433- قاضي جلال الدين سنڌي
سلطان اڪبر اعظم مغل جي زماني ۾ قاضي
القضات جي درجي تي پهتو، فقه ۽ حديث جو وڏو عالم
هو. منطق ۽ عقليات به چڱي ڄاڻندو هو. ديانتداري ۽
امانتداري جي وصفن سان مشهور هو.
(طبقات اڪبري)
434- ملا موسيٰ سنڌي
هو سنڌ مان هجرت ڪري احمد آباد (گجرات) ۾
وڃي رهيو، سيد نظام الدين احمد بخشي سلطان اڪبر جي
زماني وارن عالمن ۾ ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”در احمد آباد بود، تقويٰ و رياضت انصاف داشت“
يعني ته پرهيزگاري ۽ صوفيانه ڪشالن ڪڍڻ جي
وصفن وارو هو.
435- قاضي عثمان سنڌي
طبقات اڪبري ۾ هن بزرگ جو ذڪر به سلطان
اڪبر جي زماني وارن عالمن ۾ ٿيل آهي، لکي ٿو ته:
”از فحول علماء بزهد و تقويٰ ممتاز ست در دهلي مي
باشد“
يعني ته وڏن عالمن مان، دنيا جي ترڪ ۽
تقويٰ ۾ ٻين کان مٿاهون آهي. هن وقت دهلي ۾ رهي
ٿو.
436- شيخ جلال حجام سنڌي
طبقات اڪبري واري اڪبر اعظم جي زماني وارن
درويشن ۾ هن جو نالو آندو آهي. هن کي فقه مجذوب
سنڌي سان ياد ڪيو اٿس ۽ ٻيو ڪجهه به وڌيڪ ڪونه
لکيو اٿس. دوريش جي بيان ختم ڪرڻ کان پوءِ لکي ٿو،
مون انهن فقيهن ۽ محدثن جا نالا آندا آهن جن سان
منهنجون ملاقاتون ٿيون هيون. ان مان گمان ڪڍي
سگهجي ٿو ته شيخ جلال حجام سان سندس ملاقات ٿي
هجي.
437- مخدوم جهان سنڌي
طبقات اڪبري ۾ سندس ذڪر هيٺين لفظن ۾ آيل
آهي:
مخدومن جهان سندي درسيوستان ست، از فعول
علماء بزهد و تقويَ ممتاز ست
يعني ته مخدوم جهان سيوهڻ ۾ رهي ٿو. وڏن
عالمن مان آهي. دنيا جي ترڪ ۽ پرهيزگاري ۾ ممتاز
درجو رکي ٿو.
438- شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري
شيخ عيسيَ بن شيخ قاسم بن شيخ يوسف محدث
پاٽائي سنڌي، شيخ عيسيٰ ايرج پور صوبه برار جي
گادي واري هنڌ 5 ذي الحج 962هه ۾ تولد ٿيو. (تذکره
گلزار ابرار)
مولوي محمد صادق گچيرائي مصباح النجات شرح
مفتاح الصلوات ۾ لکي ٿو ته شيخ عيسيَ پاٽ ۾ تولد
ٿيو هو. قاضي حبيب الله سيوهاڻي صديقي جو چوڻ آهي
ته شيخ عيسيٰ پاٽ ۾ تولد ٿيو ۽ سندن والد جڏهن
برهانپور ۾ وفات ڪئي. تڏهن به پاٽ ۾ مقيم هو. ان
کان پوءِ برهانپور ڏانهن هجرت ڪري وڃي اُتي رهيو.
حقيقت هيءَ آهي ته شيخ عيسيٰ جي ولادات ايرج پور ۾
ٿي آهي. جيئن تذڪره گلزار ۾ ڪتاب جي مصنف خود شيخ
عيسيٰ کان سندس ولادت جي روايت نقل ڪئي آهي. شيخ
عيسيٰ کان روايت آهي ته جڏهن آءٌ پنهنجي والده جي
پيٽ ۾ هوس ته ان زماني ۾ منهنجي والد جي استاد
سڳوري خواب ۾ ڏٺو ته اسان جي گهر حضرت سليمان
پيغمبر عليه السلام اچي مهمان ٿيو آهي ۽ هوڏانهن
انهيءَ رات منهنجي والده خواب ۾ ڏٺو ته اسان جي
گهر ۾ هڪ وڏو درويش عالم مولانا يونس به ٽڪيل هو
۽ منهنجو والد بزرگ ايرج پور کان ٻاهر ڪنهن ڳوٺ ۾
ويل هو. صبح جو منهنجي والده انهيءَ خواب جو بيان
منهنجي چاچي بزرگ شيخ طاهر محدث سان ڪيو، جنهن چيس
ته تنهنجي پيٽ مان جيڪو ڇوڪرو پيدا ٿيندو سو ٻنهي
جهانن جي سڳوراين يا ڀلاين جو مالڪ هوندو. آخر
چاچي بزرگ جي فيض وارن لفظن جو اثر نڪتو جو آئون
هن دنيا ۾ تولد ٿيس.
منهنجو نالو عيسيٰ به پنهجي چاچي بزرگ
رکيو. منهنجي چاچي جو چاچو ساڳي عيسيٰ نالي وارو
هو، جو پڻ ٻنهي جهانن جي ڀلاين سان سينگاريل هو.
قرآن جو حافظ ۽ علم قراءت جو ماهر سخاوت ۽ مروت ۾
وڏو مشهور روزگار ماڻهو هو.
منهنجو والد بزرگ جڏهن مسافري تان موٽي
گهر آيو،ت ڏهن پنهنجي استاد بزرگ جي خواب واري
خيال کان هن ارادو ڪيو ته منهنجو نالو سليمان رکي،
پر وڏي ڀاءُ جو ادب هو، لحاظ هو، جنهن ڪري منهنجو
نالو عيسيٰ ئي مقرر ڪيو ويو.
