333- شيخ عزت الله ٺٽوي
عزت الله هڪ فاضل عالم، عاقل زمانه جو بزرگ هو. سندس
تدبير ۽ مشوره هميشه بي خطا ۽ ڏاڍو سنجيده هوندو
هو. ولادت 1108هه ۾ ٿي.، جيئن ته هڪ شاعر سندس
ولادت جي تاريخ جو سال هيٺين فقره مان ڪڍيو آهي.
”عزت الله مدام باعزت“ ٿيو به ائين جو هميشه
پنهنجي عقلمندي ۽ عمده راءِ جي سبب ٺٽه ۽ ٻين ملڪن
جي اميرن وٽ هميشه عزت سان رهندو آيو. گهڻو ڪري
ٺٽه جي حاڪمن پاران بادشاهن يا گورنرن جي درٻارين
۾ وڪالت جي خدمت کي سهڻي نموني ۾ سرانجام ڏيندو
رهندو هو. بعض وقتن سڌو سنئون ڪن حاڪمن جي بجاءِ
نائب طور به ملڪراني جون مهمون سرانجام ڏيندو
رهيو. آخر هو ٺٽه ۾ هڪ دفعه سورت بندر وڃي پهتو
جتي صفدر خان سورة جي حاڪم کيس پنهنجي سنگت لاءِ
منتخب ڪيو. عزت الله اتي رهي اهڙا ڏکيا سياسي ڪم
پنهنجي تدبير سان حل ڪيا جو وڏا وڏا عقلمند حيران
رهجي ويا. آخر 58 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي وطن ٺٽي
۾ وفات لڌائين. آقا محمد صالح واثق هيٺين فقره مان
سندس سال وفات ڪڍيو آهي. ”بعزت رفته“
1164 (مقالات)
334- شيخ رحمت الله ٺٽوي
رحمت الله ولد شيخ عزت الله شاعر فاضل، عالم عاقل،
پنهنجي والد جي جاءِ تي ٺٽه جي نوابن جو وڪيل
ٿيندو رهيو. فارسي جي نثر ۾ زبردست انشاء پرداز ۽
نظم جو بيحد سنجيده شاعر هو. مير علي شير قانع
(متوفي 1203) لکي ٿو ته هو منهنجو همعصر ۽ گهاٽو
دوست آهي. مقالات شعراء (سنڌ جي فارسي گو شاعرن جي
تاريخ) سندس ترغيب يا خواهش ڏيکارڻ تي لکيو ويو.
هو گفتگو ڪندي ڪيترا مصرع موزون ڪندو ويندو هو. هن
جي تقرير گويا انشاء پردازي جو نمونو هوندو هو ۽
سندس نظم به ٻين کان گهٽ نه هوندي هئي مگر شاعري
جي وادي ۾ سياحت جو گهٽ توجه رهندو هوس. ڪڏهن
ڪڏهن ڪو بيت يا غزل موزون ڪندو هو ۽ مون کان سرشار
تخلص قبول ڪيو هوائين. مرزائي ۽ عياشي مٿس ختم
هئي. هڪ دفعي نهايت عشرت جي حالت ۾ هيٺيان شعر
سواءِ ڪنهن ويچار ۽ فڪر جي موزون ڪري ورتا
هوائين.
آتش صهبا اگر هست آبرو درکار نيست
هر چه بادا باد مارا خاک برسر ريختن
آتش شوق ترا گرچه کباب ست از جگر
خوش بود از دل طپيد نها نمک انگيختن
(مقالات)
اگرچه سندن وفات جو سال معلوم نه ٿيو آهي، مير علي شير
جي همعصر هجڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ٻارهين صدي
جي رجالن مان آهي.
335- شيخ محمد محفوظ ٺٽوي
محمد محفوظ سرخوش تخلص ولد شيخ محمد مريد قانگو، محمد
مريد اصل سيوهڻ جو رهاڪو، نو مسلم راءِ زادو آهي،
سلطان عالمگير جي زماني ۾ خان گوئي جي عهدي تي
قائم رهي ٺٽي ۾ ئي وفات ڪيائين.
مير قانع سرخوش جي وصف ۾ لکي ٿو:
جامع فنون کمال و بلاغت، سراپا شخص استعداد و متانت
روح مجسم معنيٰ انساني، انسان عين نکته داني در
تارگي خيال مشهور در تارگي مقال محشور“
بيحد خوش خلق ۽ سراپا تواضع، هر هڪ ماڻهو سان پوءِ اهو
ننڍو هجي يا وڏو نهايت نيڪي سان يپش ايندو هو. ٺٽي
جي شاعرن ۾ سندس وجود وڏي غنيمت هو.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وٽ کيس وڏو مرتبو ۽ مان حاصل هو
۽ مقربن مان هجڻ ڪري کيس سرڪار سفارت يا وڪالت
سان پرديس به وڃڻو پوندو هو. هڪ دفعي ميان صاحب جي
وڪالت سان ڪابل ۾ سردار جهان خان افغان وٽ مهمان
هو ۽ ڪابل ۾ سرڪاري قلعه تعمير ٿي چڪو آهي، جنهن
جي اختتام جي تاريخ هيٺئين فقري مان ڪڍيائين. ”اين
حصن طلسم احمد شاهه“
1168
سيوهڻ جو هڪ سيد سڳورو وفات فرمائي ويو. ان جي وفات جي
تاريخ هيٺئين صلوات شريف مان ڪڍي اٿس.
