326- درويش آجر ٺٽوي
هي ٺٽي ۾ ڀوڳڙي هو يعني ڀڳڙن ڀڃڻ جو ڪم ڪندو هو. عام
ماڻهن کي سندس ڪماليت جو پورو پتو ڪونه هو مگر سيد
علي ثاني شيرازي سندس خدمت ۾ پوري اعتقاد سان
ايندو هو. هڪ ڏينهن فقير آجر پنهنجي دڪان تي ننڊ ۾
آراميو هو ۽ سيد علي ثاني سندس پيرن جي آهستي
آهستي مالش ڪندو رهيو ٿي ته ايتري ۾ ٺٽي جو هڪ
مجذوب درويش حليم اچي اتان لنگهيو. اها حالت ڏسي
چوڻ لڳو ته هت هو نمونو ۽ هت وري هي روش! درويش
آجر اهي لفظ ٻڌي ننڊ مان جاڳي جواب ڏنو ته اُهي
گهڻائي آهن ۽ هو ٿورا آهن هي وري ٿورن ۾ به ٿورڙا
آهن. درويش حليم انجو ڪوبه جواب نه ڏيندي روانو
ٿي ويو. سيد صاحب درويش آجر کان پڇيو ته اها ڪهڙي
گفتگو هئي، مون کي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو.
درويش جواب ڏنو ته حليم جو اشارو هو ته پيغمبر خدا
صلي الله عليه وسلم جي خدمت ۾ ايڏو ادب ڪرين ٿو
جنهن جي ڪا حد ڪانه آهي، هو ڏهن هت وري پيغمبر
جي اولاد کان خدمت وٺي رهيو آهين؟ جواب ۾ چيم ته
هڪڙا آهن جو ٻين کان پنهنجي لاءِ وڌيڪ نفع گهرندا
آهن ۽ گهڻائي آهن ۽ ٻيا فقير آهن جو پاڻ کان وڌيڪ
ٻين کي نفع پهچائڻ جي ڪوشش ڪنداآهن ۽ اُهي تمام
ٿورڙا اهن. ٽيان وري آهن جو ٻين جي نفع لاءِ
پنهنجو نقصان به ڪندا آهن اهي وري ٿورن ۾ به ٿورا
آهن.
شهر جي وڏن ماڻهن جو اولاد هن درويش جو معتقد ٿيندي هن
وٽ اچڻ وڃڻ لڳو جنه ڪري هو اها ڳلاهه سهي نه ٿي
سگهيا ۽ آجر درويش کي شهر مان نيڪالي ڏياري وئي
جنهن ڪري هو ٺٽي مان روانو ٿي احمد آباد طرف روانو
ٿيو. سيد علي بي قرار ٿي پيرو کڻي درويش جي
پوئتان روانو ٿي ويو. ان وقت وٽس پهتو جڏهن درويش
جا پويان پساهه هوا، جو ڪجهه وٽس هو اهو سڀ ڪجهه
سيد صاحٻ کي ڏئي پوءِ وفات ڪري ويو. سيدعلي اگرچه
پوئين ڄمار حضرت مخدوم نوح جو مريد ٿي رهيو آهي
مگر پهرئين وقت ۾ جو ڪجهه به کيس نصيب ٿيو سو
درويش آجر وٽان هو.
سندس سال وفات معلوم نه ٿي سگهيو آهي، مگر حالات مان
پڌرو هو ته هو ڏهين صدي هجري جي رجالن مان آهي.
327- مرزا محمد صالح ٺٽوي
اصل اميراڻي سورت ۾ ڄائو ۽ ٺٽي ۾ پليو پڙهيو وڏو ٿيو.
