سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: راجا رنجيت سنگهه

 

صفحو :3

پهريانءِ ته هن ديوان لکپتراءِ کي ٺڪائي لڳائڻ جو بندوبست ڪيو ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ رنجيتسنگهه کليو کلايو آزاديءَ سان سڀ ڪجهه ڪرڻ ۽ پنهنجي رياست ۾ دخل ڏيڻ لڳو جنهن سبب لکپتراءِ سان اڻبڻت ٿي پيس، هوڏانهن چتر سس جو چتاءُ به کيس گهر گهڙيءَ ياد ٿي پيو. نيٺ هن ڪنهن بهاني سان لکپتراءِ کي ڪئهٿل طرف موڪليو، اتي کيس ڳجهه ڳوهه ۾ مارائي ڇڏيو. ديوان لکپتراءِ جي مرڻ تي رنجيتسنگهه جي ماتا به گم ٿي ويئي. باقي سس کان جد آزاد ڪرڻ سٿرو ڪم نه هو. جيتوڻيڪ هو دل جي ڪري سس جي صلاح نه مڃڻ چاهيندو هو ته به هوءَ کيس اهڙي ته وڪڙ ۾ آڻيندي هئي جو لاچار کيس هن جي ڳالهه مڃڻي پوندي هئي. جيتوڻيڪ سداڪئور جي ڌيءَ رنجيتسنگهه جي استري هئي ته به هيءَ چتر سس پنهنجي ناٺيءَ کي ٻين سندرين سان سنٻنڌ رکڻ کان ڪڏهن جهليندي نه هئي ۽ ڪيترن موقعن تي ان ڪم ۾ ڳجهي طرح جي مدد ڪندي هئي. جيئن رنجيتسنگهه جي ڪانه ڪا ڳجهي ڳالهه سندس هٿ ۾ هجي ۽ ائين سندس هيڻائي جو فائدو وٺڻ سندس دلي مراد هئي.

عيش وٺندي به رنجيتسنگهه راج ڪاج جي انتظام ۽ راجنيتي چالاڪي جي سکيا سداڪئور کان چڱي پرائي هئي ۽ انڪري هو سوچي سمجهي ڪندو هو جيتوڻيڪ هو پڙهي لکي ڪين ڄاڻندو هو. شيواجي مهاراجا وانگر هن کي پنهنجو نالو لکڻ به نه ايندو هو پر راجنيتي س جهجهي هئي.

