سندس مهر ۾ سندس نالي اڳيان ”پرڪال سهاءِ“ لکيل هو. سندس نالي
اڳيان ايشور سهائڪاري رنجيتسنگهه لکيو ويندو هو.
ان کانسواءِ امرتسر جي درٻار تي چوٽي کان وٺي تري
تائين سونو پاڻي هن چاڙهايو هو. جنهن ڪري اها سوني
درٻار سڏي وڃي ٿي پر انهن سڀني ڳالهين هوندي به
ائين نه سمجهڻ گهرجي ته رنجيتسنگهه ۾ ڪو عيب ڪونه
هو. هو رنگ محل جو ڪوڏيو هو، کيس 19 راڻيون هيون.
ان هوندي به هو راج ڪاج جي ڪم ۾ هميشه پورو رهندو
هو ۽ پنهنجي مرڻ تائين پنهنجي ويرتا ڌيرتا ۽
ڪرتويه پالن کي ڪين وساريو. هڪ ڀيري ڪي تنگدل ۽
ضدي سک مهاراجا وٽ دانهين ويا ته اسانجي گردئارن
جي ڀرسان جيڪي مسجدون آهن، تن ۾ ملا زور سان
ٻانگون ٿا ڏين، جنهن ڪري اسانجي پاٺ ۽ آرتيءَ ۾
وگهن ٿو پوي، تنهن ڪري اوهين اهڙو ڪم جاري ڪريو ته
ملا آرتيءَ وقت ٻانگ نه ڏين.
تنهن تي راجا رنجيتسنگهه فرمايو، ”مونکي ان حڪم جاري ڪرڻ ۾ ڪو
اعتراض ڪونهي، پر مُلا ٻانگ ان لاءِ ٿا ڏين ته
نمازين کي خبر پوي ته نماز جو وقت ٿيو آهي. جيڪڏهن
سک، نمازين کي سندن گهر وڃي ٻڌائين ته نماز جو وقت
ٿيو آهي، هلي نماز پڙهو ته پوءِ اهڙو حڪم جاري
ڪندس.“ سک شرمنده ۽ لاجواب ٿي ويا. تڏهن مهاراجا
فرمايو ته، ”ڌرم ڪو پاڻ ۾ وڙهڻ نه ٿو سيکاري. اڪال
پرک ته ساڳيو آهي. رڳو سندس بندگيءَ جا نمونا ڌار
ڌار.“
راجا رنجيتسنگهه غريبن جي ايتري پرگهور لهندو هو، جو عام غريبن
۾ ائين مشهور ٿي ويو ته رنجيتسنگهه پارس آهي، هڪ
غريب ٻڍي استري اها ڳالهه ٻڌي ته سوچڻ لڳي ته جيڪر
مهاراجا ڪٿي گڏجي وڃي ته جيڪر مان به سندس بدن سان
ڪو لوهه ٽڪر لڳائي سون ڪريان. هڪ ڏينهن اهڙو اتفاق
ٿيو، جو راجا پنهنجي اٽالي سان گڏ شهر جي چڪر تي
نڪتو ۽ اتفاق سان ان مائيءَ جي گهر ڏانهن ايندو
نظر آيو. کيس پريان ايندو ڏسي مائي دروازي وٽ ئي
بيٺي. ان وقت ٻيو ڪو لوهه جو ٽڪر گهر ۾ ڪونه هوس،
سو تئو کڻي اچي بيٺي ته راجا لنگهي ته ساڻس گسائي
سون ڪريان. جڏهن رنجيتسنگهه سندس گهر وٽان
لانگهائو ٿيو، تڏهن مائي نه ڪئي هم نه ڪئي تم، سٽ
پائي پنهنجو تئو راجا جي پٺيءَ کي مهٽڻ لڳي. راجا
جا پهريدار ۽ آفيسر اچي بگڙيا. رنجيتسنگهه کين منع
ڪئي ۽ ڌيرج سان مشڪي ٻڍيءَ کان پڇيائين، ”مائي!
