سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو

باب:

صفحو:7 

آخوند گل محمد جي شاعري ۽ فڪر

جيئن معلوم ٿي چڪو ته آخوند گل کي فارسي نثر توڻي نظم ۾ مڪمل دسترس حاصل هئي، پر عملي طور هو تصوف جي دنيا سان وابسته هو جيئن سندس لکيل ملفوظات ’ڪنوز المعارف‘ مان خبر پوي ٿي، اها سندس زندگيءَ جي پوئين عرصي جي يادگار تاليف چئي سگهجي ٿي.

انگريزن سنڌ سنه 1843/1259 ۾ فتح ڪئي ۽ ڪجهه سالن جي اندر خليفي گل جي مرشد پير علي گوهر شاهه 1847/1263 ۾ رحلت ڪئي ۽ خليفي محمود 1851/1227 ۾ انتقال ڪيو. انگريزن جي اقتدار سنڀالڻ کان جلدي پوءِ سنڌ ۾ فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌي زبان کي سرڪاري زبان بنائڻ جو اعلان ٿي چڪو هو ۽ آخر جولاءِ 1853ع ۾ سنڌي الف- بي جي سرڪاري پٽي به ظاهر ٿي چڪي هئي. معلوم ٿئي ٿو ته اهو سنڌي الف- بي ۽ سنڌي سکڻ ۽ سيکارڻ وارو چؤٻول خليفي گل جي ڪنن تائين پھتو هو، بلڪ هو ان صورتحال کان چڱيءَ ريت واقف هو جو هن جي ذهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ديوان مرتب ڪرڻ جو خيال آيو ۽ اهو ڪم هن 1270/1854 ۾ مڪمل ڪيو، جيئن سندس ڪيترن تاريخي قطعات مان ان جو پتو پوي ٿو.

اهو زمانو هو جڏهن خليفي گل کي حرمين جي سڪ ستائڻ لڳي ۽ هو پڪو ارادو ڪري حج تي اسھڻ لاءِ بمبئي پھتو، جيڪو ان وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، اتي گل کي سنڌي صورتخطيءَ بابت وڌيڪ معلومات ملي هوندي. اهوئي سبب آهي جو ديوان گل جي تمھيد طور جيڪو يارهن صفحن جو مقدمو لکيائين، جنھن ۾ انگريزن طرفان مقرر ڪيل صورتخطيءَ تي تنقيد ڪيائين. اهو بمبئي ۾ ليٿو تي ڇپايل ديوان ۾ شامل آهي، جيڪو سندس قلمي ديوان ۾ نٿو ملي، جنھن جو هتي اسان مڪمل عڪس ڏئي رهيا آهيون. بمبئي مان ليٿو تي ڇپيل اهو ديوان تاريخ 7 جمادي الاثاني 1275/1858 تي ڪاتب حافظ عثمان جي ڪتابت سان شايع ٿيو، ديوان جي شايع ٿيڻ کان پوءِ خليفو گل محمد حج جي سفر لاءِ روانو ٿيو جيڪو سندس زندگيءَ جو به آخري سفر ثابت ٿيو.

ديوان گل ۾ ڪل 175 غزل آهن ۽ هر حرف تي گويا سراسري طور ٽي يا چار غزل آهن، گل جي ٻولي ۽ اسلوب بلڪل انوکو آهي، جيڪو ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ جي گهڻو ويجهو ۽ روايتي فارسي غزل کان گهڻو پري آهي، ان جو وڏو سبب هيءُ آهي ته هو سنڌيءَ جي وڏن شاعرن، خاص طور شاهه لطيف جي شاعريءَ کان گهڻو متاثر هو. اهوئي سبب آهي جو هن جي ٻولي، تشبيهون، استعارا گهڻي ڀاڱي نج ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ مان ورتل آهن، ۽ انهن ۾ اهوئي عڪس نظر اچي ٿو. سندس غزلن جو بنياد تصوف جا تصورات ۽ اعليٰ خيالات آهن، ليڪن هڪ وڏي شاعر جي حيثيت ۾ گل جو مشاهدو نھايت تيز ۽ باريڪ بين آهي. هو انساني جذبات ۽ احساسات کي به اهڙيءَ ريت بيان ڪري ٿو جو ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙ متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. البت ان ۾ جيڪڏهن ڪو ٻڌندڙ ڪا رنڊڪ محسوس ڪري سگهي ٿو ته اهي گل جي نج سنڌي ٻوليءَ جا الفاظ آهن، جيڪي عام پڙهندڙ لاءِ غير مانوس ٿي سگهن ٿا. گل کي پاڻ اهو حساس هو، جو ديوان جي ڪيترن غزلن اندر رهنمائيءَ خاطر اهڙن انوکن لفظن جي فارسيءَ ۾ معنيٰ ڏئي ڇڏيائين، بلڪ اهي بمبئيءَ مان ڇپيل ديوان ۾ به ملن ٿيون.