جڏهن شاني خان جي مارجڻ جي خبر ڪابل پهتي تڏهن شاهه زمان ان جو بدلو وٺڻ لاءِ پنجاب تي چڙهائي ڪري آيو. سندس ڪاه جو ٻڌي اڳئين وانگر سڀ سک سردار ڀڄي ويا ۽ هو بي کٽڪي لاهور اچي ديرو ڄمائي ويٺو. چار مهينا لاهور ۾ رهيو پر ان وچ ۾ اهڙو هڪ واقع ٿيو جو هن ڪابل موٽي وڃڻ مناسب سمجهيو. چوڻ ۾ اچيٿو ته هن جڏهن اوچتو ئي اوچتو ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو تڏهن سردارن کانئس انجو سبب پڇيو تنهن تي شاهه زمان جواب ڏنو ته مون رات هڪ خواب لڌو آهي ته مان سڌو بهشت ۾ پهچي ويو آهيان جتي تمام گهڻا خدا پرست ماڻهو ويٺا آهن ۽ هڪ پهلوان هڪ اک وارو نوجوان به ويٺو آهي. مونکي ڏسنديئي هڪ درويش آڱر سان ان جواب ڏانهن اشارو ڪري چيو ته ”هاڻي زمانو هن جو آهي.“ ايتري ۾ مان سجاڳ ٿي پيس. مونکي هاڻي پتو پيو ته اهو نوجوان رنجيتسنگهه آهي، جنهن شاني خان کي ماريو آهي. سو ان سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ خدا جي حڪم جي برخلاف آهي. انڪري هن وقت موٽي وڃڻ مناسب آهي هوءَ پوءِ ان دم ڪوچ ڪري روانو ٿيو ۽ جيتوڻيڪ چناب ندي ۾ تمام گهڻو چڙهه هو تنهنڪري ندي پار ڪرڻ خطري کان خالي نه هو ته به هن کي ايتري ته ڪابل پهچڻ جي آنڌمانڌ هئي جو هو بنهه ڪين ترسيو ۽ جيئن تيئن ڪري چناب پار ڪرڻ جي تياري ڪيائين. شاهه زمان کي موٽندو ڏسي سکن پٺيان مٿس حملو ڪرڻ چاهيو پر رنجيتسنگهه کين ائين ڪرڻ کان روڪيو. شاهه زمان چناب ندي ته پار ڪري ويو پر سندس وڏيون وڏيون ٻارهن توبون درياهه ۾ ٻڏي ويئون ۽ ڪوشش ڪندي به نڪري نه سگهيون. شاهه زمان کي ڪابل پهچڻ جي تڪڙ هئي انڪري هن رنجيت سنگهه کي گهرائي چيو. ڏس ڀائي رنجيتسنگهه، تو سکن کي حملو ڪرڻ نه ڏنو انڪري مان  ثاني خان وارو معاملو وساري ٿو ڇڏيان. ٻيو به هڪ ڪم ڪر ته احسانمند رهندس. منهنجون جيڪي ٻارهن توبون درياهه ۾ ٻڏي ويئون آهن سي جيڪڏهن تون ڪڍائي صحيح سلامت ڪابل پهچائيندين ته مان انجي موٽ ۾ توکي لاهور شهر ۽ انجي آسپاس وارا علائقا ۽ راجا جي پدوي ڏيندس. رنجيتسنگهه اهو موقعو غنيمت ڄاتو. هن ٻڏل توبون ڪڍائي پشاور موڪليون. شاهه زمان انجام موجب لاهور جي صوبي جي سند موڪلي ڏني، پر لاهور تي سچو قبضو رنجيتسنگهه کي پنهنجي طاقت سان ڪرڻو پيو.

تن ڏينهن ۾ لاهور ٽن حصن ۾ وراهيل هو ۽ جدا جدا سک سردارن جي هٿ ۾ هو. رنجيتسنگهه ٽنهي کي شڪست ڏيئي سارو نگر پنهنجي هٿ ۾ آندو ۽ ان سان گڏ زم زم توب به هٿ ڪئي جا سک قوم جو نصيب سمجهي ويندي هئي ۽ اها توب هاڻ لاهور جي عجائب خانه جي ٻاهران رکي آهي. اها توب اوائلي رنجيتسنگهه جي ڏاڏي ڇرتسنگهه جي هٿ آئي هئي پر پوءِ کسجي ويئي هئي.

لاهور پنجاب جي سياسي راڄڌاني ۽ مکيه آسٿان آهي ۽ امرتسر مکيه ڌرمي آسٿان آهي، انڪري رنجيتسنگهه جو ڌاڪو ساري پنجاب ۾ وڄي ويو. ڪيترا سردار هيسجي ويا ته ٻين وري ڇيڙڇاڙ شروع ڪئي، پر هو سڀني کي ٽوٽا چٻائيندو رهيو.

سنه 1800ع ۾ ڄمون جي راجا سندس زيردستي قبول ڪئي ۽ 20 هزار اشرفيون ۽ هاٿي ڀيٽا ڏنو. جلد ئي پوءِ برطانيه سرڪار جو ايجنٽ به دوستيءَ جو پيغام ۽ ڪيتريون قيمتي سوکڙيون کڻي آيو جي راجا رنجيتسنگهه قبول ڪيون ۽ ايلچيءَ کي هڪ اعليٰ خلعت پهرائي هزار روپيه انعام ڏنو.

1801ع ۾ رنجيتسنگهه جو راڄ تلڪ ٿيو ۽ هن راجا جي پدوي سويڪار ڪئي.

