شام جي وقت جڏهن اونداهي ٿي ويئي تڏهن سنک جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽
ان دم اناج ڏيندڙن ان ڏيڻ کڻي بند ڪيو. حڪم ٿيو ته
”باقي ماڻهو سڀاڻي اچي وٺي وڃن. مگر جيڪڏهن ڪو
ماڻهو سڀاڻي ٻيهر آيو ته سندس خير ڪونهي. مهاراج
سندس کل اتارائي ڇڏيندو.“ آهستي آهستي ماڻهو ٻاهر
نڪري ويا، مگر اسين ڪئن هليا وڃون؟ اسان جي گهر
ڪيترن ڏينهن کان لنگهڻ لڳو پيو هو. اسين ٻئي روئي
ويٺاسون. بابي چيو. ”ڏس پٽ، اسين ڪهڙا نه بدنصيب
آهيون. درياه جي ڪناري تان به پياسي ٿا موٽون.
جيڪي خوش نصيب هئا سي جهول ڀري ويا. اسين بيٺا
روئون.“
مان – بابا، کين چئو ته اسان کي ڏين، اسين ڏاڍا بکيا آهيون.
بابو – ير ڪير ٻڌندو؟ هل ته گهر هلون. هاڻي اناج نه ملندو،
گاريون ملنديون.
مان – تون چئي ڏس ته سهين.
بابو – چوڻ بيڪار آهي. هي ويچارا حڪم جا بندا هينئر ڪين ڏيندا.
ور سڀاڻي اچڻو پوندو.
مان – ته اڄ ڇا کائينداسون؟
بابو – غريبن لاءِ غم کانسواءِ ٻيو ڇا رکيو آهي. راتوڪي رات
باقي صبر ڪر.
مان – بابا مان ڪونه ويندس. چوان ٿو من به ڏين.
بابو – تون به ڪو چريو آهين. هو هڏ نه ڏيندا. ايتري ۾ هڪ سردار
اچي اسان وٽ بيٺو ۽ چيائين، ”هاڻي وڃو ڇو نه ٿا؟
سڀاڻي اچجو. اڄ اناج ڪين ملندو.“
بابي سرد آه ڀري چيو، ”وڃون ٿا، سرڪار!“
ان بيوسي تي ان سردار جي دل ڀني. ذرا ترسي چيائين، ”تون ڪير
آهين؟“
بابو – ڌوٻي آهيان.
سردار – سڀاڻي نه اچي سگهندين؟
بابو – اچڻ لاءِ ته سر چشمن سان اينداسون. مگر غريب آدمي آهيون.
مان ٻڍو آهيان. منهنجو پوٽو ٻار آهي. ڀيڙ ۾ سڀاڻي
به موقع ملي يا نه. اڄ ملي ته هوند رات جو پينهي
پچائي کائون.
سردار- تنهنجي گهر ڪو جوان آدمي ڪونهي.
بابو – نه سرڪار، جوان پٽ هو، سو به فوت ٿي ويو.
سردار – تو لاءِ سڀاڻي اچڻ مشڪل ٿيندو.
بابو – سائين، ڳالهه ته ائين برابر آهي.
سردار – ته اچ، توکي هاڻي ئي وٺي ڏيان.
مان – بابي ٿي چيو نه اڄ نه ملندو.
بابي مون کي آهستي چيو ”چپ.“
ان وقت هو اهڙو خوش هو، گويا هاريل بازي جيتي هجيس. اسين سردار
صاحب جي پٺيان پٺيان هلياسون. هن اناج جي ڍير وٽ
پهچي چيو، ”هن ٻڍي کي ويهه سير ان ڌي.“
بابي چادر ڦهلائي. آدمي اناج تورڻ لڳو.
منهنجي بابي چيو، ”سرڪار! وري ڪڏهن ڏيندا؟“
سردار – ايندڙ هفتي.
بابو – سردار صاحب، اسين ڪيترن ڏينهن کان بکون ڪڍي رهيا آهيون.
سردار (کلي) ته باقي ڇا کپئي؟
بابو – ڏهه سير ٻيا نه ملي سگهندا؟ جيڪڏهن ملي وڃن ته وڏي
مهرباني. سائين جي سر کي دعائون پيو ڏيندس.
سردار – ڏاڍو ڪو لالچي آهين.
بابو – سردار صاحب پيٽ ٿو گهري تڏهن زبان ٿي کلي، نه ته مان
اهڙو بي غيرت ڪين آهيان.
