سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٽيون)

 

صفحو : 15

 

406- شيخ حسين سنڌي سيوستاني

        شيخ حڪيم محدث حسين بن شيخ الاسلام  مراد انصاري سيوستاني پنهنجي والد بزرگ سان، سيوهڻ مان هجرت ڪري عرب ملڪ ۾ وڃي مقيم ٿيا. شيخ شروعاتي علوم سيوهڻ ۾ تحصيل ڪيا هوا. پنهنجي والد شيخ الاسلام مراد انصاري کان به گهڻو ڪجهه پڙهندو رهيو. شيخ مراد انصاري، مخدوم محمد هاشم جي شاگردن مان آهي. قصيده برده جي اجازت مخدوم صاحب کان حاصل ڪئي هوائين ۽ وٽانئس وري سندس فرزند محمد حسين حاصل ڪئي، ان کان شيخ محمد عابد سنڌي، شيخ محمد عابد کان شاهه عبدالغني مجددي دهلوي مهاجر  مڪي، ان کان سون ماڻهن قصيده ۽ حديث جون سندون حاصل ڪيون. ان کان  سواءِ مدينه شريف ۽  حديده يمن ۾ محدثن عالمن کان حديث جون سندون حاصل ڪيائين. هو هڪ وڏو حڪيم ۽ طبيب فاضل هو،  وٽانس طب جو علم سندس ڀائٽي  مشهور محدث ۽ مديني جي رئيس العلماء محمد عابد به حاصل ڪيو.

        شيخ حسين سنڌي جي سند حديث جو سلسلو هن ريت آهي:

روي علامه الشيخ محمد حسين السندي، عن الشيخ ابي الحسن بن محمد صادق نقشبندي (ٺٽوي)، عن الشيخ محمد  حيات السندي، عن الشيخ العلامة ابي الحسن الڪبير السندي، عن الشيخ عبدالله بن السالم البصري (اهو عبدالله بن سالم شاهه ولي الله محدث دهلوي جو به استاذ آهي) شيخ محمد حسين سنڌي جي سندس والد بزرگ جي  معرفت خضر عليه السلام سان هڪ دفعي ملاقات ٿي. ان جي وفات کان پوءِ هڪ ٻئي سان ملندا رهندا هوا. خضرعليه السلام کان فائدا به حاصل ڪندو رهندو هو، ڇاڪاڻ جو خضر کي شيخ محمد حسين جي والد اهڙي وصيت ڪئي هئي.

        اليانع الجيني شيخ محسن ڪردي لکي ٿو ته شيخ حڪيم حمد حسين يمن جي حديده شهر ۾ وفات ڪري ويو. تاريخ وفات اگرچه ڪانه لکيل آهي، مگر هو صاحب 13 صدي هجري جي شروعات ۾ وفات فرمائي ويو.

 

 

 

 

407- سيد صدرالدين بکري

        سيد شريف صدرالدين محمد خطيب بن سيد محمد بن سيد شجاع بن سيد ابراهيم حسيني بکري سنڌي. هو وقت جي تمام وڏن ماڻهن مان تقوي ٰ ۽ پرهيزگاري علم ۽ عمل جو صاحب هو.  بکر جي علائقه جي قضا سندس حوالي هئي. عام خلق کي وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ سبب خطيب جي لقب سان مشهور هو. 10 رجب 609هه بکر ۾ تولد ٿيو. 23 محرم 669هه جي وفات ڪيائين ۽بکر جي قلعي ۾  دفن ڪيو ويو. سندس اولاد سنڌ ۽  هندستان  ۾ انداز کان وڌيڪ پکڙيل آهي. (نزهت الخواطر)

        قلعه بکر ۾ اڄ تائين سندس مقبرو هڪ چؤکنڊي ۾ مشهور آهي.

 

 

408-  محدث ربيع بن صبيح سندي

        شيخ محدث ابوبڪر ربيع بن صبيح اصل بصري جو رهاڪو آهي. نزهة الخواطر ۾ سندس ڪنية ابوبڪر کان سواءِ ابو حفص به آيل آهي. تذڪره علماءِ هند ۾ سندس ڪنيت فقط ابو حفص ڄاڻايل آهي. پهرين صدي سنڌ ۾ اسلام داخل ٿيڻ کان پوءِ جيڪي عالمن ۽ فاضلن جون ٽوليون عراق  مان سنڌ ۾ آيون،تن مان ابوبڪر ربيع به آهي، جو هڪ وڏو عابد زاهد محدث بزرگ هو.، هن امام حسن بصري، حميد الطويل، يزيد رقاشي، ابو زبير، ثابت بناني، مجاهد بن حبير کان حديث جي  روايت ڪئي ۽ کائونس وري امام سفيان ثوري، امام وڪيع محدث ابن مهدي، ابودائود طيالسي ۽ ابو وليد طيالسي، آدم بن اياس ۽ عاجم بن علي محمد ٽن روايتون ڪيون.

        حديث جي فن ۾ ڪن محدثن کيس  ضعيف ۽ ڪمزور شمار ڪيو آهي ۽ ڪن معتبر ۽ پڪو سچو ڳڻيو آهي.

        ابن حبان جو چوڻ آهي ته هو بصري وارن ۾ هڪ عابد زاهد هو. سندس گهر مان رات جي نماز پڙهڻ ڪريما کي جي مکين وانگي ڀڻڀڻاهٽ ايندي رهندي هئي، مگر حديث جو فن سندس عمل ۾  نه آيل هو. ڇو ته حديث روايت ڪرڻ وقت کيس وهم ٿيندو هو، تنهن ڪري ڪيتريون اڻ ڄاتل روايتون ڪري ويندو هو.

        ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي ته هي پهريون ئي ماڻهو آهي، جنهن بصري ۾ تصنيف يا تاليف جي شروعات ڪئي. علامه چلپي ڪشف الظنون ۾ لکي ٿو ته اسلام ۾ ئي هي پهريون عالم آهي، جنهن ڪتاب تصنيف ڪيو ۽ ان کان پوءِ ٻين اُن فن ڏانهن توجه ڪيو.

        مؤرخ طبري لکي ٿو ته ربيع بن صبيح غزا يا جهاد جي ارادي سان بصري مان عبدالملڪ مسمعي سان 159هه ۾ سنڌ ڏانهن نڪتو. سنڌ جي  ساحل  تي لهڻ کان پوءِ هنن باربد شهر تي قبضو ڪيو ۽ ٻڌ ڌرم  وارن جو هڪ وڏو بت ڀڃي هن کي ساڙي ڇڏيائون. انهيء فتح کانپوءِ سمنڊ ۾ سانوڻي جو جوش پيدا ٿيل هو، جنهن ڪري نه اڳتي وڌي سگهيا ۽ نه  پوئتي موٽيا ٿي. ان وچ ۾ مسلم فوج ۾ اچي وات پچڻ جي بيماري پئي، جنهن ڪري هڪ هزار سپاهي فوت ٿي ويا، جن ۾ ربيع بن صبيح محدث به هو. اهو واقعو 160هه ۾ ٿي گذريو. ربيع کي سنڌ جي  سرزمين تي ئي دفن ڪيو ويو.