مرزا عبدالوهاب ٺٽوي جو قريبي رشته دار هو جنهن
ڪري اميراڻي ٺاٺ سان رهندو هو. آقا محمد ڪريم
اصفهاني ٺٽوي جي وفات کان پوءِ ٺٽي جو امين الملڪ
۽ رعيت پاران سرڪار ۾ وڪيل مقرر ٿيو. اهو عهدو
ڪجهه وقت نادر شاهه جي زماني ۾ ڪجهه وقت ان
کانپوءِ ماڻيندو رهيو. ماڻهو هنجي خوش خلقي کان
ڏاڍا خوش هوندا هوا، گفتگوءَ جو سنجيدو ۽ مؤدب ۽
وڏي اخلاق جو مالڪ هو. نقاشي ۽ خوشخطي جي فن ۾ وڏو
ماهر ۽ ڏاڍو برجسه خيال شاعر هو. شعر ۾ واثق تخلص
هوس. فرمائي ٿو:
نگر در موج دار از باد هرگز آب آئينه
کجا حرف سبک از جابر درويش ضميري را
***
عجب مدار که مارا بچاه انداز د
درين زمانه شود يوسف برادر ما
***
از بهار خاکساري سرفرازي گل کند
از زمين يک قد آدم رسته ديده ام دانه را
***
پامال حادثات شود بي هنر مدام
خالي چوهست ني شکر بوريا شود
***
اگر طفل سرشکم تقرير خواهد شد
بروزي دعويٰ عشقت گريبان گير خواهد شد
***
اُميد رجعتم کرد از وطن بيرون ندانستم
که گرد راه غربت خاک دامنگير خواهد شد
هو بزرگ شاعر مير قناع ٺٽوي جو هم عصر هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن
پاڻ ۾ شاعري تي تبادله خيالات ٿيندا هون.
سندس وفات 1179 هجري ۾ ٿي آهي. (تحفه – مقالات)
328- آقا محمد ڪريم اصفهاني ٺٽوي
سلطان فرخ سير جي زماني ۾ امير محمد رضي خان حاڪم ٺٽي
سان 1137 ۾ دهلي مان ٺٽي پهتو. وڏي عزت سان سرڪاري
عهدي تي ممتاز رهندو آيو. جڏهن نادر شاهه ايراني
ملڪ تي قابض ٿيو تڏهن امين الملڪ ۽ وڪيل رعايا جي
عهدي تي پهتو. ننڍا وڏا سندس سخا ۽ مروت کان ڏاڍا
خوش هوندا هوا. سندس مجلس ۾ هميشه شاعرن جو ٽولو
رهندو هو. هر هڪ جي سندس قدر آهر خدمت ۽ پرداخت
ڪرڻ فرمائيندو هو. هو پورو لکيل پڙهيل ڪونه هو
مگر ان هوندي به پنهنجي طبعي ذهانت ڪري عمدو شعر
چوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن موتي پوئي ڇڏيندو هو. شعر ۾
عاشق تخلص ڪندو هو.
ٺٽي جي مشهور شاعر محمد محسن ويري سندس استاذ ۽ مصاحب
هو. محسن جو مشهور ڪتاب محک الکمال به آقا محمد
ڪريم جي تحريڪ سان جمع ٿيل آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ آقا
ڪريم عاشق جا به ڪيترا غزل درج ٿيل آهن. فرمائي
ٿو:
نمي دانم چه در سر دارد آشوب محفلها
صف مزگان سياهي ميرَند برغارت دلها
اگر از کاکل مشکين او تاري بدست اُفتد
بَسامان پِريشاني توان حل کرد مُشکلها
***
باهمه آهن دلي چون برمزارم بگزري
سنگ مقناطيس گرد د خاک دامنگير ما
پيکر ما سوخت از هجر تو اي ليلا صفت
ميشود مجنون مصور گر کشد تصرير ما
سندس ڪن غزلن جا جواب مير قانع لکيا آهن، جن جو تفصيل پنهنجي
شاهڪار مقالات الشعراء ۾ موجود آهي.
آقا محمد ڪريم ٺٽي ۾ 1155 ۾ وفات ڪئي. رحمت الله عليڪ
جي فقره مان سندس سال وفات حاصل ٿئي ٿو. (مقالات)
329- سيد محمد مير عدل بکري
اصل امروهه جو رهاڪو. عهد اڪبري جو هڪ وڏو عالم فاضل،
متقي، متشرع بهادر سيد محمد بن سيد منتخب بن سيد
بدهه بن سيد منتخب بن سيد راڄي بن سيد عزيز الله
بن سيد شرف الدين حسن شاهه ولايت، سيد شرف الدين
جو سلسلئه نسب امام علي نقي رضه سان وڃي ملي ٿو.
