مھربانو! وچ ۾ گوڙ نھ ڪيو، پر مون کي ٻڌو، ڇو تھ توھان
وعدو ڪيو ھو تھ مون کي آخر تائين ٻڌندؤ، مون کي اڃا بھ
ڪجھھ چوڻو آھي ۽ ممڪن آھي تھ اوھان ان تي ھل ڪيو، پر
مون کي يقين آھي تھ جي اوھان غور سان اھو ڪجھھ ٻڌو تھ
توھان نفعي ۾ ھوندؤ. تنھن ڪري مان وري عرض ڪندس تھ
مھرباني ڪري گوڙ نھ ڪيو. پڪ ڄاڻو تھ جي اوھان مون کي
موت جي سزا ڏني. مان جيئن ۽ جنھن سوچ سان اوھان آڏو
آھيان- تھ پوءِ توھان پاڻ کي ئي نقصان پھچائيندؤ. نھ
ميليٽس ۽ نھ ئي اينيٽس مون کي ڪنھن بھ ريت ڪو نقصان
رسائي سگھن ٿا، اھي ائين ڪري ئي نٿا سگھن، ڇو جو اھو
الاھي ۽ ابدي اصول آھي تھ برو ماڻھو بھتر انسان کي
ڇيھو رسائي نٿو سگھي. مان مڃان ٿو تھ منھنجو مدعي مون
کي موت بھ ڏياري سگھي ٿو. جلاوطن بھ ڪرائي سگھي ٿو ۽
مون کان شھريت جا حق بھ کسرائي سگھي ٿو، جيڪو شايد ھن
جي ۽ ڪيترن ئي ٻين جي نظر ۾ بھ ڄڻ منھنجي لاءِ وڏو
نقصان ھجي. پر مان ائين نٿو سمجھان. ھو ھن وقت جيڪي
ڪجھھ ڪري رھيو آھي، سو سندس لاءِ وڏو نقصان ۽ پراڻي
آھي، جو ڪنھن بي ڏوھي کي موت جي سزا ڏيارڻ گھري ٿو. سو
ھاڻي ان ڪري ئي معززو، پنھنجي حق ۾ دليلن ڏيڻ بدران،
متان ڪو ائين اميد ڪيو ويٺو ھجي، مان توھان واسطي
وڪالت ڪندس تھ توھان مون کي سزا ڏئي، خدا جي ان تحفي
کي وڃائي ڏوھھ نھ ڪري وجھو، ڇو تھ آءٌ ان جي طرفان
توھان کي ڏنل ڏاڻ آھيان. پوءِ جي اوھان مون کي ماري
وڌو تھ توھان کي مون جھڙو ڪو ٻيو ورلي ملي، جيتوڻيڪ
ھيٺيون مثال ڏيڻ ۽ ائين چوڻ ڏاڍو عجيب ۽ کل جھڙو ٿو
لڳي، پر مان خدا جي طرفان رياست لاءِ موڪليل انھيءَ
مکي وانگر آھيان ۽ رياست انھيءَ پاليل تاتيل، ٿلھي
متاري گھوڙي وانگر، جيڪو پنھنجي وزن ۽ وڏي قد جي ڪري
سست رفتار ھوندو آھي ۽ کيس تکي ڪرڻ لاءِ مکي جي ڏنگ جي
ضرورت پوندي آھي. مون کي يقين آھي تھ خدا مون کي اھڙي
ڪم جي پورائي لاءِ خاص طور ھن ئي شھر
/ رياست لاءِ موڪليو آھي. سو مان اوھان سڀني
کي جاڳيان ٿو ۽ بس ڪري ڪو نھ ٿو ويھان، پوءِ اوھان سان
سڄي ڏينھن ۾، جنھن مھل بھ شھر جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ملان ٿو
تھ اتي اوھان کي ڇنڀيان ۽ سمجھايان ٿو.
