سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:30 

ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا

عمر قاضي

        منهنجي ان ڪيفيت کي يا ته مان محسوس ڪري سگهان يا منهنجو دوست نواز احمد! منهنجي اها ڪيفيت، جنهن ڪيفيت سان مان اهي لفظ لکي رهيو آهيان ته ”هڪڙو هيو مراد“ جڏهن ته حقيقت اها آهي ته جيڪي انسان اسان جي سڀ کان قيمتي يادگيرين جو حصو ٿي رهن ٿا. جن ماڻهڻ سان اسان پنهنجي اڻڀي سڻڀي زندگيءَ جي ماني ڪجهه پلن جي پنڊيءَ ۾ ورهائي کاڌي آهي، اهي ماڻهو ڀلي مري به وڃن، تڏهن به اهي اسان جي لاءِ ڪڏهن به ”هئا“ نه ٿا ٿين.

        پر هن ديس ۾ اها ڳالهه ڪنهن کي سمجهائجي ته سمورا ”مئا“ هئا نه هوندا آهن. موت صرف انهن ماڻهن کي ماري سگهندو آهي، جن جو اسان جي جيون ۾ اهڙو حصو نه هجي، جهڙو حصو انسان پنهنجي ذات لاءِ محسوس ڪندو آهي. جهڙي طرح هر هٿ ملائڻ کلي ڳالهائڻ وارو دوست نه هوندو آهي، تهڙي طرح اهي دوست جن سان ريجهه رهاڻ وارا رستا وقت ڀلي لٽي ڇڏي پر هو اسان جي يادگيرين ۾ سدائين ائين تازا رهندا آهن، جيئن هن وقت منهنجو هي وجود جنهن جي مٿان ان ماڻهوءَ جون ساروڻيون ساوڻ جي مينهن وانگر وسي رهيو آهن، جنهن ماڻهوءَ جو نالو مراد علي مرزا آهي. اهو مراد علي مرزا جيڪو پنهنجي مزاج ۾ ڪنهن غير ملڪي ناول جو اهڙو ڪردار هو، جنهن سموري زندگي انتهائي وضعداريءَ ۽ ادب سان پيار واري روش سان گذاري.

        هونءَ ته هر انسان هڪ مخصوص مزاج هوندو آهي. پر سنڌي ادب جهڙي پاليوٽيڊ ماحول ۾ هو ماڻهو ڪنهن ڪنول جي گل جهڙي طبيعت رکندو هو. هو جيڪو نه صرف پنهنجي جسماني ساخت پر پنهنجي نفسياتي ساخت ۾ به نهايت نفيس ۽ نازڪ انسان هو، جنهن کي مال ميڙڻ ۽ آڪڙ جي جيئڻ نه ايندو هو. جيڪو پنهنجي ظاهري لقاءَ ۾ صاف سٿرو نه هو پر هن جو اندر هن جي ٻاهر کان گهڻو اجرو هو. منهنجي دل ۾ هن جي حوالي سان هزارين يادگيريون آهن. مون کي معلوم آهي ته هڪ ته ڇا پر ڪيئي ڪالم لکي به مان هن جي شخصيت جو اهو خاڪو هن ڪاغذ تي اڀاري نه ٿو سگهان، جنهن شخصيت سان منهنجو سلوڪ ته دوستاڻو رهيو پر ان جو سڀاءُ هڪ استاد جهڙو هو. حيدرآباد جي اديبن ۾ ٻاهرين ليکڪن جا نالا کڻي ٻڌڻ واري کي متاثر ڪرڻ وارو مرض ته عام جام آهي پر انهن ۾ هي اڪيلو ماڻهو هو، جيڪو اهي ڪتاب پڙهندو به هو. هو جيڪو اديبن ۽ ادبي محفلن کان دور رهندو هو. ڇو ته هن کي بي دماغ لٻاڙ کان سخت چڙ هوندي هئي ۽ ان چڙ جو اظهار ڪرڻ بدران هو پنهنجو پاڻ کي صرف ان ماحول کان پري رکي سگهندو جيڪو ماحول سنڌي اديبن جي سڃاڻ  آهي.

        اهي سنڌي اديب جيڪي ٻه چار شاهه جا شعر، ٽي چار اياز جا غزل ۽ ڪجهه ٻيا ٻول پنهنجي مٿي جي هڙ ۾ ٻڌي پيا هلندا آهن يا ڪجهه بور ڪندڙ مضمون لکي ۽ ٻين ليکڪن جون لکڻيون سهيڙي ۽ انهن جي مٿان وڏن اکرن سان پنهنجو نالو ”مرتب“ طور لکي ٻين جي پورهئي تي قبضو ڪندا آهن ۽ پوءِ ادبي سياستدان بڻجي استري ٿيل ڪپڙن جي مٿان ڪو رعب تاب وارو چشمو هڻي روايتي فنڪشنن ۾ شريڪ ٿي اهڙو نمونو رکندا آهي ته جيئن انهن کي مٿي سڏي اسٽيج تي ويهاريو وڃي ۽ اسٽيج تي چڙهڻ کان پوءِ هو پنهنجي قد تي اطمينان محسوس ڪندا آهن ۽ ٻِ ڏينهن صبح جو سوير اٿي اخبار جي اندرين صفحن ۾ اهڙي فنڪشن جون خبرون بار بار پڙهي انهن کي قينچيءَ سان ڪتري پنهنجي ڊائري ۾ چنبڙائي پاڻ کي معتبر محسوس ڪندا آهن ۽ پنهنجي پر ۾ سوچيندا آهن ته هو تاريخ جو اڻمٽ حصو ٿي رهيا آهن! منهنجو دوست مراد علي مرزا اهڙن اديبن مان نه هو جيتوڻيڪ هن بهترين افسانا، عاليشان ناول، بينظير ڀٽو جي آتم ڪهاڻي جا ترجما به ڪيا پر هن سنڌي ساهت جي ڪنهن به مها ڏاهي وانگر پنهنجي شخصيت کي ”محترم“ ڪري پيش نه ڪيو. هو ماڻهن سان ساڳي ريت ملنسار ٿي ملندو هو. هو هجومن کان دور رهندو هو. هو يارن جو يار هو ۽ هو ڪڏهن به ڪا به ڪچهري بي معنيٰ وڃڻ نه ڏيندو هو. هن جي گفتگوءَ ۾ هميشه غالب يا ڪنهن فارسي شاعر جي ڪنهن گل جهڙي شعر جو هڳاءُ هوندو هو. هن جون معصوم ادائون منهنجي ذهن تي ائين نقش ٿيل آهن، جيئن ڪنهن غفا ۾ ڪي چٽ نقش ٿيل هجن.

        مان اها ڳالهه انتهائي ذميواريءَ سان لکي رهيو آهيان ته جن چند ماڻهن کي مون ادب جي حوالي سان انتهائي ذميوار محسوس ڪيو آهي. جيڪي ڪنهن به موڊ ۾ ڪنهن ادبي معاملي ۾ ڪا چڏ ڇوت يا ڪا رعايت نه ڪندا آهن. جيڪي ادب کي ماڻهوءَ جي ضمير جي تمام وڏي امانت سمجهندا آهن. سائين مراد علي مرزا انهن نهايت ٿورڙن ماڻهن منجهان هو. هن کي چڱيءَ ريت پتو هو ته سنڌي ادب جي صاحبن کي جهرڪيءَ جيترو دماغ آهي، ان ڪري جڏهن هن جي ناول ”سامي سج وڙاءُ“ تي بنا سوچڻ سمجهڻ ۽ حد ته اها جو بنا پڙهڻ جي واهه واهه ڪئي وئي پر ان ناول تي مون ۽ نور احمد پنهنجا سنجيده اعتراض پيش ڪيا ته هن سموري ساراهه کي ڊسٽ بن ۾ اڇلي اسان ٻنهي سان تفصيلي گفتگو ڪئي ۽ هن جي گفتگوءَ جو انداز سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وارو هو. ڇو ته هن  لاءِ اهو ناول به هن جي ذات جي انا نه هو. هن لاءِ اهو ناول به ادبي دنيا ۾ هن پاران هڪ اضافو ته هو ۽ ان اضافي جي حوالي سان هو خوش به هو ۽ هن کي تشويش به هئي ته متان ان ۾ ڪا ڪمي بيشي رهجي وئي هجي. مون کي يقين آهي ته سائين مراد علي مرزا سان جيڪڏهن صحت ۽ حياتي ساٿ ڏئي ها ته هو ان ناول کي ٻيهار لکي ها. ڇو ته اهو ناول هن هاڻي نه پر ڪيئي سال اڳ لکيو هو.

        ادب جي حوالي سان هو ڪيترو حساس هو؟ ان سوال جو جواب ته هن سان ڪچهريون ڪرڻ وارا آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا پر جن کي هن سان ڪچهريون ڪرڻ جو موقعو نه مليو، انهن کي مان صرف اها معلومات ڏئي سگهان ٿو ته جڏهن به ڪوئي ماڻهو مرزا غالب جو شعر غلط لهجي ۾ پڙهندو هو يا هو ڪنهن لفظ کي هيٺ مٿي ڪري ويندو هو ته مراد علي مرزا ان ماڻهوءَ جي موڊ يا هن جي رد عمل جي پرواهه نه ڪندي ان کي درست ڪرڻ پنهنجو اولين فرض سمجهندو هو. پنهنجين انهن خوبين سبب هن جي شخصيت ۾ اهڙي خوبصورتي هوندي هئي، جهڙي صرف ٻاهرين ليکڪن ۾ نظر ايندي آهي.

        ”موت“ ڪا عجيب ڳالهه ناهي مون موت کي هميشه زندگيءَ جو اڻٽٽ حصو سمجهيو آهي. جنهن به جنم ورتو آهي، تنهن کي هڪ نه هڪ ڏينهن اوس موت جو ذائقو چکڻو آهي. ان ڪري مان مراد صاحب جي موت تي روايتي پار ڪڍڻ نه ٿو چاهيان پر مان پنهنجي ان افسوس جي مٿان جنهن ڊائلاگ جو پردو به وجهڻ نه ٿو چاهيان ڇو ته منهنجي نظر ۾ سائين مراد صاحب جو وڇوڙو ان ستاري جو ٽٽڻ آهي، جنهن سان سنڌي ادب جو آسمان سينگاريل هو. اهي ماڻهو تمام ٿورڙا هئا ۽ آهن. اسان جي ادب ۾ جيڪو ستارن جو ميڙ پر گهٽ ٿيو هو، جنهن ۾ شيخ اياز هو. جنهن ۾ ع ق شيخ هو. جنهن ۾ مراد علي مرزا هو ۽ جنهن ۾ هاڻي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙا ڪجهه نالا ئر رهيا آهن ۽ انهن ۾ ڪجهه ستارا ته اهڙا آهن، جن جي روشني هن ڌرتيءَ تي پهچي به نه سگهي آهي. سو انهن سهائي ميڙ مان سائين مراد جي ياترا منهنجي لاءِ سنڌي ادب جهڙي پهريان ئي ڪمزور وٿ مٿان هڪ زورائتو ڌڪ آهي.

        مراد صاحب جي وڇوڙي تي مون ۽ نور احمد تمام گهٽ ڳالهائيو. ڇو ته اسانوٽ هڪ دوست جي وڇوڙي تي ونڊڻ لاءِ جيڪا همت هئي اها مشترڪه هئي. پر مون کي يقين آهي ته هاڻي جڏهن به نور احمد جي موجودگيءَ ۾ مراد علي مرزا جو ذڪر ٿيندو، تڏهن نور احمد چپن تي بيخوديءَ جي ڪيفيت سان اهو اردو شعر ئي تري ايندو ته:

 

اب ياد رفتگان کي بهي همت نهين رهي

يارون نَي ڪتني دور بسالي هين بستيان

 

منهنجو پيارو سائين

گل حسن قريشي

 

 

نصير مرزا صاحب گهٽ فون ڪندا آهن. منهنجي خوش نصيبي هفتي دؤران سائينءَ جي ٻي ڪال آئي.....ڪال به اُن وقت آئي جڏهن آءُ ڀٽ شاهه وڃڻ لاءِ وين ۾ ويٺو هيس، ۽ وين وارن وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تي سخت جهيڙو هليو پئي. هڪ همراه ٻئي جي اک ۾ ٺونشو هنيو هو ته ٻئي همراه اکيون ٻوٽي پهرين همراه کي مُڪ وهائي ڪڍي نتيجي ۾ مُڪ کائيندڙ همراه جو سامهون وارو ڏند ڀڄي پيو...... اهڙي ڪيفيت ۾ نصير صاحب جي ڪال ۽ ڪال ۾ نيم سخت لهجو گُل مون اوهان کي مُراد صاحب لاءِ مضمون لکڻ لاءِ چيو هو. ڇا ٿيو؟

”لکي ڇڏيو اٿم...بس Fair ڪرڻو آهي“

نصير صاحب کي منهنجي روايتي سست طبيعت جو اندازو آهي. تنهن ڪري پاڻ Final Notice  جو استعمال ڪندي فيصلو ٻڌايائين“ بس گهڻو ٿيو مضمون ڇنڇر يا آچر تي ملي وڃڻ کي بنان سلام دعا جي لائن ڪٽجي وئي.

        ياد آيم 1984ع ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي  سائين مراد علي مرزا صاحب به اهڙو ئي هڪ Final Notice ڏيندي چيو هو ”منهنجي بيگ کڻ ۽ جتي رهيل آهين، اُتي هل“  مون بي وسائيءَ مان مُراد صاحب ڏانهن ڏٺو هو ۽ صبر سان بيگ کڻي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي پراڻي عمارت جي گيٽ مان نڪري ايم جناح روڊ ڪراس ڪري پنڌ ئي پنڌ رنڇوڙ لائن ۾ موجود ڇڙن جي هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين.

ڪجهه ڏينهن اڳ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پيراسحاق جان سرهندي صاحب فون ڪري مونکي چيو هيائين ته عبدالله ويسر صاحب پروموٽ ٿي ڪراچي اچن پيا اُن کي پاڻ سان رهايان.

پر اوچتو مُراد علي مرزا صاحب  جو ائين اچڻ ۽ هجائتي انداز ۾ زوري رهڻ جو مون سوچيو به نه هو. ۽ ٻيو ته سائين مراد صاحب جي لاءِ منهنجي اندر ۾ هڪ خوف به ويٺل هو اهڙو خوف جيڪو اسڪول مان گسائيندڙ ٻار جي دل ۾ ڪنهن سخت مزاج اُستاد لاءِ دل ۾ ويٺل هوندو آهي. مون کي احساس هيو ته مُراد صاحب جو مون سان گڏ رهڻ جو مطلب هو منهنجي دير تائين رلڻ جي عادت جو موت! ۽ ڪمي ۾ بي سُري انداز ۾ گانا جهونگارڻ جي عادت جو خاتمو مون وري ڪوشش ڪئي ته ڪنهن نموني مُراد صاحب پنهنجو ارادو تبدل ڪن ”سائين مون کي غلط نه سمجهو آءُ جنهن هوٽل ۾ رهان ٿو اُها هوٽل رولاڪ واندن ۽ لاوارث مردن جي هوٽل آهي هوٽل ۽ پاڙو ٻئي اوهان جي شان مطابق ناهن“

سائين پنهنجي مخصوص لهجي ۾ اٽل فيصلو ٻڌايو“ ڪا ڳالهه ڪانهي پاڻ ٻئي ملي ڪري انهن کي سڌارهنيداسين“ مون بي وسائيءَ مان آخري ڪوشش ڪئي.

”سائين آءُ جنهن ڪمري ۾ رهان ٿو ان ۾ رڳو سنگل بيڊ جي گنجائش آهي. اوهان لاءِ اهڙو ئي بيو ڪمرو هٿ ڪيان ٿو“

مراد صاحب منهنجي ڳالهه کي ڄڻ VETO ڪندي آخري فيصلو ٻڌايو ٻن بيڊس جو ڪمرو وٺنداسين گڏ هنداسين ۽ پنهنجي Cooking  پاڻ ڪنداسين“

سائين جو فيصلو ٻڌي منهنجي پيرن هيٺان ڄڻ زمين سِرڪي وئي پر مون کي ڪهڙي خبر هئي ته نون مينهنين کان پوءِ جڏهن مُراد صاحب جو TRANSFER واپس حيدرآباد ٿيندو ته اُنهي ڏينهن به منهنجي پيرن هيٺان زمين سرِڪي ويندي ۽ آءُ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندس!!

نصير مرزا صاحب سان گڏ اسلام آباد ۾ گذاريل 5 ميهينا سفر ڏک سُک جو ساٿ ۽ سائين مُراد علي مرزا سان گذاريل 9 ميهينا منهنجي زندگيءَ جا اڻ وسرندڙ ڏينهن بڻجي ويندا انهن نون ميهنين جي ساٿ منهنجي سوچ کي تبديل ڪري ڇڏيو.