5 محرم سن ......... ۾ پدر بزرگوار جو
پاڇو سر تان کڄي ويو، جنهن کان پوءِ اسان عم مڪرم
سان گڏجي اتان لڏي برهانپور خانديس ۾ اچي مقيم
ٿياسين. سنه 985هه ۾ دل ۾ شورش پيدا ٿي ته ڪنهن
واٽ ڏيکاريندڙ پير جي ڳولا ڪئي وڃي. ان مقصد کي
سامهون رکي، سفر جو سندرو ٻڌي هڪ ساٿي ساڻ ڪري
ڳولا ۾ روانا ٿياسين. ٻئي منزل تي ڪرلولاجي قصبه
جي ويجها پهتاسين. ارادو هو ته ڪنهن آشنا دوست جي
گهر ۾ هلي رهجي، مگر ٿيو ڇا جو انهيءَ ويجهڙائي
۾ رستو ڀلجي ويو. روهه ۽ رڃ ۾ ڏاڍو رولڙو ڏسڻو
پيو. آخر پري کان هڪ ويران ڳوٺڙو ڏسڻ ۾ آيو دل ۾
سمجهيم ته هي ڦاٽل پراڻا ڪپڙا جي بدن تي پهريل آهن
سي به ڦرجي ويندا. آخر آئون ۽ منهنجو ساٿي دل ۾
دعائون گهرندا ڳوٺڙي جي ٻاهران پهتاسين، اُتي ڪي
ماڻهو ويٺا هوا جن اسان کي ڏسي، اسان جي ڏاڍي
دلجوئي ڪئي ۽ اسان کي ڳوٺ ۾ وٺي ويا، جو ڪجهه هنن
کان پڄي سگهو ان موجب اسان جي خدمت گذاري ڪيائون.
اسان جڏهن اتان هلي اُجين (مالوه) ۾
پهتاسين تڏهن شيخ راجي محمد قادر عيني جي درگاهه ۾
وڃي لٿاسين. ان زماني ۾ مالوه جا جاگيردار ۽ امير
انهيءَ شهر جي ٻاهران ڪنهن ضروري ڪم لاءِ تنبو
هڻايو ٽڪيا پيا هوا. شهر جي عالمن ۽ پيرن مون تي
زور آندو ته آءٌ امير طبقي سان هلي ملاقات ڪريان.
يعني ته مون کي علم پرهيزگاري، فقير ۽ فنا، مطلب
ته جو ڪجهه تعاليٰ جي رضامندي لاءِ مون کي حاصل
ٿيل هو، تنهن کي هلي ٿورڙي تنخواه تي وڪڻان سبحان
الله!
سيد حسن غوثي تذڪره گلزار وارو لکي ٿو ته
جڏهن شيخ نوجواني جي زماني ۾ اُجين آيل هو، تڏهن
آئون به اُتي رهيل هوس ۽ سندس زيارت جو شرف حاصل
ڪيو هوم. شيخ جي سرڪاري نوڪري ڪرڻ جي برخلاف راءِ
ڏني هئم، جنهن صورت ۾ شيخ عيسيَ جي سرڪاري ملازمت
جي ڪابه مرضي ڪانه هئي ته ٻئي ڏينهن تي حاڪمن
پاران کيس موڪل ملي وئي ته هو هتان ڪيڏانهن به
روانو ٿي سگهي ٿو.
شيخ عيسيٰ زباني طرح روايت ڪندي تذڪري
وارو لکي ٿو ته جڏهن آءٌ اُجين مان روانو ٿي سارنگ
پور پهتس ته شيخ عبدالملڪ جي خدمت ۾ حاضر ٿيس جو
اهو شيخ وجيهه الدين گجراتي علوي جو خليفو هو. هن
مون تي تمام گهڻي مهرباني ڪئي۽ معرفت جون ڳالهيون
ٻڌايون. انهيءَ سفر ۾ منهنجو هڪ رفيق هٿ کان رونڊو
هو. جڏهن کاڌو سامهون آيو ته هن گودڙي مان رونڊڙو
هٿ ٻاهر ڪڍيو. مذاق مان چيومانس ته هڪ روايت موجب
عيسيٰ سان گڏ ته انڌو هجڻ گهرجي نه رونڊو. ٿورو
وقت انهن ڳالهين سان دل کي وندرائيندو رهيس. اتان
جڏهن گواليار وڃڻ گهريم ته مجذوب الاهي سيد ڪپور
جي قبر تي وڃان، پر وري دل ۾ آيوته جيستائين حضرت
غوث الاولياء (خواجه محمد غوث گوالياري) جي روضي
تي نه ويو آهيان، تيستائين ٻئي ڪنهن به هنڌ نه
ويندس. جڏهن حضرت غوث الاولياء جي روضي ۾ داخل ٿيس
ته دل کي ڏاڍو آرام آيو ۽ حظ حاصل ٿيو. ان کان
پوءِ هميشه حضرت غوث الاولياء جي روح کي فاتحه
هديه ڪندو رهندو آهيان، گواليار مان دارالسلطنت
آگره ۾ پهتس. اُتي ملتاني علمي مدرسه جو استاد ۽
خانقاهه جو صوفي هو ۽ هن منهنجي چاچي رئيس
المحدثين شيخ طاهر جا حالات پڇيا. ان وقت مولانا
ابوبڪر عطاءُ الله ۽ حڪيم اسماعيل موجود هوا، جن
کي ٻڌايائين ته هي مهمان شيخ طاهر جو ڀائٽيو آهي.
ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دلداري ڪيائين. مون ڪجهه
ڏينهن پراڻي کائي وٽ ڪن دنيا جي تارڪ فقيرن سان
گذاريو. روزانو ڪجه نه ڪجهه روڪ پئسا هٿ ايندا
هوا جي کاڌي پيتي جي ڪم ايندا هوا. دل ۾ شڪ پيدا
ٿيو ته شايد منهنجي درويشي الله تعاليٰ جي درگاهه
۾ قبول نه پيئي آهي، جو روزانو اميرن وانگي پيٽ
ڀري کاڌو ملي رهيو آهي. هن آزمائش مان ظاهر ٿيو ته
ان نموني جي توڪل به ڳجهو شرڪ آهي.
قوت القلوب ۾ آهي ته ”التوڪل هو الفرار عن
التوڪل“ يعني توڪل جي معنيٰ آهي توڪل کان ڀڄي پري
ٿيڻ. ان کانپوءِ حيرت ٿي ته آخر توڪل ڇا کي چئبو
آهي ۽ اُها ڪهڙي شي آهي؟
آخر الله جي حڪم سان آگاه ڪيو ويو ته اسم
جي تجلي کي توڪل سڏيندا آهن. جيستائين درويش جي
دل ۾ اُنهن ٻنهي اسمن جي تجلي جي جاءِ نه ٿيندي
آهي، تيستائين ان کي متوڪل يا توڪل ڪندڙ نه چئبو
آهي. آخر مان آگري مان روانو ٿي، برهانپور ڏانهن
واپس وريس. هت پهچڻ کان پوءِ هڪ مظهر حسن حقيقي جي
سونهن تي دل مائل ٿي پئي. محويت ۽ فنائيت جي هي
حالت اچي بڻي جو ڪتاب پڙهڻ وقت صفحن ۽ حرفن تي
فقط محبوب جو نالو نظر اچڻ لڳو. نماز جي محراب ۾
محبوب جي صورت مورتي بڻجي اچي اڳيان بيهڻ لڳي. ٻڌڻ
۽ ڏسڻ وارا ادراڪ محبوب جي معلوم ڪرڻ کان ٻئي سڀ
شين کان جواب ڏئي بيٺا. چکڻ واري قوت کير ۽ پاڻي ۾
سنڌو نٿي ڪيو ۽ ٻڌڻ واري طاقت نغمه ۽ نوحه (راڳ ۽
روڄ) ۾ فرق نٿي ڪيو. منهنجي اها حقيقت جڏهن منهنجي
استاد ۽ چاچي شيخ طاهر کي معلوم ٿي، تڏهن
فرمايائين ته انهيءَ پهچ وارو ماڻهو جيڪڏهن ظاهري
علم جي طلب ڇڏي، ڪنهن خدا واري جي دامن ۾ وڃي
چنبڙي ته جلد کان جلد مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو.
منهنجي ته هي حالت جو محبوب جي صورت ڪنهن به حالت
۾ جدا نه ٿي سگهي ٿي، هزار دفعا لاحول ولا قوت
پڙهندو هوس پر مجال جو اها ٽري وڃي.
اُن زماني ۾ حق جي طالبن جي واڳ شيخ
لشڪر محمد عارف جي هٿ ۾ هئي. آءٌ سندس خدمت ۾ وڃي
حاضر ٿيس، هن بزرگ فرمايو ته پهريان 3 روزا رک
چوٿين روزي تي توکي ذڪر جي تلقين ڏني ويندي، ذڪر
جي نور سان اهو وسواس (محبوب جو تصور) ناس ٿي
ويندو، مان حڪم موجب ائين ڪيو. اڃا 3 ڏينهن جي
روزي کولڻ جو وقت ئي ڪونه آيو هو ته منهنجي دل ان
لاڳاپي کان هڪدم هٽجي وئي.، مرشد جي تلقين واري
پهرين ڏينهن ئي دل تي ذڪر اهڙي جاءِ اچي پڪڙي جو
گهر ڏانهن موٽندي وقت بازار جي ڏيئن مان به الهله
جل شانه جي نالي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿي
آيو.، پهرين چاليهي جي منڍ ۾ ئي سموري بدن جي عضون
مان بلڪ هر هڪ وار جي پاڙ مان خيال جي ڪننن سان
ذڪر ٻڌندو رهيس. ان کان پوءِ به ٻه چاليها ويٺس،
جنهن ۾ گهڻائي راز الاهي کلندا رهيا ۽ دوستن لاءِ
ذخيرو ڪندو رهيس. هڪ دفعي فرمايائين ته:
رمضان جي مهيني ۾ 1013هه ۾ آءٌ اعتڪاف ۾
ويٺل هوس. مون کي دل ۾ آيو ته هن وقت منهنجي دوستن
کي جمعيت ۽ حضور حاصل آهي. ڪتاب حصن حصين ۾ هڪ
حديث آهي ته دعا جي قبوليت جو وقت آهي، هاڻ مون
کي قبوليت جي ارادي سان دعا لاءِ هٿ کڻڻ گهرجن.
اڃا اهو خيال دل مان نڪري زبان تي نه آيو
هو ته مان حق تعاليٰ کي انهن سڀني مظاهرن سان
پڌري پٽ ڏٺم، جيڪي دل ۾ ايندا هوا، مگر ان هوندي
به دل مان دور نه ٿيو، جنهن مان ٻانهپ جو درجو
ثابت ٿئي ٿو.
