سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٽيون)

 

صفحو : 8

 

 

354- خواجه گل محمد لواري

        حضرت خواجه گل محمد ولد خواجه محمد زمان بزرگ  لواري وقت جي وڏن ڪامل بزرگن  مان ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 1178هه ۾ ٿي. آيت شريف ”اولائڪ تحروا رشدا“ مان سال تاريخ حاصل ٿئي ٿو.

        ننڍپڻ ۾ سندن والد بزرگ تعليم لاءِ ورهايو، مگر ظاهري علم ڏانهن ڪو شوق ڪونه ٿين ٿي، جنهن ڪري سندن والد کي گهڻو فڪر ٿي پيو. حضور رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم خواب ۾ کيس بشارت ڏني ته تنهنجو فرزند اسانجو متعلم آهي، ان جو ڪوبه فڪر نه ڪر. ان کان پوءِ خواجه محمد زمان بزرگ کي اطمينان آيو. لواري ۾ هڪ فقير مست رهندو هو. هو خواجه گل محمد جي پوئتان پيو ڦرندو هو ۽ هڪ هڪ اکر ڪري قرآن شريف جو اچاريندو ۽ خواجه صاحب کي سيکاريندو هو. ان  ريت هو صاحب قرآن شريف پڙهي ويو ۽ ان کان پوءِ وڌيڪ علمن ڏانهن به توجه ڪيائين. والد بزرگ جي وفات کان پوءِ مولانا شرف الدين شهدادپوري وٽان عربي جا ڪيترا ڪتاب پڙهيا. ان کان نقل آهي ته هڪ دفعه ڪافيه جو سبق وٺي رهيو هو ته هڪ مشڪل عبارت جي حل ڪرڻ لاءِ  ڪافيه جي شرح موافق تقرير ڪيم، مگر پاڻ ان تي ڪوبه توجه نه ڪيائون. مون کي دل ۾ ڳڻتي ٿي ته منهنجي محنت ئي اڪارت وئي، جو پاڻ تقرير کي پوري طرح ٻڌائون ئي ڪونه!

        پاڻ اها ڳالهه ٻڌي، اها مون واري سموري تقرير ڪري ٻڌايائون.، پاڻ جو توجهه نه ڪندا هوا، سو فقط هن ڪري جو سمورو وقت باطني ذڪر ۾ مشغول هوندا هوا ته ڪا ڳالهه سمجهندا ئي نه هوا.

        خواجه گل محمد اڃا 11 سالن جو مس هو ته سندن والد بزرگ خواجه  محمد زمان بزرگ لواري وفات فرمائي. ان کان پوءِ فقيرن جو رايو هو ته هي يتيم ٻار آهي، ان تي ڪهڙو بار وجهجي. هر هڪ فقير پنهنجي روءِ سوءِ هليو وڃي.

        مگر فقير عبدالرحيم گروهڙي فرمايو ته گادي قائم رکي ويندي. الله تعاليٰ فقيرن کي رزق ڏيندو رهندو. آخر ٽئين ڏينهن سڀ کان پهريان فقير عبدالرحيم گروهڙي خواجه گل محمد جي بيعت ڪئي، ان کان پوءِ ٻين فقيرن به هٿ وڌايو ۽ بيعت ڪئي. حڪيم سيد محمد وفا لکوي جو هڪ وڏو عالم ۽ فلڪي نجومي هو، ان کان نقل آهي ته مون کي علمي مسئله ۾ اشڪال پيدا ٿيندو هو ته خواجه صاحب سواءِ ڪنهن غور ڪرڻ جي، ان جو حل ڪڍي ڏيندا هوا.

        هڪ ڏينهن سندس خدمت ۾ علم نجوم جو بحث  ڇڙيو هو. اڳ ڪڏهن به وٽن اهڙو بحث ڪونه ٿيو هو ۽ مون کي ان علم ۾ وڏي وست رس ۽ مهارت  هئي. ڏٺم ته پاڻ زيچ جا قاعدا ۽ اصطلاحات جا نڪتا اهڙا بيان ڪرڻ لڳا جو منهنجي معلومات کان بلڪل بعيد هوا.

