365- محمد مجذوب بياباني
هي بزرگ به خواجه محمد زمان ڪلان لواري واري جي مريدن
مان آهي. سندس وفات کان پوءِ گهڻو ڪري بيابانن ۽
ميدانن ۾ گذاريندو هو ۽ انسانن سان گهٽ واسطو
رکندو هو. چون ٿا ته پورا 12 سال خاموشي ۾ گذاري
ڇڏيائين ۽ ان سموري عرصي ۾ هڪ ڪلمو به پنهنجي زبان
مان نه اوچاريائين. ان کان پوءِ ڳالهائڻ لڳو.
فرمائيندو هو ته مون کي الله تعاليٰ پاران 3 شيون
عنايت ڪيون ويون آهن. (1) دنيا جي معاملات تي
اطلاع (2) انسانن جي دلين جا راز ۽ سندن عاقبت (3)
روحاني قوت سان ڪٿي به پهچي سگهان ٿو. هڪ دفعه
جهنگل ۾ ويٺو هو، ڪو معتقد ماڻهو هندو وٽان اکروٽ
خريد ڪري سندس خدمت ۾ کڻي ويو. مجذوب فرمايو ته هن
تي هندو جي ٻار پيشاب ڪيو آهي، تنهن ڪري کائڻ
جهڙا نه آهن.هولاچار ٿي موٽي هندو وٽ آيو، هندو
کان پڇا ڪيائين، جنهن اقرار ڪيو ته برابر جنهن
ٽوال ۾ اکروٽ پيل هوا تنهن جي مٿان پينگهي ۾ ٻار
ستل هو جنهن پيشاب ڪيو جو اکروٽ تي پيو هو.
مرغوب الاحباب جو مصنف لکي ٿو ته منهنجو چاچو حاجي
جعفرخان ٽالپر حج تي ويل هو، مگر سندس حال احوال
ڪونه آيو ٿي. هڪ ڏينهن مجذوب محمد کان پڇيو ويو ته
هو ڪٿي آهي. چيائين ته يمن جي فحا بندر تي سندس
چوري ٿي هئي. مگر اها موٽائي وئي آهي. وري پڇيو
ويس ته اڃا فحا بندر تي آهي يا نه؟ چيائين
اوهانجو ان ۾ ڇا وڃي، ستت ئي اوهان وٽ پهچي ويندو.
آخر ٿيو به ائين جو ٿورن ڏينهن ۾ گهر اچي پهتو ۽
مٿيون سمورو واقعو بيان ڪيائين. والله اعلم
مجذوب محمد 13 صدي جي رجالن مان آهي.
366- درويش مومن حيدرآبادي
هي درويش به خواجه محمد زمان بزرگ لواري جي مريدن مان
آهي. دنيا کي ترڪ ڪري قلب جي ڪامل سڪون واري درجي
کي پهتل هو. خواجه صاحب جي خدمت ۾ رهي هن گهڻو
ڪجهه حاصل ڪيو هو. وڏي ڪشف جو مالڪ هو، خصوصاً
قبرن وارن جي حالات تي به پوري طرح اطلاع ٿيندو
هوس.
هڪ دفعي ڪن پيرڀائي دوستن سان شڪار تي گڏجي ويو. جهنگل
۾ پکي اٿاري شڪار ڪري رهيا هوا ته اوچتو وڃي هڪ
قبرستان ۾ پهتا، جتي چون پيا ته حافظ درس جو
مقبرو ۽ درگاهه آهي. قبرستان جا مجاور درويش کي
روڪڻ لڳا ته قبرستان جي جهنگل مان پکين کي نه
اٿاريو ۽ نه هت شڪار ڪريو، جو هي ولي الله جي حرم
۽ عزت جي حد آهي. مجاورن ڏاڍو لڙ بکيڙو ڪيو. آخر
درويش ۽ سندس ساٿي اتان نڪري ٻاهر آيا. درويش ٻاهر
نڪري چيو ته ويچارا مجاور هن قبر واري کي ولي الله
سمجهي رهيا احن. مان هن ڏانهن اگرچه پورو توجه نه
ڪيو مگر معلوم ٿيو ته اونڌو ٿيو ٽنگيو پيو آهي ۽
کيس عذاب ٿي رهيو آهي، اگرچه هو هن دنيا ۾ نيڪ هو،
مگر ڏاڍو رياء ۽ ڏيکاء ڪندو هو ۽ رياء ڪندڙ منافق
جي حڪم ۾ آهي، جنهن ڪري هن تي عذاب ٿي رهيو آهي.