منھنجا سائين! اوھان وٽ مون جھڙو ڪو ٻيو شايد ئي اچي،
سو جي ان ڳالھھ تي توھان کي يقين اچي ويو تھ پوءِ مون
کي آزاد ئي ڪندؤ. مان ائين چوڻ جي جرئت بھ ڪندس تھ
شايد اوھان ان ماڻھوءَ وانگر ڪاوڙجي پئو، جنھن کي
اوچتو ڪچي ننڊ مان اٿاريو ويندو آھي ۽ پوءِ چڙي ھڪ ئي
چماٽ سان پورو ڪيو. ھا اوھان ائين مون کي آرام سان
ماري سگھو ٿا، جيئن اينيٽس بھ اوھان کي صلاح ڏئي ٿو،
پر پوءِ اوھان باقي عمر وري بھ غفلت جي اگھور ننڊ ۾
سمھيا ئي رھندؤ، جيستائين وري بھ خدا اوھان تي رحم
ڪري، ڪنھن ٻئي کي، اوھان جي جاڳائڻ ۽ مالڪي لاءِ
موڪلي.
جيڪڏھن اوھان کي اھو شڪ آھي تھ ڇا مان واقعي اھو ئي
اھيان، جيڪو اوھان ڏي خدا طرفان موڪليو ويو آھيان تھ
پوءِ ان شڪ جي دوري لاءِ ثبوت ھي آھي، جي مان بھ ٻين
عام انسانن وانگر ھجان ھا تھ پوءِ مان پنھنجي ذاتي ۽
گھرو معاملن ڏانھن ايترو غافل نھ ھجان ھا ۽ پنھنجي
ڪٽنب ۽ ان جي معاملن کي ھيترن سالن تائين، لاپرواھي
سان برباد ٿيندو ڏسي، سھي نھ سگھان ھا. جڏھن تھ ان
سموري عرصي دوران مان سدائين اوھان سان لاڳاپيل رھيس.
توھان مان ھر ھڪ وٽ لنگھي وڃي، کيس ھڪ پيءُ ۽ وڏي ڀاءُ
وانگر نيڪي ۽ سٺائي جي اھميت ۽ عظمت سمجھائيندو رھيس.
ھاڻي جيڪڏھن مان ائين ڪندي ڪي مفاد حاصل ڪيان ھا يا
پنھنجي مشوري جي في وٺان ھا تھ پوءِ بھ ڪا ڳالھھ ٺھي
ھا. پر حقيقت ھي آھي، جيڪا توھان پاڻ ئي ڏسو ٿا تھ مون
تي الزام ھڻندڙ، پنھنجي پوري نرلڄائي ۽ سمورين الزامن
۽ بدتميزن جي باوجود اھا جرئت ۽ گستاخي نھ ڪري سگھيا
آھن تھ مون تي في اڳاڙڻ يا گھرڻ جو الزام لڳائي سگھن
يا ان لاءِ ڪنھن شاھد کي ئي آڻي پيش ڪن. جڏھن تھ مون
وت منھنجي بيان جي سچائي جي نبوت لاءِ ھڪ سٺو شاھد
موجود آھي، اھو آھي – منھنجي غربت.
شايد اھا ڳالھھ عجيب و غريب لڳي تھ مان ڪنھن کي بھ
نويڪلائي ۾ وڃي تھ اھي صلاحون ۽ سمجھاڻيون ڏيان ٿو ۽
ان جي ذاتي معاملن ۾ پاڻ کي رڌل رکان ٿو، پر ايتري ھمت
ڪو نھ اٿم جو اوھان سڀني کي ھڪ ھنڌ گڏ اسيمبلي ۾ وڃي
اھي صلاح مشورا ڏيان؟ مان ٿو اوھان کي ٻڌايان تھ ائين
ڇو آھي.
