ڊايوٽما مون کي اھو سڀ ڪجھھ سيکاريو، جڏھن بھ ھن مختلف
موقعن تي مون سان پيار بابت ڳالھايو ۽ مون کي ياد آھي،
ھن ھڪ دفعي مون کان پڇيو ھو ”سقراط، تنھنجو ڇا خيال آ
تھ انھيءَ سڌ جو سبب آخر آھي ڇا؟ سمورن ساھوارن،
حيوانن توڙي پکي پکڻن کي ڪڏھن نھ ڏٺو اٿئي؟ جڏھن منجھن
ڄڻڻ جي سڌ سامائبي آھي تھ ھو ڏاڍي درد ۽ پيڙا واري
حالت ۾ ھوندا آھن، جو کين پيار جي سڪ ستائيندي آھي ۽
سندن پھريون پھريون مقصد ميلاپ ھوندو آھي ۽ ان کان
پوءِ پنھنجي ان اولاد/
تخليق جي پرگھور لھڻ، جنھن جي حفاظت لاءِ ڪمزور کان ڪمزور بھ ھڪ
تمام وڏي ويڙھوءَ سان جنگ جوٽڻ لاءِ سندرو ٻڌي، سنڀري
بيھي ٿو ۽ مرڻ مارائڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. ھو فاقا
ڪڍڻ، پيڙا ڀوڳڻ يا ڪھڙا بھ ٻيا سور ۽ سختيون سھڻ کان
نھ ڪيٻائيندا تھ جيئن سندن اولاد
/ تخليق زندھ ۽ محفوظ رھي. انسان پاران اھڙي عمل ۽ ھلت جو سبب تھ خير سندن
شعور ۽ سمجھھ آھي، پر حيوانن ۾ اھڙي جوشيلي جذبي جو
سبب ڇا آھي؟ تون ٻڌائي سگھندين؟“ مون وري بھ اعتراف
ڪيو تھ مون کي ڄاڻ ڪونھي. تنھن تي ھن چيو ”پوءِ تون
پاڻ، پيار جي معاملن ۾ ماھر ٿيڻ جي اميد ڪيئن ٿو رکين،
جي توکي ايتري بھ خبر نھ آھي؟“ ”پر ڊآيوٽما، مان توکي
اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آھيان تھ منھنجي اھا جھالت ۽
اڻڄاڻائي مون کي ھت تو وٽ وٺي آئي آھي. مان ڄاڻان ٿو
تھ مون کي ھڪ استاد جي ضرورت آھي، سو تون مون کي ان جو
سبب بھ ۽ پيار جا ٻيا مڙئي اسرار ۽ رمزون سمجھاءِ.“
”چڱو تھ پوءِ ٻڌ، جي تون ائين مڃين ٿو تھ پيار، پيار
آھي امرتا جو، جنھن ڳالھھ تي اسان ھڪ نھ پر ڪيئي ڀيرا
متفق بھ ٿي چڪا آھيون، تھ پوءِ جنھن ڳالھھ تي اسان ھڪ
نھ پر ڪيئي ڀيرا متفق بھ ٿي چڪا آھيون، تھ پوءِ توکي
مٿئين سوال جو جواب بھ حيران نھ ڪندو. ڇو جو ھتي بھ ان
ساڳئي اصول مطابق ھر فنائي جيو، پوءِ ڀلي انسان ھجي يا
حيوان، ممڪن حد تائين ڪوشش ڪري ٿو تھ ھو امر بڻجي وڃي
۽ واحد طريقو جنھن سان ھو اھو مقصد حاصل ڪري سگھي ٿو،
سو ڄڻڻ / تخليق ڪرڻ آھي. ڇو تھ ائين ڪرڻ سان پراڻي جي