        قاضي احمد دمائي جو وقت جو وڏو فاضل، سندن والد جو خليفو هو، ان جو چوڻ  آهي ته  اسان سندن اڳيان ايڏي علم ۽ فضيلت هوندي به طفل مڪتب سوهندا هواسين. خواجه عبدالصمد گهڻو وقت  حويلي کان ٻاهر فقيرن جي مجلسن ۾ ويٺو هوندو هو، فقط ٻن پهرن جو ٿوري وقت لاءِ اندر ويندو هو ۽ وري جلدي موٽي ايندو هو. جيڪڏهن ڪي نيڪ بيبيون مريدياڻيون حويلي ۾ زيارت لاءِ اينديون هيون ته اُنهن جي زيارت ڪرائڻ لاءِ هڪ رڪعت پڙهڻ جيترو ٽائيم مس اندر ويندا هوا، مگر سموري زندگي ۾ پنهنجن بيبين کان سواءِ ڪنهن به ڌارين عورت سان گفتگو  ڪانه ڪئي هئائون. سندن خوش خلقي ۽  خنده روئي جي اهڙي عادت هوندي هئي، جو ٻڍي سان عزت سان ۽ ٻارن سان شفقت سان پيش ايندا هوا. پنهنجن فقيرن مريدن جي  ڏاڍي دلجوئي ڪندا هوا، مگر گهڻو وقت خاموش ئي خاموش ياد خدا ۾ لڳا رهندا هوا.

        ڪنهن به ماڻهو جو سکڻو نالو تعظيم کان سواءِ نه وٺندا هوا. جهڙو  به کاڌو ملندو هون، سو کائيندا هوا. اُن ۾ عيب يا وڏ ڪانه ڪڍندا هوا. سندن ڪرامات بابت مرغوب الاحباب وارو لکي ٿو ته:

”کرامات ايشان نه باندازه ست که احصار توان کرد“

        يعني ته سندن ڪرامتون ايتريقدر آهن جو ڳڻي نه ٿيون سگهجن. سندن والد بزرگ فرمائيندو هو ته هي فرزند قطب ۽ قلندر ٿيندو.

        شيخ عبدالرحيم گروهڙي فرمايو آهي ته فرضن جو پاءِ بند قلندر خواجه گل محمد جهڙو ۽ سخي ملا مون جهڙو ڪوبه ڪونه ٿيو هوندو.

        قلندر جي معنيٰ  صوفين جي اصطلاح ۾ آهي. ”دنيا جو تارڪ“ رسمن جو دشمن ظاهر خراب، باطن آباد، فقط فرضن جو پاءِ بند، ماڻهن جي گلا يا تعريف کان بلند. جواني جو زمانو هون، دنيا کان تعلقات ٽٽي  چڪا هوا، دنيا مان بيزاري جون ڳالهيون ڪندا رهندا هوا. هڪ دفعي فرمايائون ته 18 سالن جي ڄمار تائين هي دنيا وڻندي هئي.  پوءِ ٽيهن سالن جي ڄمار ۾ پهچڻ کان پوءِ ٻئي جهان هڪ جهڙا نظر اچڻ لڳا، مگر هاڻي آخرت جو اشتياق، هن دنيا کان وڌيڪ دل ۾ پيدا ٿيل آهي.

        آخر پاڻ مغرب ۽  عشاء جي وچ ۾ 27 ربيع الآخر  1218هه چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ هن دنيا فاني کان موڪلائي پنهنجي والد بزرگ جي پهلو ۾  وڃي آراميا. آيت شريف ”قضيٰ الله امرا“ مان سال وفات ملي ٿو.

قطعه تاريخ از نظر علي خان ٽالپر

آن مبارک مقدم و فرخ لقا فرخنده فال

خوش بقد و قامت موزون با حسن و جمال

روءِ  او فرقان و سوره نور مسطور اندرو

کلک دست حق نوشته باهزاران اشخال

جلوه او ديدها را شادماني ابد

نکته شيرنيش دلهارا حيات لازوال

از ره صورت درين دارالعمل ضرب المثل

از ره معنيٰ دران دار الجزا عالي مثال

صحبت او بود اکسير  سعادت بيگمان

اي خوشا کويافت از خان لقارا او نوال

با چنان قرب و کمال و با چنان طبع کريم

چون بسر بگذشت اورا چارمه برچهل سال

شد فزون شوقش بدان ملک بقا زين خاکدان

حق بگوش دل رسا يندش حال شوقي و تعال

بيست هفتم مه ربيع الاآخرين وقت عشا

کرد زين عالم بسوئي حضرت قدس ارتحال

چونکه تاريخ وصالش از دل جستم بگفت

مجلس او شد بساط قرب جانان در کمال

        هي قصيده تمام  طولاني آهي، فقط چند شعرن تي اڪتفا ڪئي وئي آهي. تفصيل مرغوب الاحباب ۾ ڏسڻ گهرجي.

 

355- خواجه محمد زمان ثاني لواري

        حضرت خواجه محمد زمان ولد خواجه گل محمد ولد خواجه محمد زمان بزرگ لواري شريف. هن بزرگ جي ولادت رمضان شريف سن 1199هه ۾  ٿي اهي. آيت شريف  ”اولياء الله لاخوف عليهم ولاهم يحزنون“ 1199هه مان سال تاريخ حاصل ٿئي ٿو. (1)

        هن بزرگ جي ولادت باسعادت جي سندن جد امجد پنهنجي حياتي ۾ پيشنگوئي فرمائي ويو هو. هي بزرگ صورت ۽ سيرت ۾ بلڪل پنهنجي هم نام  ڏاڏي جي مشابهه هو.