ان جو سبب اھو آھي جيڪو اوھان اڪثر مون کي ڪيترن ئي
ھنڌن ۽ وقتن تي ڏيندي ٻڌو آھي تھ مون تي ڪلام غيب يا
ڪا الاھي نشآني نازل ٿئي ٿي ۽ جنھن جو ئي بنياد وٺي،
ميليٽس پنھنجي بيان ۾ ان جو ھڪ کل جھڙو نقل ڏنو آھي.
اھا نشاني مون تي ان وقت نازل ٿيڻ شروع ھئي. جڏھن مان
اڇا ٻار ھئس. اھو ھڪ قسم جو اواز آھي، جيڪو جڏھن بھ
مون سان مخاطب ٿئي ٿو تھ مون کي سمجھائي انھي ڪم ڪرڻ
کان روڪي ٿو، جيڪو مان ڪرن وارو ھجان، پر ڪڏھن بھ مون
کي اڪسائي نھ ٿو. اھو ئي مون کي عوامي معاملن ۾ الجھڻ
کان روڪي ٿو ۽ منھنجي خيال ۾ اھو صحيح بھ آھي. ڇو تھ
اٿينس واسيو! پڪ ڄاڻو تھ جي مان لوڪ جي معاملن ۽
وھنوارن ۾ پاڻ وچڙائي رکان ھا تھ گھڻو اڳ ئي مري بھ
چڪو ھجان ھا، بنا ڪنھن فائدي پھچائڻ جي، اوھان کي ۽
پاڻ کي. مھربانو! منھنجي سچ ڳالھائڻ تي ڪاوڙجي نھ
پئجو، ڇو تھ اھو سچ آھي تھ جي ڪنھن ماڻھو ايمانداري
سان اوھان جي يا حڪومت جي ”مخالفت ڪئي ۽ رياست پاران
ٿيندڙ ڏاڍاين، ناانصافين ۽ ناجائزين سان حقيقي مقابلو
ڪيو تھ پوءِ پنھنجي جان بچائي نھ سگھندو، سو جيڪڏھن ڪو
انصاف جي لاءِ، ايمانداري سان وڙھڻ ٿو چاھي تھ پوءِ
کيس گھرجي تھ ھو سياسي نھ پر ذاتي زندگي گذاري ڀلي جي
ھو ٿوري عرصي لاءِ ئي زنده آھي.
مان اوھان کي ان جا پختا ثبوت ڏيندس. لفظ نھ پر
حقيقتون، جن لاءِ توھان کي عزت ۽ قدر آھي. تھ پوءِ ٻڌو
تھ مون تي ڇا وھيو واپريو ھو ۽ انھيءَ مان ثابت ٿيندو
تھ مان ڪڏھن بھ ناانصافيءَ جي آڏو، موت جي ڀؤ کان
جھڪيو تھ آھيان، ڀلي جي آڻ نھ مڃڻ ڪري مان اتي جو اتي
مري کپي وڃان، مان توھان کي عدالتن جو قصو ٿو ٻڌايان،
جيڪو شايد دلچسپ نھ ھجي، پر سچو ضرور آھي. اٿينس
واسيو! مان رڳو ھڪ دفعو سينيئر
/ ڪائونسلر ھجڻ جي، رياست جي ٻي ڪنھن عھدي
تي، ڪڏھن نھ رھيو آھيان ۽ ان وقت اينٽيوڪس قبيلي کي،
جنھن سان منھنجو تعلق آھي، تنھن ک صدارت مليل ھئي
(12)
ان وقت اوھان انھن ڏھن جرنيلن تي
گڏ ٽولي جي حيثيت ۾ مقدمو ھلائڻ جي گھر پئي ڪئي جن
آرجنيوزي
(13)
جي بحري جنگ ۾ مري ويلن جي لاشن کي
گڏ نھ ڪيو ھو ۽ اھا گھر غير قانوني بھ ھئي ۽ نا
منصفانھ پڻ. جيئن خود اوھان سڀني بھ بعد ۾ وڃي اھو
مھسوس ۽ تسليم ڪيو
(14)
ان وقت صدارتي ڪاميٽي ۾ مان اڪيلو
ئي ھيس، جنھن توھان جي ان غير قانوني گھر جي مخالفت
ڪئي ۽ ووٽ بھ خلاف ڏنو ۽ پوءِ جڏھن مقرر صاحبان، مون
تي الزام ھڻڻ ۽ گرفتار ڪرڻ لاءِ آتا ھئا ۽ ڌمڪيون
ڏنائون ۽ توھان بھ رڙيون ڪري کين ائين ڪرڻ لاءِ زور
ڀري رھيا ھئا تھ مان تنھن وقت بھ دل ۾ اھو ئي فيصلو
ڪري، پنھنجي جان جوکي ۾ وڌي، جو اھو فرض پئي ڄاتم تھ
قانون ۽ انصاف کي ھٿان نھ ڇڏبو. بجاءِ ان جي جو جيل ۽
موت جي خوف کان اوھان جو پاسو کڻان، جڏھن تھ توھان
ناانصافي جي عمل ۾ رڌل ھئا.