جڳھھ تي نئون وجود اچي، ان کي دائميت بخشي ٿو ۽ ان تي
غور ڪر تھ ڪو بھ ساھوارو، جا زندگي جيئرو ھجي ٿو تھ
چيو وڃي ٿو تھ ھو ساڳيو ئي رھي ٿو. مثال طور انسان
جنھن کي پنھنجي ننڍپڻ کان وٺي پيرسني تائين ساڳيو ئي
ماڻھو سڏيو وڃي ٿو، حقيقت ۾ ھو ساڳيا اوصاف ۽ گڻ
برقرار نھ ٿو رکي. پر ھو سدائين، وقت گذرڻ سان، ھڪ
نئون انسان بڻجندو ٿو رھي ۽ وڃائي وري حاصل ڪرڻ، جي ھڪ
مسلسل عمل منجھان گذرندو رھي ٿو. سندس وار، سندس ماس،
ھڏا ۽ رت، يعني سندس سڄو جسم ان عمل مان متاثر ٿئي ٿو
۽ نھ صرف سندس جسم پر سندس خيال ۽ ويچار بھ. ھن جو
مزاج ۽ سڀاءُ، عادتون ۽ اطوار، رايا ۽ تجزيا، سڌون ۽
خواھشون، خوشيون، ڏک ۽ سور، انديشا ۽ خوف اھي سڀ ڪڏھن
بھ ساڳيا نھ ٿا رھن. نوان ايندا ٿا وڃن ۽ پراڻا گم
ٿيندا وڃن ٿا ۽ ويچارڻ جھڙي ڳالھھ تھ وري ھيءَ آھي جو
ڄاڻ جي مضمونن
/ سائنس سان بھ ساڳي ڪار آھي، ۽ رڳو ائين نھ
آھي جو ڪي سائنسون اڀري اچن ٿيون ۽ وري زوال پذير ٿي
وڃن ٿيون ۽ اسان، انسان، انھن جي نسبت ۽ ڀيٽ ۾ پنھنجي
اھا ساڳي حيثيت برقرار نھ ٿا رکون، پر خود سائنسن کي
بھ اسان وانگر ساڳي مستقل تبديلي جي تجربي مان گذرڻو
پوي ٿو ۽ جڏھن اسان ”يادگيري“ يا ”سانڀر“ جو لفظ
استعمال ڪندا آھيون تھ ان کي ڄاڻ جي موڪلاڻي واري
مفھوم ۾ استعمال ڪندا آھيون. ويسر ڄاڻ جي موڪلاڻي آھي
۽ سانڀر ان جي جاءِ تي نئين ڄاڻ جي اچڻ جو نالو آھي ۽
اھا سان جي ڄاڻ کي سنڀالي ۽ سانڍي رکي ٿي. سو اھا ڄاڻ
بظاھر ساڳي نظر اچي ٿي. پر حقيقت ۾ ان منجھھ جدت ۽
نواڻ ھوندي آھي. ان طريقي ۽ اصول ان ئي ھر فاني شيءِ
پاڻ کي مھفوظ ۽ دائم رکندي اچي. ائين نھ تھ سدائين
ساڳي ئي رھي، جيڪا صرف ديوتائن جي ئي خوبي ۽ خصوصيت
آھي. پر مٽا سٽا ۽ تبديلي جي ھڪ اھڙي عمل مان گذرندي
رھي ٿي، جنھن ۾ پراڻي پوڙھي ٿيل فاني شيءِ، پنھنجي
پٺيان پاڻ جھڙو پر نئون جنم ۽ وجود ڇڏيندي وڃي ٿي.
سقراط صرف ان طريقي ئي فاني شيءِ جسماني طور يا ڪنھن
بھ ٻئي حساب ۾ دائميت ماڻي، امر بڻجي وڃي ٿي، ٻئي
طريقي سان نھ سو ان ڳالھھ تي عجب ۾ نھ پئھ تھ ھر جيو
پنھنجي اولاد
/
تخليق سان ايڏو گھڻو پيار ڪري ٿو.