آخر ڄمار ۾ هي درويش حيدرآباد ۾ اچي رهيو ۽ اُتي
ئي وفات ڪيائين. شاهه مڪائي جي قبرستان ۾ کيس دفن
ڪيو ويو. (مرغوب الاحباب)
367- محمود مجذوب هالائي
خواجه محمد زمان بزرگ لواري وارن جي خدمت ۾ ننڍپڻ کان
رهندو آيو ۽ سندس صحبت ۾ مجذوب الحال ٿي رهيو ۽
سندس وفات کان پوءِ لواري مان لڏي اچي هالن ۾ مقيم
ٿيو.
هڪ دفعي خواجه صاحب پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ ويٺو هو ته
کائونس پڇيائين ته هو محمود نالي هڪ ڇوڪرو اوهان
جو مريد، جو اوهان وٽ رهندو هو، سو هاڻي ڪٿي آهي؟
خواجه صاحٻ فرمايس ته تو ان کي وري ڪونه ڏٺو آهي
ڇا؟ عرض ڪيائين ته ڪيترو زمانو ٿيو آهي جو ان جو
پتوئي ڪونه ٿو ملي. خواجه صاحب پنهنجن مجلس وارن
ڏانهن منهن ڦيرائي فرمايو ته سڀاڻي بهشت ۾ هنن
ماڻهن کي آندو ويندو. هالن ۾ رهڻ واري زماني ۾
ماڻهو ميوا ۽ کاڌي جا قسم کڻي اچي سندس واٽ وٺي
بيهندا هوا ته من ڪنهن جي شيءِ مان ڪجهه کڻي کائي،
پوءِ جڏهن به ڪنهن ماڻهو جي ڪا شيءِ کڻندو هو ته
اهي ماڻهو سمجهندا هوا ته ان جي دل جي مراد پوري
ٿيندي.
جنهن سال فقير عبدالرحيم گروهڙي ميرن واري خدا آباد
ڏانهن ظاهري عالمن جي مناظري لاءِ وڃي رهيو هو ته
ان سفر ۾ هالن مان حضرت مخدوم نوح جي مقبري کان
اچي لنگهيو. گهوڙي تي سواري هئس. مجاورن فقير کي
منع ڪئي ته سوار ٿي نه لنگهو پر گهوڙي تان لهي پئو
ته ايتري ۾ مجذوب محمود به اچي اتي پهتو. فقير
صاحب مجذوب پير ڀائي کي ڏسي ادب کان گهوڙي تان لهڻ
ٿيو ته رڪيب جو دوال ڇڄي پيو. فقير صاحب گوڏن ڀر
زمين تي ڪري پيو. مجاورن چيو ته اسان منع ڪئي سون
پر نه مڃيائين، اها کيس سزا ملي آهي. فقير
عبدالرحيم ته مجاورن جي گفتگو تي توجهه نه ڪيو، پر
مجذوب فرمايو ته ائين نه آهي، پر عبدالرحيم گوڏا
هڻي قبي کي ڊاٺو آهي. آخر ٿيو به ائين جو درياء
جي پائيندر ۾ قبو ڊهي پيو ۽ مخدوم صاحب جي جسم کي
اتان کڻائي نون هالن ۾ آڻي دفن ڪيو ويو. 13 صدي جي
پهرين اڌ ۾ مجذوب هالن ۾ وفات ڪئي. (مرغوب)
368- مولانا پير محمد هالائي
هڪ وڏو عالم، درس تدريس جو مالڪ ۽ مهمان نواز بزرگ هو.
هالن ۾ ايندڙ ويندڙ درويشن ۽ بزرگن جي مهمانداري ۽
خدمت گذاري ڪندو رهندو هو. هڪ دفعي خواجه محمد
زڪي ولد خواجه محمد حنيف ولد خواجه عبدالاحد ولد
خواجه امام محمد سعيد ولد خواجه شيخ احمد امام
رباني مجدد الف ثاني حج جي ارادي سان ملتان مان
ٿيندو، هالن ۾ اچي پهتو. هالن جي آب و هوا جي
لطافت ڪري اُتي ڪجهه وقت رهي پيو، جتي مولانا پير
محمد هالائي سندس خدمت ۾ ڪمرهمت ٻڌي بيهي رهيو.
خواجه صاحب جي خرچ لاءِ هڪ مودي وٽان اوڌر تي سيڌو
وٺي انتظام ڪندا رهيا. جڏهن خواجه محمد زڪي هالن
مان ٺٽي جي ارادي سان روانو ٿيڻ لڳو، تڏهن مولانا
پير محمد دعا لاءِ استدعا ڪئي. خواجه صاحب فرمايو
ڪهڙي دعا ڪريون. مولانا پير محمد عرض ڪيو ته مون
کي اهڙي ڪشايش رزق نصيب ٿئي، جو سواءِ ڪنهن محتاجي
سڀ ڪنهن مسافر کي ماني ڀور کارائيندو رهان. خواجه
صاحب فرمايو، ٻيو به ڪجهه گهرجي؟ مولانا چيو،
منهنجي ته فقط اها آرزو آهي. خواجه صاحب دعا
ڪئي. پوءِ ته مولانا تي ايڏي فراخي ٿي، جنهن جي
ڪا حد ڪانه آهي. آخر ڄمار ۾ مولانا پير محمد حج جو
سفر ڪيو ۽ مڪه مڪرمه ۾ ئي وفات فرمائي ويو.