بهرحال خليفي گل لاءِ وڏي ۾ وڏو اعزاز اهو آهي ته هن سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون مڪمل ديوان پيش ڪيو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي چوونجاهه اکرن تي ٻڌل آهي، ان لحاظ کان گل غزل ۾ پنھنجي طرز ۽ نموني جو خالق آهي، جنھن کي ٻيو ڪو نقل ڪري نه سگهيو آهي. جيتوڻيڪ گل کان پوءِ سنڌيءَ ۾ غزلن لکڻ جو عام رواج ٿي ويو ۽ ڪيترا صاحبِ ديوان شاعر پيدا ٿيا پر انهن جي شاعريءَ ۾ فارسي انداز واريون تشبيهون يعني گل و بلبل ۽ سرو سنبل عام جام ٿي ويون، جيڪي سنڌ جي ماحول لاءِ اوپريون ۽ ڌاريون هيون، هن سلسلي ۾ ’ديوان قاسم‘ ۽ ’ديوان فاضل‘ جا مثال ڏئي سگهجن ٿا، جيڪي گل جي زماني کي ويجها آهن. قاسم ته گل جو مائٽ به هو، جنھن جو ديوان فارسي روايت جي نمائندگي ڪري ٿو، هن جي غزلن جون ڪيتريون سٽون فارسي ته ڇڏيو، پوريءَ ريت عربيءَ ۾ آهن. البت فاضل شاهه پاڻ عالم فاضل هو، ۽ روايتي فارسي رنگ کان پاسو ڪري ٿو، تاهم ٻنهي جي شاعريءَ ۾ خالص سنڌي ماحول جي عڪاسي گهٽ نظر اچي ٿي.

خليفي گل جي شاعريءَ ۾ ايراني يا فارسي شاعريءَ جي بجاءِ خالص سنڌي ماحول واري شاعري عام جام آهي ۽ اهائي سندس شاعريءَ جي امتيازي خصوصيت آهي، البت شاعريءَ جا تمام قديمي استعارا جن کان دنيا جي شايد ڪا زبان بچيل هجي، اهي گل وٽ به ملن ٿا، جنھن ۾ مَئي ۽ شراب جو ذڪر سڀ کان مقدم آهي، اهوئي سبب آهي جو فارسيءَ جي مشھور شاعر حافظ شيرازيءَ کان پوءِ الائجي ڪيترن شاعرن کانئس متاثر ٿي، پنھنجي ديوان جي پھرئين غزل جي پھرين سٽ يا مطلع کي ديوان حافظ سان مشابهت رکندڙ شعر سان آغاز ڪيو آهي. ديوان گل جو پھريون شعر يا مطلع به ان قسم جي آهي:

پيالو مئي سندو ڏي پُر ڪري محبوب متوالا

ته مستيءَ ۾ محبت جي ڪڍون هن هوش کي حالا.

ديوان حافظ جو پھريون شعر هن ريت آهي:

الا يا ايها الساقي ادر کاسًا و ناولها

که عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشکلها

ترجمو: ٻڌ، اي ساقي پيالي کي گهماءِ ۽ پهچاءِ، ڇو ته شروع ۾ عشق آسان ڏسڻ ۾ آيو پر پوءِ مشڪل بنجي پيو.