جنهن شخصيت کي بظاهر سخت مزاج سمجهو وهُين هُو ته ميڻ مثل نرم مزاج ۽ ماکيءَ کان به مٺو انسان هو..........علم جو بحر هو ۽ هر هر لمحي علم ۽ ڄاڻ جا موتي سندن زبان مان نڪرندا رهندا هئا منهنجي علم ۽ ڄاڻ کان خالي جهولي پرجڻ لڳي هُئي.

سائين ڪتابن ۽ سُٺن دوستن جي SHARING ائين ڪندا هئا ته هر هفتي ڪونه شاهڪار علمي ۽ ادبي ڪتاب يا ڪو چونڊ مضمون سمجهائي ۽ پوءِ مطالعي لاءِ ڏيندا هئا. ۽ شام ڪنهن علمي يا ادبي شخصيت سان رهاڻ ڪندي گذريندي هئي. اڪثر سائين شمشير الحيدري هدايت بلوچ صاحب، علي احمد پروهي صاحب، قمر شهباز صاحب ڪريم بخش خالد صاحب سميت مختلف شخصيتن سان رهاڻ جو سلسلو رهندو هو.

سائين ۾ ماحول ۾ پاڻ کي ڍالڻ جي غير معمولي صلاحيت پڻ هُئي ڪڏهن ڪڏهن منهنجي مود کي محسوس ڪندي سينما ۾ فلم ڏيکارڻ وٺي ويندا هئا.

BENHUR ، ڊاڪٽر زواگو سن فلاور اڪيلو پٽرا جهڙين ڪئين شاهڪار فلمن کي سائين مراد صاحب سان گڏ ڏسڻ جو اعزاز به حاصل ٿيو.

اڪثر ڪراچيءَ جي رستن تي پنڌ ڪندي ڊگهيون ڪچهريون پڻ ٿيون رنڇوڙ لائن کان ٽاور تائين ڪڏهن برنس روڊ صدر ايم اي جناح روڊ تي پساز ڪندي گهڻو ڪجهه پرائڻ جو موقعو مليو.

هڪ ڏينهن صدر مان لنگهندي، سائين جي نظر فوٽ پاٿ تي رکي هڪ ڪتاب تي پئي سائين اُهو ڪتاب فورا خريد ڪري ورتو.

سائين ٻڌايو ته هن ڪتاب جو هُن جناب نصير مرزا سان واعدو ڪيو هو ڪتاب جو نالو هو“ ايني فرينڪس ڊائري پس منظر ٻڌايائين ته پڙهڻ جو منهنجي دل ۾ به اشتياق پيدا ٿيو.

ٻين مهاڀاري جنگ جي دؤران نازي، يهودين کي جنگي قيد خانن ۾ واڙي ڇڏيندا هُئا انهيءَ دؤران هڪ يهودي خاندان کي پيش ٿيڻ حڪم نامو مليو ته اُن خاندان جي سربراه پنهنجي ئي گهرجي تهه خاني ۾ هڪ لڪ گهر“ اهڙي طرح ٺاهيو جنهن کي ٻاهران ڪير به ڏسي نه سگهي ۽ اُنهيءَ لڪ گهر ۾ کاڌي پتي ۽ ضرورت جي ٻين شين کي ذخيرو ڪري پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ اُنهيءَ لڪ گهر ۾ منتقل ٿي ويو. گهرڀاتين ۾ سندس ننڍڙي نياڻي ايني فرينڪ به شامل هئي ايني پنهنجي وندر لاءِ ڊائري لکندي رهندي هُئي جنهن ۾ گهر ۾ ٿيندڙ واقعن کي ڏاڍي معوصاڻي انداز ۾ پئي لکندي هُئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ نازين کي کڻڪ ڀنجي وئي ۽ ان خاندان کي گرفتار ڪري جنگي ڏوهارين جي يهودي ڪئپمين ۾ بند ڪري ڇڏياؤن. جتي ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار ٿي ايني پنهنجي زندگيءَ جي بازي هاري ٿي ويهي.

ٻين مهاڀاري جنگ جي خاتمي کان پوءِ ڪجهه يهودي انهن ڪئمپن ۾ پچي ويا اُنهن ۾ ايني جو والد به هو هُو هڪ ڏينهن پنهنجي اُن گهر ۾ اچي ٿو ۽ اُنهيءَ تهه خاني ۾ گهمندي سندس پيرن سان ڪا شيءَ ٽڪرائي ٿي. هيءَ کڻي ٿو ته اُها سندس نياڻي ايني فرينڪ جي ڊائري هُئي. انهيءَ کي ڇپرائي ٿو ۽ بعد ۾ انهيءَ ڊائريءَ کي شاهڪار تصنيفن ۾ شمار ڪيو ويو.

سائين مراد علي مرزا صاحب ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي اُٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ مان خاص نفاست سندن اعلى تربيت لکندي هُئي.

بيدو  بنان ڌوئڻ جي Boil  نه ڪندا هُئا. چانهن سٺن ڪوپن ۾ پيڻ پسند ڪندا هئا. انب چمچي سان کائڻ سندن عادت هُئي.

اجائي بحث بجاءِ دليلن سان گفتگو لطيفو ٻڌائيندا نه اُن ۾ ڪونه ڪو منطتهي پهلو ضرور آڏو ارکندا هُئا.

حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي حياتيءَ، واقعن سرِسو تي ٻڌيل پهريون سنڌي ڳوليءَ ۾ لکيل ناول ”سامي سڄ وڙاءُ جي ابتدا به اسان جي انهيءَ هوٽل جي ڪمري مان ٿي. ۽ آءُ انهن چند خوشنصيب ماڻهن مان آهيان جن کي سائين شروع کان ئي انهيءَ ناول جا باب پڙهايا. راءِ ورتي ۽ قسط وار ڇپرائڻ لاءِ جناب علي احمد بروهي سان گڏجاڻين ۾ به پاڻ سان گڏ رکيو.

9 ميهينن جي انهيءَ ساٿ دؤران هڪ ڏينهن سندن فرزند ۽ منهنجو ڪاليج ۾ ڪلاس فرزند جناب منظور مُراد پڻ لکين وٺڻ آيو ۽ کين پنهنجي فليٽ تي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو.

پر سائين مراد علي مرزا اِهو چئي پنهنجي فرزند کي موٽائي ڇڏيو ته گل حسن صاحب به منهنجي پنجن وانگر آهي. آءُ هن سان گڏ رهندي خوش آهيان. سندن پاران اهڙو جملو چوڻ به صون لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي.

پاڻ سٺا تجربه نگار به هُئا هر ڳالهه تي ڳوڙهو غور وفڪر ڪرڻ سندن عادت جو حصو هو.

هڪ ڏينهن هڪ اهڙي ڳالهه چياؤن جيڪا بظاهر ڏاڍي عجيب محسوس ٿئي ٿي پر غور ڪبو ته دل سان به لڳي ٿي.

مُراد صاحب جو خيال هو ته جئين انسان جي نسلن ۾ خانداني مورو ٿي خوبيون يا خاميون منتقل ٿين ٿيون ائين.“ خواهشون پڻ منتقل ٿين ٿيون. پوءِ پاڻ پنهنجو پنهنجي والد ۽ پنهنجي فرزند جو مثال ڏناؤن ته ڪئين هڪ خواهش ٻن نسلن ۾ منتقل ٿي پاڻ ٻڌايائين ته سندن والد ميرن جي دؤر ۾ ميرن جو وڏو وزير هو، پنهنجي حيثيت خانداني پس منظر ۽ حضور شرمي ڪارڻ پاڻ ڪڏهن به فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار سڀني جي سامهون نه ڪري سگهندا هئا پر بمبئي فلم اينڊسٽري گهمڻ ضرور ويندا هئا.

مُراد صاحب چيو ته ايڪٽنگ جي خواهش مون کي به ڄڻ ورثي ۾ ملي پر خانداني رک رکاؤ، علمي ۽ ادبي پسن جي ڪري مون ايڪٽنگ جي شعبي ۾ وک نه وڌائي پر لاشعوري طور ريڊيو پاڪستان ۾ پروڊيوسر ٿيڻ ۽ ڊرامن جي شعبي انهيءَ خواهش جو اڻ سڌو اظهار هو پر منهنجو فرزند جناب منظور مُراد جنهن کي مون Pharmacist ڏسڻ پئي چاهيو هُن ايڪٽنگ جي شعبي ۾ داخل ٿي ڄڻ ٽن نسلن جي اُن موروثي خواهش جو انت آڻي ڇڏيو.

سائين مراد علي مرزا تي لکڻ لاءِ هيءَ مختصر مضمون اڻپورو آهي. نصير مرزا صاحب کي ٻين ڳالهين سان گڏ آءُ اِهو Credit ضرور ڏيندس ته هُن پنهنجي خانداني سلسلي کي اڳيان وڌائيندي پنهنجي اُستادن، مجنن کي ناهي وساريو جنهن لاءِ پاڻ مبارڪن جا مستحق آهن.

ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا...

 

مُراد صاحب

فقير محمد ڍول

 

اهو اکر ’صاحب‘ ٺهيو ئي ڪو ’مراد صاحب‘ لاءِ هو. سندن نالو ’صاحب‘ کان سواءِ اُچارڻ ۾، نه زبان کي مزو اچي، نه ڪنن ۾ رَسُ گُهلي، بلڪ اڃا کڻي ايئن چئجي، ته جيئن نه ڪِن ماڻهن جي هِن جهانِ رنگ و بُو مان موڪلائي وڃڻ کان پوءِ سندن گهرُ، درُ ۽ ترُ به ٻُسو لڳندو آهي، تيئن مراد علي مرزا جهڙي اسان جي نشانبر نثرنگار جو نالو به ’صاحب‘ کان سواءِ اُچارڻ ۾ ٻُسو پيو لڳندو آهي، بلڪل ايئن، جيئن چنڊ بنا آسمان تنهن ڪري بابا، پاڻ ته کين سڏيون ئي ’مُراد صاحب... مُراد صاحب...‘

اڄ جڏهن هتي مراد صاحب جو قصو اوهان سان جو کڻي ويٺو آهيان ته يقين ڄاڻو اکين ۾ سندن ٽنڊي آغا واري امام بارگاهه علي آباد، جيڪا سندن بزرگ ۽ سنڌي مرثيه جي يگاني شاعر مرزا ٻُڍل بيگ قائم ڪئي، اُن جي ڀر ۾ سندن اوچي حاويلي. منهنجي هنن گنهگار اکين ۾ اُڀري آئي آهي، پر اُن بُلند و بالا حاويليءَ جي خوبصورتي هاڻ ٻُسي آهي، اُن جو رنگُ اُڏامي ويل ۽ ڦِٽل ڦِٽل آهي ۽ سبب اُن ڳالهه جو هيءُ آهي، ته اُن حاويليءَ مان اُهو سنڌي ادب جو بُلند و بالا ۽ قداور نثرنگار، اڇو اُجرو، خوبصورت، خوب سيرت، صاف شفاف ۽ اندران توڙي ٻاهران، معصوم ماڻهو ’مُراد صاحب‘ هاڻ اُتان ڪي سال ٿيندا ته هميشه هميشه لاءِ رخصت وٺي چڪو آهي ۽ سائين منهنجا ڄاڻي وٺو ته زندگيءَ ۾ موڪلاڻين واري موسم به هڪڙي ڏينهن نيٺ اچي سلامي ٿئي ٿي ۽ اِهي موڪلاڻيون وقتي هجن يا ڪُل وقتي، جڏهن به اچن ٿيون ته سچ پڇو مون جهڙن ڊيڄُو ماڻهن جو ته ساهُه ئي سُڪائي ٿيون ڇڏين، اسان جا ته يارَ اهڙين گهڙين ۾ ڏوهه ئي ڏڪِي ٿا وڃن. ڀلا  اِها موت سان ملاقات به الاءِ ڇو ضروري آهي، مالڪ مٺڙي جو ڳُجهه آهي، جنهن اِن ذائقي کي چَکڻ جو هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ سوچيان پيو ته جڏهن اُهو مقرر ڏينهن ۽ اُها مقرر گهڙي اسان جي مراد صاحب جهڙي معصوم ماڻهوءَ تي آئي هوندي ته ياخُدا...! آءٌ ته اُن بابت سوچي ئي ڏڪِي ٿو وڃان. الاءِ ڪيئن مُنهن ڏنو هوندو مراد صاحب جهڙي معصوم ۽ ساڙي سٻاجهڙي انسان...

خير... اِها ڳالهه ٿي اِتي، هاڻ وري هيءَ ڳالهه ٻُڌو، اِهو مراد صاحب جي حياتيءَ جو ڪو آخري محرم هو، جنهن جي اسان سميت ڪنهن به بني بشر کي خبر ڪانه هئي، محرم جو چنڊ ڏٺو ۽ محرم جي پهرين تاريخ تي گذريل ڪجهه سالن کان هميشه جيئن آءٌ، ڀاءُ نصير مرزا ۽ نصير جو ننڍڙو شهباز حيدر ، ٽنڊي آغا جي امام بارگاه علي آباد ۾ موجود هئاسين، جتي مراد صاحب سالن کان پنهنجي خانداني فرض جي ادائيگيءَ طور مؤليٰ غازي عباس عه جي انگاس (علم پاڪ) جي بيرڪ علم پاڪ جي فضا ۾ بلند ٿيڻ تائين پنهنجي جهوليءَ ۾ جهلي بيهندا هئا، جيڪو فريضو سندن ڏاڏي مرزا ٻڍل بيگ (جيڪي سيد ثابت علي شاهه کان پوءِ سنڌيءَ جا وڏا مرثيه نگار ٿي گذريا آهن) کان پوءِ نسل در نسل مراد صاحب جي والد صاحب کان ٿيندو مراد صاحب جي حصي ۾ آيو ۽ مون ڏٺو ته مراد صاحب هونئن ته لبرل ماڻهو هئا، پر هِن فرض جي ادائيگيءَ ۾ هُو هميشه دل جي حُضور سان حاضر هوندا هئا ۽ عمرِ خضري هجڻ جي باوجود به... پوءِ ڀلي طبيعت بهتر هجي يا نابهتر، پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪَ علم پاڪ جي بيرڪ پنهنجي پاڪ پويتر جهوليءَ ۾ جهليو بيٺا رهندا هئا، جيستائين وڃي غازيءَ جو علم اُوچو نه ٿئي.

بهرحال  سو مون ڳالهه پئي ڪئي مُراد صاحب سان ’صاحب‘ لفظ جي سلهاڙجي وڃڻ جي، سو ڳالهه وري اُتان کان ئي شروع... مون مراد صاحب جي سڀني ويجهن ماڻهن کي، کيس ائين ئي ’مُراد صاحب‘ سڏيندي ٻُڌو، پوءِ اُهو اسان جي سِرَ جو سائين پروانو ڀٽي هجي يا نفيس ناشاد... نصير مرزا هجي يا عرفان علي انصاري... ۽ اِهو ’مراد صاحب‘ ڀاءُ نصير مرزا جي واتان مون جڏهن جڏهن به ٻُڌو هوندو، ته ڄڻ مُنڊيءَ تي ٽِڪَ يا سونَ تي سُهاڳو! مراد صاحب سان منهنجي ڄاڻ سُڃاڻ ڀاءُ نصير جي ڪري ٿي ۽ اُها واقفيت وڌندي ويجهڙائيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. هُو مون کي پنهنجن  ٻچن جيئن سمجهندا ۽ پيار ڏيندا هئا ته آءٌ وري کين پنهنجو عزيز بزرگ ۽ وڏو... مراد صاحب جي مون سان اهڙي محبت ۽ شفقت بنهه گهڻي هئي، يقين ڄاڻو جتي به گڏياسين هميشه مون کي پنهنجي ويجهو ئي رکندا هئا. مراد صاحب سان گڏ ڪي سفرَ ڪرڻ جو به موقعو نصيب ٿيو ته دورانِ سفر به مون کي پاڻ کان پري ڪونه ڪيائون ۽ اها منهنجي حياتيءَ جي اهم خوشنصيبي چئبي، جو هيڏي وڏي عالم ۽ اڪابر ماڻهوءَ، هڪڙي ڌڏ ۽ فقير کي  پنهنجي قريب رکيو ۽ قربت سان نوازيو.