حقيقت ۾ پنجاب ڪيسري (مهاراجا رنجيتسنگهه) جي وقت ۾ ئي سکن جو ستارو زور ٿيو. ان کان اڳ سکن جا ڪيترائي ننڍا ننڍا راڄ هئا. مهاراجا رنجيتسنگهه انهن ننڍن راڄن کي پنهنجي هٿ وس ڪري وڏو راڄ قائم ڪيو. ان وقت ڪيترا سک سئوتنتر هئا پر ڪيترائي انگريزن جو پاسو وٺي رهيا هئا. هوڏانهن مهرٽا قوم جو ڀارت ۾ ڏنڪو وڄي رهيو هو. انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني به هندستان کي انگلينڊ جي اڌين ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هئي. ان وقت مغل شهنشاهت جي پڄاڻي ٿي رهي هئي. سکن، مرهٽن ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني ٽنهي جي ڪشمڪش لڳي پيئي هئي. هر ڪو پنهنجي نصيب جي بازي لڳائي رهيو هو. پنجاب ۾ مهاراجا رنجيتسنگهه پنهنجي طاقت آزمائڻ چاهي. سنه 1804ع – 1805ع ۾ هن اولهه طرف رخ رکيو جهنگ، شهوال ۽ ٻيا شهر مسلمانن کان هٿ ڪيا. سندس اڳيان سڀني کي ڪنڌ جهڪائڻو ٿي پيو. ستلج کان وٺي سنڌوندي تاءِ سندس دٻدٻو ڇائنجي ويو. ان سمي جسونتراءِ هولڪر ۽ امير خان ٻنهي انگريزن جي برخلاف جڌ جوٽي. 1804ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ جسونتراءِ  انگريزن تي فتح حاصل ڪئي ۽ دهلي کي گهيرو ڪيو پر اتي انگريزن هولڪر کي نيٺ شڪست ڏني.

1805ع ۾ لارڊ ليڪ جي مهاراجا رنجيتسنگهه سان ملاقات ٿي ۽ ٻنهي جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿيو، جنهن موجب رنجيتسنگهه هولڪر کي انگريزن تي ڪاهه ڪرڻ کان روڪڻ قبوليو، انگريزن پنجاب ۾ ڇيڙڇاڙ نه ڪرڻ جو انجام ڏنو.

ان سال رنجيتسنگهه ناڀا، ڪسور، انبالا ۽ ٻين رياستن جي راجائن کي به پنهنجي وس ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح پنهنجي حڪومت کي وڌائي رنجيتسنگهه لاهور موٽيو ڪجهه وقت رکي مهاراجا رنجيتسنگهه سداڪئور کي چوائي موڪليو ته تون هاڻي ٻڍي ٿي آهين تنهنڪري جڳ جا جنجال ڇڏي پنهنجي جاگير ڏوهٽي کي ڏي ۽ تون رام ڀڄن ڪر. پر سداڪئور اها ڳالهه نه قبولي. هوءَ لاهور کان پري شهوري ۾ هلي ويئي ۽ انگريزن سان لکپڙهه ڪرڻ لڳي ته مونکي پنهنجي اجهي ۾ وٺو. جڏهن مهاراجا کي اها حقيقت ملي تڏهن سداڪئور کي پاڻ وٽ گهرائي چيائين ته تو لاءِ بهتر آهي ته هاڻي دنيا جي کٽراڳ مان پلئو آجا ڪر، پر اُن رات سداڪئور هڪ بند پالڪيءَ ۾ ڀڄي نڪتي پر رنجيتسنگهه جي سينا کيس پڪڙي آئي ۽ کيس هڪ قلعي ۾ قيد ڪري ڇڏيو سندس سموري جاگير پنهنجي راڄ ۾ گڏي ڇڏي. ان سال ٽبالا، اٽل ڳڙهه وغيره به رنجيتسنگهه پنهنجي هٿ ڪيا. جهڙي طرح ننڍيون ننڍيون نديون سمنڊ ۾ اچي ملنديون آهن. اهڙي طرح پنجاب جا ننڍا ننڍا راڄ راجا رنجيت سنگهه جي راڄ ۾ اچي مليا. انجو آب تاب وڌندو ڏسي آسپاس جي راجائن کي ڊپ وٺي ويو. رنجيت سنگهه جي مرضي هئي ته سڄو پنجاب هڪ جهنڊي هيٺ اچي وڃي. پٽيالا، لاڀا، جنڊ ۽ ننڍيون ننڍيون حڪومتون ستلج جي ڏکڻ طرف هيون؛ راجا رنجيتسنگهه جي حڪومت ستلج جي اثر ۾ هئي. جنڊ ۽ پٽيالا جا منتري دهلي ۾ انگريزن کان مدد وٺڻ ويا پر کين ڪو خاطري جهڙو دلاسو نه مليو؛ ڇاڪاڻ ته انگريزن ان وقت رنجيتسنگهه کي ڇيڙڻ نٿي چاهيو. انهن ڏينهن ۾ فرانس ۽ روس جو ميلاپ هو ۽ ڊپ هو ته روس متان هندستان تي ڪاهي ان ڪري مهاراجا رنجيتسنگهه جهڙي شير مڙس کي، جنهن وٽ جنگ جو سامان ۽ وڏي سينا موجود هئي، خوش رکڻ ٿي چاهيو. ان وقت جي گورنر جنرل لارڊ منٽو کي اهو واجب ڏسڻ ۾ آيو ته مهاراجا سان اهڙو صلح ڪيو وڃي جيئن فرانس جي برخلاف هڪٻئي کي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿين؛ ڇاڪاڻ ته نيپولين جي ڪاهه جو ڊپ هو.

