”منھنجا پيارا اگيٿون! مان تھ صفا ويسارو ۽ غافل چئبس جي اھو
سمجھي ويھان تھ تنھنجي دل، ھنن ڪجھ دوستن جي موجودگي ۾
ڌڙڪڻ لڳندي ۽ تون شرمائجي ويندين. جڏھن تھ مون تنھنجي
ان وقت بھ جرئت ۽ دليري ڏٺي آھي، جڏھن تون پاڻ واري
ناٽڪ دوران، ٻين اداڪارن سان گڏ اسٽيج تي آيو ھئين ۽
منڊي (ٿئيٽر) ۾ ھيڏي ساري انبوھھ آڏو بنا ڪنھن پريشاني
يا دھشت طاري ٿيڻ جي کين منھن ڏنو ھيئي.“
”ڇا سقراط، تون سچ پچ ائين ٿو سمجھين تھ منھنجو دماغ
ٿيئٽر جي ھوا سان ايترو ڀرجي ويو آ جو مان اھو بھ نھ
ٿو سمجھي سگھان تھ ھڪ عقل واري انسان لاءِ ڪجھھ ڏاھن
ماڻھن کي منھن ڏيڻ وڌيڪ ڏکيو آھي. بنسبت بيوقوفن جي ھڪ
انبوھھ جي.“
”نھ منھنجا پيارا اگيٿون، نھ – جي مان تنھنجي عقل ۽
ذھانت جي باري ۾ ڪا غير شانائتي يا ان ۾ ڪا گھٽتائي
ھجڻ جي ڳالھھ ڪئي تھ پوءِ مان بيشڪ غلط ھوندس. مان اھو
بلڪل ڄاڻان ٿو تھ تون عام ماڻھن جي مقابلي ۾ انھن جي
راءِ کي وڌيڪ اھم تصور ڪرين ٿو، جن کي تون ڏاھو ٿو
سمجھين پر شايد اسان ڏاھن منجھان نھ آھيون. ڇو تھ توکي
خبر آ تھ اسان بھ ٿيٽر ۾ موجود ھئاسين ۽ انھن عام
حاضرين جو ھڪ حصو ھياسين، سو جيڪڏھن تون، اتفاق سان،
اسان مان ڪنھن بھ ھڪ جي موجودگي ۾ نھ، پر واقعي ڏاھن
وچ ۾ موجود ھجين تھ پوءِ توکي انھن جي سامھون ڪا بري
ڳالھھ چوندي شرم محسوس ٿيندو، ڇا توکي نھ ٿيندو؟“
”ھائو، ٿيندو“، اگيٿون وراڻيو.
”پر توکي ڪيترن ئي عام رواجي ماڻھن آڏو شرم محسوس ڪو
نھ ٿيندو، جي تو ساڳي خراب ڳالھھ سندن سامھون ڪرين؟“
اتي فيڊرس سندن گفتگو ۾ مداخلت ڪندي چيو: ”پيارا
اگيٿون، سقراط کي ڪو جواب نھ ڏجان. ڇو تھ پوءِ ھو ان
جو بلڪل خيال نھ ڪندو تھ اسان آخر ھت ڪھڙ: ڌنڌي سان
آيا آھيون؟ ۽ ھو ڪھڙي بھ ڳالھھ جو ڪو خيال نھ ڪندو جي
ھن کي ڪو بھ ھمراھھ ڪچھري ڪرڻ لاءِ ھٿ لڳي وڃي. خاص
ڪري ڪو خوبصورت ھمراھھ، ھونئن مان سقراط جي گفتار ۽
دليل بازي ٻڌڻ جو شوقين آھيان. پر ھن وقت منھنجو اھو
فرض بڻجي ٿو تھ پيار جي ساراھھ بابت سنڀار رکان ۽
اوھان مان ھر ھڪ کان ضرور تقرير ڪرايان. سو جڏھن اوھان
ٻئي ديوتا کي ان جي واکاڻ جو، اھڙو ڏن ڏئي چڪا ھجو تھ
پوءِ ڀلي پاڻ ۾ ڪھڙي بھ بحث ۾ لڳي وڃو.“
”بلڪل ٺيڪ فيڊرس“ اگيٿون چيو. ”ھاڻي ڪو بھ سبب ڪونھي
جو مان پنھنجي تقرير شروع نھ ڪيان، سقراط ھتي ئي آھي ۽
ساڻس گفتگو ڪرڻ جا ٻيا بھ کوڙ ئي موقعا آھن.“
”منھنجو خيال آھي تھ مان پھريائين اھو ٻڌايان تھ مون
کي ڪھڙي طرقي مطابق تقرير ڪرڻ گھرجي ۽ خود تقرير ان