هو سهروردي طريقي جو خليفو هو. سلطان فيروز شاهه
تغلق جي زماني ( 752-793هه) ۾ پنهجي والد سان
ملتان مان هجرت ڪري امروهه ۾ وڃي رهيو، جتي سندس
اولاد تمام گهڻي انداز آباد ٿيندي وئي. سيد محمد
مير عدل پهريان پنهنجي وطن مختلف مدرسن ۾ معقول ۽
منقول جي تحصيل ڪري ان کان پوءِ امروهه ۾ برابر 20
سالن تائين درس تدريس جو شغل جاري رکيو. ملا
عبدالقادر بدايوني اڪبري دربار جو هيرو مصنف
منتخب التواريخ به سيد محمد جي شاگردن ۽ دوستن مان
هو.
سيد صاحب جي علمي شهرت کيس ڇڪي اڪبري دربار ۾ پهچايو.
966هه ڌاري بيرم خان جي معرفت جلال الدين محمد
اڪبر جي دربار ۾ پهچڻ کان پوءِ سندس علميت جو
اهڙو سڪو ڄمي ويو جو خود بادشاهه سندس ادب ۽ لحاظ
ڪرڻ لڳو. سندس تقوي ۽ انصاف پسندي سبب سرڪار ۾ هن
کي مير عدل جو عهدو ڏنو ويو. انهيءَ عهدي جو مطلب
آهي ته ڪڏهن به قاضي جو حڪم اختلاف واري حالت ۾
تيستائين جاري نه ٿي سگهي ٿو جيستائين مير عدل ان
جي اجازت نه ڏي.، ملا عبدالقادر لکي ٿو:
درين منصب جليل طريق عدالت و انصاف و صدق امانت ملوک
داشتي چنانچه قاضي قضات هم بجهة ملاحظه صلابت عمري
اوزار خيانت و خباثت باز مانده بود تازمانيکه اور
ابدربار بوجهه هيچ مبتدعي و ملحدي را قدرت رخته
انداختن در اين اسلام نبود بعد از و نام مير عدلي
برسانيد مرقع مجازي و عاريتي گشت. (منتخب
التواريخ)
اهوئي زمانو جو قدامت پسند علمائن کان تنگ اچي علامه
ابوالفضل ۽ فيضي جي ڪوشش سان بادشاهه جي دربار ۾
مذهبي وسعت جي تحريڪ هلي رهي هئي. تنگ گير عالمن
کي دور دراز ملڪن ڏانهن وڏن وڏن عهدن تي موڪليو
ويو ٿي، انهيءَ سلسلي ۾ سيد محمد مير عدل کي سنڌ
جي صوبي بکر جي گورنري واري معزز عهدي لاءِ
بادشاهي دربار مان مقرري جو پروانو صادر ٿيو.
