سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڏاهيون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :13

 

”ڊايوٽما، تنھنجو مطلب ڇا آھي؟“ مون پڇيو ھو“ ڇا پوءِ پيار برو ۽ بدصورت آھي؟“ ”ماٺ! عقل ڪر. اھڙيون ڳالھيون ڪبيون آھن؟“ ھن کان رڙ نڪري وئي.“ ڇا تون ائين ٿو سمجھين تھ جيڪا شيءِ خوبصورت نھ آھي تھ اھا لازمي طرح بدصورت ئي ھوندي؟“ ”ھائو، مان تھ ائين ئي ٿو سمجھان.“ مون چيو، ”۽ اھو تھ جيڪو ڏاھو نھ آھي سو جاھل آھي؟ ڇا توکي خبر نھ آھي تھ ڏاھپ ۽ جھالت جو وچ بھ آھي؟“ ”ڀلا اھو ڇا آھي؟“ درست خيال / راءِ، جن جي لاءِ ڪي دليل نھ ھوندا آھن.“ ھن وراڻيو ”۽ سمجھھ، ڄاڻ يا علم غير منطقي ۽ بغير دليلن جي ٿيندو ئي ناھي. وري انھن کي جھالت ڪوٺڻ بھ اوتري ئي غلطي ٿيندي، ڇو تھ جھالت تھ سچ تائين پھچي ئي نھ ٿي سگھي. حقيقت ھيءَ آھي تھ درست خيال اھڙي شيءِ آھن جيڪي ڏاھپ ۽ جھالت جي وچ تي آھن.“ ”بلڪل سچ.“ مون وراڻيو، ”پوءِ ان تي ھوڏ ٻڌي نھ بيھھ تھ، اھو جيڪو خوبصورت نھ آھي سو لازمي طور بد صورت ھوندو. يا جيڪو چڱو نھ آھي، سو اوس برو آھي ۽ اھو بھ نھ سمجھي ويھھ تھ پيار جيئن تھ سھڻو ۽ سٺو نھ آھي، سو لازمي طرح بدصورت ۽ برو ھوندو. پر اھو انھن ٻنھي جي وچ واري ڪا شيءِ آھي.“ ”پر پوءِ بھ،“ مون چيو ”سڀ ماڻھو ائين سمجھن ٿا تھ ”پيار“ ھڪ عظيم ديوتا آھي.“

”ڀلا جڏھن تون چئين ٿو تھ سڀ ماڻھو، تھ تنھنجو مطلب ڇا آھي تھ اھي ماڻھو جيڪي سندس باري ۾ نھ ٿا ڄاڻن يا اھي بھ ان ۾ شامل آھن، جيڪي سندس باري ۾ ڄاڻن ٿا؟“ ”منھنجو مطلب آھي سڀ جا سڀ“ ھوءَ کلي ويٺي ۽ چيائين، ”سقراط مون کي سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي تھ آخر اھي ڪيئن ان کي عظيم ديوتا چوندا، جيڪي اھو ئي نھ ٿا مڃين تھ ھو ڪو ديوتا بھ آھي.“ ”اھي وري ڪير آھن؟“ مون پڇيو، ”ھڪ تون“ ھن چيو، ”ٻي مان.“ ”اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي.“ .اھو بلڪل سولو ۽ چٽو بيٺو آھي.“ ھن وراڻيو ”ڇو تھ تون پاڻ ئي اھو مڃيندين تھ ديوتا خوبصورت ۽ خوش آھن. ڇا تون نھ چوندين؟ ڇا تون اھڙي جرئت ڪري چئي سگھندين تھ انھن مان ڪو ديوتا خوبصورت ۽ خوش نھ آھي؟“ ”قطعي نھ ”مون وراڻيو. ”۽ خوش ھجڻ مان تنھنجي مراد انھن وٽ سٺائي ۽ سونھن جو موجود ھجڻ آھي؟“ ”يقينا“ ”پر تون تھ اھو قبولي چڪو آھين تھ پيار وٽ انھن شين جي اڻاٺ آھي. تنھنڪري ئي ان کي سٺائي ۽ سونھن جي سڌ ۽ گھرج آھي.“ ”ھائو مون ائين مڃيو آھي.“ ”تھ پوءِ اھو ديوتا ڪيئن ٿو ٿي سگھي، جنھن وٽ سٺائي ۽ سونھن جو ڪو حصو پتي ئي ڪونھي؟“ ”پوءِ تھ ائين ٿو لڳي تھ ھو ديوتا نھ ٿو ٿي سگھي.“ ”ٺيڪ بلڪل ٺيڪ پوءِ ھاڻي تون پاڻ ئي ڏس تھ تون خود، پيار جي ديوتا ھجڻ جو انڪاري آھين.“