اسان جي مراد صاحب جو نالو، سنڌ جي نشانبر ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، ورهاڱي واري وڍ تي ملم پاشيءَ لاءِ قدرت واري اسان سنڌ وارن کي جيڪا ليکڪن جي کيپ سنڌي ادب لاءِ عطا ڪئي، تن ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، گرامي صاحب، اياز قادري، ع.ق.شيخ، غلام رباني آگرو، جمال ابڙو، ماهتاب محبوب، تنوير عباسي، قمر شهباز، امر جليل، امداد حسيني ۽ ٻيا به ڪيئي شامل آهن، پر جيڪڏهن انهي لسٽ ۾ مراد صاحب جهڙي ماڻهوءَ جو نالو شمار نه ڪبو ته اِها فهرست يقيناً اڻ پوري رهندي.

1930ع جي جنوريءَ ۾ جنم وٺندڙ ۽ 2011ع جي پهرين مارچ تي موڪلائيندڙ مراد صاحب، پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪي 80-81 بهارون ماڻيون، هُو نهايت ئي صاف شفاف، اڇي اُجري ۽ روشن صبح جهڙي شخصيت جو مالڪ هئو ۽ ان ڪري ئي شايد پنهنجي شخصي اثر هيٺ، هنن جي نصيب ۾ جيڪو به ڪم آيو، سو به صاف شفاف ۽ آئينيدار هيو. مراد صاحب جي ادب ۾ ابتدا هڪڙي ڪهاڻيڪار طور ٿي، ان کان سواءِ مترجم جي حيثيت ۾ مراد صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي، جنهن لاءِ قوم سندن ٿورا لاهي نٿي سگهي بلڪِ ڳائيندي رهندي. سندن مترجم واري حيثيت لاءِ ائين به چئي سگهجي ٿو ته مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سنڌي ادب کي مراد صاحب جي صورت ۾ هڪڙو ٻيو ’مرزا قليچ بيگ‘ ميسر ٿيو، جنهن سنڌي ادب کي عالمي ادب سان مالا مال ڪيو ۽ آگاهه رهو ته مراد صاحب هڪڙي براڊڪاسٽر جي حيثيت ۾ ريڊيو پاڪستان تي پروگرام پروڊيوسر کان پروگرام مئنيجر طور خدمتون سرانجام ڏنيون، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاءِ سندن ڪيل خدمتن کي اڄ به وڏي احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، ريڊيو لاءِ ڪيل سندن ڊرامن نيشنل ليول تي مڃتا ماڻِي ۽ اڄ سُوڌو انهن ڊرامن جو ذڪر اذڪار وڏي طمطراق ۽ ساراهه سان ريڊيائي دنيا توڙي ادبي حلقن ۾ ٿيندو رهي ٿو. سندن ڪريڊٽ تي ٻيا به ڪيئي مقبول ريڊيائي پروگرام آهن، پر ريڊيو جي سنڌي ڊرامي کي مراد صاحب وڏي تقويت بخشي، دراصل هي اُهو دؤر هو جڏهن ريڊيو لاءِ  اُن جي فني گهرجن پٽاندر اصلوڪا ڊراما نٿي لکيا ويا، ڇو ته انهي فن جي اڃا ابتدا هئي، جنهن ڪري  اِهو فن اڃا سنڌي ليکڪن کي ڪونه ٿي آيو، سو  اردو ڊرامن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو / آلٿو ڪري پيش ڪيو ويندو هو. اهڙي صورتحال ڏسندي مراد صاحب پاڻ سنڌيءَ ۾ ريڊيو لاءِ ڊراما لکيا، جن ۾ هوشو شيديءَ تي سندن لکيل ڊرامو هڪڙو شاهڪار ڊرامو آهي، ان کان سواءِ ٻيا به ڪيئي سنڌي ڊراما ۽ فيچر هنن پاڻ ئي ريڊيو لاءِ لکيا، نه صرف اهو پر اڳتي هلي هنن سنڌي تاريخ کي ۽ ثقافت کي نظر ۾ رکندي، ٻين ليکڪن کان به اهڙا ڪيئي ڊراما لکرايا، جن ۾ ڄڻ ته سنڌ جي جيئري جاڳندي تاريخ هوائن جي لهرن آڌار اوهان جي ڪنن کان ٿيندي دل ۾ لهي ايندي. اهڙن تاريخي ڊرامن ۾ ’پنرو بڊام‘ ۽ موهن جي دڙي واري موضوع تي ’آخري رات‘ ڊرامو به شامل آهن. اهو ڊرامو مراد صاحب سنڌي ادب، موسيقي ۽ پنهنجي نموني جي نج نبار حيدرآبادي سنڌي لهجي ۾ مِٺو نثر لکڻ واري ممتاز مرزا کان لکرايو. ممتاز مرزا جي لکيل اِنهي ڊرامي کي ريڊيو ڊرامن جي تمثيل ۾ نيشنل ليول تي ايوارڊ به مليو. جنهن جي موضوع، مواد ۽ آئيڊيا جي سلسلي ۾ مراد صاحب جو هٿ ۽ حوصلو ممتاز صاحب سان هر گهڙيءَ ڀاڱي ڀائيوار رهيو. انهن مڙني ڳالهين کان به اهم ڳالهه ته اڃا هيءَ آهي ته، هُن سنڌي ٻوليءَ جي ٻن برک ڪهاڻيڪارن علي بابا ۽ عبدالقادر جوڻيجي کي ريڊيو لاءِ سنڌي ڊرامو لکڻ لاءِ اُتساهيو ۽ ڊرامو لکڻ جي حوالي سان سندن رهنمائي ۽ فني تربيت پڻ ڪئي ۽ يقين ڄاڻو ته جيڪڏهن مراد صاحب نه هجي ها ته، سنڌي توڙي اردو ۾ ريڊيو ٽي ويءَ کي علي بابا ۽ عبدالقادر جوڻيجو جهڙا ٻه اهم ترين ڊراما نگار ڪڏهن ڪونه ملن ها، جن تي اڄ سموريءَ سنڌ کي ته ڇا پوري پاڪستان کي ناز آهي ۽ اِها ڳالهه به مڃڻ مراد آهي، ته مراد صاحب کان سواءِ وري نه ئي علي بابا نه ئي عبدالقادر جوڻيجو ڊراما لکي سگهن ها ۽ نه ئي ماڻهو ’دنگي منجهه درياه‘ (علي بابا  جو مشهور و مقبول ترين ڊرامو، جنهن کي عالمي ليول تي ايوارڊ ڏنو ويو) ۽ جنگل يا ديوارين (عبدالقادر جوڻيجي جي زندگيءَ جا اهم ترين بلاڪ بسٽر ڊراما، جيڪي جڏهن نشر ٿيندا هئا ته روڊ رستا ويران ٿي ويندا هئا) جهڙا ڊراما ڏسي ۽ ٻُڌي سگهن هان.

نصير مرزا چوندو آهي، ته ممتاز مرزا ڄائو ئي صرف هڪڙي ڪم لاءِ هو ۽ اُهو ڪم هيو ’شاهه جي گنج‘ جي نئين سِر سهيڙ... ۽ هيڏانهن اسان جي مراد صاحب جي حصي ۾ به ڪيترائي هيرن جواهرن جهڙا چمڪدار ۽ رنگا رنگ ڪم آيا. پر هُن هڪڙو ڪم اهڙو ڪيو آهي، جو ٻيا ڪم نه به ڪري هان ته به ڪو فرق نه پئي هان، جو اُهو هڪڙو ڪم ئي اُنهن سڀني کان سرس آهي... ۽ اهڙو ڪهڙو ڪم ڪري ويو آهي هِي مراد صاحب؟ ته غور سان ٻُڌي وٺو، مراد صاحب اسان جي ۽ سموري عالم جي دعاگو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حياتيءَ متعلق ’سامي سڄ وڙاءُ‘ نالي سان ناول لکيو آهي، جيڪو ڄڻ ته ٻين سڀني هيرن جواهرن منجهه ’ڪوهِه نُور‘ آهي... هتي مون کي انهي ناول جي حوالي سان ٻه يادگار مهورتي تقريبون به خاص طور ياد اچن ٿيون، جن مان هڪڙي ته سنڌ جي بادشاهه عمر سومري جي نالي واري شهر عمر ڪوٽ ۾ اڪبر بادشاهه جي نالي ڀائي اڪبر لغاريءَ جهڙي سهڻي جوان ڪرائي هئي ۽ واهه جي ڪرائي هئي، جنهن ۾ پياري اڪبر، مراد صاحب لاءِ اڻ ڳڻيا تحفا، تحائف ۽ طعام و ڪلام جا ڪيترائي لوازمات هڪ ئي وقت حاضر ڪري ڄڻ ته عمر ڪوٽ جي ڊي. سي. هائوس کي عمر بادشاهه جي دربار جيان سجائي ڇڏيو هو. علاوه ازين ٻي تقريبَ وري ملڪِ خداداد جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ ٿي، جنهن کي رِٿڻ ۾ نامياري ڪهاڻيڪار ۽ سنڌي ادب دوست مظهرالاسلام، نوجوان نثرنگار نياز نديم، سگا اسلام آباد جي تڏهوڪي صدر يوسف ميمڻ، نصير مرزا ۽ عرفان علي انصاريءَ جو هٿ هو ۽ اُها تقريب جيڪا شاهه لطيف جي ناول لاءِ رٿيل هئي سا سگا جي شاهه لطيف جي نالي سان منسوب ’شاهه لطيف هال‘ ۾ ئي ٿي هئي، جتي سمورا اسلام آبادي سنڌي پتنگن جيئن پهچي ويا هئا... ۽ جڏهن اهڙي تقريب کان اڳي ’شاهه لطيف هال‘ کي ڌوئاريو پئي ويو، ته عرفان انصاريءَ جا ههڙا ڪلمات ته اڄ به منهنجي ڪَنن ۾ روان دوان آهن: ’لڳي ٿو ته اڄ هن هال ۾ شاهه لطيف پاڻ بنفسِ نفيس پهچي رهيا آهن، تڏهن ئي ته هال کي غسل ڏياري پاڪ و پاڪيزه پيو ڪيو وڃي.‘

مراد صاحب جون هتي هِن ڪالم ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ويهي ڪجن، هر ڳالهه ٻي ڳالهه کان ڳري آهي ۽ دل فيصلو ئي نٿي ڪري سگهي ته ڪهڙي ڳالهه کڻجي ۽ ڪهڙي ڇڏجي... پر محدود جاءِ جي مدِنظر هِن آخري ڳالهه تي مراد صاحب کي سلام ڪبو ۽ اجازت به وٺبي... مراد صاحب ڏاڍو سادو ۽ ڊڄڻو ماڻهو هوندو هو، جيڪا به ڳالهه پڇوس ته جواب ڏيڻ کان پهرين ته هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو ته متان ڪو جاسوس ٻاسوس ته آس پاس موجود ڪونهي ۽ وجهي نه ڪنهن آزار ۾... يا وري ڪا ڳالهه پڇبس ته اجهو هي نمونو هو سندن... جنهن جو راوي ڀاءُ نصير مرزا آهي، هاڻ اوهان پاڻ ئي هِن محبوب ۽ معصوم ماڻهوءَ جي هلت چلت جو اندازو ڪريو:

”مُراد صاحب هڪڙي ڳالهه ته ٻُڌايو؟“-نصير مرزا پڇي ٿو.

”جِي ادا، ڪهڙي؟“ مُراد صاحب انتهائي سنجيدگي، حيرانگي ۽ پريشانگيءَ مان پُڇندا.

”اِها پنهنجي جيڪا ڪلاسيڪي شاعري آهي، اِن ۾ ٻه اهم صنفون آهن، هڪڙي ڪافي، ٻي وائي... انهن ٻنهي ۾ فرق ته ٻُڌايو؟“

”ادا پهرين تون ٻُڌائي.“ مُراد صاحب تڪڙو چوندو.

اسان جو مراد صاحب پاڻ کان پڇيل هر سوال جي جواب ۾ الاءِ ڇا سوچي، پهرين پڇندڙ جو Opinion وٺڻ چاهيندو هو، سو هاڻ هتي مون کي ٻُڌايو ته جڏهن حضرت ازرائيل عه، مراد صاحب جهڙي مهربان وجود جي اڳيان ساهه گهرڻ لاءِ اچي حاضر ٿيو هوندو ته آءٌ ڀانيان ٿو مراد صاحب ته کيس ڏسندي ئي ساهه ڏيئي ڇڏيو هوندو. دعا آهي ته موليٰ سندن مغفرت ڪري. (آمين)

[روزاني ڪاوش ۾ پهرين مارچ 2003ع تي ڇپيل]

 

مراد علي ميرزا بحيثيت شاعر

ميرزا دبير

 

شاعري ادب جو اهم جزو آهي، جنهن ۾ فڪر جي گهرائيءَ جو بيان ڪيو ويندو آهي. شاعريءَ جي منطقي تعريف آهي، ته اُها ماڻهن جي دلين تي اثر انداز ٿي ۽ کين پنهنجي فڪر ڏانهن مائل ڪري.

شاعري هڪ آرٽ آهي، جيڪا زندگيءَ کي شاعر جي اک سان ڏسي ٿي ۽ زندگي جي ترجماني شاعر جي نقطهء نگاهه سان ڪري ٿي. بقول امرسن (EMERSON) ته، ”شاعري خيال جي ترجماني کي چئجي ٿو.“

ورڊز ورٿ (WORDS WORTH) لکي ٿو ته، ”شاعري هڪ اهڙي حقيقت آهي، جيڪا جذبه جي ذريعي دل جي گهرائين تائين پهچي ٿي.“ جيئن فلسفي جو رشتو دماغ سان هوندو آهي، تيئن شاعريءَ جو رشتو وري دل سان ڳنڍيل هوندو آهي.

شاعري ڪرڻ هر ڪنهن جي وَس جي ڳالهه نه آهي ۽ نه ئي وري ڪو هر شخص شاعر ٿيندو آهي. پر ڪو ڪو شخص فطرتاً پنهنجي سُڀاءَ ۾ شاعر ضرور هوندو آهي ۽ سندس مزاج مان سخن شناسي پئي بِکندي آهي. __ ته پوءِ اهڙن سُڀاويڪ هستين ۾ مراد علي مرزا جو به شمار ٿئي ٿو، جنهن پنهنجي ادبي سفر جو آغاز شاعريءَ سان ڪيو ۽ پنهنجو تخلص ’اختر‘ منتخب ڪيائين. جنهن جو ذڪر پاڻ منهنجي پڇڻ تي مون سان ڪيائون ته، ”مون پهرين هڪ سلام ٺاهيو، جيڪو ماما علي بخش ’ڪوثر‘ کي ڏيکاريم. ان بعد ڪجهه نظم ۽ قطعات به چيم، جن ۾ ماما علي بخش ’ڪوثر‘ کان اصلاح وٺندو هئس. پر پوءِ شاعريءَ کي ڇڏي پنهنجو سڄو لاڙو نثرنگاري رکيم.“ __ سندس اُهو سلام هيءُ آهي:

سلام:

جلايو آتش غيظ شهه صفدر بيابان کي

جگر کي دل کي نيڻن کي بدن کي ذهن کي جان کي

 

سندءِ ياقوت لب آهي علي اڪبر ڪيو بي قدر

عقيق ۽ لعل کي رنگ حنا کي رُوئي مرجان کي

 

اثر ئي آتش احوال فرزند نبي ڳاريو

بدن کي جسم کي دل کي جگر کي روح انسان کي

 

شهه دين جو ٻُڌي احوال مظلومي ڪيم پرزه

قبا کي جيب کي پٽڪي کي شمله کي گريبان کي

 

ڪيو بي دم غم مظلوم جي شدت دو عالم ۾

عقيل ۽ ذي خرد کي زيرڪ و هشيار و نادان کي

 

لڳايو داغ ماتم مقتل شاه شهيدان ئي

وڻن کي ٽاري کي جڙ کي ثمر کي برگ و ريحان کي

 

چيو سرور ته بس اي اهل ڪوفه ڇو وساريو ٿا

وفا کي عهد کي اقرار کي وعده کي پيمان کي

 

ڪري پسپا وئي شمشير همشڪل رسول الله

سحاب چرخ کي باد صبا کي برق و باران کي

 

رئاريو حال مظلومئ شاهنشاه عقبيٰ ئي

عزيز مصر کي چشم سڪندر کي سليمان کي

 

ڏسي مقتل ۾ ايئن شبير جي جرعت ٿي حيراني

ملڪ کي ديو کي جن کي پري کي عقل انسان کي

 

پڙهيو ليل شهادت شاه دين جي قلب طاهر سان

صحيفه کي دعا کي آيه کي سوره کي قرآن کي

 

ثمر نخل مراد اختر عاصي کي هي ڏي رب

سلامت رکج اختر ڪربلائي جي تون ايمان کي

 

مراد علي مرزا فطرتاً شاعر ته آهي ئي آهي، پر پاڻ بنيادي طرح ابي ڏاڏي، شاعر ابن شاعر آهي. سندن ڏاڏو ميرزا ٻڍل بيگ سنڌ جو عظيم مرثيه گو شاعر آهي ۽ مرثيه گوئي ۾ کين اعليٰ مقام حاصل آهي؛ ۽ وري سندن والد ميرزا مهر علي بيگ توڙي جو شاعر نه هو، پر سخن شناس ضرور هو. سندس لڳاءُ موسيقيءَ سان گھڻو هوندو هو ۽ کيس مرثيه خوانيءَ ۾ وڏو مقام حاصل هو. هو جڏهن شام ِ غريبان مهل امام بارگاھ علي آباد ۾ پينگهي واري مجلس ۾ پنهنجي ڏاڏي ميرزا فتح علي بيگ جو مرثيه ”ياد ڪيو شاهه کي بانو ٿي روئڻ زار و زار“ پنهنجي پُرسوز آواز ۾ پڙهندو هو، ته سامعين اڇنگارون ڏئي رئندا هئا.

