بامراد- مراد
علي
مرزا
نور اظہر جعفری
اپنے
علاوہ میں
دو ایسے
لوگوں
کو جانتا ہوں
جن کے
پیروں
کے
نیچے
زمین
کبھی
ختم نہ ہوئی۔
ایک
سکندر بلوچ اور دوسرے
مراد علی
مرزا۔ اتفاق ایسا
ہے
کہ دونوں
تقریباً
ایک
ہی
محلے
میں
رہتے
تھے۔
اب بھی
شاید
ایک
جگہ ہی
رہتے
ہیں۔
ان کا محلہ
ٹنڈو
آغا تھا، پھلیلی
نہر کے
کنارے
ایک
بہت مضبوط سندھی
ثقافت کا زرخیز
محلہ۔ مراد علی
مرزا، سکندر بلوچ اور میری
قدرِ مشترک تھی
پیدل
چلنا اور میلوں
چلنا ، دونوں
حضرات صبح سویرے
ٹنڈو
آغا سے
صدر ،جہاں
ریڈیو
اسٹیشن
ہے،
پیدل
آیا
کرتے
تھے
اور میں
اپنے
زمانے
میں
لطیف
آباد نمبر 8 سے
یہاں
پیدل
آتا تھا۔ واپسی
کا بھی
یہی
معمول تھا۔ مراد علی
مرزا
Slim
فگر کے
مالک تھے
اور ان میں
اور مجھ میں
یہ
بھی
ایک
قدرِ مشترک تھی۔
مگر وہ مجھ سے
بھی
زیادہ
دبلے
تھے۔
ایک
بات ان میں
اور سکندر بلوچ میں
مشترک
یہ
بھی
رہی
کافی
عرصے
کہ دفتر کا وقت ختم ہونے
کے
بعد
یہ
حضرات گھر روانہ ہو جاتے
تھے۔
بعد میں
Port Folio
کی
تبدیلی
کی
وجہ سے
سکندر بلوچ کے
معمول میں
بے
قاعدگی
ہوئی،
مگر مرزا صاحب کا معمول نہ بدلا۔ موسمِ گرما میں
ننگے
سر اور سردیوں
میں
ایک
خاکی
P-Cap
لگایا
کرتے
تھے۔
شروع کے
زمانے
میں
65-1964ع
سے
کافی
عرصے
تک تو میں
نے
انہیں
صرف شرٹ-
Bush shirt
اور پتلون پہنے
دیکھا۔
بعد میں
وہ شلوار قمیض
بھی
پہننے
لگے
تھے
اور وہ اکثر پہنتے
تھے۔
1964 میں
جب میں
ریڈیو
میں
آیا
تو اللہ بخش شاہ بخاری،
خواجہ امداد علی،
پیر
اسحاق سرہندی،
مراد علی
مرزا، حسن ذکی
کاظمی،
محمود صدیقی
(بعد میں
اضافہ) اور بہت سے
کلیگ
تھے۔
علی
محمد چھاگلہ اسٹیشن
ڈائریکٹر
تھے۔
میں
نے
مراد علی
مرزا صاحب کو اوپر کی
منزل میں
بیٹھے
دیکھا
تھا حسن ذکی
کاظمی
صاحب کے
ساتھ۔ حسن ذکی
کاظمی
پروگرام آرگنائیزر
تھے
جو اب سینیئر
پروڈیوسر
کہلاتے
ہیں
اور اسی
کمرے
میں
مراد صاحب بھی
بیٹھا
کرتے
تھے۔
ان کے
سامنے
اکثر اسکرپٹ
رائیٹر،
یا
مقرر حضرات تشریف
رکھتے
تھے
اور قائدہ
یہ
تھا اسکرپٹ
پہلے
پروڈیوسر
Vet
کرتا تھا پھر وہ پروگرام آرگنائیزر
کو مارک کرتا تھا۔ وہاں
سے
وہ اسسٹنٹ
ریجنل
ڈائریکٹر
اور پروگرام مئنیجر
تک جاتے
اور
Approve
ہوتے
تھے۔
اس کے
بعد براڈکاسٹ
ہوتے
تھے۔
اس دوران قطع وبُرید
ہوتی
اور پھر مقرر سے
گذارش کی
جاتی
کہ جو کچھ قلمزد کردیا
گیا
ہے
وہ نہ پڑھیں۔
وہ
Live Broadcast
کا زمانہ تھا۔
مراد علی
مرزا تمام وقت پڑہتے
رہتے
تھے،
خصوصاً انگلش لٹریچر۔
ان کے
پاس ہر وقت کتاب ہوتی
تھی۔
جتنی
دیر
اسکرپٹ
نہ دیکھتے
(کیونکہ
اس وقت ریکارڈنگ
شروع نہیں
ہو/ی
تھی)
تو وہ کتاب پڑھتے
رہتے
اور کتاب پڑھتے