اھو ان وقت ٿيو ھو، جڏھن اڃا جمھوريت ھئي، ان کان پوءِ
جڏھن ڪامورن جي حڪومت
(Oligrachy)
(15)
آئي تھ انھن ٽيھن مون کي ۽ ٻين ڄڻن کي گول ھال
(16)
۾ گھرايو ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو تھ وڃي ليون کي سلامس
شھر مان پڪڙي وٺي اچون تھ جيئن کيس بھ ڦاسي ڏني وڃي.
اھو تھ رڳو ھڪڙو مثال آھي پر ھنن ڪيترائي اھڙا حڪم
جاري ڪيا تھ جيئن پنھنجن ڏوھن ۾ گھڻن کان گھڻا بي
گناھھ ڦاسايا وڃن ۽ مان وري بھ لفظي طور نھ پر عمل ۾
ڪري ڏيکاريو، جي مون کي ھنن لفظن ۾ اظھار جي اجازت ڏني
وڃي، مان موت کان تر جيترو بھ نھ ڊنس. پر مون کي رڳو
اھا ئي ڳڻتي ھئي تھ متان مون کان ڪا انصافي يا غلطي نھ
ٿي پئي. اھا حڪومت جيتوڻيڪ ڪيتري نھ ڏاڍي ھئي، پر مان
ان جي ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ کان ڊڄي، ڪو بھ غلط ڪم نھ ڪيو.
جڏھن اسان ھال کان ٻاھر نڪتاسين تھ ھو چارئي ڄڻا سلامس
شھر ويا ۽ ليون کي پڪڙي وٺي آيا. پر مان سنئون سڌو
پنھنجي گھر ھليو ويس. مون کي ان حڪم عدولي جي بنياد تي
موت ئي ملي ھا. جيڪڏھن اھا حڪومت ان کان پوءِ سگھو ئي
ختم نھ ٿئي ھا. انھيءَ واقعي جي ڪيترائي ڄڻا تصديق بھ
ڪندا.