        ننڍپڻ  ۾ هن ۾ بزرگي ۽ سعادت ۽ ولايت جا آثار پيدا ٿيل هوا. سندن والد بزرگ خواجه گل محمد جو ارشاد آهي ته هن فرزند جهڙو ڪٿي ٿو ٻيو ڪو پيدا ٿئي.

        سندس والد بزرگ جي خليفه حڪيم سيد مير نور علي لکوي کان روايت آهي ته خواجه محمد زمان ثاني شروع ڄمار ۾ اويسي هوا ۽ پنهنجي جد امجد جي روحانيت کان فيض حاصل ڪيو هوائون. ان کان پوءِ پنهنجي والد کان ظاهري تلقين ورتائون ۽ بلوغت کان اڳ ۾ ئي ان کان ڪئين ڪرامتون ظاهر ٿيڻ لڳيون.

        حڪيم سيد مير نور علي لکوي فرمائي ٿو ته، کائون  پڇيو ويو ته ڪن ولين کان نقل ڪندا آهن ته هو اکه چنڀ ۾ هڪ هنڌان غائب ٿي، ٻي هنڌ وڃي ظهورو  ڪندا آهن، اهو ڇا آهي؟

        فرمايائين ته هو بزرگ هن جاءِ ته ڪلمه ”لا“ جي نفي ڪندي پاڻ کي غائب ڪري، ٻي جاءِ تي ان جو اثبات ڪندا آهن، جتي سندن ظهورو ٿيندو آهي.

        سجاده نشين  جي زماني کي اڃا هڪ سال مس گذريو هو ۽ ٽالپرن جي حڪومت جو زمانو هو ته سال 1219هه ۾ قنڌهار جو بادشاهه شجاع الملڪ سنڌ تي ڪاهي آيو. ماڻهن ۾ افغانن جي فوج جي ڊپ سبب اچي ڀاڄڙ پئي. خواجه محمد زمان ثاني کي به مشورو ڏنو ويو ته اوهان به درگاهه ڇڏي في الحال ڪجهه وقت ٻاهر هلي  رهو. سندن ٻاهرنڪرڻ کان پوءِ پٺاڻن جي فوج سمورو مال اسباب شهر جو لٽيو. تانجو سندن ڏاڏي جي روضي تي جيڪي قنديلون ۽ بلوري جهاڙون لڳل هيون، سي به لاهي کڻي ويا. ان کان پوءِ ٺهراءُ ٿيو ته آئنده حفاظت لاءِ شهر جي ٻاهران ڪوٽ کڻايو وڃي، جنهن تي  پاڻ اهو ڪم شروع ڪرايو. اگرچه ان وقت موجودات ڪانه هئي، پر توڪل تي ڪم شروع ڪيو ويو. آخر ٽن سالن ۾ هزارن روپين جي خرچ ڪرڻ کان پوءِ ڪوٽ تيار ٿي ويو.

        اُن زماني ۾ انگريزن جا پير به آهسته آهسته ڄمندا ويا ٿي، ڪڇ واري رستي مان سندن سنڌ ۾ آمد و رفت شروع هئي، جنهن ڪري ڪن حاسدن حيدرآباد جي وڏي حاڪم مير غلام علي خان ٽالپر کي اشارو ڪيو ته لواري وارو ڪوٽ خطرناڪ آهي،اهو  ڊهرائڻ گهرجي. ان جو هڪ هي به سبب هو ته خواجه محمد زمان ثاني پنهنجي فرزندزادي جي شادي رياست ڀُڄ جي هڪ هندو رئيس جي گهران ڪرائي هئي، خطرو هو ته متان ڪڇ ڀڄ مان انگريزن جي سنڌ تي ڪاهه ٿئي ۽ انهيءَ قلعي کي پناهه گاهه بڻايو وڃي، جنهن ڪري مير غلام علي خان حاڪم سنڌ، خواجه صاحب کي ان بابت خط لکيو هو ته اهو قلعو نه اڏايو وڃي. خواجه صاحب ان جي جواب ۾ جيڪو خط  لکيو هو، سو بعينه هي آهي:

        ”خطي که درباب موقوفي ديوار خشتي فرستاده بودند بوضوح انجاميد دعا خواهي اين طرف سابق برضمير معلوم درحال نيز دست اندازي فقراء اين کار محض خيرو خوبي اين طرف انگاشته اماچون بگفته برخي بدگويان رشته آشنائي که فيما بين بود خودبوخود گسته و در ممانعت اين کار سعي بليغ داشته، خيريت، بار خاطر فقير برخداست، والله  غالب عليٰ امره“

        مير صاحب تي هن خط جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيو، آخر قلعه کي ماڻهو موڪلي ڊهرايو ويو. خواجه صاحب انهيءَ واقعي ڪري ڏاڍو دل تنگ ۽ غمگين ٿيو. فرمايائين انگريزن اچڻ جي جيڪا تهمت اسان فقيرن تي ٻڌي ويئي آهي، ان لاءِ  خدا جو خوف  نٿو ٿئين. هوڏانهن اهي انگريز خودبخود ٽالپرن جي گهرن مان اچي ظاهر ٿيندا.