شيخ عيسيٰ سنڌي، جڏهن پنهنجي مرشد شيخ
لشڪر محمد عارف (وفات 993هه) کان خرقه خلافت ڍڪي
برهانپور ۾ اچي رهيو ته هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو
کانئس فيض پرائڻ لاءِ سندس چؤطرف اچي جمع ٿيا.، هو
باطني ذڪر شغل ڏسڻ سان گڏ ظاهري علومن جو درس به
ڏيندو رهندو هو. ظاهري ۽ باطني طالبن جو وڏو
اجتماع وٽس رهندو ايندو هو. سندس مرشد جو شطاري
طريقي جو وڏو پير ۽ شيخ محمد غوث گوالياري جو
خليفو اعظم هو، تنهن بزرگ جون شيخ عيسيٰ سان حقيقت
جي رازن ۽ رمزن جون ڳالهيون رهنديون هيون. شيخ
عيسيٰ کي سندس وقت جا ماڻهو مسيح الاولياء، مسيح
الزمان، مسيح القلوب ۽ حبيب الله جهڙن لقبن سان
ياد ڪندا هوا. تذڪره گلزار ابرار ۾ گهڻو ڪري کيس
مسيح الااولياء جي لقب سان لکندو آهي. مسيح
الاولياء کان پنهنجي مرشد بزرگوار بابت هڪ روايت
آهي ته هڪ ڏينهن فرمايائين ته عيسيٰ! هن وقت ڪثرت
اعتباري حقيقت جو لباس ڍڪيو آهي ۽ حقيقي وحدت
اعتبار واري پردي ۾ ڇپي پيئي آهي. هي دنيا (هن
موجوده حالت ۾) ظاهر ٿيڻ کان اڳ حق جو عين هئي،
ظاهر ٿيڻ کان پوءِ حق هن دنيا جو عين ٿي ويو آهي.
شيخ عيسيٰ فرمائي ٿو ته جڏهن مٿان اها حالت طاري
ٿيندي هئي ته پوءِ شيخ جنيد بغدادي جو هي شعر
پڙهندا هوا:
و غني لي مني قلبي
و غنيت ڪما غنيٰ
و ڪنا حيث ما ڪانوا
و ڪانو حيث ما ڪنا
هڪ ڏينهن شيخ لشڪر محمد عارف تي سلطان
بايزيد بسطامي واري ڪيفيت طاري ٿي وئي (جنهن ۾
بسطامي بزرگ فرمايو هو ته آءٌ پاڪ آهيان ۽
منهنجو ڪيڏو شان آهي) مگر شيخ محمد عارف فرمايو ته
اهڙي حالت وارد ٿيڻ کان پوءِ منهنجي زبان سبحاني
(آءٌ پاڪ آهيان) جي چوڻ کان بچي وئي، ان وقت مسيح
الاولياء شيخ عيسيٰ کي گهرائي سندن مرشد پچيو ته
عيسيٰ سبحان رَبي الاعليٰ (منهنجو پالڻهار وڏو پاڪ
آهي) چوڻ بهتر آهي يا سبحاني الاعليٰ (آءٌ وڏو پاڪ
آهيان) چوڻ ٺيڪ آهي، يعني ته سبحانک چوڻ چڱو آهي
يا سبحاني؟ عرض ڪيم ته سبحانک چوڻ بهتر آهي.
شيخ لشڪر محمد عارف جي وفات کانپوءِ خود
انهيءَ شيخ جا خليفا ۽ مريد شيخ عيسيٰ مسيح
الالياء جي خدمت ۾ اچي فيض پرائيندا هوا. شيخ لشڪر
محمد عارف جو فرزند شيخ ابو يزيد، جو وڏو ڪامل
بزرگ هو، روزانه صبح جو شيخ عيسيٰ جي وعظ ۾ شريڪ
ٿي برڪت حاصل ڪندو هو.
سندس ولايت ۽ بزرگي جو ايڏو ڌاڪو هو جو
خان خانان عبدالرحيم سلطان اڪبر جو سپهه سالار
سندس خاص معتقدن مان هو ۽ برهانپور جڏهن کيس جاگير
۾ ملي ته گهڻو وقت شيخ عيسيٰ جي خدمت ۾ رهي فيض
حاصل ڪندو رهندو هو. هڪ ڏينهن جو واقعو آهي ته خان
خانان جو فرزند ايرج خان نوجواني جي زماني ۾ وفات
ڪري ويو. سندس وفات گهڻو ڪري بکر (سنڌ) ۾ ٿي گذري.
قاصد اها بد خبر کڻي برهانپور اچي پهتو، مگر ڪنهن
کي حوصلوئي ڪونه پيو ٿئي ته خان خانان تائين اهو
اطلاع پهچايو وڃي! آخر شيخ عيسيٰ کي عرض ڪيو ويو
ته هو پاڻ همت ڪري وڃي خان خانان عبدالرحيم خان کي
هن دردناڪ واقعي جو اطلاع ڪري. شيخ عيسيٰ پنهنجي
حجري مان نڪري جڏهن خان خانان جي محلات ۾ پهتو،
تڏهن هو صاحب حيرت ۾ پئجي ويو، ڇو ته هو نه اچڻو
نه وڃڻو سو ايڏي وڏي مرتبي جو بزرگ اڄ ڪيئن مون وٽ
لنگهي آيو آهي. ڳالهه ۾ مڙيئي ڪو رولو آهي، جنهن
کان پوءِ خان خانان سان تعزيت تسليٰ ڪئي وئي.
شيخ عيسيٰ جي معتقدن مان شيخ ابوالخير بن
مبارڪ آهي، جو علامه ابوالفضل ۽ فيضي جو ننڍو
ڀاءُ ۽ هڪ وڏو صوفي ۽ وڏو عالم هو. شيخ عيسيٰ جي
بزرگي ۽ تصوف جي هاڪ ٻڌي سلطان اڪبر مغل اعظم
سندس ديدار جو مشتاق ٿيو. جڏهن هو برهانپور ۾ منزل
ٿيو، تڏهن شيخ جي ملاقات کان پوءِ کيس مجبور ڪري
آگره ۾ وٺي آيو. شيخ عيسيٰ جي طبيعت تي بادشاهه
سان گڏ رهڻ جو ڏاڍو بار هوندو هو، جنهن کان پوءِ
خواب ۾ پنهنجي والد کي ڏٺائين ۽ آخر آگره مان
بادشاهه رخصت ڏنس، جو وري برهانپور ۾ اچي مقيم
ٿيو. ان خواب جو تفصيل شيخ عيسيٰ جي والد شيخ
قاسم سنڌي جي حالات ۾ ڏسڻ گهرجي.