(نزهت الخواطر)

 

 

409- ابراهيم ديبلي

        شيخ محدث ابراهيم بن محمد بن ابراهيم بن عبدالله ديبل سنڌي هڪ وڏو عالم محدث هو. هنجو ذڪر سمعاني ڪتاب الانساب ۾ ڪيو آهي. لکيو اٿس ته هن حديث جي روايت موسيٰ بن هارون کان ۽ محمد بن علي صائغ ڪبير کان ۽ ٻين محدثن کان ڪئي. اخير عمر ۾ هو مڪه شريف ۾ اچي، جتي وفات پڻ ڪيائين. ابراهيم ديبلي جو تذڪرو  حموي پنهنجي ڪتاب معجم البلدان ۾ به ڪيو اهي.

(نزهت الخواطر)

 

        سندس وفات جي تاريخ معلوم  نه ٿي سگهي، مگر نزهت الخواطر واري کيس چوٿين صدي جي رجالن ۾ آندو آهي.

 

 

410- احمد  ديبلي

        شيخ محدث احمد بن عبدالله بن سعيد ابوالعباس ديبلي سنڌي، هي هڪ طالب علم محدث صوفي بزرگ هو، جو سموري ڄمار طلب علم لاءِ  سفر  ڪندو رهيو. سنڌ مان روانو ٿي، نيشاپور ۾ وڃي مقيم ٿيو.  ان وقت نيشاپور ۾ دنيا جو  وڏو محدث ابوبڪر محمد بن خزيمه زنده هو. شهر جي ٻاهران هڪ خانقاه هئي، جتي هي طالب علم لاءِ رهي پيو.، ڪجهه وقت کان پوءِ شهر مان ڪنهن درويش کيس شادي ڪرائي، مگر ان  کان پوءِ پنهجي دستور موجب امام  ابن خزيمه وٽ خانقاهه ۾ رهندو هو ۽ رات جو سو فقط شهر ۾ وڃي گهر ۾ رات گذاريندو هو. گهڻو ڪري ”ڪٿي“ جا ڪپڙا ڍڪيندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيرين اگهاڙو گهمندو هو.

        هن نيشاپور مان حديث جو  علم حاصل ڪرڻ لاءِ بصري جو سفر ڪيو، جتي ابو خليفه  قاضي کان روايت ڪيائين ۽ بغداد ۾ جعفر بن محمد فريابي کان ۽ مڪھ ۾ مفضل بن محمد جندي کان ۽ محمد بن ابراهيم ديبلي سنڌي کان، دمشق ۾ ابو حسن احمد بن حوصا کان بيروت ۾ ابو عبدالرحمان مڪحول کان ۽ حران ۾ ابو عروه  حسين بن ابي معشر کان ۽ تستر ۾ احمد زهير کان ۽  عسڪر ۾ مڪرم عبدان حافظ کان ۽ نيشاپور ۾  ابوبڪر محمد بن خزيمه ۽ ٻين محدثن کان کانئس وري حاڪم ابو عبدالله الحافظ نيشاپوري روايت ڪئي.

        ايڏي وڏي علم ۽ زهد وارو محدث بزرگ نيشاپور ۾ سن 340هه ۾ رجب مهيني ۾ وفات ڪئي ۽ اُتي ئي دفن ڪيو ويو.

(مزهت الخواطر و تذڪره انساب سمعائي)

 

411-احمد منصوري

        ابوالعباس احمد بن محمد صالح منصوري سنڌي، سنڌ جي منصوره شهر جو قاضي هو. هو  ظاهر مذهب جو تابع ۽ امام  ابودائود ظاهري جي مڃيندڙن مان محدث ۽ سندس معاصرن کان حديث سماع ڪيائين ۽ کانئس مشهور حديث حاڪم ابو عبدالله حافظ حديث جي روايت ڪئي.

        مقدسي سياح پنهنجي ڪتاب احسن التقاسيم ۾ لکيو آهي ته مان ابوالعباس احمد قاضي کي منصوره ۾ وڃي ڏٺو. اهو دائودي مذهب رکندو هو ۽  پنهنجي مذهب ۾  وڏو امام هو. درس تدريس سان گڏ تصنيف جو ڪم به ڪندو هو، ۽ هن  جا ڪيترائي ڪتاب تصنيف ٿيل آهن.

        محمد بن اسحاق ڪتاب الفهرست ۾ لکيو آهي ته احمد منصوري  دائودي مذهب تي هو ۽ ظاهري مذهب جو وڏو فاضل هو. سندس ڪيترائي ڪتاب تصنيف ٿيل آهن، جن مان المصباح ڪبير، ڪتاب الهادي ۽ ڪتاب النير مشهور آهن.

        نزهت الخواطر واري کيس 4 صدي هجري جي رجالن  ۾ آندو آهي.

 

 

412-  محمد بن ابي الشوارب منصوري

        هي بزرگ اصل ۾ عراق جو رهاڪو، وڏي علم وارو لائق ماڻهو هو. عباسي خليفن جي زماني ۾ سنڌ جي گادي واري هنڌ منصوره جو قاضي مقرر ٿي آيو. عراق ۾ عام طرح ۽ بغداد ۾ خاص طرح هن جي وڏي علميت ڪري قدر ڪيو  ويندو هو، ۽ ماڻهو تمام گهڻي عزت  ڏيندا هئس. بغداد جو خليفو پنهنجي سر ۽ سندس شاهزادا هن علامه جي صحبت مان فائدا حاصل ڪندا ۽ هن جون سموريون ضرورتون پوريون ڪندا  رهندا هوا. هو سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ هميشه لاءِ سنڌ ۾ رهجي ويو ۽ سندس  اولاد به هت وڌندي رهي. افسوس هي آهي ته سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ فقط 6 مهينا  زنده رهيو. يعني ته  ربيع الثاني 283هه ۾ سنڌ جو قاضي مقرر ٿي  منصوره ۾ پهتو ۽ شوال 283هه ۾ منصوره ۾ وفات ڪيائين. هن کان پوءِ سندس فرزند علي بن محمد بن ابي الشوارب منصوره جو قاضي مقرر ٿيو. (عامل تاريخ سنڌ)

 

 