انگريزن سان صلح ڪري مهاراجا رنجيتسنگهه پنجاب جي اترين ضلعن ۽ افغانستان ڏانهن نظر وڌائي. 1810ع ۾ هن ملتان ڏانهن ڪوچ ڪيو.

ملتان فتح ڪري مهاراجا ڪشمير تي ڪاهيو. اول ٻه دفعا ته کيس فتح حاصل ڪانه ٿي پر نيٺ هن ڪشمير به هٿ ڪيو. ان وقت ڪشمير افغانن جي هٿ ۾ هو پوئين ڀيري ڪابل جو شاهه شجاع جو ڪشمير جو نواب وٽ اجهي هيٺ هو، تنهن کي لاهور وٺي آيو ۽ کانئس ڪوهنور هيرو ۽ ٻيا املهه رتن حاصل ڪيا. ڪشمير فتح ڪرڻ کان پوءِ مهاراجا ٻيا به ڪيترا شهر هٿ ڪيا. ان بعد هن پشاور هٿ ڪرڻ جو ويچار ڪيو. پشاور جو نواب مهاراجا رنجيتسنگهه جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ خونريز لڙائي بعد پشاور به سندس هٿ آيو.

پشاور جو قلع افغان مهندار يار محمد جي هٿ هيٺ هو. پشاور تي ڪاهڻ لاءِ مکيه سبب اهو به هو جو هڪ ”لئلي“ نالي عاليشان ۽ شاندار گهوڙي هئي، جنهن جي مٽ ساري عربستان ۽ پنجاب ۾ ڪانه هئي. مهاراجا گهوڙن جو ازحد شائق ۽ پارکو هو. گهوڙيءَ جي گهر ڪئي ويئي پر افغان مهندار سٿرو ڏيڻ وارو ڪين هو. نيٺ لڙائي ۾ هو گرفتار ڪري قيد رکيو ويو، تڏهن مس مس گهوڙي ڏنائين.

رنجيتسنگهه چوندو هو ته لئليءَ جي صدقي 60 لک روپيه ۽ ٻارهن هزار بهادر قربان ٿي ويا. هڪ جرمن سيلاني ان گهوڙيءَ جي ڏاڍي ساراهه لکي آهي. ڪميت رنگ جي قداواري گهوڙي هئي، چانديءَ جي پرڇن لڳل جڳهه ۾ ٻڌبي هئي، سنبن ۾ سونا گهنگهرو پيا هوندا هئس.

سنه 1826ع ۾ مهاراجا رنجيتسنگهه پنهنجي راڄ ۾ ٻانهپ جو رواج بند ڪيو. آمريڪا ۾ به اهو ٻانهپ رواج ان کان 27 سال پوءِ مهاتما ابراهم لنڪن بند ڪرايو هو.