”پوءِ آخر پير آھي ڇا؟“ مون پڇيو ”ڇا اھو امر آھي؟“ ”نھ بلڪل نھ“، ”ڀلا ڇاھي؟“ ”جيئن مان اڳ ۾ بھ ھڪ مثال ڏنو. اھو نھ فاني آھي ۽ نھ لافاني، پر انھن ٻنھي جو وچ آھي.“ ”ڊايوٽما! پر آخر اھو ڇا آھي؟“ ”اھو ھڪ عظيم جذبو آھي، سقراط ۽ ھر اھا شيءِ جيڪا جذبي جھڙي ھوندي آھي سمجھائيندو آھي. انسانن وٽان عبادتون ۽ قربانيون ۽ ديوتائن وٽان حڪم ۽ بخششون، پنھنجي اھڙي وچٿري حيثيت ھجڻ ڪري، ھو ٻنھي يعني انسان ۽ ديوتا جي وچ واريءَ ورھائيندڙ وٿي کي ڀري ٿو ۽ سڀ کي جوڙي ھڪ ڪري ٿو ۽ ھن جي ڪري ئي پيغمبرن، پنڊتن ۽ پروھتن کي الھام، وديا ۽ ڪرامتون اچن ٿيون، قربانين ۽ ريتن رسمن ۾ سندن جادو منتر، ٽوڻا ڦيڻا، دعا تعويذ ۽ سمورا فن ۽ ھنر، ھن جي ڪري ئي آھن. ڇو تھ خدا سڌو سنئون انسانن سان لھھ وچڙ ۾ نھ ايندو آ. پر انسانن جو ديوتا سان ۽ ديوتائن جو انسان سان سمورو رابطو ۽ ميلاپ ان پيار ذريعي عمل ۾ اچي ٿو. پوءِ ڪڏھن ننڊ ۾ يا جاڳڻ مھل. ڪو ماڻھو جيڪو انھن معاملن ۾ مھارت رکي ٿو. سو روحاني انسان سڏجي ٿو، جڏھن تھ باقي اھي ماڻھو جن جي ڏاھپ ۽ مھارت ٻين معاملن جھڙوڪ وڻج واپار يا دستڪاري تائين محدود آھي، سي عام رواجي آھن. ھاڻي اھڙي وچٿري قسم جا جذبا گھڻا بھ آھن ۽ مختلف بھ ۽ انھن منجھان ھڪڙو آھي پيار.“

”ڀلا ڪير سندس پيءُ ھيو.“ مون پڇيو، ”۽ ڪير سندس ماءُ ھئي.“ ”اھو بھ ھڪ ڊگھو قصو آھي“، ھن وراڻيو. ”پر تنھن ھوندي بھ مان توکي ٻڌائيندس. جڏھن ايفروڊائيٽ ڄائي تھ ان ڏينھن تي ديوتائن دعوت ڪئي. مھمانن ۾ ھڪڙو ديوتا پورس يا جھجھائي / حرفت بھ ھيو، جيڪو ھيٽس يا ايجاد (19) جو پٽ آھي. جڏھن مانيءَ جو دور ختم ٿيو تھ جيئن اڪثر اھڙن موقعن تي ٿيندو آھي. غربت، خير وٺڻ لاءِ اچي در تي سئن ھنئي. ان مھل جھجھائي / حرفت ديوتا تمام گھڻو امرت پيئڻ ڪري صفا خمارن ۾ ھيو. تن ڏينھن ۾ شراب اڃا ڪو نھ ھيو. ھو گھمڻ جي خيال کان زيوس ديوتا جي باغ ۾ ويو تھ کيس گھري ننڊ اچي وئي. غربت پنھنجي تنگ حالت ۽ زندگي کي بھتر بنائڻ لاءِ اھو سوچيندي تھ کيس ڪو اولاد نصيب ٿئي. ھڪڙي رٿ رٿي، ۽ ھوءَ وڃي جھجھائي / حرفت جي پاسي ۾ سمھي پئي ۽ ائين ھو پيار سان ڳورھاري ٿي.