413- عمر بن عبدالعزيز هباري منصوري

        قريشين جي قبيلي جي هڪ شاخ بنو اسد مان هڪ شخص هبار نالي هجرت جي 8 سال، حضور رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي هٿ مبارڪ تي اسلام آندو. ان جي اولاد مان  هڪ شخص منذر بن زبير ٻئي صدي هجري ۾ سنڌ ۾ آيو جڏهن حڪم بن عوانه سنڌ جو گورنر هو. منذر هميشه لاءِ سنڌ ۾ رهجي ويو. ان جو پوٽو عمر بن عبدالعزيز بن منذر بن زبير سال 240هه ۾ سنڌ جو والي ٿيو ۽ سنڌ جي گادي واري هنڌ منصوره تي قبضو ڪري سموري سنڌ کي پنهنجو ڍل ڀريندڙ بڻايائين. ان هوندي به هو خليفه بغداد جو مطيع رهيو ۽ جمعه جي خطبي ۾ خليفي جو نالو ورتو ويندو هو. ايران جي بادشاهه يعقوب بن ليث کي جڏهن بغداد جي خليفي معتمد باالله ترڪستان ۽ ڪرمان ۽ سنڌ جي اميري جو پروانو ڏنو ته عمر بن عبدالعزيز هباري سنڌ جو حاڪم به يعقوب صفاري جي امارت هيٺ اچي ويو.

        عمر بن عبدالعزيز جي زماني ۾ سنڌ جي سرحدي علائقه جو هڪ راجا اسلام قبول ڪيو هو. جهن هڪ سونو زنجير جنهن تي زمرد ۽  ياقوت جو جڙاءُ ٿيل هو. ڪعبة الله ۾ لڙڪائڻ لاءِ هديه طور ڏيڻو ڪيو. ان سان گڏ سبز رنگ جو هڪ وڏو ياقوت به ڏيڻو ڪيو. جڏهن اها خبر بغداد ۾ پهچائي ويئ، تڏهن خليفي معتمد انهن شين کي ڏسڻ لاءِ گهرايو.

        معائني ڪرڻ  کان پوءِ حڪم ڪيو ته انهن کي ڪعبة الله ۾ رکايو وڃي،  جنهن جي پوءِ تعميل ڪئي وئي.

        ڪتاب الفهرست ۾ سندس مصنف لکيو آهي ته هڪ ڪتاب منهنجي نظر مان گذريو، جو 3 محرم الحرام 249هه جو لکيل هو. انهيءَ ۾ هندستان جي هندو ڌرم جو بيان لکيل هو. ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته بغداد جي  مشهور وزير ۽ عالم يحيٰ بن خالد برمڪي، ڪي عالم سنڌ ۾ موڪليا هوا ته هندستان جي ٻوٽين ۽ ٻين ڪارآمد شين جي تحقيقات ڪري ڪجهه پاڻ سان کڻي اچن. جڏهن اُهي موٽي آيا، تڏهن هنن جيڪا رپورٽ ڪئي، ان جو خلاصو انهيءَ صورت ۾ مرتب ڪيو ويو.  اهو ساڳيو زمانو آهي، جڏهن عمر بن عبدالعزيز جو سنڌ تي راڄ هو.

        انهيءَ زماني ۾ يعني سال 264هه ۾ ابو زيد سير فني مشهور سياح به سنڌ ۾  آيو هو، جنهن پنهنجو سفر نامو لکي، سنڌ جي حالتن تي روشني وڌي آهي.

        عمر بن عبدالعزيز نهايت شان مان ۽ امن امان سان حڪومت هلائي سن 270هه ۾ هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪيو، جنهن کان پوءِ سندس فرزند  سنڌ جو حاڪم ٿيو. (تاريخ سنڌ ابو ظفر ندوي)

 

 

414- عبدالله بن عمر هباري منصوري

        عبدالله بن عمر هباري پنهنجي والد  جي وفات کان 220 هه ۾ منصوره جي تحت تي ويٺو. هن کي هڪ ٺهيل ٺڪيل سلطنت ورثي ۾ ملي وئي، جنهن ڪري حڪمراني جي معاملن ۾ سستي اختيار ڪيائين. نتيجو هي نڪتو جو هڪ آزاد ٿيل غلام نوجوان صمه نالي بغاوت ڪري، منصوره تي قبضو ڪري ورتو. عبدالله ان وقت اباڻي ڳوٺ بانبه ۾ رهيل هو، جو منصوره کان ڏکڻ ڏانهن ٿوري مفاصلي تي هو. آخر عبدالله پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ وڏو ڪٽڪ ڪٺو ڪري صمه جي مقابلي لاءِ نڪتو. منصوره باغي غلام جي قبضي مان ڪڍي پنهنجي هٿ ۾ آندائين. ان کان پوءِ هو  بانبه جي بجاءِ منصوره ۾ رهڻ لڳو.

        عبدالله بن عمر هباري کي هڪ  هندو راجا، جنهن جو نالو عربي مؤرخ مهروڪ بن رائڪ لکندا آهن، لکيو ته سنڌي زبان ۾  اسلام جي عقيدن ۽ سندس تعليم لکائي موڪلي. جنهن تي عبدالله هڪ اهڙي شخص کي ان ڪم لاءِ مقرر ڪيو هو، جو  نسلاً عراقي هو پر سنڌي زبان جو وڏو ڄاڻو هو. هن جي پرورش منصوره ۾ ٿي هئي. مانهو  ڏاڍو سمجهدار ۽ عاقل هو. هن عبدالله جي حڪم موجب سنڌي زبان ۾ نظم لکي اسلامي عقيدن ۽ اصولن جو اپٽار ڪري، هڪ قصيدو تيار ڪيو. جڏهن راجا مهروڪ جي سامهون پڙهيو ويو، تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو. عبدالله کي لکيائين ته انهيءَ شاعر کي مون  ڏانهن موڪليو وڃي. عبدالله هن کي راجا ڏانهن روانو ڪري ڏنو ۽ برابر 3 سال اُتي رهيو پيو هو. ٽن سالن کان پوءِ، جڏن هو واپس عبدالله وٽ آيو، تڏهن عبدالله راجا بابت حال احوال پڇڻ لڳس،  هن جواب ۾ چيو ته جڏهن آءٌ راجا وٽان واپس ٿي رهيو هوس ته هو اندر ۾ سچي دل سان مسلمان ٿيل هو، پر بادشاهت جي کسجي  وڃڻ جي ڊپ کان اسلام جو  اطهاري ڪري نه ٿو سگهي. هن ٻڌايوته راجا مون کي، قرآن شريف جي سنڌي ترجمي لکڻ جو حڪم ڪيو. آءُ کيس روزانو ٿورو ٿورو تفسير جو ترجمو ٻڌائيندو رهندو هوس، جڏهن آءٌ سورت ياسين جي آيت ”من يحي العظام وهي رميم“ هنن ڳريل هڏن کي ڪير جيئرو ڪندو جو ترجمو ٻڌايو ۽ وري ان جو لکيل تفسير ڪيو ته پاڻ اُن وقت سون جي جڙاءُ  واري تخت تي ويٺو هو. مون کي چيائين ته  وري ان جو بيان ڪر، ته مان وري بيان ڪيو. جنهن تي هو هڪدم تخت تان هيٺ لهي پيو ۽  ٻه چار وکون ڀري، زمين تي ڳل کڻي رکيائين. هوڏانهن پاڻي جي ڇٽڪار سبب اُن وقت زمين آلي هئي، ايتري قدر رنو جو سندس ڳل مٽي ۾ لٽ پٽ ٿي پيا. چوڻ لڳو ته بيشڪ اهوئي پالڻهار اسان  جو معبود آهي. هو ازلي ۽ ابدي آهي. ان کان پوءِ راجا بندگي ڪرڻ  لاءِ هڪ الڳ جاءِ ٺهرائي، جنهن ۾ عبادت ڪندو هو ۽ پوري وقت تي نماز پڙهندو هو. ماڻهن تي ظاهر ڪندو هو ته اڪيلائي ۾ وڃي، پنهنجي بادشاهت جي ڪاروبار تي ويچار ڪندو آهي.  انهيءَ سنڌي شاعر جو بيان آهي ته راجا  مون کي ¨ ڇهه سؤ مڻ سون 3 دفعا ڏنو.

