”سو زيوس ۽ بين ديوتائن اچي غور ويچار ڪيو تھ انھن سان ڪيئن
نبرجي. ڪو وقت تھ ھو ھٿ مٿي تي ڏئي ويٺا رھيا تھ ڇا
ڪجي. يا تھ سندن مٿان وڄ ڪيرائي سندن نسل ھميشھ لاءِ
برباد ڪري ڇڏجي. جيئن ھنن راڪاسن کي ڪيو ھو، پر پوءِ
انسانذات پاران سندن عبادت ڪرڻ ۽ قرباني ڏيڻ وارو ڪو
بھ نھ بچندو. يا تھ وري کين اجھل، مست ۽ گستاخ ٿيڻ ڏنو
وڃي. پر ھو ائين بھ نھ ڪري پئي سگھيا. آخر ڊگھي سوچ
ويچار کانپوءِ، زيوس ديوتا کي ھڪ ڳالھھ سجھي آئي.
”ھيڏي ٻڌو“ ھن چيو ”منھنجي خيال ۾ مون ھڪ حل ڳولي ئي
ڪڍيو. ان مطابق انساني نسل زنده بھ رھندو ۽ گڏوگڏ کين
ڪمزور ڪري سندن ھٺ بھ ڀڃو. مان ٿو اوھان کي ٻڌايان تھ
مان ڇا ڪندس. مان کين وچان چيري ٻھ اڌ ڪندس. ائين ڪرڻ
سان ھو قوت ۾ گھٽ بھ ٿيندا ۽ تعداد ۾ بھ وڌندا. ھڪ ڌڪ
سان ٻھ شڪار ۽ ائين ھو اسان لاءِ وڌيڪ فائديمند بڻجي
پوندا. ھو پوءِ ٻن ڄنگھن تي سڌا گھمندا پر جي ائين ڪرڻ
کانپوءِ، اڃا بھ سندن مستي ۽ گستاخي ختم نھ ٿي تھ مان
کين وري وڍي ٻھ اڌ ڪندس ۽ پوءِ وتن ھڪ ڄنگھھ تي
منڊڪائيندا.“
”ائين چوندي ھن سڄي انساني نسل کي ٻن حصن ۾ وڍي ڇڏيو
جيئن صوفن جو اچار ٺاھڻ يا ڪنھن ٻئي ميوي کي محفوظ ڪرڻ
۽ يا سڪائڻ لاءِ اڌواڌ ڪيو ويندو آھي. يا جيئن اوٻاريل
انڊي کي وار سان وڍي اڌواڌ ڪيو ويندو آھي. جيئن ھو ڄڻي
ڄڻي کي اڌواڌ ڪندو پئي ويو. تيئن اپالو ديوتا کي
چيائين تھ سندن منھن ۽ اڌ ڳچي کي ڦيرائي. وڍيل پاسي
ڏانھن ڪري تھ جيئن انسان پنھنجي اکين سان، پنھنجي
اڌواڌ ٿيڻ جي اھا ثابتي ڏسي سگھي ۽ غور ويچار ڪري تھ
جيئن آئنده جي لاءِ نياز ۽ نوڙت سکي. ھن اپالو کي سندن
باقي زخمن ڀرڻ ۽ منھن مھانڊو ٺاھڻ لاءِ بھ حڪم ڏنو. سو
اپالو منھن پڻ ڦيرائي سڌا ڪيا ۽ سڀني پاسن کان کل کي
ڇڪي ان جاءِ تي گڏ ڪيائين، جنھن کي اسان پيٽ چوندا
آھيون، بلڪل ائين جيئن ڪنھن ڳوٿريءَ جو منھن منجھس پيل
سڳي کي ڇڪي بند ڪيو آھي. ائين ئي وچ تي ھڪ سوراخ جي
چوڌاري ان کي ڇڪي ڳنڍ ڏنائين، جنھن کي اسان دن چوندا
آھيون. ھن پوءِ جسم مان ڪيترائي گھنج ڪڍيا. ھن ڇاتيءَ
منجھان بھ گھنج ڪڍي، ان کي ائين گھڙيو جيئن سوچي، آخر
۾ چمڙي کي لسائيندو آھي. پر ھن ان جي چوڌاري ۽ پيٽ تي
گھنج ڇڏي ڏنا تھ جيئن انسان کي پنھنجي اصلي حيثيت ياد
رھي.