اللهم صل سيدنا و حبيبنا محمد و عليٰ آله وبارڪ وسلم
1149
هو مير قانع ۽ غلام علي مداح جو معاصر هو. مير قانع لکي
ٿو ته ”فقير را بخدمتش ارتباطي حاصل و اکثر در
مشاعرت شامل“ شروع ۾ فدائي تخلص ڪندو هو. ان کان
پوءِ سرخوش تخلص ڪيائين. سندس ڪلام جو نمونو هي
آهي.
صلح کردم ببوسه دهنش
چه کنم وقت تنگ مي باشد
ٻارهين صدي جي شاعرن ۾ شمار ٿيل آهي. (مقالات و تحفه)
336- سيد لطف علي ٺٽوي
سيد حاجي لطف علي شڪر اللهي ٺٽوي مير علي شير قانع جي
خاندان مان فارسي عربي زبانن جو فاضل ۽ هڪ اهل
قلم بزرگ هو. سنڌ ۾ انگريزي سلطنت جي شروعات ۾ جن
جن علم وارن کان انگريزن پنهنجي حڪومت مضبوط بنائڻ
۾ ڪم ورتو، تن مان هي صاحب به هو. ڪراچي جي ڪليڪٽر
ميجر هنري پريڊي صاحب سان تمام گهاٽا لاڳاپا هوس.
انهيءَ زماني ۾ تنخواهون تمام گهٽ ملنديون هيون.
تنهن وقت سيد صاحب جي تنخواه ٻه سؤ پنج رپيا مقرر
ٿيل هئي. سال 1272هه مطابق 1856ع ميجر پريڊي جي
سفارش سان سيد صاحٻ جي اسلامي ملڪن جي سياحت لاءِ
12 مهينا موڪل سنڌ جي ڪمشنر مسٽر فريئر صاحب منظور
ڪئي ۽ ان سان گڏ عربي، فارسي ۽ انگريزي زبانن ۾
کيس سفارش نامو يا پاسپورٽ به ڪمشنر جي دستخط سان
ڏنا ويا ته جيئن عراق ۽ عرب جي سياحت واري زماني
۾ کيس ڪابه تڪليف نه رسي. سيد صاحب ڪراچي مان
روانو ٿي خليج فارس جي بندرگاهه تان ٿيندو بصره،
بغداد، نجف، ڪربلا مان ٿيندو يمن جي بندرگاهن جي
سياحت ڪندو اچي حجاز مقدس ۾ پهتو. ان کان پوءِ
جڏهن ڪراچي ۾ وارد ٿيو، تڏهن انهيءَ سفر ۽ سياحت
جي روزنامچي کي مسٽر فريئر جي حڪم موجب فارسي زبان
۾ ”تحفت الباصرين“ جي نالي سان جمع ڪيائين، جو
سرڪاري خرچ سان ڇاپجي پڌرو ٿيو. سمورو سفرنامو
سياسي رنگ ۾ لکيل آهي. هر هنڌ انگريزي حڪومت جي
واکاڻ ۽ ترڪي يا اسلامي سلطنت جي بدانتظامي جون
دانهون ڪيل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ لکيل آهي.
پس از سلک فرخ براءِ ثواب
دهد شرح تاليف سال ڪتاب
بگفتا يکي هاتف اين چنين
بتاريخ گو ”تحفت الصابرين“
1272
شاهه صاحٻ جو سفر 7 ربيع الثاني سن 1272هه جي شروع ٿيو
۽ واپسي 5 مهينن کان پوءِ ٿي، تنهن ڪري ڪتاب جي
تصنيف ۾ هڪ سال گهٽ ٿئي ٿو. جنهن ڪري لکيو اٿس
ته:
”درر اين ضمن احوال هر روزه از روز رانگي تابه يوم ورود
به هر جا و هرمکان و هر منزل پيش خود که بيادگيري
درج نمودم چون الحال بسلام کيميا نظام جناب کمشنر
صاحب بهادر معظم اليه (فريئر صاحب) و کلکٽر
صاحببهادر مشار اليه (بريڊي صاحب) رسيدم. موافق
امر والا و حکم معليٰ صاحبم مدوح صدر همان تمامتر
کيفيت را بطريق نسخه بصارت سليس که بفهم هر کس بر
سد موسوم به ”تحفت الباصرين“ که از حسن اتفاق و
يمن اعراق سال حج و زيارات در نامش الحاق يافته و
سال ورود بعون الله الاحد الودود بزيادتي يکسال
صورت مي بندد بطور تعميه درست کرده پيشکش محفل
نسيف و مجلس لطيف آن قدردان سخن پرسان اين فن سا
ختم“
هن عبارت جي پوئين ٽڪڙي مان ظاهر آهي ته سال تصنيف سن
1273 آهي جو تعميه جي رنگ ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو.
سيد صاحب جي وفات جو سال معلوم نه ٿي سگهيو آهي، مگر
سندس ڪتاب مان ظاهر آهي ته هو 13 صدي جي ر جالن
مان آهي.