اهو واقعو 12 صدي جي وچ ڌاري جو آهي. خواجه محمد ذڪي جي
وفات سن 1143هه ۾ ٿي آهي. جنهن کان پوءِ مولانا
پير محمد جي وفات جو اندازو لڳائي سگهجي
ٿو. (مرغوب)
369-مخدوم ابراهيم نقشبندي لاهري
هي بزرگ مخدوم آدم نقشبندي جي وڏن خليفن مان صاحب فضيلت
۽ ڪرامت جو ٿي گذريو اهي. مخدوم ابوالقاسم نقشبندي
جو پيرڀائي مريد هو.
مير قانع لکي ٿو ته:
”صاحب خوارق کليه است محاسب خرد و ضابط فهم از عهده شمه
آن برنيايد“ (تحفه)
يعني ته ايڏين وڏين ڪرامتن جو مالڪ اهي، عقل ۽ فهم جو
حساب ڪندڙ يا انتطام رکندڙ انهن ڪرامتن جو ٿورو
حصوبه بيان ڪري نه ٿو سگهي.
مرغوب الاحباب ۾ لکي ٿو ته:
شيخ ابراهيم در قصبه لاهري افاده ايشان اشتهار عام دارد
(مرغوب الاحباب)
هن بزرگ جي وفات ٻارهين صدي ۾ ٿي گذري آهي ۽ پوئتان ٻه
فرزند هر هڪ ميان ابوبڪر ۽ مخدوم گل محمد ڇڏي ويو.
ابوبڪر جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.
370- ميان ابوبڪر لاهري ٺٽوي
ميان ابوبڪر ولد مخدوم ابراهيم نقشبندي عرف نالي چڱو هڪ
نامور بزرگ ۽ بلند مقامات جو مالڪ ٿي گذريو آهي.
چون ٿا ته هڪ ڏينهن سندن مسجد ۾ هڪ مست اچي گهڙيو.
جماعت کيس روڪڻ لڳي، مگر ميان ابوبڪر چيو ته ڇڏي
ڏيوس جيڪوبه مسجد ۾ لنگهي اچي، تنهن کي روڪڻ نه
گهرجي. ان ڪلام ڪري فقير تي اهڙو توجه پيو، جو مست
فقير داناءَ بنجي اتي ئي هميشه لاءِ مسجد ۾ ويهي
رهيو ۽ سموري زندگي پير نه ٻاهر پاتائين. ان کان
سواءِ ٻيون به هزارين ڪرامتون سندس بيان ڪيون
وينديون آهن.
نقل آهي ته جڏهن ميان ابوبڪر وفات فرمائي، تڏهن سندس
جنازي جي مٿان عجيب شڪل ۽ عجيب نموني جي آوازن
وارن پکين جو ايڏو ميڙ هلندو رهيو جو جيترا به
ڪانڌي، جنازي سان هوا، تن تي پکين جي ڇانو ڪري اُس
جو هڪ اولڙو به ڪونه پيو ٿي ۽ پکين جو ڪڪر برابر
مڪلي جي قبرستان تائين هلندو رهيو، جو جنازو دفن
ڪرڻ تائين موجود هو. (تحفه)
هن بزرگ جي وفات به 12 صدي جي وچ ڌاري ٿي آهي.
371- سيد عظيم الدين ٺٽوي
سيد مير عظيم الدين ولد سيد مير يار محمد ولد سيد عزت
الله (متوفي 1160) شڪراللهي شيرازي ٺٽوي. هي صاحب
مير علي شير قانع جي وڏي ڀاءُ جو فرزند سال 1162هه
۾ ٺٽي ۾ تولد ٿيو. مقالات شعراءِ ۾ علي شير، محمد
روشن ذهين ٺٽوي جي تذڪري ۾ لکي ٿو ته هن صاحب
منهجي وڏي ڀاءُ جي مير يار محمد صاحب جي فرزند مير
عظيم الدين جي ولادت جي تاريخ انالھ لحافظون جي
قرآني آيت مان ڪڍي آهي.
”تاريخ تولد مير عظيم الدين قرت العين برابر قبله مڪان
مير يار محمد صاحب، اناله لحافظون برآورده“
(مقالات)
تحفت الڪرام ۾ پنهنجي خاندان جي شجره جو ذڪر ڪندي لکي
ٿو ته سيد يار محمد يا دو فرزند مير ڪريم الدين و
مير عظيم الدين که اکنون سليقه شعر نيک اندوخته
است داخل يادگاران آباد است.