ہوئے
وہ
یوں
لگتے
تھے
جیسے
ایک
ٹیچر
ابھی
کلاس لے
کر آیا
ہے
اور اب سستا رہا ہے۔
بہت عمیق
ان کا مطالعہ تھا اور اردو، انگریزی،
سندھی
تینوں
زبانوں
پر اچھی
دسترس رکھتے
تھے۔
یہ
میرا
پہلا تعارف ان سے
تھا۔ میں
کیونکہ
فوجی
پروگرام جو حیدرآباد
سے
نشر ہوتا تھا، اسکا اسکرپٹ
لکھتا تھا، اور اسکی
کمپیئر
فہمیدہ
ریاض
زبیری
تھیں
جو اب معروف شاعرہ فہمیدہ
ریاض
ہیں
اور انکی
بہن نجمہ ریاض
بھی
بعد میں
یہ
پروگرام کمپیئر
کرتی
رہیں۔
پھر
یوں
اس کمرے
میں
میرا
آنا جانا رہتا تھا اور مراد صاحب سے
ملاقات رہتی
تھی۔
اسکے
بعد پھر
ڈرامے
کا دور آیا۔
سندھی
ڈراما
مراد علی
مرزا صاحب کو ملا۔ ممتاز مرزا بھی
بعد میں
ریڈیو
میں
آگئے
تھے
وہ دور خواجہ امداد علی،
مظفر حسین
جوش، منظور نقوی،
محمد خان غنی
کا تھا۔ بینش
سلیمی،
قاصد عزیز
(بعد میں)
کا بھی
یہی
دور تھا اور
یوں
مراد صاحب کے
ارد گرد بھی
سندھی
اور اردو کے
پڑھنے
کیلئے
لوگوں
کا ایک
معقول دائرہ تھا۔ حمایت
علی
شاعر اور شہر کے
تمام پڑھے
لکھے
لوگوں
سے
مراد علی
مرزا صاحب کے
گہرے
ذاتی
مراسم تھے
اور
یوں
ریڈیو
کے
ماحول میں
اللہ بخش شاہ بخاری
اور مراد علی
مرزا صاحب دو ایسی
شخصیات
تھیں
جو بہت معتبر حیثیت
کے
مالک تھے۔
مراد صاحب نے
ڈاکیومینٹریز
بھی
بہت پروڈیوس
کیں
اور خوش قسمتی
یہ
ہے
کہ انکی
90 فیصد
ڈاکیومینٹریز
میں
راوی
میں
ہی
رہا۔ اس طرح مجھے
ان کو بہت قریب
سے
دیکھنے
کا موقع بھی
ملا۔
مراد علی
مرزا صاحب کا ایک
خاص پروگرام 'شاہ لطیف
جی
محفل' تھا۔
یہ
اردو سندھی
کا ملا جلا پہلا پروگرام تھا جس میں
شاہ کا کوئی
بیت
سندھی
میں
سید
صالح محمد شاہ پڑہتے
اور ساتھ ہی
اُسی
آہنگ میں
اسکا اردو ترجمہ میں
پڑہتا۔
اسکے
بعد شاہ کے
اس بیت
اور اس سُر کا تھوڑا
سا بیان
میری
ہی
آواز میں
ہوتا تھا۔
یہ
پروگرام بعد میں
غلام حسین
شیخ
نے
بھی
کیا۔
مراد صاحب ظاہری
وضع قطع کے
لحاظ سےبہت
سخت نظر آتے
تھے
مگر شاید
ناریل
سے
تشبیعہ
دینا
ٹھیک
رہے
گا۔ کیونکہ
انکے
پاس علم کے
پیاسوں
کے
لئے
میٹھا
پانی
بھی
تھا ، اور میٹھے
کھوپرے
جیسے
معلومات بھی۔
محمود صدیقی
اور مراد علی
مرزا صاحب کے
درمیاں
چشمک ادبی
ایک
عجیب
رنگ کی
تھی،
صدیقی
صاحب زبان جُھٹ
ہیں،
مراد علی
مرزا صاحب بہت قرینے
والے
انسان تھے
اور ادب پہلا قرینہ
ہے
دنیا
میں
جینے
کے
لئے
کے
قائل تھے
لہٰذا ان کا جواب مدلل اور ادبی
ہوتا تھا۔ ریڈیو
میں
یہ
ہوتا ہے
کہ آپ میں
سے
ہر ایک
کا ایک
دائرہ ہے
جس کے
سلسلے
دوسرے
سلسلوں
سے
ملتے
ہیں۔
یوں
مراد علی
مرزا صاحب اور سکندر بلوچ کے
درمیان
ایک
تعلق-صدیقی
صاحب کا بیان
کرچکا ہوں۔
الہ بخش شاہ بخاری
