سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڏاهيون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :19

 

سو اھو خيال ڪري مان نڪري پيس ۽ ھڪ اھڙي ھمراھھ وٽ وڃي پھتس، جنھن جي ڏاھپ جي ڏاڍي ھاڪ ھئي. جڏھن مون ان ماڻھو کي پرکيو – ھن يار جي نالي ٻڌائڻ جي ڪا ضرورت ڪونھي. پر ھو ھڪ سياستدان ھيو- تھ منھنجي تجربي ڪجھھ ھيئن ٻڌايو. مون جڏھن ھن سان گفتار شروع ڪئي تھ مون کي لڳو تھ جيتوڻيڪ ھو ٻين گھڻن لاءِ ڏاھو ھيو ۽ خاص ڪري پنھنجيءَ پر ۾ پاڻ کي مھا ڏاھو پئي سمجھيائين. پر اصل ۾ ڏاھو ھيوئي ڪونھ. ۽ پوءِ جڏھن مان ھن کي اھو ٻڌائڻ ۽ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي تھ جيتوڻيڪ ھن پنھنجو پاڻ کي ڏاھو پئي ڄاتو. پر حقيقت ۾ ھو ڪو نھ ھيو تھ نتيجو ڇا نڪتو تھ اٽلندو ھو مون تي ڪاوڙجي پيو ۽ مون کان نفرت ڪرڻ لڳو ۽ ٻيا جيڪي اتي موجود ھئا، تن منجھان بھ ڪيترائي منھنجا دشمن بنجي پيا. خير مان ھن کان موڪلائي موٽڻ لڳس. مون دل ۾ چيو، مان ھن کان وڌيڪ ڏاھو آھيان. اصل م حقيقت تھ ھيءَ آھي تھ اسان ٻنھي مان ڪنھن کي بھ سونھن ۽ سٺائي بابت ڪا ڄاڻ ڪونھي پر ھو سمجھي ٿو تھ ھو ڄاڻي ٿو تھ جڏھن ھقيقت ۾ ھو ڪجھھ نھ ٿو ڄاڻي. جڏھن تھ مان نھ ئي ڄاڻان ٿو ۽ نھ ئي اھو سمجھان ٿو تھ مان ڪو ڄاڻان ٿو، سو مان ان خسيس فرق ڪري ئي ھن کان ڏاھو آھيان تھ، مان اھو ڄاڻان ٿو تھ مان ڪجھھ بھ نھ ٿو ڄاڻان.

ان کان پوءِ مان ٻئي ھمراھھ وٽ ويس، جنھن اڳين کان بھ وڌيڪ ڏاھي ھجڻ جي دعويٰ پئي ڪئي. ۽ مونکي وري بھ ساڳيو تجربو ٿيو. رھندوسھندو ھڪ ٻيو دشمن بھ پيدا ڪري ورتم ۽ ان ان گڏ ڪيترائي ٻيا بھ. ان بعد مان ھڪ کانپوءِ ٻئي وٽ ويندو رھيس. جيتوڻيڪ سمجھيم پئي تھ ائين ڪندي، مون پنھنجي لاءِ وڏي دشمني پيدا ڪري ورتي آھي. اھڙي صورتحال ۾ مان ڪنھن پل ۾ دلگير بھ پئي ٿيس تھ خوف ۽ ڏک بھ پئي ٿيو. پر مون سوچيو تھ اھو منھنجي مٿان لازم آھي تھ ديوتا جي الھام کي اھميت ڏيان. مون دل ۾ چيو: مون کي انھن سڀني وٽ وڃن گھرجي، جيڪي بھ ڄاڻڻ جي دعويٰ ڪن ٿا ۽ الھام جي معنيٰ ڳولي ڪڍجي. ۽ مان توھان آڏو قسم سان ٿو چوان تھ اي اٿينس واسيو!- مون کي ڪتي جو قسم آ (8)- ڇو تھ مونکي، اوھان کي سچ ئي ٻڌائڻ گھرجي. مون کي ڪجھھ ھيئن تجربو ٿيو:

پنھنجي جاچ جوچ دوران مون ڏٺو تھ جن پنھنجي مھا ڏاھي ھجڻ جي دعويٰ پئي ڪئي. سي نسورا ڄٽ نڪتا. جڏھن تھ اھي جن جي ھاڪ تھ گھٽ ھئي، پر انھن وٽ اڃا سرس ڄاڻ ۽ ذھانت ھئي. مان اوھان کي پنھنجن انھن مسافرين جا احوال ڏيندس، جن کي مان ”ھر ڪولس وارا پورھيا“ چوندس. ڇو تھ مون اھي جاکوڙن ۽ رولھڙا ان ڪري ئي ڪيا تھ جيئن ان الھام جي سچائي ۾ باقي ڪو شڪ شبھو نھ رھي. سياستدانن کان پوءِ مان شاعرن وٽ ويس. مرثيا لکندر، دلڪش ۽ جذباتي گيت ۽ ٻين سمورن قسمن جي شعر لکندڙن وٽ، مون اھو پئي کسوچيو تھ ڄاڻ ئي مان پڌرو ٿي پيس. ڇو جو مان ان معاملي ۾ ان ڄاڻ ھئس. مان سندن شعرن منجھان ڪجھھ اھڙا چونڊي کنيا، جيڪي انھن وڏي محنت سان لکيا ھئا ۽ کانئن انھن جي معنيٰ پڇيم، اھا بھ اميد رکيم تھ، انھيءَ بھاني سان ساڳئي ئي وقت ڪجھھ سکي پوندس. توھان مون تي يقين ڪندؤ؟ صاحبو! مان اوھان کي سچ ٻڌائيندي بھ ڏاڍو لڄي ٿو ٿيان (1). پر مون کي ضرور ٻڌائڻ گھرجي. اتي موجود سڀئي ماڻھو، سواءِ ڪو ھڪ اڌ جي، انھن شعرن جي معنيٰ ۽ مطلب شاعرن کان وڌيڪ بھتر سمجھاڻي سان سمجھائي سگھيا. مون اھو محسوس ڪيو تھ اھي پنھنجا شعر پنھنجي ڄاڻ ۽ ڏاھپ جي بنياد تي نھ ٿا لکن. پر ڏات يا الھام جي بنياد تي. جيئن ڪيترائي اولياءَ ۽ پيغمبر، جيڪي ڪيتريون ئي نصيحتون ۽ حڪمت ڀريون سھڻيون سھڻيون ڳالھيون چوندا تھ آھن، پر کين انھن ڳالھين جي معنيٰ جي خبر بھ نھ ھوندي آھي. مون کي شاعرن جي حالت بھ ڪجھھ اھڙي ئي ڏسڻ ۾ آئي. مون اھو بھ ڏٺو تھ ھو پنھنجي شاعريءَ جي بنياد تي. پاڻ کي ڪيترينئي ٻين موضوعن ۽ مضمونن ۾ بھ مھاڏاھو ۽ ڪامل سمجھڻ لڳا ھئا. جيتوڻيڪ کين انھن ميدانن ۾ ذري جي بھ ڄاڻ ڪو نھ ھئي. سو مان اتان بھ اٿي روانو ٿيس. اھو سمجھندي تھ مان انھن کان مٿانھون آھيان ۽ انھن ئي سببن جي ڪري، جن جي بيناد تي مان سياستدانن کان مٿانھون ھيس.

آخر مان ھنرمند ۽ ڪاريگرن وٽ ويس. مون پوري ريت ڄاتو پئي تھ مون کي انھن ميدانن ۾ ڪا ڄاڻ ڪانھي ۽ پڪ ھيم تھ ھنن ڪيتريون ئي بھتر شيون ڄاتيون پئي. ھن ڀيري تھ مون کي اھو يقين ھيو تھ مان ڀليل نھ آھيان ڇو تھ ھنن کي گھڻين اھڙين ڳالھين جي خبر ھئي جن کان بلڪل اڻ واقف ھيس ۽ انھيءَ ڪري ھو مون کان وڌيڪ ڏاھا بھ ھئا. پر جيوري جا صاحبو! سٺن ڪاريگرن ۾ اھا ئي خرابي ھئي، جيڪا شآعرن ۾ ھئي، انھن مان ھر ھڪ جيئن تھ پنھنجي فن ۾ ماھر ھيو، ان ڪري اھو بھ پئي سمجھيائين تھ ٻين تمام اھم ميدانن ۾ ۽ ڌنڌن ۾ بھ ماھر آھي، جن سان سندس واسطو بھ نھ ھيو. سندن ان خامي، انھن جي اصلي ۽ حقيقي ڏاھپ کي بھ لڪائي، غير اھم پئي بڻائي ڇڏيو. مان پنھنجي اندر کان پاڻ ئي ان الھام جي پاران پڇيو، ڇا مان جھڙو بھ آھيان اھڙو ئي ھجان، نھ ئي ڏاھو انھن جھڙي ڏاھپ سان ۽ نھ ئي اڻڄاڻ انھن جھڙي اڻڄاڻائي سان، يا انھن وانگر اھي ٻئي ھجنک. (يعني ھجان نادان، سڏايان داناءُ). ۽ منھنجي اندر مون کي ۽ ان الھام کي اھو جواب ڏنو تھ منھنجي لاءِ اھو ئي بھتر آھي تھ مان جھڙو آھيان، اھرو ئي رھان.