        نقل آهي ته حيدراباد ۾ مير غلام علي جي دربار هلي رهي هئي ته  اوچتو هڪ مجزوب  ست پيدا ٿيو، جنهن نعرو هڻي مير صاحب کي چيو ته هي ڇا ڪيو اٿئي، جو هڪ درويش جي ڀت کي ڪيرايو اٿئي. مير صاحب چيو ته ائين تقدير هئي. مجذوب چيو ته سڀاڻي نتهنجي اولاد کي به ڪيرايو ويندو، پوءِ اها به تقدير هوندي؟

خواجه محد زمان ثاني ٻه دفعا حج جو سفر ڪرڻ فرمايو. پهريون  سال 1228هه ۾  جنهن جو سال تاريخ آيت شريف ”و اذڪر سم ربھ“  مان نڪري ٿو.

         1228

        انهيءَ سفر جي شروعات  هڏئي (ڪڇ) جي بندر تان ڪيائون. سنڌ جا امير ۽ زميندار ۽ ٻيا مريد هڪ سو کن سفر ۾ ساٿي هوا، اتان  روانا ٿي يمن جي ”مخا“ بندر تي وڃي لٿا، جتي هزارين مانهو سندن زيارت لاءِ اچي جمع ٿيا هوا،  عرب عجم جو استاذ محدث فقيه وڏو عالم شيخ محمد عابد سنڌي مدني پڻ بندر تي سندن استقبال لاءِ پهتو هو، جو اُن زماني ۾ ”مخا“ بندر تي مقيم هو.

        علامه محمد عابد مدني کان نقل آهي ته پاڻ جڏهن بندر تي لٿا تڏهن سوين  ماڻهو هٿ ملائڻ لاءِ اڳتي وڌڻ لڳا. مون کي  جڏهن وارو آيو، تڏهن ڀاڪر پائي مليا ۽ هٿ وٺي منهنجي ئي جاءِ ڏانهن روانا ٿيا. ڄڻ ته اڳ ۾ ئي ڪا دوستي هئي. ٿورو اڳتي وڌيا ته هڪ درويش چيو ته سائين رهڻ جي جاءِ هيڏانهن ٻي طرف آهي. پاڻ فرمايائون ته شيخ محمد عابد جي جاءِ تي هلڻو آهي، جو اهو ورتيون وڃي ٿو. پوءِ جڏهن منهنجي جاءِ ۾ آيا ته ڏٺائون  ته جاءِ فراخ ۽ عاليشان هئي، ڏاڍا خوش ٿيا، برابر ٽي ڏينهن اُتي ٽڪيا. پوءِ پنهنجي اصلي رهڻ هنڌ وڃي مقيم ٿيا، جو شهر کان ٻاهران تنبن جو بندوبست ڪيو ويو هو. سندن انهيءَ پهرين ملاقات ۾ منهنجي دل ڇڪي ورتائون. جنهن کان پوءِ طريقه نقشبنديه جي تلقين  ورتم ۽ پاڻ عصر کان وٺي مغرب تائين مراقبي ۾ رهڻ جو  حڪم ڪيائون. ٿورن  ئي ڏينهن ۾ حالت درست ٿي وئي. ڪجه وقت پاڻ کان به غائب ٿي ويو هوس.

        علامه محمد عابد فرمايو ته ظاهري علم اندرين رستي جو روڪيندڙ آهي. جڏهن هن بزرگ سان ڳنڍيس ته درويشن جي باطني طريقي جو يقين آيو. سندن ڪرامتون به بيشمار ڏٺم، جن مان هڪ وڏي ڪرامت  هي آهي ته آئون ايڏي وڏي علم هوندي به اڳ صحيح نموني ۾ خدا کان غافل هوس، پر سندن  ملاقات کان پوءِ الله تعاليٰ سان تعلق جي هڪ جدا ڪيفيت حاصل ٿي.

        حافظ ملوڪ سندن خاص خادم ۽ اهل دل درويش هو. تنهن کان نقل آهي ته  پاڻ جڏهن مڪه شريف ۾ پهتا، تڏهن صفا مروه جي سعي ڪرڻ وقت خواجه بهاء الدين نقشبندي جو هي شعر پڙهي رهيا هوا!