تون هيءُ ڇا ٿي ڪرين؟“ ٻڍي وراڻيو، ”راجن مون ٻڌو
آهي ته تون پارس آهين. مان غريب وڌوا آهيان. ان
ڪري هي تئو تنهنجي پٺيءَ سان ٿي گهان ته سونو
ٿئي.“
راجا اهو جواب ٻڌي خوش ٿي کيس اشرفين جي ڳوٿري ڏياري، ان ريت
سندس تئو سونو ٿي چڪو هو.
رنجيتسنگهه عام رائي جو ڏاڍو خيال رکندو هو. ايتري قدر جو پاڻ
جيڪڏهن ڪا ڪمي پيشي ڪري وجهندو هو ۽ سک پئنچات ڪا
سزا مقرر ڪندي هئي ته هو پاڻ پنهنجي سر به قبول
ڪندو هو. سندس وشواس هو ته پنچن ۾ پرميشور آهي ۽
سماج جي اُنتي ۽ سڌاري لاءِ اهو ضروري آهي ته
پئنچات جو زور قائم رکي ۽ ان جو حڪم وڏو خواه ننڍو
مڃڻ لاءِ ٻڌل آهي. جيڪڏهن آءٌ سندن فيصلي کي ٺوڪر
هڻندس ته سندس طاقت گهٽبي ۽ سماجڪ بگاڙو ٿيندو.
ايڪتا گهٽ ٿيندي ۽ ملڪ ۾ گڙٻڙ مچندي. ٻئي ڪنهن به
بادشاهه ائين ڪونه ڪيو آهي.
راجا انصاف جو حد ڪوڏيو هو. اهو سندس وشواس هو ته رعيت کي جيڪي
به آزار ٿا پهچن يا مٿن جيڪي به ظلم ٿين ٿا، تن
لاءِ راجا جوابدار آهي. اهي گڻ هن ڪيتري قدر عمل ۾
آندا، سو ڏنل ٽن وارتائن
*
مان پڌرو آهي. پڙهندڙ پوءِ بي اختيار چوندا: ”راجا
ته رنجيتسنگهه!“
پرجاپتي
”سئو سال.“
مون ڇرڪ ڀريو. مون کي پنهنجن ڪنن تي اعتبار نه آيو. ڪاپي ميز تي
رکي ۽ پنهنجي ڪرسي اڳڀرو سوري پڇيم ”تو ڇا چيو؟
سئو سال؟ تنهنجي عمر سئو سال آهي؟“
ڌوٻيءَ ٽن رومالن کي گڏي ڳنڍ ڏيئي مون ڏانهن نهاريو ۽ جواب
ڏنائين، ”هائو، سائين! منهنجي عمر سئو سال آهي.
پورا سئو سال. نه هڪ سال گهٽ نه هڪ سال وڌ. منهنجي
شڪل صورت ڏسي عام آدمي دوکو کائيندا آهن.“
”مگر بدن ۽ بيهڪ مان ته تون ايترو ضعيف معلوم نه ٿو ٿين. منهنجو
خيال هو ته تون گهڻي ۾ گهڻو ستر سالن جو هوندين.“
”نه بابو صاحب! منهنجي عمر پوري سئو سال آهي.“
”ڏاڍو خوش نصيب آهين. اڄوڪي زماني ۾ ته ماڻهو پنجاهه سالن کان
اڳ ئي چالاڻو ڪري ٿا وڃن.“
ڌوٻيءَ ان جو ڪو جواب ڪونه ڏنو.