منھنجا سائين! منھنجي ان پڇا ڳاڇا ۽ تحقيق منھنجي لاءِ بدترين ۽ خطرناڪ دشمن پيدا ڪيا آھن ۽ وڏي بدنامي بھ ملي اٿم. ۽ مون کي ڏاھو سمجھيو ٿو وڃي، جو منھنجي ٻڌندڙن سدائين ائين پئي سمجھيو آھي تھ مون وٽ اھا ڏاھپ آھي، جيڪا مون سان بحث ۽ گفتگو ڪندڙن ۾ کٽل آھي ۽ جنھن جي بنياد تي مان سندن ڏاھپ جي معنيٰ کي ڪوڙو ڪري سندن ناداني ظاھر ڪري ٿو وجھان. پر اٿينس واسيو! سچ تھ اھو آھي تھ ڏاھو فقط خدائي آھي ۽ ھن جي ان الھام يا اشاري جو مطلب اھو ئي ھيو تھ انساني ڏاھپ جي حيثيت ۽ وقعت ٿوري يا ڪجھھ بھ ناھي.“ جڏھن ھو چوي ٿو تھ ھي سقراط – تھ منھنجو نالو رڳو مٿال طور استعمال ڪري ٿو. ڄڻ ھينئن چوندو ھجي تھ، ”اي انسانو! اوھان مان اھو سڀني کان ڏاھو آھي، جيڪو سقراط وانگر اھو ڄاڻي ٿو تھ ڏاھپ جي نسبت ۽ ھوالي سان ھو بلڪل بيڪار ۽ ڪجھھ بھ نھ آھي.“ ۽ ان ڪري مان ان الاھي فرمان جي فرمانبرداري ڪندي، اڃا بھ پنھنجي تحقيق جاري رکيو اچان ۽ چؤگرد دنيا ۾ اھڙن انسانن جي ڳولا ۾ آھيان، جيڪي ڏاھا ليکجن ٿا. پوءِ ڀلي اھي ھتان جا شھري ھجن يا پرديسي، مان سندن ڏاھپ کي پرکيان ٿو ۽ جي ھو ڏاھو نھ آھي تھ پوءِ ان غيب جي ڪلام جي سچائيءَ کي ثابت ڪندي، کيس ٻڌايان ٿو تھ ھو ڏاھو نھ آھي، پنھنجي ان ڪرت ۾ مان ايتور ھت مشغول رھان ٿو جو نھ ئي مون کي وقت آھي تھ عام خلق جي ڪنھن وھنوار ۾ ھجان.“ يا کڻي پنھنجي ئي ڪا سنڀال لھان ۽ خيال رکان. سو خدا جي بندگي ۾ ھجڻ جي ڪري ئي اھڙي انتھائي غربت واري حال ۾ آھيان.