مراد علي مرزا مرثيه خواني جو ذڪر ڪندي مون کي ٻڌايو ته، ”بابا مرحوم مون کي پنهنجي بزرگن جا پڙهيل سنڌي ۽ اردو سلامن ۽ مرثين جا سُر ياد ڪرايا هئا. __ تو ادا حامد علي کي ڏٺو!؟“

اِهو سوال هُن پنهنجي مخصوص ۽ تجسسي انداز ۾ مون کان پڇيو. مون چيو، ”ها لالا، منهنجو ڏاڏو آهي.“

”ڀلا تو اُن کي مرثيو پڙهندي ٻُڌو!؟“ وري به سندن ساڳيوئي تجسسي انداز...

مون چيو، ”نه! پر سندن هڪڙي سلام ”غربت پہ تیرے شاها روتا ہے کل زمانہ“ جي ويڊيو مون وٽ آهي، جنهن ۾ مون کين ٻُڌو آهي.“

ادا حامد علي جو آواز پُر سوز هو، سندس پڙهڻ سڄو بابا جهڙو هو. __ آءٌ ۽ ادا حامد علي گڏجي سلام ۽ مرثيه پڙهندا هئاسين. __ اِها توکي خبر آهي!؟

”نه لالا...!“

”ڏاڏي فتح علي جو پينگهي وارو مرثيو ”ياد ڪيو شاهه کي بانو ٿي روئڻ زار و زار“ ماما گل حسن (احسن ڪربلائي) ۽ بابا پڙهندا هئا. ماما گل حسن اسان جو مرثيه خواني جو شوق ڏسي مون کي ۽ ادا حامد علي کي پاڻ سان گڏ اِهو مرثيو پڙهايو ۽ پاڻ پنهنجو هٿ اکر لکيل بياض اسان کي ڏنائين، جنهن مان آءٌ، ادا حامد علي ۽ منهنجو ماروٽ تجمل حسن گڏ سلام ۽ مرثيه پڙهندا هئاسين. __ ۽ جڏهن ماما گل حسن وفات ڪئي ته مون ۽ ادا حامد علي بابا سان اِهو مرثيو پڙهايو هو.“

مون کين چيو ته، ”پوءِ توهان پڙهڻ ڇو ڇڏيو!؟“

چيائين ته، ”يار! بس... جڏهن منهنجي بدلي ڪوئيٽا ٿي، ته پوءِ مرثيه پڙهڻ ڇڏي ڏنم. __ آءٌ جڏهن ڪوئيٽا ويس ته ادا حامد علي مون کي اُتي به خط لکندو هو.“

مراد علي مرزا کي ڪيترائي اهڙا سُر ياد هئا، جيڪي اڄ اسان وٽ شايد ئي ڪنهن کي ياد هجن! هُن مون کي ڪجهه سُر ياد ڪرايا هئا. __ هُو پنهنجي سُڀاءَ ۾ شاعر به هو، ته سخن شناس به.

شاعري، شاعر جي جذبات ۽ خيالن جي ترجماني ڪري ٿي. جيتريقدر مراد علي مرزا جي شاعريءَ جو تعلق آهي، ته اُن لاءِ آءٌ فقط ايترو چوندس ته، شاعري حقيقت ۾ شاعر جي دل جو آواز هوندو آهي، جيڪو سيني مان اٿل کائي زبان تي ايندو آهي ۽ شاعر جو فڪر لفظن جي صورت اختيار ڪري سندس جذبات جي عڪاسي ڪندو آهي.

مراد علي مرزا جو ڪلام هِتي پيش ڪجي ٿو، جنهن ذريعي سندس فن ۽ فڪر کي پَرکي سگهجي ٿو.

مراد علي مرزا جي شاعريءَ ۾ هڪ آزاد نظم آهي، جنهن ۾ پاڻ محبوب جي پاڪ و صفا محبت جو مثال ڪهڙي نه سهڻي انداز ۾ ڏنو اٿس:

الوداع

جيئن مسافر ڪو بيقراريءَ مان

پيالو پاڻيءَ جو چپن سان لائي.

مون به اهڙي طرح ڪيو حاصل

تنهنجي پاڪ و صفا محبت کي.

 

ليڪن افسوس آهي صد افسوس

وقت گذريل کي مان نه آڻي سگهيس.

تنهنجي آواره روح کي آئون

دل جي گھرائين ۾ نه ڳولي سگھيس.

 

مون کي بخشي تو هڪ گھڙيءَ جي خوشي

مثل گل تنهن کي سيني سان لاتم.

هاڻي سوچيان ٿي تون ڪڏهن ايندين

زندگي گذرندي جو با صد و غم

 

هاڻي دل چاهي ٿي ته اڳتي وڌي

تنهنجي گھوڙي جا پير آئون چمان

تنهنجي قدمن تي ڳوڙها نذر ڪري

آخري بار الوداع چوان.

 

(18.10.52 - وقت 12 بجه رات)

 

مراد علي مرزا آفاقي شاعر آهي، هُو پنهنجي هڪ نظم ۾ سماج جي عڪاسي هن طرح ڪري ٿو:

زندان ِ وطن

 

ملي وئي خاڪ ۾ آخر اسان جي هيءَ تدبير

نه ڄاڻان ڪهڙي طرف اهل ِ دل جي آ تقدير

 

دماغ و دل تي چڙهيل آهي ڪلف مذهب جو

گلي ۾ لٽڪي پيو ماضيءَ سندو اڃان زنجير

 

اڳوڻي رسم جون آهن ڪڙيون ڪراين ۾

ڪُلهن تي آهي مُسلط صدين کان هي تعزير

 

بجاءِ کاڄ جي تدبير ٿئي ٿي ڪلچر جي

زمين تي خيال مگر، ٿي هوا ۾ ئي تعمير

 

قضائي ناشدني جي ڪمان ڪڙڪي پئي

۽ بيگناهه گَلن تي ڦري پئي شمشير

 

اکين اڳيان ٿيون نچن شام غم جون تصويرون

جو ماند صبح مسرت جي ٿي وئي تنوير

 

بجاءِ عمل جي بيڪار بحث آهي رڳو

۽ علم و فن جو ذڪر آهي جَهل جو تفسير

 

هي گھمندي ڦرندي جا چؤطرف ٿا ڏسو صورت

سا زندگي جي نه، پر آهي موت جي تصوير

 

وڃي ڪو اهل ِ تدبر کي هي رسائي پيام

ڪري نه خاڪ ۾ شامل اوهان ئي جي تدبير

 

اهو درست ته ”جيئن دير تيئن ٿئي ٿو خير“

مگر ڪري ٿي نگوسار هر جڳهه تاخير

 

نه آهي زندگي پر موت، فاقه ۽ ڳوڙها

مصيبتن جي ملي آهي ورثي ۾ جاگير

 

گھڻي ئي ويس مٽائي، بلا ٿي ڪڙڪي ٿي

هي زهر خند نما ليڊران جي تقرير

 

ختم ٿي ويندا پراڻا سڀئي اصول و خيال

ٿي لرزي منهنجي لب گرم تي اُها تقرير

 

پيام ِ خواب ِ اجل آهي هي به هر صورت

’مراد‘ نالهء ناقوس يا نعرهء تڪبير

(16.11.52)

 

دروغ گو را حافظ نه باشد

جوش جذبو سڀيئي ختم ٿي ويو،

هر ڪو ارمان دل ۾ رهجي ويو.

ڪشمڪش زندگيءَ جي هلندي رهي،

دل ِ ندوريءَ جو حشر ٿي هي ويو.

 

جيستائين حيات قائم آھ،

رنج و راحت جو سلسلو رهندو.

غم ِ محبوب ۽ غم ِ روزي،

هڪ ختم ٿيندو ٻيو شروع ٿيندو.

 

علم و دانش جا هي سڀئي دفتر،

ڇو محض ِ زينت جھان آهن.

۽ هي انسان ان جا خلقيندڙ،

ڇو پريشان بي گمان آهن.

 

وڄ وانگر وڃي ٿو ڀڄندو وقت،

هيءَ دنيا به ڄڻ حباب آهي.

جيڪي ڪرڻو اٿئي ڪري وٺ سو،

سارو عالم مثال ِ خواب آهي.

 

اڄ نه ٻڌجن ٿيون سي مٺيون لاتيون،

جن جي ٻڌنديئي دل پئي ٽڙندي هئي.

دور نظرن کان ٿي ويا سي دوست،

پل به جن کان سوا نه سرندي هئي.

 

چهري تي نمايان هي تبسم آهي،

سيني ۾ عجب تلاطم آهي.

هر تار بدن جي ٿي تنواري ان کي،

ڇا رات جو خاموش ترنم آهي.

 

ماضيءَ جا ورق اٿلائيندي:

ياد ِ يار

ياد ِ ماضي جا نقش اُڀرن ٿا

دل ۾ ارمان منهنجي ڦٿڪن ٿا

هر سُو آهي انڌيرو پکڙيل پر

يادگيرين جا ڏيئا ٽمڪن ٿا

(19.11.52)

 

ناز وارا نيڻ ڏسندي:

 

الٰهي انهن ناز وارين اکين ۾،

خبر ناهي ڪهڙو ڀريل جادو آهي.

(30.4.55)

 

مراد علي مرزا سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي، جنهن ادب ۾ ڪهاڻي، ڊرامه، ناول نويسي، مضمون ۽ مقالا نگاريءَ ۾ پاڻ ملهايو آهي، پر ادب ۾ بطور ترجمه نگار جي مڃتا ماڻي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن مان هر هڪ کي ادب ۾ اعليٰ مقام حاصل آهي. پر سندس جنهن تخليق کيس زندهء جاويد بنائي ڇڏيو، سا آهي ”سامي سِڄَ وَڙاءُ“__ جنهن ۾ پاڻ پهريون ڀيرو سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي زندگيءَ جي احوال کي ناول جي روپ ۾ لکيو اٿس، جيڪا سندس هڪ لازوال تصنيف آهي.

چاچا مراد علي مرزا

عرفان علي انصاري

 

چاچا مراد علي مرزا سان آچر ڏينهن تي ٿڌڙي صبح جو ملاقات لاءِ ويس، ته پاڻ حسبِ دستور سندس گهر جي ڏکڻ واري پاسي کُلندڙ دريءَ جي سامهون ويٺل هُئا، هن دريءَ مان تمام ٿڌي هوا گُهلندي آهي، جنهن ڪري پکي کولڻ جي ضرورت محسوس ئي نه ٿيندي آهي. جنهن هال ۾ اڪثر سندن اُٿڻ ويهڻ ٿئي ٿو ، سو هڪ شاندار نمونو آهي عمارت سازيءَ جو- آرام ڪرسيءَ تي ويٺي پاڻ ڌونئري سان ناشتو  پئي ڪيائون، ڀرسان پيل کٽ تي هڪ سنڌي افسانن جو ڪتاب (جيڪو شايد اڪيڊمي آف ليٽرس پاران موڪليل هو تجزيي لاءِ) ۽ ريڊيو سيٽ رکيل هو...سندس سامهون 14 انچ واري ٽيليويزن هلي رهي هئي جنهن تي ’جِيَو‘ چينل ٽيون  ٿيل هو ۽ خبرون دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو هو. آچر واريون خبرون اُن لاءِ به سندس لاءِ اهم هيون جو هڪ ڏينهن اڳ يعني 12 مئي تي ڪراچي ڌارين قومن پاران ساڙيو ۽ جلايو پئي ويو... 45 ماڻهن کان به وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 100 ماڻهو  زخمي ٿيا.  ملڪ جي صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي ٿي پئي آهي خبر نه ٿي پئي ته ڪهڙي ڏِسا ڏانهن ملڪ کي وٺيو پيا وڃن ۽ نه وري اِها خبر ٿي پئي ته ٻنهي ڌُرين مان ڪير سچو آهي ۽ ڪير وري ڪُوڙَ  تي بيٺو نچي! خبرن جو چئنل اڃا هلندڙ هو ته پاڻ star plus ٽيون ڪندي چيائين ته، ”يارَ پاڻ ته ڪچهري ڪنداسين هن کي (گهر واريءَ کي ) اِهو چئنل هڻي ڏيونس متان بور نه ٿئي“- چيومانس:”بلڪل صحيح ٿا چئو اوهين“. حال احوال ڪندي سندس گهرَ واريءَ مون کي شڪايتي انداز ۾ چوڻ لڳي، ”ابا چاچهين هاڻ دوا نه ٿو کائنئي، هڻي هڻي بيٺي آهيانس اصل نابري واري بيٺو آهي... اُن دوران جڏهن سندس گهر واري شڪايت ڪري رهي هُئي ته پاڻَ مُسلسل چئي رهيو هُئو ”بس... بس... بس...“ تنهن تي مون کي اُهو  ڏينهن ياد آيو جنهن ڏينهن چاچا منهنجي گهر آيو هو، سلام دُعا بعد محسوس ڪيم ته پاڻَ بي چين پيو لڳي ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيو  نِهاري ... سوچيم ڪا ڳالهه سندس دِل ۾ آهي جيڪا سلڻ چاهين ٿا، پرَ خُدا ڄاڻي اڃا ڇو چُپ آهن...آخر پاڻ خاموشيءَ جو پهاڙ ٽوڙيائون ۽ چيائين ”يارَ آئون ڇا ڪيان؟“... سئوٽ ضد ڪري  بيٺي آهي ته آئون دوا نه کائينديس- يارَکيس بلڊ پريشر آهي ۽ هُوءَ نٿي ڄاڻي ته اُنَ لاءِ روزانو  هڪ گوري ڪيڏي نه ضروري آهي، جي چاچا سچ ٿا چئو...اچو ته آئون به هلان ٿو  اوهان ڏي، ٿي سگهي دوا منهنجي هٿ سان کائي بُوا، ۽ ٿيو به ايئن ...پاڻَ وضعدار خاندان جي ڌيءُ  هُئي، ننڍَ وڏائي سندن تربيت ۾ شامل آهي، سو هڪ ئي ڀيرو چوڻَ تي مُشڪندي دوا جو وزن کائي چاچا کي بي چيني ۽ خفي کان بچائي وِڌائين. اَڄ وري اُنَ جي اُبتڙ ٿيو سندس گهر واريءَ مون کي ڏٺو ته وجهه وٺندي سندس شڪايت مون کي ڏنائين، تنهن تي چاچا وراڻيو ،” يارَ بس تون اِنَ ڳالهه کي ڇڏي ڏي مون کي اِهو  ٻُڌاءِ ته تون ڇا پيو ڪرين“؟...”اَمرتا جو نئون پرچو آيل آهي سو پئي اڄ صبحَ پڙهيم...ڪالهه  رات اوهان لاءِ به کڻي آيو هُئس... اوهانجي گهر جو صدر دروازو کُليل نه هو .اڄ صبح جو ئي اوهان جو  ڇپيل خط پڙهيم “... تنهن تي پاڻ ٻيهر وضاحتَ ڪندي چيائين ته ”سنڌي گرامر ۾ مرڪب لفظ  لکڻ غلط آهن.مثال طور”کان پوءِ“ تنهن کي اڪثر لکن ”کانپوءِ“ اهڙيءَ طرح ’کان سواءِ‘ تنهن کي لکن ’کانسواءِ‘...اصل ۾ اِهي  لفظَ مفرد آهن جن کي گهڻا ليکاري مُرڪب ڪري لکن ٿا، سو صحيح ناهي... ڀلا ’سامي سِڄ وڙاءُ‘ جو  باب پڙهيئي؟ پُڇيائين. جي ها چاچا: ”وراڻيم... ڪيئن لڳو توکي؟...“ چيومانس ته معافي ڏيو ته ڳالهه ڪيان؟... منهنجي حيثيت ناهي جو  اوهان جي لکيل ناول تي ڪا راءِ ڏئي سگهان، پر جيڪو پڙهندي محسوس ڪيو آهي سو عرض رکان ته ناراض نه ٿجو...تنهن تي وڏي دِل ڪندي چيائين ’ نه نه بلڪل هر پڙهندڙ  پنهنجي راِءِ رکي سگهي ٿو اُنَ لاءِ ٻُڌاءِ تون ڇا ٿو چوڻ چاهين؟اصل ۾  اوهان  جي ناول’سامي سڄ وڙاءُ‘ جا ڪيترا ئي باب اڳي نه فقط پاڻمرادو پڙهي چُڪو آهيان پر اوهان پنهنجي انداز ۾  مون کي پڙهي به ٻُڌايو آهي... ۽ هِڪ ڀيري اوهان ناول پڙهندي پڙهندي لڙڪ هاري ويٺا هُئا. سو انهن  بابن  ۽ هن باب ۾ فرق اهو آهي ته اوهان هن باب کي گهٽ محنت ۽ سهڻن لفظن جي رچاءَ سان نه سجايو آهيو... تنهن تي پاڻ وراڻيائين: ’ٿي سگهي ٿو  ته پڙهڻ واري جو موڊ به ايڏو پڙهڻ لاءِ نه هُجي‘.تنهن تي مون وراڻيو ته، ٿي سگهي ٿو اوهان صحيح هُجو پر هن باب جي اهميت ڪجهه ان ڪري به وڌيڪ آهي، جو هن ۾  لطيف سرڪار جي شادي ٿي رهي آهي ۽ اهڙي گهراڻي مان جيڪو سُکيو ستابو گهراڻو هو، تنهن جي ريتن ۽ رسمن کي تمام جلديءَ ۾ ئي سهيڙيو ۽ سموهيو ويو آهي.“

