جي عمر جي مشڪي رنگ، تيز ۽ تکا مهانڊا، اکين ۾عجيب نماڻائي ۽ ڦوڪيل پيٽ. بوبڪ جي پتڻ تان ٻيڙي ڪاهڻ وقت نوجوان ونجهه هلائي ٿو. هو ونجهه جي ڊگهي ڇڙهه ٻيڙيءَ جي اڳئين حصي تان پاڻيءَ ۾ وجهي ان تي ٻنهي هٿن ۽ ڪلهي جو زور ڏيندو ٻيڙيءَ جي ڇيڙي تائين اچي ٿو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ڌڪبي اڳتي وڌندي پئي وڃي. ايتري ۾ هن جي زال جنڊ ۾ اَن ڪڻا وجهي جنڊ پئي هلائي. ٻيڙي واري جي ماءُ رَڇ پئي اُڻي. اهي ٽئي ڪم هڪڙي ئي وقت پيا ٿين.

        ٻيڙيءَ جي وچ ۾ هڪڙو ڪمرو ٺهيل آهي. جيڪو هنن جي سمهڻ جو لڳي ٿو. اسان کي ان ۾ گهرو سامان پيل نظر اچي ٿو ان جي ٻاهران هڪ پاسي رڌ پچاءُ لاءِ چلهه ٺهيل آهي. ويجهوئي پاڻيءَ جا مٽ ۽ دلا رکيل آهن، جن جي ويجهو ڪي ٿانوَ پکڙيا پيا آهن. اسين هڪ پاسي رليءَ تي آرام سان ٿي ويهون ٿا.

        ”شام ڌاري شاهه حسڻ پهچندا سين،“ تاج صحرائي ٻڌائي ٿو.

        ”بوبڪ کان ايترو پري آهي ڇا؟ آئون پڇان ٿو.

        ”نه ايترو پري ڪونهي. پر ڍنڍ ۾ گاهه جا ٻيلا آهن. تنهن ڪري هيءَ ٻيڙي آهستي هلندي. انهن گاهه جي ٻيلن جي ڪري هت موٽر بوٽ هلي نه سگهندي. موٽر بوٽ ته هوند مني ڪلاڪ کن ۾ شاهه حسڻ پهچائي.“ تاج صحرائي ٻڌائي ٿو.

        ”ڀلا شاهه حسڻ تائين ڪو خشڪيءَ جو به رستو آهي. يا نه ؟“ ع.ق. شيخ پڇي ٿو.

        ”آهي، پر تمام ڊگهو ۽ ڏکيو رستو آهي. هيءَ ڍنڍ ٻه سؤ ڏه چورس ميل آهي. ۽ هن جي چؤڌاري ڳوٺ آهن. تنهن ڪري شاهه حسڻ گهڻو ڪري ٻيڙيءَ ۾ وڃبو آهي.“

        اسان جي ٽوليءَ ۾ هڪ مولوي صاحب پڻ آهي، جيڪو هنن پَٽن ۽ پاڻين جو سونهون آهي، قداور مڙس، رلڻو ملڻو ۽ کل مک، شرعي سونهاري، مٿي تي سنڌي ڀير وارو پٽڪو ۽ ڪلهي تي بوڇڻ. هو اسان جي کاڌي پيتي جي شين جو انچارج به آهي. هو اسان وٽان اُٿي پرتي رکيل ٿيلهي مان ٿرماس ڪڍي ٿو. ڌوتل ۽ صاف ڪوپ اسان جي اڳيان رکندي انهن ۾ چانهن اوتي چوي ٿو:

        ”هيءَ تمام وڏي ڍنڍ آهي.“ اسين هن کي ڌيان سان ٻڌون ٿا. ”چوڌاري نهار ڪريو ته اوهان کي هن جو ڪنارو ڏسڻ ۾ نه ايندو. خود هن ڍنڍ اندر ئي هزارين ڳوٺ آهن ۽ هتي هزارين ههڙيون ٻيڙيون هلن ٿيون. اهي سامهون ڳوٺ آهن.“ هو سامهون پاڻيءَ ۾ اڀريل دڙن ڏانهن هٿ سان اشارو ڪندي ٻڌائي ٿو.

         اسين سامهون ۽ اوسي پاسي ڏسون ٿا. ڍنڍ جي وچ ۾ سچ پچ ته ڪيترائي وڏا وڏا ۽ اڀريل دڙا ڏسجن ٿا، جن کي گولائيءَ ۾ پاسن کان ڇينڀا ڏنل آهن. اهي منڇر ۾ ڳوٺ آهن، جتي ماڻهو رهن ٿا. اتي هنن جون لانڍيون ۽ جهوپا ٺهيل آهن. اتي مرد، عورتون ۽ ٻار هلندي ڦرندي ڏسجن ٿا.