سردار – جيڪڏهن ائين هر ڪو ٽيهه ٽيهه سير گهري ته پورائو ڪٿان
پوي؟
بابو – سائين راجا جي محلن ۾ ڪو موتين جو ڏڪار – پر نه ٿي سگهي
ته نه ڏيو. وري اچي در وٺي وهنداسون. اسانجي
مهاراج هن خيرات سان ماڻهن جي دل موهي ڇڏي آهي.
شهر ۾ سندس ڏاڍو ناماچار ٿي رهيو آهي. (مونکي) پٽ!
سردار کي سلام ڪر.
مان – اڳتي وڌي، سلام سائين!
سردار – (مشڪي) ننڍا نينگر، سلام! تنهنجو نالو ڇا هي؟
مان – سائين، ويهه سير ٻيا به ڏيو.
سردار- اڙي، تون ته پنهنجي ڏاڏي کان به وڌيڪ لالچي نڪتين.
مان – سردار ويهه سير باقي ڏياريو. فقط ويهه سير.
سردار (اناج تورڻ واري کي) ويهه سير ٻيا به ڏينس. ٻڍو آدمي بار
بار ڪيئن ايندو؟“
ويهه سير ٻيا به مليا.
سردار – ڪيئن بابا! هينئر ته خوش ٿيا نه؟
بابو – واهگرو اوهانجو اقبال ٻيڻو ڪري.
سردار – مهاراج جي سر کي دعائون ڪريو. اها سڀ سندس مهرباني آهي،
نه ته ماڻهو بک مري وڃن ٿا ۽ سچ پڇو ته اهو سندس
ڌرم آهي. نه ڪري نه اڪال پرک جي نگاهن ۾ پاپي
بڻجي. راجا پرجا جو پتا آهي.
بابو – سچ آهي سرڪار! مهاراج اولياءُ آهي.
سردار – اولياءُ ڇا ٿيندو. نيڪ انسان ٿيڻ ئي غنيمت آهي.
ايتري ۾ اناج تورڻ وارا سڀ هليا ويا. ان وقت قلعي جي ڪشادي
ايوان ۾ اسان کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه هو.
سردار صاحب چيو ”هاڻي اناج کڻي وڃو.“
غريب آدمي ڪنهن دعوت تي وڃي ته گهڻو کائيندو آهي. اهو ڪين
سوچيندو آهي ته هضم ٿيندو يا نه. بابي به اناج ته
ورتو، مگر کڻڻ مشڪل ٿي پيو. ڪري سو ڪري ڇا؟ ان
زماني ۾ سکن جو اهڙو اوج اقبال هو، جهڙو هاڻ
انگريزن جو آهي. منهنجي بابي ڊڄي ڊڄي چيو ”سردار
صاحب! ڳٺڙي باري آهي. ڪو مٿي تي رکي ته کڻي وڃان.“
سردار صاحب منهنجي بابي ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ مشڪي ڳٺڙي سندس مٿي
تي رکيائين.
بابو ٻه قدم هلي ڪري پيو.
سردار صاحب چيو ”ڪئن پوڙها! هڪ مڻ اناج ڇو وٺي ٻڌءِ، جو کڻي به
نه ٿو سگهين. ويهه سير کڻي وڃين ها ته اها تڪليف
ڇو ٿيئي ها؟ لالچ ٿو ڪرين. پنهنجي بدن ڏانهن نه ٿو
ڏسين. وڃ وڃي ڪنهن ماڻهوءَ کي وٺي اچ. هيءُ بوجو
توکان ڪين کڄندو.“
منهنجي بابي بيڪس نگاهن سان ان نيڪ سردار ڏانهن نهاري چيو
”سرڪار! منهنجو ماڻهو آهي ڪير جو هيءُ بوجو اچي
کڻندو؟“
سردار ڪجهه دير تاءِ ويچار ڪيو، پوءِ اها ڳٺڙي پنهنجي مٿي تي
کڻي اسان سان گڏ هليو. اسانجي بدن جي وار وار مان
هن لاءِ دعائون ٿي نڪتيون. هيءُ آدمي ناهي، فرشتو
آهي. ڪهڙو نه نيڪ، ڪيترو نه همدرد، مهاراج جا آدمي
به ڪهڙا نه مهربان آهن!
جڏهن اسين گهر پهتاسون، تڏهن سردار صاحب اناج جي ڳٺڙي اڱڻ ۾ رکي
واپس موٽيو ته مان ۽ بابو ٻئي ساڻس گڏ بازار تاءِ
کيس اماڻڻ آياسون ۽ بار بار سندس شڪر بجا آڻڻ
لڳاسون. اوچتو هڪ طرف کان ڪجهه فوجي سک اچي نڪتا.