کا بھی
ذکر ہو چکا، ایک
شخصیت
خواجہ امداد علی
اور مراد علی
مرزا صاحب کے
دوران بھی
ایک
دلچسپ معرکہ آرائی
پروفیشنل
چلتی
رہتی
تھی۔
خواجہ صاحب میوزک
میں
نام رکھتے
تھے
اور گیتوں
بھری
کہانیاں
پروڈیوس
کرنے
میں
مہارت تھی
۔
تو
یوں
اگر میں
مراد علی
مرزا صاحب کی
شخصیت
کا احاطہ کروں
تو
یہی
کہہ سکتا ہوں
کہ وہ ایک
ایسی
شخصیت
تھے
جن سے
ارد گرد کے
لوگوں
کو پروڈکشن
سیکھنے
کا موقع ملتا تھا۔معلومات حاصل ہوتی
تھیں۔
علم و ادب کا سراغ ملتا تھا۔ وہ مزار پر جلتا ہوا
دیانہیں
تھے
بلکہ بزبان انگریزی
Lamp Post
تھے۔
خدا ان پر رحمت کرے۔
روح جي سونهن امرتا ماڻي ٿي
شبنم گل
مون کي ٻار وڻن ٿا. ٻارن ۾ زندگي، هلچل ۽
خوشي آهي. پر ساڳي وقت مون کي پوڙها ماڻهو به بي
اختيار پاڻ ڏانهن ڇڪن ٿا (جن کي مان الڳ تفريق جي
خانن ۾ ورهائڻ نه ٿي چاهيان) پوڙهائپ ۾ هڪ عجيب
سحر آهي. حالانڪه منهنجي هڪ ماهر نفسيات سهيلي
چوندي آهي ته پوڙها مرد، جوانن کان وڌيڪ خطر ناڪ
ٿين ٿا. هوءَ نفسياتي ماهر آهي ان ڪري سندس ڳالهه
۾ ضرور ڪو وزن هوندو. مون کي ڪراڙن جي ذات جي
سنجيدگي، ڏاهپ ۽ وجدان وڻي ٿو. اها حقيقت آهي ته
چاليهه سال پورا ٿيڻ بعد سوچ جو انداز بدلجي وڃي
ٿو. مرد وڌيڪ رومينٽڪ ۽ عورتون زندگيءَ کان بيزار
نظر اينديون آهن. عورت جي عمر وڌي ٿي ته سندس ضد ۽
انگل به وڌي وڃن ٿا، جيڪي خوبيون ٻارن ۾هونديون
آهن.
مراد علي مرزا جي شخصيت جو سڀاءُ ۽
سنجيدگي متاثر ڪندڙ هئا. جڏهن يادگيرين تي مشتمل
ڪتاب ’منهنجو سورج مکي‘ جي مهاڳ لکرائڻ لاءِ چاهيم
ته منهنجي ذهن ۾ مراد علي مرزا ۽ وليرام ولڀ جو
نالو ذهن ۾ آيو. ان وقت مراد علي صاحب مصروف زندگي
کي الوداع چئي چڪا هئا. اهڙو ڪوبه ماڻهو جڏهن وڃي
ڪنڊ وسائيندو آهي ته مان کيس ضرور وڃي ڳولهي لهندي
آهيان. 1986ع ۾ ريڊيو تي پروگرام ڪندي هيس جڏهن ته
مڪليءَ مان حيدرآباد پروگرام ڪرڻ لاءِ ايندي هيس
ان ڪري جلد ئي واپس هلي ويندي هيس. ڪڏهن ماروي
هاسٽل مان اچي پروگرام ڪندي هيس. ان ڪري پروگرام
ختم ڪري جلد ئي واپس وڃڻو پوندو هو. پروگرام
مينيجر جي حيثيت ۾ مراد صاحب 1989ع ۾ رٽائر ٿيا
هئا. ان کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن هو ڪنهن پروڊيوسر جي
ڪمري ۾ نظر ايندا هئا. اڪثر پينشن وٺڻ لاءِ ريڊيو
تي ايندا هئا، يا ڪڏهن وري ريڊيو يا شهر ۾ ٿيندڙ
محفلن ۾ هو مون کي نظر آيا. پر ساڻس تفصيلي ڪچهري
ان ڏينهن ٿي، جڏهن مان ڪتاب جو مسودو کڻي سندس گهر
وئي هيس. اشتياق ۽ ٻار به مون سان گڏ هئا. سچي
ڳالهه ته اها آهي ته سندس رهائش وارو هنڌ ٽنڊو آغا
الاءِ ته ڇو مون کي خاموش ۽ پراسرار علائقو لڳو.