سندن اھا بي انتھا سڌ ۽ اھو اڻ ميو پيار، امرتا حاصل
ڪرڻ لاءِ ئي ھوندو آھي.“
مان سندس اھي ڳالھيون ٻڌي حيران ٿي ويس ۽ پڇيم ”اي
ڏاھي ڊايوٽما! ڇا واقعي اھو سڀ سچ آھي؟“ ”ھا بلڪل سچ –
تون خاطري ڪر“، ھن ڪامل استاد واري انداز ۾ چيو، ”۽
سقراط جي تون غور ڪندين تھ توکي انسانن جو عزم ۽
ارادو، ان سچائي جي ثابتي ۽ شاھدي ڏيندو ۽ جي تون ھي
مون واريون ڳالھيون دل ۾ ياد نھ رکيون تھ پوءِ توکي
ماڻھن جو حقيقت کي نظرانداز ڪري وڃڻ ۽ بي سمجھھ ٿي
بيھڻ تي حيراني ئي ٿيندي. ھو شھرت ماڻڻ جي خواھش ۾
عجيب ڀيانڪ صورتحال ۾ بھ ھليا ويندا آھن، اھو نانءَ ۽
شان جيڪو ڪڏھن بھ نھ مري، سدا امر رھي. ھو ان عزت ۽
شھرت جي حصول خاطر، انھن خطرن کان بھ وڌيڪ وڏا خطرا
کڻڻ ۽ جان جوکي ۾ وجھڻ لاءِ تيار ٿي ويندا، جيترا ھو
پنھنجي اولاد کي بچائڻ خاطر کڻندا آھن. پنھنجو مال
ملڪيت لٽائڻ، ھر قسم جي ڪشالن ڪٽڻ ۽ قرباني ڏيڻ، ويندي
موت کان بھ نھ ڊڄندا آھن. ڇا تون ائين ٿو سمجھين تھ
الڪيٽس، ايڊيميٽس کي بچائڻ لاءِ موت قبوليو ھوندو،
اڪائيلس، پئٽروڪلس جو بدلو وٺڻ لاءِ، ۽ توھان جو
پنھنجو ڪوڊرس، پٽن لاءِ پنھنجي بادشاھي بچائڻ خاطر؟
نھ، نھ – ائين ڪو نھ ھيو. ھنن کي اھا پڪ ھئي تھ سندن
بھادري، مردانگي ۽ گڻ، امر بڻجي ماڻھن جي دلين ۾ ياد
رھندا، جيئن اھي اڄ بھ اسان جي دلين ۾ موجود آھن.“ ھن
چيو، ”حقيقت اھا آھي تھ اھا ابدي ناموس، ھاڪ ۽ شھرت جي
سڌ ئي آھي، جيڪا انسانن کي ھر عمل ڪرڻ تي اتساھي ۽
اڪسائي ٿي ۽ اھي جيترو بھتر ھوندا تھ اوترو ئي ھو وڌيڪ
ڪندا، ڇو تھ ھو امرتا سان پيار ڪندا آھن ۽ سڌ رکندا
آھن.