کان بعد ڪيان. منھنجي خيال ۾ اڳين سڀني مقررن، خود
پيار ديوتا جي تعريف ڪرڻ ۽ ان جي فطرت کي ظاھر ڪرڻ
بدران انسانذات کي انھن خوشين ملڻ تي مبارڪون ڏنيون
آھن، جيڪي ديونا انھن کي عطا ڪيون آھن. اھو خدا خود ڇا
آھي، جنھن اھي نعمتون ڏنيون آھن، اھو ڪنھن بھ نھ ٻڌايو
آ. جڏھن تھ ڪنھن جي بھ. ڪھڙي بھ، ساراھھ جو صحيح طريقو
اھو آھي تھ اھا شيءِ جنھن جي واپاڻ ڪئي وڃي، پھريائين
اھو ڏٺو وڃي تھ اھا خود آھي ڇا ۽ پوءِ اھو تھ اھا ڇا
جو سبب بڻي آھي. ڀلي اسان جي مداح جو موضوع ڪھڙو بھ
ھجي. سو اھو ئي طريقو آھي، جنھن مطابق اسان کي پيار
ديوتا جي تعريف بھ ڪرڻ گھرجي. پھريائين ان جي تعريف
ڪجي تھ ھو آھي ڇا ۽ پوءِ ھن جي ڏاڻ ۽ بخششن جي ساراھھ
ڪرڻ گھرجي، جيڪي ھو اسان کي عطا ڪري ٿو.
”ھونئن مان چوندس تھ سڀ ديوتا سکي آھن، پر جي ائين چوڻ
ڪو ڏوھھ ڪونھي ۽ قانون جي اندر آھي تھ پوءِ مان ھيئن
چوندس تھ سمورن ديوتائن منجھان، پيار سڀني کان وڌيڪ
سکي آھي. ڇو تھ ھي سڀني کان وڌيڪ سٺو ۽ سھڻو آھي ۽ مان
ٿو اوھان کي ٻڌايان تھ ھو سڀني کان وڌيڪ سٺو ۽ سھڻو
ڪھڙن سببن ڪري آھي. فيڊرس، پھريون تھ ھي سڀني ديوتائن
کان ننڍو نيٽو آھي. ۽ منھنجي ان ڳالھھ جو پختو ثبوت ھو
پاڻ ئي آھي. ڇو تھ ھو پوڙھائپ کان، پٺ ڏئي ڀڄي ٿو وڃي،
جيڪا، جيئن اسان کي خبر آھي تھ ڏاڍو تکو چري ٿي، ڇو تھ
اھا اسان ڏانھن تڪڙو ئي اچي پھچي ٿي. جيترو جلدي اچڻ
کيس نھ جڳائي. پيار، فطرتا پوڙھائپ کان نفرت ڪري ٿو ۽
ان جي پري کان بھ نھ ٿو لنگھي. پر سندس سجي عمر
نوجوانن سان سنگت ۽ ساٿ ۾ گذري ٿي، ڇو تھ ان آڳاٽي
چوڻي ۾ سچ ئي آھي تھ، ”سن کي، سن مان ئي ساءُ اچي ٿو.“
جيتوڻيڪ فيڊرس جي پير بابت ڪيل ڪيترين ئي ڳالھين سان
تھ مان متفق آھيان، پر منھنجو ساڻس ان ڳالھھ تي اختلاف
آھي تھ پيار ڪو ڪروناس ۽ آئيپٽس (13) کان بھ آڳاٽو
آھي- نھ، ائين ناھي – منھنجو اصرار اھو آھي تھ ھو سڀني
ديوتائن کان ننڍو نيٽو آھي ۽ سدائين جوان آھي. ھيسائڊ
۽ پرمينيڊس، اسان کي آسمان ۾، ديوتائن جي وچ ۾ ٿيل جن
پراڻن وڳوڙن بابت ٻڌايو آھي، سي ”پيار“ نھ، پر ”ضرورت“
جي ڪري ٿيا ھئا. جي سچ پچ واقعي بھ اھڙا واقعا ٿيا
ھئا. خصي ڪرڻ، قيد و بند ۽ ٻيا کوڙ ئي اھڙي قسم جا
واقعا ۽ وڳوڙ، ديوتائن جي وچ ۾ ٿين ئي ڪو نھ ھا. جي تن
ڏينھن ۾ آسمان ۾ انھن وچ ۾ پيار موجود ھجي ھا. (14) پر
منجھن امن، آنند، شانتي ۽ دوستي ھجي ھا. جيئن ھينئر
اٿن ۽ ان وقت کان وٺي ئي آھي، جڏھن کان وٺي مٿن پير جي
بادشاھي شروع ٿي آھي.
