راجا رنجيت
سنگهه
باب پهريون
جنم ۽ ٻال اوسٿا
ٿڌ جي موسوم آهي. س..ر..ر...س...ر...ر ڪندي اُتر جي هوا روم روم
۾ گهڙي بدن ۾ سياٽ ٿي وجهي. اڃا سج اُڀريو ناهي.
اُن جي آجيان لاءِ اُشا ديويءَ اڃا تاءِ مٿي تان
ڪاري چادر لاٿي ناهي. پرڀاٽي تارا هڪ هڪ ڪري گم
ٿيندا ٿا وڃن. اهڙي وقت ڪي سک سوار گهوڙا
ڊوڙائيندا اچي رهيا آهن. ڊگهي ڪاري ڏاڙهي ۽ هٿ ۾
چمڪندڙ ڀالو سندن ديس ۽ جاتيءَ جو پتو ڏيئي رهيا
آهن. هي سوار ڏهن ڏهن جي قطار ٺاهي گهوڙا
ڊوڙائيندا فوجي چال سان هلندا پيا هلن. سانتيڪي
رات ۾ هنن گهوڙن جي ٽاپن کانسواءِ ٻيو ڪجهه ٻڌڻ ۾
نه ٿو اچي. سڀني جي اڳيان سندن نائڪ آهي، جو وڏي
شان سان مشڪي گهوڙي جو لغام هٿ ۾ جهلي هلندو پيو
هلي. ڪمر سان ٻڌل پٽي ۾ پستول، پٺيءَ کان بندوق،
هٿ ۾ ڀالو ۽ ڪمر ۾ تلوار اٿس. چست فوجي پوشاڪ سندس
جانٺي بدن تي ڏاڍي ٺاهوڪي پيئي لڳي. اهڙي دٻدٻي
سان هي نائڪ پنهنجن هڪ هزار سوارن سان گهوڙو
ڊورائيندو پيو وڃي. آهستي آهستي صبوح جو سوجهرو
ٿيڻ لڳو ۽ پرين هڪ شهر جو شهر پناهه به ڏسڻ ۾ اچڻ
لڳو. صبح جي ٿڌي هوا کائي گهوڙا ٽيهان ئي تيز ڊوڙڻ
لڳا ۽ ترت ئي شهر پناهه جي ڦاٽڪ وٽ اچي پهتا. اتي
پهچڻ شرط ڪمر مان نوڙيءَ جون ڏاڪڻيون ڪڍي، ٽن
سپاهين ديوار تي اڇليون ۽ ڀريل بندوقون هٿ ۾ کڻي
ڏاڪڻين تان ديوار تي چڙهي ويا. شهر جو در بند هو.
دروازي تي برجن جا پهريدار اکيون مهٽيندا اُٿيا ۽
هنن سپاهين جي ڪارروائي ڏسي مٿن گوليون هلايائون.