منهنجي حساسيت رڳو روين تائين محدود نه آهي، بلڪه
مان زمين جي ڇڪ کي محسوس ڪندي آهيان. زمين جي
چؤڌاري ماحول ۽ فضا جو مخصوص اثر ٿئي ٿو. اها زمين
زرخيز آهي يا وارياسي آهي. ٻنهي حالتن جو الڳ اثر
آهي. ان علائقي ۾ ڪهڙي مزاج جا ماڻهو رهن ٿا. ان
زمين تي ڪهڙا واقعا ٿيا آهن. جنهن کي مان محسوس
ڪري وٺندي آهيان. ان ڪري اڪثر ڪن علائقن جي خاموشي
مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي. اهو ئي اثر مراد
صاحب جي شخصيت ۾ هو. زمين جو نج پڻو، سادگي ۽
زرخيزي سندس ذات مان جهلڪندا هئا. مون کي اهو تاثر
اڄ به ياد آهي ته ڪئين گهٽين مان ٿيندا سندس گهر ۾
داخل ٿيا هئاسين ته هڪ خاموش ۽ ننڊاکڙي هوا جي
جهوٽي اسان جو استقبال ڪيو هو. هڪ قديم گهر پنهنجي
ساهن ۾ ماضيءَ جون انيڪ ڪهاڻيون سانڍي بيٺو هو.
مون کي پراڻا گهر وڻندا آهن. اهي گهر جن ۾ پينگها
هوندا آهي، جن جون ڇتيون اوچيون هونديون آهن. جتي
جي خاموشي به ڳالهائيندي محسوس ٿئي ٿي، ان گهر ۾
مراد صاحب پنهنجي گهرواري رحمت النساء سان اڪيلو
رهندو هو. ڌيئن خير النساء ۽ زاهدا جي شادي ٿي وئي
هئي. سندس پٽ منظور مراد ڪراچي ۾ رهندو هو. جڏهن
انسان پيرسن ۽ اڪيلو ٿئي ٿو ته هن جي شخصيت ۾ هڪ
عجيب دلڪشي پيدا ٿي پوي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو
پيرسني مون کي وڻي ٿي. هڪ طرف ٻارن جي زندگي ۽
هلچل آهي ته ٻئي طرف خفيف خاموشي، جهڪا جهيڻا ساهه
۽ ماضيءَ جا پيچرا آهن. ٻار حال ۾ جيئي ٿو. ٻار
ماضي ياد نه ڪندا آهن پکين وانگر نه ئي کين مستقبل
جو اونو هوندو آهي. ساڳيءَ ريت ڪراڙا ماڻهو مستقبل
بابت نه سوچيندا آهن. هو فقط ماضيءَ ۾ پناهه وٺي
جيئندا آهن. ماضيءَ ۾ رهڻ وارا ماڻهو به مون کي
متاثر ڪن ٿا. سو ان ڏينهن مراد علي مرزا اسان کي
پنهنجي گهر ۾ ڏسي ايترو خوش ٿيو هو. جنهن کي لفظن
۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. جنهن وقت هن دروازو کوليو
هو ته سندس چهرو ڦِڪو ۽ بي جان محسوس ٿيو هو پر
جڏهن گفتگو جي شروعات ٿي ته مون محسوس ڪيو ته ٿوري
ئي دير ۾ سندس چهري تي زندگيءَ جو گلابي رنگ جرڪڻ
لڳو ۽ اکين ۾ ويساهه جا ڪرڻا...
