سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: راجا رنجيت سنگهه

 

صفحو :1

راجا رنجيت سنگهه

مصنف: ميلارام منگترام

 

مهاڳ

 

جنهن قوم کي پنهنجي وِيرن (Heroes) لاءِ سڪ ۽ سرڌا نه آهي، سا دنيا جي عالمن ۽ ملڪي مدبرن جي نظر ۾ مرده سمجهي وڃي ٿي. هندستان ۾ ڌرمي، قومي يا جنگي خيالن کان جيڪي به جدا جدا قومن يا مذهبن جا وير ٿي گذريا آهن تن مان مهاراجا رڻجيت سنگهه به هڪ مکيه سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري سرهائيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ”سندر ساهتيه“ وارن مهاراجا رڻجيت سنگهه جي حياتيءَ جي مختصر احوال جو هي ننڍو ڪتاب ڇپائي سنڌي ساهتيه جي سوڀيا وڌائي آهي.

سکن جيڪا خود مختيار حڪومت قائم ڪئي تنهن بابت مشهور مسلمان تواريخ نويس مرحوم سيد محمد لطيف پنهنجي ”پنجاب جي تواريخ“ جي صفحي 270 ۾ لکي ٿو ته ”سڀ تواريخ نويس گرو گوبند سنگهه جي خوبين جي ساراهه ڪرڻ ۾ يڪراءِ آهن. گرو گوبند سنگهه ڌرمي، رهبر ۽ جنگي جوڌي جي گڻن جو ميلاپ هو. هن کان پوءِ سکن جيڪا پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، تنهن جو بنياد به گرو پاڻ ئي وجهي ويو هو.“ سري گرو گوبند سنگهه مهاراج جن سنه 1705ع ۾ حيدرآباد دکن طرف جوٽي جوت سمايا. اُن بعد بندي بهادر ۽ ٻين سکن وقت به وقت دهليءَ جي بادشاهن ۽ افغانستان کان حملا ڪري آيل حاڪمن سان مقابلو ڪندي جيڪي عجيب قربانيون ڪيون ۽ بهادري ۽ پراُپڪار جا ڪم ڪيا سي تواريخ ۾ سونهري اکرن ۾ اُڪريل آهن.

آخر سنه 1765ع ڌاري سکن ٻارهن مثل (ڀائي بندي جماعتون يا جٿا Confederacies) قائم ڪيا، جن جون جدا جدا رياستون هيون. هر هڪ مثل کي پنهنجو پنهنجو سردار هو. ڊاڪٽر سرگوڪلچند نارنگ پنهنجي انگريزي ڪتاب ”ٽرئنسفارميشن آو سکيزم“ ۾ لکي ٿو ته، ”سنه 1768ع ڌاري سک مثلن جو راڄ جمنا نديءَ کان وٺي سنڌونديءَ تائين قائم ٿي ويو جو هنن جدا جدا ٻارهن رياستن ۾ وراهيو هو. هر هڪ رياست کي جدا جدا سک حاڪم هو ۽ هر ڪا هڪ ٻئي کان الڳ ۽ خود مختيار هئي. جڏهن سڀني لاءِ ڪو به ساڳيو خطرو جاڳندو هو ته سڀ سک رياستون گڏجي ان خطري جو مقابلو ڪنديون هيون نه ته وقت تي پاڻ ۾ پيئون جهڳڙنديون هيون. انهي هوندي به ڪنهن قسم جو راڄ ته قائم هو ۽ ڪي نهايت سٺا راڄوڻي سرشتا (Excellent Political Institutions) انهن سک مثلن جي حڪومت ۾ ڦليا ڦوليا. مغل خاندان جي پڇاڙيءَ ۽ مهاراجا رڻجيت سنگهه جي قائم ۽ مضبوط حڪومت جي وچ ۾ جو خال (gap) هو سو انهن سک مثلن ڀريو.“