”ماڻھو جي اصلي جسم جو ائين ٻن حصن ۾ ورھائجڻ کانپوءِ،
ھڪ حصو ٻئي حصي سان ملڻ جي اڪير ۾ تڙپندو رھيو. اھي
ٻئي حصا جڏھن پاڻ ۾ رليا پئي تھ کڻي، ھڪ ٻئي کي ڀاڪر
وجھي، ٻئي ٻانھون ڳچيءَ ھار ڪيائون، اھا سڌ رندي تھ
شال وري گجي ھڪ ٿي وڃون ۽ پوءِ ھو ائين بک وگھي ۽
پنھنجو ڪو بھ خيال نھ رکڻ ۽ پرواھھ نھ ڪرڻ ڪري مرندا
رھيا. ڇو تھ ھنن ھڪ ٻئي کان جدا رھي، ڪجھھ بھ ڪرڻ نھ
پئي گھريو. وري جي ڪنھن اڌن جي جوڙي مان ھڪڙو اڌ مري
ويو ۽ ٻيو زندھ رھيو تھ زندھ رھڻ واري وري ڪنھن ٻئي
ساٿي جي ڳولا ڪئي، جيڪو يا تھ اوائلي سڄي مادي جو اڌ
ھيو، جنھن کي اسين ھينئر عورت چئون ٿا. يا ھڪ نر جو اڌ
۽ ھو ائين ئي برباد ٿيندا ۽ مرندا رھيا. تان جو زيوس
ديوتا وري مٿانئن ڪھل کائي ھڪ رٿ رٿي. ھن سندن ڄڻڻ
وارا عضوا ڦيرائي اڳيان ڪيا. ھيستائين اھي ان جاءِ تي
نھ پر جسم جي ٻاھرين، ٻئي پاسي ڏانھن ھئا ۽ ٻار ٿيڻ ۽
ڄڻڻ جو عمل جنسن جي جسماني ميلاپ سان نھ ٿيندو ھو، پر
ھي زمين تي اخرج ڪرڻ سان جيئن گاھھ تڏي ۾ ٿيندو آھي،
انھن جا ڄڻڻ وارا عضوا آڏو ڪندي، جيئن اھي ھينئر آھن،
زيوس ديوتا اھو ممڪن ڪيو تھ مرد ۽ عورت جي جنسي ميلاپ
ڪري، پيدائش جو عمل ٿي سگھي. سندس ان تبديلي ڪرڻ جو
مقصد ٻٽو ھو، جي مرد عورت سان ملي تھ ٻار ڄڻي سگھن ۽
انساني نسل جاري رھي، وري جي مرد، مرد سان ملي تھ اھي
بھ پنھنجي ميلاپ مان ھڪ ٻئي کي مطمئن ڪري سگھن، ۽ آرام
ڪري وري پنھنجي زندگيءَ جي روزمره جي ڌنڌن ۽ ڪمن ڪارن
کي وڃي لڳن، سو اسان جو ھڪٻئي سان اھو گھرو پيار ايڏو
آڳاٽو آھي. اھو پيار جيڪو اسان کي اسان جي اصلوڪي حالت
۾ موتائي، ٻن وڇڙيلن کي وري ملائي ھڪ ڪرڻ جي ڪوشش آھي
تھ جيئن انسان جي قدرتي بناوت جا اھي زخم بھ ڀرجي
سگھن.