جنهن صورت ۾ سيد محمد مير عدل شرعي ڳالهين ۾ سخت گير
هو ۽ هڪ وقت دربار اڪبري ۾ حاجي ابراهيم سرهندي،
محمد شاهه سرخ ۽ زعفراني رنگ واري ڪپڙي پائڻ بابت
ڪنهن حديث جي حوالي سان فتويٰ لکي آيو، جنهن جي
سيد محمد سخت مخالفت ڪئي. حاجي ابراهيم کي بدبخت،
ملعون جهڙا لفظ چئي کيس مارڻ لاءِ اٿيو مگر حاجي
ابراهيم شاهي مجلس مان ڀڄي جند ڇڏائي. اهي ئي
اسباب هوا جنهن ڪري ضرورت هئي ته اهڙي سخت ماڻهوءَ
کي درٻار کان دور بکر جهڙي سرحدي علائقي ۾ مقرر
ڪيو وڃي. از انسواءِ بادشاهه کي سيد صاحب جي علم
فضل ۽ تقوي سان گڏ سندس بهادريءَ تي به پورو ڀروسو
هو. هو ايڏو وڏو بهادر عالم هو جنهن بابت تاريخ ۾
آهي ته:
مرزا سيد محمد مير عدل از سادات هندوستان در کمال
فضيلت و شجاعت اختصاص داشت. (ماثر جهانگيري)
پهريان اگرچه ”نه صدي“ جو عهدو هوس مگر بکر جي گورنري
کان پوءِ هڪ هزاري جو عهدو عطا ٿيس ۽ بادشاهه
کيس هڪ ترار ۽ خلعت ۽ شاهي گهوڙو عطا ڪيو. آگره
مان پنهنجي فرزند ابوالفضل سميت 75 سالن جي ڄمار
۾ روانو ٿي اچي بکر ۾ پهتو. سيد مير معصوم بکري جو
ان وقت بکر ۾ موجود هو سو ان بابت لکي ٿو ته:
سيد محمد هڪ عالم سيد هو، بکر علائقي جي امامن جي صدارت
به سندس ئي حوالي ٿي ته هر هڪ لاءِ سندس لياقت آهر
وظيفو مقرر ڪري. جڏهن 11 رمضان 983هه بکر ۾ پهتو
تڏهن مخدومن ۽ معزز ماڻهن کي تمام عزت سان پيش
آيو. 50 هزار جريب سيدن، عالمن ۽ مشائخن جي گذران
لاءِ سندن لياقت آهر مقرر ڪيائين. بکر جا مخدوم
سندس زماني ۾ ڏاڍا آرام سان رهيا ٿي.
(معصومي)
انهيءَ زماني ۾ بکر پرڳڻي جي سيوي واري حصي ۾ ڪن ماڻهن
بغاوت ڪئي ته سيد محمد پنهنجي فرزند ابوالفضل کي
مقابلي لاءِ چاڙهي، موڪليو، جنهن صاحب بروهي ۽
بلوچن کي شڪست ڏئي سيوي کي فتح ڪري ورتو. مير سيد
صفائي شيخ الاسلام بکر جي قلعه سيوي جي فتح جي
تاريخ هيٺئين مصرعي مان ڪڍي آهي.
فتح سيوي شد باولاد نبي
984
ان کانپوءِ گاگڙي تعلقه ۾ منڱڻيجن جي قوم بغاوت ڪئي ۽
ڍل ڏيڻ کان نٽائڻ ۽ گسائڻ لڳا. سيد مير محمد مير
عدل اوڏانهن به فوج چاڙهي موڪلي، مگر مڱڻيجن هڪ
ڪوٽ ۾ پناهه وٺي سيد صاحب جي ماڻهن تي تيرن جو
مينهن وسائي، هنن مان گهڻائي شهيد ڪري ڇڏيا. پوءِ
هنن ڇا ڪيو جو سڀني کي سواءِ ڪنهن فرق جي هڪ کوهه
۾ اڇلائي زمين برابر ڪري ڇڏيائون.
آخر لاچار ٿي سيد صاحب پنهنجي فرزند ابوالفضل کي سيوي
مان گهرائي ورتو. جنهن مڱڻيجن کي مطيع ڪري پوءِ
بکر ۾ اچي پنهنجي والد سان مليو. (معصومي)
جڏهن سيد صاحب آگري مان بکر ڏانهن روانو ٿي رهيو هو
تڏهن ملا عبدالقادر سندس موڪلائڻ لاءِ ڪجهه پنڌ
تائين ساڻس ٻاهر آيل هو. اُتي ملا عبدالقادر
پنهنجي محسن ۽ مربي حسين خان شڪريه جي وفات جو
احوال بيان ڪندي سيد صاحب اڳيان، هن جا اوصاف ۽
اخلاق بيان ڪري رهيو هو ۽ سيد صاحب زار زار روئي
رهيو هو. جنهن مان معلوم ٿي رهيو هو ته کيس بکر
مان وري زنده واپس اچڻ جي اُميد ڪانه هئي، آخر اسي
ورهين جو ٻڍو ڪيترو جئي ڪيترو جيئندو!!