ٻه سپاهي ته مري ويا ۽ ٽيون جيتوڻيڪ گهايل ٿي پيو
ته به ديوار تان هيٺ اندر ٽپي پيو. هاڻي ته توتارو
وڄي ويو ۽ شهر جا راکا سپاهي ڊوڙندا آيا، پر
جيستاءِ پهچن ئي پهچن تنهن کان اڳ جيڪو سپاهي اندر
ٽپيو هو تنهن ڏاڍي چالاڪيءَ سان ڦاٽڪ جو ڪڙو لاهي
ڇڏيو. کڙڪو ٿيندي ئي ٻاهرين سوارن اهڙو ته زور سان
ڌڪو ڏنو جو ڦاٽڪ کلي پيو، ۽ سک جوڌا ڌوڪي اندر
گهڙيا. نائڪ سڀني جي اڳيان هو، هاڻي ٻنهي پاسن کان
گوليون وسڻ لڳيون. سک ڌوڪيندا آيا ۽ دوبدو لڙائي
لڳي. سکن مياڻن مان تلوار ڪڍيون ۽ دشمنن جا سر ڪڻڪ
جي سنگن وانگر ڪاٽڻ لڳا. جيستاءِ دشمن پاڻ سنڀالي
ئي سنڀالي تيستاءِ سوين مارجي ويا. هڪ ته دشمن
صبوح جي هن اچانڪ حملي سبب اڳيئي منجهي پيا هئا،
ويتر مٿان خالصن جي طاقتور تلوارن جو سٽڪو، ان ڪري
سٽ جهلي ڪين سگهيا. جنهنکي جيڏانهن رستو مليو سو
اوڏانهن ڀڳو. ٿوري وقت ۾ ميدان خالي ٿي ويو ۽
سواءِ ٻن ٽن سئو لاشن جي ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ٿي
آيو. هاڻي ته سک سوار شهر ۾ ڌوڪي پيا. پر هي سک
سوار آهن ڪير؟ هي سڪر چڪيا
* مسل جا جوان آهن. سندن سردار مهانسنگهه
آهي، جنهن اڄ سويرو مغل بادشاهت جي هڪ شهر تي حملو
ڪري اُن جي حاڪم پير محمد خان کي شڪست ڏيئي ڀڄائي
ڇڏيو. مٿان اچي منجهند ٿي آهي. سڀ ٻاهر اُس ۾ ويٺا
آهن. سردار مهانسنگهه پنهنجن سپاهين سان هيڏانهن
هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ان وچ ۾ پري
کان هڪ سوار سفيد گهوڙو ڊوڙائيندو نظر آيو. هن
ويجهو اچي ”سري واهگرو ڪي فتح“ چئي سردار کي
نمسڪار ڪري چيو ”اوهان لاءِ شڀ سماچار آندو اٿم.
ڪالهه لڙي منجهند، راجا گجپت سنگهه جي ڪنيا،
اوهانجي وڏي راڻيءَ جي گرڀ مان پتر رتن جنميو
آهي.“ اهو سماچار ٻڌي سردار مهانسنگهه ڏاڍو گد گد
ٿيو. ترت هن ڪڻاهه پرساد ڪرائي ارداس پڙهائي ۽
سڀني سوارن کي ورهائي ڏنو ۽ کين چيو ”ڀائيو هن
موقع تي جڏهن اسان تڪڙي سوڀ پاتي آهي، تڏهن هڪ
ڀاڳوان ۽ پرتاپي پتر جي پيدا ٿيڻ جو شڀ سماچار
مليو آهي، ان ڪري ٻالڪ جو نالو ”رڻ جيت سنگهه“
رکانٿو جيئن هو رڻ ۾ سداءِ جيت ڪندو رهي ۽ دشمنن
کي نيچو نوائيندو رهي. سڀني ساٿين يڪي آواز ۾
پڪاريو ”سري واهگرو ڪي فتح!“ حقيقت ۾ پتا جو هيءُ
نالو رکڻ سچو ٿيو. هن پرتاپي پتر يڌ ۾ ڪڏهن ڪين
هارايو، هر لڙائي ۾ سندس سوڀ ٿيندي آئي ۽ شينهن
سمان بي ڊپو ٿي هن پنجاب تي راڄ ڪيو. انگريز حاڪم
کيس ”پنجاب ڪيسري“ ڪري سڏيندا آهن.