”پوءِ اسان مان ھر ھڪ انسان، ان اوائلي انسان جو ھڪڙو
پاسو، ڄڻ ڀڳل، ٽٽل اڌ آھي، جيڪو انھيءَ اڌواڌ ۽ وڍجڻ
جو نتيجو آھي ۽ اسان ائين ڦاڪن ۾ وڍجي ويا آھيون. جيئن
مڇيءَ کي وڍي ٻن حصن منجھھ ورھايو ويندو آھي. سو اسان
مان ھر ھڪ ٻارھو ئي پنھنجي ان لاڳاپيل حصي ۽ اڌ جي
ڳولا ۾ سرگردان رھي ٿو. اھي مرد جيڪي ان ٻٽي جنس يعني
”مرد عورت“ جا اڌڙ آھن. سي عورتن جا عاشق ٿين ٿا ۽
گھڻا عياش مرد ان نسل منجھان ئي آھن. ائين اھي عورتون
بھ آھن، جيڪي جنسي ميلاپ جي خيال کان مردن لاءِ صفا
چريون ھونديون آھن. وري اھي عورتون جيڪي ان اوائلي
مڪمل عورت جا اڌڙ آھن، سي وري مردن کي گھٽ چاھينديون
آھن. پر کين عورتن سان وڌيڪ لڳاءُ ھوندو آھي فاحش
عورتون انھيءَ جنس منجھان آھن. پر جيڪي اوائلي مڪمل
مرد جا اڌ آھن، سي وري مردن جا ڳولائو ۽ طالبو آھن ۽
مرد جو اڌڙ ھجڻ جي ناتي اھي جڏھن ڇوڪرا ھوندا آھن تھ
ڇوڪرن سان ئي پيار ڪندا آھن ۽ انھن سان جسماني ڇھاءُ ۽
ڀاڪر پائڻ ۾ کين راحت ايندي آھي. اھي پاڻ بھ مڙني
نوجوانن کان بھتر ھجن ٿا ڇو تھ فطرتا انھن ۾ مردانگي
ٿئي ٿي. ڪي ماڻھو چوندا اھن تھ اھي بيشرم آھن، پر ائين
چوڻ غلط آھي اھا بيحيائي ڪونھي، جيڪا کانئن اھو عمل
ڪرائي ٿي. پر سندن اھڙي چال چلت سندن اوچن جذبن، جرئت،
مڙسي ۽ مردانگي جي ڪري ئي آھي، جنھن سبب ئي ھو پنھنجي
ھم جنسن کي ڀليڪار چئي، ڀاڪر پائن ٿا. منھنجي ان بيان
جي سچائي جي پختي ثابتي اھا آھي تھ اھڙا ۽ رڳو اھڙا ئي
ڇوڪرا، جڏھن اچي بالغ ٿين ٿا تھ اسان جا اڳواڻ ۽
سياستدان بڻجن ٿا ۽ جڏھن اھي وڏا مرد ٿي پون ٿا تھ
پوءِ اھي خود بھ ڇوڪرن جا عاشق ٿين ٿا ۽ اھي ھونئن تھ
شادي ڪرڻ ۽ گھر ٻار ھجڻ تي مورڳو راضي ٿي نھ ٿا ٿين،
پر آخر سندن ان فطري ناپسندگيءَ تي ماني جو رسم رواج ۽
قانون غالب پئي ٿو، تڏھن وڃي ھو شادي ٿا ڪن. پر جي کين
اھڙي اجازت ڏني وڃي تھ ھو ان تي بلڪل راضي ٿي ويندا تھ
ٻئي ڄڻا ڪنوارا رھي سڄي عمر گڏ گذارين. ٿورن لفظن ۾
ائين کڻي چئجي تھ اھڙا ماڻھو، فطري طور، ھميشھ ڇوڪرن
جا عاشق ھوندا ۽ پاڻ معشوق رھيا ھوندا آھن. ڇو تھ ھو
ھميشھ ان کي ئي چاھيندا ۽ ڳل لائيندا آھن، جيڪو ھنن
جھڙو ھوندو آھي.