شيخ عيسيٰ جي مشهور خليفن مان هيٺين بزرگن
جا نالا معلوم ٿيا اهن:
(1) شاهه ميران راز الاهي.
(2) شيخ عبدالقدوس.
(3) شاهه نعمت الله شيخ پوري حضرت فريدالدين شڪر
گنج جي اولاد مان هڪ ڪامل الوقت جو عارف گذريو
آهي.
(4) حضرت سيد مير ڪلان.،
(5) خواجه علي مسيحي احمد آبادي.
(6) شيخ صدر جهان بن ابوالفتح دکني (وفات 1014هه)
(7) شيخ اسماعيل بن ودود الله شطاري.
(8) شيخ حافظ صالح جاپانيري شطاري.
شيخ عبدالرحيم احمد آبادي (وفات 1005) جو
وقت جي ڪاملن مان هو، سو به شيخ عيسيٰ جي ملاقات
لاءِ ايندو ويندو هو. هڪ ڏينهن هن برهانپور ۾ اچي،
عام ماڻهن کي هڪ خوشخبري ٻڌائي ته مون کي پيغمبر
خدا خواب ۾ فرمايو آهي ته شيخ وقت جو قطب آهي آءٌ
اها خوشبخري ٻڌائڻ آيو آهيان.
سيد احمد افغان بجواڙي، جو جهانگير جي
زماني ۾ هڪ صوفي ۽ لکن مريدن جو مالڪ هو، تنهن کي
شيخ محي الدين ابن عربي جي هڪ عبارت سمجهه ۾ نه
آئي ته ان جي شرح لاءِ شيخ عيسيٰ مسيح الاولياء کي
خط لکي پڇيائين. عبارت جا الفاظ هي آهن:
”رايت ربي جالسا علي الکرسي و قام بين يدي و
احاسبني و قال انت ربي و انا عبدڪ“.
شيخ عيسيٰ ان جو جيڪو جواب لکيو سو سموري
وحدت وجود جي رنگ ۾ لکيل هو، جو سيد احمد کي پسند
نه آيو. (گلزار ابرار جومصنف لکي ٿو ته شيخ عيسيٰ
مسيح القلوب جو مان خط ڏٺو هو، جنهن ۾ ابن عربي جي
انهيءَ ڪشفي قول جي اهڙي عمدي تاويل ڪيل هئي جو
شريعت ۽ طريقت جا جيڪي به ان باري ۾ اعتراض وارا
ٿي سگهن ٿا، سي دفع ڪيا ويا هوا.
بر حرف هيچ کس منه انگشت اعتراض،
آن نيست کلک صنع که خط خطا کشد)
شيخ عيسيٰ پنهنجي رتبي ۽ علميت ۽ ڪماليت
جي لحاظ سان ايڏي مرتبي جو ماڻهو هو، جو ڪنهن شاعر
سندس شان ۾ فرمايو آهي:
دو عسيٰ است فرخنده در نسل آدم،
يکي ابن مريم دوم ابن قاسم
هي ولي ڪامل ايترين ڪماليتن هوندي به
ڪڏهن ڪڏهن شعر ڏانهن به توجه فرمائيندا هوا.
شعرا دکن جي تذڪرن ۾ کيس بلند پايه جي شاعرن ۾
شمار ڪيو ويو آهي. سندس شعر جو نمونو هيٺئين ريت
آهي:
ما شه ملک جنون خاک بر سر افسر ما،
فوج طفلان ز پس و پيش بود لشکر ما،
ايضاله
موي يوليده که من بر سر دارم
سايئه دولت عشق است که بر سر دارم
سندس تصنيفات مان جن جانالا گلزار ابرار ۾
آيل آهن سي هيٺئين ريت آهن:
(1) روضت الحسن (2) عين المعاني. اهي ٻئي
رسالا اسماءُ الحسنيٰ جي معنيٰ ۽ شرح ۾ آهن، جنجو
بيان وجودي صوفين جي رنگ ۾ ڪيل آهي.
(3) انوار الاسرار، هن ۾ قرآن شريف جي ڪن
آيتن جو صوفيانه صورت ۾ تفسير ڪيو ويو آهي. (4)
رساله حواس پنجگانه، اهو رسالو شيخ صدر جهان
پنهنجي هڪ خليفي جي عرض ڪرڻ تي لکيو هوائون. (5)
اشارات غريبه، هن ۾ شيخ عبدالسعيد جلي جي ڪتاب
انسان ڪامل جي ڪن مقامن جون سمجهاڻيون آهن. (6)
شرح فارسي برقصيده برده (7) رساله قبلة المذاهب
(8) حاشيه برشرح ملا جامي، اهو حاشيه پنهنجي فرزند
عبدالستار جي شرح جامي جي پڙهائڻ وقت لکيو هوائين.
مولانا عبدالغفور لاري ۽ شيخ عصام جي حاشين کان
هن ۾ وڌيڪ سٺيون ڳالهيون آهن. (9) فتح محمدي در
علوم بتعلق باالتفسير اهو رسالو پنهنجي ننڍي فرزند
شيخ فتح محمد جي پڙهڻ لاءِ لکيو هوائون. (10)
تميمه شرح مائة عامل عربي پهريان اهو شرح مير فتح
الله شيرازي شروع ڪيو هو مگر پورت تي نه پهتو.