337- عبدالعلي سنڌي
ملا عبدالعلي سنڌي شاهجهان جي زماني ۾ پاٽ ۾ رهندو هو ۽
اُتي ئي وفات ڪيائين. فارسي جو عمدو شاعر هو. آخر
ڄمار ۾ دنيا جي گفتگوء کان خاموشي اختيار ڪري ”من
سکت سلم“ يعني ته ”جنهن ماٺ ڪئي سو بچيو“ ساکت
تخلص رکيائين ۽ آخر وقت تائين ماٺ ۾ رهي دنيا جي
آفتن کان مامون رهجي ويو. پنهنجي حال تي هڪ مثنوي
لکي اٿس، جنهن ۾ لکي ٿو ته:
دل از اشغال دنيا تا کشيدم
مي اخلاص حق هردم چشيدم
به بستم لب ز گفت و گوئي هرزه
بسر معني حق يا فتم ره
بقدر فهم گر طالب کند جو
مشامش بايد از اسرار حق جو
(مقالات)
شاهه جهان جي زماني ۾ هجڻ ڪري هو ٻارهين صدي جي شاعرن
مان معلوم ٿئي ٿو.
338- شاهه اسماعيل صوفي ٺٽوي
اصل نالو اسد الله معروف به شاهه اسماعيل صوفي ولد شاهه
نعمت الله ولد شاهه محمد يوسف ولد شاهه محمد
يعقوب ولد شيخ شاهه ابوالقاسم هروي.
ابوالقاسم جي نسب جو سلسلو شيخ عبدالله انصاري (
) هروي سان ملي ٿو. هي بزرگ پهريائين هرات مان ٺٽي
۾ اچي مقيم ٿيو ۽ اتي ئي اهل عيال وارو ٿي گذاري
ويو. سندس هر هڪ بزرگ صاحب تقويٰ ۽ ڪماليت جو ٿي
گذريو جن مان شاهه اسماعيل وقت جو هڪ وڏو بزرگ ۽
ڪرامتن ۽ وڏي ڪمالات جو مالڪ هو. هندستان مان شاهه
عاشق الله نالي هڪ وحدة الوجود مذهب رکندڙ صوفي
ٺٽي ۾ وارد ٿيو، ان کان فيض تصوف جو حاصل ڪري
خلافت جو خرقه ڍڪيائين ۽ شاهه عنايت الله صوفي
جهوڪ واري سان دوستي ۽ اخلاص جا گهاٽا تعلقات هوس.
مير قانع فرمائي ٿو ته:
”در تته باين نزديکي همچو صاحب کمالي برنخواسته و زبان
قاصر هر قدر که وصف کمالش بيان نمايد هنوز قاصر
ست و خوار قاتش ابهر“
يعني ته ٺٽي ۾ هن ويجهڙائي ۾ ايڏي ڪماليت جو بزرگ ڏسڻ ۾
ڪو نه آيو. جيتري به سندس ڪماليت جي واکاڻ ڪجي ته
زبان قاصر رهجي وڃي ٿي. سندس ڪرامتون بلڪل پڌري
پٽ پڌريون آهن. شاهه اسماعيل صوفي گهڻو ڪري مثنوي
شريف جو درس ڏيندو هو. هڪ ڏينهن درس ڏيندي اوچتوئي
سندس حالت متغير ٿي وئي ۽ سندس سموري بدن تي چهبڪ
جي ڌڪن جا اثر ظاهر ٿيڻ لڳا، هڪدم وڏي چادر
گهرائي بدن تي ڪري اوڍياين. آخر معلوم ٿيو ته ٺٽي
جي ڪوٽوالي ۾ ڪنهن ڏوهاري کي ڦٽڪن جي سزا ملي رهي
هئي، جنهن جو اثر شاهه صاحب جي بدن تي ظاهر ٿي
رهيو هو.
شاهه اسماعيل صوفي عام ماڻهن جو خدا ڪارڻ علاج به ڪندو
هو بعض حالتن مرڻ جي ويجهو ماڻهوءَ لاءِ دوا وٺڻ
لاءِ ايندا هوس ته علاج اهڙو ڏسيندو هو جو حڪيم
ته ڇا ڪو ڄٽ به اها دوانه ڏسي مگر سندس زبان جي
اثر ڪري بيمار چڱا ڀلا ٿي پوندا هوا.
مثنوي شريف جي درس وقت هڪ خاص ڪيفيت پيدا ٿيندي هئي،
ماڻهو ان مان لطف ۽ لذت حاصل ڪندا هوا. هميشه ذڪر
جي شغل سان غرق رهندو هو. جنهن کي به سندس خدمت
نصيب ٿي ته گويا وڏي سعادت نصيب ٿي. سندس خاص
مريدن مان شاهه عبداللطيف صوفي ۽ شاهه محمد مسعود
ولهاري آهن. شاهه اسماعيل ڪڏهن ڪڏهن صوفيانه
انداز ۾ شعر به چوندو هو. سندس شعر جو نمونو هي
آهي:
دوست گرچه جمله مغز و پوست ما است
در برون هر چيز بينم دوست ما است
ٻارهين صدي جي وچ ڌاري وفات فرمايائين. سال بسال سندس
مزار تي عام ماڻهن جو وڏو ميلو لڳندو آهي. دنيا
مان لاولد فوت ٿي ويو. (تحفه – مقالات)
339- شاهه عبداللطيف صوفي ٺٽوي
وحدت الوجود جو قائل ۽ تصوف ۾ هڪ وڏي جماعت جو مرشد
شاهه اسماعيل صوفي ٺٽوي جو دوست ۽ مريد هڪ بي نفس
بزرگ هو. مشهوري کان ڀڄندڙ ۽ وڏين ڪرامتن جو
مالڪ، علامه محمد معين ٺٽوي جي دوستن مان هو. هڪ
دفعي مخدوم محمد معين سندس ملاقات لاءِ آيو.