مهانسنگهه پوءِ جلد ئي اتان موٽي پنهنجي شهر گجرات ۾ آيو ۽ پٽ
جو منهن ڏٺاءِ. ٿورا ڏينهن رهي وري پنهنجا بانڪا
سپاهي وٺي ڄمون تي چڙهائي ڪري سوڀ حاصل ڪيائين،
جتي هن خوب ڌن مال لٽيو. اُن فتح جي خوشيءَ ۾ هو
امرتسر درٻار جي درشن لاءِ موٽيو. اتي سردار جئه
سنگهه ڪنهيا ڦرلٽ جو حصو گهريو، پر ڇاڪاڻ ته هن
چڙهائي ۾ ڪنهيا مسل وارن مهانسنگهه جو ساٿ ڪين ڏنو
هو تنهنڪري هن حصو ڏيڻ کان انڪار ڪيو. اُن تي جئه
سنگهه بگڙي ويو ۽ ٻنهي دلن ۾ تلوارون هليون جنهن ۾
سردار مهانسنگهه کٽيو. سردار جئه سنگهه شڪست کائي
ڪانگڙي جي راجا سنسار چند وٽ مدد لاءِ ويو. هاڻي
ته مهانسنگهه جي سنسار چند سان به دشمني ٿي پر
لڙائي جي نوبت نه آئي. وچ۾ ئي صلح ٿيو. موٽندي
مهانسنگهه وري ڄمونءَ تي ڪاهيو ۽ هن ڀيري ٻئي مال
سان گڏ ڪيتريون توبون به هٿ ڪيون. هن لڙائيءَ ۾
چئن ورهين جو ٻالڪ رنجيت به پيءُ سان گڏ هو. رڻ
ڀوميءَ ۾ لڙائي جي کيس سڀاويڪ ائين ئي سکيا ملندي
رهي. اها پائي مهانسنگهه گد گد ٿي گهر موٽي پر
ٿورن ئي ڏينهن ۾ اها خوشي دک ۾ بدلجي ويئي. سنسار
جي گت ئي اهڙي آهي. جڏهن گهڻو سک ملي تڏهن دک جي
شروعات سمجهڻ گهرجي. اڃا خوشي جو پورو خمار به ڪين
لٿو هوس ته سندس پياري پٽ رنجيت کي سخت ”وڏي ماتا“
نڪتي. روز بروز مائي گهاٽي ٿيندي ويئي. سئيءَ جي
پاکڙي جي به جڳهه نه بچي. سئور ۾ ٻالڪ پي ڦٿڪيو.
سارو بدن وڏن وڏن داڻن سان ڀرجي ويس. رات ڏينهن
سندس ماتا پتا چنتا ۽ دک ۾ گذاريندا هئا. پتا تمام
گهڻو دان پڃ ڪيو. نيم سان جت تپ ڪرايو. ڪڻاهه
پرساد ڪرايا. روز سون اتيتن کي ڀوڄن ٿي ڪرايو. نيٺ
اڪال پرک سندن پڪار ٻڌي ۽ مائي موٽ کاڌي. ايڪويهين
ڏينهن داڻا سُسي ويا پر هن ماتا سندر ٻالڪ کي تمام
ڪروپ ڪري ڇڏيو. منهن تي ماتا جا وڏا وڏا داغ ٿي
پيس ۽ هڪ اک به مارجي پيس. ٻالپڻ ۾ ئي رنجيت هڪ اک
وڃائي ڇڏي، پر وري به شڪر جو جان ته بچي ويس. ٻالڪ
کي ڇنڊي پوڻ ڏينهن پتا ڏاڍي خوشي منائي ۽ سوين
براهمڻن ۽ منگتن کي ڀوڄن ڪرائي ڏکڻا ڏني. هاڻي
سنڪٽ جو سمو گذريو ته وري خوشي آئي. سردار جئه
سنگهه جڏهن سردار مهانسنگهه جي طاقت وڌندي ڏٺي،
تڏهن هو پنهنجي پوٽيءَ جي مائٽي رنجيتسنگهه لاءِ
کڻي آيو. مهانسنگهه جي مٿس ڪاوڙ ڍري ٿي ۽ دوستي
وري قائم ٿي ۽ مائٽي جي پڪ ڪئي ويئي. هيڏانهن هيءَ
دوستي قائم ٿي ته هوڏانهن ٻئي مسل جي سردار
جساسنگهه رامڳڙهيا سان دشمني پيدا ٿي. هن سڪر چڪيا
تي حملو ڪيو هو پر مهانسنگهه جي تيز تلوار کيس