سو اھي جيڪي جسماني طور ڳورھارا ھوندا آھن، سي عورتن
ڏانھن راغب ۽ راھي ٿيندا آھن ۽ اولاد ڄڻيندا آھن، سندن
پيار اھڙن لڇڻن وارو ھوندو آھي. ھو سمجھندا آھن تھ
ائين اولاد پيدا ڪرڻ سان ئي ھنن پنھنجي لاءِ خوشيون،
نانءُ ۽ امرتا حاصل ۽ محفوظ ڪري ورتي. ان ايندڙ وقت
لاءِ جڏھن ھو ھن دنيا ۾ نھ ھوندا. پر اھي جيڪي روحاني
طور ڳروھارا ھوندا آھن - ۽ اھڙا آھن بھ جيڪي جسماني
طور نھ پر خيالن ۽ ويچارن کي تخليق ڪرڻ جا آسروند ۽
وڌيڪ اھل ھوندا آھن ۽ اھڙي اولاد جا، جيڪا ان مناسبت
سان ڄڻي
/
تخليق ڪري سگھبي آھي. ڀلا اھو ڪھڙو
اولاد
/
تخليق؟ جواب آھي تھ ڏاھپ ۽ گڻ ٿلھي
ليکي ۽ ان صف ۾ اھي تخليقڪار ۽ سرجڻھار، اھي شاعر،
ڪاريگر، ھنرمند ۽ اھي نقاش اچي وڃن ٿا، جيڪي نيون شيون
تخليق ڪن ۽ ڳولھي لھن ٿا ۽ جن کي ”موجد“ جو نالو ڏنو
وڃي ٿو، پر ڏاھپ جو سڀ کان اعليٰ ۽ خوبصورت قسم اھو
آھي، جنھن جو تعلق رياستن ۽ خاندانن جي اعليٰ ۽
خوبصورت قسم اھو آھي، جنھن جو تعلق رياستن ۽ خاندانن
جي معاملن، انتظامن ۽ دستورن سان آھي ۽ جنھن کي اسان
رواداري ۽ انصاف
سڏيون ٿا. سو اھڙو انسان جنھن جي دل ۾ ننڍپڻ کان وٺي
ئي اھڙا جذبا جاڳيل آھن ۽ منجھس اتساھھ ڀريل آھي. جڏھن
۽ جنھن گھڙيءَ عمر جي ان گھربل حد کي پھچي ٿو تھ پوءِ
کيس تخليق ڪرڻ جي سڌ اچي ستائي ٿي ۽ ھو ان سونھن جي
تلاش ۾ سرگردان رھي ٿو، جنھن جي حصول سان سندس تخليق
ڪرڻ جي سڌ پوري ٿئي. ڇو تھ بدصورتي ۾ تھ ھو ڪڏھن بھ،
ڪجھھ بھ تخليق ڪري نھ ٿو سگھي. سو ڳورھارو ھوندي. فطري
طور، کيس بدصورت ۽ بيڊولي بدن کان ھڪ خوبصورت جسم وڌيڪ
ئي وڻي ٿو ۽ وري جي کيس انھيءَ خوبصورت جسم ۾ ھڪ
خوبصورت مھربان، اتم ۽ اعليٰ ظرف روح بھ ملي وڃي تھ
پوءِ ڄڻ سون تي سھاڳو ٿي پيو ۽ ھو ان جسم ۽ روح ٻنھي
جو وڏي اتساھھ سان آڌرڀاءُ ڪري ٿو ۽ پوءِ اھڙي ھمراھھ
سان گڻن بابت گفتگو ڪرڻ لاءِ وٽس گھڻو ڪجھھ آھي ۽ جيئن
ھڪ سٺي انسان کي ھجڻ ۽ عمل ڪرڻ گھجري، ھو ائين ساڻس يش
اچي ٿو ۽ ان جي تعليم، تربيت ۽ سکيا، پنھنجي ھٿ ۾ کڻي
ٿو. پنھنجي انھيءَ دوست ۾ سمايل سونھن سان ويجھي سنگت
۽ گھري لاڳاپي جي ڪري ھو تخليق ڪري ٿو جيڪا سالن کان
ھن يج اندر سانڍيل ھئي. ھن کي اھو ھر وقت ياد آھي.
توڙي جو ھو موجود نھ بھ ھجي ۽ ھو پنھنجي ان دوست سان
گڏجي، ان جي سار سنڀال ۽ حفاظت ڪري ٿو جيڪو ھن تخليق
ڪيو آھي. سندن وچ ۾ دوستي بھ تمام گھاٽي ۽ سندن وچ ۾
پيار ۽ جذبن جا ٻنڌڻ بھ انھن عام قسم جي والدين کان
وڌيڪ سگھارا ۽ مضبوط ٿين ٿا. ڇو تھ ٻار جيڪي ھنن جي
مشترڪ اولاد
/ تخليق ھوندا آھن، سي عام انساني ٻارن کان
سونھن ۾ بھ سرس ھوندا آحڻ“ ۽ اھي امر بھ آھن ۽ ھر ھڪ
چاھيندو تھ کيس اھڙا ٻار ڄمڻ بجاءِ عام انساني ٻارن
جي، مثال طور ھومر، ھيسئائڊ ۽ ٻين سٺن شاعرن کي ئي ڏس.