موسيقي يا راڳ بابت گفتگو ڇڙي هلي. صوفي عبداللطيف
مخدوم عرض ڪيو ته راڳ جي علم ۾ مون کي به ڪافي
دخل آهي. ان کان پوءِ اهڙي خوش انداز ۾ ڳايائين
جو حاضرين حيران رهجي ويا. هڪ عجيب ڪيفيت ماڻهن
جي دلين تي ڇائنجي وئي. هن جون ڪرامتون حد کان
زياده آهن. جنهن صورت ۾ مشهوري ڪرائڻ کان دڄندو
هو، تنهن ڪري ڪرامتن لڪائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن فارسي ۾ شعر به چوندو هو.
هيٺيان شعر سندس ڪلام مان آهن:
آئينه دل چون صاف باشد
بر عکس همه معاف باشد
يعني چو بد و شدي تو لاحق
چيزي نبود در و نت بجز حق
پس هر چه کسي ز تو نباشد
تو رفته بغير او نباشد
(مقالات و تحفه)
هن شعر مان سندس صوفيانه مسلڪ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو
ته هو ڪهڙي خيالات جو هو. وفات جو سال معلوم نه
ٿي سگهيو مگر سندس معاصرين جي مدنظر تي هو ٻارهين
صدي جي صوفيائي ڪرام مان آهي.
340- شاهه مسعود ولهاري صوفي
شاهه محمد مسعود ولهاري شاهه اسماعيل صوفي ٺٽوي جي وڏن
خليفن ۽ فيض يافته بزرگن مان هو. شروع ۾ هن ظاهري
علمن جو درس حاصل ڪيو ۽ وقت جي وڏي عالم مخدوم
محمد قائم ٺٽوي وٽ سمورن علمن جي تحصيل ڪيائين ۽
علم ۾ وڏي شهرت حاصل ٿيس. ان کان پوءِ تصوف ۽
باطني ريت خدا شناسي جو جذبو پيدا ٿيس. پنهنجي
مرشد جي صحبت ۾ مثنوي مولانا روم جو مطالعو شروع
ڪري پوري ڪماليت تي ان کي پهچايائين. جڏهن شاه
اسماعيل صوفي سندس مرشد جي وفات ويجهي آئي تڏهن
کيس ارشاد ڪيائين ته سلوڪ جي باقي منزل کي شاهه
جهان آباد (دهلي) جي مشهور صوفي غلام محمد جي
خدمت ۾ رهي تڪميل پهچائي. حڪم جي ت عميل ڪندي
شاهه جهان آباد پهچي شاهه غلام محمد صوفي (شاهه
عنايت الله جهوڪ واري جي مرشد) جي خدمت ۾ پهچي،
باقي رهيل مدعا کي رسي پوءِ وري ٺٽي ۾ واپس اچي
رهيو. مير قانع لکي ٿو ته:
اکنون همچو بجناب در سلسله صوفيه کسي در تته نيست درس
م ثنوي خوب ميدهد“
سوين ماڻهن سندس درس ٻڌڻ کان پوءِ بيهودگين کان توبه
تائب ٿي هڪ طرف ٿي رهن ٿا. (تحفته الڪرام)
مير علي شير قانع جي معاصرت کي هي صوفي ٻارهين صدي جي
پاڪ باطن بزرگن مان ٿي گذريو آهي. (تحفه وغيره)
341- ميان شيخ محمد بکري
ميان شيخ محمد اگرچه ٺٽي ۾ رهي ڪماليت حاصل ڪئي مگر
سندس اصل وڏا بکر جي ٻهراڙي جا هوا، جن مان سندس
ڏاڏو ساڳي نالي حاجي حافظ محمد نالي ٺٽي ۾ وڃي
رهيو. سندس اولاد مان مٿيون شيخ محمد علم لاءِ ملڪ
جي سياحت ڪندو ۽ علومحاصل ڪندو رهيو ۽ ڪيترن ئي
علمن ۾ مهارت ۽ ڪماليت حاصل ڪري ٺٽي ۾ واپس آيو.
خاص طرح علم تشريح، طبابت، حڪمت ۾ بقراط ثاني هو.
اکين جي بيمارين ۾ خصوصيت سان ڪمال حاصل هوس. علم
طب ۽ خاص طرح اکين جي بيمارين جي تشخيص ۽ تداوي ۾
هڪ وڏو ڪتاب جوڙي تيار ڪيائين، جنهن تي سالن جا
سال محنت ڪندو رهيو، مگر اهو ڪتاب اڃا پورو ئي
نه ٿيو هو ته سن 1174هه ۾ هن دنيا جي مطالعي کان
اکيون بند ڪري راهه رباني وٺي رمندو رهيو!! (تحفه)
342- مولوي محمد صادق ٺٽوي
محمد صادق ولد ميان محمد سعيد واعظ ولد مخدوم عنايت
الله جو اهو بزرگ حال قال جو مالڪ هو. اگرچه اکين
کان نابينا هو مگر ان هوندي به هميشه خلق کي علمي
فائدو پهچائيندو رهيو ۽ سندس مجلس وعظ ڏاڍي
اثرائتي هئي. سندس فرزند محمد سعيد به فقيري ۽
فضيلت سان سينگاريل هو. مولوي محمد صادق مخدوم
عنايت الله جو پوٽو جنهن جو ذڪر ٿي رهيو آهي، وقت
جو وڏو عالم ۽ معقولات ۾ بينظير فاضل هو،. علامه
مخدوم محمد معين جي شاگردي سبب هن کي منطق ۽
فلسفي ۾ وڏو دستگاهه پيدا ٿيل هو. سوين شاگرد سندس
مدرسي مان فيض ياب ٿيا جن مان مخدوم نعمت الله
ٺٽوي هڪ مشهور بزرگ آهي. خواجه محمد زمان بزرگ
لواري وارو به سندس شاگردن مان آهي. مولوي
محمدصادق سيد عبداللطيف ڀٽائي جو خاص مريد هو.