ماري مڃايو. ستت ئي مهانسنگهه جي ڀاڻيجي سردار
صاحبسنگهه لاهور تي چڙهائي ڪرڻ جي تياري ڪئي ۽ مدد
لاءِ پنهنجي مامي کي به نياپو موڪليو. پر
مهانسنگهه رستي ۾ ئي بيمار ٿي پيو ۽ گهر موٽي آيو،
انڪري هن پنهنجي رنجيتسنگهه کي جنهنجي ان وقت عمر
فقط 12 ورهيه هئي، سردار دلسنگهه جي نگهبانيءَ هيٺ
پنهنجي سئنا سان لاهور طرف موڪليو. هوڏانهن سردار
جساسنگهه جنهنکي شڪست جو وير وٺڻو هو، مهانسنگهه
جي بيماريءَ جي خبر ٻڌي سندن علائقي تي چڙهي ڪري
آيو. اها خبر هڪ سوار رستي ۾ رنجيتسنگهه کي اچي
ٻڌائي. ان تي رنجيتسنگهه لاهو وڃڻ ڇڏي پٺتي موٽي
سردار جساسنگهه کي اچي روڪيو، ٻارهن ورهين جي ٻالڪ
سيناپتي ٿي ڏاڍي بهادري ڏيکاري. برابر پنهنجي
گهوڙي تي پختو ويهي تلوار هلائي رهيو هو. ڊپ ڇا
ٿيندو آهي سا کيس خبر به نه هئي، اهڙا سوربير ئي
سوتنتر راڄ اسٿاپن ڪندا آهن. آخر جساسنگهه هار
کائي ڀڄي ويو. هاڻي ته رنجيتسنگهه جي چوڌاري
ساراهه ٿيڻ لڳي، جنهن ڪري هن جو اُتساهه وڌڻ لڳو.
اها مصيبت ٽاري هو لاهور وڃڻ جي تيارين ۾ هو ته
اوچتو پتا جي چالاڻي جي دکدائڪ خبر اچي کيس پهتي.
لاچار پٺتي موٽڻو پيس. گهر اچي هن پتا جو ڪريا ڪرم
ڪيو ۽ شراڌ ڪري علائقي جو ڪم سنڀالڻ لڳو. سڀ ڪم
مان واقف ٿيڻ ۽ ڪم جو پورو اڪلاءُ ڪرڻ ۽ ترقي جون
رٿون رٿڻ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. پر ننڍو هئڻ ڪري سندس
ڪجهه هلندي نه هئي. ماڻهو سندس روبرو ته ”هان جي“
”هان جي“ ڪندا هئا پر سچي طاقت ديوان لکپتراءِ جي
هٿ ۾ هئي جو ان وقت وزير هو.
لکپتراءِ کي رنجيت جي ماتا به ڏاڍو مڃيندي هئي ۽ ٻنهي جي صلاح
سان ڪاروبار هلندو هو. ماتا به رنجيتسنگهه کي
سمجهائيندي هئي ته تون اڃا ٻار آهين. حڪومت جي
ڳوڙهن معاملن کي سمجهي ڪين سگهندين انڪري لکپتراءِ
جي آگيا انوسار هلڻ ٺيڪ آهي، ائين چئي هوءَ پٽ کي
دٻائي ڇڏيندي هئي ۽ ڏهه روپيه روز کيس کيسي خرچيءَ
لاءِ ڏيندي هئي. پر هيرو به ڪڏهن ڪوئلن ۾ لڪو آهي؟
رواجي اوسٿا مان اوچيءَ پدوي تي جيڪي ماڻهو پهتا
آهن انهن ۾ آتم وشواس گهڻو ٿيندو آهي ۽ ڪنهنجي
دٻاءَ ۾ رهڻ ڪٺن لڳندو اٿن. اهڙا ٻار ٻالپڻ ۾ اڪثر
ضدي به ٿيندا آهن. جيڪا ڳالهه کڻن سان سٿري نه
ڇڏين. سنسار ۾ مهاپرشن جو اهو هڪ لڇڻ آهي. مطلب ته
رنجيت کي پنهنجي ماءُ ۽ لکپتراءِ جو دٻاءُ ڏاڍو دق
ڪندو هو ۽ مٿن ڏاڍ ڏمريو رهندو هو. نيٺ وجهه وٺي
هن پنهنجا پلو اُن دٻاءَ کان آجا ڪيا، جيئن ايندڙ
باب مان معلوم ٿيندو.