سکن جي ٻارهن مثلن مان سڪر چڪيئا مثل جي اڳواڻ سردار مهان سنگهه کي جيند رياست جي راجا گجپت سنگهه جي ڪنيا مان 2 نومبر سنه 1780ع ۾ مهاراجا رڻجيت سنگهه ڄائو. پتا جي ديهانت وقت رڻجيت سنگهه اڃا ڇوڪرو هو، ته به هن جو حوصلو اهڙو نه هو جو هن سڄي پنجاب کي هڪ مرڪزي حڪومت هيٺ آڻڻ جو پڪو پهه ڪيو. سنه 1799ع ۾ ويهن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي همت سان اتي جي سک سردارن سان وڙهي لاهور جو قبضو ورتائين. سنه 1801ع ۾ سک سردارن ۽ مکيه شهرن جي پئنچاتن جي گهڻي زور رکڻ تي لاهور ۾ ويساکيءَ جي پرب تي هن شاهي درٻار لڳارائي، جتي گرو نانڪ صاحب هن جي ونش واري بابا صاحب سنگهه بيديءَ هن کي راڄ تلڪ ڏيڻ جي رسم ادا ڪئي ۽ هن کي قوم طرفان ”مهاراج“ جي پدوي ملي جا هن سويڪار ڪئي. هن راڄ ڀاڳ سڀ ستگرن جو ڏنل سمجهي سڪا پنهنجي نالي تي هلائڻ واجب نه سمجهيو مگر ”نانڪ شاهي سڪا“ ڪري هلاياءِ. روپيا جيڪي ٺهراياءِ سي خالص چاندي جا، پهرين قسط ۾ جيڪي به روپيا پيسا وغيره ضرب خانن مان تيار ٿي ڪتا سي سڀ دان ۾ وراهيا ويا. سندس شاهي مهر تي دسم گروءَ جي مهر جا هيٺيان لفظ اُڪريل هئا:

”اڪ اونڪار سري ستگر پرساد

ديگ و تيغ و فتح نصرت بيدرنگ

يافت از نانڪ گرو، گوبند سنگهه،

سري اڪال پرک جي سهايه“

مٿين مهرءَ ۾ فارسيءَ ۾ جيڪي لفظ ڏنل آهن سي به سري گوبند سنگهه مهاراج جن جا آهن جن جو مطلب آهي ته ”ديگه (لنگر)، تيغ (تلوار)، فتح (جيت) ۽ نصرت بيدرنگ (ترت سهايتا) گرو گوبند سنگهه حاصل ڪئي سري گرو نانڪ صاحب جن کان.

وقت به وقت سوڀون حاصل ڪندي مهاراجا رڻجيت سنگهه آخر خاص بادشاهت قائم ڪئي جنهن جون اُتر طرف حدون چيني ترڪستان ۽ ٿٻيٽ الهندي طرف افغانستان ۽ بلوچستان، ڏکڻ طرف سنڌ ۽ بهاولپور ۽ ڏکڻ اوڀر طرف ستلج ندي هيون، سندس حڪومت ڪشمير، پشاور، لاهور ۽ ملتان جي چئن پرانتن ۾ وراهيل هئي.

مهاراجا جي دوستي ۽ همدردي هٿ ڪرڻ لاءِ نه رڳو انگريز سرڪار خواهان هئي پر ٻيا وڏا حاڪم به. روس جو ان وقت جو بادشاهه سندس دوست جو ڪانکي رهيو. سنه 1826ع ۾ حيدرآباد دکن جي نظام جو وڪيل درويش محمد، تنهن کان پوءِ هرات جو والي شاهزادي ڪامران جو وڪيل سيف خان، سنه 1829ع ۾ بلوچستان جي حاڪم جو ايلچي تحفه کڻي مهاراجا جي ملاقات لاءِ ويا. افغانستان جي امير شاهه شجاع هن کي مشهور هيرو ”ڪوهه نور“ ڏنو.

مهاراجا جي ناموري ۽ وڏائي نه رڳو سندس بهادري ۽ طاقت جي گڻن ڪري آهي، پر انتطام، انصاف ۽ پرجا پروري جي خوبين ڪري به ڳائڻ ۾ اچي ٿي جن جا ڪي مثان هن ڪتاب ۾ ڏنل جيون چرتر ۾ ڏنل آهن ۽ ٻيا ڪي هيٺ ڏجن ٿا:-

(1) هڪ دفعي دهليءَ جي گردوارن جا ڪي پوڄاري لاهور ۾ مهاراجا وٽ ويا ته هن سندن چرن پنهنجي ڏاڙهيءَ سان اگهيا.