اوچتو منهنجي دل ۾ هڪ خيال آيو. مون پڇيس، ”چڱو ميان ڌوٻي! هڪ
ڳالهه ٻڌاءِ، تو سکن جو راڄ به ڏٺو هوندو.“
”بلڪل چڱي طرح.“
”ان راڄ ۾ تون خوش هئين يا ناخوش؟ منهنجو مطلب هي آهي ته ان
زماني ۾ ماڻهن جي ڪهڙي حالت هئي؟“
ڌوٻي مون ڏانهن اداس نگاهن سان ڏٺو ۽ ان ريت، جئن ڪو وسريل
نقصان کي ياد ڪري غمگين ٿي وڃي، سرد آه ڀري
چيائين، ”مان اُن زماني ۾ ننڍڙو هوس. سکن جو راڄ
ڪيئن هو سو ٻڌائي نه ٿو سگهان. البت سکن جو راجا
ڪهڙو هو سو ٻڌائي سگهان ٿو. مون رنجيتسنگهه کي ڏٺو
هو. عجيب آدمي هو، سندس دهشت ڀري ۽ شاندار شڪل اڄ
به ياد ٿي پويم ته دل ۾ ڀالا چڀي ٿا وڃن. نهايت
نيڪدل بزرگ هو. بادشاهه هو، مگر طبيعت فقيراڻي
هيس. غرور جو نالو به نه هوس. مان اوهان کي هڪ
واقعه ٿو ٻڌايان. شايد اوهان کي ان تي يقين نه
اچي. اوهين چئو ته اها ڪهاڻي آهي. مگر اها ڪهاڻي
نه آهي، سچو واقع آهي. ان ۾ ڪوڙ ذرو به ڪونهي. اهو
ٻڌي اوهين حيران ٿي ويندا. اوهين خوش ٿيندا. اوهين
ٽپا ڏيندا. مان پڙهيل ڪين آهيان. اوهين ڏينهن رات
ڪتاب پيا پڙهو؛ مگر پڪ اٿم ته اهڙو واقعه ڪنهن
تاريخي ڪتاب ۾ ڪين پڙهيو هوندئو.“
آءٌ ڪن لائي ويٺس ڌوٻي شروع ڪيو:-
(2)
مان ڌوٻي آهين. منهنجو پيءُ پڻ ڌوٻي هو. اسين اصل کان لاهور ۾
ئي رهندا آيا آهيون. مگر اڄوڪو لاهور اڳيون لاهور
ڪينهي. ان زماني وارو گهاٽ هاڻي خشڪ ٿي ويو آهي.
درياه دور هليو ويو آهي. فرق فقط اهو آهي ته درياه
ٿوري مفاصلي تي موجود آهي، مگر اهو زمانو ڪٿي نظر
نه ٿو اچي. خدا ڄاڻي ته ڪيڏانهن غائب ٿي ويو آهي!
منهنجي عمر ان وقت ست سال هئي، جڏهن چوطرف ڏڪار جو هاهاڪار مچي
ويو. اهڙو ڏڪار ان کان اڳ ڪنهن ڪونه ڏٺو هو. سانده
اڍائي سال برسات ڪانه پيئي هئي. هاري ناري ٿي رنا،
تلاءَ، ندي، واه سڀ خشڪ ٿي ويا. پاڻي، سواءِ اکين
جي ڪٿي نظر نه ٿي آيو. مون کي اهو ڏينهن به
ڪالهوڪي واقع وانگر چٽو ياد آهي، جڏهن اسين فقط
لنگوٽي ٻڌي منهن کي رک مکي بازارين ۾ گهنڊ
وڄائيندا ٿي وياسون ته شايد ان ريت مينهن وسڻ لڳي.
مگر اهو نمونو ڪارگر ڪين ٿيو. ڇوڪريون گڏيون ساڙي،
سندن خاڪ تي بيهي ڇاتي پٽينديون هيون، مگر معصومن
جون آهون به اجايون ويون. مسلمان مسجدن ۾ نمازون
پڙهڻ لڳا. هندو مندرن ۾ آرتيون ڪرڻ لڳا. سک
گردوارن ۾ گرنٿ صاحب جا پاٺ ڪرڻ لڳا. مگر خدا جي
رحم جو بادل ڪين ڀنو. ماڻهو بک وگهي مرڻ لڳا.