ڪنوار جي هار سينگار کي نظر انداز ڪيو ويو آهي جيڪو  وڏي اهميت جو حامل آهي. تنهن کان سواءِ اهو  تمام  بهتر ٿئي ها، جيڪڏهن اڄ کان 300 سال پهرين شادين ۾  هُڳاءُ پيدا ڪرڻ وارين خوشبوئن جو  ذڪر ڪجي ها. شاديءَ جي هن باب ۾ ڪٿي به نه عطر نه عنبير ۽ نه ئي وري بَخور وغيره جو ذڪر ٿيل آهي. ڇو ته ناول جي هڪ گُهرج ماحول ۽ ان وقت مروج شين جي استعمال جو مڪمل تفصيل ڏيڻ آهي- خير بهرحال ٿلهي ليکي هي چيپٽر ڪهاڻيءَ جي هڪ خوبصورت ڪڙي ثابت ٿي آهي... انهيءَ راءِ تي پاڻ وراڻيائين ته، ”جڏهن مون هي ناول لکڻ شروع ڪيو هو ته لطيف سرڪار جي زندگيءَ جو احوال هر رسالي ۾  تمام مختصر ڄاڻايل آهي... جنهن جي مٿس لکيل سمورن ڪتابن، رسالن ۽ تحقيقي مقالن جو مڪمل طور مطالعو ڪيو اٿم، تنهن بعد ئي اهڙي قابل ٿيس جو 23 چيپٽر لکي مڪمل ڪيا اٿم- باقي اڳيان ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي... ڇو جو مثال طور لطيف سرڪار جي زندگيءَ جو هڪ اهڙو واقعو  جيڪو عام آهي سو منهنجي هن ناول لاءِ ايترو مستند نه آهي، جنهن کي ناول ۾  شامل ڪجي“ تنهن تي سوال ڪندي ان واقعي بابت پُڇيومانس ته ”اُهو ڪهڙو واقعو آهي؟“ چيائين ته ”جڏهن لطيف سرڪار پنهنجي فقير کي تڪڙو تڪڙو ويندو ڏٺو ته لطيف کانئس پُڇيو ته ’ فقير تڪڙو تڪڙو ڪيڏانهن پيو وڃين؟‘ تنهن تي فقير وراڻيو: سرڪار حويليءَ وارن سَڌَ ڪئي آهي ته کين پلو  مڇي وٺي ڏجي.‘ تنهن تي  اچرج کائيندي لطيف سرڪار وراڻيو: ’اهڙو اولاد ئي گهوريو، جيڪو منهنجي فقيرن کي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ ئي پيو ڊوڙائي‘. سو اهڙي قسم جي واقعن، جن جي حقيقت تي شڪ هُجي تن کي ڪهڙي نموني ۽ ڪيئن بيان ڪجي؟“ اڃا ڳالهه هلندڙ ئي هُئي ته بُوا (مُراد صاحب جي گهر واري) چانهه کڻي آئي چيائين’ابا ٻيو ڪجهه ته نه ٿو کائين چانهه ته ِپيءُ ڀلا‘ جي بُوا...ڇو نه، مون وراڻيو. چانهه جي سُرڪ پيئندي مُراد صاحب کان سوال ڪيم ته، لکڻ سان گڏ ٻيو اوهين ڇا پيا پڙهو؟ تنهن تي واهه واهه ڪندي هڪ نوجوان ليکڪ جي تعريف ڪندي نه پئي ٿڪيو. چيائين: ”يار تمام زبردست ليکڪ آهي، جينيئس آهي ڪيڏو نه سچ لکيو اٿس... سڀ ڪجهه لکيو اٿس، جيڪا وارتا سندس زندگيءَ ۾ ٿي آهي سا وڏي سليقي سان لکي اٿس“.آخر اهو ڪهڙو ليکڪ آهي چاچا؟ مون پڇيو. ”يار جنهن جو پيءُ ريڊيو پاڪستان جي زراعت واري شعبي ۾ به ڪم ڪندو هو پر تون ان کي نه سُڃاڻين ڇو ته هو تمام پراڻو ماڻهو هو ۽ تنهنجي نوڪريءَ کان اڳ تمام گهڻو اڳ هوندو هو.چڱو بيهه ته آئون اهو ڪتاب کڻي ٿو اچان. اچي هي ڏس هُن ڪتاب ڏيندي چيو“. جي چاچا هي ته ضراب حيدر آهي ۽ هي سندس ڪتاب ’زندگيءَ جو سفر تون ۽ مان‘ مشهور ڪتاب آهي. مون ڪتاب کي ڏسندي ئي چيو! ’يار هن جهڙو ليکڪ هن وقت سڄي سنڌ ۾ ناهي‘ واهه واهه... ۽ انشاءَ الله  هي ڪڏهن انعام ضرور کڻندو...ادبي انعام- مُراد صاحب اڳ ڪٿي ڪندي چيو.

مُراد صاحب پنهنجي ذات ۾ هڪ شريف النفس انسان آهي. زندگيءَ ڏانهن سندن رويو هميشه سنجيده رهيو آهي.

جڏهن کان پاڻ رٽائر ٿيا آهن، تڏهن کان فقط گهر جون چارديوارون ۽ پاڻ... جيڪڏهن ڪڏهن نڪرندا ته هر مهيني جي پهرين تاريخ تي پينشن جو چيڪ وٺڻ لاءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ويندا. پينشن جي پئسن مان سڄي مهيني جون دوائون ۽ تنهن بعد پريس ڪلب حيدرآباد ۽ ڪڏهن ڪڏهن بئسنت هال ۾ لڳل ڪتابن جي نمائش مان ڪتاب خريد ڪرڻ ان ڏينهن ۾ اوس شامل هوندو آهي-ڪتابن جي معلومات وٽس اڳ ئي هوندي آهي، جنهن ڪري ڪتابن جي دُڪان تي چڙهڻ وقت دُڪاندار کي ڪتاب جو نالو ٻُڌائي چوندا آهن، فلاڻو ڪتاب گهربل آهي. ان وچ ۾ پاڻ سراسري نظر ڊوڙائيندا ٻين ڪتابن تي-پاڻ هميشه چوندا رهيا آهن ته ڪتاب سندن زندگيءَ جو هڪ اهڙو ساٿي رهيو آهي جو اڄ ڏينهن تائين به سندس زندگيءَ جا پَهرَ انهن جي ئي وچ ۾ پيا گذرن.گهر جي ورانڊي ۾ پارٽيشن ڏئي پنهنجي لاءِ هڪ ڪمرو ٺهرايو اٿن. جنهن ۾ هر طرف ڪتابن جا ڍير پيا اٿن. هڪ کٽ، ڪرسي ۽ هڪ ٽيبل کان سواءِ!

 

مراد علي مرزا جا ناول

مختيار احمد ملاح

        مراد علي مرزا جو جنم ٽنڊو آغا اسماعيل شاهه ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. هُو ريڊيو پاڪستان سان به واسبته رهيو آهي. هُو شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامانويس، مترجم ۽ نقاد آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندس ناولن جي سلسلي ۾ ’گئبريل گارشيا مارڪيئز‘ جي ناول جو ترجمو ”اڪيلائي جا هڪ سؤ سال“ (2000) ۽ ”سامي سڄ وڙاءُ“ (ناول) شايع ٿيل آهن.

رت ورني رات:  ناولٽ ”رت ورني رات“، نئين زندگي: 1965ع ۾ قسطوار شايع ٿيو هو. هي ناولٽ گهريلو زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو.

اڪيلائي جا هڪ سؤ سال: مرزا صاحب هي ناول 1982ع ۾ نوبل انعام ماڻيندڙ هسپانوي ٻوليءَ جي مشهور ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار گيبئريل گارشيا (6th March 1927) جي شاهڪار ناول جو سنڌي م ترجمو ”اڪيلائي جا هڪ سؤ سال“ سان ڪيو. هي ناول سنڌيڪا اڪيڊمي طرفان 2000ع شايع ٿيو. مراد علي مرزا صاحب بنا ڪنهن ڦيرڦار جي ناول جو شاندار ترجمو هڪ شاهڪار ناول جو سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيو آهي.

        ناول جي ڪهاڻي مطابق بوئنديا خاندان ماڪوندو جو ڳوٺ اچي ٿو وسائي. شروع ۾ اهو ڳوٺ ترقي ڪندو سُکيو ستابو ٿئي ٿو، پر پوءِ اجتماعي بي حسي، بنانا ڪمپني، موتمار مينهن ۽ پُراسرار ۽ ناجائز جنسي لاڳاپن جي ڪري، ڳوٺ ڦِٽي جهنگ ٿي پوي ٿو. ڪردارن جي بي حسيءَ جو هڪ مثال هيءُ آهي ته ناول جي خوبصورت ۽ باعصمت ”ريميديوس بوئنديا“ جڏهن هنڌن جون چادرون ويڙهيندي، اوچتو چادرن سميت آسمان ڏانهن اڏامي وڃي ٿي، ته سندس نڻان بيزار ٿيندي ڀڻڪي ٿي ته چادرون به هميشه هميشه لاءِ هليون ويون.“

        ناول ۾، لوڪ ادب ۽ رومن ڪيٿولڪ ازم گڏ جي هڪ ٿي ويا آهن، مزاح ۽ ڏند ڪٿا ۾ تصادم آهي ۽ ڪرامتون عام ڳالهين تي اثر انداز ٿين ٿيون، حقيقت ۽ غير حقيقت ڄڻ ته هڪ ئي سِڪي جا ٻه پاسا آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي پٺيان ٿين ٿا. اُن جو اسلوب جادو جهڙي حقيقت پسنديءَ وانگر آهي، جنهن ۾ واقعن ۽ شين جي خارجي صفتن ۽ انساني ذهن تي ٿيندڙ انهن واقعن جي اندروني اثرن ۾ فاصلا ختم ٿي وڃن ٿا، ايتري قدر جو واقعا پنهنجي مڪمل روپ ۾ پنهنجي وجود ۽ انساني تجربن سميت اڀري نروار ٿين ٿا.

سامي سڄ وڙاءُ : مراد علي مرزا جو هيءُ ناول سڀ کان پهرين، لطيف ڊائجسٽ ۾ قسطوار شايع ٿيو، ان بعد 2008ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو.

        هي ناول شاهه عبداللطيف ڀٽائيءُ جي حياتيءَ جو ’ڪٿائي‘ ناول (Biogrphical Novel) آهي. هتي واضح هجي ته شاهه جي حياتيءَ  بابت ناول لکڻ جي ڪوشش، گهڻن ليکڪن ڪئي هئي، پر ڪوبه ان ڪم کي وڌائي نه سگهيو، ڀٽائيءَ تي ناول لکڻ جو خواب شيخ اياز جو به هو، ڀٽائيءَ جي ڪردار کي مختصر طريقي سان آغا سليم به پنهنجي ناول هم اوست ۾ به پيش ڪيو هو.

        هيءُ ناول شاهه لطيف سائينءَ تي تحقيق ڪيل ڪتابن جهڙوڪ مرزا قليچ بيگ ”احوال شاهه لطيف ڀٽائي“، ”ڀيرو مل جو لطيفي سئر“، ڪلياڻ آڏواڻي جو ”شاهه جو رسالو“ وغيره جي آڌار تي لکيو ويو آهي. هن ناول ۾ شاهه جي حياتي، شاعري، شاهه جو عشق، شاهه جي روحانيت، سفر، دلچسپ واقعا، افسانوي انداز ۾ پيش ڪيا ويا آهن. ناول ۾ شاهه جو جيئرو جاڳندو، نماڻو، ڳنڀير، بيحد حساس، جذباتي ۽ شاعراڻو روپ چٽيو ويو آهي. ناول جي ٻولي شاندار، رٿا ۽ سٽاءُ ۽ پيشڪش عمدگيءَ سان ڏني ويئي آهي.

مراد علي مرزا جا ڊراما

مختيار احمد ملاح

 

       سنڌ جي هن مشهور ڪهاڻيڪار، نقاد، ترجما نگار ۽ ڊراما نويس جو جنم ٽنڊو آغا اسماعيل شاهه ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. هو ريڊيو پاڪستان سان وابسته رهيو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.

                مراد علي مرزا اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا آهن جن ۾ هن جا موضوع سماجي مسئلا، گهرو زندگي، نفسياتي مونجهارا آهن. سندس اسٽيج ڊرامن ۾ ”ويهن ورهين کان پوءِ“ ۽ ”لهرين لک لباس“ ريڊيو ڊرامن ۾ ”قيد خانو“، زنجير“، ”چوراهو“، ”اداس پاڇا“، ”بيگاري ڪئمپ“ ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ ”زخم زندگيءَ جا“، ”گنهگار“، ”ناسور“، ”آئينو“، ”اجرومن“، ”سئن هنيائون سُڃ ۾“ ۽ ”ڪهاڙو ۽ ڪنڌ“ قابل ذڪر ڊراما آهن.

مونجهارو: هن جو هڪ عربي ڊرامي جو ترجمو ان نالي سان (1997ع) ۾ شايع ٿيل آهي. هي ڊرامو توفيق الحڪيم جي  ڊرامي جو ترجمو آهي، هي ڊرامو پنهنجي عنوان جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو.

اجرومن؛ هن ڊرامي ۾ هڪ ايماندار محنتي هيڊ ماستر ڏيکاريو ويو آهي. هو جوان ڌيءَ جي شادي لاءِ قرض وٺي ٿو. اهي پئسا چور کڻي پئي ويو، جو هو زخمي ٿي پڪڙجي پيو. هيڊ ماستر نه صرف ان کي معاف ڪيو پر سندس ملم پٽي به ڪري ٿو.

زنجير: مراد علي مرزا جو ريڊيائي ڊرامو ”زنجير“ هڪ سماجي ڊرامو آهي، جنهن ۾ گهرو جيوت جو نقشو پيش ڪيو ويو آهي. هن ڊرامي ۾ هڪ پوڙهي کي ان ڪردار ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جو شاديءَ کان پوءِ هڪ پٽ جي پيءُ هوندي به پنهنجي سلڇڻي زال هوندي به، ڪنهن ٻيءَ عورت وٽ اچ وڃ شروع ڪري ٿو ۽ هو رات جو دير تائين ان عورت وٽ رهي، پنهنجي گهر تمام دير سان ايندو آهي. سندس زال سڄيون سڄيون راتيون سندس انتظار ۾ ويهي گذاري ٿي. سندس پٽ به انهيءَ انتظار ۾ جاڳندو رهي ٿو ته سندس بابو ايندو ۽ کيس شهزادي واري ڪهاڻي ٻڌائيندو. هڪ رات هو ڪافي دير سان موٽي ٿو، سندس زال جا مڙس جي عادتن مان هاڻ اچي تنگ ٿي هئي، سا ساڻس جهيڙو ڪري ٿي. هو بکايل آهي ۽ ماني گهري ٿو. سندس زال ڪاوڙ وچان کيس ماني  نٿي ڏئي ۽ طعنو ٿي ڏئيس ته هُن رَن ماني نه کارايئي؟ مڙس کي غصو ٿو اچي ۽ ڪاوڙ وچان گهر، زال ۽ ننڍڙي پٽ رشيد کي ڇڏي هليو وڃي ٿو. ڪجهه عرصي کان پوءِ اها عورت وفات ڪري وڃي ٿي.