قاضي مير سيد علي نور الله، جو اڪبر اعظم جي فوج
جو قاضي هو، تنهن جي عرض ڪرڻ تي شيخ عيسيٰ روان
شرح لکي پورو ڪيو. (11) رساله عقود، جنهن ۾ هٿ جي
اڱرين جي عقدن تي تسبيح پڙهڻ جو بيان آهي (12) دو
شرح دو رباعي يعني ٻن صوفيانه رباعين جا ٻه شرح
گلزار ابرار ان کان پوءِ انهن مان ڪن رسالن جون
مختصر عبارتون پيش ڪري داد گهريو آهي، ته مسيح
الاولياء ڪيڏي نه وڏي علم ۽ عرفان جو مالڪ آهي.
قاضي حبيب الله صديقي سيوهاڻي جي لکڻ
موجب مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ کي 3 پٽ هوا (1) شيخ
عبدالستار (2) شيخ شهر الله رمضان (3) شيخ فتح
محمد مفتاح الصلوات جو مصنف.، انهن مان شيخ شهر
الله سنڌ ڏانهن موٽي اچي پاٽ ۾ مقيم ٿيو، جنهن جو
اولاد سيوهڻ ۾ پاٽ وارا صديقي مخدوم آهن. باقي
ٻيا ڀائر اتي ئي برهانپور ۾ رهيا.
حضرت شيخ عيسيٰ برهانپوري سنڌي 69 سالن
جي ڄمار کي پهچي، برهانپور ۾ 13 شوال 1031هه ۾
وفات فرمائي، اُتي ئي دفن ٿيو، جتي سال به سال 13
شوال تي سندس عرس ملهايو ويندو آهي.
رحمته الله عليه رحمة و اسعة
439- شيخ عبدالستار برهانپوري سنڌي
شيخ عبدالستار بن شيخ مسيح الاولياء
عيسيٰ سنڌي، ظاهري ۽ باطني علوم پنهنجي والد بزرگ
جي فيض صحبت مان حاصل ڪيائين.
رياضي ۽ ٻيا ڪي علم مرزا شڪر الله شيرازي
وٽان به پڙهيو، اهو شيخ شڪر الله ايران مان
هندستان ۾ پهتو ۽ عبدالرحيم خان خانان اُن زماني ۾
برهانپور جو حاڪم هو، ان جو نالو ٻڌي برهانپور
پهتو ته اُتي شيخ عيسيٰ مسيح الاولياء سان به
ملاقات ٿي ويس. پوءِ ته هن وڏي عالم کي هنن ٻنهي
صاحبن جي صحبت ڀانءِ پئجي وئي ۽ برهانپور ۾ رهجي
پيو، جنهن کانپوءِ 1020هه ۾ خان خانان سان گڏجي
آگره ڏانهن هليو ويو. شيخ عبدالستار ننڍي ڄمار ۾
ئي تصوف ۽ خدا شناسي واري راهه ۾ هلندڙ هو،
رياضتون ڪندو ۽ نفس کي تسيا ڏيندو رهندو هو. هڪ
دفعي رياضت جي ارادي سان کاڌو پيتو پاڻ ئي بند ڪري
ڇڏيائين.، جڏهن اها سڌ سندس والد مسيح الاولياء کي
پهتي تڏهن پنهنجي خاص خليفي ڪرد علي عرب هٿان گوشت
جي شوربي جو هڪ پيالو موڪلي کيس آيت و ما جعلنا
هم جسداََ لا يا ڪلون الطعام جي مضمون ڏانهن
اشارو ڪيائينس. يعني ته اسان انهن کي اهڙا بوتا
ڪونه بڻايو آهي، جو کاڌو ئي نه کائين. جنهن
کانپوءِ شيخ عبدالستار آهستي آهستي کاڌو کائڻ
لڳو. شيخ عبدالستار پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ
برهانپور جي سجادگي تي مقيم ٿيو.
هو اگرچه پيدائش برهانپور جي هو، مگر گهرو
ٻولي پنهنجي ابن ڏان وانگي سنڌي ڳالهائيندا هوا،
جنهن ڪري سندن محلي جو نالو ئي سنڌي پوره هوندو
هو.
سيد محمد هاشم خليفه امام رباني جي زبدت
المقامات ۾ لکيو اهي ته شيخ عبدالستار سنڌي سان
پنهنجي ملاقات برهانپور ۾ ٿي هئي، جنهن کان
نقشبندي طريقي جي ٻين طريقن تي افضليت بابت سوال
ڪيو هوائين، جنهن جي شيخ عبدالستار تصديق ڪئي هئي
ته منهنجو والد ائين فرمائيندو هو ۽ اسان پاڻ
انهيءَ طريقي ڏانهن مائل آهيون.
440- سيد حيدر حقاني بکري
عالم فاضل، عارف سيد حيدر حقاني لقب، سيد
محمد مڪي رضوي جي اولاد مان هڪ وڏو صاحب ڪمال ٿي
گذريو آهي.
سندس مقبرو روهڙي ۾ مشهور زيارت گاهه آهي.
مگر تحفت الڪرام ۾ لکي ٿو ته بکر ۾ مقبرو آهيس.
سندس لکڻ آهي ته:
”سيد حيدر حقاني لقب درگاهش درون شهر محل
اجابت زائر و سائر ست اولادش مذکور گردد“.
روهڙي ۾ جنهن موءِ مبارڪ جي زيارت ڪرائي
ويندي آهي،تنهن بابت مشهور روايت آهي ته ان جو
ظهورو سيد حيدر حقاني جي هڪ خواب يا اندروني
اشاري کانپوءِ ٿيوآهي.