جديد دور جو انسان پنهنجي ذات ۾ اڪيلو ۽
ويڳاڻو آهي. جئين ئي انسان ميڙ مان نڪري پس منظر ۾
هليو وڃي ٿو ته هن جي زندگيءَ جو ڏکيو مرحلو شروع
ٿي وڃي ٿو. مراد صاحب مون کي مهاڳ لکي ڏنو ۽ هڪ
ڀيري فون تي مون کي چيائين ته کيس ٻيهر لکڻ جو
اتساهه مليو آهي هو به ڪا منفرد تحرير لکڻ گهري
ٿو. جنهن جو خاڪو هن جي ذهن ۾ آهي. هن ان اُتساهه
جو سبب ”منهنجو سورج مکي“ ڪتاب کي ڄاڻايو.
ٻئي دفعي جڏهن مراد صاحب سان ملڻ وياسين
ته ڀاڄائي رحمت ۽ مراد صاحب سان ڊگهي ڪچهري ٿي.
گهر ۾ مراد صاحب وٽ مون بيش بها ڪتاب ڏٺا. ڪتاب جو
شوق ۽ چاهه به انسان کي جيئرو ۽ متحرڪ رکي ٿو.
ڪتابن ۾ انيڪ دنيائون قيد آهن، جيڪي هر صفحي
اٿلائڻ سان کلنديون وڃن ٿيون. منظر ۽ ماحول بدلجي
وڃن ٿا. انسان حال مان نڪري تصوراتي دنيا ۾ پهچي
وڃي ٿو جتي لفظ ته ليکڪ جا آهن پر تخليقي تصور
پڙهندڙ جو شامل رهي ٿو. پڙهندڙ به تخليق جو حصو
آهي لفظن جي آڌار تي تصور جا چٽ چٽڻ به تخليقي عمل
آهي. پر هر سٺو پڙهندڙ سٺو لکندڙ نه ٿو ٿي سگهي.
تحرير، مشق جي محتاج آهي. اهو به رياضيءَ جي حساب
وانگر آهي. جنهن ۾ جوڙ، ڪٽ، ونڊ ۽ ضرب جو حساب
ڪتاب اچڻ ضروري آهي. لکڻ لاءِ به لفظن جي تورتڪ ۽
گهاڙيٽو ذهني مشقون آهن. لفظن جي جوڙجڪ، بيهڪ ۽
اختصار به مستقل مشق جو محتاج آهي. مراد صاحب به
ڪتاب سان محبت ڪندڙ انسان هو. ڪجهه ڪتاب دٻن ۾ بند
هئا. انگريزي جا ڪجهه ڪتاب مون کي ڏنائين، هن وٽ
ڪتابن جو هڪ سٺو ذخيرو موجود هو. ڪاش مشغلا به
مورثي بيمارين وانگر نسل در نسل منتقل ٿيندا هجن
ها. ائين هڪ نسل جي ڄاڻ ۽ ذهني وسعت ٻي نسل تائين
منتقل ٿيندي رهي ها. جڏهن ڪه ٽي. ايس. ايليٽ
پنهنجي هڪ مضمون ۾ چيو آهي ته هر نئون نسل پراڻي
نسل جو ورثو سنڀالڻ بدران، ان ۾ جدت پيدا ڪرڻ جي
ڪوشش ڪري ٿي. اهي ساڳيا لاڙا، وجدان ۽ رويا پسند
نه ٿي ڪري. شايد اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي معاشرتي
تاڃي سٽي ۾ نيئن نسل پراڻي طور تي گهٽ متحرڪ نظر
اچي ٿي. مون کي قديم شيون وڻن ٿيون جيڪي جٽادار
آهن. اهي رويا هجن، ثقافتي ورثو هجي يا رهڻي ڪهڻي
هجي. اهو ئي ڏک مون کي مراد صاحب جي چهري جي
تاثرات ۾ نظر آيو. دور جي بدلجي وڃڻ جو ڏک. جڏهن
شيون خالص نه رهن ۽ انهن ۾ جديديت جي ملاوٽ ٿيڻ
لڳي. ائين اهي سطحي ۽ عارضي ٿي پون. ڀاڄائي رحمت
به سِڪ ۽ اڪير مان ملندي هئي. مراد صاحب وانگر
ڀاڄائي رحمت پاڻ به هڪ سڌي سادي ۽ سٻاجهي خاتون
آهي. ساڳيو خلوص ساڳي محبت جيڪا مراد صاحب جي
شخصيت جو اهم حصو هئي.