منھنجي بدنامي ۽ ناپسنديدگي جو ھڪڙو ٻيو بھ سبب آھي، اھو اھو تھ شاھوڪار پيئرن جا نوجوان پٽ، جيڪي ون سان سنگت ڪن ٿا، سي پنھنجي مرضيءَ سان ئي مون ڏانھن اچن ٿا، ڇو تھ کين واندڪائي بھ گھڻي آھي ۽ جڏھن ھو ماڻھن کان سوال جواب ۽ پڇا ڳاڇا ٿيندي ڏسن ۽ ٻڌن ٿا تھ ڏاڍو خوش ٿين ٿا ۽ مزو وٺن ٿا. ايتري قدر جو ھو اڪثر منھنجي اھل ڪن ٿا ۽ وڃي ٻين کان ان ئي انداز ۾ آڏي پڇا ۽ سوال جواب ڪن ٿا. ھنن کي پنھنجي ان شغل لاءِ کوڙ اھڙا ھمراھھ ھٿ لڳي ٿا وڃن، جيڪي پنھنجي پر ۾ تھ وڏا ڏاھا آھن، پر ڄاڻن ڪجھ بھ نھ ٿا ۽ اھي ھمراھھ جن سان ھو ٻحث مباحثو ۽ سوال جواب ڪن ٿا، سي پنھنجو پاڻ تي ڪاوڙ کائڻ بدان، اٽلندو مون تي ڪاوڙجي ٿا پون. چئي: ”اھا برائي، اھا نھ جيڪا وبا سقراط نالي سان آھي، تنھن ئي نوجوانن کي بگاڙيو آھي.“ ۽ جڏھن ڪو ھنن کان پڇي ٿو تھ ڀلا ھو کين بگاڙڻ لاءِ ڪري ڇا ٿو، سيکاري ڇا ٿو تھ اتي سندن وات سبجي ٿا وڃن، ڇو تھ اھو تھ کين سمجھھ ۾ ئي نھ ٿو اچي. پر ان ڪري جو پڇندڙ مٿان اھو سمجھي ۽ سھي ڪري وڃي تھ يار اچي ڦاٿا ۽ سوڙھا ٿيا آھن، سو اڳ ۾ ئي ٺھيل ٺڪيل الزام، جيڪي سڀني فلسفين لاءِ ھميشه کان تيار ٿيا پيا ھوندا آھن، سي ورجائڻ شروع ٿي ويندا آھن تھ ”آسمان جي اوچاين ۽ ڌرتي جي گھراين ۽ انھن جي ڳجھن ۾ ھٿ ٿو ھڻي“ ”خدائن کي نھ ٿو مڃي“، ”خراب ڳالھين کي بھ ائين ٿو ٺاھيو وڃي جو اھي سٺيون ٿيون لڳن.“ پر ھو ڪڏھن بھ اھا سچي نھ ٿا ڪن تھ سندن نام نھاد ڏاھپ ظاھر ٿي پئي آھي، سڳ سوڌي چور جيان پڪڙجي پيا آھن- اھڙا ھمراھھ آھن بھ گھڻا ۽ برجستا ۽ شوخ بھ آھن، جن پنھنجن ترڪتالن، چاپلوسي ۽ رنگ ڍنگ سان منھنجي خلاف کڻي جنگ جوٽي آھي ۽ ڪنھن وقت کان وٺي، منھنجيءَ گلا سان اوھان جا ڪن ڀريا اٿائون ۽ انھن سببن ڪري ئي ميلٽيس، اينٽيس ۽ لائڪون منھنجي خلاف ٿي بيٺا آھن.

ميليٽس مون سان جھيڙڻ آيو آھي شاعرن جي پاران، اينيٿس ڪاريگرن ۽ سياستدانن جي پاران ۽ لائڪون مقررن جي پاران ۽ جيئن مون شروعات ۾ بھ چيو تھ منھنجي لاءِ اھو ڏاڍو ڏکيو آھي جو ھيترين سارين تھمتن ۽ بدنامين کان، ھت ٿوري وقت ۾ چند ڇڏائي سگھان. اٿينس واسيو! اھو ئي سچ ۽ سمورو سچ آھي. مون ڪنھن بھ ڳالھھ تي ڪک نھ رکيا آھن، ڪجھھ بھ نھ لڪايو آھي. مان ڄاڻان ٿو تھ منھنجي ان ئي رويي، ان بنا رک رکاءُ جي ڳالھائڻ، منھنجي خلاف نفرت پيدا ڪئي آھي ۽ انھن جي اھا نفرت ئي ان جو ثبوت آھي تھ جيڪي ڳالھايان ٿو سو سچ ئي آھي – انھيءَ ڪري ئي منھنجي بدنامي ٿي آھي ۽ ان جا سبب بھ اھي ئي آھن، جيڪي مون ٻڌايا. توھان ھاڻي يا مستقبل ۾، جڏھن بھ جانچ ڪئي تھ توھان کي اھي ئي ساڳيا سبب معلوم ٿيندا.