ٺٽي جو ناظم شيخ شڪرالله ۽ شيخ السلام ميرک محمد
احسن هن بزرگ جي ڏاڍي عزت ۽ احترام ڪندا هوا. ڪڏهن
ڪڏهن شعر به چوندو هو. شاهه عبدالڪريم بلڙي واري
جو ان زماني ۾ نئين سر گنبذ بڻايو ويو ته مولوي
محمد صادق هيٺين ريت تاريخ چئي: چه درگه کريمست
مجلائي هق. باوجود فقر آشنائي جي شهرت کان دور رهي
سموري زندگي بي تڪلفي سان گذاريندو رهيو ۽ پيري
مريدي کان پري ڀڄندو رهيو. ٻارهين صدي جي علماء
ڪرام مان آهي.
343- مخدوم محمد صادق ٺٽوي
محمد صادق ولد ميان عبدالجميل ولد مخدوم احمد علي
قمري، احمد علي ٺٽه جي مشهور ولي ڪامل مخدوم آدم
نقشبندي جو ڀاءُ هو ۽ کيس خوش الحاني سبب قمري جو
لقب ڏيندا هوا. سندس فرزند عبدالجليل ٺٽي جي مشهور
فاضل مخدوم ضياءَ الدين جو داماد هو جنهن مان
مخدوم محمد صادق پيدا ٿيو. محمد صادق علمي خاندان
سبب نوجواني ۾ ئي سمورن علمن جي تحصيل ڪئي. ان
کان پوءِ حرمين شريف جو سفر ڪري حديث جي سند حاصل
ڪري ٺٽي ۾ اچي رهيو. ڪن معتقدن جي ڪشش ۽ ڪوشش سان
جهونا ڳڙهه وڃي رهيو جتي سندس تمام گهڻي عزت ۽
احترام ٿيندو رهيو. هڪ دفعي ٺٽي ۾ واپس اچي جڏهن
دوباره جهونا ڳڙهه ڏ انهن ڪڇ ڀڄ رياست مان لنگهي
وڃي رهيو هو ته ”نري“ جي ڳوٺ ۾ اڌاري حياتي کي
ٻارهين صدي جي پوئين اڌ ۾ حقيقي مالڪ جي حوالي
ڪيائين ۽ اُتي ئي دفن ٿيو. (تحفه الڪرام)
مير قانع مقالات ۾ لکي ٿو ته زبان جو اهڙو چترو صاف گو
هوندو جو گفتگو ڪندي نثر کي نظم ۾ ادا ڪندو
ويندو هو. سندس طبيعت جي ذڪاء تي فخر ڪرڻ گهرجي.
هڪ دفعي علامه فيضي جي هيٺين غزل تي گفتگو ٿي رهي هئي
جو انهيءَ غزل جو هر هڪ مصرع چئن بحرن ۾ تقطيع
ڪري سگهجي ٿو.
اي خم ابروء تو تيغ جفا
حلقه گيسوي تو دام بلا
خنجر پهلوي تو تيغ اجل
غمزه بدخوي تو تير قضا
بسته بازوئي تو ترک ختن
کشته آهو تو شير خطا
در رخ نيکوي تو نور ازل
در لب جادوي تو سر فدا
تافته بازوئي تو دست هوس
دوخته هر سوئي تو چشم هوا
خستئه هندوي تو فيضي زار
تشنئه دارو ئي تو بهر دوا.
انهيءَ غزل جي عروضي صنعت موجب هيٺين بحرن تي تقطيع
ڪري سگهجي ٿي. (1) رجز مطلوي مفتعلن مفتعلن فاعلن
(2) خفيف فاعلاتن مفاعلن فعلن (3) رمل سالم –
فاعلاتن فاعلاتن فاعلن (4) رمل مجنون، فاعلاتن
فعلاتن فعلن.
جڏهن مخدوم محمد صادق اهو غزل ٻڌو سواءِ ڪنهن ويچار غور
و فڪر جي هڪدم هيٺيان شعر علي البديهه نظم ڪيائين:
نزهت مينوء تو رشک ارم
جلوه مه روئي تو فضل خدا
يافته نيروي تو قدر قدر
تافته بازو تو دست قضا
صادق در جوي تو شام و سحر
داشته در کوئي تو چشم رجا
هن شعرن کي تقطيع ڪيو ويندو ته ساڳا چار بحر حاصل
ٿيندا، مير قانع لکي ٿو ته انهي مجلس ۾ آءٌ به هوس
جو سندس ادني شاگرد آهيان، مون به سندن فيض صحبت
جي برڪت ڪري هيٺيون غزل ساڳي زمين ۾ چيو:
اي خم ابروء تو قبله نما
گيسوي هندوي تو مشک خطا
ازلب عيسيٰ تو مزده حيات
طلعت نيکوي تو بد رسما
بسته جادوء تو سحريري
کشته بازوء تو شير و غا
شد فدا الجوي تو نخل مراد
پرتوي مه روئي تو نور خدا
خسته هندوي تو قلب حزين
قانع داروي تو صبح و مسا
(مقالات)
سندس معاصرين ۽ حالات مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ٻارهين
صدي جي رجالن مان آهي.
344- ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي
ميان محمد صادق نقشبندي جامع فنون کمال ظاهري و باطني
بوده و مريد قطب وقت شاهه عبداللطيف ڀٽائي المعروف
بتارک الدنيا بزرگ سيد عبدالکريم صاحب موضع بلهڙي
مي باشد. (مقالات)
يعني ته محمد صادق نقشبندي ظاهري ۽ باطني ڪمالات جو
جامع ۽ شاهه ڀٽائي جو مريد هو.
مخدوم محمد اشرف نقشبندي ولد مخدوم آدو معرف به مخدوم
آدو ٺٽوي جو ناٺي هو. انهيءَ ميان محمد صادق
نقشبندي جو فرزند ميان غلام حسين معروف شيخ
ابوالحسن صغير مدني محدث مدينه شريف ۾ وڃي رهيو
جتي عرب و عجم کي علم حديث سان فيض ياب ڪيائين
جنهن جو ذڪر علاحده اچي رهيو آهي. ميان محمد صادق
ڪڏهن ڪڏهن صوفيانه انداز ۾ شعر شاعري ڏانهن به
توجه ڪندو هو. سندس شعر آهي:
نيست در آئينه کثرة را وجود
از صفائي دل شود حاصل شهود
سيد حبيب الله حضرت شاهه ڀٽائي جي والد جي وفات جو سال تاريخ
هيٺين حديث مان استباط ڪيو هوائين.
الموت جسريو صل الحبيب للقاء حبيب
1144 (تحفه و مقالات)
سندس سال وفات مقرر طرح معلوم نه ٿي سگهيو. 12 صدي هجري
جي رجالن مان آهي. سندس مقبره حضرت مخدوم آدو
نقشبندي جي پيراندي کان آهي.
345- شيخ محمد سرفراز ٺٽوي
شيخ سرفراز ولد مرزا شاد ڪام هڪ نو مسلم نوجوان سرڪاري
ملازم اميرانه زندگي جو مالڪ هو. اصل ۾ ٺٽي جي
راءِ گهراڻي، ديوان دولت رام جي اولاد مان هو،
جنهن ڪري اسلام کان اڳ به هو عزت جا مالڪ هوا ۽
اسلام کان پوءِ ساڳي سرفرازي ۽ عزت سان رهيا.
نوجواني جي زماني ۾ ڪنهن ماهه وش تي عشق ٿي ويس،
جنهن ڪري حال کان بي حال بڻجي پيو.، مطلوب جي ڪشش
۽ محبوب جي جذبي جنهن حال مان بي حال ڪيس ته ان
جي تاريخ ”غلبه مطلوب“ جي فقري مان حاصل ڪيائين.
1124
سندس والده وفات ڪري وئي، ته قرآن شريف جي آيت شريفه ”وادخلي
جنتي“ مان سال رحلت جو حاصل ڪيائين. مير قانع
1114
لکي ٿو ته:
”بر اهل فن پوشيده نخواهد بود که تاريخ قراني بصفت
تاثيث چنين از نادر الوقوعات است بلکه معدوم
الوجود“
يعني ته تاريخ گوئي جي فن وارن تي مخفي نه هوندو ته
مؤنث جي صفت سان هن جهڙي قرآني تاريخ يعني وادخلي
جنتي بلڪل نادر بلڪ ناياب آهي.
آخر زماني ۾ هن بزرگ قرآن شريف حفظ ڪيو ۽ بيت الله شريف
جي حج جو شرف حاصل ڪيو. 1169هه ۾ هن دارفاني مان
لاڏاڻو ڪري هميشه لاءِ حقيقي مطلوب سان وڃي مليو.
(مقالات)
346- حاجي فقير الله علوي
عارف بالله حاجي فقير الله بن عبدالرحمان علوي، حنفي
جلال الدين شڪارپوري.
سندن سلسله نسب امام محمد بن حنفية حضرت علي جي فرزند
سان وڃي ملي ٿو،جنهن ڪري هو پاڻ کي حنفي لکندو
آهي. ولادت جلال آباد (افغانستان جي هڪ ڳوٺ رتاس)
۾ ٿيس. نوجواني جي زماني ۾ 1150هه ڌاري هجرت ڪري
هميشه لاءِ اچي شڪارپور ۾ مقيم ٿيو.
هو بزرگ نقشبندي طريقي ۾ شيخ حاجي محمد سعيد لاهوري
(متوفي 1166) جو مريد هو. وٽانئس خرقه خلافت ڍڪي
عام ماڻهن کان انهيءَ طريقي ۾ بيعت وٺندو هو. ان
کانسواءِ خواجه محمد مسعود پشاوري کان اجازت ۽
خلافت حاصل ڪيل هوس.
شڪارپور ۾ هڪ وڏو عربي مدرسو قائم ڪيائين جتي ظاهري
علمن سان گڏ باطني يا روحاني علومن ۽ معارف جو به
درس ڏيندو هو،. جنهن ڪري هزارين ماڻهو چؤطرف کان
سندس خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لڳا. سندس ولايت ۽ ڪرامت جو
دور دور غلغلو پهچڻ لڳو.