مهاراجا رنجيتسنگهه هاڻي بيمار گذارڻ لڳو. لاهور ۾ لارڊ آڪلنڊ گورنر جنرل جي اچڻ جي موقعي تي کيس اڌرنگ جو وڏو حملو ٿيو. هيءَ تڪليف کيس ايڏي ٿي جو مهاراجا جو انتقال ويجهو اچي پهتو. پهرين دفعي سنه 1826ع ۾ جڏهن بيمار ٿيو هو تڏهن انگريز ڊاڪٽر مري سندس دوا ڪئي هئي. ٻيو دفع 1834ع ۾ ڊاڪٽر گريگارن سندس دوا ڪئي هئي. پر ان مان ڪو کيس گهڻو فائدو نه ٿيو. هنن ڊاڪٽرن بجلي رستي بيماري دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان مان به ڪو فائدو نه ٿيو.

مهاراجا رنجيتسنگهه شراب گهڻو پيئندو هو، ان ڪري به سندس بيماري وڌندي ويئي. شاهي حڪيم فقير عزيزالدين دوا ڪندو هو. کيس هٿن سان دوا پياريندو هو ۽ ساري ملڪ جو حال احوال ٻڌائيندو هو. ٻيا به ڪيترا ديسي ولائتي حڪيم گهرايا ويا پر فرق ڪونه پيو. گورنر جنرل به سندس دوا لاءِ هڪ انگريز ڊاڪٽر موڪليو پر مهاراجا ان جي دوا ڪرڻ کان انڪار ڪيو. مرض وڌندو ويو، پر ايڏي مرض هوندي به هو سچي ڪرم يوگيءَ وانگر پنهنجو ڪرتويه پالن ڪندو رهيو. جيتوڻيڪ اڌ رنگ سبب ڳالهائي نه سگهندو هو ته به هٿن جي اشاري سان راڄ ڪاڄ سان واسطو رکندڙ ڳالهيون ٻڌائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پالڪيءَ ۾ ويهي لاهور جي سمن برج جي هيٺان پنهنجي فوج جو قواعد ڏسندو هو. پر موت ته ڪنهن به انسان کي ڇڏڻ وارو نه آهي. رنڪ هجي توڻي راجا، اوچ هجي توڻي نيچ. 27 جون 1839ع ۾ پنجاب ڪيسري مهاراجا رنجيتسنگهه هن دنيا مان چالاڻو ڪري ويو. مهاراجا اشوڪ کان پوءِ ڪابل ۽ قنڌار تاءِ پنهنجو جهنڊو ڦڙڪائيندڙ مهاراجا رنجيتسنگهه هن سنسار مان ڪوچ ڪري ويو. پنجاب جو فخر غائب ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته سندس جاءِ ڀرڻ لاءِ ڪو لائق مڙس هوئي ڪونه.

مهاراجا رنجيتسنگهه دان پڃ به ڏاڍا گهڻا ڪيا. جهڙو هو سوروير تهڙو هو داني. جنهن ڏينهن هو مئو تنهن ڏينهن چوڻ ۾ اچي ٿو ته هڪ ڪروڙ دان پڃ ڪيا ويا. تنهن کانسواءِ روزمرهه هزارين روپين جو ان بکين انائن ۾ ورهايو ويندو هو. 25 لک روپيه سڀائن ۽ 22 لک روپيه ساڌو سنياسين، ڌرمسالائن، مندرن ۽ مسجدن کي ڏنا ويا. چون ٿا ته موت کان ٿورو اڳ مهاراجا رنجيتنسگهه مشهور ڪوهنورو هيرو جڳن ناٿ جي مندر يا امرت سر جي سوني درٻار کي ڏيڻ جو ويچار ڪيو هو. راجا ڌيانسنگهه ۽ جمعدار خوشحال سنگهه اهو هيرو توشاخانه مان کڻڻ به ويا پر توشاخانه جي اڌڪاريءَ ڪوهنور هيرو ڏيڻ کان انڪار ڪيو. چي ”هيءَ راجائي ملڪيت آهي. ان طرح اڇلائي نه ويندي آهي.“ سچ ته ائين آهي ته پرماتما اهو منظور نه هو ته ڪوهنور ڪنهن ديومندر جي سوڀيا وڌائي. انڪري مهاراجا رنجيتسنگهه پنهنجي هڪ ڪرمچاريءَ جو چوڻ مڃيو. نتيجو اهو نڪتو جو ڪوهنور پنهنجي جنم ڀوميءَ کان ٻاهر هليو ويو ۽ هاڻ انگلستان جي بادشاهه جي ڇٽ جي سونهن آهي.