بکر جي گورنري جي عهدي تي خدمت ڪندي پورا ٻه سال گذريا
هوا ته طبع ۾ ڪجهه تڪيلف پيدا ٿي، جنهن ڪري سير
ڇوڙايائين، جنهن مان حد کان زياده رت وهيو ۽ ضعف
غالب پوندو ويو.، اها سير موت جو بهانو بڻجي آئي.
8 شعبان 985هه ۾ هي علم ۽ فضيلت جو آفتاب بکر ۾
غروب ٿي ۽ قلعي جي اندر سندس خاڪي جسم کي، خاڪ جي
حوالي ڪيو ويو. ”“سيد فاضل“ ”الله باالفضل“ جي
فقرن مان تاريخون ملن ٿيون.
(تاريخ امروهه جلد 2 از مولوي محمود احمد عباسي)
معصومي مان معلوم ٿئي ٿو ته سيد صاحب جي وفات کان پوءِ
سندس فرزند ابوالفضل کي ”گورنر بکر“ جو عهدو سپرد
ڪيو ويو.
330- مير بزرگ بکري
مير بزرگ ولد مير معصوم بکري، سندس والد بزرگ جي وفات
کان پوءِ سلطان نورالدين جهانگير جي مقربن مان
ٿيو. جنهن زماني ۾ سلطان خسرو ولد جلال الدين محمد
اڪبر جهانگير پنهنجي ڀاءُءَ سان بغاوت ڪئي هئي. ان
زماني ۾ مير بزرگ کي شهر جي ڪوٽوال هٿياربندي جي
حالت ۾ گرفتار ڪيو ۽ مٿس چغلي لڳائي وئي ته هي
سلطان خسرو جو ساٿي آهي، مگر مير بزرگ ان کان
انڪار ڪيو، جنهن تي بادشاهه پڇيس ته رات جي وقت
هٿياربند ٿي نڪرڻ جو ڪهڙو ملطب هو؟ عرض ڪيائين ته
مون کي پنهنجي والد جي وصيت آهي ته چوڪي واري رات
جو ضرور هٿيار ٻڌي هلندو ڪر. اُن تي چوڪي نويس به
شاهدي ڏني ته برابر اڄ رات مير بزرگ جي چوڪي جو
وارو هو. جنهن ڪري بادشاهه جي عتاب کان بچي ويو.
بادشاهه هن لحاظ سان ته شاهي خاندان ۾ پرورش ورتي
هوائين ۽ سندس والد جي سموري املاڪ کيس بخشي ڇڏي
هئي. ڪيترو وقت قنڌهار ۾ بخشيگيري (سرڪاري ملازمن
جي تخنواه ڏيڻ واري عهدي تي قائم رهيو. سندس والد
مير معصوم دولت بيشمار ڇڏي ويو هو. ان کي نهايت
بيدردي سان خرچ ڪندو رهيو ٿي. ايڏو مغرور ٿي ويو
جو ڪنهن جي اڳيان به نوڙت سان پيش نه ٿي ايو.
قنڌهار ۾ جيڪي به صوبيدار آيا ٿي، تنهن مان ڪنهن
سان به ٺهي نه هلندو هو. نوڪرن کي معقول پگهار
ڏيندو هو ۽ نهايت اميرانه ۽ پاڪيزه نموني ۾ رهندو
هو.