        عبدالله هباري جي سلطنت واري زماني ۾ سنڌ جي مشهور بندرگاهه ديبل ۾ زلزلو آيو. اهو زلزلو شوال  280هه ۾ آيو.، پهريان چنڊ گرهڻ ٿي، ان کان پوءِ ڏينهن جو سج گرهڻ ٿي،جنهن ڪري وچين تائين ملڪ ۾ اونداهي ڇانيل  هئي.، ان کان پوءِ زبردست آندهي (جهڪ) لڳي. جو رات جو ٽئين حصي تائين  هلندي رهي،. ديبل جا ماڻهو ننڊ ۾ ستل هوا ته هڪ  زبردست  زلزلو آيو،  جنهن ڪري سمورو شهر اچي پٽ تي پيو. شايد 5 سو کن جايون بچيون هونديون، ان کان پوءِ 5 ڀيرا ڪپ  ٿي. جاين  جي ڀنجهو هيٺان هڪ لک پنجاهه هزار ماڻهو مئل ڪڍيا ويا. ڦٽيل ۽  جيئرن جو ڳاڻاٽو ان کان سواءِ آهي.ان مان ديبل جي آبادي ۽ آسودگي جواندزو لڳائي سگهجي ٿو. انهيءَ واقعي جو اطلاع بغداد ۾ خليفي معتضد باالله عباسي کي پهچايو ويو، جنهن جي حڪومت 279هه کان 286هه تائين هئي.، انهيءَ  زلزلي جو اطلاع بروقت ئي خليفي تائين پهچايو ويو.   ڇاڪاڻ  جو ان زماني ۾ خلافت عباسيه پاران ڊاڪ ۽ پوليس جو انتظام مڪمل هو، جو سنڌ جون خبرون روزانيون بغداد پهچايون وينديون هيون.

        عبدالله بن عمر جي شروع حڪومت واري زماني ۾ سنڌ ۾ اسماعيليه شيعن جا اڳواڻ (داعي) اچڻ لڳا، جي بلڪل خاموشي سان پنهجي دعوت کي ماڻهن تائين پهچائيندا رهندا هوا. اسماعيليه  فرقي جو هڪ اڳواڻ هيشم نالي 670 هه ۾ امام عبيدالله مهدي پاران سنڌ ۾ پهتو جنهن سنڌ ۾ عباسين خلاف  انقلابي تحريڪ اچي جاري ڪئي. انهيءَ عبدالله جي زماني ۾ قاضي محمد بن ابي الشوارب هڪ ووو عالم بغداد مان منصوري جو قاضي مقرر ٿي آيو. عبدالله بن عمر ملڪي انتطام جو وڏو ماهر هو ۽ هر هنڌ ملڪ ۾ امن و امان رکيل هو. برابر 30 سال راڄ هلائي. 303هه ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ منصوره ۾ ئي دفن ٿيو.

 

 

415- عمر بن عبدالله هباري منصوري

 

        هن بزرگ متعلق مولانا دين محمد وفائي مرحوم پنهنجي قلم سان ڪوبه احوال نه لکيو آهي.  شايد لکن ها، مگر حياتي وفا نه ڪئي. ان ڪري مشاهير سنڌ جي اصل متن ۾ هي صفحو خالي ڇڏيل آهي.

 

 

 

416- مخدوم محمد امين داسوڙي

        هي موحد ڪامل درويش، ظاهر ۽ باطني علمن سان آراسته هو. ارشاد الطالبين ۾ لکي ٿو ته:

”ولي و مرشد زمان خود بوده ست و مريدان

وي هم صاحب ذکر بودند و فيض تمام داشتند“

تحفت الڪرام ۾ آهي ته:

        مخدوم محمد امين کامل موحد وقت در موضع * داسوري از ارض پٽ باران در نزديکها گذشته“

        هي بزرگ باطني فيض ڏيڻ سان گڏ مدرسه ۾ به پڙهائيندو هو، جنهن ۾ ڪيترائي شاگرد ظاهري علم پڙهندا رهندا هوا.

        نقل آهي ته سندس شاگردن مان ”ڪرپيو“ نالي هڪ طالب علم هڪ هندو عورت تي عاشق ٿي پيو، جو صبر قرار هن جي دل مان صفا الوداع ڪري ويو. مصيبت هي هئي جو کيس انهيءَ عورت جي ڏسڻ جو به موقعو ڪونه ملي سگهيو ٿي، آخر ديدار کان محرومي جي مصيبت کان عاجز ٿي، اچي مخدوم صاحب جي خدمت ۾ عرض حال بيان ڪيائين. پاڻ فرمايائونس ته ”صبر ڪري ويهه!“ ائين گفتگو ٿي رهي هئي ته اها هندو عورت  بي اختيار ڇڪجي اچي مدرسي ۾ حاضر ٿي، پوءِ پنهنجي شاگرد کي فرمايائين، جو ڪجهه ڏسي وٺڻو، سو ڏسي وٺ! اها زال ٿوري جهٽ بيهي وري هلي ويئي، شاگرد تان عشق جو اثر صفا زائل ٿي ويو.