”سو پيار ديوتا نوجوان آھي ۽ نوجوان ھجڻ سان گڏوگڏ
نازڪ ۽ حساس آھي. اڄ وري ھڪ ھومر جي ضرورت آھي، جيڪو
سندس نزاڪت ۽ ڪوملتا کي بيان ڪري سگھي. جيئن ھومر ايٽي
(15) لاءِ چوي ٿو تھ ھوءَ نھ رڳو ديوي آھي پر نازڪ بھ
آھي – يا گھٽ ۾ گھٽ سندس پير نازڪ آھن. ھو چوي ٿو:
پٽ کان بھ ڪونئرن، پنھنجن پيرن کي کڻي ٿي،
پوءِ مٽيءَ نھ پر ماڻھن جي، سسين تي ھلي ٿي.
منھنجي خيال ۾ سندس نزاڪت ھن سٺي انداز ۽ مناسب لفظن ۾
بيان ڪئي آھي تھ ھوءَ مٽيءَ
/ ڌرتيءَ تي جيڪا سخت آھي، تنھن تي نھ، پر
ماڻھن جي سسين تي جيڪي نرم آھن، تن جي مٿان ٽلي ٿي،
اسان پيار جي ڪوملتا ۽ ناڪت تي بھ، ساڳيو ئي مثال
استعمال ڪري سگھون ٿا. ھو ڌرتي تي بھ پير نھ ٿو ڌري ۽
نھ ئي انساني سسين مٿان گھمي ٿو، جيڪي بھرحال ايترون
نرم ڪو نھ آھن، پر ھو دنيا ۾ وجود رکندڙ، سڀني کان
وڌيڪ نرم شيءِ يعني انسانن جي دلين ۾ موجود آھي. ھو
اتي رھي ٿو، پسار ڪري ٿو ۽ پنھنجو ديرو ڄمائي ٿو ۽
ائين بھ ناھي تھ سمورين دلين ۽ روحن ۾، پر جتي ڏاڍائي،
شوخي ۽ ڪٺورتا آھي، اتان ھو پر پکيڙي اڏامي وڃي ٿو ۽
اتي وڃي واھيرو ٿو ڪري، جتي نرمي، نزاڪت ۽ مڙڻ جڙڻ آھي
۽ پوءِ ھو نھ رڳو پنھنجن پيرن سان، پر پنھنجي پوري
وجود ۽ ھستيءَ سان، ان سڀ کان وڌيڪ نرم جاءِ تي پنھنجو
آستانو اڏي ٿو. ڇا پوءِ پيار کان وڌيڪ ٻي ڪا ڪومل ۽
نازڪ نفيس شيءِ ٿي سگھي ٿي؟
”تھ سڀني کان نوجوان ۽ نازڪ ھجڻ سان گڏوگڏ، ھي نرم ۽
ڪونئرو بھ آھي. ڀلا جي ھو سخت، شوم ۽ شوخ ھجي ھا تھ
پوءِ ڪيئن ھر ڪنھن کي ڀاڪر وجھي. وڪوڙي ۽ سموھي سگھي
ھا ۽ ڪيئن پھرين ئي نظر ۾، چوري چوري، لڪ ڇپ ۾ ڪنھن جي
دل ۽ روح ۾ لھي ۽ پيھي وڃي ھا يا وري ڪٿان باھر نڪري
اچي ھا. ھن جي نرم ۽ ڊولائتي ھجڻ جي ثابتي سندس سھڻو