        ”سائين، چانهه پي وٺو، ٿڌي ٿي ته سواد نه رهندو.“ مولوي چانهه جي ڪوپن ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو. ”هوءَ مُلي واري ڳالهه نه ٻڌي اٿوَ؟“

        ”اها وري ڪهڙي ڳالهه؟“ آئون چوان ٿو ۽ چانهه جو ڍڪ ڀريان ٿو. چانهه اڃان ڪوسي آهي ۽ وڻي پئي.

        ”ڳالهه اها آهي،“ مولوي ڳالهه شروع ڪري ٿو، ”ته هڪڙي ڏينهن هڪڙو مُلو شهر مان حلوي جو سامان وٺي تڪڙو تڪڙو گهر آيو ۽ زال کي چيائين ته سدوري، اڄ هن سموري سامان جو ڪو ٺاهوڪو ۽ لذيذ حلوو ٺاهه. جوڻس حلوو ٺاهي مُلي جي اڳيان رکيو. مُلو حلوو کائيندو ويو پر حلوو ختم نه ٿئي. نيٺ اٿي کڙو ٿيو ۽ زال کي چيائين ته اهو باقي حلوو سنڀالي رک. صبح جو کائينداسين. پوءِ همراهه لت کوڙي سمهي رهيو. آڌيءَ رات جو اوچتو اٿي ويٺو. زال پڇيس ته خير ته آهي. چيائين مون کي هڪ ڳالهه سجهي آهي. زال چيس ڪهڙي ڳالهه سجهي اٿئي. مُلي چيو ته پهرين اهو بچيل حلوو کڻي اچ ته پوءِ تو کي ٻڌائيندس. جوڻس باقي بچيل حلوو آڻي هن جي اڳيان رکيو. هن اهو سمورو حلوو کائي بوڇڻ سان هٿ ۽ وات اگهي زال کي چيو ته جيڪو حلوو ڏينهن جو ٺهيو هجي اهوکائي ختم ڪرڻ کان سواءِ رات جو ڪڏهن به ننڊ نه ڪجي. هاڻي مون کي آرام سان ننڊ ايندي.“ اهو چئي مولوي مرڪندي اسان ڏانهن ڏسي وري چوي ٿو” “ان ڪري ٿي چيم ته چانهه پي وٺو.“

        ”واهه مولوي صاحب واهه، ڳالهه واقعي مزيدار ڪيئي. ”ع.ق. شيخ چوي ٿو. ”ڪٿي اهو مُلو تون ته نه هئين؟“ اسين سڀئي ٽهڪ ڏئي کلون ٿا، ۽ڪوپن ۾ رهيل چانهه جلد جلد پئون ٿا.

        ”ڀلا هتي جو هيترا سارا ماڻهو رهن ٿا، ته هنن ۾ ڪي بيمار سيمار به ٿيندا هوندا.“ جويو صاحب پڇي ٿو.

        ”هنن جي علاج جو ڪو انتظام وغيره آهي به يا نه ؟“

        ”اي سائين، علاج جو هت ڪهرو انتظام !“ مولوي وراڻي ٿو. ”ڊاڪٽر ۽ حڪيم ته شهرن ۾ هوندا آهن. ٻڌو اٿئو ن ته هت ڪو ڪمپائونڊر ايندو آهي ۽ بيمارن کي ڪي گوريون، ڪي دوائون ڏئي ويندو آهي.“

        ٻيڙيءَ وارو جوان ونجهه تي ڪلهي ۽ هٿن جو زور ڏيندو ٻيڙيءَ جي ڇيڙي تائين پهچي بيهي رهي ٿو. هو زال کي اشارو ڪري ٿو هوءَ جنڊ مان هٿ ڪڍي اٿي وڃي ونجهه کڻي ٿي. هاڻي ونجهه هلائڻ جو وارو ان مائي جو آيو آهي. هوءَ ڏاڍي آرام سان ٻيڙيءَ کي پنهنجي منزل ڏانهن ڌڪڻ شروع ڪري ٿي. مڙسس جنهن کي سوٽي قميص پاتل ۽ گوڏ ٻڌل آهي، ٻيڙيءَ جي ڪناري تان هيٺ لهي وڃي ماءُ جي ويجهو ويهي رهي ٿو، جيڪا رڇ پئي اُڻي.