ڪير انھن جي اولاد
/ تخليقن سان ريس نھ ڪندو، جيڪا ھو پنھنجي
پٺيان ڇڏي ويا آھن؟ اھڙي اولاد جنھن پنھنجي والدين
/
تخليقڪارن کي لافاني ھاڪ ۽ ناماچار
بخشيو ۽ سندن ياد کي تازو رکيو آھي. يا لائيڪو گس
قانوندان (20) کي ئي کڻي وٺ. ڪير ان جھڙن ٻارن
/ تخليقن جي سڌ نھ رکندو جن نھ رڳو اسپارٽا
کي آزاد رکيو پر ائين بھ چئي سگھجي ٿو تھ سڄي يونان کي
۽ توھان اٿينس وارن وٽ تھ ھو سولون (21) جو آھي، جنھن
کي سندس جوڙيل قانونن ڪري عزت جي نگاھھ سان ڏٺو وڃي ٿو
۽ ڪيترين ئي ٻين جاين تي، ڪيترائي اھڙا انسان آھن
يونان ۾ بھ ۽ غير يونانين ۾ بھ جن دنيا کي ڪيترن ئي
اعليٰ شاھڪارن ۽ عملن سان نوازيو ۽ ھو ھر قسم جي خصلتن
جا سرجڻھار آھن ۽ پنھنجين اھڙين ي تخليقن ڪري، انھن جي
شان ۾ کوڙا عبادتگاھون جوڙيون ويون آھن، جيڪي ڪڏھن بھ،
ڪنھن بھ اھڙي انسان جي شان ۾ قطعي نھ جوڙيون ويون آھن،
جنھن فاني
/
انساني اولاد ڄڻيو ھجي.
”سو سقراط، اھي اٿئي پيار جا ڪجھھ ھلڪا ڳجھھ ۽ اسرار،
جيڪي ھن وقت تائين، مون توکي بيان ڪري ٻڌايا آھن ۽ جن
۾ تون بھ پير پائي سگھين ٿو. پر ڇا توکي بيان ڪري
ٻڌايا آھن ۽ جن ۾ تون بھ پير پائي سگھين ٿو، پر ڇا تون
پيار جي انھن اتم ۽ اونھن اسرارن کي بھ سمجھي سگھندين،
جيڪي ھنن ڳجھن جا تاج ۽ ڇٽ آھن؟ ۽ جن ڏانھن، جيڪڏھن
ڪوئي بھ نيڪ جذبن سان، بنا ڀٽڪڻ جي، درست دڳ ۽ سکيا
سان ھلي تھ اھي اسرار سندس رھنمائي ڪندا، مان اھو تھ
چئي نٿي سگھان تھ تون انھن ۾ ڀڙ، ماھر ۽ ڪامل بھ ٿي
سگھندين، پر جيتريقدر منھنجي ڳالھھ آھي تھ مان ان ۾
بلڪل ارھي نھ ٿيندس تھ توکي اھو ڪجھھ سمجھايان، پوءِ
جي تون انھن تي ھلي سگھين تھ اھڙي ڪوشش ضرور ڪجان.“
”ھاڻي اھو انسان جيڪو انھيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ صحيح
واٽ سان ھلڻ چاھي تھ پوءِ ان لاءِ اھو ضروري آھي تھ
کيس پنھنجي نوجواني واري عمر کان ئي، خوبصورت جسمن سان
ملاقاتون، رھاڻيون ۽ لاڳاپا رکي عمر کان ئي، خوبصورت
جسمن سان ملااتون، رھاڻيون ۽ لاڳاپا رکي شروعات ڪرڻ
گھرجي. پوءِ جي سندس سونھين ۽ رھبر، سندس درست رھنمائي
ڪئي تھ ھو پھريائين پھريان رڳو ھڪ ئي سھڻي ماڻھوءَ سان
عشق ۾ گرفتار ٿي ويندو ۽ انھيءَ سان سنگت جي ڪري منجھس
اعليٰ، اتم ۽ خوبصورت جذبا ۽ سوچون جنم وٺڻ لڳنديون.