هن مان ظاهر آهي هت مير عظيم الدين پنهنجي چاچي بزرگ جي
حياتي ۾ ئي شاعري شروع ڪري ڏني هئي، مگر اڃا اُن
ڪماليت کي نه رسيو هو، جو سندس تذڪرو پنهنجي ڪتاب
مقالات الشعراء ۾ ڪري ها.
مير عظيم الدين اڃا ننڍو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو،
جنهن ڪري سندس تعليم جو باقاعده انتظام ڪونه ٿي
سگهيو. جيئن ته فتح نامه ۾ لکي ٿو ته:
نشد باب تعليم هاذ الصبي
کسي غير باب علوم النبي
يعني ته منهنجو ٻالجتي ۾ پيغمبر جي علمن کان سواءِ ٻي
هنڌ تعليم جو ڪوبه دروازو ڪونه کليو. هي خاندان
بنيادي طرح پنهنجي قوت گويائي ۽ شاعري جي ذريعي
سنڌ جي حاڪمن وٽ عزت ياب ٿيندو رهندو هو ۽ ٺٽو
اُن وقت علم و فضل ۽ شعر شاعري جو گهوارو هو، جنهن
ڪري هي صاحب پنهنجي خانداني فن يعني فارسي شاعري ۾
ڪمال حاصل ڪري مير بجار خان جو اُن وقت ڪلهوڙن
حاڪمن جي پوئين دور جو هڪ وڏو امير هو، رسائي حاصل
ڪئي ۽ مير صاحب هن جو بيحد قدر ڪيو. جنهن جو بيان
هيٺين شعرن ۾ فرمائي ٿو:
چه مير جهان قدر افزاءِ قدر
به افزود قدرم به بالائي قدر
نوشته فزودم زمرد و سيم
بدل شد باميد مايوسيم
بصد لطف مي بود غمخوار من
پس از وي غم او بود يارمن
هن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب سندس سامهون، ڪلهوڙن
هٿان شهيد ٿيو، جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ حڪومتي انقلاب
آيو ۽ اهو انقلاب مير عظيم الدين پنهنجي اکين سان
ڏٺو. جڏهن حڪومت مير فتح علي خان ٽالپر جي نالي تي
قرار ورتو، تڏهن هي صاحب سندس دربار ۾ پهتو ۽ فتح
نامه سنڌ سندس نالي تي لکيائين. مير عظيم الدين
فتح نامه سنڌ کان سواءِ ”مثنوي سيردل“ مثنوي هير
رانجهو لکيا، جي فارسي ۾ موجود آهن ۽ سندس غزليات
جو هڪ ديوان به آهي.
فته نامه سنڌ 1199هه ۾ تصنيف ڪيائين ”مثنوي سير دل“
1206هه ۾ ختم ٿي، جنهن جي تاريخ تصنيف غلام علي
ملاح ٺٽوي هن ريت ڪڍي آهي.
زهي مثنوي تحفئه اهل بزم
عجب سير دل نامه نسخئه زيبا
1206هه
هير رانجهو جي سبب تصانيف بابت فرمائي ٿو:
در مقامات عشق رانجهو هير
فلک حسن را دو نجم منير
بگذاشته به بزم خسر و سنڌ
مير نامدار فارس و هنڌ
کين سخن نظم تابنده مي خواهد
چهره ذکر غاز مي خواهد
شاهه ما برگزيدهء ازلي
گفت با مير ما غلام علي
نظم اين ذکر هست کار عظيم
گر کند ذکر هست کار عظيم
شاهه چون اين گهر فشاني کرد
صاحب قدر قدرداني کرد
حسب الامر شاهه والا شان
خسر و سند نامدار جهان
يعني ته مير فتح علي خان جي ڪچهري ۾ هير رانجهي جي
داستان عشق جو ذڪر نڪتو ته پاڻ پنهنجي ڀاءُ مير
غلام علي کي حڪم ڪيائون ته ان قصي کي ڪنهن نئين
رنگ ڍنگ ۾ نظم ڪيو وڃي، جنهن لاءِ سيد عظيم الدين
وڌيڪ موزون آهي.، بادشاهه جي قدرداني ۽ ارشاد موجب
اها مثنوي لکي ويئي ۽ سال 1214هه ۾ ختم ٿي. جيئن
سال تاريخ بابت لکي ٿو:
قصه عشق پاک رانجهن هير
شد ز طبع عظيم نظم پذير
گفت سالش سروش فرخ پئي
قصه عشق هير رانجهو طي
1214هه
مير صاحبن جي مهرباني سان سيد صاحب جي مالي حالت ڏاڍي
بهتر ٿيندي وئي. هن صاحب سن 1208هه ۾ هڪ عاليشان
بنگلو اڏايو، جنهن جي تعمير سال لاءِ سندس سؤٽ