        ”هڪڙي ڀيري هتي هڪڙي مائي پيٽ سان هئي، اوچتو هن کي سور ٿيا. هونئن ته ڪيترين ئي ماين هنن پاڻين تي ٻار ڄڻيا آهن، پر ان مائيءَ جي تقدير ۾ شايد اهو لکيل هو.“ مولوي ٿڌو شوڪارو ڀريندي ٻڌائي ٿو. ”گهڻيون ئي سُتيون ۽ ڦڪيون ڪيائون، پر مائي جا پاسا آجا نه ٿيا. نيٺ هن کي بوبڪ کڻي ويا. جيستائين بوبڪ پهچن تيستائين مائيءَ ويچاريءَ جا پساهه پورا ٿي ويا.“

        اسين سڀ ماٺ آهيون. ڇا ٿا چئي سگهون! هن ڌرتيءَ تي اهڙا ڪئين ڪيس ٿيندا رهن ٿا. ماڻهو ڪنهن ڪنهن جو ماتم ڪري؟ سموري فضا تي اداسي پکڙجي وڃي ٿي.

        آئون ان نوجوان ڪاري رنگ جي عورت ڏانهن ڏسان ٿو، جنهن جو پيٽ ڦوڪيل آهي. هن جي اکين جي ماڻڪين جي چوڌاري کير جهڙي اڇاڻ پئي ڏسجي. هوءَ جڏهن پاسيري ٿي ونجهه کي ڪلهي سان زور ڏئي ٻيڙيءَ کي ڌڪي ٿي ته مون کي موئن جي دڙي جي نچڻي ياد ٿي اچي، جنهن جو اصل بوتو جيڪو دڙي مان کوٽائيءَ وقت مليو هو، ڪلڪتي جي ميوزيم ۾ رکيل آهي ۽ اسان وٽ ان جو Replica   (نقل) پيو آهي. جوان عورت ٻيڙيءَ کي اڳتي ڌڪيندي ڇيڙي تائين پهچي وري ان جي مُهڙ وٽ اچي ٿي. هن جي ڪمزور جسم ۽ لوساٽيل چهري کي ڏسي منهنجيءَ دل ۾ رحم جو هڪ عجيب جذبو پيدا ٿئي ٿو. ’ڇا هيءَ مائي به هُن مائيءَ وانگر بوبڪ ڏانهن ويندي....‘ آئون ان خيال کي پنهنجي ذهن مان ڪڍڻ لاءِ سامهون پاڻيءَ جي مٿاڇري ڏانهن ڏسان ٿو. پريان هڪڙي هوڙهي ۾ ڪو ملاح پاڻيءَ ۾ رڇ اڇلائي ٿو. رڇ ڪرڻ جي ڪري پاڻيءَ جي سانتيڪي سطح تي ڪيترائي دائرا ٺهي پري پري تائين پکڙجي وڃن ٿا.

        ”اهو ماڻهو هر روز ڪيتري مڇي ڦاسائيندو هوندو؟ ”آئون ڳالهه بدلائڻ لاءِ پڇان ٿو.

        ”سڄو ڏينهن جيڪڏهن محنت ڪندو ته خاصي مڇي ملندس.“ مولوي ٻڌائي ٿو.

        ”پر اها مڇي ته هن جي ڪانهي. مڇي ته ان جي آهي جيڪو منڇر جي هن حصي جو مالڪ آهي. سڄي ڍنڍ جدا جدا مالڪن ۾ ورهائي پئي آهي، جيئن زمين زميندارن ۾ ورهايل هوندي آهي.“

        آئون وري ان شخص ڏانهن ڏسان ٿو، جيڪو هاڻي رڇ کي ڇڪڻ جي ڪوشش پيو ڪري.

        ”مڇي مارڻ جو هت هڪ ٻيو طريقو به آهي، جنهن کي ڌاڙ هڻن چوندا آهن،“ تاج صحرائي اسان کي ڄاڻ ڏيندي چوي ٿو. ”ٿيندو ايئن آهي جو پاڻيءَ تي فرلانگ ڏيڍ جي گولائيءَ ۾ ملاح ڪير هڻندا گولائيءَ کي سوڙهو ڪندا ايندا. پاڻيءَ هيٺ انهن ڪير ۾ رڇ ٻڌندا. پرهه ٿيندي ئي ملاح ڌاڙ هڻڻ شروع ڪندا. پنج ست هوڙها ڪيرن جي چؤ طرف پري پري تائين پکڙجي ويندا. هرهڪ هوڙهي ۾ ٻه ملاح هوندا، هڪ هوڙهو هلائيندو ۽ ٻيو ٽامي جو ٿالهه جهلي ويهندو. پوءِ هوڙِهن جا ملاح هڪ ٻئي کي هوڪاريندا ۽ ٽامي جي ٿالهه تي ڌڪ ڌڪ ڪندا. مڇيون ان آواز تي ٽاهه کائي رڇ جي پاسي ڀڄنديون ۽ ان ۾ ڦاسي پونديون.“

        ”ڀلا هتي جيڪا اها مڇي مري ٿي، اها هت ئي وڪامندي هوندي؟“ آئون پڇان ٿو.

