سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  راجا رنجيت سنگهه

 

صفحو :6

 ڦولا سنگهه ويٺو هو. اٿي بهي ڪاوڙ مان چيائين، اهو ڪڪرم ڇو ڪيو هوءِ؟ مهاراجا کي اها اميد ڪانه هئي ته ڦولا سنگهه ان ريت خشڪ جواب ڏيندو. سندس خيال هو ته هڪ ڀيرو وٽس وڃي عاجزيءَ جون ٻه ٽي سٽون چوڻ ڪافي ٿيندو. لوهه موم ٿي پوندو. ليڪن اڄ راجا جو تاب تجلو جهڪو ٿي رهيو هو. وينتي قبول نه پيئي، ڦولا سنگهه جو جواب ٻڌي سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو. ڀريل گلي سان چيائين: ”جيڪي ٿيڻو هو سو ته هينئر ٿي ويو.“

”ته پوءِ مان ڇا ڪريان؟“

”منهنجي ارداس قبول نه ٿي پوي.“

”۽ نه پوڻ گهرجي.“

مهاراجا هٿ جوڙي ڪنڌ جهڪايو، ان وقت ائين ٿي معلوم ٿيو گويا تخت تاج سچائيءَ جي قدمن ۾ نمي رهيو آهي.

ڦولا سنگهه جواب ڏنو ”هي گناهه قوم جو گناهه آهي. اهو، قوم ئي معاف ڪري سگهندي.“

”مان ان لاءِ به حاضر آهيان.“

تڏهن سڀاڻي امرتسر اچج، فيصلو ٿي ويندو.“

مهاراجا جي نگاهن ۾ پنهنجي ذلت نچڻ لڳي. هو ڪئن ڀري سنگت جي سامهون گناهه قبول ڪندو جو غرور ڀريل سر هميشه بلند رهڻ تي هريل آهي سو پشيماني سان زمين طرف ڪئن جهڪندو جا زبان هميشه حڪم ڏيندي رهي آهي سا نياز ۽ نيزاريءَ جا لفظ ڪئن ڪڍندي. انهن خيالن سندس دل ۾ آگ لڳائي ڇڏي. غبار اکين مان پاڻي بڻجي نڪرڻ لڳو. روئيندي چيائين، ”اڪالي، منهنجي عزت برباد ٿي ويندي.“

ڦولاسنگهه سنجيدگيءَ سان جواب ڏنو، ”ڌرم جي اڳيان فقير ۽ امير ٻئي هڪجهڙا آهن.“

”تڏهن ان کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي؟“

”نه“

”مون کي سنگت ۾ اچڻو پوندو؟

”ضرور.“

رنجيتسنگهه جي خيلان پلٽو کاڌو. هي ڪهڙو نه نيڪدل شخص آهي. ڪيتري قدر مضبوط؛ جيئن پهاڙ سان پاڻيءَ جون سخت لهرون لڳي پٺتي هٽي وينديون آهن مگر جبل پنهنجي جاءِ تان نه چرندو آهي تيئن هي بي غرض ڀڳت به لوهي ارادي جو آدمي آهي، جنهن سان تخت سخت ٽڪرا کائي رهيو آهي، مگر هتي تر جو تفاوت پوڻ وارو نه آهي. کيس پنهنجي ڪا غرض ڪانهي، فقط اصول جو سوال آهي. راجا دل ئي دل ۾ ڦولا سنگهه کي پرنام ڪيو ۽ پسيل پلڪون اگهي ويندو رهيو.

(4)

ٻن پهرن جو وقت هو. رنجيت سنگهه محل ۾ پهتو، ان وقت سندس چهرو اُداس هو، دل دکي. موران ٽلندي سامهون آئي، مگر سندس شڪل ڏسي هڪي ٻڪي ٿي ويئي ۽ اڳتي وڌي نه سگهي. خوف پيرن ۾ پيڪڙيون وجهي ڇڏيون.

اوچتو مهاراجا ڪنڌ مٿي کنيو ۽ آهستي چيائين ”موران.“

موران جي رڳ رڳ ۾ خوشي ۽ راحت جي لهر لڳي. مشڪندي چيائين، ”مهاراج!“

”تنهنجي ڪري مونکي شرمسار ٿيڻو پيو.“

موران جو ڪليجو ڌڙڪڻ لڳو. منهن پنو ڇڏي ويس. گهٻرائجي چيائين، ”اوهين ڇا ٿا چئو.“

”تنهنجي ڪري مون کي شرمسار ٿيڻو پيو.“

”ڇو؟“

”مان امرتسر ٿو وڃان، جتي ڀري سنگت جي سامهون مون کي چوڻو پوندو ته پوئين شادي ڪري مون گناهه ڪيو آهي. هينئر جيڪا سزا سنگت مون کي ڏيندي سا قبول ڪندس.“