”پوءِ جڏھن اھڙن ڇوڪرن جي عاشقن – يا ٻئي ڪنھن قسم جي
عاشقن کي، سندن ڀلن ڀاڳن ۾، پنھنجو اھو اصلوڪو اڌ ملي
ٿو وڃي تھ پوءِ اھڙو جوڙو پيار، محبت، ياراڻي ۽
ويجھڙائپ جي اھڙي حيرت انگيز ۽ زبردست جذبي ۽ موج ۾ گم
ٿي وڃي ٿو. جو اھو جوڙو ھڪ پل لاءِ بھ، ھڪ ٻئي جي نظرن
کان پري ٿيڻ کان صفا نابري واري ٿو ويھي. اھي اھڙا
انسان آھن، جيڪي سڄي عمر جو ساٿ نڀائڻ وارا آھن. توڙي
جو ھو اھو بھ نھ ٻڌائي سگھندا آھن تھ آخر ھنن کي ھڪٻئي
مان ڪھڙي اسيس ٿي اچي ۽ ھڪٻئي مان ڪھڙي فائدي جي اميد
۽ گھرج اٿن. ڇو تھ اھا بي انت اڪير ۽ اڻ مئي اڪنڍ،
جيڪا کين ھڪٻئي سان آھي، تنھن جي باري ۾ ڪو بھ ائين نھ
ٿو چئي سگھي تھ اھا ڪا جسماني لطف خاطر آھي. پر ڪو
اھڙو انس ۽ عشق اٿن، جيڪو ڄڻ تھ سندن روحن جو ھڪ ٻئي
سان ھجي ۽ ھو ان کي زباني بيان ڪري نھ سگھندا ھجن. پر
ان ڏانھن فقط ڪو مبھم ۽ ڌنڌلو، اندازو ۽ اشارو ئي ڪري
سگھن تھ ھنن کي ڇا گھربل آھي، سمجھو کڻي تھ ھيفائيٽس
(11) پنھنجا اوزار کني انھن وٽ پھچي ٿو. جڏھن اھي
ھڪٻئي جي ڀر ۾ ليٽيا پيا ھجن ۽ کانئن بيھي پڇي تھ ”ڀلا
ٻڌايو تھ سھي تھ آخر توھان کي ھڪٻئي کان ڪھڙي شيءِ جي
طلب آھي؟“ پاڻ ائين بھ کڻي سمجھون تھ ھو کيس جواب نھ
ڏئي سگھيا ۽ ھن سندن مونجھار ڏسي، کانئن، ھنن لفظن ۾
پنھنجو سوال وري ورجايو، ”ڇا توھان جي تمنا اھا آھي تھ
توھان ھر گھڙيءَ ويجھو ۽ ھڪ ئي ھجو ۽ ڏينھن توڙي رات
جو ڪڏھن بھ ھڪٻئي کان نھ ڇڄو. سو جي توھان جي خواھش
اھا آھي تھ پوءِ توھان ٻنھي کي رجائي ڳنڍيان تھ جيئن
توھان ٻن جي بدران ھ ٿي وڃو. توھان جيترو وقت جيئرا
ھجو. اوستائين گڏ زندگي گذاريو. توھان ھڪڙو ۽ ساڳيو
انسان ھجو ۽ جڏھن موت اچي تھ بھ ھڪجھڙو ۽ پوءِ ٻئي
جھان ۾ بھ، ٻھ نھ، پر ھڪ ئي روح ھجيو، ڇا اوھان ان تي
راضي ۽ مطمئن رھندؤ ۽ ائين ٿيڻ سان اوھان جون آسون ۽
باسون پوريون ٿينديون؟“ ۽ اسان سمجھي سگھون ٿا تھ ھنن
جو جواب ڪھڙو ھوندو. ٻنھي مان ھڪڙو ڄڻو بھ اھا آڇ نھ
موٽائيندو ۽ نھ ئي ڪنھن ٻي شيءِ جي گھر ڪندو. پر اھو
قبولي ۽ باسي ويھندو تھ بلڪل اھ ئي ھڪ ٻئي ۾ رجي رلجڻ،
اھو ئي ھڪ ٻي منجھھ ملي. ٻن جي بدران ھڪ ٿي وڃڻ ئي
دراصل ھن جي ازلي خواھش ۽ من جي مراد آھي، جنھن کي ھو
دل ۾ ڪنھن وقت کان سانڍيو پئي آيو آھي، پر ان کي لفظن
۾ بيان ڪرڻ کان قاصر رھيو آھي. (12) ۽ ان جو سبب اھو
آھي تھ اوائلي انسان اصل ۾ ھڪ ۽ سڄو ھيو. سو ، بس ان
سڄي جي سڌ، تڙپ، ڳولا ۽ جستجو جو نالو ”پيار“ آھي.