        نقل آهي ته سندس گهوڙي کي ميڙايو هوائون، مگر پتو نه ٿي پيو ته ڍڪي آهي، الائي نه! ان بابت پنهنجي هڪ شاگرد کي فرمايائون ته گهوڙين پاليندڙ سوار کي وٺي اچ ته اُهو اچي ڏسي ٻڌائي ته ڇا آهي. اُهو ماڻهو ست اٺ ڪوهه ڊاسوڙي کان پري جو ويٺل هو. شاگرد هو دل وارو، تنهن چيو ته ڪير پيو پنڌ جا ڪشالا ڪاٽي، سو مراقبي ۾ ويهي، حال معلوم ڪرڻ  لڳو. کيس ڄاڻايو ويو گهوڙي برابر ڍڪي آهي، مادي ٻهاڻ ڪاري ابلق پيٽ ۾ اٿس. مخدوم صاحب صبح جو ڏٺو ته شاگرد ته ويو ئي ڪونه آهي. پڇيائونس ته ڇو نه وئين. عرض ڪيائين ته حضرتا، مان رات  مراقبو ڪري گهوڙي جي ڍڪپڻ جو احوال معلوم ڪيو آهي. هن جي پيٽ ۾  ڪاري ابلق ٻهاڻ آهي. پاڻ شاگرد جي منهن تي چمات هڻي فرمايائين ته اها سڌ امين (مون کي) ۽ ٻين شاگردن کي ڪانه هئي ڇا، جو تون ٻڌائي رهيو آهين. وڃ ۽ گهوڙن جي ڄاڻو کي وڄي اچ. ڇو ته ظاهري ڪمن تي ظاهري حڪم لڳايو  ويندو آهي. (گلشن اولياء)

        خواجه محمد حسن لواري واري کان نقل آهي ته بزرگ ڊاسوڙي جو مرشد، دهلي جو رهاڪو هو ۽ هميشه دهلي ڏانهن سفر ڪري، مرشد جي زيارت ڪرڻ ويندو هو. جڏن سندس وفات جو ويلهو آيو تڏهن فرمائڻ لڳو ته مون کي دنيا جو ڪوبه فڪر باقي رهيل ڪونه آهي. سواءِ هن جي جو جنهن جي ڄمار ايترو جٽاءُ نه ڪيو وري وري مرشد جي زيارت لاءِ دهلي جو سفر ڪندو رهان ها،  ۽ ان مان ڍؤ ڪريان ها. (صفائل الضمائر)

        سندس شاگردن ۽ مريدن مان مخدوم صابر ولهاري ۽ مخدوم ميڏنو نصرپوري مشهور عالم ۽ درويش ٿي گذريا آهن.

 

 

417- درويش صابر ولهاري (1)

        هي عالم ۽ عارف درويش درويش مخدوم محمد امين ڊاسوڙي جو شاگرد ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شاهه عنايت الله رضوي نصرپوري جو هم عصر بزرگ هو. هميشه ڏينهن جو روزو رکندو هو ۽ رات جو اُڀو ٿي عبادت ڪندو هو. هميشه قران شريف جو درس ڏيندو رهندو هو. بزرگي ۽ پرهيزگاري ۾ تمام بلند درجي جو مالڪ هو.

(تحفت الڪرام)

        هو ننڍي ڄمار ۾ مخدوم محمد امين ڊاسوڙي واري وٽ قرآن شريف پڙهندو هو. مسڪيني سبب ڪپڙا ڏاڍا سادا هوندا هئس. جنهن ڪري ڪوبه کيس ڪونه سڃاڻي سگهندو هو. هڪ رات مخدوم محمد امين کي  حضور رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم خواب ۾ کيس صابر جي  استاذ جو لقب ڏيڻ فرمايو. صبح جو مخدوم صاحب پڇا ڪئي ته منهنجي شاگردن ۾ صابر ڪهڙو آهي. شاگردن جي جماعت تمام گهڻي  هئي،  پڇا ڪرڻ کان پوءِ هن کي هٿ ڪري مخدوم صاحب  جي خدمت ۾ آندائون. مخدوم صاحب کيس پنهنجي آغوش شفقت ۾ وٺي، سندس ٿورو مڃڻ لڳو ۽ ان کان پوءِ  صابر جي وڏي تعظيم ڪندو هو ۽ سندس کاڌي پيتي جو انتظام به مخدوم صاحب جي گهران ٿيندو رهندو هو.

        هڪد فعي درويش اڃا ننڍو هو ته سندس والده مدرسي ۾ صبح جو سڏي چوڻ لڳي ”ابا صابر اچي ڀت کاءُ“ صابر اُن تي روئي چوڻ لڳس ته امان صابر به سڏين ٿي، وري کاڌي کائڻ لاءِ به ڪوٺين ٿي (يعني ته صابر کي بک ڏک ۾ هميشه صبر هوندو آهي، ان کي کائڻ لاءِ ڪهڙا ويهي سڏ ڪجن)

        حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سفر جي حالت ۾ مخدوم صابر جي ملاقات ۽ ديدار لاءِ آيو هو. ان وقت شاهه صاحب جون اکيون اُٿيل هيون، اکين تي سائي اڳڙي لڙڪيل هئي.ا ڳڙي مٿي ڪندي فرمايائون ته ”اکيون اهو ساڳيون آهن  نه جيڪو منهنجي دل ۾ هو.“ (1)

        مخدوم محمد امين جي لاڏاڻي جو وقت جڏهن  ويجهو آيو، تڏهن درويش صابر کي سڏائي پنهنجي آغوش شفقت ۾ جهلي، منهن منهن سان ملائي، پوءِ هن بي بنياد جهان مان عالم جاوداني ڏانهن روانو ٿيو. پنهنجي سموري وراثت درويش صابر کي سونپي ويو. ان وقت جيڪي به ڪماليت وارا بزرگ مجلس ۾ موجود هوا،تن ۾ هڪ بزرگ مخدوم  صاحب جي عزيزن مان به هو، تنهن چيو دريا جوش ۾ آيو، مگر سمورو وڃي ولهار  تي پلٽيو.

        مخدوم صابر جي مريدن مان درويش فتن صاحب ڪمال ٿي گذريو آهي. سندس اولاد مان درويش معروف ۽ انهن جو فرزند ميان مقبول، وقت جا مشهور بزرگ ٿي گذريا آهن.

        مخدوم صابرولهاري جي وفات سن 1135هه ۾ ٿي گذري آهي.

رحمت الله عليه رحمة واسعة

 

418- سيد ناگي شاهه لاڙائي

        سيد ناگيسس شاهه لاڙائي بديڻ طرف ٿي گذريو آهي. درويش  مستجاب الدعوات ۽ مجذوب حال فقير هو. هن جو تفصيل حال نظر مان نه گذريو آهي. گلشن اولياء ۾ سندس ڪجهه ڪرامتون  ذڪر ڪيل آهن، جن جو بيان هيٺ ڏجي ٿو:

        (1) مخدوم  عبدالرحيم گروهڙي، وقت جو هڪ وڏو عالم. اڃا تصوف جي طريقي ۾ داخل نه ٿيو هو ته هڪ دفعي سيد ميان ناگي شاهه مجذوب جي خدمت ۾ پهچي  دعا جو طالب ٿيو. فرمايائينس ته ملا! تون مڙس آهين ۽ اڳتي هلي مڙس ٿيندين.