        هن ڊرامي ۾ مرزا صاحب ان پوڙهي ۽ سندس پٽ (رشيد) جي وچ ۾ گفتگو مان پنهنجو مقصد ظاهر ڪرايو آهي، جو هن طرح آهي؛

        پوڙهو: آئون انهي شخص کي پنهنجو پٽ چوندي شرم محسوس ٿو ڪريان، جيڪو پنهنجي عزت ۽ ناموس کي وچ بازار ۾ ٺوڪرون هڻندو ٿو وتي. ڇا تو کي انهيءَ ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو؟

        رشيد: (ٽهڪ ڏيندي) توهان کي عزت ۽ ناموس جو سخت احساس آهي. (ٽهڪ ڏئي ٿو) اوهان عزت ۽ ناموس جي قبا پهري دنيا وارن کي ته دوکو ڏيئي سگهو ٿا، پر مون کي فريب نٿا ڏئي سگهو. منهنجي اکين اڳيان اوهان جي شخصيت هميشه بي نقاب رهندي.

         هن جي ڊرامان”چوراهو“ ۽ ”بيگار“ ۾ ڪردارن جي نفسياتي اپٽار ڪئي وئي آهي.

 

سامي سِڄ وڙاءُ

عرفان علي انصاري

 

[’سامي سِڄَ وڙاءُ‘ جي اسلام آباد ۾ ’سگا‘ ۽ ’لوڪ ورثه‘ پاران ٿيل ادبي ويهڪ جو احوال]

 

        امرتا جي جنوري ۽ فيبروري 2009ع واري شماري ۾ مراد علي مرزا جي شاهه لطيف بابت لکيل ناول جو اشتهار ڇپيل هو ته :انتطار جون گهڙيون ختم ٿي ويون ۽ ناول ’سامي سڄ وڙاءُ‘ ڇپجي پڌرو تي چُڪو آهي. ’امرتا‘ فاصلا طئي ڪري اسلام آباد ۾ رهندڙ G-11 جي پڙهندڙ وٽ جڏهن پهتو ته هُن هڪدم فون ڪري معلوم ڪرڻ گهريو ته ڪتاب کي ڪيئن حاصل ڪجي! هي پڙهندڙ هو اسان جو نوجوان دوست نياز نديم! جيڪو انتهائي سُلڇڻو، محبتي ۽ سڀني جو دل سان خدمت ۽ خيال رکڻ وارو. تِنهن سان ان وقت ئي اِها ڳالهه خيال ۾ آئي ته ڇا هِن ڪتاب تي اسلام آباد ۾ ڪا ادبي ويهڪ ڪجي؟ ۽ مراد علي مرزا کي اسلام آباد ۾ رهندڙن سان متعارف ڪرائجي ۽ اُتي جي رهواسين سان هن ناول بابت هڪ گڏجاڻي ڪجي ته ڇا اُهو ممڪن ٿي سگهندو؟. نياز ان وقت ئي ها ڪئي ۽ چيائين ته سُڀاڻي صبح جو گڏجاڻيءَ بابت حال احوال ٿيندو. ٻئي ڏينهن صبح جو تقريب جو سِٽاءُ ٽڪيٽن سميت فيڪس ڪيائين ۽ چيائين ته ڪتاب جي ڪاپي فوري طور موڪلي ڏئي ته جيئن ان کي اسٽڊي ڪري ڪتاب بابت گڏجاڻي ۾ بهرو وٺي سگهجي. 20 فيبروري جي شام ايئر بلو جي فلايٽ ۾ مان ۽ مراد علي مرزا اڏامي اسلام آباد پهتاسين، جتي موسم ۾ ٿڌاڻ هئي ۽ مجبوراً مون کي ۽ چاچا مراد کي پنهنجا ڪوٽ ڪڍي لائونج ۾ ئي پائڻا پيا. انهيءَ رات نياز اسان کي شاهه لطيف ڪميونٽي سينٽر ڏانهن وٺي ويو، جتي ٻئي ڏينهن صبح جو تقريب ٿيڻي هئي، اُتي پهتاسين ته اُتي موجود نوجوانن فرحان لطيف ميمڻ، محسن اسحاق، عمران خان سينٽر جو فرش پاڻيءَ سان ڌوئي رهيا هئا. محسوس ائين پئي ٿيو ڄڻ ته شاهه لطيف سنڌ مان پاڻ خود ان جڳهه تي پهچڻ وارو هئو. جنهن جي ڪري هال جي ڪنڊ ڪڙڇ کي اُجرو ڪيو پئي ويو. ان آسڻ کي بخور سان معطر پئي ڪيو. نياز نديم پاران ٺهرايل پينافليڪس بئنر، جنهن تان ناول ’سامي سڄ وڙاءُ‘ جو ٽائيٽل ۽ مراد علي مرزا جي تصوير جو عڪس ڏنو ويو هئو، تنهن کي دوستن جي حوالي ڪيو ويو ته جيئن صبح جو تقريب کان اڳ سامهون لڳايو وڃي. تنهن بعد نياز جي گهر پهچي ڪچهري ڪئي سين ۽ اک ٻوٽجڻ تائين خاطر تواضع جو سلسلو جاري هئو ۽ گري فروٽ جو شربت به هلندڙ هئو. نياز صبح جو اُٿاريو ۽ چيائين ته يار جلدي ڪريو، ڪميونٽي سينٽر پهچڻو آهي.

        ان صُبح جو مراد صاحب جسماني طور تي نحيف لڳو پئي چيائين، يار عرفان زندگي جو ڏيئو اجهامڻ وارو آهي. اوهان جي ڪري مڙئي زندگي جا ڪجهه پهر چڱا پيا گذرن، باقي پنهنجو وارو پورو ٿي ويو آهي. کيس دلجاءِ ڏني سين  ۽ اهڙي طرح ڪميونٽي سينٽر پهتاسين. تقريب جو آغاز ٿيو. اسٽيج تي رکيل ٽن ڪرسين تي سگا اسلام آباد جي صدر جناب نور محمد لاڙڪ، ڀرسان رکيل ڪرسي تي مراد علي مرزا ۽ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان جناب مرتضيٰ سولنگي کي ويهاريو ويو. پروگرام جو آغاز نياز نديم، شاهه سائين جي بيت سان ڪيو. آجيان لاءِ سگا جي صدر جناب نور محمد لاڙڪ کي سڏيو ويو جنهن خطاب ڪندي چيو ته سگا اسلام آباد کي اڄ فخر حاصل آهي ته سنڌ جي هڪ نامياري ۽ شاهه سائين سان پيار ڪندڙ اديب سان اسلام آباد ۾ رهاڻ رچائي وئي آهي، جنهن لاءِ سگا اسلام آباد جا مڙئي ساٿي ساڻن خوشيءَ جو اظهار ڪن ٿا. تنهن بعد محترم سائين مراد علي مرزا کي خطاب لاءِ سڏيو ويو، ڇو ته هنن تقريب کي ڪجهه ان انداز ۾ رٿيو هو ۽ ان رٿا جي پويان نياز نديم جو ذهن هُيو . هُن مطابق ڪتاب جو مصنف پاڻ ان ڪتاب بابت دوستن کي ڄاڻ ڏئي ته جيئن شريڪ محفل ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي. سو روايت کي ٽوڙيندي مراد علي مرزا کي گفتگو لاءِ دعوت ڏني وئي، جنهن پنهنجي گفتگو ۾ چيو:

        ”حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي سرزمين جو نمائنده شاعر آهي. هن پنهنجي شاعريءَ جي وسيلي سنڌي ٻوليءَ کي نوان رُخَ ڏنا، نيون راهون ڏيکاريون ۽ ان کي اوج تي پهچايو. لطيف جي شاعراڻي ڪمال تي سندس آخري زماني جي تذڪره نگار مير علي شير قانع کان وٺي، اڄ جي محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تائين سڀني پنهنجي سوچ، پنهنجي ڄاڻ مطابق ڀرپور انداز ۾ لکيو آهي، پر هن جي باري ۾ ڪا به اهڙي لکت ، ڪابه اهڙي تحرير نظر نه ٿي اچي، جنهن ۾ سندس آنڌ مانڌ، اندر جي لوڇ پوڇ، بيچيني ۽ بيقراري ظاهر ٿيندي هجي. لطيف ته سراپا بيچيني ۽ بيقراريءَ جو روپ هو. لطيف جو اهو اصلڪو روپ، اهو سڀاءُ وقت جي دَزَ جي هيٺان لڪو پيو آهي. هن جي عاليشان شخصيت تي عقيدت ۽ احترام جا ايترا ته پَڙ ۽ پوش پيل آهن، جن جي بارَ هيٺ هن جي شخصي فضيلت لڪي ويئي آهي. مون ناول ’سامي سڄ وڙاءُ‘ ۾ اهي پَڙ ۽ پوش پاسي ڪندي هن جي انهيءَ بي مثال روپ کي ظاهر ڪرڻ جو سعيو ڪيو آهي. ۽ اهو سڀ ڪجهه صرف ناول جي صورت ۾ ممڪن ٿي پئي سگهيو. ناول جي ضرورتن ۽ گهرجن هيٺ لطيف جي زماني جي سماجي صورتحال جي عڪس بندي ڪرڻ خاطر پڻ ڪيترن ئي مسئلن ۽ معاملن کي اٿلايو ويو آهي. لطيف هڪ ديهي شاعر هو، جيئن ته هن جو ڪلام ٻڌائي ٿو ۽ جِيئن شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته: لطيف سِجَ کي سِڄَ چوي ٿو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شروعاتي ڳائڻن ۾ هڪ سُشيلا مهتاڻي به هئي، هوءَ لطيف جي وائي ڳائيندي هئي ته، ”دل ڪر دِرخت جي دستور“. اهو اوپرو لفظ سنڌ جا ڳوٺاڻا ايئن ئي اُچاريندا هئا جو اها سندن لساني ضرورت هئي. لطيف جو زمانو اوطاقي ڪلچر جو زمانو هو ۽ تصوف ان ڪلچر جو روح هو. هر ڪا حقيقت تصوف جي حوالي سان معلوم ڪبي هئي. اهو سنڌ ۾ هندو-مسلم تهذيب جو به زمانو هو. ويدانت جي تصوف جي ويجهڙائپ هئي. هندو فقير ڪير هئا؟ جوڳي، ڪن ڪٽ ڪاپڙي ڪير هئا؟ ڪهڙن پَٽَن تي هلندا هئا؟ ڇا کائيندا ڇا اوڍيندا هئا؟ پيرن ۾ ڇا هوندو هوَنَ؟ سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ ٻيڙياتا ڪِيئن پنهنجا ٻيڙا ڪاهي پرانهين سفر تي ويندا هئا. هنن جون ونيون سندن اوسيئڙي ۾ ڏيئا ٻاري ڪِيئن جَلَ جي وينتي ڪنديون هيون؟ تاريخي لحاظ سان سنڌ ملڪ ان وقت مغل بادشاهت جو هڪ حصو هو. لطيف جي ڦوهه جواني هئي ته مغل بادشاهه اورنگزيب وفات ڪري ويو. بادشاهه جي لاڏاڻي جو شاهه لطيف جي والد شاهه حبيب جي ڪچهري ۾ ايندڙ ڳوٺاڻن تي ڪهڙو اثر ٿئي ٿو. اهي ڳوٺاڻا ڇا سوچين ٿا؟ ان ئي زماني ۾ شاهه عنايت جي شهادت جو المناڪ واقعو ٿيو. ان واقعي ديهي سماج ۾ هڪ وِلوڙَ آندي هئي. لطيف سامين سان گڏجي هنگلاج جو سفر ڪيو، ٺٽي ۽ ننگر جهڙو بادشاهي شهر ڏٺو. هو ٿر ۽ ريگستان ۾ رليو، اهي سمورا رولڙا هن عشق جي آڙاهه ۾ ٽِپو ڏئي پاڻ کي بچائڻ ۽ پختو ڪرڻ لاءِ ڪيا. هن اُن بيبيءَ سان شادي ڪئي، جنهن جي آڱر جهلي هن کي لهرين ۽ لوڏن کان بچائڻ جي لطيف دعا ڪئي. پر اهو ساٿ سلامت نه رهيو. اهي سمورا واقعا ۽ حادثا لفطن جي روپ ۾ گهڙي هر وقت هن جي ساهه سان گڏ هلندا رهيا. پوءِ لطيف پنهنجي باقي حياتي ’يا الله مون ساريندي سُپرين‘ چئي گذاري.“

        مراد علي مرزا جي سحر انگيز گفتگوءَ کان پوءِ سحر گل ڀٽي پنهنجو مقالو پيش ڪيو. مقالي جي اُڻت مان لڳو پئي ته هُن ڪتاب ”سامِي سڄ وڙاءُ“ کي پهرئين پني کان آخري پني تائين پڙهي مقالو تيار ڪيو. پاڻ چيائين ته، لطيف کي سمجهڻ لاءِ مٿس گهڻي کان گهڻو لکيو وڃي ۽ تحقيق ڪئي وڃي. مراد علي مرزا ناول لکي هڪ روايت وڌي آهي ۽ اسان کي اُتساهي به ٿو. حقيقت ۾ ڀٽائيءَ تي لکڻ تاريخ تي لکڻ برابر آهي. تنهن بعد مختيار ملڪ مراد علي مرزا جي ڪتابن، سندن علمي ۽ ادبي ڪاوشن بابت ٻُڌائيندي چيو ته ”جنهن زماني ۾ آئون يونيورسٽيءَ م پڙهندو هُئس، ان زماني ۾ مراد علي مرزا اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان خيرپور مقرر ٿي آيو ۽ ساڻن ان عرصي دوران ملاقات ٿي. شاهه لطيف بابت سندن ناول لطيف ڊائجسٽ ۾ پڙهيم جنهن جا ايڊيٽر بروهي صاحب جن هئا، پر جڏهن ناول پرهيوسين تڏهن هن تاريخي ناول کي وڌيڪ پڙهڻ جو اتساهه پيدا ٿيو، جيڪو اڄ پورو ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شاهه لطيف جي زندگيءَ کي ان طرح بيان ڪرڻ جي وڏي ضرورت هئي. هن تقريب ۾ هن ئي ناول بابت اهو به چيو ويو ته ڀٽائي پنهنجي ذات ۾ ٻوليءَ جو ڪرشمو آهي. ٻولين ۾ اهڙيون شخصيتون ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿينديون آهن. ڀٽائي ۽ سچل جي طبيعتن ۾ عجيب تضاد آهن. ڀٽائي وٽ جيڏو وڏو Grandure  آهي، اوڏي ئي نماڻائي آهي، نوڙت آهي. شاهه سائين جيڪڏهن فخر ڪيو آهي ته فقط پنهنجي سنڌي ٻوليءَ تي ڪيو آهي. ۽’سامي سڄ وڙاءُ‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هڪ ڪارنامو آهي، جنهن جو سِهرو مراد علي مرزا جي مٿي تي آهي. تقريب جي آخري مهمان جناب مرتضيٰ سولنگيءَ چيو ته سنڌي ٻولي ايڏي ته مضبوط ٻولي آهي، جنهن جا ڳالهائيندڙ ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندا ۽ مراد علي مرزا جهڙيون شخصيتون هن ٻوليءَ کي جيارينديون رهنديون. شاهه سائينءَ تي ناول، نه فقط هڪ تاريخي ڪم آهي پر هن ڪم ذريعي سنڌي ميڊيا جي به پرورش ٿئي پئي، ڇو ته هن ناول ۾ سنڌ آهي، سنڌ جي ثقافت آهي، رهڻي ڪهڻي آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سنڌ جي سوچ آهي ۽ پيغام آهي.

        هن تقريب ۾ جنهن جنهن دوست به شرڪت ڪئي، تنهن لطيف سائينءَ بابت گهٽ ۾ گهٽ اِهو ڄاتو ته لطيف فقط هڪ بزرگ ۽ بر گزيده شخصيت نه هئو بلڪه هُو هڪ عالمي سطح جو شآعر، مفڪر ۽ داناءُ شخص هُئو. پاڻ عشق جي ’ڪين‘ ۽ ’مهاڪين‘ مان ٽٻي ڏئي رَچِي ريٽو ٿي، لعلئون لال لطيف ٿيو ۽ اِهو عشق ئي آهي، جنهن هن دنيا جي انهن عظيم ڪردارن کي اَمرَ ڪري ڇڏيو، جن ۾ روميو جيوليٽ، شيرين فرهاد، سسئي پنهون ۽ سهڻي ميهار جهڙا ڪردار هن فاني دنيا ۾ لافانيت جا حامل آهن. تقريب ۾ ارشد مُراد، نصير مرزا، ماجد صديقي، طارق سيال، فيض کوسي، نظام الدين لغاريءَ، سڪندر هُليي، ڪاشف ميمڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي نياز نديم سمورن آيل مهمانن ۽ دوستن جا ٿورا مڃيا. تقريب جي آخر ۾ شريڪ نوجوانن مراد علي مرزا جو شاهه لطيف بابت لکيل ناول ’سامي سِڄ وڙاءُ‘ جون ڪاپيون خريد ڪري مراد علي مرزا جن کان اُنهيءَ ڪتاب تي پنهنجي يادگاري صحيح حاصل ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح هي تقريب، اسلام آباد جي ٿڌي هوا ۾ چانهه جي ڪپ تي پڄاڻي تي پهتي.