(2) مهاراجا پريم جي گڻ ڪري پاڻ به پنهنجي پرجا ۾ نهايت پيارو هو؛ جنهن ڪري ماڻهو مٿانئس جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندا هئا. سر ليپل گرفن پنهنجي انگريزي ڪتاب ”پنجاب چيفس“ ۾ لکي ٿو ته سنه 1817ع ۾ اونهاري جي سخت گرمي ۾ مهاراجا شڪار ڪندي گرمي سبب ڏاڍو وياڪل ٿيو ۽ يڪدم ٿڌي پاڻي جي هڪ تلاءَ ۾ ٽپ ڏيئي اشنان ڪرڻ لڳو جنهن ڪري کيس سخت تپ ۽ نمونيا ٿي پئي. سندس حالت ڏينهون ڏينهن وڌيڪ نازڪ ٿيندي ويئي جا سردار نالسنگهه اٽاري والا سهي نه سگهيو. جنهن پلنگ تي مهاراجا بستري داخل هو تنهن جي چوڌاري پرڪرمائون ڏيئي هن صدق سليءَ سان ستگرن کي ارداس ڪئي ته هي نماڻن جا ماڻ، مهاراجا کي حياتي بخش ڪريو ۽ اُن جي بدلي مان پنهنجي حياتي ڀيٽا ڏيان ٿو، جا قبول ڪريو.“ جلد ئي پوءِ مهاراجا چڱو ڀلو ٿيندو ويو ۽ سردار نهالسنگهه بيمار پوندو ويو ۽ آخرڪار گذر ڪري ويو. (تواريخ ۾ اهڙو مثال مغد بادشاهه بابر جو پنهنجي پٽ همايون کي پنهنجي عمر ڏيڻ بابت ملي ٿو.)

(3) مهاراجا کي خبر ملي ته امر تسر جي درٻار ۾ شبد ڪيرتن ڪندڙ هڪ راڳي ڀائي منشاسنگهه ايتري قدر غريب آهي جو هو روٽي پچائڻ لاءِ لوهه جو تئو به خريد ڪري نه ٿو سگهي ۽ اُن جي عيوض ٺڪر جو تئو (يعني دانگي) ڪتب آڻيندو آهي. مهاراجا کي دک ٿيو ته منهنجي راڄ ۾ ڪوبه ودوان يا گڻ وان دکي گذاري هو چڙهي امر تسر ويو. هاٿيءَ تي سوار ٿي روپين جون ڳوٿريون کڻائي مهاراجا پاڻ ڪن اهلڪارن سان گڏ ڀائي منشا سنگهه جي گهر ويو. ڀائي ڳالهه سمجهي ويو ۽ پنهنجي جاءِ جا در دريون کڻي بند ڪياءِ. اهلڪارن ۽ مهاراجا پاڻ به گهڻا زور ڪيس پر هن نڪي در دريون کوليا ۽ نڪي ڌن ٿي ورتاءِ. صاف چئي ڏنائين ته هوڪاري منهنجو من خراب ڪندي تنهن ڪري غريبي ئي مون کي پسند آهي. مهاراجا ۽ اهلڪار آخر نراس ٿي پائي جي تياڳ تي عجب کائيندا واپس ويا هليا.