”۽ جيئن مون اڳ ۾ بھ چيو تھ اصل ۾ اسان سڄا ھئاسين. پر
پوءِ اسان جي گناھن ۽ غلطين سبب زيوس ديوتا اسان کي
ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. جيئن اسپارٽا وارن آرڪيڊينس کي ڇڙوڇڙ
ڪري ڇڏيو. سو اھو انديشو موجود آھي تھ جي اسان ديوتا
جا فرمانبردار نھ رھياسين تھ اسان وري اڌواڌ ڪيا
وينداسين، جيئن ڇڪي جو نقل ٺاھڻ لاءِ ان کي ٻن حصن ۾
ورھايو ويندو آھي ۽ پوءِ ائين انھن اڌڙ ماڻھن وانگر،
ھلندا وتنداسين جيئن قبرن يا يادگارن تي ھڪ پاسائين
تصيور تراشيل ھوندي آھي، ڄڻ ڪارائي سان ائين عمودي
ڪٽيو ويو ھجي. جو نڪ اڀائي ۾ اڌ بچي. سو اسان کي گھرجي
تھ سڀني انسانن کي ديوتا جي فرمانبرداري ۽ خدا ترسي جي
تلقين ڪريون. اسان ائين ڪرڻ سان ئي براين ۽ اھڙي
بدنصيبي کان پاڻ بچائي سگھون ٿا ۽ سٺايون ۽ پنھنجون
سڌون ماڻي سگھون ٿا، جن لاءِ پيار اسان جو امام بڻبو.
اچو تھ وچن ڪريون تھ ڪو بھ پيار جو دشمن نھ ٿيندو – ڇو
تھ جنھن پيار سان دشمني ڪئي، تنھن ڄڻ ديوتائن سان
دشمني ڪئي.
”ڇو تھ جي اسان پنھنجي پيار ديوتا سان امن ۽ دوستيءَ
ان رھياسين تھ پوءِ پڪ اسان کي پنھنجا سچا پيار ۽ پرين
نصيب ٿيندا، جيڪو اڄڪلھھ جي دنيا ۾ ڏاڍو مشڪل آ، ڪن
ٿورن جا ئي اھڙا نصيب ٿين ٿا. توھان اريڪسيميڪس کي نھ
ڇڏجو، متان ھو رخنو وجھي، منھنجي تقرير جي مذاق اصلي
منھنجو عرض آھي تھ ھو ائين نھ سمجھي تھ منھنجي ھن
تقرير ۾ پاسينياس ۽ اگيٿون ڏانھن اشارو آھي، جيڪي ٻئي
بھرحال ان جنس منجھان آھن. جو ٻئي ڄڻا ان اوائلي سڄي
مرد جا اڌ آھن، جنھن جي باري ۾ مون ھينئر پئي ڳالھايو.
پر منھنجي ان ڳالھائڻ مان مراد ۽ اشارو عمومي ھيو،
جيڪو ھر مرد ۽ عورت ڏانھن آھي. جڏھن مان ائين چوان ٿو
تھ اسان جي نسل جي خوشين جو دارومدار انھيءَ تي آھي تھ
اسان پيار کي پوري طرح پورو ڪيون ۽ اسان مان ھر ھڪ
پنھنجي ان اصلي پيار کي ڳولي ھٿ ڪري. ٻين لفظن ۾ اسان
پنھنجي اصلي صورت ڏانھن موٽون، ھاڻي جي اھا ئي بھترين
ممڪن صورت آھي، تھ ان جو مطلب ٿيو تھ پوءِ بھتر ائين
ٿيندو تھ اسان موجوده وقت ۽ حالتن جي آڌار ۽ اجازت
موجب جيترو ممڪن ٿي سگھي. ھڪٻئي کي ويجھو ٿيون ۽ ائين
ڪرڻ لاءِ طريقو اھو ئي آھي تھ پنھنجي محبتن لاءِ، من
گھرئي مشتاق ۽ ٻاجھاري پيار جي ڳولا ڪيون.