باب ٻيو
رات اڌ کان وڌيڪ گذري چڪي آهي. هڪ ڪمري ۾ جهڪي روشنيءَ سان هڪ
موم بتي ٻري رهي آهي. ڪمري جي ٺاهه ٺوهه رواجي
آهي. سامهون ڀت تي هڪ وڏي تصوير ”گورو نانڪ ديو“
جي ٽنگيل آهي ۽ ڪمري جي چوڌاري باقي 9 گورن جا
فوٽا ٽنگيل آهن. هڪ پاسي هڪ چونڪي تي گدي رکيل آهي
جنهن تي هڪ پرم تيجسوي رمڻي ويٺي آهي. شويتامبر
بنا هن رمڻيءَ جي انگ تي ٻيو ڪو ڳهڻو پيل ناهي، پر
48 ورهين جي عمر ۾ هن تيجسوي وڌوان جي چهري تي
اهڙي ته رونق آهي جو جوڀنو نتين کان به وڌيڪ سندر
پيئي لڳي. سامهون ڪرسيءَ تي هڪ سترهن ورهين جو
نوجوان ويٺو آهي، جنهن جي چست پوشاڪ، جانٺو بدن،
ڪمر ۾ لٽڪندڙ لنبي تلوار هڪ وير ۽ اُتساهي جوان جي
ڏيکاري ڏيئي رهيا آهن. نوجوان هڪ اک سان، جا تمام
وڏي ۽ روشن آهي ان رمڻي ڏانهن نهاريندو ڏاڍي ڌيان
سان هنجون ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي.
نوجوان رنجيتسنگهه آهي۽ رمڻي ڪنهيا سردار جئه سنگهه جي ننهن ۽
سردار گربش سنگهه جي وڌوا سداڪور، رنجيتسنگهه جي
سس آهي. سردار گربخش سنگهه، جي مرتيو بعد هوءَ ئي
ڪنهيا مسل جي سردارڻ هئي ۽ راجنپتي راند ۽ زماني
جي هيٺ مٿاهين مان خوب واقف هئي. پنهنجي مسل کي ته
پنهنجي عقل سان آڱرين تي نچائيندي هئي پر هيڏانهن
سڪر چڪين تي به پنهنجي ناٺي رنجيتسنگهه دواران اثر
وجهڻ شروع ڪيو هئائين. هيءَ رمڻي ڏاڍي چتر ۽ سياڻي
هئي. هاڻ سندس اندروني منشا هئي ته ڪنهيا ۽ سڪر
چڪيا ٻئي مسل پاڻ ۾ گڏجي باقي سڀني مسلن کي دٻائي
منهنجي اشارن تي نچندا رهن. ان مطلب پوري ڪرڻ لاءِ
هن پنهنجي ناٺيءَ رنجيت کي نينڍ ڏيئي پنهنجي گهر
گهرايو آهي ۽ اڌ رات تاءِ اوڀاريون لهواريون
ڳالهيون ڪري هاڻي مطلب جو ذڪر ڪڍي رهي آهي.
سداڪور – رنجيت! ڇا تون سمجهين ٿو ته تنهنجي پڦڙ گجر سنگهه جي
دل وارا (ڀنگي سردار) چپ چاپ ويٺا آهن؟ ڇا، جهونو
اپمان وساري ڇڏيو اٿن؛ هو هر دم اُن فڪر ۾ آهن ته
موقع ملي ته سڪر چڪيا کان وير وٺون.
رنجيت – هان! ائين آهي ته انهنجي خبر وٺڻي پوندي.
سداڪئور – صبر، اُتاولو نه ٿيءُ. اڃا گهڻيون ضروري ڳالهيون آهن.