مهاراجا رنجيتسنگهه کي جو جنگين ۾ هيڏي ساري سڦلتا حاصل ٿي هئي انجو هڪ ڪارڻ سندس درٻار هئي. سندس درٻار ۾ ذات پات، رنگ روپ جو ڀيد نه هو. سڀني جاتين جا ماڻهو سندس درٻار ۾ هئا. مهاراجا رنجيتسنگهه ۾ پرک جو گڻ تمام وڏو هو. هو ماڻهو کي ڏسڻ سان پرکي وٺندو هو ته هي ماڻهو ڪهڙي قسم جو آهي ۽ کانئس ڪهڙي قسم جو ڪم وٺي سگهبو. اها شڪتي ئي سندس سڦلتا جي ڪنجي هئي. ان ڪري مهاراجا پنهنجي درٻار ۾ چونڊ آدمي رکيا هئا. ڪي برهمڻ، ڪي کتري ۽ ڪي وئش ها.

1807ع ۾ جمعدار خوشحال سنگهه پنهنجو نصيب آزمائڻ لاءِ لاهور آيو. انهن ڏينهن ۾ مهاراجا هڪ نئين فوج ٺاهي هئي. ان ۾ خوشحال سنگهه پنجن روپين تي فوج ۾ نوڪري ڪئي. پوءِ هن وڏن وڏن خاص آفيسرن سان رستو رکيو. نيٺ هو مهاراجا جو باڊي گارڊ (سرير رکشڪ) مقرر ٿيو. مهاراجا جو مٿس ڏاڍو پيار ٿي ويو. هڪ رات جو ذڪر آهي ته مهاراجا رنجيتسنگهه ويس بدلائي پرجا جو سڌ سماءَ لهڻ ويو هو. رات گهڻي گذري چڪي هئي تڏهن هو موٽي آيو. جمعدار خوشحال سنگهه ان وقت پهري تي هو. هن پنهنجي مالڪ مهاراجا کي ڪين سڃاتو کيس ساري رات حوالات ۾ رکيائين. صبوح جو ڏٺائين ته جنهن شخص کي حوالات ۾ رکيو اٿم سو خود مهاراجا آهي. اهو ڏسي ڏڪڻ لڳو پر مهاراجا ان ڪارروائي تي ڏاڍو خوش هو ۽ سندس عهدو وڌائي کيس وڏي جاگير ڏنائين.

هندن کانسواءِ وٽس فقير عزيزالدين ۽ سندس ننڍو ڀاءُ ۽ ٻيا مسلمان به مهاراجا جي درٻار ۾ هئا. مهاراجا رڳو پنهنجي راج ڪاج جي باري ۾ انهن سان صلاح مصلحت ڪندو هو پر وڏن وڏن راجنيتي ڪمن جو بار به کين سونپيندو هو. ڪيترا دفعا فقير عزيزالدين کي پنهنجي پاران ايلچي ڪري موڪليندو هو ۽ جڏهن لڙائي تي ويندو هو، تڏهن حڪومت جو ڪاروبار کيس سونپيو ويندو هو. انگريزي گورنر جنرل وٽ به راجنيتي ڳالهه لاءِ فقير عزيز الدين کي موڪليندو هو. فقير عزيزالدين حڪمت به ڄاڻندو هو. عزيزلادين صوفي مت جو آدمي هو ۽ جڏهن پڇندا هئس ته تون مسلمان آهين يا هندو ته جواب ڏيندو هو ته ”مان هڪ وڏي درياهه جي وچ سير ۾ وهندڙ آدمي آهيان زمين تي نظر ٿو ڦيريان ته ٻنهي ڪنارن ۾ فرق نظر نه ٿو اچي.“ ڪهڙو نه سهڻو جواب!