جتي سردار صاحب بيٺو هو. اُتي روشني هئي. فوجي
سپاهين کيس سڃاتو ۽ فوجي نموني ۾ تلوار ڪڍي سردار
صاحب کي سلام ڪيائون. منهنجو بابو هيسجي ويو....
هيءُ ڪير آهي؟ لاشڪ ڪو وڏو آدمي هوندو. ڪو جرنيل،
ڪو سپهه سالار نه نه هي فوجي سپاهي اُن ريت کيس
سلام ڪين ڪن ها.
جڏهن سردار هليو ويو تڏهن منهنجي بابي انهن فوجي سکن کان وڃي
پڇيو ته .اهو ڪير هو؟“
انهن مان هڪ سپاهي منهنجي بابي ڏانهن تعجب ڀري نگاهن سان ڏسي
چيو، ”توکي اها به خبر ڪانهي ته اهو اسانجو
مهاراجا پرجاپتي رنجيتسنگهه آهي.“
منهنجي بابي ڇرڪ ڀريو. سندس اکيون حيرت مان حيران ٿي ويون. سندس
زبان مان ٻڙڪ ٻاهر نه نڪتي.
اهو اسانجو مهاراجا بيشڪ پرجاپتي هو. اهو مهاراجا جنهن جي اک جي
اشاري تي فوجن ۾ هلچل مچي ويندي هئي، جو پنهنجي
زماني ۾ هندستان جو سڀ کان وڏو بادشاهه هو، جنهن
جي اڳيان اوج اقبال هٿ ٻڌي بيٺو رهندو هو، جنهن هر
هڪ جنگ ۾ فتح پاتي، سو تاجدار، سو تخت تاج جو والي
هڪ ڌوٻيءَ جي گهر اناج جي ڳٺڙي پهچائي ويو. اهڙا
بادشاهه ئي پرجاپتي ڪوٺجڻ جا لائق آهن. سندن راڄ
بدن تي نه مگر دلين تي آهي.
اها ساري رات اسان کي ننڊ ڪين آئي. سارو گهر جاڳندو رهيو ۽
مهاراج کي دعائون ڪندو رهيو. آمين!
اها وارتا ٻڌائي ڌوٻي چپ ٿي ويو. منهنجي لنئو لنئو ڪانڊارجي
ويئي. اکين ۾ آنسو اچي ويا. اڄ اهو زمانو خواب و
خيال ٿي ويو آهي. اڄ اهڙا راجائون ڪٿي نظر ڪونه ٿا
اچن. اڄوڪن راجائن کي ته عيش عشرت، گانن ۽ ناچن ۽
يورپ جي سئرن جو شوق آهي، مگر پنهنجي پرجا جي جيئڻ
مرڻ جي پرواهه ڪانهي. مون ڌوٻي ڏانهن نهاريو. هن
به ڳوڙها ٿي اُگهيا. مون سرد آه ڀري. ڌوٻي ڪپڙا
ڳڻي چيو:
”لکو تيرهن پتلونون، 11 خميسون.“
آءٌ ڪاپي کڻي لکڻ لڳس.
(سدرشن)
قوم جي قدمن ۾
هيءُ اهو سمو هو، جڏهن پنجاب ۾ راجا رنجيتسنگهه جو راڄ هو.
سندس خوف کان لوهي دل به پگهرجي پاڻي پاڻي ٿي
پوندي هئي. مهاراجا ڪنهن مڪتب ۾ تعليم ڪانه پرائي
هئي. ڪنهن استاد جي اڳيان ادب سان سکيا ڪانه ورتي
هئي. هو پڇمي سڀيتا مان واقف نه هو. کيس شايد اها
به ڄاڻ نه هئي ته پالٽڪس
Politics
لفظ جي معنيٰ ڇاهي. اُن هوندي به جنهن شان ۽ دٻدٻي
سان هن حڪومت ڪئي، سو تاريخ نويس نظرانداز ڪري ڪين
ٿا سگهن. سندس سڀ کان عمدي وصف اها هئي جو هو
انصاف جي اڳيان ڪنهن جي به رک رکاڻ ڪرڻ حڪومت لاءِ
خطرناڪ سمجهندو هو. ايتري قدر جو هڪ موقعي تي هن
انصاف خاطر پنهنجو پاڻ به قوم جي قدمن ۾ ڪرڻ کان
عار نه ڪيو. اهو واقعو سندس حياتي جو هڪ چمڪندڙ
ستارو آهي. اهڙي قسم جا واقعا ئي آهن جي آدمين جي
دلين ۾ دهشت پيدا ڪن ٿا ۽ پنجاب جي شير جي جيوت کي
امر بڻائين ٿا.