اها به توکي خبر آهي ته تنهنجي سهري مرڻ جو جي
مکيه ڪارڻ ڪير آهي؟
رنجيت – اها ته مون کي پوري خبر ناهي.
سداڪئور – حيرت آهي. ساري دنيا کي خبر آهي ته جساسنگهه رماگڙيا
جيڪڏهن ٽبالا جي لڙائي ۾ ڌارين جي مدد نه ڪري ها
ته اڄ جيڪر آءٌ (پنهنجين ٻٽين ٻانهن ڏانهن اشارو
ڪري) هن حالت ۾ (وڌوا) نه هجان ها.
رنجيت – ٺيڪ آهي. دشٽ جساسنگهه ان موقعي تي ڏاڍو خراب ڪم ڪيو.
سداڪئور – پوءِ تڏهن ائين ئي چپ چاپ ويٺو هوندين.
رنجيت – مونکي ڏاڍا جڪ ٿا اچن پر ڇا ڪريان لکپتراءِ جي ڪري ڪجهه
ڪري نٿو سگهجي. ماتا جي به هن سان ٻٽ ٿي بيٺي آهي.
سداڪئور – اڪيلائي ۾ تنهنجي ماتا لکپت سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ صلاحون
ڪندي آهي.
رنجيت – هائو، علائقي جي ڪاروبار جون ضرور ڳالهيون ڪندي آهي.
سداڪئور – کڻي ڪيئن به هجي، پر هڪ پر پرش وڌوا سان اڪيلائي ۾
ڪلاڪن جا ڪلاڪ وهڻ ٺيڪ ناهي. دنيا جي زبان ته ڪنهن
روڪي ناهي.
رنجيت – بس، وڌيڪ نه چئو. لکپت ته منهنجي اکين ۾ ڪنڊو آهي ۽
ماتا کي به ڇا چوان. ڪجهه چئي نٿو سگهان. (ائين
چئي رنجيت ڏند ڪرٽڻ لڳو).
سداڪئور – ڌيرج ڪر، اتاوليءَ سان ڪم بگڙي ويندو آهي ڳالهيون حال
دل ۾ سانڍ. ڪنهن سان ڀلجي به ذڪر نه ڪڍج نه ته
لکپت توکي جيئرو نه ڇڏيندو ۽ پنهنجي ماتا تي به
گهڻو ڀروسو نه ڪج.
رنجيت – جيئن چوين. مان ته فقط توکي ئي پنهنجو شڀ چنتڪ ٿو
سمجهان.
سداڪئور – پهرياءِ ته رامڳڙهه وارو معاملو فيصل ڪرڻ گهرجي. مون
کي پورو پورو پتو لڳو آهي ته اڄ ڪالهه جساسنگهه
وياس جي ڪناري تي پنهنجي قلعي ۾ آهي ۽ سندس سئنا
ٻاهر ڦرلٽ مچائي ڏني آهي. اهو ئي موقعو ڌڪ هڻڻ جو
آهي. هن موقعي تي ڪنهيا ۽ سڪر چڪيا مسل گڏجي
جساسنگهه جو ڪم ختم ڪري ڇڏين، پوءِ ڀنگين سان به
سمجهي وٺبو. سستي ڪيئه ته دشمن زور وٺي ويندو.
چستي درڪار آهي.
رنجيت – ڀلا، هن لکپت کي ڇا ڪريان؟
سداڪئور – (دٻيل آواز ۾) کليو کلايو ڪجهه ڪرڻ ٺيڪ نه ٿيندو،
انڪري وجهه وٺي لکپت کي ڪنهن اهڙي دشمن جي مقابلي
لاءِ موڪج جتان موٽي ئي نه؛ پر جيڪڏهن موٽي به ته
واٽ تي ئي مارائي ڇڏجانس.
رنجيت – ڳالهه ته منهنجي دل وٽان ڪئي اٿيئي. چڱو ٻي خبر ٻڌي اٿم
ته ڪابل جو شاهه زمان خان هندستان تي ڪاهيندو پيو
اچي.