مير مائل ولد مير قانع ڪيترا قطعا لکيا آهن،جن مان
ڪجه هيٺ ڏجن ٿا:
چه قصر آنکه مسمي به بنگله کرداند
چه بنگله که بود رشک جنت الماويٰ
عمارتي است معليٰ به گنبذ عالي
زهي عمارت خوش گنبذ ست نيک نما
برائي سير عجب سير گان اين قصر است
تو ان نمود بهر لحظه سير اين خوش جا
خصوص در شب مهتاب موسم باران
برائي سير بود گلشن نشاط افزا
دلم به مزده تعمير اين بنائي عظيم
عجب بناء خجسته بگفت سال بنا
1208هه
ايضا
زهي مکان آنکه عجيب سال تعميرش
عجب مکان زهي خوب قصر دل فرمود
1208هه
ايضا
چو هست بنگله مير ما عظيم الدين
عجب مکان عظيم، عجب نشان عظيم
دلم بمزده اين خوش مکان عظيم
بگفت سال عزيمش ”عجب مکان عظيم“
1208
سنڌ جي هن ڪامياب ۽ نامور شاعر جي تاريخ وفات اگرچه
گهڻي ڳولا کان پوءِ به هٿ نه آئي، مگر هي ته ظاهر
آهي ته هو 1166هه ۾ تولد ٿيو ۽ 1214هه تائين زنده
هو. سندس اولاد ڪونه آهي. ڪتاب ۽ تصنيفات سيد صابر
علي ولد مير مائل ولد مير قانع جي ڪتب خانه ۾ ڏٺا
ويا، جتان آهسته آهسته گم ٿي رهيا آهن.
372- سيد محمد زمان رضوي نصرپوري
اصل بکر جو رهاڪو، جتان نقل مڪاني ڪري اچي نصرپور ۾
رهيو. نصرپوري جي بکري رضوي سادات جو اهو بزرگ وڏو
ڏاڏو آهي. هو هڪ وڏو مشائخ ۽ ڪامل اولياء ٿي گذريو
آهي.
مير قانع لکي ٿو ته اٽڪل ٽيهه سال ٿيندا ته
انهيءَقبرستان ۾ جتي دفن ٿيل هو، درياءِ سنڌ جي
پائيندڙ ٿي. جتان ٻين ساداتن سان گڏ مير محمد زمان
جي نعش کي به نقل مڪاني لاءِ ڪڍيو ويو. ان وقت
سندس وفات تي ٻه سو ويهه (220 سال) گذري چڪا هوا.
جيڪي ماڻهو ان وقت موجود هوا، تن جو چوڻ آهي ته
ايڏي عرصي گذرڻ کان پوءِ به سندس جسم بلڪل صحيح
سالم هو ۽ سندس پاسي کان تازن انگورن جو ڇڳو رکيل
هو، جن کي اتي وارن اراتمندن پاڻ ۾ تقسيم ڪري کائي
ڇڏيو. هن بزرگ جون ڪرامتون ايتريون گهڻيون آهن جو
شمار ڪري نه ٿيون سگهجن. سال 950 هجري ۾ هن
دارفاني مان رحلت فرمائي هوائين. (تحفه)
373- شيخ نوح بکري
مخدوم نوح سنڌ جي ڪامل ولين ۽ بزرگن مان ٿي گذريو
آهي. هو سڌو سنئون شيخ شهاب الدين سهروردي جو
خليفو ۽ مريد آهي. هو بغداد مان سڌو ”فرسته سنڌ“
سنڌ جي شهر، جنهن کي هاڻي بکر سڏيو وڃي ٿو، اچي
مقيم ٿيو.
چون ٿا، جڏهن شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني پنهنجي مرشد
شيخ شهاب الدين سهرودي وٽان، سنڌ ڏانهن روانگي جي
اجازت وٺي روانو ٿيو، تڏهن شيخ سهروردي فرمايس ته
اسان جي خليفن مان هڪ وڏو بزرگ ”فرسته سنڌ“ رهي
ٿو،ان سان ضرور وڃي ملاقات ڪج. ڇو ته هو پنهنجي
ڪماليت پاڻ سان کنيو آيو هو. مون وٽ فقط پنهنجي
ڏئي لاءِ روشني اچي حاصل ڪئي هوائين، ٿيو ڇا جو
شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني جڏهن بکر (فرسته) ۾
پهتو، تڏهن شيخ نوح پنهنجي حياتي جي ڪشتي بهشت جي
جوديءَ ڏانهن ڪاهي چڪو هو. يعني هن دنيا مان وفات
ڪري ويو هو. (تحفه)
مخدوم نوح بکري 27 رجب سن 635هه ۾ وفات ڪئي ۽ بکر جي
جزيره ۾ دفن ڪيو ويو. هن وقت تائين سندس مقبرو
مشهور آهي. ريل جي رستي جي لڳو لڳ هڪ گنبذ ۾
آراميل آهي. چون ٿا ته هو صديقي نسل جو شيخ شهاب
الدين سهروردي جي عزيزن مان آهي. والله اعلم.