بازارين ۾ رونق ڪانه رهي. دڪانن تي خريداري بند ٿي
ويئي. گهرن ۾ باهه ٻارڻ جي هاج نه رهي. ائين ٿي
معلوم ٿيو، گويا قيامت جو ڏينهن اچي ويجهو پهتو
آهي ۽ سڀ کان خراب حالت ويچارن ڪڙمين جي هئي.
منهنجو ڏاڏو چوندو هو ته ان وقت سندن منهن ۾ رونق
نه هئي. اکين ۾ چمڪ ڪانه هئي. بدن تي گوشت رڳن ۾
رت نه هو. فقط هڏن جا پڃرا وڃي بچيا. سڀني جون
اکيون آسمان ۾ کتل هيون، مگر اتي صفائي ٿي پيئي
هئي. ڪڪرن جو نالو نشان به ڪونه هو. ان مهانگو ٿي
ويو جو روپيه جا ويهه سير وڪامڻ لڳو.
مون حيرت مان پڇيو. ”ويهه سير؟“
”هائو ويهه سير. ان وقت سخت ڏڪار هو. ڪالهه ته روپيه جا چار سير
وڪامڻ لڳي ته به بابو لوڪ کي پرواهه ڪونهي. مگر ان
زماني ۾ ائين ڪين هو. اسان جي گهر ۾ هڪ مان هوس،
منهنجو ڏاڏو، بيوه ماءُ ۽ ٻه ڀينرون انهن سڀني جو
ماهيانه خرچ وڌ ۾ وڌ اڍائي ٽي روپيه مس ٿيندو هو.
اڄ ڪالهه ته....
مون وچ ۾ ڳالهه ڪتري چيو، ”چڱو ميان پوءِ ڇا ٿيو؟“
”هان ته پوءِ ڇا ٿيو؟ اناج تمام مهانگو ٿي ويو، آدمي روئڻ رڙڻ
لڳا. آخر ايتري تاءِ نوبت پهتي جو اسانجي گهر ۾
ڪجهه ڪين رهيو. زيور، ڪپڙا، برتن سڀ کپي کاڄي ويا.
فقط بدن جا ڪپڙا وڃي بچيا، ويچار ڪرڻ لڳاسون ته
هاڻي ڇا ٿيندو. منهنجو ڏاڏو خدا مٿس هر دم فضل
ڪري، ڏاڍي وڏي دل وارو هو. هر وقت خوش نظر ايندو
هو. اڪثر ڪري چوندو هو ته جيڪا مصيبت اچي سا کلي
کلي گذاري ڇڏيو. روئڻ سان مصيبت گهٽبي نه مگر
وڌندي آهي. مون ٻڌو آهي ته منهنجي جوان پيءُ جي
وفات وقت به اک مان ڳوڙهو ڪين ڳاڙيو هئائين. ليڪن
ان وقت اهڙو شيردل به روئي وهندو هو. چوندو هو
ڪهڙي نه قهري قيامت آئي آهي. ٻار ٻچا اکين اڳيان
بک ۾ پاهه ٿا ٿين ۽ مان ڪجهه ڪري نه ٿو سگهان. حال
اهڙو وڃي رهيو جو ڪيترن ڏينهن تائين اسان وڻن جا
پن اوٻاري کاڌا.
مون کي چڱي طرح ياد آهي، ڏاڏي اڱڻ ۾ ويٺي حقو ڇڪيو ۽ رکي رکي
آسمان طرف ٿي نهاريو. مون چيو، ”بابا! هاڻي وڌيڪ
سٺو نه ٿو وڃي. ڪٿان روٽيءَ ڳڀو آڻي ڏيو. پنن کائڻ
سان الٽيون ٿيون اچن.“
بابي سرد آه ڀري چيو، ”هاڻي قيامت پري ڪانهي.“
مان – قيامت ڪيئن ٿيندي آهي؟
بابو – جڏهن سڀ ماڻهو مري ويندا آهن.