ھجڻ آھي ۽ اسان سڀئي ڄاڻون ٿا تھ اھا خوبي خاص پيار جي
ئي آھي. ڇو تھ بيڊولائپ ۽ پيار جي تھ پاڻ ۾ ڪڏھن پئي
ئي ڪو نھ. سندس روپ رنگ، حسن ۽ سونھن جي تصديق ان
منجھان ئي آھي تھ ھو گلن ۾ رسي وسي ٿو. پيار ڪڏھن بھ
اھڙن ماڳن ۽ مڪانن، واھيرن ۽ وٿاڻن – ڀلي اھي جسم ھجن
يا روح يا ٻي ڪا جڳھھ – اتي نھ ٿو ٽڪي، جتي رنگيني،
جوڀن جواني ۽ وھي ڪونھي يا جتي ڦوھھ جواني گذري چڪي
آھي. پر ھو جتي سڳ سڳنڌ، سرھاڻ ۽ کٿوري کاڻ ڏسي ٿو.
اتي ٽڪي بھ ٿو ۽ ديرو بھ ڄمائي ٿو.
”جيتوڻيڪ ديوتا جي خوبصورتي بابت ڪيترن نقطن کي مان
پنھنجي ڳالھھ ٻولھھ ۾ ڇيڙي نھ سگھيو آھيان. پر مون
جيڪو ڪجھھ چيو، بس اھو ڪافي آ. ھينئر مان سندس گنن
بابت ڳالھائيندس. پيار جي وڏي ۾ وڏي عظمت اھا آھي تھ
ھو ڪنھن بھ انسان يا ديوتا سان نھ ئي ڪو ظلم ڪري ٿو ۽
نھ ئي اھي ھن مٿان ڪو ظلم ڪن ٿا.
ڪا بھ ڳالھھ جيڪا کيس پيش اچي ٿي، سا ڏاڍ سان نھ ٿي
اچي، ڇو تھ ڏاڍ يا ظلم تھ پيار کي ڪڏھن ڇھي بھ نھ ٿو
سگھي. ۽ نھ ئي جڏھن ھو پاڻ ڪو ڪم يا عمل ڪري ٿو تھ اھو
ارھھ زورائي سان ڪري ٿو. ڇو تھ سڀ ماڻھو، سڀ ڳالھھ ۾
رضا خوشيءَ سان سندس چيو مڃين ٿا ۽ جڏھن ۽ جتي، ڪجھھ
ڏيڻ وٺڻ ۾ باھمي راضپو آھي تھ پوءِ ”رياست جا حاڪم
قانون“ چون ٿا تھ اھو عمل منصفاڻو آھي.
”نھ صرف اھو تھ ھو انصاف ڪندڙ آ، پر پيار کي پنھنجو
پاڻ تي حد درجي جو ضابطو بھ آھي. اھو تھ ھر ڪو مڃي ٿو
تھ پاڻ تي ضابطو عيشن مٿان حاڪم آھي. ۽ اھو تھ ڪو بھ
عيش يا راحت، پيار کان وڌيڪ ۽ سگھاري ٿي نھ ٿي سگھي.
سو جي سموريون راحتون پيار کان گھٽ ۽ ھيڻيون آھن تھ
پوءِ لازمي طور پيار سندن مالڪ ۽ اھي ھن جون تعبيدار
ھونديون. سو پيار، خوشيون ۽ خواھشون جنھن جي ھٿ وس ۽
تابع آھن. سو سچ پچ تھ خود ڪيڏو نھ پرھيزگار ۽ پاڻ تي
ضابطي وارو ھوندو!