”سو پيار جيئن تھ ايفروڊائيٽ جي ڄمڻ واري ڏينھن تي پيٽ ۾ پيو سو ھي سندس تعبيدار ۽ خدمتگار آھي ۽ فطرتا کيس خوبصورتيءَ لاءِ اندر ۾ تڙپ ۽ عشق آھي ڇو تھ ايفروڊائيٽ خود خوبصورت آھي. وري جيئن تھ جھجھائي / حرفت سندس پيءُ، ۽ غربت سندس ماءُ، سو سندس خصلتون، گڻ اوصاف ۽ ڀاڳ بخت بھ اھڙا ئي آھن. پھرين پھرين ڳالھھ تھ ھو سدائين سڃو ۽ غريب ھوندو آ. حالانڪھ گھڻا ماڻھو کيس نازڪ نفيس ۽ حسين سمجھندا آھن، پر اھي ٻئي خصلتون ھن کان ڪوھين ڏور آھن. ھو سخت جان ۽ ميرو گدلو ھوندو آھي. نھ ھوندي اٿس پيرن ۾ ”جتي“ نھ اٿس رھڻ لاءِ ڪو گھر. اگھاڙي آسمان ھيٺان بنا ھنڌ ٽپڙ جي، ڌرتيءَ تي گھرن جي درن اڳيان ۽ گھٽين ۾ سمھندو وتندو آھي ۽ پنھنجي ماءُ وانگر سدائين مشڪلاتن، پريشانين ۽ تنگيءَ ۾ گذر اٿس. پر پنھنجي پيءُ جھجھائي / حرفت جي حوالي سان منجھس ان جھڙيون خصلتون بھ آھن. ھو رٿون رٿيندو آھي تھ ڪيئن پنھنجي لاءِ سونھن ۽ سٺائي کي ھٿ ڪري. سدائين ھڪڙي نھ ٻي اٽڪل گھڙيندو رھي ٿو. ڏاھپ جي ڳولا ۾ سرگردان، تدبيرون وٽس کوڙ، ڏاھپ ۽ فلسفي جو سڄي عمر لاءِ ٻڌکو عاشق. ماھر جادوگر، ڪامڻگور، ۽ ھڪ سچو سافسٽ، ھو پنھنجي فطرت ۾ نھ فاني آھي نھ لافاني. پر ساڳي ئي ڏينھن تي ھڪ گھڙي. جڏھن ھو جھجھائي ۾ آھي تھ جيئرو آھي. آباد آھي، سائو آھي ۽ ٻي گھڙيءَ وري مئل آھي. ۽ ان کان پوءِ پنھجي پيءُ کان ورثي ۾ مليل مردانگي، ٻل ۽ سگھھ سبب وري زنده ٿي پوي ٿو، جيڪو ڪجھھ ھو ڪمائي ٿو. سو وري وڃائي ڇڏي ٿو. سو ھن وٽ نھ ڪا اميري ۽ سڪر آھي ۽ نھ غريبي ۽ ڏڪر آھي. ھو نھ ڏاھو آھي ۽ نھ ئي جاھل، پر انھن ٻنھي جو وچ آھي.

”سو معاملي جي حقيقت ھيءَ آھي: ڪو بھ ديوتا نھ ئي ڏاھپ جو متلاشي آھي ۽ نھ ئي ڏاھي ھجڻ جي سڌ رکي ٿو. ڇو تھ ھو اڳ ۾ ئي ڏاھو آھي، ۽ نھ ئي انسان کي ڏاھپ جي ڳولا ھوندي، جيڪو اڳ ۾ ئي ڏاھو آھي. ٻئي طرف نھ ئي ڪو جاھل ڏاھپ جي ڳولا ڪري ٿو ۽ نھ ئي اھڙي سڌ رکي ٿو. ڇو تھ جھالت جي اھا ئي تھ خرابي آھي تھ اھو ماڻھو جنھن وٽ نھ سونھن آھي نھ سٺائي، ۽ نھ ڪو عقل ۽ ذھن، سو پنھنجو پاڻ مان بلڪل مطمئن رھي ٿو. ھو ان شيءِ جي طلب ئي نھ ٿو رکي، جنھن جي کوٽ ئي کيس محسوس نھ ٿي ٿئي.