مهاراجا رنجيتسنگهه ۾ ڪيترائي گُڻ هئا؛ مگر هو بي عيب نه هو.
سندس ويچار تمام اوچ هئا ۽ دل نيڪي سان ڀرپور. هو
ڌرم جو نهايت پابند هو. مگر منجهس هڪ ڪمزوري هئي.
هو حسن جو حملو برداشت ڪري ڪين سگهندو هو. سندس
عمر جو پنجاهون سال هو جو لاهور ۾ هڪ دلفريب وئشيا
موران جي ساک چوطرف کان ٻڌڻ ۾ آئي. پهريائين
پهريائين ايترو مشهور نه هئي. مگر ٿورن ئي ڏينهن
بعد اهو حال ٿيو جو جنهن محفل ۾ موران نه وڃي،
تنهن ۾ مزو ئي نه لڳي، هوءَ گائن وديا ۾ اهڙي
پرٻين نه هئي، نه ڪي تار تي بلڪل پوري. راڳ جا
ڄاڻو چوندا هئا ته موران غلط ڳائيندي آهي. تنهن
هوندي به سندس تانن ۾ اها موهني، اهو ميٺاج ۽ اها
دل کسڻ واري ڪشش هوندي هئي جو ٻڌندڙ بيخود ٿي
ويندا هئا. سندس آواز ۾ جادو هو. لفظن ۾ تاثير پر
ان کان وڌيڪ سندس سهڻي صورت ماڻهن کي متوالو ڪري
ڇڏيندي هئي. سندس عمر 15-16 سال هئي. رنگ گورو،
روش عمدا، اکيون قهري ڪٽاريون، ناز ۽ ادا ۾
نراليون. هوءَ جڏهن ايندي هئي، تڏهن تماش بينن ۾
ڌڪم ڌڪا لڳي ويندي هئي. اُهي خبرون مهاراجا جي ڪن
تي پيئون.
اهو زمانو اڄوڪي زماني کان ٻي طرح جو هو. ناچ گانو شائستگيءَ جي
برخلاف ڪين سمجهيو ويندو هو. امير امرائو پنهنجي
جڳهن تي جلسا ڪندا هئا ته ناچ گاني وارين نازنينن
کي به پنهنجو فن ڏيکارڻ جو موقعو ڏيندا هئا. ان ۾
سندن شان وڌندو هو. مهاراجا موران جي حيرتي حسن جي
هاڪ ٻڌي ته بيتاب ٿي ويو. حڪم ڏنائين ته هڪ ناچ
گاني جو جلسو وڏي پيماني تي ڪيو وڃي. جنهن ۾ ساري
پنجاب جي عمدن گانن وارن کي گهرايو وڃي. حڪم جي
دير هئي، تعميل ۾ دير نه لڳي. قلعي ۾ جشن جون
تياريون ٿيڻ لڳيون. درٻار سينگارجي ويئي. لاهور ۾
چهل پهل لڳي ويئي. هن جلسي جي ڌوم ڌام ڏسي ماڻهو
حيران ٿي ويا، شوقين مزاج آدمي پنجاب جي جدا جدا
حصن مان لاهور ۾ اچي پلٽيا، جيئن پتنگ شمع تي.
(2)
جلسي شروع ٿئي هفتو گذري چڪو هو. رات جو وڳرو هو. ٻارهين بجي جو
وقت. ڪارڪن اٿي موران جو نالو ورتو. آدمي اڳڀرو
رڙهڻ لڳا. ان وقت جو نظارو سمنڊ جي وير سان مشابهت
رکندڙ هو، جا اک ڇنڀ ۾ اٿندي آهي. موران گهنگهرن
جي مٺي آواز سان اڳتي وڌي. ننڊاکريون اکيون سجاڳ
ٿيون. تخت تي خود مهاراجا جي اک لڳي ويئي هئي.