مون کي پنھنجن پراڻن الامن لڳائيندڙن طرفان لڳايل الامن جي جواب ۾ بس اھو ئي چوڻو ھيو. ھاڻي مان پوين الزام ھڻندڙن جي الزامن جا جواب ڏيندس. انھن جو مک ميليٽس آھي، جيڪو پنھنجو پاڻ کي اصول پرست ۽ سچو محبِ وطن سڏائي ٿو، مان ھن کي بھ جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. اچو تھ ھڪ دفعو وري ھنن پاران عدالت ۾ داخل دستاويز پڙھي ڏسون تھ ڇا ٿا چون، ڄڻ ھي بلڪل نوان ۽ ٻيا الزام لڳائيندڙ ٿي آيا آھن. ان ۾ ڪجھھ ھيئن چيل آھي ”سقراط نوجوانن کي بگاڙڻ جو ڏوھاري آھي. ھو رياست جي موجوده ديوتائن کي نھ ٿو مڃي، پر پنھنجا نوان ديوتا ٺاھيا اٿس. اھڙي ئي قسم جا الزام آھن. ھاڻي اچو تھ انھن جو لفظ بھ لفظ جائزو وٺون.

ھو چوي ٿو تھ مان نوجوانن کي بگاڙڻ جو ڏوھاري آھيان، پر معززو! مان چوندس تھ ميليٽس ڏوھي آھي. ان ڪري تھ ھو معاملن ۾ ڏيکاءُ طور پاڻ کي سنجيده ظاھر ڪندو آھي. پر اصل ۾ مسخري ڪندو آھي. ھو ماڻھن کي ھروڀرو عدالت ۾ گھليندو آھي ۽ انھن ڳالھين ۽ معاملن ۾ وڏي چاھھ ۽ اتساھھ جو ڏيکاءُ ڏيندو آھي. جن لاءِ ھن – سچ تھ ڪڏھن بھ، ذرو بھ خيال ۽ چاھھ ڪو نھ ڏيکاريو آھي. ۽ مان ثابت ڪندس تھ واقعي اھو ائين آھي.

ميليٽس، ھيڏانھن منھنجي سامھون اچي بيھھ ۽ مون کي ھن سوال جو جواب ڏئي، ڇا توکي واقعي ان جو ڏاڍو اونو آھي تھ اسان جا نوجوان بھتر کان بھتر ھجن؟

ھائو مون کي آھي.

تھ پوءِ ڀلا جج صاحبن کي ٻڌايو تھ انھن جو سڌاريندڙ ڪير آھي؟ ظاھر آ تھ توکي تھ خبر ھوندي، توکي انھن جو اونو جو آھي ۽ جيئن تون چوين ٿو تھ تون ان ھمراھھ کي بھ ڳولي لڌو آھي – يعني مون کي – جيڪو کين بگاڙي ٿو ۽ مون کي ھتي عدالت ۾ ڇڪايو بھ اٿئي ۽ الام بھ لڳايا اٿئي. ڪڇ ڀلا - ۽ ججن کي ٻڌاءِ تھ سندن سڌاريندڙ ڪير آھي؟ (ميليٽس ائين ڪجي جيئن ڀت).... ميليٽس، ڏسندو وڃجان تو واري وات کي مھر لڳي وئي آھي. ڇو تھ تو وٽ چوڻ لاءِ ڪجھھ آھي بھ تھ ڪونھ. ڇا تنھن جي اھا چپ، تنھنجي لاءِ شرم جي ڳالھھ ۽ منھنجي لاءِ مناسب ثبوت نھ ٿيندو. ان ڳالھھ جو جيڪا مون اڳ بھ چئي تھ توکي ھن معاملي سان حقيقت ۾، ڪو بھ چاھھ ڪونھي. منھنجا پيارا ٻڌاءِ نھ تھ اسان جي نوجوانن جو سڌاريندڙ ڪير آ؟

قانون.