ڇا توھان اھو سوچي سگھو ٿا تھ جيڪڏھن مان ائين خلق جي
معاملن سان لاڳاپيل، ان دائري ۾ رھان ھا ۽ پوءِ ان
دائري جي اندر پاڻ کي ھڪ معتبر ۽ ايماندار انسان
وانگر، انصاف لاءِ آواز بلند ڪرڻ کي پنھنجو فرض سمجھي،
اھڙي ئي ھلت ھلان ھا ۽ پوري ديانتداريءَ سان پنھنجي
ضمير کي زندھ رکندي ٻئي ڪنھن بھ ڳالھھ جي ذري پرواھھ
بھ نھ ڪيان ھا تھ ڇا مان ھيترن سالن تائين، ھيءَ عمر ۽
حياتي ماڻيان ھا ۽ جيئرو ھجان ھا؟ نھ، اٿينس واسيو، نھ
– نھ ئي مان ۽ نھ ڪو ٻيو شخص. معززو! اوھان ڏسندو تھ
مان پنھنجي سڄي عمر ۾ نجي معاملن توڙي سياسي زندگي ۾
جڏھن بھ مون تي ڪي فرض رکيا ويا تھ مان ڪنھن سان بھ بي
واجبي نھ ھليو آھيان. بلڪھ انھن معاملن ۾ اھو ئي ھڪڙو
۽ ساڳيو شخص رھيو آھيان، مان ڪڏھن بھ، ڪنھن کي اھڙو
عمل ڪرڻ جي اجازت، مدد يا وٿي نھ ڏني آھي جيڪو انصاف
جي ابتڙ ھجي، نھ ئي پاڻ کي ۽ نھ ئي انھن کي جن جي باري
۾ منھنجا مدعي چون اٿ تھ اھي منھنجا شاگرد آھن. مان
ڪڏھن بھ استاد ئي کين پاڙھيو ڪونھي، پر مان جڏھن
پنھنجي زندگي جي آدرش جي پورائي لاءِ بحث مباحثو ڪندو
آھيان ۽ پوءِ جيڪڏھن ڪوئي چاھھ وچان اچي ٿو ۽ ٻڌي ٿو،
ڀلي اھو چوان ھجي يا ٻڍو، تھ مان اچڻ سندس ۽ ٻڌڻ تي
کانئس ارھو ٿي ڪرڪان ڪو نھ ٿو. ڇو تھ مان ائين نھ ڪندو
آھيان تھ في جي خاطر گفتگو ۽ بحث مباحثو ڪيان، نھ تھ
ٻي صورت ۾ چپ ڪري وڃان. مان تھ امير توڙي غريب، ٻنھي
جي سوالن جاوبن لاءِ ھر وقت حاضر آھيان. جيڪڏھن ڪو مون
کي بڌڻ يا منھنجي سوالن جا جواب ڏيڻ چاھي، پوءِ جي
انھن مان ڪو ماڻھو وڃي سٺا ڪم يا خراب ڪم ڪري ھڪ سٺو
يا خراب شھري بڻجي تھ مان ان جو ذميوار نھ آھيان. ڇو
تھ مان ڪڏھن بھ ڪنھن کي بھ پڙھائڻ ۽ سيکارڻ جو نھ تھ
ڪو انجام ڏنو آھي ۽ نھ ئي پاڙھيو آھي. سو جيڪڏھن ڪو
ائين چئي ٿو تھ ھن کي ذاتي طور مون ڪا اھڙي ڳالھھ
سيکاري يا پاڙھي آھي، جنھن جي ٻين کي خبر ناھي تھ پوءِ
يقين ڄاڻو تھ ھو ڪوڙ ڳالھائي رھيو آھي.