”لکيل معافي وٺڻ سان ڪم نه نڪرندو؟“

”نه. اڪالي ڦولاسنگهه نه ٿو مڃي.“

”مگر ڦوسنگهه کي نمائي نه ٿي سگهي.“

”حڪومت جي طاقت.“

”....کانئس شڪست کائي چڪي آهي.“

موران سهڻي نموني ۾ چيو ”ڇا هو آدمي نه آهي؟“

”ائين ٿو معلوم ٿئي ته هو آدمي ناهي هينئر سنگت جي ڏنل سزا قبول ڪرڻي پوندي نه ته حڪومت کي جوکو آهي.“

موران جي دل ۾ هڪ شڪ اُٿيو، سندس دماغ پٽ کوهه ۾ پيو، هٻڪي هٽڪي چيائين، ڪهڙو ڏنڊ ملندو؟“

”ڪهڙي خبر پوي.“

”۽ جيڪو به ڏنڊ اوهان کي ڏيندا سو قبول ڪندا؟“

”ضرور.“

”جيڪڏهن مون کي ڇڏڻو پيئو ته...؟“

مهاراجا جي دل تي ڄڻ ڪنهن هٿوڙو هنيون. ڪجهه دير تاءِ چپ چاپ ويٺو رهيو ائين ٿي ڏٺو ته ٻه مختلف طاقتون پاڻ ۾ اٽڪي رهيون آهن. ٿڌو ساهه ڀري چيائين، ”موران! مون کي توسان پيار نه مگر بيحد قرب آهي، مون تو خاطر اهو ڪي ڪيو، جنهن ملڪ ۾ مون کي خوار ڪيو. منهنجي دل تو مٿان قربان آهي. ان هوندي به جيڪڏهن قوم جو فيصلو ائين چوندو ته موران کي ڇڏي ڏي ته مان انڪار ڪري ڪين سگهندس.“

موران جي ڳلن تي لالائي ڊوڙي، اکين ۾ پاڻيءَ جون بوندون چمڪڻ لڳون گويا گلاب تي بارش ٿي. مگر مهاراج تي اثر نه ٿيو. هو بادستور محڪم ويٺو رهيو. موران مڌر ۽ مهمن آواز ۾ پڇيو، ”اوهين مون کي ڇڏي ڏيندا؟“

”جيڪڏهن سنگت جو اهو فيصلو ٿيو ته ڇڏيندس.“

”ڏاڍا بي ترس آهيو.“

”جيڪڏهن منهنجو اندر ڏسي سگهين ته هوند ائين نه چوين. منهنجو منهن ته ڏس. اهو دل جو آئينو آهي.“

موران زارو زار روئڻ لڳي، مگر مهاراج جي اک آلي نه ٿي.

(5)

ٻئي ڏينهن اڪال ڀونگي ۾ سنگت ڪٺي ٿي ته هڪ معزز آدمي سفيد ڪپڙن وارو سفيد بوڇڻ ڪنڌ ۾ وجهي جتين ۾ بهي رهيو ۽ هٿ جوڙي چيائين ”مان پنٿ جو اپراڌي آهيان.“

اڪالي ڦولاسنگهه پڇيو ”تون ڪير آهين؟“

”رنجيتسنگهه.“

سنگت جا ڪن کڙا ٿي ويا. ڇا هيءُ اهو رنجيتسنگهه آهي، جنهن جي دٻدٻي ۽ دهشت سببان سارو ملڪ ڪنبندو آهي. اڪالي پڇيو ”توکي ڇا کپي؟“

”مان پنٿ جو اپراڌي آهيان.“

”تو ڪهڙو قصور ڪيو آهي؟“

”مون هڪ بازاري عورت سان شادي ڪئي آهي.“

”ان کان اڳ به تنهنجون ڪيتريون شاديون ٿي چڪيون آهن؟“

”هائو.“

”ڪيتريون؟“

”چوڏهن“

”۽ هي پندرهين آهي.“

”جي مهراج.“

”توکي چيو ويو هو ته ويڪ شادي نه ڪج. پرجا تي برو اثر ٿو پوي.“

”هان مهراج. ائين چيو ويو هو.“

”هينئر ڇا کپيئي؟“

”مون کي ڌرم انوسار ڏنڊ ڏنو وڃي ۽ منهنجي ارداس قبول ڪئي وڃي.“

”سنگت جيڪا سزا ڏيندي سا قبول ڪندين.“

”اکين سان.“

”اڪالي ڦولا سنگهه حاضرين مان چار معزز ڄڻا چونڊيا ۽ صلاح مصلحت بعد پاڻ اٿي بيٺو. سنگت ۾ صفا سانت ٿي ويئي.