مان – ته ڇا هاڻي سڀ ماڻهو مري ويندا؟
بابو – ٻيو ڇا، پٽ؟ جڏهن کين کائڻ لاءِ ڪي ڪين ملندو ته مرندا
نه ته ٻيو ڇا ٿيندا؟
مان – بابا، مان ته ڪين مرندس، مون کي ڪٿان پني ٽڪر آڻي ڏيو.
ڏاڍي بک لڳي اٿم. بابي جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.
ڀريل آواز ۾ چيائين.
”اهڙو زمانو اڳ ڪڏهن ڪونه ڏٺوسين. تون وڻن جي پنن کان گهٻرائجي
ويو آهين. وٺ جا ماڻهو ته ڪوئا ۽ ڏيڏر به کائي ٿا
وڃن.
مان – بابا، اهڙيون شيون هو ڪيئن ٿا کائين؟
بابو – بک سڀ ڪجهه ٿي ڪرائي.
مان – اهي شيون ته حرام آهن.
بابو – هن وقت حرام حلال جي تميز ڪنهن کي آهي.
مان – اهڙيون شيون کين اندر ڪيئن لنگهنديون هونديون.
بابو – خدا رحم ڪري جو هن آفت جي انت ٿئي.
مان – بابا، ڀلا مينهن پوي ڇو نه ٿو؟
بابو- اسانجا اعمال خراب ٿي پيا آهن. انهن جي شامت ڏڪار جي صورت
وٺي وئي آهي، نه ته اهڙو ڏڪار هوند ڇو پوي جو
ماڻهو ماڻهو جي خون جو پياسي ٿي پوي. هينئر ماڻهن
جي اکين ۾ رت آهي، پاڻهي ڪونهي. تون ٻار آهين. وڃ
وڃي ڪنهن کان منگي آءُ. شايد ڪو شاهوڪار توکي روٽي
ٽڪر ڏئي.
مان – ته وڃان؟
بابو- الله! هينئر موت ڏئي – غريب هئاسون، پر ڪنهن کان پنندا ته
ڪين هئاسون.
مان بک ۾ ٿي لڇيس. ڪٿان روٽي پنڻ نڪتس. مان ٻار هوس ۽ سمجهيم ٿي
ته ڏڪار شايد فقط غريب جي گهر ۾ آهي؛ مگر ٻاهر
نڪتس ته سڀني جا منهن سڪل ڏٺم. سڀ اُداس هوا. خوش
ڪو ڪو نه ٿي ڏٺو. ڳچ دير تائين هيڏانهن هوڏانهن
پنندو وتيس، مگر ڪنهن روٽيءَ ٽڪر ڪين ڏنو. مايوس
ٿي گهر موٽيس، مگر پير چرڻ جي ڪين ڪن.
ايتري ۾ هڪ هنڌ ماڻهن جو ميڙ نظر آيو. مان به تکو تکو اوڏانهن
ويس. ڏٺم ته سرڪاري آدمي پڙهو ڏيئي رهيو آهي ۽
ماڻهو سندس چوڌاري بيهي گد گد ٿي رهيا آهن. مان
تعجب ۾ پئجي ويس ۽ سمجهي نه سگهيس ته ماڻهو ڇا تي
ٿا خوش ٿين. ليڪن ٿوري دير ۾ اها ڳالهه عام آشڪار
ٿي ويئي ته مهاراجا رنجيتسنگهه شاهي قلعي ۾ اناج
جون ڪوٺيون کولائي ڇڏيون آهن ۽ منادي ڪرائي اٿس ته
جنهن کي جيتري اناج جي ضرورت هجي سو شاهي توشه
خاني مان وٺي وڃي. ڪا قيمت ڪانه وٺڻ ۾ ايندي.
ماڻهو مهاراج جي اُن مهرباني تي دل ۽ جان سان
مشڪور ٿيا. چيائون ٿي ته هيءُ آدمي نه، ديوتا آهي.