تنھن کانپوءِ ھو پنھنجو پاڻ ئي اھو سھي ڪري ۽ سمجھي
وٺندو تھ ڪنھن ھڪ انسان ۾ جيڪا جسماني خوبصورتي آھي سا
تھ اھڙي آھي جيڪا ٻي ماڻھو ۾ بھ آھي ۽ جيڪڏھن ھو
خوبصورتي جي جوھر جي تلاش کي ئي پنھنجو مقصد رکي ٿو
تھ، پوءِ ھو بيوقوف ليکبو جي ھن ائين نھ سمجھيو تھ
سمورن جسمن جي خوبصورتي اصل ۾ ساڳي ۽ ھڪجھڙي آھي. ھاڻي
جڏھن اھو ان نتيجي تي پھچندو تھ پوءِ ھو سمورن سھڻن
جسمن سان پيار ڪرڻ لڳندو ۽ ڪنھن ھڪ مخصوص ماڻھوءَ سان
پنھنجي پيار جي شدت ۾ گھٽتائي آڻي ڇڏيندو ۽ ان پيار کي
ايڏو نھ ڀائيندو ۽ گھٽ اھميت ڏيندو. ان ڏاڪي کان پوءِ
ھو ٻي منزل مان گذرندو، جنھن ۾ کيس محسوس ٿيندو تھ
سيرت جي سونھن، صورت جي سونھن کان وڌيڪ قدر قيمت واري
آھي، نتيجو اھو نڪرندو تھ جڏھن کيس گڻن ۽ خصلتن وارو
ڪو ھمراھھ ملي ويو، جنھن ۾ جسماني خوبصورتي ڀلي ايڏي
نھ بھ ھجي. تڏھن بھ ھو ان کي پيار ڪرڻ ۽ ساھھ ۾ سانڍڻ
لاءِ بلڪل راضي ۽ تيار ھوندو ۽ پوءِ اھڙيون سوچون ۽
ويچار تلاش ۽ تخليق ڪندو، جيڪي نوجوانن کي بھتر بڻائن
۽ ائين ھو خوبصورتي بابت گھرو سوچ ويچار ڪرڻ لڳندو ۽
کيس سماجي سرشتن، ريتن رسمن ۽ قانونن ۾ خوبصورتي نظر
ايندي ۽ اھا شناسائي ٿيندس تھ ھت پڻ اھا سموري سونھن
اصل ۾ ڄڻ ساڳي ئي حسب نسب جي آھي ۽ اھو تھ جسماني
خوبصورتي تھ بلڪل خسيس شيءِ آھي. رسم رواج، دستورن ۽
قانون کان پوءِ ھو ڄاڻ
/ سائنس ڏانھن مائل ٿيندو ۽ انھن جي خوبصورتي
بابت غور ويچار ڪندو. ائين سندس نگاھون خوبصورتيءَ کي
انھيءَ وسيع معنيٰ ۾ پسنديون ۽ ھو ھينئر سونھن جي ڪنھن
ھڪ خاص مثال ڏانھن، کوٽي چاھھ ۽ نيچ جذبي سان، وڌيڪ ان
جو غلام نھ رھندو. ڀلي کڻي سندس اھو پيار ڪنھن بھ
ڇوڪري، ڪنھن بھ انسنا، يا ڪنھن ڪرت سان ھيو. پر سونھن
جي ان وسيع، وشال ۽ بي انت بحر تي نھاري، جيڏانھن
ھينئر اچي سندس ڌيان ڇڪيو آھي، ھو ڏاھپ سان پنھنجي
اھڙي اڻ مئي پيار جي نتيجي ۾ ڪيترائي شاندار، سھڻا ۽
فلسفي سان پر، ويچار ۽ خيال تخليق ڪندو. تان جو پنھنجي
تجربي سبب، قابليت، لياقت ۽ سمجھھ ۾ پختگي حاصل ڪندي،
ھو آخر ھڪ لاثاني سائنس جو مشاھدو ماڻي ٿو، جنھن کي
سونھن جي سائنس چئجي ٿو. مان ھينئر ان جي باري ۾ ئي
ڳالھائيندس. مون ڏانھن پنھنجو پورو ڌيان ڪري، ڪن ڏئي
ٻڌجان.