هو پارسي ۽ عربي جو ماهر ۽ عالم هو ۽ پنهنجي خرچ تي ڪاليج هلائيندو هو. مسلمانن کانسواءِ مهاراجا وٽ ڪيترا يورپي عهديدار به هئا.

سندس درٻار ۾ ڪيترا ديس پرديس جا سيلاني ايندا هئا ۽ هر ڪو راجا رنجيتسنگهه جي درٻار ۾ ضرور ايندو هو، جنهنڪري سندس نالو هندستان کان ٻاهر دنيا ۾ وڄي ويو هو. نه رڳو هندستان جي ويجهن ملڪن ايران، چين ۽ روس تائين پنجاب ڪيسري جو ناماچار هو، پر فرانس تائين به مهاراجا جو نالو وڄي ويو هو. سندس پرک شناس جي واکاڻ ٻڌي دور دور جا جانباز ۽ لياقت وارا آدمي سندس درٻار ۾ ايندا هئا. رنجيتسنگهه جي درٻار مان ڪوبه گڻوان ماڻهو خالي نه ويو. جن بهادر ماڻهن نيپولين جي هٿ هيٺ بهادري ڏيکاري هئي تن نيپولين جي موت بعد مهاراجا رنجيتسنگهه جو اچي اجهو ورتو. مهاراجا ٽن شرطن تي يورپي ماڻهن کي نوڪري ۾ رکندو هو. (1) وڏو گوشت (گئومانس) نه کائيندا (2) ڏاڙهي نه ڪوڙائيندا (3) تماڪ نه ڇڪيندا. سندن لياقت آهر پگهار به کين وڏا ڏيندو هو.

رنجيتسنگهه فقط گڻ گراهڪ نه هو پر هڪ اُتم ٻلوان حاڪم به هو. پنجاب جي گهرن ۾ اڃا تائين پنجاب ڪيسري جي حڪومت جي چرچا آهي. هڪ انگريز لوڪ آسبرٽن صاحب لکيٿو، ”اهو سچ آهي ته مهاراجا رنجيتسنگهه طاقت سان حڪومت هلائيندو هو پر انصاف روءِ اهو چوڻ کان رهي نه سگهبو ته سواءِ لڙائي جي هن ڪنهن جي به جان نه ورتي.“

ٻئي هڪ انگريز لکيو آهي ته مهاراجا رنجيتسنگهه هڪ رحم دل راجا آهي ۽ رعيت مٿانئس گهور گهوران ويندي آهي. ٻين ڪيترن انگريزن لکيو آهي ته مهاراجا جي ڏينهن ۾ پرجا تمام سک ۽ آرام سان گذاريو. ڪننگام صاحب لکيو آهي ته مهاراجا زمين جي ڍل تمام واجب وٺندو هو. واپارين کان به ٽئڪس ايتري وٺندو هو جيتري هو سولائي سان ڏيئي سگهندا هئا. ڪنهن به آفيسر کي رعيت کي ستائڻ جي جرئت نه ٿيندي هئي ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڍل اڳاڙيندڙ ظلم زوري ڪندا هئا ۽ انهن جو جيڪڏهن هاري ناري مقابلو ڪندا هئا ته آفيسرن جي مدد لاءِ پوليس يا ملٽري نه موڪلي ويندي هئي. ان آفيسر کي اتان هٽايو ويندو هو. مهاراجا پڻ تمام گهڻو گشت ڪندو هو ۽ چمڙا پوش ڪري رعيت جي دک سک جو سماءُ لهندو هو. جيڪي عملدار زور زبردستي ڪندا هئا يا رعيت کي آزاريندا هئا يا رشوت وٺندا هئا تنکي سخت سزائون ڏيندو هو. جي ڪنهن ڳوٺ ۾ چوري يا ڌاڙو لڳندو هو، ته آس پاس جي ڳوٺن کان جوابدار ٺهرائي کانئن ويل مال جي رقم ڀرائيندو هو سولجر جيڪڏهن ڦرلٽ ڪندا هئا، ته اهو مال واپس ڪندو هو يا عيوضو ڀري ڏيندو هو.