سداڪئور – حال تون ڪجهه وقت چپ چاپ ڪري ويهه. جڏهن شاهه زمان
پٺي ڏيندو تڏهن اسانجي ڪاررواين جو موقعو ايندو.
پر ڏسج وري به ٻڌائي ڇڏيانءِ ته ديوان کان خبردار
رهج. هاڻي وڃ رات گهڻي گذري چڪي آهي، وڃي آرام ڪر.
مٿين ڳالهه ٻولهه مان پڌرو هو ته سداڪئور ڪهڙي چتر زال هئي ۽
هنجو رنجيتسنگهه تي ڪيڏو نه اثر پئجي رهيو هو.
ٻئي ڏينهن رنجيتسنگهه پنهنجي گهر موٽيو ۽ ٿورن ڏينهن بعد ڪابل
جو امير شاهه زمان خان پنجاب تي چڙهائي ڪري آيو.
هاڻي ته سڀيئي سک مسل وارا جي هيلتائين ڦرلٽ لڳائي
ويٺا هئا، هيءَ خبر ٻڌي هيڏانهن هوڏانهن وڃي لڪا.
شاهه زمان سان مقابلي ڪرڻ جي ڪنهن ۾ همت نه هئي ۽
ڪيترا ته پنهنجا علائقا ڇڏي جهنگ ۽ جبلن ۾ وڃي
لڪا. شاهه زمين بي کٽڪي لاهور تائين وڌندو آيو. پر
هن اڃا لاهور ۾ مس پير رکيو ته ڪابل ۾ فساد جي خبر
مليس ۽ کيس واپس موٽڻو پيو پر موٽندي هن پنهنجي هڪ
سردار شاني خان کي پٺاڻن جي وڏي انداز سميت لاهور
۾ ترسايو ۽ کيس حڪم ڏنو ته سکن جي طاقت کي چٽ ڪري
پوءِ ڪابل اچج. شاهه جي حڪم موجب شاني خان گجرات
تي ڪاهه ڪئي ۽ اتي جي سکن کي ماري ڀڄايو. پوءِ هن
رنجيتسنگهه جي علائقي رام نگر تي چڙهائي ڪئي.
رنجيتسنگهه قلع بند ڪري اندران گولا وسائڻ لڳو ۽
اونداهي رات ۾ ٻاهر نڪري دشمن تي حملا ڪرڻ لڳو. هن
لڙائي ۾ اجايو وقت وڃائڻ ۽ نقصان سهڻ اجايو سمجهي
شاني خان ٻين سک مسلن کي ماري مڃائڻ لاءِ وري
گجرات ڏانهن وڌيو. رنجيتسنگهه وجهه وٺي مٿس پٺيان
ڪاهه ڪئي. ڀنگي سردارن به گهيرو ڪيس. هاڻي ته ٻن
طرفن کان شاني خان جي فوج تي گولا وسڻ لڳا. فوج
جون وايون بتال ٿي ويئون ۽ دل شڪسته ٿي جايون
بچايائون. رنجيتسنگهه گهوڙو ڀڄائي شاني خان کي وڃي
ويجهو پهتو ۽ هڪ ئي گوليءَ سان کيس ختم ڪري ڇڏيو.
جيڪي سک پهاڙن ۾ وڃي لڪا هئا سي پنهنجن علائقن ۾
موٽي آيا ۽ هڪ ٻئي کي ناس ڪرڻ جا گهاٽ گهڙڻ لڳا.
نئين اتساهه وارن سکن لاءِ ماٺ ڪري وهڻ مشڪل هو.