محمد علي طالب تخلص موءِ مبارڪ جي ظاهر
ٿيڻ جي واقعي تي هڪ فارسي نظم ۾ رسالو لکيو آهي،
جنهن ۾ هو لکي ٿو ته؛
موءِ مبارڪ شيخ عبدالباقي بکري جي گهر ۾
ورثي طور پهتو هو مگر هو ان کي ظاهر نه ڪندو هو،
سندس گهر واري وٽ هڪ تعويذ ۾ بند رکيو هوندو هو.
شيخ عبدالباقي صديقي بکري استنبول وڃي
پهتو هو، جتي هڪ بزرگ شيخ نجم الدين جي نياڻي سان
سندس شادي ٿي، جنهن کي ڏاج ۾ سندس والد موءِ مبارڪ
عطا ڪيو ۽ ان کان پوءِ هو پنهنجي بيبي سميت بکر
اچي پهتو. ان کي ظاهر ڪرڻ کان پرهيز ڪندو رهيو.
گهڻي وقت کان پوءِ حيدر شاهه حقاني کي
اشارتاً اها ڳالهه معلوم ٿي، جنهن عبدالباقي تي
زور آندو ته هو ان موءِ مبارڪ کي ظاهر ڪري.
طالب شاعر بکري ان واقعه تي لکي ٿو ته:
بود دران قلعه بکر بلند
قطب يقين مريد مهين ارجمند
شاه که او حيدر حقاني ست
شيخ احد مصدر نوراني ست
مايه صد فيض ولي خدا
صاحب دين رهبر راه خدا
بود شريعت همه گفتار او
گشته طريقت همه کردار او
شيخ اجل عارف با الله خوان
قطب احمد عاشق الله خوان
سيد عالي شده رضوي لقب
بود ز آل شد فخر عرب
قلعه بکهر اگرش مسکن ست
در شهر لوهريش مدفن ست
قبه عاليش زيارت گبهه ست
در نظر ديده بصارت ده ست
نعمت عظميٰ چو به بکهر رسيد
در دلش از غيب ندا در رسيد
آمد از درگهه يزدان خطاب
هم ز شهه احمد زينسان خطاب
کامده در شهر تو آثار فيض
شهر سراسر شده گلزار فيض
بنده باقي که بود هکهري
يا بر نزده چو بر و بگذري
زود خطابي برسان از منش
واقف از سر حقيقت کنش
تارفع پرده ز نور ا و رد
نعمت عظميٰ بظهور آ ورد
هن نظم مان ظاهر آهي ته سيد حيدر حقاني
کي پيغمبر خدا صلي الله عليه وسلم وٽان خطاب ٿيو
ته عبدالباقي بکري وٽ موءِ مبارڪ آهي. ان کي چئو
ته ان کي ظاهر ڪري. اڳتي انهيءَ ڪتاب ۾ آهي ته سيد
صاحب جڏهن عبدالباقي وٽ پهتو، تڏهن هن چيس ته
شرعي قاعدي موجب هڪ ماڻهوءَ جي شاهدي معتبر ناهي،
تنهن ڪري آئون قبول نه ڪندس، ٻيو به ڪو شاهد هجي
ته پوءِٰ آئون وارمبارڪ ظاهر ڪندس.
ساڳي رسالي ۾ آهي ته درٻيلي جو مخدوم
عبدالملڪ حج جي سفر تي ويل هو، ان کي انهيءَ سفر ۾
پيغمبر خدا صلي الله عليه وسلم جو ارشاد ٿيو ته
بکر ۾ ميان عبدالباقي وٽ منهنجو وار مبارڪ آهي، ان
کي وڃي ظاهر ڪراءِ.
حج پڙهي مخدوم صاحب روانو ٿي اچي بکر ۾
پهتو ۽ پهريان اچي سيد حيدر حقاني سان ملاقي ٿيو.
ان کان پوءِ ميان عبدالباقي وٽ لنگهي آيا ۽ کيس
وار مبارڪ جي ظاهر ڪرڻ لاءِ چيائون، جنهن ڪڍي
ٻاهر آندو ۽ ان کان پوءِ هن جي زيارت ٿيڻ لڳي. جا
اڄ تائين هلندي اچي ٿي.
اهو واقعو 952هه جو آهي. ظهور نامه موءِ
مبارڪ ۾ فرمائي ٿو:
مي رحمت آگهي از پاک نور
کا مده در سن کدا مي ظهور
نهصد و پنجاه ز هجرت به بود
هم دو عدد سال بر انها فزود
اهو سال شاعر طالب بکري ڪٿان هٿ ڪيو آهي،
ان جو پتو ڪونه پوي ٿو. صحيح آهي يا غلط ان جو ذمو
مٿس آهي.
باقي شاهه سيد حيدر حقاني جي وفات 1039هه
۾ ٿي آهي، جا فقره ”حامي شريعت“ مان حاصل ٿئي ٿي.
1039هه
ڪنهن شاعر هيٺيون قطعو به سندس تاريخ سال
وفات تي لکيو آهي:
شاهه حيدر که هست غوث زمان
هادي و فيض بخش عالميان
سال معراج او خرد مي جست
گفت دل ”شکل مصطفيٰ ست“ بدان
1039هه
441- مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي
مخدوم حاجي عبدالرحمان بن مخدوم حاجي محمد
هاشم ٺٽوي، صالح عالم فاضل، والد جو صالح فرزند،
قرآن جو حافظ، وڏو عالم، صوفي، سندس ولادت 16 شوال
1131هه ۾ ٿي آهي.
پنهنجي والد کان پوءِ سجاده نشيني جو کيس
ئي شرف حاصل ٿيو. سندس والد جا مريد سنڌ کان
ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ ۾به پکڙيل هوا، جنهن ڪري هي بزرگ
سنڌ کان ٻاهر مريدن جي هدايت ۽ تلقين لاءِ ويندو
هو.