مفلسانه آمد در کوئي تو.

شيئا الله از جمال روءِ تو.

        مديني شريف ۾ برابر 5 مهينا رهيا. عرب ۽ عجم جا سوين ماڻهو، سندن معتقد بنجي، گرويده ٿي رهيا، مگر پاڻ سموري سفر ۾ هڪ طرف گوشه نشين ۽ خاموش ٿي رهندا هوا ۽  مشهوري ۽ مشائخت کان پاسو ڪندا هوا. آخر اهو سفر 1230هه ۾ خيريت سان پورو ڪري 12 شوال جي مڏئي بندر تي پهتا ۽ اتان خيريت  سان لواري شريف ۾ تشريف فرما ٿيا.

        مير نظر علي خان ٽالپر سندن تشريف جي موقعي تي هڪ ڊگهو قصيدو لکيو اهي، جنهن جي  اخير ۾ سال تاريخ هيٺئين ريت لکي ٿو:

تاريخ  حج اوشد تاريخ حج او

  1229هه

معنيٰ و لفظ هر دو  بهم يک بيک مراد

به زين خرد چو خواست بقران جواب او

هاذا صراط ربڪ آمد روان به ياد

                            1229هه

        ٻئي دفعي سفر  مهيني 1238هه ۾ حج جي سفر لاءِ نڪتا، ان  سال سندن هڪ نينگر وفات ڪري ويو، جنهن جو غم دل تي بيحد وڌي ويو هو،  جنهن ڪري سندن ارادو هو ته  حضور نبي صلي الله عليه وسلم جي روضه مطهره تي پهچي غم کي غلط ڪري. مير نظر علي خان سندن انهيءَ سفر جي تاريخ هيٺيئن ريت لکي آهي:

بار ديگر وه بعزم حج شد

که دواء هم بزم حج شد

از هموم قضيهء فرزند خويش

مي رهانيد از زيارت بند خويش

خوش شفاعت شاهه احمد مصطفيٰ

مر دواء هر غم دل را صفا

چون بوقت يوسفي احمد نبود

ديده يعقوب شد بيضا کبود

با  سر الله بهر سال او

از اتمو الحج و العمرة شنو

                        1238هه

        انهيءَ سفر ۾ مخالف هوا ڪري، سمنڊ جون تڪليفون به ڏاڍيون پهتيون، مگر خيريت سان حج ۽ زيارت جو شرف حاصل ڪيائون.

        مير محمود خان ٽالپر حيدرآبادي لکي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ سيد احمد بريلوي، هندستان مان اسان وٽ هن ارادي سان آيو ته سکه ڪافرن سان جهاد ڪجي. فرمايائين ته الله تعاليٰ ڏانهن اهڙو امر  ٿيو آهيم. مير صاحب چيو ته هڪ دفعو اها ڳالهه پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان جي خدمت ۾ بيان ڪيم. پاڻ پهريان ته خاموش رهيا. مان وري ٻيهر اها ڳالهه ڪئي.  منهنجو ارادو هو ته سيد احمد جو معاملو ڪٿي وڃي بيهندو. آخر پاڻ فرمايائون ته امام مهدي کان اڳ ۾ ان ڪم لاءِ هن زماني جا مشائخ ٻڌل  يا مامور ناهن،  پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو، شيخ عبدالرحيم گرهوڙي وانگي ازخود وڃي شهيد ٿئي ته اها هڪ جدا ڳالهه آهي، مير محمود خان چوي ٿو ته مان سمجهي ويس ته سيد احمد به فقير عبدالرحيم وانگي شهادت جو جام پيئندو، جو آخر ائين ٿيو.

        ٻئي شيخ محمد عابد مدني جي موجودگي ۾  سيد احمد جي جهاد جي گفتو هلي. شيخ مدني فقط ملاقات ۽ زيارت لاءِ لواري ۾ آيل هو. پاڻ سيد احمد بابت فرمايائون ته جيڪڏهن سچ  پچ الله تعاليٰ وٽان جهاد لاءِ مامور ٿيل آهن ته يقيناً کين فتح ۽ نصرت حاصل ٿيندي ۽ جيڪڏهن ائين ئي جهاد  لاءِ اُٿيا آهن ته پوءِ ڏٺو وڃي ته ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو، ڇو ته بادشاهت به خدائي قدرت جي هٿ ۾ آهي. آخر سيد صاحب شهادت جي درجي کي رسي ويو.