توھان مان ڪو پڇي سگھي ٿو تھ آخر ڀلا مون سان پنھنجو
ھيڏو سارو وقت صرف ڪرڻ ۾ ماڻھن کي ڪھڙو مزو اچي ٿو؟
معززو! مان اوھان کي اڳ ئي ان سڄي معاملي جي باري ۾ سچ
کان آگاھھ ڪيو آھي. ھي ماڻھو مزو وٺن ٿا، جڏھن ڪنھن
ڏاھپ جي ڍونگ رچائيندڙ کان سوال جواب ۽ آڏي پڇا ٿيندي
ٻڌن ۽ ڏسن ٿا، جيڪو اصل ۾ ڏاھو آھي ئي نھ. ۽ ان ۾ وڏي
وندر ۽ تفريح آھي. بين کان آڏي پڇا ڪرڻ جو اھو فرض مون
تي خدا طرفان سونپيو ويو آھي. ۽ مون تي اھو فرض الھام،
خوابن ۽ ٻين اھڙن اشارن ۽ نشانين ذريعي ظاھر ڪيو ويو
آھي، جيڪي ڪنھن انسان تي الھام جي نزول جو ذريعو
بڻبيون آھن. اٿينس وارو! اھو بلڪل سچ آھي ۽ ان جي
تصديق بھ سولائي سان ٿي سگھي ٿي، جيڪڏھن مان نوجوانن
کي بگاڙيان ٿو ۽ کين بگاڙيندو رھيو آھيان تھ پوءِ انھن
مان اھي جيڪي ھينئر عاقل بالغ ٿي چڪا آھن ۽ اھو ڄاڻي
ورتو اٿن تھ مون سندن نوجواني جي زماني ۾ کين خراب
صلاحون ڏنيون ھيون، سي ھينئر اڳتي وڌي اچن، الزام
لڳائين ۽ پنھنجو بدلو چڪائين، پر جيڪڏھن ھو ائين ڪرڻ
کان ڪيٻائين ٿا تھ پوءِ سندن ڪي رشتيدار، پيءُ، ڀائر
يا ڪي ٻيا مٽ مائٽ اھو ياد ڪن تھ سندن ڪٽنبن منھنجي
ڪري ڪھڙو نقصان سٺو آھي، ھي سندن لاءِ مناسب وقت آھي،
مان ڏسان ٿو. انھن مان ڪيترائي ھتي عدالت ۾ موجود آھن.
اجھو ھتي ھو ”ڪريٽو“ بيٺو آھي، جيڪو منھن جو ھم عصر ۽
منھنجو پاڙيسري آھي ۽ سندس پٽ ”ڪريٽو بولس“ بھ موجود
آھي. ان جي پريان ”اسفيٽس جو لائيسنياس“ بيٺو آھي،
جيڪو ”ايسڪائيس“ جو پيءُ آھي، جيڪو پاڻ بھ موجود آھي ۽
”سفيسٽس“ شھر جو ”اينٽيفون“ بھ آھي جيڪو ”اپيگينز“ جو
پيءُ آھي ۽ انھن مان ڪيترن جا ڀائر ھتي موجود آھن، جن
مون سان گڏ گذاريو آح:” ح ”ٽيوزوٽائيڊز“ جو پٽ
”نڪوسٽريٽس“ بيٺو آھي، جيڪو ”ٿيوڊوٽس“ جو ڀاءُ آھي.
ٿيوڊوٽس پاڻ مري ويو آھي، سو کيس ھتي آڻي نٿو سگھي. ھو
.ڊيموڊوڪس“ جو پٽ ”پيرالوس“ بيٺو آھي جنھن کي ھڪ ڀاءُ
”ٿيگيز“ ھيو ۽ ھو ارسٽون جو پٽ ايڊيمينيٽس بھ بيٺو
آھي، جنھن جو ڀاءُ ”افلاطون“ بھ ھتي موجود آھي ۽
اپالودورس جو ڀاءُ ائينٽوڊورس بھ مون کي نظر اچي رھيو
آھي.
مان اڃا کوڙ بيا بھ نالا ٻڌايان، جن کي ميليٽس کي
پنھنجي بيان ۾ شاھد طور پيش ڪرڻ گھرجي ھا. ۽ جيڪڏھن ھن
کان ائين ڪرڻ وسري ويو آھي تھ پوءِ کيس ھاڻي ئي اھي
شاھد پيش ڪرڻ گھرجن. مان کيس انھيءَ ڪم لاءِ مھلت ڏيڻ
لاءِ تيار آھيان. جي ھن کي ڪجھھ ڳالھائڻو آھي تھ ڀلي
ڳالھائي. پر معززو! سچ ان جي بلڪل ابتڙ آھي، ڇو تھ ھي
سڀ تھ منھنجي حق ۾ ڳالھائڻ لاءِ آتا آھن، ”سندن
بگاڙيندڙ ۽ سندن ويجھن ۽ پيارن مائٽن لاءِ خواري ۽
خرابي پيدا ڪندڙ“ – جيئن ميليٽس ۽ اينٽس چون ٿا. ھاڻي
جي اھي منھنجي مدد ۽ حمايت ڪن، جن کي مون پٽيون پڙھائي
بگاڙيو آ تھ پوءِ بھ ڳالھھ ٺھي ٿي. پر ھي بزرگ ماڻھو،
جيڪي سندن وڏا آھن ۽ جن کي مان نھ بگاڙيو آھي. اھي آخر
ڇو منھنجي حمايت ڪن ٿا ۽ منھنجي حق ۾ شاھدي ڏين ٿا- ھا
صرف سچ ۽ انصاف خاطر، ڇو تھ آءٌ سچ ڳالھائي رھيو
آھيان، جڏھن تھ ميليٽس ڪوڙو آھي.