نظم توڙي نثر ۾ ڪماليت جو مالڪ هو. خوشخط به هڪ ئي
هو، مگر اڳتي هلي طبيعت تي غرور وڌيڪ سوار ٿيندو
ويس، جنهن ڪري ظالم ٿي پيو. آخر بادشاهه کيس
قنڌهار مان پاڻ وٽ گهرائي ورتو ۽ دکن ڏانهن ڪنهن
عهدي تي موڪلي ڏنائينس. اُتي به گهڻوئي وقت
گذاريائين، مگر فضول خرچي سبب سرڪار پاران جيڪا
پگهار مقرر ٿيل هئي، تنهن مان گذران جي پورت ڪانه
پئجي سگهيس، تنهن ڪري سرڪاري نوڪري ڇڏي، پنهنجي
وطن بکر ڏانهن موٽي اچي رهيو ۽ پنهنجي والد جي
زمين ۽ باغات تي قناعت ڪري ويهي رهيو. سن 1044هه ۾
هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي ويو. (ماثر الامراء)
مقالات الشعراء ۾ لکي ٿو ته:
”مير بزرگ ولد مير معصوم نامي بکري، طبع و فڪر رسا
داشته بزرگي حسب و نسب“ (نسخه قلمي)
سندس شعر جو نمونو هيٺئين ريت ڏنو اٿس:
دوش سودائي سر زلف کسي کرد گذر
سحر از هر سر موحلقه بپايم پيچيد
ان شعر کان سواءِ مير بزرگ جا ٻه قطعا تاريخ به آهن جي
پنهنجي والد بزرگ جي مناري تي، والد جي وفات
کانپوءِ جڏهن منارو تڪميل کي پهتو آهي، تڏهن لکيا
اٿس:
(1)
بدر فلک علي محمد معصوم
کزوي زمانه صيت نيکو نامي است
افراشت چنين بناءِ عالي
افراخته سر به چرخ مينا فاني است
تاريخ بناءِ او ملائک از عرش
گفتند جهان نما مناره نامي است
(2)
مير معصوم آن رفيع القدر
که از و کار دين به آئينه ست
کرد طرح منار تاگويند
کين پئي يدگار ديرينه ست
پير چرخ از براءِ تاريخش
ساق عرش برين گفت اين است
1026
انهيءَ قطعات جي هيٺان لکيل آهي:
قائلھ مير بزرگ بن سيادت پناهه مير محمد معصوم
331- شيخ محمد حيات سنڌي
محمد حيات ولد ملا ڦولاريو قوم چاچڙ عادلپور (لڳ
گهوٽڪي) ۾ پيدا ٿيو. سنڌ ۾ ڪجهه علم حاصل ڪري، ان
کان پوءِ مدينه شريف ۾ وڃي طلب علم لاءِ مقيم
ٿيو. وقت جي وڏي محدث عالم شيخ ابوالحسن محمد بن
محمد صادق ٺٽوي معروف به ابوالحسن ڪبير جي خدمت
۾ حديث جي تڪميل ڪيائين ۽ آئنده هلي عرب و عجم
جي استاذ ۽ ڳواڻ هجڻ جي عزت حاصل ڪيائين.
چون ٿا ته طالب علمي جي شروع ۾ ذهن سندس ڪند هو.
جنهن جي شڪايت پنهنجي استاذ سان ڪيائين، جنهن
صاحب پنهنجي ٽوپي لاهي سندس مٿي ۾ پاتي، جنهن
کانپوءِ هن جي ذهانت ۽ حافظو ايڏو کليو، جو ڪجهه
به پڙهيائين ٿي، سو ياد رهيس ٿي. آخر شيخ الحرم
ابوالحسن ڪبير جي وفات کان پوءِ سندس جاءِ تي مسجد
نبوي ۾ درس ۽ وعظ جي مسند تي ويٺو جنهن ۾ هزارين
ماڻهو شريڪ ٿيندا هوا. سندس مدرسه فيض مان عرب،
هندوستان، مراڪش، شام، مصر جي سون بزرگ محدثن بهره
فيض حاصل ڪيو، جن مان ڪن جا اسماء گرامي هيٺ ڏجن
ٿا:
شيخ احمد بن عبدالرحمان شامي، شيخ محمد سعيد صغير، شيخ
عبدالقادر خليل ڪدک مڪي، سيد عبدالقادر بن احمد،
سيد غلام علي آزاد بلگرامي، شيخ محمد فاخر محدث
الهه آبادي، شيخ غلام حسين معروف به ابوالحسن صغير
ٺٽوي مدني، محدث خيرالدين سورتي وغيره.