”اھو انسان جنھن کي پيار جي اسرارن ۽ معاملن ۾ ائين
رھنمائي ملي ھجي ۽ جنھن ماڻھو سونھن کي ائين ٺيڪ، ڏاڪي
بھ ڏاڪي، ترتيبوار پسيو، پرکيو، سوچيو، سمجھيو ۽ اھن
مان گذريو ھجي، سو ائين اچي پنھنجي ان جستجو جي پڄاڻي
۽ آخري درجي ۽ پد کي پھچي ٿو تھ کيس اوچتو ھڪ اچرج ۾
وجھندڙ سونھن جو مشاھدو نصيب ٿئي ٿو ۽ سقراط اھا ئي
سندس سمورن پورھين ۽ ڪشالن جي منزل مقصود آھي، پھرين
پھرين ڳالھھ تھ اھا سونھن سدائين قائم ۽ دائم آھي. اھا
نھ ڄمي ٿي، نھ مري ٿي، نھ وڌي ٿي نھ گھٽجي ٿي. بي
ڳالھھ اھا تھ، نھ ان جو ڪجھھ حصو سھڻو تھ وري ڪجھھ حصو
ڪوجھو آھي، نھ ئي ڪنھن وقت تي خوبصورت تھ ڪنھن وقت
بدصورت نھ ئي ھن نسبت سان سھڻي ۽ ھن نسبت ۽ حوالي سان
ڪوجھي ۽ نھ ئي ڏسندڙن جي حساب ۾ ھتي. ھن ھنڌ خوبصورت ۽
ڪنھن ٻئي ھنڌ بدصورت. اھڙي انسان کي اھا سونھن نھ ئي
ڪنھن چھري، ھٿن يا جسم جي ڪنھن ٻئي حصي جي خوبصورتي ۾
نظر ايندي، يا ڪنھن بحث ۽ سائنس جي سونھن جھڙي ۽ نھ ئي
ڪنھن اھڙي سونھن وانگر جيڪا ڪنھن ٻي شيءِ ۾ موجود
ھجي، مثلا ڪنھن بھ ساھواري شيءِ ۾ يا آسمان يا ڌرتي
تي. يا ٻي ڪنھن شيءِ ۾ مثلا ڪنھن بھ ساھواري شيءِ ۾ يا
آسمان يا ڌرتي تي. يا ٻي ڪنھن شيءِ ۾ جيڪا ڪٿي بھ ھجي.
ھن کي ھاڻي اھا ئي ھڪ سونھن نظر ايندي. مطلق ۽ ڪامل،
رڳو پنھنجي اڪيلي تنھا وجود سان بينظير، يگاني، لاثاني
۽ لازوال، ٻيون سموريون خوبصورتيون منجھانئس ئي حصدار
بڻجن ٿيون. سو بھ اھڙي انداز ۽ طريقي سان جو جڏھن اھي
منجھانئس جنم وٺن ٿيون يا زوال پذير ٿين ٿيون تھ ان جي
سونھن ۾ نھ ئي واڌ اچي ٿي ۽ نھ ئي کوٽ ۽ نھ ئي ڪا ٻي
تبديلي.
(وڌيڪ پڙهندا)
|