هڪ دفعي مراد صاحب چيو هو ته رحمت مڇي سٺي
پچائيندي آهي پاڻيءَ ۾ بوائل ڪري. ڪڏهن توهان کي
کارائبي. ان کان پوءِ اتفاق اهڙو ٿيو جو مراد صاحب
سان رابطو گهٽجي ويو. ڪجهه سال اڳ سندس ڌيءَ
خيرالنساء گذاري وئي. جنهن جي مرتئي کان پوءِ مراد
صاحب جي دل جي جوت ڄڻ وسامي وئي. ڳالهائيندي
ڳالهائيندي چُپ ٿي ويندو هو. يا ڪڏهن ويٺي ويٺي هڪ
ڊگهو ساهه کڻندو هو. هن جي زندگيءَ جو خلا اونهو
ٿي ويو هو. پيءُ کي ڌيءَ سان هڪ روحاني لڳاءُ ٿئي
ٿو. پيءُ لاءِ ڌيءَ جو وجود ٿدي ڇانوَ سمان آهي.
ان کان پوءِ مراد صاحب جو وجود هڪ گِهري خاموشيءَ
۾ ويڙهجي ويو هو. هيءَ اها ڪيفيت آهي جيڪا ذات کي
عرفان عطا ڪري ٿي. ڪيترا سال اڳ جڏهن موت کي آپا
سردار مشڪور حافظ ملي هئي ته اسان جي عمرن ۾
نمايان فرق هو. شايد پنجويهه سالن جو فرق هو. هن
جي ذات جي چؤڌاري به خاموشي، ڏاهپ ۽ وجداني ڪيفيت
جو حصار محسوس ٿيندو هو. ڳالهيون سمنڊ جهڙيون
گهريون ۽ انهن جي وقفي ۾ گهرا ٿڌا ساهه. جن کي
محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هيس. هڪ ڏينهن ڪنهن کيس
چيو ته شبنم سان تنهنجي دوستي عجيب ٿي لڳي. ته
جواب ڏنو هئائين ”روح جي ڪا عمر نه ٿيندي آهي.“
پوڙهن ماڻهن سان منهنجي ننڍپڻ کان دوستي
رهي آهي. جن وٽ ماڻهو ويهڻ کان لنوائيندا آهن. يا
انهن کي بوجهه سمجهندا آهن. پر اُهي منهنجي لاءِ
لوڪ ورثي جو املهه حصو رهيا آهن. هنن جي سادگي،
سچائي، پردليون ۽ محاورا مون کي سدائين تصور جي
طاقت عطا ڪندا هئا. پنج هزار سالن جي ورثي جي
طاقت. توهان انهن ماڻهن جي خاموشيءَ کي محسوس ڪيو
ته ائين لڳندو تصور جي دنيا جي بند دري کُلندي پئي
وڃي. مراد صاحب هڪ ڏينهن گهر آيو ته طارق عالم
ابڙو ۽ نصير مرزا ساڻ هُيس. تمام گهڻو خوش هو.
ناول ڏيڻ آيو هو.جيڪو شاهه لطيف تي لکيو هئائين.
مراد صاحب جي اکين ۾ هڪ سڪون هو. پنهنجي پسند جي
منزل پائڻ وارو سڪون. جنهن جو اظهار هن گهڻو اڳ
مون سان ڪيو هو. ”ڪاش! مان به ”منهنجو سورج مکي
جهڙي ڪا تحرير لکي سگهان!“ يا سندس اهو چوڻ ته مون
کي توهان جي لکڻ جي ڏانءُ سان رِيسَ محسوس ٿئي ٿي.
سندس اها خواهش پوري ٿي. ان ڪتاب مڃتا ماڻي. کيس
ايوارڊ مليا ۽ خوشي ان ڳالهه جي آهي ته کيس مڃتا
زندگيءَ ۾ ملي. مون کي اهو چوندي وڌاءُ نه ٿو
محسوس ٿئي ته مون کيس تخليقي سوچ جو هڪ محور عطا
ڪيو هو. ۽ انهن ڏينهن ۾ هن پنهنجون لکيل سموريون
وکريل اڌوريون تحريرون ٻيهر گڏ ڪري ورتيون هيون.