        خواجه محمد  زمان ثاني کي ٻيابه چار ڀائر هوا، جن جي ساڻس ڏاڍي دشمني هئي ۽ کيس ڏاڍيون تڪليفون ڏنائون ۽ مير ڪرم علي خان ٽالپر جيڪو ان وقت سنڌ جو حاڪم هو، ان کان به کائونس برغلايائون. جنهن ڪري تنگ ٿي لواري مان نقل ڪري مير محمود خان حيدرآبادي جاگير ۾ اچي ڪجهه وقت ترسيا. ان وقت فرمايائون ته اسان لاچاري کان درگاهه کي ڇڏيو آهي. اسان فقط ”گور پرست“ ڪونه آهيون، جو اُتي چنبڙيا پيا هجون، جيڪڏهن اسان جي وڏن جي مرضي هوندي ته موٽي ماڳ وينداسين نه ته الله اسان لاءِ ڪافي آهي. آخر ڇهن مهينن کان پوءِ وري درگاهه تي موٽي آيا. مگر ڀائرن جو ساڳيو ايذاءُ ۽ آزار هلندو آيو. آخر پهرين محرم 1247هه ۾ سندن ڀائر 20 ماڻهو وٺي اڌ رات جو مٿن حملو ڪيائون، جنهن ۾ ڪجهه فقير مارجي ويا، مگر کين ڪو ايذاءُ ڪونه پهتو.، پاڻ ان زماني ۾ وفات واري بيماري ۾ هوا. وفات کان اڳ ۾ پنهنجي غسل ڏياريندر لاءِ به وصيت ڪيائون. يعني  حافظ سعد الله کان غسل ڏياريو وڃي جو سندن والدجو مجاز خليفو  هو ۽ مقبرو وڏي بزرگ محمد زمان جي اڀرندي پاسي کان مقرر ڪرايائون ۽ خواجه محمد حسن پنهنجي وڏي فرزند کي جيڪو 11 سالن جو هو. ان کي گادي نشين مقرر ڪيائون ۽ 17 صفر 1247هه جي  هن دنيا فاني مان رحلت فرمايائون.

 

قطعه تاريخ از مير نظر علي خان ٽالپر

آنکه بس عالي ست نسبت او

قاصر آمد زبان ز مدحت او

جز به حق راگهي نه الفت داشت

ترک دارين بود سنت او

هم نشين خدا در اين عالم

بود الحق زمان صحبت او

هشت بر چهل سال بي کم و بيش

چون در آمد شمار فرصت او

اندرين آشيانه سست بناء

تنگ آمد هماي همت او

ارجعي آمدش خطاب ايزد

گشت آن سو زياده رغبت او

هفد هم ماه صفر در آخر شام

کرد منزل به باغ جنت او

جستم از دل چو سال تاريخش

گفت هاتف ”برب خلوت او“

                                         1247هه

(مرغون الاحباب اختصارا)

 

 

356- شيخ عبداللطيف لواري

        شيخ عبدالطيف والد خواجه گل محمد صاحب،  خواجه محمد زمان ثاني جو ننڍو ڀاءُ ۽  خليفو هو. هڪ صاحب ڪماليت جو عابد زاهد پرهيزگار نيڪو ڪار هو.، پنهنجي ڀاءُ وٽان فيض ۽ تلقين حاصل ڪيائين. شروع زماني ۾ مٿس ڪو اهڙو وقت به گذريو  جو بلڪل مغلوب الحال ٿي ويو. سخت سردي جي موسم ۾ مٿي، پيرين اگهاڙو گهمندو  وتندو هو ۽ هي شعر ورد زبان هوس.

گل راچه مجال است که گويد بگلال

از بهر چه سازي و از بهر چه شکني

        هو  پنهنجي ڀاءُ مرشد تي ڄڻ ته عاشق هو. هڪ دفعي حج جي سفر تي روانو ٿيو. جڏهن  حرمين شريفين ۾  پهتو، تڏهن پنهنجي هڪ سنگتي کي چوڻ لڳو ته اڳ ته ڪعبه ۽ زيارت جو شوق هو،  هاڻي هت پهچڻ کان پوءِ پنهنجي مرشد جي ديدار فيض آثار جو شوق غالب ٿيو آهي.

        هڪ دفعي فرمايائين ته ماڻهو هن وقت گذران جي ڳڻتي ڏانهن توجه ڏئي رهيا آهن، پر آخرت جو خيال وڃين ٿو وسرندو ۽  روز بروز حالتون خراب ٿي رهيون آهن. وڌيڪ فرمايائين ته سيد احمد برني لکيو آهي ته پ وئين زماني ۾ ماڻهو علم باطن کان منڪر بنجي بي نصيب ٿي ويندا. ڪنهن ماڻهو  سوال ڪيس ته مماتي وارا ولي به زنده انسان کي باطني فيض پهچائي سگهن ٿا. جواب ۾ چيائين ته مرشد لاءِ حيات هجڻ شرط آهي.

        سندس عادت هئي ته سردي جي موسم ۾ تمام گهڻيون گودڙيون، رليون ۽ ڪپڙا پاڻ وٽ جمع رکندو هو ۽ ضرورت مند فقيرن کي ورهائي ڏيندو هو.