374- مخدوم جلال محمد ڪڪرالي
ڪڪراله جو علائقو جهوني جغرافي ۾ هاڻوڪي شاهبندر دويزن
کي سڌيو ويندو هو، جو ڪراچي ضلع جي سمنڊ واري
ڪناري سان لاڳو پرڳڻو آهي. انهيءَ علائقي ۾
ڪيترائي اولياء ۽ عالم فاضل آدمي ٿي گذريا آهن، جن
مان مخدوم محمد جلال پڻ آهي. هي هڪ وڏو عالم دنيا
جي عجائبات مان هو، جهڙو تحرير جو مالڪ هو، تهڙو
تقرير جو، نجوم جي علم ۾ وڏو علامه ۽ طب ۾ بقراط
اول ۽ بو علي ثاني هو. ٺٽي جو نامور عالم مخدوم
محمد معين کيس حد کان وڌيڪ ٻين عالمن تي فوقيت
ڏيندو هو. ان هوندي به ايڏي ساده زندگي گذاريندو
هو جيئن باقي ٻيا ماڻهو گذاريندا هوا. هن ڪڏهن به
دولت مندن ڏانهن رجوع نه ڪيو ۽ فقر فاقه ۽ قناعت
جي زندگي گذاريندو رهيو. اٽڪل سن 1175هه ۾ وفات
ڪري ويو. (تحفه)
375- عبدالباقي متعلوي
عالم واعظ اهل الله نقشبندي طريقي جو صوفي بزرگ هو.
تحفت الڪرام ۾ لکي ٿو ته:
”از فيض يا باب ميان ابوالقاسم نقشبندي تتوي است“
مرغوب الاحباب ۾ آهي، ته مخدوم ابوالقاسم ٺٽوي جڏهن
سرهند شريف وڃي رهيو هو تڏهن مٽيارين مان اچي
لانگهائو ٿيو، جتي ميان عبدالباقي واعظ جي ساڻس
ملاقات ٿي ۽ فيض حاصل ڪيائين. ميان عبدالباقي
ساڻس سفر ۾ هلڻ جي استدعا ڪئي، مگر مخدوم
ابوالقاسم انڪار ڪندي فرمايو ته اوهان تمام ٻڍڙا
ٿي ويا آهيو تنهن ڪري اتي رهيا پيا هجو. چون ٿا
ته هن بزرگ کي هميشه حضور رسول ڪريم صلي الله عليه
وسلم جو حضور حاصل ٿيندو هو ۽ جڏهن به وعظ جي
مجلس ڪندو هو ته ان ۾ پهريان ڪشف جي ذريعي، حضور
رسول الله صلي الله عليه وسلم جي روح پاڪ کان
اجازت حاصل ڪري پوءِ وعظ شروع ڪندو هو.
هڪ دفعي جو واقعو جو سيد عالي متعلوي کي سندس ڀيڻ
معصومه عرض ڪيو ته اسان جي صحيح نسب سيد هجڻ لاءِ
ڪو پڪو دليل گهرجي ته تسلي ٿئي. سيد صاحب فرمايو
ته توکي پاڻيهي تسلي ٿي ويندي. رات جي وقت خواب
۾ سيد صاحب کي حضرت پيغمبر جو ديدار نصيب ٿيو.
ارشاد ٿيس ته گهٻرايو نه صبح جو اوهان جي صحت
نسب جي نشاني پاڻيهي ملي ويندي. ٿيو هيئن جو صبح
ميان عبدالباقي واعظ هڪ ڏندڻ ۽ ورود حاضري کڻي سيد
عالي جي دروازي تي ڦٽا ڪري چوڻ لڳو ته اجهو هي
اوهان جي صحيح نسب هجڻ جي نشاني آهي جو اوهان جي
ڏاڏي صلي الله عليه وسلم وٽان مون کي ملي آهي ۽
حڪم ٿيو آهي ته اوهان کي پهچائي ڏيان.
ميان عبدالباقي جي مجلس وعظ ۾ هزارين گمراهه سڌي رستي
تي ايندا ۽ هدايت پرائيندا رهندا هوا. (تحفت
الڪرام)
هي بزرگ 11 صدي جي اوائل ۾ وفات فرمائي ويو.