”پر ڊايوٽما“ مون پڇيو، ”پوءِ آخر ڏاھپ جا عاشق آھن ڪير، جيڪڏھن اھي جيڪي ڏاھپ جي ڳولا ۾ آھن، سي نھ ئي ڏاھا آھن ۽ نھ ئي جاھل؟“ ”ان جو جواب تھ ننڍڙو ٻار بھ ڏئي ويندو.“  ھن وراڻيو. ”اھي انھن ٻنھي جو وچ آھن، جيئن پيار آھي. جيئن تھ ڏاھپ بيحد خوبصورت شين منجھان ھڪ آھي ۽ پيار، خوبصورتيءَ جو پيار ئي ھوندو آھي. سو پيار لازما ڏاھپ جو عاشق آھي ۽ ڏاھپ جو عاشق ھجڻ، ڏاھي ۽ جاھل جي وچ ۾ ھجڻ جي برابر آھي. ۽ اھڙي حالت ۾ ھجڻ جو سبب، سندس ڄم بھ آھي. ڇو تھ سندس پيءُ تھ برابر شاھوڪار ۽ ڏاھو ھيو پر سندس ماءُ غريب ۽ بي عقل. منھنجا پيارا سقراط! اھا اٿئي پيار جي جذبي جي حقيقت، پيار بابت تنھنجي ويچار ۽ خيال ۾ غلطي بھ قدرتي ھئي ۽ جيتريقدر تنھنجي ڳالھين مان مون سمجھيو تھ توکان اھا غلطي ان مونجھاري جي ڪري ٿي تھ تو ائين سمجھيو تھ پيار عاشق نھ پر معشوق آھي، جنھن جي ڪري ئي تون ائين سمجھڻ تي مجبور ٿئين تھ پيار خوبصورت آھي. جڏھن تھ محبوب ئي اصل ۾ حسين، نازڪ، ڪومل، ڪامل ۽ مبارڪ ھوندو آ، پر پيار جو اصول ۽ حقيقت ڪجھھ ٻي ئي آھي ۽ اھڙي جيڪا مون ھينئر بيان ڪئي.“

”اي اجنبي خاتون“، مون چيو، ”تنھنجون ڳالھيون واقعي ويساھھ جوڳيون ۽ درست آھن. پر جيڪڏھن پيار جي حقيقت اھا آھي. جيئن تون ٻڌائين ٿي تھ پوءِ ڀلا اھو انسان لاءِ ڪھڙي ڪم ڪارج جو آھي؟“ ”سقراط، مان ھينئر توکي اھو ئي ٻڌائڻ ۽ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪنديس. ان جي اصليت ۽ ان جي ڄم جي باري ۾ تھ توکي ٻڌائي چڪي آھيان ۽ تو اھو بھ مڃيو آھي تھ پيار خوبصورتي جو ئي ھوندو آھي. پر مثال جي ڳالھھ ڪير اسان کان ائين اچي پڇي تھ ”سقراط ۽ ڊايوٽما، خوبصورتي جي پيار مان مراد ڇا آھي؟“ مون کي سوال کي اڃا وڌيڪ واضح ڪري رکڻ گھرجي تھ ”جڏھن ڪو سونھن سان پيار ڪري ٿو تھ کيس ڇاجي گھرج ھوندي آھيئ“