مان به هيمنگوي جي لاخاني ڪردار سنتياگو وانگر
سوچيان ٿي ته ماڻهو تباهه ته ٿي سگهي ٿو پر هو
ناقابل شڪست آهي. وقت سان جسم جُهري سگهي ٿو پر
ذهن رُڪ جيان مضبوط رهي ٿو. ساڳي ڳالهه مراد صاحب
جي خاموشي ۾ هئي. ڳالهين جي وقفي ۾، ان خاموشيءَ
دوران سندس ڪيفيت محسوس ٿي ويندي هئي. راحيله بلوچ
(سحر امداد جي ڀيڻ) منهنجي ويجهي دوست به آهي ته
ڪوليگ به. اڪثر پنهنجي پڦي زينب جون ڳالهيون
ٻڌائيندي هئي. جيڪا ڳوٺ ۾ رهندي هئي جيڪا ڪڏهن اچي
هن وٽ ترسندي هئي. هڪ ڏينهن هڪ ننڍڙو پنو آڻي
ڏنائين. ان ۾ لکيل هو ”تنهنجون تحريرون پڙهندي
آهيان. من کي موهينديون آهن. مان تنهنجي نالي کي
مختلف انداز سان سوچيندي آهيان. گلِ شبنم هجي ها
ته ڪيڏو نه سٺو لڳي ها.“
مون کي سندس سوچڻ جو انداز گهرو محسوس ٿيو. اها ئي
خوبي اسان جي وڏڙن ۾ آهي ته هو تعلق جي سونهن کي
محسوس ڪندا هئا. رابطي جي نوعيت هنن لاءِ اهم هئي.
سوچيندي رهيس ته زينب سان ملڻ ويندس. پر ملڻ جي
حسرت رهجي وئي. هوءَ به اڪيلائين ۽ عمر جي سختين
کي سهندي وڃي خالق حقيقي سان ملي. مون به ڪيئي
ڀيرا مراد صاحب جي خاموشيءَ سان ڳالهايو هوندو.
خاموشي جڏهن خاموشيءَ سان همڪلام هجي ته
الهامي ڪيفيتن کي رستو ملي وڃي ٿو. محسوس ڪرڻ جي
اها سگهه مون کي اڳ نه هئي.پر جئين ئي مون چاليهن
سالن جو ڏاڪو ٽپيو ته ڪيتريون ئي لڪل حقيقتون پاڻ
مرادو سامهون اچڻ لڳيون. چهرا ڪتاب لڳڻ لڳا ۽ لهجن
جو پس منظر پاڻ مرادو سمجهه ۾ اچڻ لڳو. توڙي جو
عمر خوبصورتي ۽ تازگي کسي وٺي ٿي. پر ذهن ۽ روح جي
سونهن امرتا ماڻي ٿي. مون کي اڄ به مراد صاحب جي
گهر جو اهو پهريون تاثر ياد آهي، جيڪو پهريون دفعو
گهر ۾ داخل ٿيڻ سان مون کي محسوس ٿيو هو. انسان
هليو ٿو وڃي پنهنجو ۽ گهر ۽ پاڙو ڇڏي، پر سندس
وجود جو تاثر ۽ اندر جي ’قوت‘ فضائن ۾ گردش ڪندي
رهي ٿي. هڪ احساس جي سگهه ۽ تخليقي ورثو جيڪو
ايندڙ نسلن لاءِ اُتساهه جو سبب بڻجي ٿو.
جُهڙ ۾ جهيڻي باهڙي
اڪبر سومرو
[You are not a drop in the ocean; you are the
entire ocean in a drop -Rumi]
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مراد صاحب جي
ڪمري ۾ کِنگهي چانهه جا مسلسل ملندڙ ڪَپ، جنهن
جهڙي چانهن مولانا جي به پسند هوندي هئي، ۽ سندس
خوبصورت ڪچهري وسارڻ جهڙي ڪانهي.
مراد صاحب انتهائي نهٺو ۽ نرم مزاج ماڻهو،
غرور ۽ هَٺ کان ڪوهين دور، هڪڙو دلبر ماڻهو ۽
پيارو دوست هئو، جنهن جون ڳالهيون ۽ مزاج ياد ڪندي
اکين جا ڇپر ڇَلڪي ٿا پون.
هونئن مرڻو ته سمورن کي آهي، زندگيءَ ۾
اچڻ جو مقصد به سدائين جيئڻ ته ڪونهي پر ماڻهوءَ
جي ڪيل تخليق ۽ سندس مزاج جي خوشبوءَ سدائين
واسجندي رهي ٿي ۽ اهڙيءَ طرح ماڻهو مريو به جيئرو
رهي ٿو!
اسين سڀ هڪ ڏينهن يادگيريءَ ۾ تبديل ٿيڻا
آهيون. ڪڏهن ڪنهن اهو سوچيو آهي ته، ماڻهو ڪيڏانهن
پيا گم ٿيندا وڃن؟ ماڻهو ڪيڏانهن به نه پيا وڃن،
اهي دراصل خوشبوءِ ۽ بدبوءِ ۾ تبديل پيا ٿين!