        (2) سيد ميان ناگي شاهه جو زمانو ڪلهوڙن  جو زمانو هو. انهي زماني ۾  ڍل نه ڏيڻ ڪري ماڻهن تي سرڪاري وٺ پڪڙ ٿيندي هئي،جنهن ڪري هندو يا مسلمان انهيءَ قسم جا ڀڄي اچي سيد ناگي شاهه وٽ پناهه وٺندا هوا ۽ سرڪاري ڪامورن جي گرفت کان بچي ويندا هوا. سرڪاري ڪامورا جڏهن شاهه صاحب وٽ ٻانهن وٺڻ لاءِ  ايندا هوا، تڏهن بازو ڏيڻ کان جواب ڪڍي ڏيندو هو. انهيءَ زماني جي رواج موجب ڪاموري کي جيڪو به سرڪاري روزينو ملندو هو، سو سيد صاحب پنهنجي هڙان ڏيندو  رهندو هوس. پوءِ جيترا ڏينهن به اهو ڪامورو سيد صاحب وٽ  ماڻهو موٽائڻ لاءِ ترسيو پيو  هجي.

        هڪ دفعي جو  واقعو آهي ته هڪ هندو سرڪاري قرض کان ڀڄي، اچي سيد ناگي شاهه جي پناري پيو.  پوئتان سرڪاري چوڪيدار به ڪاهي اچي کيس پهتو ۽ سيد صاحب کي گهڻوئي منٿون ڪيائين ته هندو جي ٻانهن ڪڍي ڏيو. مگر بلڪل رکو جواب ملندو رهيس. جنهن تي چوڪيدار چيو ته سائين مون کي سرڪاري حڪم مليل آهي ته ڪنهن به  نموني ۾ هن هندو کي وڃي حضور ۾ حاضر ڪريان سو مان ڪڏهن به ڪونه مڙندس. آخر هندو کي پڪڙي روانو ٿيو. اڃا ٿورو قدم مس هليو ته  چوڪيدار جي چيلهه مان ٽاٽ اُڀري ٺڪاءُ نڪتو. اُتي جو اُتي چيلهه ڀڄي پوڻ سان ڪري پيو.  ڏٺو ويو ته ڪيترا ڏينهن، اُتي هڪ ٻٻر جي وڻ هيٺان پيو هو ۽ هندو ته بروقت ئي موٽي اچي سيد صاحب جي خدمت ۾ ويهي رهيو.

        مراد فقير نظاماڻي، جو سيد ناگي شاهه  جو مريد هو، تنهن هڪ ڏينهن اچي انهيءَ  چوڪيدار بابت عرض ڪيو ته اگرچه هن بي ادبي ڪئي اهي، پر هاڻي کيس معافي ملڻ گهرجي. سيد صاحب فرمايو ته اسان کيس معاف ڪيو آهي. هن باهه جي  چلهي مان ٿوري خاڪ کڻي وڃي  سندس چيلهه تي مالش ڪريو ته  آرام اچي ويندس. آخر ٿيو  به ائين جو ڪيري ملڻ سان هڪدم  اُٿي  کڙو ٿيو. جنهن کان پوءِ مريد ٿي، سموري ڄمار سندس خدمت ۾ رهندو آيو.

        (3) ساڳي ريت هڪ ماڻهو سرڪاري مطالبي کان ڀڄي شاهه صاحب جي خدمت ۾ اچي پناهه گير ٿيو. سرڪاري مانهو به پوئتان پهچي ويس. سيد صاحب ڀاڙو  ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مگر سرڪاري ڪامورو زوري انهيءَ ماڻهو کي گهلي جهلي وٺي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. جنهن تي پاڻ غصي ۾ اچي، انهي ماڻهو جي ڪاموري کي ٻانهن ڏيندي فرمايائين ”وٽ هن پنهنجي ماءُ جي مڙس کي! ڏسون ته ڪيئن ٿو وٺي وڃينس.“ ٻانهن وٺي اڃا ٿورو اڳتي  وڌيو ته بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيو ۽ بدن مان رت وهي چڙهيس ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو.

        (4) هڪ شخص قوم اُڍيجو پنهنجي برادري  وارن کان سڱ گهريو هو، مگر هو ڏيڻ تي راضي نه هوا. جنهن تي هي شخص سيد ناگي شاهه کي اچي سوالي ٿيو ته ميڙ ٿي مون سان هلي. سيد صاحب هائو ڪري هن سان چڙهي هليو.

        ڇوڪريءَ (منڱ) جي پيءُ جڏهن ٻڌو ته سيد صاحب ميڙ ٿيو اچي، تڏهن ڊپ کان، ٻئي هڪ ماڻهوءَ سان ڇوڪريءَ کي پرڻائي ڇڏيائين. سيد صاحب جڏهن اها ڳالهه ٻڌي،  تڏهن فرمايائين هن شخص گوهه کاڌو آهي. زبان جو ويڻ وهي ويو.، ٿوري عرصي کان پوءِ ڏٺو ويو ته اهو ماڻهو چريو ٿي پيو ۽ گوهه کائيندو رهيو.

        (5) مينڌار قوم وارن جو ٽالپرن سان انهيءَ زماني ۾ تڪرار ٿي پيو هو، جنهن تي مشهور شاهو خان ٽالپر کي مينڌرن ماري وڌو  هو. ان کان پوءِ راتو واهه ٽپڙ کڻي ڪڇ ڏانهن هليا ويا هوا، مگر پوئتان قاتلن جا جيڪي بيگناهه عزيز هوا تن تي مير بجار خان ولد مير بهرام خان، جو ڪلهوڙن جو سرڪردو امير هو، تنهن مينڌرن جي برادري جا 50 ماڻهو حملو ڪري مارائي وڌا هوا. ان کان پوءِ گهڻي عرصي گذرڻ بعد سچا قاتل سيد ناگي شاهه وٽ اچي  ملتجي ٿيا ته اوهان وچ ۾ پئي ٽالپرن سان ٺاهه ڪرائي ڇڏيو! شاهواڻي ٽالپرن ڏانهن ميڙ تي چڙهي هليو. هوڏانهن ٽالپرن کي به پتو پئجي ويو ته  مينڌرا سيد صاحب  جي اوطاق تي آيل آهن، سو ڇا ڪيائون جو راتو  واهه سيد صاحب جي اوطاق تي ڪاهي آيا ۽ سيد جي اوطاق ۾ مينڌرن کي ماري روانا ٿي ويا. جنهن تي سيد ناگي شاهه کي ڏاڍو  غصو آيو، فرمايائين ته هي ڇا ٿيو. هن جو عيوض مير بهرام خان ٽالپر جو سر آهي. ماڻهن عرض ڪيو ته بهرام ڪهڙو  گناهه ڪيو آهي؟  فرمايائين ته هي شهواڻي ٽالپرن جي زور تي ناحق ڪري ويا آهن،تنهن ڪري عيوض ۾ بهرام جي سسي گهرجي ٿي.  آخر اهو سخن سچو نڪتو ۽ مير بهرام خان ٽالپر ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جي  هٿان شهادت جي درجي تي رسيو.