376- محمد روشن ٺٽوي
محمد روشن تخلص ذهين، ٺٽي جي مشهور سخي حاڪم مرزا غازي
و قاري جو درٻاري شاعر ۽ سندس مداح هو. مٿس مرزا
غازي جون ايتريون مهربانيون هيون، جو جڏهن مرزا
هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو تڏهن هو دنيا کان دل
برداشته ٿي فقيري اختيار ڪري بي قرار زندگي گذرڻ
لڳو. ان کان پوءِ هميشه سير سياحت ۾ رهندو هو ۽
ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي رهي حياتي جا دم پورا
ڪيائين.سندس شعر آهي ته:
بذهني حاصل است در بي نيازي
وقار از درگهه مرزائي غازي
سندس وفات هڪ هزار نو سو هجري ۾ ٿي. مير قانع لکي ٿو ته
جملو ”مرد ذهني“ جو جڏهن حساب لڳايم ته سواءِ ڪنهن
گهاٽي واڌي جي سندس وفات جو سال حاصل ٿيم.
(مقالات)
377- مير هاشم رضوي نصرپوري
سيد محمد زمان بکري رضوي جي اولاد مان سندس سجاده نشين
عارف ڪامل ۽ صوفي مڪمل هو. پڌرين ڪرامتن ۽ کليل
آيتن جو مالڪ هو. ٺٽي جو مشهور شاعر محمد حسين
شوقي سندس مريدن مان آهي. پنهنجي مثنوي ”نغمات
شوقي“ ۾ شاهه صاحٻ جي گهڻي صفت ۽ ثنا ڪئي اٿس.
تصوف ۽ تحقيق ۾ سندس ڪيترا غزل ۽ نظمون چيل آهن.
وقت جو عمدو صوفي شاعر هو. ڪلام ۾ رضوي تخلص ڪندو
هو. مقالات واري سندس هڪ غزل نموني طور آندو آهي،
جو هيٺ ڏجي ٿو:
دلبر من چون بناز جلوه فشاني کند
مرغ دلم در قفس گرم غناني کند
پا ز حنا ارغوان چون بکند شاهه من
رنگ حنا برکفش پائي گراني کند
دفتر صبرم چنان پريشان به ناز
آڻچ به برگ چمن باد خزاني کند
چون که بغارت شود ترک نصرپور من
عشوه کند تيغ کمين، غمزه سناني کند
جذبئه عشقش ربود هوش دلم از خرد
کيست که غير از نگار داد ستاني کند
رو ”رضوي“ بردرش مير که ناگه نگار
آمده بر تربتت فاتحه خواني کند
شاهه صاحب جي وفات جو سال معين طرح معلوم نه ٿي سگهيو
آهي، مگر سندس معاصرين جي مدنظر معلوم ٿئي ٿو ته
هو 12 صدي جي شاعر صوفين مان آهي.
278- محمد حسين شوقي ٺٽوي
محمد حسين ولد ملا عبدالرؤف ”شوقي“ تخلص. ٺٽي جي چوٽي
وارن نامور صوفي شاعرن مان ٿي گذريو آهي. گهڻو ڪري
شاهجهان آباد (دهلي) ۾ گذاريندو هو. سنڌ جي نامور
صوفي مير محمد هاشم رضوي نصرپوري جو مريد ۽ شاهه
شڪراللهي ٺٽوي جو دوست هو.
هڪ دفعي ٺٽي جو محتسب (سٽي انسپيڪٽر) مقرر ٿيو. ٻيو
دفعو ٺٽي جو صدر مقرر ٿيو. فقيري سان گڏ اميري جو
درجو به حاصل رهيس. شيخ بهاءُ الدين آملي جي مثنوي
”نان حلوا“ جي تتبع ۾ مثنوي ”نغمات شوقي“ سندس
يادگار آهي، جنهن ۾ تصوف جي چاشني سان گڏ پنهنجي
مرشد ۽ پنهنجي دوست شاهه شڪر اللهي جي ارادت جو
پوري انصاف سان اظهار ڪيواٿس. ازانسواءِ مثنوي ناز
و نياز ۽ ٻيون ڪي مثنويون يادگار ڇڏيون اٿس. تاريخ
گوئي ۾ پورو ڪمال حاصل هوس. پنهنهجي والد ملا
عبدالرؤف جي وفات جو سال هيٺئين آيت مان حاصل
ڪيائين.
”يشرب من ڪاس ڪان مزاجها ڪافورا“
1127هه
سندس غزليات ۽ شعر جي ٻين قسمن جا نمونا به يادگار ڇڏيل
آهن. سندس هڪ شعر آهي:
آبدار اشک من گر گوهر است
گوشوار گوش اورا درخواست
(تحفه مقالات)
12 صدي جي رجالن مان آهي. هو تحفت الڪرام جي تصنيف
1181 کان اڳ ۾ وفات ڪري چڪو هو. جيئن تحفه جي
عبارت مان معلوم ٿئي ٿو.