جاندار ته ٺهيو بي جان شيون به سدائين
ساڳيءَ حالت ۾ نٿيون رهن. جيڪو ٿانؤ جڙيو آهي سو
هڪ ڏينهن ڇڄڻو ڀُرڻو به آهي، هر شيءَ کي جُوڻ
مٽائڻي آهي، چولا بدلائڻو آهي پر يادگيري اهم آهي.
مراد علي مرزا صاهب هڪڙو پڙهيو، لکيو
ماڻهو هئو، جنهن وٽ زندگيءَ جي باري ۾ زبردست قسم
جو
Wisdom
ترقي پسند ۽ سائنسي سوچ هئي. مون هن کي هميشه سٺي
۽ فضيلت واري موڊ ۾، اٿندي ويهندي ۽ ڳالهائيندي
ڏٺو، هميشه کيس سُٺا ڪتاب پڙهندي ڏٺو ۽ هن جو هر
ڏينهن گهڻو ڪري هن ريت ٿي گذريو:
Just for today, I will not anger,
Just for today, I will not worry,
Just for today, I will be grateful for all my
blessings!
Just for today, I will work honesty and
integrity,
Just for today, I will be kind enough to all
living beings!
مون کيس ڪڏهن به ڪاوڙ جندو، رُسندو ۽ خفا
ٿيندي نه ڏٺو، جيڪڏهن سندس طبيعت ۽ مزاج کي ڪا
ڳالهه نه آئڙي ته چهري تي ناگواريءَ جو احساس به
رڳو ڪِن گهڙين لاءِ ايندو ۽ پوءِ ٻئي ئي لمحي هو
بلڪل نارمل ٿي ويندو ۽ ويٺو کِلندو.
ڪنهن به دوست سان ڪنهن خيالن جي بحث
مباحثي ۾ هو نيٺ چوندو: ’بابا! واڱڻ ڪنهن کي وائي
ته ڪنهن کي بادي، هاڻ ڇا ڪبو؟‘ ته ڳالهه ختم.
ڪاميو (Albert
Comus)
جي ناول ’پليگ‘ ۾ شهر کي ڳولڻ ۽ دريافت ڪرڻ لاءِ
هن لکيو آهي: ”ڪنهن به شهر کي دريافت ڪرڻ جو
بهترين طريقو هيءُ سمجهڻ هوندو آهي ته ان شهر جا
ماڻهو ڪيئن ڪم ڪندا آهن، ڪيئن پيار ڪندا آهن ۽
ڪيئن مرندا آهن!“ مراد علي مرزا صاحب 1929ع جي
حيدرآباد ۾ ڄائو جڏهن انگريزن جي حڪومت جو اوج هئو
۽ هن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ انگريزن برصغير ڇڏيو.
يقيناً مراد صاحب حيدرآباد شهر جا اوج به ڏٺا
هوندا. منگهن واري ان شهر جا روڊ رستا، ٿڌي سڙڪ جي
ٻنهي ڪنارن راڻي باغ تائين گهاٽن وڻن جون قطارون
به ڏٺيون هونديون. ڦليليءَ جا وهڪرا ۽ ڪنارا ڏٺا
هوندا، ۽ پوءِ ورهاڱي بعد بدلجندڙ حالتون ۽ شهر جي
مختلف صورتحال به
Observe
ڪئي هوندي. ڦليلي جي ڪناري پوکيل انبن جي وڻن ۾
چَتُن جا ٻچا ۽ چانهه پکي ڏٺا هوندا، شهر ۾ مور
ڏٺا هوندا. پر ورهاڱي بعد حيدرآباد جا مور ۽ وڻ
ڪسجي، ڪپجي ۽ وڍجي ويا! هاڻ ته پاليوٽيڊ شهر آهي
جنهن جي ڀرسان وهندڙ کير ڌارائن جهڙا چئنل ۽
ڦليليءَ ۾ شهر جو گند ۽ گونهن پوندو ٿو رهي ۽ هوا
گاڏين جي دونهين سان زهريلي آهي. منکهن وارو اهڙو
پيو شهر مون بلوچستان جي چاغيءَ ۾ گردي جنگل جي
نالي سان اوڏڪين ڀتين ۽ ڪڇين سِرن سان ٺهيل ڏٺو،
جتي افعان پناهه گيرن اچي واسو ڪيو آهي. |