”جيتري قدر بھادري جي ڳالھھ آھي تھ ويندي ”جنگ جو
ديوتا ايريس بھ سندس مقابلو نٿو ڪري سگھي.“ اھو ايريس
ديوتا نھ ھيو، جنھن پيار کي قيد ڪيو، پر اھو پيار ئي
ھيو، جيئن قصي ۾ اچي ٿو، تھ ايفروڊائيٽ جي پيار، ايريس
کي کڻي گرفتار ڪيو. سو ان ھساب ۾ پيار سندس سردار
بڻجي، مٿس حڪم ھلائيندڙ ٿيو. سگھارو ھوندو آ اھو جيڪو
ڪنھن کي سوگھو ڪري جھلي، نھ ڪي اھو جيڪو جھلجي پئي. سو
سگھاري کي سوگھو جھلڻ وارو تھ لازما مڙني کان سگھارو ۽
بھادر ليکبو.
”مون سندس منصف ھجڻ، پنھنجو پاڻ تي ضابطي، جرئت ۽
بھادري بابت ڪافي ڪجھھ ڳالھايو. باقي وڃي سندس ڏاھپ جي
ڳالھھ رھي ٿي. سو مون کي پنھنجي قابليت مطابق ان سان
بھ پورو پورو انصاف ڪرڻ گھرجي. پھرين ڳالھھ تھ ھتي مان
بھ اريڪسيميڪس وانگر پنھنجي فن کي مان ۽ مڃتا ڏيئي
چوندس تھ پيار خود ايڏو قابل شاعر آھي جو ھو ٻين کي بھ
شاعر بڻائي ٿو ڇڏي، جيڪو ھو جيڪر نھ ڪري سگھي ھا جي ھو
پاڻ شاعر نھ ھجي ھا، سندس ڇھاءُ ۽ ڇيھھ سان ھر ماڻھو
شآعر ٿي پوي ٿو. ڀلي جي ھو اڳ ۾ راڳ رنگ ۽ شاعري جي
الف کان بھ اڻ واقف ۽ اجنبي ھجي ۽ اسان اھا ڳالھھ ثبوت
طور قبولي. ائين بھ چئي سگھون ٿا تھ پيار سٺو شآعر
(16) يا مڙني ھنري تخليقن ۾ پڙ ۽ ڪامل تخليقڪار آھي.
ڀلا ڪو ڪيئن ڪا شيءِ ٻئي کي ڏئي سگھندو، جيڪا مورڳو
وٽس ھجي ئي نھ، يا ڪنھن کي اھو سيکاري جنھن جي ڄاڻ ھن
کي ئي نھ ھجي ۽ جيتري قدر سمورن جاندارن جي تخليق جو
سوال آھي تھ ڪير ان کان انڪار ڪندو تھ اھو پيار جي
ڏاھپ جو ئي نتيجو آھي، جنھن ڪري سمورا ساھھ وارا ڄمن
ٿا ۽ وڌن ويجھن ٿا. باقي آخري ڳالھھ اھا تھ ڪاريگرن ۽
ڪلاڪارن منجھان، جيئن اسان کي خبر آھي تھ، اھو ئي
مشھور ۽ ناميارو بڻجي ٿو. جنھن جو استاد ۽ اتساھھ
ڏيندڙ پيار ديوتا ئي آھي. جڏھن تھ اھو ماڻھو جنھن کي
پيار ڇھيو ئي ناھي سو رھي بھ گمنامي ۾ ٿو. اپالو،
خواھش ۽ پيار جي سرواڻي ۾ ئي تھ طبابت، تير اندازي ۽
اڳڪٿي جا ھنر ايجاد ڪيا ۽ ان ڪري ئي کيس پيار جو شاگرد
چئي سگھجي ٿو. ساڳي ريت ميوزس جي وديا موسيقي ھيفائٽس
جي لوھارڪي ڌاتو گيري، اٿيني جو اڻڻ ۽ زيوس جي
”ديوتائن انسانن مٿان حاڪميت“ اھي سڀ پيار جي ڪري ئي
تھ آھين. اھڙي طرح پيار ديوتا جي پيدا ٿيڻ ڪري ئي
ديوتائن جي دنيا مان فتنو فساد ختم ٿيو ۽ ان کي ڊول ۽
ترتيب ملي- ڇو تھ پيار ٿيندو ئي آھي. سونھن سان، ان جي
بي ڊولائي ۽ بي زيبائي سان لڳي ئي ڪا نھ. ۽ جيئن مان
شروعات ۾ بھ ٻڌايو تھ ان کان اڳ ۾، جيئن روايتن ۾ اچي
ٿو تھ آسمان تي ديوتائن وچ ۾ ڪيترائي خوفناڪ ۽ خطرناڪ
عمل پئي ٿيا، ڇو تھ تنھن وقت ۾ مٿانئن ضرورت جي
حڪمراني ھئي – پر پوءِ جيئن ئي ھي پيار ديوتا ڄائو تھ
انھيءَ سونھن جي پيار – آسمانن ۾ ديوتائن ۽ ڌرتي تي
انسانن لاءِ سٺائي ۽ رحمت کي جنم ڏنو.