ڦولا سنگهه چيو ”خالصه جي! هيءُ مهاراجا رنجيتسنگهه آهي. اوهان پنهنجي قسمتن جي واڳ سندس هٿ ۾ سونپي آهي. سندس ڌرم اهو آهي ته ان امانت جي حفاظت پنهنجي جان جند سان ڪري ۽ ثابت ڪري ته ملڪ مٿس ڀروسي رکڻ ۾ غلطي ڪين ڪئي آهي. سندس هر هڪ ڪرم ۽ وچن ۽ هر هڪ قدم جو رعيت تي اثر پوي ٿو. ان ڪري کيس واجب آهي ته پنهنجي هلت چلت جي خبرداري ڪري. هو ازخود راجا بڻجي نه سگهي ها. کيس اوهان ئي راجا بڻايو آهي. هو خودبخود ان شان جي بلند چوٽيءَ تي پهچي نه سگهي ها. کيس ان ڏاڪڻ تي اوهان ئي چاڙهيو ۽ کيس پنهنجي قسمت جو مالڪ بڻايو. اهو اختيار اوهان ئي کيس ڏنو. ان ڪري اوهانجو حق آهي ته سندس هر هڪ ڪم جو جواب ڏٺو. کيس چيو ويو هو ته اوهانجون ايتريون گهڻيون شاديون نيائو جي برخلاف آهن، ليڪن هن پرواهه نه ڪئي. اسين ان پوتر ديس جي رهڻ وارا آهيون، جتي رامچندر پرجا جي نيتيءَ کي بچائڻ لاءِ پنهنجي پتورتا ڌرم پتنيءَ کي بنواس ڏنو هو. ان ڪري اسانجي به مرضي هئي ته هو اسانجي نيڪ خواهشن جي پاسداري ڪري، ليڪن هن انهن خواهشن کي پائمال ڪري ڇڏيو ۽ قوم جي فيصلي جي برخلاف ڪيترين راڻين هوندي هڪ بازاري عورت سان شادي ڪئي.

مهاراجا لاءِ هڪ هڪ لفظ بڙڇي هو جو سندس جگر کي چيريندو ٿي ويو. مگر حاضرينن جي دل تي خوشي کيڏي رهي هئي. هو اڪاليءَ جي تقرير تي مست ٿي رهيا هئا. ڪهڙي نه بهادري آهي جا خوف ۽ شان شوڪت کان بي نياز آهي ۽ مخالفت جي ڀيڙي ۾ سچائي جي راهه تي وڌندي ٿي وڃي. جنگي ميدان ۾ تلوار هلائڻ آسان آهي. موت جي بارش ۾ ڌوڪي وڃڻ ڏکيو نه آهي. ٻرندڙ باهه ۾ ٽپو ڏيڻ مشڪل نه آهي. مگر لڳ لاڳاپي ۽ اختياري جو خيال نه ڪري هڪ گنهگار تاجدار جي نئڙت ڏسڻ بعد به ساڻس سڌو ۽ کڙو کڙو انصاف ڪرڻ آسان نه آهي. آدمين جوش سان پڪاريو ”ست سري اڪال!“

ان گرجنا سان مهاراجا جي دل مايوس ٿي ويئي مگر اڪالي ڦولا سنگهه تي ڪو اثر نه ٿيو. هن تقرير جو سلسلو قائم رکندي چيو: ان جو اثر پرجا تي نهايت خراب پوڻ جو امڪان آهي. ان ڪري پنجن پيارن جي ڪاميٽي فيصلو ڪيو آهي ته مهاراجا ايڪيهه ڏينهن سنگت جون جتيون صاف ڪري. ايڪيهه ڏينهن سنگت لاءِ ڏندڻ پنهنجي هٿن سان ڪپي اچي. سوا لک روپيه پنٿ لاءِ دان ڏئي ۽ کيس وڻ سان ٻڌي هڪ سئو هڪ ڦٽڪا هڻجن، ان لاءِ ته آئنده واسطي سبق سکي. اهو فيصلو سنگت کي قبول آهي؟

حاضرينن هڪ آواز سان چيو ”قبول آهي.“

”ڇا، اهو فيصلو رنجيتسنگهه کي قبول آهي؟“

رنجيتسنگهه سر جهڪائي چيو، ”قبول آهي.“

”تڏهن ڪپڙا لاهه، ڦٽڪا سنگت جي سامهون لڳايا ويندا.“

(6)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org