اٿينس واسيو! اھو ئي شايد ٿورو ڪجھھ ٻيو بھ اھڙو ئي
جيڪو پنھنجي وضاحت ۾ مان چئي سگھيس. شايد اوھان مان
ڪنھن کي رنج ۽ تڪليف پھچي ۽ چڙي پوي جڏھن اھو ياد پئيس
تھ جنھن وقت مٿانئس مقدمو ھلايو ويو ھو ۽ سو بھ مڙئي
ڪنھن ھلڪي سلڪي ڏوھھ ۾، تھ ھن ڪيئن نھ جج صاحبان کي
وينتون وڌيون ھيون. منٿون ڪيون ۽ ليلايو ھو ۽ ڳوڙھن جي
ٻوڏ آڻي ڇڏي ھئائين ۽ نھ صرف اھو پر پنھنجا مٽ مائٽ،
عزيز اقارب، ڪڙم قبيلو، ٻار ٻچا ۽ يار دوست عدالت ۾
وٺي آيو ھو. جيئن پنھنجي لاءِ رحم جوڳو ماحول ناھي
وٺي. پر ٻئي طرف مان آھيان، جنھن کي تھ جيڪس پنھنجي سر
وڃڻ جو خطرو موجود آھي. تڏھن بھ اھڙو ڪو بھ عمل ڪو نھ
پيو ڪيان دل ۾ اھو سوچيندي، متان کيس چڙ وٺي ۽ مون تي
ڪاوڙجي، منھن جي خلاف ووٽ ڏئي وجھي، ڇو تھ منھنجو اھڙو
عمل کيس نھ وڻندو ھجي، منھنجي خيال ۾ اھڙو ڪو ماڻھو
ھتي نھ ھوندو – پر جي آھي تھ پوءِ منھنجو کيس نماڻو
عرض ھي ھوندو.
سڄڻ سائين! مون کي بھ گھر ٻار آھي. مان بھ انسان آھيان
۽ ٻين وانگر رت ۽ گوشت جو ٺھيل. انسانن جو اولاد آھيان
۽ ”ڪاٺ يا پٿر مان“ نھ ڄائو آھيان، جيئن ھومر
(17)
چوي ٿو. سو منھنجا ٻھ مٽ مائٽ آھن
۽ اٿينس واسيو، ٽي پٽڙا بھ اٿم، جن مان ھڪ تھ مڇن جي
ساول سان اچي ٿيو آھي، باقي ٻھ اڃا ننڍا آھن. تنھن
ھوندي بھ مان کين ھتي نھ وٺي ايندس تھ جيئن انھن جي
واسطي مون کي آزادي ملي. مان آخر ائين ڇو نھ ٿو ڪيان؟
يقين ڪيو تھ نھ ئي مون کي ھٺ آھي ۽ نھ ئي اوھان لاءِ
ڪا نفرت اٿم. مان موت سان مقابلي جي جرئت رکان ٿو يا
نھ، اھا ھڪ ٻي ڳالھھ آھي، جنھن جو ھتي واسطو ناھي، پر
جيستائين منھن جي اوھان جي ۽ رياست جي ناموس ۽ عزت جو
سوال آھي تھ مون کي اھو نٿو جڳائي تھ ائين ڪيان. مون
کي اڇي مٿي ۽ ڏاھپ جي ھن ناماچار تي رسڻ کان پوءِ،
ائين ڪرڻ سونھين نٿو، ڇو تھ دنيا وارن جي دل ۾ اھا
ڳالھھ گھر ڪري ۽ عام ٿي وئي آھي. پوءِ صحيح يا غلط. تھ