هڪ دفعي ڪاٺياواڙ جي علائقي جي ڪوتياڻي
ڳوٺ ۾ پنهنجي معتقدن وٽ مقيم هو ته اُتي 51 سالن
جي ڄمار ۾ اجل جو قاصد اچي پهتو. 5 ربيع الاول
1182هه ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي ويو.
442- مخدوم عبدالطيف ٺٽوي
عالم فاضل محدث فقيهه مخدوم عبدالطيف ولد
حضرت مولانا مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ولادت 14 شعبان
1144هه. پنهنجي والد بزرگ جي آغوش شفقت ۾ پرورش
حاصل ڪيائين. قرآن جو حافظ، حديث جو وڏو عالم هو،
فقه ۾ يڪتاءِ روزگار هو. پنهنجي والد جي وفات کان
پوءِ مدرسو سنڀالي ورتائين. روزانو ٺٽي جي مشهور
مسجد جامع خسروي ۾ سڀ ڪنهن جمع جو پنهنجي والد
بزرگ وانگي وعظ فرمائيندو هو ۽ عصر کان پوءِ درس
حديث ڏيندو هو.
مير قانع، جو سندس همعصرن مان آهي، لکي ٿو
ته:
مخدوم عبداللطيف قائم مقام پدر، هر روز
جمعه در جامع مسجد خسروي مطابق قرارداد پدر، مجلس
وعظ نيک ميدارد و هر روز بوقت عصر در مسجد خويش،
شغل درس حديث مي کند. و مدرسه معروضه را برپا
ميدارد و در فضيلت اشهر انام ست. (تحفت الڪرام)
سندس شهرت جي هي حالت هئي جو وقت جا حاڪم
مشڪل سوالن جو کانئس حل ڪرائيندا هوا. هڪ دفعي
ڪلهوڙن جي راڄ ۾ مخدوم عبدالرحيم گروهڙي جي ڪن
خيالن جي برخلاف حاڪمن وٽ دانهن وئي، جنهن تي
ڪلهوڙي حاڪم مخدوم عبدالرحيم کي سمجهائڻ لاءِ خدا
آباد ۾ علمائن جو اجتماع سڏايو، جنهن جو سرڪردو
مخدوم عبداللطيف صاحب هو.
مخدوم عبداللطيف بدعات جي رد ۽ حنفي مذهب
جي نصرت ۾ ڏاڍو متشدد هو. هن علامه مخدوم محمد
معين ٺٽوي جي ڪتاب ”دراستان اللبيب” جي رد ۾ هڪ
وڏو عالمانه ڪتاب ”الذب الذباب”“ لکي پنهنجي علمي
فضيلت جو ڌاڪو ويهاريو اهي.، ان کان سواءِ سندس
ٻيا رسالا به تصنيف ٿيل آهن، جن مان هيٺين جا نالا
معلوم ٿي سگهيا آهن: (2) حيات العاشقين (3) الحجة
البيضا علي مانع جوازالبناء عليٰ قبور المشائخ و
العلماء (4) غايت المرام في تحقيق الحفر والد فن
في الحرام (5) الشهاب الثاقب لرجم الڪاذب (6)
فرائض الاسلام سنڌي،. پنهنجي والد بزرگ جي ڪتاب
فرائض الاسلام عربي جو سنڌي ۾ ترجما ڪيا اٿس. هڪ
مطول ۽ ٻيو مختصر بمبئي ۾ ڇپيو هو.
مخدوم عبداللطيف 55 سالن جي ڄمار ۾ 17 ذي
القعد 1189هه ٺٽي ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس قائم مقام
مشهور بزرگ فرزند مخدوم محمد ابراهيم مڏئي وارو
ٿيو، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو.
443- آخوند ٺارو بديڻي
فارسي زبان جو ڄاڻو ۽ انشا پرداز آخوند
صاحبڏنو بديڻ ۾ ٿي گذريو آهي. هن جو نالو صالح
آهي، مگر ماڻهن ۾ ٺارو جي نالي سان مشهور هو ۽
فارسي سيکارڻ ۾ مشهور هو. خاص طرح فارسي ۾ لکپڙه
لاءِ هن وٽ شاگردن جو جهمگٽو رهندو هو.
سندس هڪ مجموعو خط اصلاح المتعلمين جي
نالي سان يادگار آهي، جنهن جي منڍ ۾ لکي ٿو ته:
ميگويد فقير پر تقصير تهارو (ٺارو) که
نامش سواءِ اين عجمي از اول حروف مصراع اين ابيات
پيدا و هويدا خواهد شد.
ص – صرف کردم در معاصي و جرائم روزگار
1- اشک ريزان ست چشم همچو اسک ابر زار
ل – لائق لطف لطيف انگه که از راه عطا
ع – حرف عفو خويش آرد پيش هر عيب خطا
هن مان سندس ”صالح“ نالو ظاهر ٿئي ٿو.
ڪتاب جي ديباچه ۾ لکيو اٿس ته خطن جا ڪي مسودات
منتشر ٿيل هوا، ڪن وفادار شاگردن ۽ چند معتقد
ماڻهن جي چوڻ موجب گڏ ڪري سندن نالو اصلاح
المتعلمين رکيم.
انهيءَ ڪتاب جو لکيل هڪ نسخو نظر مان
گذريو، جو 1244هجري جو دستخط قلمي نسخو هو. باقي
آخوند ٺارو ڪهڙي زماني ۾ وفات فرمائي ان جو ڪو پتو
ڪونه پئجي سگهيو.
دين محمد وفائي عفا الله عنه
يوم الجمعه 9 شعبان المعظم 1367هه
مطابق 18 جون 1948ع
تمت باالخير |