”ان جي تھ اھا سونھن جيڪر ھن کي حاصل ٿئي“ مون کيس جواب ڏنو. ”پر پوءِ بھ.“ ھن چيو، .تنھنجي ان جواب مان وري ھڪ سوال اڀري ٿو. ان کي سونھن حاصل ڪرڻ مان ورندو ڇا؟“ مون کيس ٻڌايو تھ ان سوال جو مون وٽ، اتي جو اتي، ڪو جواب ڪونھي“، ”چڱو“ ھن چيو، ”ڀلا مان سونھن لفظ کي مٽائي ان جاءِ تي ”سٺو“ لفظ استعمال ڪيان ٿي ۽ سوال کي ھڪ دفعو وري ورجايان ٿي ”اھو جيڪو سٺائي جو عاشق آھي، سو سٺائي سان پيار ڇو ٿو ڪري؟“ ”سٺائي کي حاصل ڪرڻ لاءِ“ مون وراڻيو، ”۽ کيس سٺائي کي حاصل ڪرڻ ڇا ملندو؟“

”ان سوال جو جواب ڏيڻ ۾ مون کي ڪا ڏکيائي نھ ٿيندي.“ مون وراڻيو، ”ھن کي خوشي ملندي.“

”بلڪل“ ھن چيو، ”ماڻھو خوش ان ڪري ھوندا آھن جو کين سٺائي حاصل ھوندي آھي ۽ جيڪڏھن ڪو ھڪ دفعو انھيءَ جواب تي پھتو تھ پوءِ ان سان اھا پڇا ڳاڇا بھ پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتي. ڇو تھ پوءِ ان سوال پڇڻ جي باقي ضرورت ئي نھ ٿي رھي تھ ماڻھو جي خوشي جي سڌ رکندا آھن تھ ڇو رکندا آھن؟ ڇو تھ جواب اڳ ئي طئھ ٿي چڪو.“ .تون درست آھين“ مون چيو.

”ڀلا تون ائين سمجھين ٿو تھ اھا سڌ ۽ اھو پيار جي سڄي انسانذات ۾ عام ھوندو آھي؟“ ڊايوٽما چيو، ”۽ اھو تھ سڀ ماڻھو سدائين سٺائي جي حصول جي سڌ رکندا آھن؟ تون ڇا ٿو چوين؟“ ”مان بھ بلڪل اھو ئي ٿو چوان“، مون وراڻيو.

”حقيقت ھيءَ آھي تھ اسان پيار جي ھڪ قسم کي کڻي، ان جي سڄي نالي، پيار سان سڏيون ٿا ۽ ائين ٻين معاملن ۾ بھ اسان وري غلط نالا استعمال ڪندا آھيون.“ ”مثال طور؟“ مون پڇيو، ”توکي خبر آھي تھ تخليق انيڪ قسمن جي شاعري کي چئبو آھي. ڇو تھ شاعري جي اصل معنيٰ آھي تخليق، سو جڏھن بھ ڪا شيءِ عدم وجود مان مٽجي، وجود ۾ اچي ٿي، ان جو سبب لازمي طور تخليق يا شاعري ھوندو آھي ۽ سمورن ھنرن جا طريقا تخليقي ھوندا آھن ۽ سمورا تخليقڪار شاعر آھن.“ ”سورنھن آنا سچ“، ”پر ان ھوندي بھ“ ھن چيو، ”تون ڄاڻين ٿو تھ انھن سڀني کي شاعر نھ ٿو سڏيو وڃي. پر انھن جا نالا ٻيا ٻيا آھن ۽ تخليق جي سڄي ميدان مان رڳو ھڪ حصو جنھن جو تعلق موسيقي ۽ قافيي رديف سان آھي، تنھن کي جدا ڪري، ان ئي حصي کي ”شاعري“ ۽ انھن کي ئي ”شاعر“ چيو وڃي ٿو، جن جو موضوع اھو ھوندو آھي.