سندس شاگرد شيخ فاخر الهه آبادي پنهنجي استاذ شيخ محمد
حيات جي تعريف ۾ هڪ قصيدو لکيو آهي، جنهن ۾
فرمائي ٿو:
باد بر روءِ صفحه دوران
محفل آراءِ حلقه انسان
شيخ الاسلام عصر علامه
در فنون حديث فهامه
موشگاف دقائق ايمان
رازدان حقائق ايمان
رسته از حبس رتبه تقليد
بسته بر اجتهاد راءِ مزيد
درس فرماءِ مسجد نبوي
بطريق رشيق مصطفوي
آن محمد حيات بخت بلند
بحديث نبي قوي پيوند
متع الله زمرت الدعيان
بافاداتھ الي الازمان
سرمن خاڪپائي او بادا
جان من در رضاءِ او بادا
سنڌ جي وڏن عالمن مان علامه محمد معين ٺٽوي ۽ مخدوم
محمد هاشم سندس هم عصر آهن. علامه معين جي بعض
رسالن تي سندس رد آهن ۽ مخدوم محمد هاشم سان سندس
بعض مسائل تي مسلسل تحريري مناظرا رهيا ۽ ڌرين جا
ان باري ۾ رسالا موجود اهن.
شيخ محمد حيات شخصي تقليد جو قائل نه هو، هن جو حديث تي
عمل ڪرڻ تي زور هوندو هو ۽ ان باري ۾ سندس هڪ
مستقل رسالو به آهي. سندس تصنيفات مان هيٺيان ڪتاب
مشهور آهن. (1) شرح حلية الانوار (حضور رسول ڪريم
صلي الله عليه وسلم جي حليه مبارڪ جي بيان ۾) (2)
تحفة الانام في العمل بحديث عليه الصلواة و السلام
(3) الايقاف علي سبب الاختلاف (4) شرح ترغيب و
ترتيب اللمحدث المنذري (5) رد بدعات تعزيه (علامه
معين ٺٽوي کي جواب) (6) شرح اربعين نووي (7) تهرير
الاجارة علي العبارة (8) النهي عن عشق المردان
والنسوان (عشق مجازي جي ترديد) انهيءَ رسالي ۾ لکي
ٿو:
تلڪ لعمر الله الفثة الڪبريٰ و البيلة العظميٰ و القت الحرب بين
الشق و التوحيد و دعت اليٰ موالات ڪل شيطان مريد
اليٰ قوله و انما حڪي الله تعاليٰ – العشق عن
الڪفرة قوم لوط و امرات عزيز و ڪانت مشرڪة و
الفتنة بشق الصورتنا في ان يکون دين العبد ڪله
الله الخ –
حاصل مطلب هن عبارت جو هي آهي ته ”الله جو قسم ته
صورتن جو عشق هڪ وڏو فتنو ۽ وڏي بلا آهي.... عشق ۽
الله تعاليٰ جي هيڪڙائي واري مسئله ۾ جنگ جوٽيل
آهي، عشق شيطاني سرڪش جي دوستي ڏانهن داعي آهي.
الله تعاليٰ قوم لوط جي ڪافرن ۽ عزيز مصر جي
مشرڪياڻي زال جي عشق جو بيان آندو آهي. عشق جي
گرفتار جو سمورو دين الله تعاليٰ لاءِ ڪڏهن به نه
ٿي سگهي ٿو، بلڪه جيترو ڪنهن به انسان جو هن جي
دل ۾ عشق ويٺل هوندو ايترو سندس دين گهٽيل رهندو.
بلڪه ڪڏهن ته ڪن عاشقن وٽ دين جي هڪ ذرڙي به ڪانه
رهندي آهي. ظاهري صورتن جو عاشق قرآن شريف جي حڪم
جي مخالفت ڪندڙ آهي. جو ارشاد آهي ته ”مومنن کي
چئو ته هو پنهنجيون اکيون هيٺ ڪري هلن.“ عشق جون
گرفتار اکيون هيٺ ڪرڻ ته ڇا بلڪه ناجائز نظربازي
مان لذت حاصل ڪري ٿو. دل جو معشوق جي محبت ۾ ڦاٿو
رهڻ هڪ قسم جو شرڪ آهي. جيئن ته صحيح حديث ۾ آهي
ته دينار ۽ درهم جو ٻانهو يا عاشق ڏاڍو بڇڙو آهي.