پر منھنجا سائين! اھو تھ منھنجي سوال جو جواب ئي ناھي، مون ائين پئي پڇيو تھ اھو ڪھڙو ”ماڻھو“ آھي، سو ٻڌاءِ تھ اھو ڪھڙو ماڻھو آھي، جيڪو قانون ڄاڻي ٿو؟

”ھي جج صاحب سقراط – جيڪي ھتي عدالت ۾ موجود آھن.“

تنھنجي چوڻ جو مطلب ڇا آھي؟، ميليٽس اھي نوجوانن کي پاڙھي ۽ سڌاري سگھن ٿا؟

ھائو يقينا.

ڇا اھي سڀئي يا انھن مان رڳو ڪجھھ ڄڻا ۽ ٻيا نھ.

اھي سڀئي.

تو تھ سٺي خبر ٻڌائي ڇڏي! پوءِ تھ ھتي سڌاريندڙن جا انبوھھ لڳي ويا. ڀلا تنھنجو ھنن حاضرين جي باري ۾ ڇا خيال آھي؟ ڇا اھي بھ کين سڌارين ٿا؟ اھي بھ کين سڌارين ٿا.

۽ ڀلا ڪائونسلر / سينيٽر بھ؟

ھائو اھي بھ.

پوءِ شايد اسيمبلي ميمبر کين بگاڙين ٿا – يا اھي بھ کين سڌارين ٿا؟

اھي بھ کين سڌارين ٿا.

پوءِ اھو ائين ٿو لڳي تھ ڄڻ سڄو اٿينس نوجوانن کي سڌاري ۽ سلجھائي ٿو. سواءِ منھنجي، مان اڪيلو ئي آھيان، جيڪو کين بگاڙيان ٿو. ڇا تنھنجو مطلب اھو آھي؟

منھنجو مطلب بلڪل اھو ئي آھي.

ڪيڏا نھ برا نصيب چئبا منھنجا! ھاءِ ھاءِ! ميليٽس تو تھ منھنجي وڏي ۾ وڏي بدنصيبي ڳولي ورتي. خير – مون کي ڀلا ھن سوال جو جواب ڏي، ڇا تنھنجي خيال ۾ اھو گھوڙن تي بھ لاڳو ٿئي ٿو تھ انھن کي سمورا ماڻھو سڌارين ٿا ۽ رڳو ھڪڙو ڄڻو ئي انھن کي بگاڙي ٿو؟ ڇا سچ ان جي بلڪل ابتڙ نھ آھي؟ اھو ھي تھ ھڪ ڄڻو يا ڪي ٿورا ڄڻا، انھن کي سکيا ڏيندڙ (سيس) ھوندا آھن. جڏھن تھ اڪثريت ماڻھن جي، جن کي اھي استعمال ۽ ڪم ڪار لاءِ ڏنا وڃن تھ اھي انھن کي بگاڙي ڇڏيندا. ڇا ميليٽس اھو اين ناھي، پوءِ کڻي گھوڙا ھجن يا ڪي ٻيا جانور؟ - يقينا اھو ائين ئي آھي، ڀلي کڻي ”تون ۽ اينيٿس“ ھا، ڪيو يا ”نھ“. سچ پچ تھ نوجوانن جي اھا ڪيڏي نھ خوشنصيبي چئبي، جي کين بگاڙڻ وارو رڳو اڪيلو، ھڪڙو سر ھجي، جڏھن تھ ٻئي پاسي کين سڌارڻ لاءِ ساري دنيا ھجي!

ميليٽس،  تو بلڪل واضح ڪري ڇڏيو تھ تون نوجوانن لاءِ ھڪ گھڙي لاءِ بھ نھ سوچيو آھي، تنھنجي لاپرواھي ان مان ئي ظاھر آھي تھ تون انھن ڳالھين بابت بھ لاپرواھھ آھين، جن جي بنياد تي تون مون کي ھتي عدالت ۾ وٺي آيو آھين.