سوفيڊرس، منھنجي راءِ ۾ پھرين ڳالھھ نھ پيار خود پاڻ
سڀني کان خوبصورت ۽ سٺو آھي ۽ بي ڳالھھ تھ ٻين سمورين
شين ۾ انھن ئي خصلتن ۽خوبين جو سبب آھي، سچ پچ تھ جوش
۽ جذبي وچان منھنجي دل چئي ٿي تھ مان انھيءَ ڳالھھ کي
شعر ۾ بيان ڪيان تھ اھو پيار ديوتا ئي آھي، جيڪو پيدا
ڪري ٿو.
انسانن ۾ امن ۽ سمنڊ ۾ سڪون،
ھوائن ۾ سانت ۾ ڏک سور ۾ ننڊ.
اھو ئي پيار آھي جيڪو اسان کي اجنبيت کان آجو ڪري،
پنھنجائپ سان ڀر ڪري ٿو. اھو ئي اڄ جھڙين مجلسن ۽ ميل
ميلاپي کي ممڪن بڻائي ٿو. اھو ئي عيدن برادن، ناچ ۽
قربانين جي موقعي تي مھندار ۽ سردار ھوندو آھي – جيڪو
خوش مزاجي ۽ کل ڀوڳ بخشي ٿو ۽ بدمزاجي، رکائي ۽ گھرائي
کي جلاوطن ڪري ٿو. ھن وٽ ٻين کي ڏيڻ لاءِ سدائين ديا ۽
نيڪ تمنائون ھونديون آھن ۽ وٽس ڪڏھن بھ بددعا، بي
مروتي ۽ نامھرباني ڪونھي. ٻاجھارو ۽ مھربان، چڱن جو
يار، ڏاھن جو ڳوڙھو ويچار، جنھن لاءِ ھڙئي ديوتا
حيران، جنھن وٽ ھيءَ نھ ھجي سي سندس لاءِ واجھون پيا
وجھن ۽ جن وٽ ھجي تن لاءِ ڄڻ قيمتي خزانو. ھيءُ ئي آھي
ابو نزاڪت ۽ نفاست، حسن ۽ جمال، لطف ۽ راحت، زيب و
زينت، چاھھ ۽ چاھت، ڪوملتا، اڪير ۽ اڪنڍ ۽ سڌ ۽ سڪ جو
– سٺائي جو خيال رکندڙ ۽ برائيءَ کان بي فڪر. ھر ھڪ
ڳالھھ ۽ عمل ۾، خواھش ۽ خوف ۾، بھترين سونھون ۽ سرواڻ،
ساٿي ۽ مددگار، سمورن ديوتائن ۽ انسانن جو شان ۽
سينگار، بھترين، سمجھدار ۽ خوبصورت اڳواڻ، لازم آھي تھ
جنھن جي قدمن جي نشانن تي ھر ماڻھو ھلندو ھلي ۽ سندس
شان ۽ مداح ۾ سر آلاپ سان جھونگاريندو رھي. ائين ان
گيت ۽ تراني جي تار ۽ لات جي لڙھ ۾ رلجي پئي، جنھن سان
ئي پيار سمورن ديوتائن ۽ انسانن جي دلين تي منڊ مڙھي
ٿو.
(وڌيڪ پڙهندا)
|