(الخ) هي مسلسل مضمون محدثانه رنگ ۾ ڊگهو هليو ويو
آهي. (9) درحجة الجلية نواب صديق حسن خان شيخ محمد
حيات کي وقت جي مجددن مان لکيو آهي. سندس ڪن رسالن
هٿ اچڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته:
بعض رسائل شيخ محمد حيات فقير از مکه مکرمه آورده لله
الحمد الله
ايڏي فضل ۽ ڪمال واري بزرگ اربع ڏينهن 26 صفر سن
1163هه مدينه منوره ۾ وفات ڪئي، جنت البقيع ۾
هميشه لاءِ وڃي آراميو (لبة المرجان – تحاف
البنلاء)
332- سلطان علي خان ٽالپر حيدرآبادي
سلطان علي بن سعيد خان ٽالپر بلوچ، حڪيم، فلسفي، فلڪي،
نجومي، عربي، فارسي جو وڏو عالم نقشبندي طريقي جو
صوفي هو.
سندس تصنيفات مان ”زيچ سلطانعلي خاني“ جو هڪ نسخو قلمي
موجود آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو هندي
ساشتري جو به عالم هو. سندس زيچ سنڌ ديس جي لحاظ
کي سامهون رکي لکي وئي آهي، ڇاڪاڻ جو قديم زمانه ۾
جيڪي به زيچون يا تقويمون لکيون ويون آهن تن ۾ سنڌ
جي ولايت جو گهٽ لحاظ رکيل آهي، تنهن ڪري سنڌ کان
ٻاهر وارين زيچن جي بجاءِ هن هندستان جي هندو
فلاسفرن ۽ حڪمين جي آسماني حساب کي سامهون رکي هڪ
مڪمل زيچ تيار ڪئي آهي. لکي ٿو ته:
چون در عمل زيچات قديم مثل زيچ يزد جردي و زيچ ماموني و
زيچ ملکي و زيچ سمرقندي اي الخ بيگي تفاوت در
تقاويم خصوص در کسوف و خسوف از مرور دهور يا از
اختلافات عرض اقاليم در ملک سند بنظر رسيد و تصحيح
آن بغير ازارصاد جديد متعز رايد و حساب اهل هند
چه در تقاويم و چه در کسوفات و خسوفات در اين ديار
بي تفاوت و بر قرار چرا که اين ملک تعلق به هند
دارد زيچات اهل هند مثل زيچ مهاديو و زيچ برمن – و
زيچ جند راز کي، و زيچ قرن قيصري و زيچ تت منجري
که بزبان شاستر اند از حکيمي ماهر که از کاشي
بااراده سير در انيجا رسيده در معدود اليام
بجدوجهد مالا کلام بمطالع آورده زيچ نو بزبان
فارسي موافق زيچ مهاديوي که عمل آن بموجب هفتده
هزار پانصد سال بحال خواهد ماندا ملا نموده شد“
هن مان ظاهر آهي ته سندس تقويم يا زيچ جو بنياد سنسڪرت
جي مهاڏيوي زيچ تي رکيل آهي، اها زبان ۽ اکر اله
آباد جي هڪ پنڊت کان حاصل ڪيائين جو سنڌ ۾ سياحت
لاءِ آيو ۽ سلطان علي خان وٽ اچي مهمان ٿي رهيو.
ٽالپرن جي حڪومت جو سنڌ ۾ سج غروب ٿي رهيو هو، جنهن ڪري
عالمن ۽ حڪيمن جي بيقدري جي شڪايت ڪئي اٿس ۽
خصوصا زمانه جي حاڪمن جي بي پرواهي بابت گهڻو
ڪجهه لکيو اٿس. هن پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان
نقشبندي لواري جي تمام ڊگهي واکاڻ ڪئي آهي. آخر ۾
عارف جامي جي هڪ قطعه کي تعريف ڪندي لکي ٿو:
مکه که يثرب بطحا زدند، نوبت آخر به بخارا زدند، هر چه
به آن شاه بخارا رسيد، باز ذکربه لواري رسيد – زيچ
رمضان 1219هه ۾ لکي اٿس جنهن مان معلوم ڪري سگهجي
ٿو ته هو تيرهين صدي جي رجالن مان آهي. |