379- محمد مقيم شاعر ٺٽوي
هن فاضل شاعر ترخانيه گهراڻي جي زماني ۾ وڏو نالو پيدا
ڪيو هو ۽ مرزا جاني بيگ سنڌ جي پوئين حاڪم جي
درباري شاعر جو عهدو حاصل ڪيائين. جڏهن مرزا جاني
بيگ تي مرزا عبدالرحيم خانان ڪامياب ٿيو ۽ جاني
بيگ کي گرفتار ڪري ٺٽي مان مغل اعظم اڪبر جي دربار
۾ وٺي ويا.، تڏهن مرزا جاني سان سندس اهل عيال
سميت جيڪي به خاص ماڻهو ساٿي هوا، تن ۾ محمد مقيم
شاعر به هو.
مرزا جي مرضي هوندي هئي ته محمد مقيم کي اڪبر اعظم جي
دربار ۾ پهچائي، مگر اهڙو موقعو ئي ڪونه مليو ٿي.
هڪ دفعي بادشاهه جي ڪچهري ۾ مرزا جاني بيگ سنڌي
گويا پيش ڪيا جن سنڌي زبان ۾ عمر مارئي جي سر مان
ڳايو ٿي. بادشاهه فرمايو ته عمر مارئي سنڌي قصي جي
حقيقت ڇا آهي. مرزا عرض ڪيو ته مقيم شاعر کي
جيڪڏهن ملاقات جو شرف حاصل ٿئي ته اهو ان قصي کان
پورو خبردار به آهي ۽ پوري طرح بيان ڪري سگهي ٿو.
مگر بادشاهه ان ڳالهه تي پورو توجه نه ڏنو، جنهن
ڪري اڪبر اعظ۾ جي ڪچهري ۾ پهچڻ کان محروم رهجي
ويو.
محمد مقيم مومل مينڌري جي ڪهاڻي فارسي ۾ نظم ڪئي آهي،
جنهن جو نالو آهي ”ترنم عشق“. هو سنڌي فارسي ٻنهين
زبانن جو شاعر هو. سندس فارسي شعر آهي:
سخن مدان که بخائيدن دولب زائد
سخن همان است اندر کتابها پايد
مرزا جاني ۽ اڪبر عظم جي هم عصرهجڻ مان معلوم ٿئي ٿو
ته 10 صدي هجري جي آخر ۽ 11 صدي جي اوائل وارن
سنڌي شاعرن مان آهي.
380- شيخ عبدالسبحان ٺٽوي
(1) عبدالسبحان فائز تخلص ٺٽي جي اهلڪارن ۽ عملدارن مان ٿي
گذريو آهي.هن جي شاعري سموري ظرافت آميز ۽ هجو
واري هوندي هئي، جنهن ڪري ماڻهو سندس ڪلام کي ياد
ئي ڪو نه ڪندا هوا. هو بلڪل بديهه گويعني جهٽ پٽ
شعر چوندڙ ۽ ڏاڍو بذله سنج ۽ مسخرو هو. ڪوبه ماڻهو
سندس هجو گوئي کان ڇٽل ڪونه رهندو هو. سندس بذله
گوئي شاعري جي لطف ۽ لذت کان بلڪل خالي رهندي هئي.
هندي ۽ فارسي ۾ تمام گهڻا شعر لکيا اٿس. اهل بيت جا
مناقب ۽ مرثيا به چيا اٿس ۽ مدح ۽ مولودن ۾ به
شهرت جو مالڪ آهي. ٺٽي جي گلا ۾ به هڪ ڊگهو قصيدو
لکيو اٿس، جنهن جو هت آڻڻ مناسب نه آهي. حاصل ڪلام
ته عبدالسبحان هڪ سنجيده ۽ خوش وضع ماڻهو هو ۽ شهر
جي حاڪمن وٽ چڱي رسائي هئس.
سندس هجو جو نمونو ڪجهه هيٺ ڏ جي ٿو. هڪ وڏي ماڻهو جي
هجو ۾ لکيو اٿس:
تشنگي بس که در نهان دارد
ميخورد خان ما ز همه پيش آب
يعني ته اسان جي خان صاحب کي ڏاڍي اُڃ رهي ٿي، جنهن
ڪري سڀني جو پيشاب پئي ٿو. ”پيش آب“ لفظ جي ٻئي
معنيٰ آهي سڀني جي سامهون پاڻي پئي ٿو. يعني ته
ساڳي لفظ پيش آب جون ٻه معنائون وٺي سگهجن ٿيون.
ٺٽي جي شيخ الاسلام ميرڪ محمد احسن هڪ وڏي عام دعوت ڪئي
هئي، جنهن ۾ هڪ سيد ڪلب علي دعوت کان رهجي ويو هو
جنهن تي عبدالسبحان جهٽ پٽ هڪ شعر چيو ته؛
هندو مسلمين ز خوان توسير
استخواني نيافت کلب علي
عبدالسبحان 15 رمضان سن 1171 هجري ۾ رحمت سبحاني کي وڃي
پهتو. |