(4) ٻهراڙيءَ مان هڪ نوجوان مسلمان ڇوڪري ڳوٺ جي ڪن لفنگن سک جوانن جي هٿان ستائجي مهاراجا وٽ روئيندي دانهين ويئي. سندس فرياد ٻڌي مهاراجا تپي باهه ٿي ويو. ڇوڪريءَ کي آٿت ڏنائين ته تنهنجو ڪشٽ ترت دور ڪيو ويندو، توسان جيڪا تڪليف ٿي آهي، سا ڄڻ ته منهنجي ڪنيا سان ٿي آهي، تون بنا خوف موٽي ڳوٺ وڃ، اهي نيچ شخص سک سڏائڻ جا حقدار نه آهن ۽ جلد ئي هننجو نشو ٽوڙيو ويندو. ڪنيا ڳوٺ رواني ٿي ۽ مهاراجا يڪدم سندس پٺيان سندس ڳوٺ ۾ وڃي نگهباني ڪرڻ لاءِ هڪ ڀروسي جهڙو سک سوار روانو ڪيو. ٻن ٽن ڏينهن بعد مهاراجا نقاب ڍڪي گهوڙي تي سوار ٿي ان ڳوٺ ۾ ويو. اڳواٽ موڪليل سک سوار کان حقيقت معلوم ڪري هن کي ڳوٺ جي ننڍري بزار جي لنگهه وٽ بيهاري مهاراجا پاڻ هڪ دوڪان وٽ وڃي بيٺو. ڪنهن کي به پتو نه رهيو ته اهو نقاب پوش ڪو مهاراجا آهي. پريان ذڪر ڪيل سک جوان ۽ ٻيا شودا ويٺا هئا. جنهن مهل هوءَ مسلم ڇوڪري پاڻيءَ جو دلو مٿي تي رکي اتان اچي لنگهي تنهن مهل هڪ لفنگي چيس ته ”اڄ تون اسان کان ڇٽي ڪونه ويندينءَ.“ غريب ڇوڪري ڏڪي ويئي ۽ دلو هيٺ ڪري ڀڄي پيس! مهاراجا يڪدم بدمعاشن کي هڪل ڪئي، شرمايو ۽ دٻايو. هنن ”تون ڇا، تون ڇا“ ڪئي. هڪ ڄڻي چيو، ”اڙي سوار، آءٌ خالصو آهيان، تون اسان اڳيان ڪهڙي چيز آهين؟“ مهاراجا هن کي للڪاريو، ”آهي ڪو اوهان ۾ مڙس جو هن ڪنيا کي هٿ لائي ڏيکاري؟“ جهڙو ئي اهو نوجوان هن ڪنيا ڏانهن وڌيو تهڙو ئي مهاراجا جي تلوار سندس پيٽ چيري کيس زمين دوز ڪري ڇڏيو. ان وچ ۾ هوءَ ڇوڪري گهر هلي ويئي. ٻين شودن لٺيون ڪهاڙيون ۽ تلوارون کڻي مهاراجا سان سامهون پوڻ جي ڪوشش ڪئي. مهاراجا اڪيلي سر هنن مان ڪن کي زخمي ڪري ڪيرائي وڌو ته ٻيا سڀ وائڙا ٿي هٽي پري بيهي رهيا. پوءِ مهاراجا پنهنجو نقاب لاٿو ته ڪن حاضرينن هن کي سڃاتو ۽ رڙ نڪري وين ته ”هان! مهاراجا رنجيتسنگهه!!“

ڳوٺ جا ماڻهو مهاراجا جي پيرن تي وڃي ڪريا ۽ شودا سڀ گرفتار ڪري سزاياب ڪيا ويا!