۽ ھاڻي مان توکان ھڪ ٻيو سوال پڇندس – ميليٽس خدا کي مڇ ڏيان ڏئي ٻڌ، ڇا ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ٿيندو تھ ھو سٺن شھرين سان گڏ رھي يا خراب ۽ مڪار شھرين جي وچ ۾ ھجي؟- ٻڌاءِ منھنجا سائين! مون توکان ڪو ڏکيو سوال نھ پڇيو آھي. ڇا پنھنجي پاڙيسرين سان، سٺا ماڻھو سٺائي ۽ بڇڙا ماڻھو بڇڙائي سان پيش نھ ٿا اچن؟

بيشڪ.

۽ ڀلا اھڙو ڪو انسان ھوندو، جيڪو ائين چاھيندو ھجي تھ ھن جا سنگتي کيس فائدي بجاءِ جوکو رسائين؟ منھنجا مٺا دوست جواب ڏي. ڇو تھ قانون توکي جواب ڏيڻ لاءِ پابند ڪري ٿو. ڇا اھڙو ڪو آھي، جيڪو ائين چاھي تھ کيس نقصان رسي؟

نھ، بلڪل نھ.

۽ ڀلا، جڏھن تون مون تي الزام ھڻين ٿو تھ آءٌ نوجوانن کي بگاڙيان ۽ خراب ڪيان ٿو، تھ تنھنجو ڇا مطلب آھي تھ آءٌ اھو ڄاڻي واڻي ڪيان ٿو يا اڻڄاڻائيءَ ۾؟

بلڪل اھو سڀ ڪجھھ ڄاڻي واڻي ڪرين ٿو.

ميليٽس پوءِ ان جو مطلب ڇا ٿيو؟ ڇا تون پنھنجي ننڍي عمر ۾ ئي ايترو سياڻو آھين، جو اھو سچ سمجھي سگھين ٿو تھ سٺا ماڻھو پنھنجي سنگت سان سٺائي ۽ بڇڙا ماڻھو ساڻن بڇڙائي ڪن ٿا ۽ مان ڄن تھ اس ۾ وار اڇا ڪيا ھجن. جو پيرسنيءَ ۾ بھ ايترو تھ اونداھي ۽ جھالت ۾ ھجان، جو اھ بھ سمجھي نٿو سگھان تھ مان جنھن سنگت سان گڏ آھيان، ان کي جي جوکم رسايم تھ اھي بھ موٽ ۾ مون کي نقصان پھچائي سگھن ٿا. ۽ جھالت جي اھا انتھا چئبي جو، تنھنجي چواڻي تھ اھو سڀ ڪجھھ ڄاڻي واڻي ويٺو ڪيان. ڀلا راڻا!- ميليٽس، نھ ئي مان ۽ نھ ئي ڪو ٻيو تنھنجي اھڙي سوچ ۽ ڳالھھ تي پت ڪندو. يا تھ مان نوجوانن کي بگاڱڙيان ئي ڪو نھ ٿو يا جيڪڏھن کين بگاڙيان ٿو تھ پوءِ اھو اڻڄاڻائيءَ ۾ ئي ڪيان ٿو ۽ تون ٻنھي صورتن ۾ ڪوڙوٿو ٽئين. ھاڻي جيڪڏھن مون انھن کي اڻڄاڻائي ۾ بگاڙيو آھي تھ قانون توکي ان جي اجازت نھ ٿو ڏئي تھ ماڻھن کي اڻڄاڻائي ۾ بگاڙيو آھي تھ قانون توکي ان جي اجازت نھ ٿو ڏئي تھ ماڻھن کي اڻڄاڻائيءَ وچان ٿيل غلطين جي ڪري کين عدالت ۾ وٺي اچجي. پر کين پنھنجي منھن وٺي وڃي سمجھائجي. سيکارجي ۽ سٺن ڪمن لاءِ تاڪيد ڪجي، ڇو تھ جيڪڏھن مون کي بھ سٺي نموني سمجھايو وڃي ھا تھ مان بھ اھي ڪم ڇڏي ڏيان ھا، جيڪي مون کان اڻڄاڻائي وچان سرزد پئي ٿيا اھن. پر تون تھ مون سان ملڻ ئي نھ چاھيو آ ۽ نھ ئي مون کي سمجھايو ۽ سيکاريو. پر ھتي عدالت ۾ ڇڪايو اٿئي، جيڪا سيکارڻ ۽ سڌارڻ جي نھ، پر سزا ڏيڻ جي جاءِ آھي.

(وڌيڪ پڙهندا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org