مسلمانن ٿي چيو هيءُ ته ڪو اولياءُ آهي. هينئر
خلقت بک نه مرندي. خدا نه ٻڌو ته بادشاهه ٻڌوم
رعيت لاءِ بادشاهه تاچند هڪ آدمي ٿي چيو ته
مهاراجا ٻاهر ماڻهو موڪليا آهن ته جيترو ان ملي
سگهي اوترو خريد ڪري اچو. منهنجي رعيت منهنجي
اولاد آهي. آءٌ کين بک مرڻ ڪين ڏيندس.
ٻئي چيو ”پر مهاراج پهريائين سمهيو پيو هو. اهو خيال پهريائين
ڇو ڪين آيس؟“
پهرين چيو ته ”مهاراج غافل ڪين هو. سجاڳ هو، هر وقت پڇندو رهندو
هو ته هاڻي ان جو ڪهڙو اگهه آهي. هاڻي ماڻهن جي
ڪهڙي حالت آهي. ڪالهه تاءِ اطلاع هو ته ان تمام
مهانگو ٿي ويو آهي. اڄ پهتي ته بازار ۾ اناج جو
داڻو به ڪونهي. مهاراجا گهٻرائجي ويو ته هاڻي ڇا
ٿيندو. آخر هن ٻاهر ماڻهو موڪليا ته وڃي جيترو
اناج ملي سگهي اوترو وٺي اچو. مان پرجا ۾ مفت
ورهائيندس. منهنجي خزاني ۾ روپيه رهن يا نه رهن،
مگر پرجا بچي پوي. ان سان گڏ قلعي جو توشه خانه به
کولائي ڇڏيائين.“
ٽئين آدمي چيو، ”هن ته چئي ڏنو ته مهاراج پهريائين سمهيو پيو هو
ڇا؟ کيس اها خبر ڪانهي ته بادشاهن کي هڪ جو فڪر نه
ٿيندو آهي، مگر سڀني جو خيال رکڻو پوندو آهي.“
ٻيو – منهنجو ڪو اهو مطلب ڪونه هو.
پهريون – هڪ ٻي به ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته ٻاهر جي قلعي وارن
ڏانهن به اهڙو حڪم موڪليو اٿس.
ٻيو- آفرين! راجا هجي ته اهڙو هجي.
پهريون – ٻيو ڪو هجي ها ته چوي ها ته مرڻ ڏين مينهن نه وسيو ته
اُن ۾ منهنجو ڪهڙو قصور آهي. منهنجي کائڻ لاءِ
محلن ۾ سڀ ڪجهه موجود آهي.
ٻيو – اُن منادي سان مرندڙ شهر ۾ ساهه پيو آهي.
پهريون – اڄ رات شهر جي حالت ڏسجو.
ٻيو – گويا انڌن کي اکيون مليون.
پهريون – اهڙو ڏڪار شل دشمن جي ملڪ ۾ به نه پوي.
ٻيو – نيٺ خدا ٻڌي.
مان اتان ئي موٽيس ته اهڙو خوش هوس، ڄڻ ته ڪو مال مليدو هٿ آيو
هو. پهريائين پاڻ جهلي آهستي آهستي هليس، پر پوءِ
بي اختيار وٺي ڊوڙ پاتم ته متان اها خوشخبري گهر ۾
مون کان اڳي پهچي وڃي منهنجي مرضي هئي ته پنهنجن
ڀاتين کي اها خوش خبري پهريائين آءٌ ٻڌايان. پريان
ڊوڙندو ٿي آيس. گهر وٽ رفتار ڍري ڪري آهستي آهستي
گهر ۾ گهريس منهنجو بابو ائين ئي غمگين ڪنڌ هيٺ
ڪري ويٺو هو. منهنجي دل خوشي مان ڏڪڻ لڳي. هو اڃان
بي خبر هو.