(5) هڪ دفعي مهاراجا سخت گرميءَ جي موسم ۾ ڏينهن جو لاهور جي شاهي قلعي جي برج ۾ براجمان هو ۽ هڪ نوڪر پنکي سان کيس هوا ڏيئي رهيو هو ته مهاراجا جي نظر اوچتو ٻاهر پيئي. ڏٺائين ته قلعي جي ڀرسان هڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ هڪ مسلمان نوجوان بيٺو آهي، جنهن جي ڀرسان هڪ ڍڪيل شاندار ڏولي به رکي آهي جنهن جي کڻڻ وارا ٻه حمال به ساڻس گڏ بيٺا آهن. مهاراجا سمجهيو ته ڏوليءَ ۾ ڪا پرده پوش مسلمان زال آهي ۽ هو ڪيڏانهن وڃڻا آهن ۽ سندن ڪو ڄاڻو هت نه هئڻ ڪري سخت گرميءَ سبب وڻ جي ڇانو ۾ آرام وٺي رهيا آهن. مهاراجا يڪدم پنهنجي هڪ وزير فقير عزيز الدين ۽ ڪن اهلڪارن کي هڪ طرف ماڻهو ڊوڙايو ته ٻئي طرف ماڻهو موڪلي ڏوليءَ ۽ حمال سميت ان مسلمان نوجوان کي به پاڻ وٽ گهراياءِ. جڏهن سڀ حاضر ٿيا تڏهن مهاراجا ڏاڍي همدردي سان ان مسلمان نوجوان کان حال احوال ورتو. هن جوان عرض ڪيو ته ساءِ منهنجو ڌنڌو اهو آهي ته مان نهايت سٺائي ۽ صفائي سان عمدن اکرن ۾ قرآن شريف لکي مسلمان جاگيردارن ۽ نوابن کي اُهي ڏيئي چڱو عيوضو حاصل ڪندو آهيان ۽ هن ڏوليءَ ۾ به منهنجو لکي تيار ڪيل هڪ قرآن شريف آهي جو مان ڪنهن قدردان مسلمان وٽ کڻي وڃڻ چاهيان ٿو جتان چڱو اجورو ملندم. مهاراجا کانئس پڇيو ته تنهنجي اُن ڪم لاءِ ڪنهن سان به اڳواٽ ٻول ته ڪانهي؟ نوجوان جواب ڏنو ته ساءِ، ڪنهن سان به انجام ڪيل ڪونه اٿم. منهنجو اصل پيشو ئي اهو آهي. مان ازخود قرآن شريف لکي ڪنهن نه ڪنهن مسلمان وٽ کڻي ويندو آهيان. ان جواب ملڻ تي مهاراجا فرمايو ته مون وٽ سڀ هندو مسلمان برابر آهن ۽ منهنجي مرضي آهي ته تو جهڙي گڻ وان جو قدر ڪرڻ جو مونکي ڇو نه حق ملي، تنهنڪري هو قرآن شريف مونکي ڏي ۽ ان جو عيوضو وٺ. نوجوان مسلمان قبول ڪيو. مهاراجا قرآن شريف وٺي فقير عزيزالدين کي پڙهڻ لاءِ ڏنو ۽ عيوض ۾ روپين سان ڀريل ڳوٿريون هن جي ڏوليءَ ۾ رکائي هن کي خوش ڪري روانو ڪياءِ.

مهاراجا جي موران ويشيا سان وواهه بابت ڪن سک ليکڪن جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه غلط آهي. هو چون ٿا ته ”جنهن تواريخ نويس پهرين اها ڳالهه لکي هئي تنهن ان واقعي جو وقت سنه 1802ع ڄاڻايو هو پر سر ليپل گرفن پنهنجي انگريزي ڪتاب ”دي راجاز آودي پنجاب“ ۾ لکي ٿو ته موران سنه 1809ع ۾ به ويشيا هئي ۽ امرتسر ۾ اُن وقت ڪنهن هندوءَ کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ تان معاملو متو هو، تنهنڪري ان واقعي کان ست سال اڳ هوءَ شادي ڪري راڻي وري ڪئين ٿي هوندي.

هاڪارو سک ودوان سردار ڪان سنگهه ناڀا ۾ پنهنجي ”مهان ڪوش“ ۾ لکيٿو ته مهاراجا جي ڪنهن ڌرمي نيم جي ڀڃڪڙي ڪري امر تسر اڪال تخت بابا ڦولاسنگهه اَڪالي ۽ ٻين سک اڳواڻن کيس سزاياب ڪيو هو. ڪهڙو ڌرمي نيم مهاراجا ڀڳو هو، سو صاف ڪونه ڄاڻايو اَٿس. خير ڪيئن به هجي، پر اها حقيقت ته سڀ قبول ٿا ڪن ته مهاراجا اڪال تخت تي سزاياب ٿيڻ لاءِ حاضر ٿيو هو ۽ حد درجي جي نمرتا ڏيکاري هواءِ جو ڪو معمولي گڻ نه آهي. ڪرستانن جي ڌرم اتهاس ۾ به اهڙو هڪ مثال اچي ٿو ته چوٿين عيسوي صديءَ ۾ اٽليءَ جي ملان (Milan) شهر ۾ سنت ائبر نالي بشپ (Bishop) هو جنهن ان وقت جي رومي شهنشاهه ٿيئودوسيئس دي گريٽ کي ڪنهن قسم جي ڌرمي نيم ٽوڙڻ ڪري کليو کلايو سخت تنبيهه ڪئي هئي ۽ ديول ۾ اندر پير پائڻ کان روڪيو هو، جنهن ڪري شهنشاهه کي پڇتاءُ ڪري معافي وٺڻي پيئي هئي. انهن مثالن مان ظاهر آهي ته ڌرمي جيوت مان انسان کي عجيب شڪتي ملي ٿي ۽ هو اڀيتا حاصل ڪري ٿو ۽ زبردست شهنشاهه جي به پرواهه نه ٿو ڪري.