حاجي فقير الله صاحب کي شيخ محمد مسعود پشاوري کان
سواءِ حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کان به چئني
طريقن ۾ مريد ڪرڻ جي اجازت حاصل هئي، ازانسواءِ
حديث ۽ ٻين علومن جون سندون به حضرت مخدوم صاحب
کان حاصل ڪيون هوائين، جن جو تفصيل سندس هڪ وڏي
مڪتوب ۾ بيان ٿيل آهي. ازانسواءِ قطب الارشاد ۾ به
ان جو ذڪر آندو اٿس.
حاجي صاحب کي حج جي سفر جو هميشه شوق رهندو هو. جيتوڻيڪ
ان زماني ۾ حج هڪ وڏو ڪٺن ۽ مصيبت جهڙو ڏکيو سفر
هوندو هو، مگر ان هوندي به هن صاحب ايراني نار ۽
عربي سمنڊ جي رستي 7 دفعا حج پڙهيو ۽ هر دفعه علمي
۽ عملي فائدا پرائي موٽندو رهيو.
اگرچه هن بزرگ حديث فقه ۽ ٻين علمن جي مسلسل سند يا
اجازت مخدوم محمد هاشم کان حاصل ڪئي هئي، مگر جڏهن
هو مڪه شريف ۾ پهتو، تڏهن اُتي مخدوم صاحب جو
استاد شيخ سيد عبدالقادر مالڪي زنده هو، جنهن کان
پڻ دوباره سند حاصل ڪري وڌيڪ اطمينان حاصل ڪيائين.
احمد شاه ابدالي جڏهن سنڌ مان لنگهيو دهلي تي ڪاهيون
ويو ٿي تڏهن سنڌ جي بزرگن جي خدمت ۾ هو حاضر ٿيو،
تن مان حاجي فقير الله جي خدمت ۾ به پهتو. ان کان
پوءِ احمد شاهه ۽ سندس فرزند تيمور شاهه جو ساڻس
خط و ڪتابت جو راه رسم به رهندو آيو. قلات جي امير
مير نصير خان ۽ ڪلهوڙن مان سرفراز ولد ميان غلام
شاهه صاحب سندن معتقدن مان هوا. هو حنفي مذهب جو
پڪو تابعدار هو مگر ان هوندي به حڊيث جي اتباع
ڪري ڪن مسئلن ۾ هن جو جدا مسلڪ هو. ازانسواءِ
نقشبندي طريقي ۾ جوالتحيات ۾ اشهد آڱر کڻڻ منع
آهي. هو صاحب پنهنجي مرشدن جي روش جي خلاف حديث جي
تابعداري ۾ اُن جي نه فقط جواز جو قائل هو پر ان
بابت هڪ رسالو به لکيل آهي.
حاجي فقير الله هڪ وڏو صوفي ۽ شيخ محدي الدين ابن عربي
جي ڪتابن جو عاشق هو. جن ۾ همه اوست جو مسئلو پوري
صفائي سان بيان ٿيل آهي ۽ علامه محمدمعين ٺٽوي جو
گهاٽو دوست به هو. پر ان هوندي به جڏهن جهوڪ جي
درويش شاهه عنايت الله صوفي همه اوست جو نعروبلند
ڪيو، تڏهن سڀ کان پهريائين جيڪو سندس دشمن ٿي
بيٺو سو حاجي فقير الله علوي هو. جيئن ته هڪ خط ۾
ٺٽي جي حاڪم معظم خان جو صوفي صاحب جي بيديني
ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي ”همه اوست“ جي فلسفي کي
گمراهي ۽ الحاد سڏيو آهي.
هڪ دفعي حج تان موٽندي جڏهن ايراني نار جي مسقط بندر تي
پهتو ۽ کيس صوفي عنايت الله جي شهادت جو واقعو
معلوم ٿيو، تڏهن تمام گهڻي خوشي جو اظهار ڪيائين،
جنهن جو ذڪر سندس هڪ مڪتوب ۾ آيل آهي.
حاجي صاحب علم نجوم ۽ عمل عمليات جو به تمام وڏو ماهر
هو. ”علم نجوم“ سندس هڪ رساله نظر مان گذريو آهي،
جنهن ۾ سن هجري جي فلڪي تغيرات بابت 3 جدولون
ڏيکاريل آهن جن ۾ (1) ۾ مسلمانن منجمن جو قول نقل
ڪيل اهي. (2) ۾ برهمڻ جو. (3) حاجي فقير الله علوي
جو ان تي لکيل آهي.
”رساله در علوم نجوم که دران سه قول بجداول سنه هجري
آورده شد، که يکي ازان ها قول افضل العلماء تاج
الاتقيا حاجي فقير الله علوي است“
هن جو علميات ۾ ايڏو درڪ، جو جيئن هو نقشو ڀريندو يا
ڪا عزيمت رٿيندو هو، تيئن ٿي پوندو هو.