مون کي خالي هٿين ڏسي بابي سرد آه ڀري ۽ اکين ۾ پاڻي اچي ويس.
مون چپ چاپ ڪري وڃي سندس هٿ پڪڙيو ۽ زور سان گهليندي چيومانس،
”بابا!، اُٿ، چادر کڻ. مهاراجا منادي ڦيرائي آهي
ته اناج مفت ملندو.“
منهنجي ماءُ، ڀينرن ۽ منهنجي ڏاڏي ڇرڪ ڀريو. کين منهنجي ڳالهه
تي اعتبار ڪين ٿي آيو. ڪنڌ ڌوڻي ٿي چيائون: ٻار
آهي. ڪنهن چرچو ڪيو هوندس. هيءُ سچ سمجهي ويٺو
آهي. ڀلا مهاراج ساري شهر کي اناج ڪٿي ڏيندو.“
مگر مون چيو، ”مون پاڻ منادي ٻڌي آهي. ماڻهن به ساڳي ڳالهه ٿي
ڪئي ۽ کليا خوش ٿي ٿيا. تون چادر کڻي مون سان گڏ
هل ته سهين.“ آخر منهنجي بابي قبول ڪيو ۽ چادر کڻي
مون سان گڏ هليو مگر کيس شڪ هو ته ائين ڪين هوندو.
فقط مسخري هوندي ۽ جڏهن بازار ۾ اچي ڏٺائين ته
هزارين ماڻهو شاهي قلعي ڏانهن ٿي ويا ۽ سڀني جي
وات ۾ اهائي ڳالهه هئي تڏهن کيس منهنجي ڳالهه تي
يقين آيو.
قلعي ۾ پهتاسون ته اتي هزارين آدمي گڏ ٿي ويا هئا مگر ڪنهن
شاهوڪار کي اندر وڃڻ جي اجازت نه هئي ڦاٽڪ وٽ
سپاهي بيٺا هئا. جنهنکي سفيد ڪپڙا ٿي ڏٺائون
تنهنکي ٿي روڪيائون. چي: هي اناج جي وراست غريبن
لاءِ آهي. شاهوڪارن جا گهر ته هينئر به ڀريا پيا
آهن. هي مسڪينن جو حصو آهي. شاهوڪارن لاءِ ڌام
ڪانهي. منهنجي هيتري عمر آهي. مون شاهوڪارن لاءِ
سڀ در کليل ڏٺا آهن. انهن لاءِ ڪا روڪ ٽوڪ ڪانه
ڏٺي اٿم، مگر اتي شاهوڪار به منهن تڪي رهيا هئا،
غريب ڌوڪيندا اندر ٿي ويا. اسين غريب هئاسون بي
ڌڙڪ اندر هليا وياسون. اتي ڏٺوسين ته سوين آدمي
هٿن ۾ تازارون کڻي ويٺا هئا ۽ ويهه ويهه سير اناج
توري هر ڪنهن کي ٿي ڏنائون. البت هڪ ئي گهر جي ٻن
آدمين مان هڪ کي موٽائي ٿي ڪڍيائون. آدمين جا ڪٽڪ
هئا، اڳتي وڌڻ مشڪل هو. مان ٻار هوس. منهنجو بابو
ٻڍو هو، اسان سان گڏ ڪو جوان مڙس ڪونه هو. اسان
ڪيتري ماڻهن کي منٿ ڪئي ته اسان کي به ڪجهه اناج
وٺي ڏيو مگر هر ڪو پنهنجيءَ ڌن ۾ پورو هو. ڪير
ڪنهنجي ٻڌي؟ منهنجي بابي ٻه دفعا ميڙ ۾ ڌوڪي وڃڻ
جي ڪوشش ڪئي مگر ڌڪا کائي پٺتي موٽي آيو. تڏهين
مان ۽ منهنجو بابو هڪ طرف ٿي بيٺاسون ۽ پنهنجي
بيڪسيءَ تي جڪ کائڻ لڳاسون.
|