محفل جو شور ٻڌي ڇڙڪ ڀري اٿيو. سامهون هڪ شرم
حيائو واري ڇوڪري بيٺي هئي. مهاراجا غور سان
ڏانهنس نهاريو. هن سهڻي ۾ سهڻيون استريون ڏٺيون
هيون مگر اهڙي حسين نازنين اڄ تائين کيس نظر ڪانه
آئي هئي. مهاراجا پاڻ سنڀالي ويٺو. موران ڳائڻ
لڳي.
آج شيام موه لينو بنسري بجاءِ ڪي
ان آواز ۾ جادو هو. ماڻهو راڳ ٻڌي ٻڌي ٿڪا هوا ۽ جيڪڏهن موران
رهيل نه هجي ها ته ميلو ٽٽي پوي ها. مگر خبرناهي
ته موران ۾ ڪهڙي ڇڪ هئي، جنهن سڀني کي سوگهو ٻڌي
ڇڏيو هو. حاضرين دل لائي ٻڌڻ لڳا. چوطرف صفا سانت
ئي سانت هئي. ٻڌندڙن جي ساه کڻڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾
ڪونه ٿي آيو. هڪ موران جو آواز ئي هو جو هن سانت
جي درياه تي لهريون ماري رهيو هو.
آج شيام موه لينو بنسري بجاءِ ڪي
بنسري بجاءِ ڪي شيام مرلي بجاءِ ڪي
ٻڌو هو ته حسن ۾ جادو جي طاقت آهي. ان وقت ان جي تصديق ٿي. ٻين
جو آواز ٻڌي نانگ نچڻ لڳندو آهي. هتي ته هڪ نازڪ
دل واري اپڇڙا ڳائي رهي هئي. طاقت وڌي دوبالا ٿي.
ڪنهن کي من جي سڌ نه رهي. ائين ٿي معلوم ٿيو ته ڄڻ
محفل تي ڪنهن منتر ڦوڪيو آهي. آڌي رات جو وڳڙو
سانت جو سمو. سينگاريل درٻار ۽ دل ۾ گهڙي وڃڻ وارو
موهيندڙ آواز.
آج شيام موه لينو بنسري بجاءِ ڪي
مهاراجا بيخود ٿي ويو. سندس دل سيني ۾ ترڦڻ لڳي. ٿورن منٽن تاءِ
ته ائين معلوم ٿيو ته ڄڻ هو ڪنهن تيز وهندڙ نديءَ
۾ لڙهندو ٿو وڃي ۽ ڪنهن دور دراز سونهري سرزمين تي
ڪا سوڀيا جي ديوي پنهنجي ڦوه ۾ مست تانن سان
چندرما جي چاندي کي پاڻ ڏانهن سڏي رهي آهي ۽
مهاراجا بيڪسيءَ جي حالت ۾ سندس شوق ديدار ۾ ڇڪيو
ٿو وڃي، اوچتو مهاراجا جي اک کلي. ڏٺائين اها ئي
محفل آهي، اهو ئي راڳ ماڻهو ٻڌڻ ۾ محو ۽ موران
پيئي ڳائي:
آج شيام موه لينو بنسري بجاءِ ڪي
اوچتو گانو بند ٿيو. موران چپ ڪري پتليءَ جيان بيٺي رهي هوءَ
اهڙي سٻاجهي ۽ معصوم ٿي ڏٺي جو ماڻهو وسميءَ ۾
پئجي ويا ته هوءَ ڪا ساڳي ڳائڻ واري موران آهي يا
ڪا ٻي. مگر سندس آواز اڃا سندس ڪنن ۾ ٿي وڳو ۽ دل
بي صبر هئي. ماڻهن قدرداني وچان ڏانهن مهرون
اڇليون، مگر مهاراجا دل کسائي ويٺو. هڪ هفته بعد
معلوم ٿيو ته مهاراجا موران سان شادي ڪئي آهي.