”سو جي اسان ان ديوتا جي واکاڻ ۽ وڏائي ڪيون، جنھن
اسان کي اھي فائدا بخشيا آھن، تھ پوءِ اسان جون
سموريون ساراھون پيار ديوتا جي لاءِ ئي آھن. ڇاڪاڻ تھ
اھو پيار آھي، جيڪو ھن دنيا ۾ بھ پاڻ جھڙن سان ميڙو
ڪرائي. پنھنجي اصلي ماھيت ڏانھن موٽائي، اسان تي وڏا
وڙ ۽ اپر احسان ڪري ٿو ۽ اسان کي آئينده لاءِ بھ پختو
وچن ڏئي ٿو تھ جي اسان تي وڏا وڙ ۽ اپر احسان ڪري ٿو ۽
اسان کي آئينده لاءِ بھ پختو وچن ڏئي ٿو تھ جي اسان
پرھيزگار رھياسين تھ پوءِ ھو اسان کي آخرت ۾ پنھنجي
اصلي حالت ۾ آڻيندو ۽ اسان تي خوشيون، رحمتون ۽ برڪتون
نازل ڪندو ۽ اسان جا زخم ڀريندو.“
”اريڪسيميڪس! پيار بابت منھنجي تقرير بس اھا ئي آھي.
تو ڏٺو اھا تو واري تقرير کان بلڪل مختلف ھئي. سائين
جن جا قرب ٿيندا جي اوھان پنھنجي مذاق جي تيرن سان ان
تي حملو نھ ڪيو. ڇڏ تھ باقي بچيلن مان ھر ھڪ کي ٻڌون
تھ ھو ڇا ٿا چون. مون کي اڃا ائين چوڻ گھرجي تھ ”باقي
بچيل ٻن ڄڻن مان“ ، ڇو تھ باقي رڳو ٻھ ڄڻا يعني اگيٿون
۽ سقراط ئي وڃي بچيا آھن.“
”حڪم تنھنجو، جيئن چوندين تيئن ڪندس“ اريڪسيميڪس
وراڻيو ”سچ تھ اھو آھي تھ تنھنجو تقرير مون کي ڏاڍو
وڻي. سچ پچ تھ جي مون کي اھا خبر نھ ھجي ھا تھ سقراط ۽
اگيٿون پيار جي موضوع جا ماھر آھن تھ پوءِ مون کي اھو
ڀؤ ھيو تھ ھيترين سارين ڳالھين ٿيڻ کان پوءِ ھينئر
سندن ڳالھائڻ لاءِ تھ ڪجھھ نھ بچيو ھوندو. پر جيئن تھ
ائين ناھي. سو مون کي ڪو ڀؤ ڀولو ڪونھي ۽ منھنجون
منجھن جھجھيون اميدون آھن.“
”اريڪسيميڪس! تون پنھنجو وارو چڱيءَ ريت نڀائي واقعي
پاڻ ملھايو.“ سقراط چيو ”پر جيڪڏھن تون ان حالت ۾ ھجين
ھا، جنھن ۾ مان ھينئر آھيان – يا ائين چوان تھ مان
جنھن حالت ۾ ھوندس، جڏھن اگيٿون بھ پنھنجي تقرير سان
پاڻ مڃائي چڪو ھوندو تھ پوءِ يقينا تو وارو عقل بھ
جواب ڏئي چڪو ھجي ھا ۽ وڏي پريشاني ۽ مشڪلات ۾ ھجين
ھا، جيئن مان ھينئر آھيان.“
”سقراط، ڇا تون ان خوشامد سان مون تي منتر مڙھڻ ٿو
گھرين؟“ اگيٿون چيو ”تون دل ۾ اھا ڳالھھ ڳڻيو ويٺو
آھين تھ مان اھو سوچي، شرمائي ۽ پريشان ٿي وڃان تھ
حاضرين منھنجي فصاحت ۽ بلاغت بابت وڏيون اميدون لڳايون
ويٺا آھن.“
(وڌيڪ پڙهندا) |