ان ڪري جڏهن ڪو ٻاهريون دشمن نه هوندو هون تڏهن
پاڻ ۾ وڙهڻ لڳندا هئا. سمجهندا هئا ته سست رهڻ موت
جي نشاني آهي. رنجيتسنگهه جو شاني خان کي ماري
شڪست ڏني، ان ڪري ملڪ جو سندس ڌاڪو وڄي ويو. ٻيا
سک مسل وارا کيس حسد ۽ گمان جي نظر سان ڏسڻ لڳا ۽
سڀني کي اچي پنهنجي پنهنجي لڳي. آخر ٻيو ڪو پڄڻ جو
چاڙهو نه ڏسي هنن پٺاڻ جاگيردار همت خان کي
رنجيتسنگهه برخلاف ڀرڪايو ۽ کيس دلاسو ڏنو ته
جيڪڏهن هو رنجيتسنگهه کي ماري ايندو ته هن جي
علائقي جو وڏو حصو کيس ڏنو ويندو. ان ڪري هو ان
موقع جي تلاش ۾ هو. هڪ ڏينهن جڏهن رنجيتسنگهه
اڪيلو جهنگل مان شڪار ڪري ٿي موٽيو تڏهن همت خان
لڪي لڪي پٺيان مٿس تلوار جو وار ڪيو. رنجيتسنگهه
جو گهوڙو تکو ڊوڙندو ٿي ويو. ان ڪري وار گسي گهوڙي
جي هني کي وڃي لڳو. رنجيتسنگهه يڪدم پٺتي ڦري
نهاريو ۽ سارو ڀيد سمجهي ويو پوءِ ته جهٽڪو ڏيئي
اهڙو ته مٿس وار ڪياءِ جو همت خان جو سر ڌڙ کان
ڌار ٿي ويو. رنجيت سنگهه پوءِ همت خان جي علائقي
تي چڙهائي ڪئي ۽ رواجي لڙائي بعد سارو علائقو سندس
هٿ ۾ اچي ويو. جڏهن واپس گهر موٽيو تڏهن سندس سس
سداڪئور پنهنجي انجام جي يادگيري ڏياريس.
رنجيتسنگهه يڪدم ڪمر ڪشي ڪنهيا ۽ سڪر چڪيا ٻنهي
مسلن جون سئنائون وٺي سردار جساسنگهه جي قلعي تي
چڙهائي ڪري ويو. هي قلع وياس ندي جي ڪپ تي هو.
جساسنگهه قلع بند ڪري اندران لڙندو رهيو ۽ ٻاهران
رنجيتسنگهه گهيرو ڪري ويٺو ۽ قلع ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندو
رهيو. ڪجهه ڏينهن لڙڻ بعد جساسنگهه جو سمر کٽي ويو
۽ هن امرتسر درٻار جي مکيه سنڀاليندڙ گرو نانڪ جي
ڪل مان بابا صاحب سنگهه بيدي کي لکي موڪليو ته
اوهين سداڪئور کي سمجهائي منهنجي جان بچايو. بابا
صاحب سداڪئور کي گهيرو هٽائڻ لاءِ چوائي موڪليو پر
هن دشمن کي هٿ ۾ آيل سمجهي بابا صاحب جو چوڻ نه
مڃيو ۽ قلعي تي گوليبازي جاري رکي. جساسنگهه وري
بابا صاحب وٽ ماڻهو موڪليو پر بابا جي چيو ”مان ڇا
ڪريان، منهنجي ته ٻڌن ئي نٿا، اڪال پرک تنهنجي
سهائتا ڪندو.“ ۽ تحقيق ٿيو به ائين، اُن رات وياس
ندي ۾ ايڏو ته چڙهه ٿيو جو رنجيتسنگهه ۽ سداڪئور
جون فوجون، هاٿي گهوڙا، توبون، بندوقون پاڻي ۾
لڙهڻ لڳا. سداڪئور رنجيتسنگهه سان گڏ مشڪلات سان
بچي گجرانوالا پهتي. هن چڙهائي ۾ سندن سخت نقصان
ٿيو. رنجيتسنگهه جي هاڻي اک پٽي، سندس سس ۽ ماءُ
جي هٿن جو رانديڪو بڻجي رهڻ کيس پسند ڪين آيو.
|