 

سامي سڄ وڙاءُ جو خالق

موهن مدهوش

 

ننڍپڻ ۾ مراد علي مرزا جو نالو مختلف ماڻهن واتان ٻڌندو هئم. محسوس ته تڏهن ئي ٿي ويو هئم ته هُو ڪو وڏو ماڻهو آهي. نصير مرزا سان رفاقت ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي اهم شخصيتن سان ناتو جُڙيو آهي، پر سنڌي ادب جي جنهن مهان شخصيت سان هُن ناتو جوڙايو، اهو آهي مراد علي مرزا. جي ها! سنڌي ادب جو وڏو نالو مراد علي مرزا. روزاني معمول مطابق ٿيندو ائين آهي ته جڏهن نصير مرزا پنهنجي آفيس کان گهر لاءِ اُسهندو آهي ته واٽ ويندي ڪيترا ئي ننڍا وڏا ڪم اڪلائيندو، اسان جي ڪويتا پبليڪيشن جي آفيس ۾ ضرور لياڪو پائي ويندو آهي، پوءِ ڀلي ڪم هجي يا نه هجي، ملڻ ۽ هڪ ٻئي جو آواز ٻڌڻ جهڙوڪر ٻنهي کي اطمينان بخشيو ڇڏي.

هڪڙي دفعي پاڻ سان گڏ مراد صاحب کي مون وٽ وٺي آيو ۽ چيائين ته: ”هي آهي سائين مراد علي مرزا صاحب!“

نالو ته اڳ ئي ٻڌل هو، پر ڏسڻ سان ويتر خوشي ٿي. وري ٻيهر ساڻس هٿ ملائي چيم:

”اڇا! سائين توهان آهيو!“ مون بي تڪلف انداز ۾ چيو.

وقت گذرندو ويو ۽ سائين مراد صاحب سان ملاقاتن جو سلسلو به جاري رهيو.

هڪڙي ڏينهن نصير مرزا چيو ته، ”مراد صاحب جي شاهه لطيف تي لکيل ناول ’سامي سڄ وڙاءَ‘ کي ڪمپوز ڪرڻو آهي.“

مواد مون کي مليو ۽ ڪمپوزنگ جو ڪم شروع ٿي ويو، ته ٻئي ٽئين ڏينهن يا هفتي کان پوءِ مراد صاحب سان ملاقات ضرور ٿيندي هئي. پاڻ هڪڙي ڏينهن مون کي چيائون:

”يار هڪڙي ڳالهه ٻُڌ! هن ناول جون ڪجهه قسطون ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هڪ رسالي ”لطيف ڊائجيسٽ“ ۾ ڇپبيون هيون ته اچانڪ ايڊيٽر وٽان خطن جو ٿهو اچي پهتو، اهو اشارو هُن جو اڻ سڌو جواب هو ته، هاڻي هن ناول جون قسطون ڪونه ڇپبيون.“

”سائين انهن خطن ۾ ڇا هو؟“

”يار، اُهي خط ڪنهن ماڻهوءَ پاران ڌمڪي آويز هئا ته هاڻ وڌيڪ ناول جون قسطون ڇپبيون ته خير نه هوندوَ.“

”اهڙي ڳالهه توسان به ٿي سگهي ٿي!“

”سائين! لطيف جي راهه ۾ جيڪا به قرباني ڏيڻي پئي ته آءٌ ان لاءِ تيار آهيان.“ ماهوار ’امرتا‘ ۾ به ته ناول جون قسطون وقفي وقفي سان ڇپبيون رهيون آهن. “ مون جواب ۾ چيو.

پاڻ حيرت مان ڏسندي چيائين، ”واقعي!“

”سائين! ڪنهن به صورت ۾ ناول جي ڇپائيءَ کي پايهءِ تڪميل تائين پهچائبو.“

۽ ائين ”سامي سڄ وڙاءُ“ جو ڪم شروع ٿي ويو.

پاڻ ٿورو خاموش رهي وري چيائين: ”يار، ناول تي ISBN نمبر ضرور لڳائجان!“

”سائين اهو نمبر ڪٿان ملندو؟“

”اسلام آباد مان ڪنهن آفيس مان وٺبو آهي، آءٌ ڪنهن کان پُڇي ٻڌائيندوسانءِ!“ هن وراڻيو.

پوءِ ISBN جي حاصلات لاءِ مون سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ان وقت پبليڪيشن آفيسر طور ڪم ڪندڙ خالد آزاد وگهيي جي مدد سان گهربل فارم گهرائي ورتو ۽ ائين پوءِ ڪويتا پبليڪيشن جي هر ڪتاب تي ISBN نمبر لڳائڻ جي روايت پئي.

ٿوري دير کان پوءِ وري پاڻ چيئون:

”ها ٻي ڳالهه ته ريٽا شهاڻيءَ جي مهاڳ هيٺان شڪريي واري سِٽ ضرور وجهجانءِ!“ جيڪا پوءِ پاڻ هٿ سان اها سِٽَ لکي ڏنائين ۽  ڪتاب ”سامي سڄ وڙاءُ“ ڇپجي پڌرو ٿي ويو.

هڪڙي ڏينهن مراد صاحب صبح ساڻ اچي ويو، اڃا ڳالهين ۾ هئاسين ته ٻاهران ڪنهن ماڻهوءَ اچي مون کي چيو ته، ”سائين ابراهيم جويو توهان جو ٻاهر انتظار ڪري پيو!“

آئون نڪتس ئي پئي ته مراد صاحب يڪدم چيو:

”جويو صاحب آيو آهي، آئون به ساڻس ٻاهر هلي ملان ٿو.“

حيدرچوڪ جي ڪورٽ روڊ تي بيٺل ڪار تي نظر ڊوڙايم ته جويو صاحب ان ۾ ويٺو هو. اسان کي ڏسي هُو مسڪرائيندو ڪار جو در کولي ٻاهر آيو. اوچتو جويو صاحب ۽ مراد علي مرزا پاڻ ۾ ڀاڪرين پئجي ويا، مون محسوس ڪيو ته هُو ڪي ننڍپڻ جا پڪا پڳ-مٽ يار هئا.

مراد علي مرزا صاحب جڏهن به مون وٽ ايندو هو ته ربي چيمبر اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ مون تائين پهچڻ لاءِ کين 10-15 منٽ ضرور لڳندا هئا، حالانڪه پنڌ رڳو اڌ منٽ جو هو. هڪڙي ڏينهن آءٌ دوڪان جي در ٻاهران بيٺو هئس، پري کان ڏٺم ته مراد صاحب پنهنجي ڌُن ۾ اچي پيو، گليءَ جي ٻنهي پاسي دوڪانن کي آهستي آهستي ڏسندو اچي مون وٽ پهتو، پر ائين لڳو پئي ڄڻ دڪانن جي سير لاءِ نڪتو هجي. بهرحال، هُو ته هو ئي سيرُ سفرَ جو ماڻهو.

هُن سان گڏ ٻه سفرَ ته مون به ڪيا هئا: هڪڙو عمرڪوٽ ۽ ٻيو ڪراچيءَ جو.

عمرڪوٽ ضلعي جي ان وقت جي DCO محترم اڪبر لغاريءَ پاران عمرڪوٽ ۾ مراد صاحب جي ناول ”سامي سڄ وڙاءُ“ تي هڪ پروقار تقريب رکي هئي. ٺيڪ انهيءَ ئي ڏينهن صبح جو نصير مرزا ۽ قليچ سنگت پاران مرزا قليچ بيگ تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ تقريب به رکيل هئي ۽ اتان ئي مراد علي مرزا، نصير مرزا، ادريس جتوئي، تاج جويو، فقير محمد ڍول، وفا مولا بخش قمبراڻي، آءٌ ۽ هڪ ٻيو صاحب جيڪو پڻ ريڊيو پاڪستان سان وابسته هو، ڪراچيءَ مان خاص مراد صاحب جي پروگرام لاءِ آيل هو، سڀئي گڏجي ٽين بجي ڌاري وينَ ۾ سوار ٿي عمرڪوٽ لاءِ روانا ٿياسين. کِل ڀوڳ ڪندي سفر سٺو گذري ويو.

جڏهن عمرڪوٽ پهتاسين ته اسان جو آڌرڀاءُ DCO اڪبر لغاري ڪيو، جيڪو نه صرف هڪ سٺو اديب ۽ نقاد آهي، پر هميشه اديبن جي همت افزائي ڪندو رهندو آهي. هُن پاران اها تقريب ڊي.سي.او هائوس جي آڳنڌ تي رکي وئي هئي. آهستي آهستي ماڻهن سان پنڊال ڀرجي چڪو هو ۽ اسٽيج تي ويهاريا ويا هئا: مراد علي مرزا، تاج جويو، اڪبر لغاري، حليم باغي ۽ منظور مراد. ڪارروائي هلائي رهيو هو نصير مرزا. نصير مرزا جي اها خوبي آهي ته هُو ڪمپيئرنگ دوران هر ماڻهوءَ جو تعارف ايڏي مانائتي انداز سان ڪندو آهي، جو واه واه ٿيو وڃي. رات جو 11 بجي ڌاري اُها تقريب پڄاڻيءَ تي پهتي ۽ واپس وري ساڳيءَ وينَ ۾ حيدرآباد پهتاسين.

ڪراچيءَ جو سفر دراصل منهنجو اوچتو پروگرام هو. اُهو ڏينهن 4 ڊسمبر 2010ع جو هو. انهيءَ ڏينهن تي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ وارو ”ثقافتي ڏينهن“ ملهايو پئي ويو. ان ڏينهن تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ريجينٽ پلازه هوٽل ڪراچيءَ ۾ ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ جلد-2 جي مهورتي تقريب ٿي رهي هئي. نصير فون ڪري چيو هو ته:

”موهن! تيار رهو، اسان اچون پيا.“

ٿورو ٻاهر نڪري بيٺس ته ڪجهه ئي لمحن ۾ نصير مرزا، مراد صاحب ۽ فقير محمد ڍول ڪار سميت اچي پهتا. بس منهنجي ويهڻ جي دير هئي. مراد صاحب کي ڏٺم ته هٿ ملائي چيم ته، ”سائين! اڄ توهان ’صفا نوان‘ لڳا پيا آهيو.“ تنهن تي هن پنهنجي معصوم مرڪ سان منهنجي آجيان ڪئي.

سفر ڪندي نوري آباد وٽ CNG اسٽيشن تي ڪار ۾ جيستائين CNG پوي، تيستائين نصير چيو ته هتي چانهه ڇو نه پيئجي! سڀني چيو ته، ”ها! ضرور پيئبي“. پر مُراد صاحب چيو ته آءٌ ’ڪافي‘ پيئندس. سفر ۾ وري کِل ڀوڳ ۽ ڳالهيون شروع، پر ڪٿي به بوريت محسوس نه ٿي. ٻن اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ سڌو ڪراچيءَ ۾ ”ريجينٽ پلازه هوٽل“ تي پهتاسين، جتي تقريب رکيل هئي، اتي نصير ته لڳي ويو ڪمپيئرنگ ۾، مراد صاحب اڳيان وڃي پنهنجن دوستن سان ويٺو ۽ اسان وري اتي شريڪ ٿيندڙ دوستن سان رلي ملي وياسين. ان تقريب ۾ هڪڙي دلچسپ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته جڏهن وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه پنهنجي تقرير جي شروعات ۾ چيو ته ”هاڻ ڇا ڳالهايون، جيڪو سوچيون ٿا، اهو هي ڀائي (نصير مرزا) اڳ ۾ ئي چيو ڇڏي، اهڙا اهڙا جملا ڳالهائي ٿو، ڄڻ سڀني کي پنهنجو ڪريو ڇڏيو.“ ان تي حاضرين تاڙيون وڄائي نصير مرزا کي داد ڏنو. خير رات جو واپسيءَ مهل مراد صاحب کي ذوالفقار هاليپوٽو ۽ پروفيسر اعجاز قريشي پاڻ سان گڏ حيدرآباد وٺي ويا. آءٌ، ادل سومرو ۽ نصير مرزا وري ڪلفٽن تي ثقافت کاتي پاران Musical Concert ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نڪري وياسين.

ڳالهه هلي پئي مراد علي مرزا جي، ته مراد صاحب جڏهن به جتي به مليو، ڏاڍي قرب ۽ پنهنجائپ سان مليو. هڪڙي ڏينهن مون مراد صاحب کي چيو ته، ”سائين! ڪجهه ڏينهن ٿيا، جو رستي تي ويندڙ هڪڙي همراهه کي، مراد علي مرزا سمجهي ويٺس ۽ وڃي کيس ڀاڪر پاتم. پوءِ کڻي ڏسان ته، هُو مُراد صاحب ته هو ئي ڪونه. هن سان معذرت ڪيم ته چيائين، ”ڪا ڳالهه ڪانهي، ائين ٿي ويندو آهي.“

مراد صاحب تجسس مان پڇيو، ”ڀلا اهو آخر هو ڪير!؟“

”سائين لڳو ته ڪو سنڌي پئي.“

”اڇا!“

مون پوءِ اهو ساڳيو ماڻهو ٻيهر ماڊل اسڪول ۾ ڏٺو ۽ کانئس پڇا ڪيم ته ”سائين توهان جو نالو ڇا آهي؟“

هن چيو، ”بابا، آءٌ پروفيسر غلام حسين پٺاڻ آهيان ۽ آءٌ مراد صاحب کي سڃاڻان.“

اها ڳالهه جڏهن مون مراد صاحب کي ٻڌائي ته هن به اعتراف ڪيو ته هو به کيس سڃاڻي. بهرحال ڳالهين مان ڳالهيون نڪرن ٿيون ۽ وقت گذرڻ جو ڪو احساس ئي نٿو ٿئي.

هڪڙو ٻيو واقعو ياد اچي ٿو ته، ادِي ماهتاب محبوب جو وَر محبوب شيخ تازو لاڏاڻو ڪري ويو. سندس ٽيجهي تي آءٌ، نصير مرزا، عرفان انصاري، فقير محمد ڍول ۽ مراد علي مرزا اتي ويا هئاسين. ماهتاب جي گهر ٻاهران نڪتاسين ته، هڪ خاتون مراد صاحب جو هٿ جهلي چيو:

”هيڏانهن ڪار بيٺي آهي، هيڏانهن هل!“

ان تي مراد صاحب پريشان ٿي ويو ۽ يڪدم چيائين:

”ڪهڙي ڪار بيٺي آهي؟“مراد صاحب يڪدم هٿ لوڏيندي چيو:”نه نه، آءٌ اهو نه آهيان.“

خاتون غور سان ڏٺو ته کانئس ڀُل ٿي وئي هئي. اسان اهو سڀ ڪُجهه پري کان ڏٺو پئي، ان تي سڀئي اچي کِل ۾ ڇُٽاسين.

مراد علي مرزا جو ناول ”سامي سڄ وڙاءُ“ جڏهن ڇپيو، تڏهن سچ پچ مون محسوس ڪيو ته مون کي هڪ اعزاز مليو آهي ۽ آئون انهيءَ اعزاز مان خوش آهيان. سنڌي ادب ۾ شاهه لطيف تي هي پهريون ناول آهي، جيڪو شايد سائين مراد علي مرزا جي هٿان ئي لکجڻو هو. اهڙو ٻيو مراد علي مرزا وري ڪو شايد پيدا ٿي سگهي. اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. شاهه لطيف جي پانڌيئڙن ۽ سنڌ شناس ماڻهن لاءِ ”سامي سڄ وڙاءُ“ هڪڙو شاهڪار ناول آهي. آمريڪا، برطانيا يا يورپ ۾ اهڙو ناول جيڪڏهن لکيو وڃي ها ته ان تي Hollywood وارا ضرور فلم ٺاهين ها. اها ناول جي خصوصيت ۽ اهميت، پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيندي.

هن وقت مراد علي مرزا جسماني طور اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي، پر سندس لکڻيون ۽ ناول ڪڏهن به وسري نه سگهندا.