”بلڪل درست“

”پيار جي معاملي بھ اھا ئي ساڳي ڳالھھ آھي، ٿلھي ليکي ائين ئي چئجي تھ سٺائي ۽ سرھائي جي حصول لاءِ ھر ھڪ سڌ ئي اصل ۾ پيار آھي. گھڻي سگھھ وارو، گرفتار ڪرڻ وارو پيار ۽ اھي ماڻھو جن وٽ اھا سڌ، پئسي سان پيار، راند روند يا ڏاھپ سان پيار جي صورت ۾ ظاھر ٿئي ٿي تھ اھڙن کي عاشق نھ ٿو سڏيو وڃي، پر رڳو انھن کي، جن جي محبت ھڪ خاص رنگ ڍنگ ۽ دڳ وٺي ٿي، تن کي ئي عشق ڪندڙ ۽ عاشق جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪو نالو حقيقت ۾ تھ سني پيار ڪندڙن جي لاءِ آھي.“ ”توھان جي ڳالھين ۾ مون کي صداقت نظر اچي ٿي.“ مون وراڻيو، ”بلڪل“، ھن چيو، ”۽ تون ماڻھن کي ائين چوندي بھ ٻڌو ھوندو تھ عاشق اھي انسان ھوندا آھن، جيڪي پنھنجي ٻي اڌ جي ڳولا ۾ ھوندا آھن. پر منھنجا دوست، منھنجو خيال ھي آھي تھ، نھ انھن ٻنھي کي پنھنجي ڪنھن اڌ جي تلاش آھي ۽ نھ ئي ڪنھن سڄي جي، جيستائين اھو اڌ يا سڄو سٺو بھ ھجي. ماڻھو تھ پنھنجي رضا خوشيءَ ان پنھنجا ھٿ پير بھ وڍائي اڇلائي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. جي کيس اھا خبر پئي تھ اھي بيماري ۾ ورتل آھن. سو منھنجي خيال ۾ حقيقت ھي آھي تھ ماڻھو ڪنھن شيءِ سان ان ڪري پيار نھ ڪندا آھن جو اھا شيءِ سندن ھوندي آھي. ھا اتفاق سان سواءِ ڪنھن اھڙي ماڻھوءَ جي جيڪو ائين چوي تھ ھيءَ شيءِ جيئن تھ سندس آھي سو اھا سٺي آھي، ۽ ھوءَ خراب آھي جيڪا ٻئي وٽ آھي. سو ماڻھو ڪنھن بھ شيءِ سان نھ پر رڳو، سٺائي سان پيار ڪندا آھن.“ ”ھائو“، مون چيو، ”ڀلا پوءِ اسان کي ان ۾ اھو اضافو بھ ڪرڻ گھرجي، يا نھ ڪرڻ گھرجي تھ سندن پيار جو مقصد سٺائي کي حاصل ڪرڻ ھوندو آھي.“ ”ھائو اھو اضافو ڪرڻ گھرجي“ ”۽ نھ رڳو حاصل ڪرڻ، پر ھميشه لاءِ حاصل ڪري ڇڏڻ؟“. ”ھائو انھن لفظن جو واڌارو بھ ٿيڻ گھرجي“. ”تھ پوءِ سرسري طور ائين چئجي“، ھن پڇيو، ”تھ پيار سٺائي جو ھيمشھ جي لاءِ حاصل ھجڻ جي سڌ آھي“. ”اوس اھو ئي سچ آھي.“ مون پڇيو.

ھن پنھنجي ڳالھھ جاري رکي. ”ھاڻي جڏھن اسان اھو سمجھي ورتو آھي تھ پيار اصل ۾ آھي ڇا، تھ پوءِ تون مون کي اھو ٻڌائي سگھندين تھ ماڻھو ان جي ڳولا ڪھڙي طريقي سان ڪندا آھن؟ ۽ ڪھڙي قسم جي عمل ذريعي ان جي ان بي حد سڌ، چاھھ، تپش ۽ تاءَ جو اظھار ڪن، جو ان کي عشق چئجي. اھا ڪھڙي واٽ آھي؟ مون کي جواب ڏي“. ”نھ ڊايوٽما نھ،“ مون وراڻيو، ”جي مان اھو سڀ ڪجھھ ڄاڻان ھا تھ پوءِ مان نھ تھ تنھنجي ڏاھپ جو ايڏو مداح ھجان ۽ نھ ئي تو وٽ اھو سڀ ڪجھھ سکڻ ۽ سمجھڻ لاءِ ڪھي اچان ھا.“ ”چڱو“، ”تھ مان ئي ٿي کڻي توکي ٻڌايان“، انھن جي اڳيان اھو مقصد ھوندو آھي تھ سونھن کي تخليق ڪجي، جڪا جسماني بھ ٿي سگھي ٿي ۽ روحاني بھ“، ”ان الھام جي وضاحت گھر جي ٿي“. مون چيو، ”مان تنھنجي اھا ڳالھھ سمجھي نھ سگھيس.“ ”مان ان کي واضح ڪيان ٿي“ ھن وراڻيو.