سقراط ٻين ماڻھن کان مٿانھون آھي. پوءِ توھان مان اھي،
جيڪي سڀني کان ڏاھپ، بھادري يا ڪنھن ٻي خصلت ۾ مٿانھان
ليکيا وڃن ٿا، سي ائين روڄ پٽڪو ڪن تھ پوءِ سچ تھ اھا
ڏاڍي شرم جي ڳالھھ چئبي ۽ ان ھوندي بھ مان گھڻن ئي
نالي وارن ماڻھن کي ائين ڪندي ڏٺو آھي. جڏھن کين ڏوھي
قرار ڏجي ٿو، تھ ھنن جو رويو عجيب غريب ٿي وڃي ٿو. کين
اھو وھم ويھجي وڃي ٿو تھ موت ھنن لاءِ ڏاڍي ڀيانڪ
پڄاڻي ھوندي ۽ جي توھان کين زنده ڇڏيو تھ ھو سچ پچ امر
ٿي ويندا. منھنجي خيال ۾ اھڙا ماڻھو رياست لاءِ بدنامي
آڻين ٿا. پرديسي بھ ائين سمجھندا ۽ چوندا تھ اھي اٿينس
جا رھواسي جيڪي گڻن ۽ خصلتن ڪري ناميارا آھن ۽ جن کي
اٿينس وارن پاڻ منجھان ئي عزت ڏئي چونڊي اڳواڻ بڻايو
آھي، سي تھ عورتن کان بھ ويل آھن. معززو! اسان منجھان
انھن کي اھڙيون ڳالھيون ۽ عمل نھ ڪرڻ گھرجن، جن جي
ناماچار ۽ ھاڪ آھي ۽ جيڪڏھن اھڙو ڪو شخص ائين ڪرڻ جي
ڪوشش ڪري تھ اوھان کيس ان جي اجازت نھ ڏيو. اوھان کي
اھو واضح ڪرڻ گھرجي تھ اوھان ان کي سزا ڏيڻ لاءِ وڌيڪ
تڪڙا ۽ مائل ھوندؤ، جيڪو عدالت ۾ اھڙا دلگير ناٽڪ
رچائي ٿو ۽ رياست تي ٺٺولي ڪرائي ٿو، بنسبت انھيءَ
ماڻھوءَ جي جيڪو خاموش رھي ٿو.
پر جيڪڏھن عام ماڻھن جي راءِ ناموس جي ڳالھھ کي پاسيو
رکجي تھ بھ ڪنھن کي اھو نٿو جڳائي تھ ھو جج صاحبن کي
پلو پائي ۽ وينتيون وجھي آزادي وٺي، پر کين سمجھائجي ۽
ثابت ڪري ڏيکارجي، جج ڪھڙي ڪم لاءِ لاءِ ويٺا ھوندا
آھن؟ منصفن جو ڪم اھو ناھي تھ انصاف ڪنھن کي تحفي طور
ڏين، پر ھو قان مطابق فيصلو ڪن.ڇو تھ سندن اھو قسم
کنيل ھجي ٿو تھ ھو پنھنجي خواھش ۽ راضپي سان نھ، پر
قانون مطابق فيصلو ڪندا، نھ ئي اسان کي ڪوڙي ساک کڻڻ
گھرجي ۽ نھ ئي اوھان ان تي پت ڪرڻ جا ھيراڪ ھجو. انھن
غلط عملن ۾ پاڻ ٻنھي لاءِ ڪا بھ پوترتا يا پارسائي
ڪونھي.
(وڌيڪ پڙهندا) |