رنجيتسنگهه کان اڳ چورين ۽ ڌاڙن جي ڌم متي پيئي هوندي هئي، پر هن جبري راجا چورن ۽ ڊاڪن جي پاڙ پٽي ڪڍي ۽ سردارن جي کئونس به بند ڪئي ويئي. ڏڪار جي وقت ۾ عام جام ڍل جي معافي ڏني ويندي هئي ۽ مهاراجا جو دان ايترو هلندو هو، جو هر ڪو محتاج راضي ٿي ويندو هو. هر ذات ۽ مذهب جي آدمين کي بنا تفاوت دان ڏيندو هو.

رعيت سان ميٺاج ۽ پنهنجائي سان رلندو ملندو هو، باقي سرڪشن جو ڏهڪاءُ هو. راجائي گڻ ڪوٽ ڪوٽ ڪري منجهس ڀريل هئا. حڪومت وقت رعب اهڙو رکندو هو، جو ڪنهن کي همٿ نه ٿيندي هئي، جو ڪو ڏانهس سنئون نهاري سگهي. گهوڙي سواريءَ ۾ شهساور هو. قد جو ننڍو، پر مڙس رتيءَ وارو ۽ جڏهن فوج جو اڳواڻ ٿي، ڍال ٻڌي ۽ تلوار لٽڪائي گهوڙي تي سوار ٿيندو هو. تڏهن سمجهبو هو ته بيشڪ شير مڙس آهي.

سنه 1831ع جي ڳالهه آهي ته مهاراجا جي درٻاري فقير عزيزالدين لاهور درٻار پاران لارڊ وليم بينٽڪ وٽ سملي ۾ ويو هو. اتي ڪنهن انگريزي آفيسر کانئس پڇيو ته توهانجو مهاراجا ڪهڙي اک کان سڄو آهي. فقير جواب ڏنو ”جناب مهاراجا جي منهن جو تيج ايڏو ته آهي جو ڪڏهن به سندس منهن ۾ چڱي طرح نهاري نه سگهيو آهيان انڪري مونکي اڄ تائين پتو ناهي ته مهاراجا ڪاڻو آهي يا نه.“

مهاراجا جي دٻدٻي ۽ دهشت جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته جنهن وقت هو موت جي بستري تي پيو هو، جنهن وقت اڌ رنگ جو مٿس اهڙو سخت وار ٿيو هو جو نه اٿي ٿي سگهيو نه ويهي ٿي سگهيو ۽ نه زبان مان ڳالهائي ٿي سگهيو ان وقت به ڪنهن سردار کي همت نه ٿي ٿي جو بغاوت ڪري.

سندس حڪومت اوڀر طرف هندوڪش جبل ٿٻيٽ تائين وڌي ويئي هئي ۽ اتر ۾ عثمان خيل ۽ خيبر تائين هئي. اولهه ۾ مٺڻ ڪوٽ، امرڪوٽ تائين سک راڄ جي حد سڌوندي هئي ۽ ڏکڻ طرف ستلج ندي تائين.

رنجيتسنگهه پنهنجي ڌرم جو سخت پابند هو. سندس درٻار ۾ ڪيترائي سک پروهت اڪالي، گرنتي رهندا هئا. ڪرتارپور جي گردواري جي گرنتي ڀائي نئونالسنگهه کي لت نيم سان گرنت صاحب پڙهي ٻڌائڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. رنجيتسنگهه پنهنجي ڏاڙهيءَ سان گرنٽي جا پير صفا ڪندو هو، ايڏي ته هن جي گرنٽ صاحب ۾ سرڌا هئي.

سندس درٻار ۾ جيڪو به ساڌو سنت ايندو هو انجي به ڏاڍي عزت ڪئي ويندي هئي. مشهور يوگي هريداس جي مشهوريءَ جو ڪارڻ خود مهاراجا هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org