”سقراط منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تھ سمورا انسان شعوري ۽ جسماني طور ڳورھارا ھوندا آھن. سو جڏھن ھو وھيءَ کي رسي بالغ بڻجن ٿا تھ کين فطري طور، تخليق ڪرڻ جي سڌ ستائي ٿي ۽ تخليق جيڪا رڳو خوبصورتي ۾ ٿي سگھي ٿي ۽ بدصورتي ۾ ڪڏھن بھ نھ. ۽ اھو سڄو معاملو الاھي آھي. ڇو تھ ڳرڀ سان ٿيڻ يا خيالن جو سرجڻ ۽ پوءِ ان کي جنم ڏيڻ يا تخليق ڪرڻ، ھڪ فاني انسان کي لافاني بڻائڻ ڇڏين ٿا. پر اھو سڄو عمل ناسازي ۽ اڻبڻت واري ماحول ۾ نھ ٿو ٿي سگھي. ڇو تھ بدصورتي ھر الاھي شيءِ سان ناٺاھھ ۽ نفاق ۾ رھندي آھي. جڏھن تھ خوبصورتي ان سان سرچاءُ ۽ صلح ۾ ھوندي آھي. سو سونھن ديوي مقدر جي دائي آھي، جيڪا ويم يا تخليق ڪرائيندي آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھڪ ڳورھارو انسان جڏھن سونھن جي ويجھو ٿئي ٿو تھ ھو ٻاجھارو بڻجي وڃي ٿو ۽ گد گد ٿئي ٿو. اوتجي ٿو پوي ۽ کيس سڪون ۽ اطمينان ملي ٿو ۽ پوءِ ئي اھو ڄڻي ۽ تخليق ڪري سگھي ٿو. پر جڏھن بدصورتي سندس ويجھو ٿئي ٿي تھ ھو اداس ۽ نراس ٿي، ڪومائجي وڃي ٿو ۽ ان کان ونءُ وڃي ٿو ۽ ائين وڏي پيڙا ۽ سور سھندي، ان ڳرڀ / خيال کي سانڍي ۽ سمائي رکي ٿو، جيڪو سندس اندر ۾ سوچي رھيو آھي ۽ تخليق نھ ٿو ڪري سگھي. ھاڻي اھڙو ماڻھو جنھن جي اندر ۾ اڳ ئي سڌ سرجي ۽ سامائجي چڪي آھي. جڏھن ڪا سونھن پسي ٿو تھ ان ڏانھن وڏي شدت سان ڇڪجي ۽ متوجھھ ٿئي ٿو. سندس اندر جي اڇل ۽ اٿل پٿل کيس بي خود ڪري وجد واري ڪيفيت تائين پھچايو ڇڏي. ڇو تھ اھا سونھن ئي کيس ويم / تخليق جي سورن کان نجات ڏياري ٿو. سو سقراط جيئن تون سمجھين ٿو، پيار صرف سونھن لاءِ ئي نھ ھوندو آھي.“ ”ڀلا پوءِ ڇا لاءِ ھوندو آھي.“ ”خوبصورتي کي ڄڻڻ / تخليق ڪرڻ جو پيار.“ ”سچ پچ!“ ”ھائو سچ پچ“ ھن وراڻيو ”پر ڄڻڻ / تخليق ڪرڻ جو ڇو؟“ ”ڇو تھ ھڪ فاني جيو لاءِ ڄڻڻ / تخليق ڪرڻ ئي اھڙي شيءِ آھي، جيڪا کيس امر ڪري ۽ دائمي بقا بخشي ٿي ۽ جيئن اسان اڳ ۾ اھو مڃي آيا آھيون تھ پيار، سٺائي جو ھميشه لاءِ پاڻ وٽ ھجڻ جي سڌ آھي، سو لازمي طور، سڀ انسان، سٺائي سان گڏ امرتا بھ چاھين ٿا. سو اسان جو ھي بحث اسان کي ان لازمي نتيجي تي پھچائي ٿو تھ پيار، امرتا جو پيار پڻ آھي.“

(وڌيڪ پڙهندا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org