        (6) هڪ ڏينهن مير بجار خان ٽالپر ولد مير بهرام خان ٽالپر سيد ناگي شاهه جي مريد خاص مراد فقير  نظاماڻي کان پڇيو ته ناگو شاهه، جو هڪ ڏاڍو بيپرواهه مجذوب آهي، تو سان ڪيئن ٺهيو آهي. جيڪڏهن مون سان به ائين مشفق ٿي رهي ته ڪهڙو نه چڱو  ٿئي.  مراد فقير چيو ته سيد صاحب جو ريجهائڻ ڪو ڏکيو ناهي؟ مير پڇيس  ته سو ڪيئن؟ فيقر مراد چيو ته مان پنهنجي ارادي  کي ڇڏي سندس حڪم جو تابع ٿي رهيو آهيان، جيڪڏهن تون به ائين ڪندين ته پوءِ  نتيجو تنهنجي فائدي ۾ نڪرندو،  جنهن تي مير صاحب چيو ته  منهنجي لاءِ اهو ڏاڍو ڏکيو آهي.

        سيد ناگي شاهه ڪڏهن ڪڏهن جوش ۾ اچي رقص به ڪندو هو. بدن جو تمام ڏٻرو هڏن جي مٺ هوندو هو. بدن تي هميشه هڪ رلي ويڙهيل هوندي هئس، جا ڏاڍي ٿلهي ۽ ڳري هوندي هئي ۽ رقص وقت محبت جي غلبي کان ايڏا ٽپا ڏيندو هو جو رلي سميت ماڻهن مٿان پيو ورندو هو. (گلشن اولياء)

        سندس وفات جو معلوم نه ٿي سگهيو، پر حالات مان ظاهر آهي ته هو  ڪلهوڙن جي زماني 12 صدي هجري جي درويشن مان آهي.

 

 

419- خواجه محمد حسن لواري رح

        عارف ڪامل عالم خواجه محمد حسن ولد  خواجه محمد زمان ثاني ولد خواجه گل محمد ولد خواجه محمد  زمان اول صاحب لواري.

        ولادت 5 محرم 1235هه لواري شريف ۾ ٿي. حڪيم مير نور علي لکوي، جو هڪ وڏو ڪامل بزرگ هو، تنهن کي هن صاحبزادي جي ڄمڻ کان اڳ ڪيتريون  بشارتون مليون ۽  الهام  ٿيا هوا، جي  پنهنجي  مرشد زاده خواجه محمد زمان ثاني سان بيان ڪندو رهيو  ٿي.

        مير نور علي شاهه، خواجه گل محمد صاحب جي خليفن مان لواري جي درگاهه جي وڏن خليفن مان هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي. ننڍپڻ جي ڄمار ۾ ئي سندس تعليم ۽ تربيت جو انتظام سندن والد بزرگ جي نطرداري هيٺ ٿيندو هو. مگر ظاهري علم تي ايڏو گهڻو  شوق ڪونه ڏيکاريندا هوا. جنهن تي سندس والد کي ان بابت ڪن فقيرن عرض ڪيو، فرمايائون ته اڳ ته هن جي پڙهائڻ جو  ڏاڍو خيال رهندو هو. مگر هڪ دفعي  حضور رسول الله صلي الله عليه وسلم خواب ۾ فرمايو ته هن ٻار جي علم پڙهائڻ جي ڪا ڳڻتي ڪانه ڪر، اسين پاڻ هن جي معاملي کي سنڀالي وٺنداسين. جنهن کان پوءِمون  کان هن جي پڙهڻ  پڙهائڻ جو خيال ئي  لهي ويو آهي.

        سندن والد بزرگ پنهنجي حياتي جي پوئين ڏينهن ۾ کيس پنهنجي رشد ۽ ارشاد جي گادي تي ويهاريو ۽ سڀني فقيرن کي وٽانئس بيعت وٺڻ جو حڪم ڪيو ۽ سندس وصال  کانپوءِ حقيقي رنگ ۾ خلق خدا کي نقشبندي طريقي جي تعليم ڏيندو رهيو.

        گهڻو  ڪري وضو سان رهندو هو ۽ فرض، نفل ۽ سنتون باقاعده ادا ڪندو رهندو هو. ڪيڏي  به سخت  سردي پوندي هئي ۽ سفر يا بيماري جي حالت ۾ گرم پاڻي نه ملندو هون ته سرد سان به ٺاهي ٺاهي وضو ساريندا هوا. وضوءَ سان گهڻو ڪري سنت جي بجا آڻڻ لاءِ ڏندڻ به ڏيندو رهندو هو. تهجد جا نفل ۽ سفر يا حضر ۾ ڪڏهن به  قضا نه ٿيس. سموري ڄمار ۾ کٽ تي نه سمهندا هوا، پر هميشه هيٺ فرش يا تڏو وڇائي آرام ڪندا هوا.

        سٺي يا سڻڀي کاڌي  جو شوق ڪونه هوندو هون، پر جيڪڏهن دعوت ۾ ڪو دوست سٺا طعام پيش ڪندا هوا ته ان مان ٿورو گهڻو  کائيندا هوا. پر نه اهڙي شوق سان، جيئن سادي کاڌي ڏانهن رغبت رهندي هئن.

        ٻن پهرن جي نماز کان پوءِ عالمن صالحن طالب علمن سان علمي مجلسون ڪندا هوا، جنهن ۾ صوفيانه نڪتن ۽ فقهي مسئلن تي گفتگو ٿيندي هئي. رمضان شريف ۾ سمورو وقت تلاوت قرآن ۽  عبادتن ۾ گذرندو هو. خصوصا پويون ڏهو رات ڏينهن هڪ رنگ ۾ عبادت ڪندا رهندا هوا.  نفلي روزا به هميشه رکندا هوا. ٻڍاپڻ ۽  ضعف جي زماني ۾ نفلي روزا نه رکي سگهيا ٿي ته به ذوالحج  ۽ ڏهين محرم جو نفلي  روزو ڪونه ڇڏيندا هوا. رمضان شريف ۾ ساري سنڀاري مال جي زڪوات ادا ڪندا هوا. ۽ ٻيا  نفلي صدقا به سواءِ ڪنهن حساب جي ڏيندا رهندا هوا.