        هي بزرگ طبع جو حليم، حيادار ۽ وڏو زاهد هو. رات ڏينهن نفلن پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو ۽ پنهنجي لاءِ ڪجه دنيائي اسباب جمع ڪونه ڪيو هوائين.

        هڪ  دفعي پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ مرشد کي عرض ڪيائين ته مان خواب ۾ ڏٺو آهي ته اسان ٻنهين مان هڪڙو، هن سال وفات ڪندو. دعا گهري اٿم ته اوهان شال زنده رهو ۽ آئون گذر ڪري وڃان. پوءِ ستت ئي بيمار ٿي پيو. پوئين وقت جڏهن سندس ڀاءُ خواجه محمد زمان ثاني سندس مٿن وٽ اچي پڇيو ته ڇا حالت آهي؟

        جواب ۾ چيائين مصرعه:

من بجان فنا شدم چه غم ست

غرض اندر ميان سلامت اوست

ائين چئي قبلي ڏي منهن ڪري مشڪيو، سندس ڀاءُ فرمايو ته سنئون ڪريوس ۽ سنئين ڪرڻ سان ئي روح پرواز ڪري ويو. ڏينهن جو پهريون پهر 15 شعبان سن 1236هه ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين.

سال آن با کمال خاکي را

گفت هاتف امين بڃنت رفت

                                     1236هه

(مرغوب الاحباب)

 

357- حاجي ابوطالب آگهمي

        هڪ وڏو ولي ڪامل درويش صاحبدل، جناب خواجه محمد زمان بزرگ لواري جي مريدن مان آهي.

        هن خواجه  صاحب جي صحبت کان اڳ ۾ پيرين پنڌ ڪري شام، روم، عرب، عجم جو سفر ڪري درويشن جون زيارتون  ڪيون ۽ کانئن فيض ۽ فائدا پرايا.

        فقير عبدالرحيم گروهڙي کائونس نقل ڪيو آهي ته هڪ دفعي فرمايائين ته دنيا جي دوريشن جي صحبت مان مون کي ايترو فائدو رسيو، جو  جڏهن مراقبو ڪندو هوس، تڏهن منهنجو  وجود ايڏو وسيع ڏيکاربو هو جو ڪره ارض منهنجي اڳيان، هڪ گراٺ جيڏي ڏيکاربي هئي. خواجه بزرگ لواري وارن  پهرين صحبت ۾  مون کي جيڪو فائدو پهتو، سو هي اُهو ته اها حالت صفا ختم ٿي وئي، ۽ مون کي وري سيکڙاٽ مريد وانگي تلقين ڏنائون. ان کان پوءِ جيڪا حالت مون تي گذري سا ڏاڍي اثرائتي هئي، جنهن جو بيان زبان سان ڪري نه ٿو سگهجي.

        حاجي طابو طالب تارڪ الدنيا درويش هوندو هو. زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي سوال ڪونه ڪيو هوائين، سندس گهر واري ”ڏڌ“ ولوڙيندي هئي ۽ هي بزرگ چاڏي مٿي تي کڻي بازار ۾  وڪڻي ايندو هو ۽ ان مان گذران ڪندا هوا. ٻڪريون چاريندو ۽  ڏاس ڪتندو رهندو هو ۽ مشهوري يا پيري مريدي کان ڪوهين ڀڄندو رهندو هو. اگرچه  پنهنجي مرشد  بزرگ وٽان کيس مريدن ڪرڻ جي اجازت هئي، مگر  مشهوري کان نفرت سبب سموري ڄمار ۾ فقط ٻه مريد ڪيا هوائين. جن مان هڪ سيد محمد  مدني هو، جو عرب ملڪ ۾ پنهنجي وقت ۾ هڪ وڏو مشهور بزرگ ڪامل ٿي گذريو آهي.

        درويش محمد صالح کهڙائي کان نقل آهي ته هڪ دفعي شيخ ابوطالب جي گهر ۾ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، هولاچار ٿي دريا تي ويوته مڇي ماري اچي قوت ڪري، مگر اُتي به شڪار ڪونه لڳس ۽ اتان نااُميد ٿي موٽيو ته رستي ۾ دنيا سينگار جي سندس سامهون آئي، مگرهن درويش منهن ڦيرائي ڇڏيو. وري سڄي پاسي کان آيس ته کٻي ڏانهن منهن ڪيائين، کٻي ڏانهن آيس ته سڄي طرف ڦيرايائين، جنهن کان پوءِ  دنيا نااُميد ٿي وٽانئس هلي وئي.