        هتي جيڪا مڇي مري ٿي، اها سڀئي بوبڪ کڻي وينداآهن، جتان اهاملڪ جي جدا جدا حصن ڏانهن ويندي آهي،“ مولوي جواب ڏي ٿو.

        ”بوبڪ نالو به ته عجيب آهي،“ ع.ق. شيخ چوي ٿو.

        ”بوبڪ نالو ان ڪري پيو آهي“، تاج صحرائي وضاحت ڪري ٿو.“ ڇاڪاڻ ته هن ڍنڍ جي مڇي جڏهن اتي پهچندي آهي شام جو ته ماڻهن جا ميڙ اچي ڪٺا ٿيندا آهن. پوءِ مڇيءَ تي ٻولي لڳندي آهي، جنهن ڪري چئني پاسن کان پيا آواز ايندا. ٻيو ته گهڻي مڇيءَ جي ڪري اتي بوءِ به ڏاڍي هوندي آهي. تنهن ڪري.....“

        ”ان جو نالوئي بوبڪ رکيو ويو آهي“. جويو صاحب مرڪندي تاج صحرائيءَ جي جملي کي پورو ڪري ٿو ۽ اسين سڀئي کلون ٿا.

        ”سائين، اوهان اهو ٽوٽڪو ٻڌو آهي جنهن ۾ مڇي مُلي جي جان بچائي ٿي؟“ مولوي اسان کي مرڪندي ڏسي پڇي ٿو.

        ”نه مولوي صاحب نه.“ ع.ق. شيخ چوي ٿو.“ اسان کي به ته ٻڌاءِ“،

        ”سائين، هڪڙي ڀيري جي ڳالهه آهي ته هڪڙو مُلو گهمندو ڦرندو اهڙي هنڌان لنگهيو، جتي هڪهڙو سنياسي ڌيان گيان ۾ ويٺو هو“. مولوي سونهاريءَ جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي ڳالهه شروع ڪئي. ”سنياسيءَ کي اهڙي حالت ۾ ڏسي مُلي تي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ هن پنهنجيءَ دل ۾ چيو ته ان همراهه کان آئون ضرور ڪي نه ڪي پرائيندس. اهو سوچي مُلو سنياسيءَ جي ويجهو ويو ۽ هن کان حال احوال وٺڻ لڳو. سنياسيءَ ٻڌايس ته ڀائو آئون هڪ فقير آهيان ۽ ڪوشس ڪندو آهيان ته هت جيڪي ساهوارا آهن انهن سان مٺ محبت ۽ ميل ميلاپ سان رهان. اهو ٻڌي مُلي چيس ته اها ته تمام ڀلي ڳالهه آهي، مون کي اهڙين ئي ڳالهين جو شوق آهي ڇا لاءِ ته هڪڙي ڀيري هڪڙي مڇيءَ منهنجي جان بچائي هئي. اهو ٻڌي سنياسي وائڙو ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته مون ته سڄي زندگي اجائي وڃائي ڇڏي، ٿورا ڏينهن گڏ رهڻ کان پوءِ سنياسي مُلي کي ليلايو ته هاڻي پاڻ يار ٿي ويا آهيون. ان ڪري تون مون کي مڇيءَ واري ڳالهه کولي ٻڌءِ ته تو اهو ڪمال ڪيئن حاصل ڪيو؟  مُلو ڳالهه کي لنوائي چوڻ لڳو ته آئون توکي ڳالهه ته ضرور ٻڌائيندس، پر ان مان توکي ڪو فيض رسندو به يا نه. پر سنياسي اصل نه ڇڏيس. مُلي لاچار ٿي چيس ته پوءِ ٻڌ. مڇيءَ منهنجي زندگي برابر بچائي هئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت مون وٽ کائڻ لاءِ ڪابه شيءِ نه هئي“.

        ”واهه مولوي صاهب واهه، توکي ته ڏاڍا ٽوٽڪا ياد آهن“. آئون خوش ٿي چوان ٿو.

        ”ڀلا اهو مُلو تون ته نه هئين؟“ ع.ق. شيخ ٽوڪ ٿو هڻي.

        ”نه سائين! آئون ته مولوي آهيان. مُلو ڪونه آهيان“،  مولوي کلندي جواب ڏي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org