        هن بزرگ کي حصور رسول الله صلي الله عليه وسلم سان خاص محبت ۽ عشق هو، سندن شان ۾ ڪيتريون نعتون، پنهنجي فرزند حضرت خواجه محمد سعيد رح  کان منظوم ڪرائي ٻڌندا ۽ ان مان حظ حاصل ڪندا هوا. سموري ڄمار ۾ 16 دفعا حج جو سفر ڪيائون، جن مان پوين ٽن سفرن ۾ سندن فرزند عالم فاضل صوفي شاعر خواجه محمد  سعيد به شريڪ رهيو. هنن بزرگن جي وڏن جا بمبئي، ڪڇ ڀڄ، ڪاٺياواڙ ۽ عرب جي يمن ۽ حجاز جي علائقن ۾ تمام گهڻا مريد هوا، جنهن ڪري سندن حج جو سفر گهڻو ڪري انهيءَ زماني جي رستن جي لحاظ کان يمن مان ٿيندو هو، ڇو ته سڙهن وارا ٻيڙا انهيءَ واٽ کان جده ويندا هوا. خواجه محمد حسن صاحب کان حج جي انهن ڇهن سفرن  ۾ جيڪي ڪرامتون ظاهر ٿيون سي بيشمار آهن.

        هي بزرگ ڪرامت جي  اظهار کي چڱو نه سمجهندو هو، جنهن  ڪري ان کان گهڻو  احترام ڪندو رهندو هو. ڪتابن جمع ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو  هئس.  حج جي هر هڪ سفر وقت سوين ڪتاب خريد ڪندا هوا يا نقل ڪرائي وٺندا هوا، جنهن ڪري سفر جي ڪتابن ۽ عالمن جو گروهه ساڻس رهندو هو.

        سندن هميشه اها آرزو هوندي  هئي ته مدينه شريف ۾ پيغمبر خدا صلي الله عليه وسلم جي پاڙي ۾ پساهه پورا ٿين ته اُتي ئي هميشه لاءِ آرامي  ٿجي. آخر پوئين حج وقت سندن اها آرزو پوري ٿي ۽ 63 سالن جي مسنون ڄمار ۾ مدينه شريف جي اندر 7 صفر 1298هه تهجد جي وقت وصال لايزال سان وڃي مليا ۽ جنت البقيع ۾ خواجه محمد پارسا مشهور نقشبندي طريقي جي ڪامل بزرگ جي قبر جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو. سندن وفات حسرت آيات، تي سندن فرزند خواجه محمد سعيد بزرگ ڪيتريون ئي منظوم تاريخون لکيون آهن، جن  مان هڪ هيٺ ڏجي ٿي.  جنهن جي هر هڪ شعر مان چار تاريخون حاصل ٿينديون. يعني ته جيڪڏهن هر هڪ مصرعي کي شمار ڪيو ويندو ته به تايخ سال نڪرندي. جيڪڏهن ٻنهن مصرعن جا نقطن وارا حرف شمار ڪيا ويندا يا بي نقطه اکر ٻنهين مصرعن جا شمار ڪبا ته به  جدا جدا سال تاريخ حاصل ٿيندو. اُها نظم هي آهي:

باعث اسرار ايزد ناف آهوئي کمال

قطب حد مصطفيٰ و مرشد افروز حال

زينت عرفان سبحان و مصلح حال ملوکه

فقر و دينش آمده بالا گه از سر مقال

شاه م صر راز الا و باقي و فاني في الله

رهنما او تا دو قائد دل فروز اصحاب حال

قبلئه آقطاب و مغني شر هر دعويٰ عجب

ثاني فهم مجدد و سرور جاه و جمال

رازدار نقشبندان و مسعود اصفيا

تاج جوهر فرق مجمع دين ابداءِض مال

قاتل نفس و امل از طالب ره يار  دل

پيش او رکاز معرفه حق عقل کل مال و منال

شاه باز معني عرفان حق و  نور ما

سرا راي هدي و مهدي زيبا خصال

قطب قيوم  زمان و سر شگرف الاله

در صلاح فقر او اي دل زبان او تا دلال

اومحمد هم حسن  افروز با ثروه وحيد

 عالم افزا با محمد و با حسن  سادر مثال

بود دائم تالي قرآن ز سر اصطفا

بهر گلزار فنا حق آن نسيم حد شمال

از لواري شد مسافران محقق ماه وهب

سوءِ طيبه و خيمه گه مرسل علي لايزال

ارجعي صد آه در طيبه بيامد هي خطاب

وائي با ايزد ثناؤ او کرده عرياني وصال

بهر او صد فرحت آمد زان و ليکن دان که واء

هست بهر جان من بس ناله ؤ  فرياد  بال

از من آمد صد فراقش آه و ليکن دان که او

آمد از کوثر بکف حوران دلا جامه  زلال

هر همه عشاق برزد نفس واويل واء

از تصادم اين فراق درد ده و هم و بال

صد هزاران مؤکنان افتاد بادل وصل در

صدر هزاران سينه کوبان و گل سفته دل ملال

کرد  وا فردوس دائم باب جنت البقيع

پي قد وم او و من سر آمد صد فتال از دل کلال

از مکارم آن مکمل سال گفتا دل بقيع

وه وزير اور ملتحق با مصطفيٰ و مهمان آل

بل همه  مصرع وفات زان هدي حق سعيد

هم بود منقوط و ناکاز مصرع بينش فک سال

 

از حاجي محمد  صديق ميمن نقشبندي بمبئي

بديع گوهر قسيم احسان فهيم صوفي و قديم معني

کرم پناهي حميد دوران اياز رحمان سراج دنيا

زهي مکرم کريم دائم حبيب برحق عيار از کي

سعيد و اصفي منير زيبا بزرگ مولي سعيد عقبي

        هن قطعه تاريخ بابت شاعر مذڪور لکي ٿو ته:

        زين چار مصرعه تاريخي، صدها مصرعه تاريخي بر مي آيند فتا ملوهم وفا فهموهم“ يعني ته هنن چئن تاريخي مصراعن مان سوين ٻيا تاريخي مصرعا به تيار ٿي سگهن  ٿا. پر اُن ۾ غور ڪري پوءِ سمجهبو!

        حضرت خواجه محمد حسن لواري جي حالات تي سندس فرزند  خواجه محمد سعيد جو هڪ مفصل ڪتاب ”صفائل الضمائر“ آ نالي لکيل آهي، جنهن تان هي احوال نهايت اختصار سان ورتو ويو آهي.


 


¨  سون جو مڻ ننڍو ۽ وڏو ٿيندو آهي. عام مڻ ان مان  مراد ناهي.

*  ڊاسوڙي جو ڳوٺ تعلقه ٽنڊو الهيار ۾ آهي، جتي مخدوم محمد امين جو مقبرو مشهور آهي.

(1)  ولهار جي ديهه هاڻي ٽنڊوالهيار تعلقه ۾ آهي، جتي مخدوم صابر جو مقبرو به آهي.

(1)  اهو قصو تفصيل سان منهنجي ڪتاب لطف اللطيف ۾ پڙهڻ گهرجي. (وفائي)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org