عظيم ڊرامه نگار ۽ ناول نويس جو لاڏاڻو

مصطفيٰ ملاح

 

        حيدرآباد جي وسندي ٽنڊي آغا ۾ اک کوليندڙ سنڌ جو نالي وارو ناول نويس، نقاد، مترجم، ڊرامه نگار، افسانه نگار مراد علي مرزا ڪالهه صبح جو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. مشهور ٽي وي آرٽسٽ منظور مراد جي والد مراد علي مرزا تي ڪجهه وقت اڳ فالج جو  حملو ٿيو هو، حيدرآباد جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو، پر ان دوران حڪومتي پارٽيءَ جي ڪنهن به اڳواڻ يا وزير سندس طبيعت ڪا نه پڇي. سندس علاج ريڊيو پاڪستان جي انتظاميا طرفان هلندڙ هو، مراد علي مرزا، شهيد بينظير ڀٽو جي خواهش تي انگريزي ڪتاب ”ڊاٽر آف ايسٽ“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ’پورب ڄائي‘ جي نالي سان  ڪيو، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو ڪيترن ئي نالي وارن ليکڪن کان انگريزي ڪتاب ”ڊاٽر آف ايسٽ“ جي ترجمي لاءِ سوچيو، پر وري چونڊ مراد علي مرزا جي ڪئي وئي. افسوس جو پ پ حڪومت مراد علي مرزا جي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهي، جڏهن ته ادبي مڃتا طور ان وقت جي صدر فاروق لغاري جي هٿان 1995ع ۾ هن کي صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو هو. مراد علي مرزا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ناول ”سامي سڄ وڙاءُ“ لکيو، جيڪو سنڌي ادب ۾ شاهه لطيف تي لکيل پهريون ناول آهي. اهو ڪتاب ڇهه مهينا اڳ مارڪيٽ ۾ آيو ۽ ايترو ته وڪرو ٿيو آهي، جو بڪ اسٽالن تان ختم ٿي ويو آهي. ان ڪتاب کي اڪيڊمي ادبيات پاڪستان، سنڌي ادبي سنگت ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان پاران سال جو بهترين ناول قرار ڏيئي ايوارڊ ڏنا ويا.

         1960ع ۾ مراد علي مرزا ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر جي حيثيت  ۾ ملازمت شروع ڪئي ۽ 1989ع ۾ پروگرام مينيجر جي عهدي تان ريٽائرمينٽ ورتائين. مراد علي مرزا، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لنئگويج اٿارٽيءَ جو مختلف وقتن تي سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ ٻنا دارن جو سيڪريٽري رهڻ هڪ اعزاز آهي. مرحوم جي مشهور ڊرامن ۾ ريڊيو پاڪستان تي ”قربتون ۽ فاصلا ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ ”هوشو شهيد“ شامل آهن، جڏهن ته هوشو شهيد تي اڄ تائين ڪنهن به ٽي وي ڊرامو نه لکيو آهي. جڏهن ته مرحوم مراد علي مرزاجي مشهور ڪتابن ۾ عالمي افسانه، مونجهارو، اڪيلائيءَ جا سؤ سال، ٻارن لاءِ آکاڻيون، ادبي تنقيدجا احوال، ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڪيترائي ٽي وي ڊراما، ريڊيو ڊراما ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيا.

 

موج ڀرئي مهراڻ جو سادو پاڻي جيئن

نصير مرزا

 

جيڪا موسم هُن جي روح کي گهڻو وڻندي هئي، اُن ئي موسم ۾ هن جي روحَ پرواز ڪيو. حقيقت ۾، مراد علي مرزا جو روح، هڪڙو عجب ئي روح هو. ساڻس ڪنهن شام جو ڊگهي واڪ تي هڪڙي دفعي نڪتس، ته سخت ڳڻتيءَ مان چيائين: ”اڙي يار!! حيدرآباد جو شهر وڻن کان ته خالي ئي ٿي ويو آهي! ڏس يار! ڪنهن به رستي جي پاسي کان، ڪو به وڻ، نظر ئي نٿو اچي. اسان جي ننڍپڻ ۾ ته هر پاسي، وڻ ئي وڻ... باغ ئي باغ نظر ايندا هئا، هن شهر ۾! ۽ هاڻي ته ڪو هڪڙو وڻ به ڪٿي نظر نٿو اچي.“ تڏهن دل وٺڻ لاءِ، ٺهَه پَهه چيو هو مانس: ”ڪا ڳالهه ناهي سَر! توهين جو اسان جا وڻ آهيو!“ هڪ دفعي کيس ڪو ڪتاب گفٽ ڪندي لکي ڏنم: ”مراد صاحب! توهين مون کي ايئنءَ وڻندا آهيو، جيئن پکين کي آسمان وڻندو آهي.“ 2009ع ۾، جڏهن سندس شاندار ناول ”سامي سڄ وڙاءُ“ ڇپجي آيو ته، اهو هُو پاڻ مون کي تحفي طور ڏيڻ لاءِ آفيس ۾ آيا. اتاولائيءَ مان ٽائٽل هٽائي، اندر ڏٺم، لکيل هو، ”پياري نصير لاءِ!! جنهن کي آئون ائين وڻندو آهيان، جيئن پکين کي آسمان“. هڪ دفعي هجت مان چيومانِس، توهان جي ۽ منهنجي هڪ ئي محبوبا آهي، ۽ اهو ٻڌي وضعدار مراد صاحب سخت ششدر ٿي ويو. حيران ٿيندي پراسرار نموني ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي (جيئن هنن جي عادت هوندي هئي) رازداريءَ سان پڇيائون: ”اها ڀلا ڪهڙي؟“ وراڻيم: ”عيني آپا“ يعني قرت العين حيدر...آگ ڪا دريا واري ناول نگار...۽ بس ايترو ٻُڌندي ئي، ٻارن وانگر ٽَهڪ ڏيئي کلڻ لڳو...ها....ها...ها...”عيني آپا...عيني آپا“ واقعي يار...نوپرابلم....صحيح آهي، صحيح آهي، ڪو اعتراض ڪونهي.“

يارو! مون کي اڄ هي به اعتراف آهي ته ريڊيو حيدرآباد تي اهو به مراد صاحب ئي هو، جنهن مون کي سڀ کان پهرين ڪمپيئر طور متعارف ڪرايو. پوءِ 1984ع کان آئون هن جو ڪليگ بڻيس ۽ آخر ۾ هو منهنجو باس ٿيو. پر حقيقت هيءَ آهي ته مراد صاحب منهنجو اول آخر دوست هو، ۽ منهنجي ساڻن علالت دوران جيڪا آخري ملاقات اسپتال ۾ ٿي هئي، ان ڏينهن سندن گهر واريءَ کين گِهري غشي مان سجاڳ ڪندي چيو پئي، مرزا صاحب! اکيون کوليو...اوهان جو پيارو دوست مرزا نصير آيو اٿوَ. اصل ۾ مراد صاحب ۽ منهنجي پائيدار دوستيءَ جا ٻه وڏا ڪارڻ هئا...هڪڙو ته ڊگها ڊگها پنڌ ڪرڻ ۽ ٻي ڳالهه هيءَ ته اسان جي پسند جا ليکڪ به ساڳيا ئي هئا... ”عيني آپا“، نير مسعود، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، ممتاز مرزا...پر هو پاڻ به گهٽ درجي جو نثر نگار ڪو نه هو. ”سامي سڄ وڙاءُ“ ۽ ”گارشيا“ جي ناول: اڪيلائي جا هڪ سئو سال ۾ جيڪو هن مترجم جي حيثيت ۾ سنڌي نثر لکيو آهي، ان جو به ڪو جواب ئي ڪونهي. ”شاعري يا شعر“ مراد صاحب کي گهڻو ڪري گهٽ ئي ياد هوندا هئا، پر ڪي ڪي ڳالهيون، هو ڏاڍيون شاعراڻيون ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڪندو هو. مثال طور، ڪنهن ڏينهن آفيس مان، پنڌ ئي پنڌ گهر ويندي، موسم جهڙالي ٿي ويندي هئي، ته پاڻ جهڙوڪر سڄو خوشيءَ سان ڀرجي ويندو هو، ۽ مٿان جي رکي رکي آسمان مان ڪا بوند ڇڻي، سندس پيشانيءَ يا چپن تي اچي پوندي هئس ته چوندو هئو: ”يار نشا چڙهي ويا“... ۽ پنڌ هلندي هلندي ڪنهن گهر يا ڪنهن اوسي پاسي، سائي ستابي وڻ تي سندس نظر پوندي هئي ته ساون پنن کي ائين حيرت ۽ محبت مان ڏسڻ لڳندو هو، ڄڻ پنهنجي اولاد کي ڏسي آسيس پيو ماڻي. اونهاري ۾ ڌوڙين واري موسم ۽ پن ڇڻ ۾ آفيس جي دريءَ مان، ٽارين تان هوا ۾ جڏهن پَن ڇڻڻ لڳندا هئا، ته انهن ڏانهن ڏسندي، ڪيئي ڀيرا مون هن کي اداس ٿيندي به ڏٺو هو. رات جي سناٽي ۾، پري کان ايندڙ تِڏ، ڪنهن پکيءَ جي رڙ يا دُور کان ايندڙ ڪنهن ڪُتي جي اوناڙ ۽ اهي سڀ آواز، هن کي ڏاڍو هانٽ ڪندا هئا، ۽ پنهنجي اندر ۾، ڇاڪاڻ ته هُو هڪڙو ڏاڍو پُراسرار انسان هئو ۽ ڪيفيتن ۾ سوچيندڙ قلمڪار هو، ان ڪري ”نثر“ ۾ هو نهايت ڪامياب سيناريو لکڻ تي وڏي قدرت رکندو هو. ”سامي سڄ وڙاءُ“ ناول  ۾ هن سنڌ جي ڳوٺن، خاموشين ۽ پراسرار سناٽن جا جيڪي جيڪي منظرناما لکيا آهن، انهن کي پڙهندي مون کي ته گهٽ ۾ گهٽ ائين لڳو هو، ڄڻ مان ”سامي سڄ وڙاءُ“ ناول نه، هالي ووڊ جي ڪائي سئنيما اسڪوپ ڪلاسڪس مُووي پيو ڏسان.

اصل ۾ ڇا آهي ته، مراد صاحب يا آئون به، حيدرآباد جي پسگردائيءَ ٽنڊي آغا ۽ ٽنڊي ٺوڙهي جا رهواسي آهيون ۽ عجب اتفاق! اسان جا اهي ٻيئي پاڙا، عجب ئي پراسرار علائقا آهن. انگڻ ونگڻ گهٽيون، بي ترتيب گهر، پُر پيچ رستا، پراڻا قبرستان، آس پاس ٻنيون، واهَه، ريل جو ٽريڪ...سو اهڙن پراسرار پاڙن مان نڪري جڏهن حيدرآباد شهر جي رستن تي هلڻ لڳندا هئاسين ته، شهر جي دنيا ئي اسان ٻنهي کي نئين نئين پئي محسوس ٿيندي هئي. ظاهر آهي ته مون کي ته شهر جي گوڙ شور ۾ لطف پيو ايندو هو، پر مراد صاحب وري ڀِيڙ ۽ ٽرئفڪ جي هُل هنگامي کان بيزار ٿي چوڻ لڳندو هو، ”اڙي يار!! هن هنبس مان جلدي نڪر...“ ۽ ائين ڇوڏڪي گهٽي ۽ فقير جي پڙ مان هيٺ لهي، آفندي باغ وٽان لنگهندا هئاسين، تڏهن وڃي هو ڪي سُک جا ساهه کڻندو هو. هڪ ڀيري اهڙي هل هلان دوران چيائين، حيدرآباد جي شهر ۽ ان جي سڪون وارن ڏينهن ۾ گهڻي ۾ گهڻو پنڌ، مون ئي ڪيو آهي، يا مون سان گڏ ع.ق. شيخ ۽ جويي صاحب! ۽ شهر حيدرآباد جي ڳلين ۽ رستن تي پنڌ ڪندڙ، ان مراد صاحب پنهنجو آخري پنڌ اجهو 2011ع جي شروع جنوريءَ ۾ ڪيو ۽ ان کان پوءِ جيئنءَ ئي هو کٽ وٺي ويٺو ته، ڌرتيءَ تي وري پير نه رکي سگهيو. ياد اٿم، جنهن صبح جو، ڊوڙي هن وٽ پهتو هوس، فالج ڪم ڏيکاري چڪو هو ۽ خالي خالي نگاهن سان ڏسندي ڏسندي، هڪڙو ڪوئي ڳرو پهاڙ جيڏو لڙڪ هو، جيڪو هن جي اک جي ڪنڊ تي اچي بيهي رهيو. ڀانئيان ٿو وڇوڙي جو اهو ئي اُهو پهريون پٿر هو، جيڪو ان ڏينهن مون تي اچي ڪريو هو. مون کي ياد آهي، حياتيءَ جي پُر رونق محفلن ۾ مون ڪيترائي ڀيرا، پنهنجي هن دوست جي مبارڪ هٿن مان ترنگ وارو پيالو وٺي پيتو هو، ۽ تازو پهرين مارچ تي صبح جو ساڍي يارهين وڳي منظور مراد....سڏڪندڙ آواز ۾ موبائيل تي سندن وصال جي وائي چپن تي آندي، ته ڪيئي دفعا مراد صاحب جي واتان ٻُڌل هن فارسي شعر جا پڙاڏا ذهن ۾ گونجڻ لڳا هئا: ”هڳاءُ ڀريو مڌُ جو پيالو ڀڄي ڀُري پيو ۽ افسوس! ساقي به هليو ويو.“

ڪنهن وقت مراد صاحب، ممتاز مرزا صاحب جي تعزيتي نوٽ بوڪ ۾ لکيو هو: ”انسان جي حياتي ڪيتري نه ننڍڙي ۽ مختصر آهي، جهڙي اک ڇنڀ!... ۽ ان اک ڇنڀ ۾ هُو ڇا ڇا نه ڪري ٿو يا وري، هُن کان ڇا ڇا نه ڪرايو وڃي ٿو.“ ۽ مراد صاحب جي انهن تعزيتي سِٽن جي تسلسل ۾ مون کان ٻڌو ته ”اک ڇنڀ“ جيتري ان مختصر حياتيءَ ۾ مراد صاحب بي پناهه لکيو... افسانه... ڊراما... ٽي وي ناٽڪ... ريڊيائي پروگرام... ناول... ترجما... ۽ نهايت ايمانداريءَ سان زندگيءَ جو هڪ هڪ پَل سجايو گذاريو. بي طمع رهيو ۽ گوشه نشين ٿي حياتي گهاريائين. جنهن وقت پهرين مارچ تي، شام جو ساڍي پنجين وڳي پاڪيزه چهري ۽ شفاف هٿن سان پاڻ پنهنجي لحد ڏانهن وڌيو پئي، تڏهن مون ڏٺو، موسم عين سندن سڀاءَ کي وڻندڙ لقاءَ جهڙي ٿي وئي هئي. تڏهن ان وقت ڪنهن نامه نگار دوست مون کان پڇيو، مراد علي مرزا صاحب جي سڀاءَ ۽ شخصيت بابت جيڪڏهن مختصر ترين لفظن ۾ ڪجهه چوڻ چاهيو ته ڇا چوندئو؟ تڏهن يڪدم ئي وراڻيو هئم:

سادو هُئو هُو اِيئنءَ،

مَوجَ ڀريي مهراڻ جو،

سادو پاڻي جيئنءَ

موڪلاڻي

 

اجازت ڏيو

ته گلن جي پنکڙين ۾

واپس هليو وڃان

-

هوائن ۾ سمائجي

پاڻيءَ ۾ ضم ٿي وڃان

-

مٽيءَ تي سمهي

مٽي ٿي وڃان

داتا جمن شاهه شهيد جي درگاهه لڳ ٽنڊو آغا واري قبرستان ۾ ممتاز مرزا صاحب جي سيرانديءَ کان مراد علي مرزا صاحب جي پخته تربت جو رنگ سفيد آهي. سندن ان سفيد تربت تي مهيني ماسي وڃي بيهندو ۽ گل رکندو آهيان ته لڳندو اٿم، اوترو ئي اَڇو اجرو، صاف شفاف، پاڪ و پاڪيزه انسان ان قبر ۾ پوري اطمينان سان ستو پيو آهي. هر طرف، سناٽي، چپ چپات ۽ ايڪانت ۽ پِن ڊراپ سائلينس دوران ڪڏهن ڪڏهن ته سندن آواز صاف ٻڌڻ ۾ ايندو اٿم ته... ”اڙي يار... هليو آءُ نه هيڏانهن.... مزا لڳا پيا آهن مزا....“ تڏهن قبرستان ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، مرڪي چوڻ لڳندو آهيانِ.... بس سائين پليز... ٿورو انتظار ڪيو... ڪي ضروري ڪم اڪلائي وٺان... ته اجهو آيس... حاضر حاضر حاضر...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org