ان ڪري ڪن ماڻهن جو گمان آهي ته هو صوفي يا عارف نه هو،
پر شعبده باز ۽ عامل هو جيئن خواجه محمد حسن
مجددي رح (متوفي 1366) پنهنجي رساله تذڪرة
العلماء ۾ لکي ٿو ته:
مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي جي زماني ۾ جو مرشد آهي حاجي
احمد خان نظاماڻي جو ملڪ ۾ غلغلو بلند ٿيو ته
شڪارپور جي شهر ۾ هڪ شخص ڪرامتن جو مالڪ پيدا ٿيو
آهي جنهن جو نالو حاجي فقير الله آهي. جنهن تي
حضرت مخدوم صاحب پنهنجي خليفي حاجي احمد خان کي
چيو ته شڪارپور پهچي انهيءَ شخص جو احوال تي توجه
ڪر ۽ باطني طريقي سان معلوم ڪري اچي مون کي ٻڌاءِ.
جيڪڏهن سچ پچ استقامت وارو عارف بالله آهي ته آءُ
پنهنجي سر هلي سندس زيارت جو شرف حاصل ڪندس. حاجي
احمد خان نظاماڻي پنهنجي مرشد جي ارشاد موجب
منزلون ڪندو اچي شڪارپور پهتو. حاجي فقير الله جي
جاءِ پڇائي اُتي لنگهي آيو. ڏسي ته خلق جو انبوهه
۽ غلغلو ان کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي جيڪو ٻڌو
هوائين. چپ چاپ ۾ مجلس جي ڪنڊ ۾ ويهي مراقبي ۾
مشغول ٿي ويو. جيترو به سندس حالت ڏانهن توجهه
ڪيائين انڌيري کان سواءِ ڪجهه به معلوم نه ٿيس.
حيرت ۾ رهجي وري متوجهه ٿيو وري ساڳئي تاريڪي ڏسڻ
۾ آيس. آخر ٽئين دفعي به ساڳي ريت ڪجهه نه ڏٺائين،
پوءِ ته نااُميد ٿي پنهنجي مرشد کي خط لکيائين ته
حڪم موجب شڪارپوري جي حالت ڏانهن توجه ڪيم، مگر
انڌيري کان سواءِ ڪجهه به نظر نه آيو... نيٺ معلوم
ٿين ته انهيءَ ماڻهو کي جعفر جي علم ۾ ڏاڍي مهارت
هئي جو نيرنگيون ڏيکاري ماڻهن کي مطيع بنائي رهيو
هو.
جناب خواجه محمد حسن جان مٿئين نقل بابت لکيو آهي ته
”از بزرگان خود باستماع فقير رسيده است“ يعني ته
هي واقعو پنهنجن بزرگن کان مون کي ٻڌڻ ۾ آيو آهي.
هوڏانهن حقيقت هي آهي ته حاجي فقير الله جو زمانو،
مخدوم محمد ابراهيم جي ڏاڏي محمد هاشم ٺٽوي جو
زمانو هو. بلڪ جنهن زماني ۾ مخدوم ابراهيم جي
ٻچپڻ جو زمانو هوندو تنهن زماني ۾ حاجي فقير الله
علوي جي وفات ٿي آهي، تنهن ڪري مٿيئن واقعي جي
تاريخي لحاظ سان هرگز تصديق ڪانه ٿي سگهي ٿي.
والله اعلم.
حاجي فقير علوي کي ڪتابن جو بي حد شوق هو. سندس ڪتبخاني
۾ عرب عجم جا هزارين ڪتاب گڏ ڪيل هوا. ٺٽي ۽ احمد
آباد جي ڪاتبن کان ڪتاب لکارائي قيمتون ڏئي گهرائي
وٺندو هو. هو عربي فارسي جو عمدو شاعر به هو.
سندس ڪلام جو نمونو هٿ نه اچي سگهيو آهي. مگر جو
نظر مان گذريو آهي، تنهن مان سندس قادر ڪلامي ۽
پخته گوئي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
عربي ۾ سندس هڪ قصيدو آهي جو مدينه منوره ۾ حضور عليه
الصوات والسلام جي روضي اطهر جي سامهون پڙهيو
هوائين، جتان بشارتون حاصل ٿيون اٿس.
سندس تصنيفات مان هيٺيان ڪتاب يادگار رهجي ويا آهن:
(1) قطب الارشاد (2) طريق الارث (3) جواهر الاوراد (4)
تڪميل المومنين والاولاد (5) فتوحات غيبيه شرح
عقائد صوفيه (6) فتح الجميل في مدراج التڪميل (7)
براهين النجات من مصائب الدنيا والعرصات (8)
منتخب الاصول (9) وثيقته الاڪابر (10) قصيده مبروه
(11) مڪتوبات (12) رساله در علم نجوم.
حاجي صاحب 3 صفر 1195هه شڪارپور ۾ وفات فرمائي پوئتان
14 فرزند عالم ۽ فاضل حڪيم ڇڏي ويو.
قطعھ تاريخ از ميان محمد عالم شڪارپوري
بود آن حاجي فقير الله با برڪت و فور
در درج معرفت ميمون لقا محسن امور
از شهر صفر مظفر بود تاريخ سيم
کرد از دنيا به جنت روز يکشنبه مرور
سال تاريخ وصالش رايا به جستم از خرد
گفت در گوش دلم صاحبدلي اهل حصور
1195هه
ايضا از سيد حکيم محمد وفا لکنوي
ولي غوث خدا حاجي فقير الله
شد بخلد مربع نشين الي الابد
”وفا“ مه و شب و تاريخ وقت سال وصال
بگو سيم صفر و نصف ليلة الاحد
1195
اهو ڪتبو حاجي صاحب جي گنبذ جي اندرين حصه تي ثبت ٿيل
آهي. |