بنده  پير خرا باتم که درويشان را

گنج را از بي نيازي خاک برسر ميکند

        شيخ حامد جو سندس پير ڀائي هو، ان کائونس  پڇيو ته  آخر توکي ڪهڙو ۽ ڪيترو فائدو پهتو آهي. چيائينس ته ايترو گهڻو فائدو پهتو اٿم، جو ان جي بيان کان سينو تنگ آهي ۽ زبان ۾ بيان جي طاقت ڪانه آهي. انهن فائدن مان گهٽ ۾ گهٽ هي آهي ته مئل ماڻهن جا احوال مون تي هر وقت کليا رهن ٿا.

        شيخ ابو طالب اگهمي پوئين ڄمار ۾ حيدرآباد سنڌ جي ڏکڻ ۾ سيد پور جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين ۽ سندس مقبرو به اُتي آهي.          (مرغوب الاحباب)

        هي بزرگ 13 صدي جي بزرگن مان آهي. خواجه محمد زمان بزرگ لواري جي وفات 1188هه وقت زنده هو ۽ سندن فرزند خواجه گل محمد صاحب جي  سجاده نشيني جي اختلاف وقت جن ماڻهن پهرين بيعت ڪئي، تن مان هي به هڪ بزرگ هو.

358- شيخ محمد صالح ڳهڙائي

        وڏي همت ۽ گهڻي  قوت، صاحب فراست ۽ ڪرامت وارو درويش خواجه محمد زمان بزرگ لواري جي خليفن مان آهي. هن کي پنهنجي مرشد جو ايڏو ادب  رهندو هو  جو ڪڏهن به لواري شريف ڏانهن پير ڊگها ڪري ڪونه سمهندو هو. هڪ دفعي سندس فرزند  پڇيو ته حياتي ۾ اهو ادب ڪرڻ سولو آهي، پر وفات کان پوءِ ڪيئن ڪندا؟ جواب ۾ فرمايائين ته هو ٻيو جهان تڪليف يا ادب جو جهان نه آهي، مگر معاذ الله اتي به ادب سان رهندس. اوهان ان جو تجربو ڪري ڏسجو. يعني ته لواري ڏانهن پير ڪري دفن ڪرائجو ۽ پوءِ قبر کوٽي ڏسندا ته پير هوڏانهن هرگز نه هوندا.

        ذڪر ڪندي حبس دم جي ايڏي مشق هوندي هوس جو لااله چئي برابر 8 پهر دم نه کڻندو هو، اٺن پهرن کان پوءِ الالله چوندو هو.

        هن بزرگ ۾  فراست هن حد تائين وڌيل هئي جو هڪ دفعي لواري شريف ڏانن پنهنجن دوستن سان گڏجي آيو ٿي، حيدرآباد کان اچي لنگيها ته اُتي ٻاهران ڪيترا ڇوڪرا راند ڪري رهيا هوا، درويش اتي بيهي رهيو ۽ ڇوڪرن کي چتائي ڏسڻ لڳو. هنن ۾ مير غلام علي ٽالپر  (مير فتح علي خان جو ڀاءُ) به  بيٺل هو. ان کي ڏسي چيائين ته هي ڇوڪرو سنڌ جو حاڪم ٿيندو، مگر افسوس جو سندس عملن مان ڪجهه به قبوليت جي درجي تي ڪونه رسندو.

        شيخ محمد صالح هميشه قبلي ڏانهن منهن ڪري گوڏا ڀڃي ويهندو هو، جڏهن موت جي سڪرات شروع ٿيس تڏهن به دوزانو ويٺل هو، چيائين ٿي ته  جيڪڏهن  مون کي دفن نه ڪريو ۽ منهنجي بدن جي حفاظت ڪريو ته آئون ائين قيامت تائين صحيح البدن رهي سگهان ٿو. سندس فرزند چيو ته اسان ائين ڪرڻ کان لاچار آهيون ڇو ته دنيا ۾ اوچتو حادثا ٿيندا رهن ٿا، انسان هڪ لاش کي ڪيتري وقت تائين سانڍي سگهندو. سندس فرزند جو چوڻ اهي ته ائين ئي گوڏا ڀڃيو ويٺو هو ته سندس روح پرواز ڪري ويو. (مرغوب الاحباب)


(1)  ڪلمه اولياء  اگر بهمزه نويسند سنين کامله خواهد برآمد وبي همزه سال ناقص درشمار مي رسد وهمزه رابعضي فقط  ياءِ ضروري مي شمارند و همي ست باطل. چرا که همزه بسر خود حرفي نيست بموجب عامل خواهي واوگاهي الف وگاهي ياء مي شود. بس موجب اين عدد الف يا واو يا ياء شمرده خواهد شد. گاهي حسب الوقت محذوف مي کنند مگر در جائيکه بدل هاء شود چو ”خانه خدا“ هاءِ در شمار اند و نه همزه  (مرغوب الاحباب)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org