(3)
ان خبر سان سکن ۾ هلچل مچي ويئي، جئن سمندر ۾ طوفان لڳي. اُن
کان اڳ مهاراجا ڪيتريون شاديون ڪيون هيون ۽ سکن جي
هڪ سفارت سندس خذمت ۾ حاضر ٿي درخواست ڪئي هئي ته
اوهانجون نت نيون شاديون پرجا جي نيتيءَ تي برو
اثر وجهي رهيون آهن. ان ڪري اوهين وڌيڪ ڪا شادي نه
ڪريو. مهاراجا ان جو جيڪو جواب ڏنو هو اهڙو شاندار
۽ اخلاق ڀريو هو جو سفارت جا سڀا سد گد گد ٿيا
هوا. مهاراجا چيو هو: خالصا جي! مان اوهان جو راجا
آهيان پرجا جي بهتري ۽ بهبودي ڪرڻ راجا جو فرض
آهي. جيڪڏهن منهنجي ڪنهن ڪم ڪري رعيت کي ناراضپو
ٿئي ٿو ته آءٌ اهو ڪم هرگز ڪين ڪندس.“ ان جواب
سفارت کي ٺاري ڇڏيو هو. کين اهڙي خبر نه هئي ته
مهاراجا سندن نيڪ خواهش جي ڪا پرواهه نه ڪندو ۽
پنهنجي وچن کي ائين ٽوڙي ڇڏيندو مگر اهو ڪي ٿيو
جنهن جي هو سخت برخلاف هئا. مهاراجا شادي ڪئي. سکن
جي غصي جي حد نه رهي. جاءِ بجاءِ ناراضپي جي اظهار
لاءِ ميڙ ٿيا، جن ۾ سخت تقريرون ڪيون وينديون هيون
۽ صاف طور چيو ويندو هو ته مهاراجا تخت جي لائق نه
رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن پنٿ جي آواز جي بي عزتي ڪئي
آهي. ڪي ته ائين به چئي گذرندا هوا ته اهڙي ڪاميءَ
جو منهن ڏسڻ به پاپ آهي. هڪ جوشيلي سک سکن کي صلاح
ڏني ته پنهنجي فوج جمع ڪرڻ شروع ڪريو ۽ رنجيتسنگهه
سان جنگ جاري ڪريو. ڦهلندي ڦهلندي اهي خبرون اڪائي
ڦولاسنگهه کي پهتيون. هو ان وقت خالصن جي ڌرمي پنٿ
۾ سڀ کان زبردست ۽ وڏي مڃتا وارو شخص هو. گرنٿ
صاحب جو پاٺ ڪرڻ وارو. اڪال پرک جو پيارو،
دنياداريءَ جي جنجال سان سندس واسطو خير ڪو هو.
ليڪن مهاراجا رنجيتسنگهه کي ملڪي مشڪلاتون پيش
اينديون هيون ته ڦولا سنگهه تلوار کڻي ميدان ۾
ايندو هو ۽ ڪُنن ۾ ڦاٿل ٻيڙيءَ کي سک سلامتيءَ سان
پار اڪاريندو هو. سندس طاقت اٿاهه هئي. مهاراجا جو
حڪم ٽري سگهندو هو ليڪن اڪالي ڦولا سنگهه جو حڪم
صداقت جي مهر هئي. البت رنجيتسنگهه راجا هو. سندس
اشاري تي لکين سپاهي جان ڏيڻ لاءِ تيار. ڪام ديو
جي تير سان زخمي ٿي هن فوج جي پناهه ورتي هئي.
اڪالي ڦولا سنگهه اها خبر ٻڌي ته غضبناڪ جوش ۾ اچي ويو. اگهاڙي
تلوار ڪري اٿي بيٺو. ان وقت سندس اکين ۾ غصو هو،
دل ۾ غضب. گورد وارن کي آگيا ڏياري موڪليائين ته
رنجيتسنگهه جي ارداس قبول نه ڪئي وڃي. ان آگيا سکن
جي ڪروڌ تي تيل جو ڪم ڪيو. حڪومت جون ديوارون لڏڻ
لڳيون، مهاراجا کي انديشو ٿيو ته عمر جي ڪمائي
مٽيءَ ۾ ملي وڃي. دل ۾ پڇتائڻ لڳو ته ٻڍاپي ۾ ڇا
ڪري ويٺس، ليڪن پڇتائڻ بيسود هو. تير ڪمان مان
ڇٽڪي چڪو هو. هينئر ان جو واپس اچڻ ناممڪن هو،
تنهن هوندي به حوصلي سان هوا جو رخ جاچيندو رهيو.
سمجهيائين ته شايد اهو طوفان پورو ٿي وڃي مگر جڏهن
انڌڪار ڇانئجي ويو. تڏهن سندس ڇاتي ڪنبڻ لڳي، جيئن
طوفان ۾ ٻيڙي. اميد کي نااميدي ٺوڪر ڏني. گهٻرائجي
اڪالي ڦولا سنگهه جي خدمت ۾ پهتو ۽ وينتي ڪيائين
ته هيءَ ڍونڍي هينئر اوهانجي ديا سان ئي بچي
سگهندي. منهنجي ٻانهن ۾ ٻل ڪونهي جو هن طوفان جو
مقابلو ڪريان. |