منو سمرتيءَ جي اٺين اڌياوَ جي 304 شلوڪ ۾ چيل آهي ته:- ”پرجا جي رکشا ڪرڻ ڪري راجا کي پرجا جي ڌرم جو ڇهون حصو ملي ٿو ۽ اُن جي ابتڙ هلت سبب راجا کي پرجا جي اڌرم جو به ڇهون حصو ملي ٿو.“ چاڻڪي نيتي شاستر ۾ چيل آهي ته ”پنهنجي راڄ ۾ ٿيندڙ پاپن جو ڦل راجا کي ۽ راجا جي پاپن جو ڦل سندس پروهت کي ڀوڳڻو پوي ٿو.“

ڀائي ٻالي واري وڏي جنم ساکيءَ ۾ ذڪر اچيٿو ته هڪ مسلمان اڳواڻ سري گرونانڪ صاحب جن کان بادشاهه جا فرض پڇا. گرو صاحبن ٻين مکيه فرضن سان گڏ بادشاهه لاءِ هيٺيان فرض به بيان ڪيا:-

”پاٽشاهه نون فرمايا سچي آپ خداءِ

ليون خبر غريب دي، ڀيک فقير بڻاءِ،

جو ڀُوکي مردي طعام بن، محنت ڪردي آءِ

محنت ڪم نه چلئا، ڦر چوري ڪار ڪماءِ

اِڪ دن چوريئون پڪڙيا، گهت بندي ملئه سزاءِ

حاڪم اِءُ نه پڇئا ڪس ڪارڻ ڪيئا گناهه

گناهه ذمي پاتشاهه دي، جس ديئا نه لنگر لاءِ...

جي کاڻي نون پاتشاهه دي، اَر محنت لئي ڪراءِ،

جس لايق هو وي ڪاردي، تس ڪار لئي لگاءِ....

جي ائسي هوءِ جهان وچ، سڀ لکي حلالي جاءِ....“

اَرٿ – ”خدا خود بادشاهه لاءِ ائين فرمايو آهي ته هو فقيري ڀيک ڪري غريبن جي سنڀال لهي، جيڪي کاڌي بنا، بکيا ٿا مرن ۽ محنت به ڪرڻ لاءِ تيار آهن مگر روزگار نه ٿو ملين، سي پوءِ لاچار چوريءَ جو ڌنڌو ڪن ٿا ۽ هڪ ڏينهن جي چوريءَ جي ڏوهه ۾ ڪو پڪڙيو ته جهٽ سزا ڏيو بنديخاني ۾ کنيو هڻنيس. حاڪم ائين ته پڇي ئي ڪونه ٿو ته ڪهڙي ڪارڻ اڳلي گناهه ڪيو. گناهه بادشاهه جي ذمي آهي ڇو جو بادشاهه لنگر جاري ڪيو؛ پر بادشاهه جيڪڏهن کائڻ لاءِ ڏئي ته وري محبت به ڪرائي وٺي؛ ڇو جو شخص جنهن جنهن ڪم جو لايق هجي، اهڙي ڪار ۾ اُن کي لڳائي، جي ائين جهان ۾ ٿئي ته هوند سڀ وڃي حلال جي ڪمن ۾ لڳن، يعني گناهه گهڻو بند ٿي وڃي)“.

شاسترن ۽ ستگرن جي مٿي ڄاڻايل وچنن موجب مهاراجا رڻجيتسنگهه ڪيتري قدر پيروي ڪئي سا پڙهندڙ هن ڪتاب ۽ مٿي مهاڳ ۾ ڏنل سندس جيوت جي ڪن چونڊ مثالن مان پروڙي سگهندا.

 30 ڊسمبر 1942

حيدرآباد سنڌ               ڏيارام.پرسرام.ميرچنداڻي

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org