ساڳئي غزل جي پنجين شعر ۾ وري سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن خاص طور شاهه لطيف جي سر سسئي مان اتساهه حاصل ڪري ٿو جو چوي ٿو:

جنين کي سڪ دلبر جي سدا ڏونگر وتن ڏوريون

پٿون ٿيا پير پھڻن ۾ ڇپر ۾ پيا ڇُلي ڇالا

هتي شاهه لطيف جي اهڙي بيت ڏيڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته اها ڳالهه گهڻي واضح آهي، پر غزل جي شاعريءَ ۾ سسئي جو بنا نالي ذڪر ۽ پھاڙن ۾ پٿرن تي پنڌ ڪرڻ ۽ پيرن ۾ ڇالا يا لِڦون پوڻ، خليفي گل جي جدت آهي، جنھن سان هو گويا غزل کي ڪلاسيڪي رنگ سان نوازي ٿو. هونئن روايتي فارسي شاعريءَ ۾ هتي ليليٰ ۽ مجنون يا شيرين ۽ فرهاد جو استعارو اچي ها، ڇو ته مجنون ليليٰ جي لاءِ بيابان جهاڳيا هئا ۽ فرهاد شيرين لاءِ پھاڙ کي ڪاٽيو هو، غزل جي فني لوازمات جي لحاظ کان ڏسجي ته هيءُ غزل انهن سڀني تي پورو بيهي ٿو، مثلاً ان جي هر شعر ۾ جدا موضوع کي نباهيو ويو آهي.

غزل جي ٻئي شعر لاءِ ايترو ٻڌائڻ ضروري آهي ته اهو عربيءَ جي هڪ مشھور شعر تان ورتل آهي جيڪو هن ريت آهي: پھريائين سنڌي شعر ڏسو:

ڀٽون آهين ايذائڻ ۾ دنيا جا مڙئي مائٽ

توڻي ڀائر سڳا چاچا توڻي ڪي سؤٽ ۽ سالا

عربي شعر هن ريت آهي:

اقارب کالعقارب في اذاها

فلم تفرح بعمٍ او بخالٍ

معنيٰ: عزيز قريب ڀٽون يعني ڏنگيندڙ يا ايذائيندڙ آهن، پوءِ تون چاچي ۽ مامي تي خوش نه ٿي.

هيءُ عربي شعر گل پاڻ ڪنوز المعارف ۾ آندو آهي، غزل جي ڇهين شعر ۾ وري محبت جي تعريف ڪري ٿو ته ان جھڙي پياري شيءِ دنيا ۾ ٻي ڪونهي، غزل جي مقطع ۾ وري مجازي رنگ اختيار ڪري محبوب جي دلڪش حسن جي تعريف ڪري ٿو، جنھن ۾ ڪنھن حد تائين فارسي استعارن کان ڪم وٺڻ تي مجبور ٿئي ٿو.

ڏسڻ مـــان تنھنجي اي باغ حُسن مون کي سرئا ٽي گُــل

تنھنجو مُک گل، زلف سنبل، منهنجي دل جيئن گل لالا.

مطلب هو چوي ٿو ته اي سهڻا سڄڻ تنھنجي حسن جي باغ مان مون کي ٽي گل حاصل ٿيا آهن، پھرين ته تنھنجو وات گلابي گل (ڳاڙهو) آهي، ٻيو تنھنجا وار سنبل جهڙا نازڪ ۽ نرم آهن ۽ ٽيون ته منهنجي دل تنھنجي لاءِ اهڙيءَ طرح ڦٽيل آهي جھڙيءَ طرح لالا جي گل جي وچ ۾ داغ هوندو آهي. هن شعر ۾ گل جي لفظ کي ٽي دفعا آڻي ٻڌندڙ جي ذهن کي جهنجهوڙي حسين ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ٿو.

بهرحال گل جي اڪثر غزلن ۾ عوامي ۽ مقامي رنگ غالب آهي، جيئن غزل 51 ۾ محبوب کي پاڻ وٽ هن طرح اچڻ جي دعوت ڏئي ٿو:

اڱڻ منهنجي ٽلي دلدار تون اچ

ڀلي منجهه حاسدن جي دل پئي ڦچ.

هتي ڏسو ته لفظ ’ڦچ‘ معنيٰ گهاءُ ڪيڏو نه برمھل آهي ۽ ان مان ڪيڏي شدت جو اظھار ٿئي ٿو.

غزل 60 ۾ وري محبوب جي ظاهري حسن جي تعريف ڪندي هنن لفظن جو انتخاب ڪري ٿو:

تنھنجون اکيون آهين سدا رنگ لعل سرخ

چپ ماکيان ملوڪ مٺا رنگ لعل سرخ

يا وري:

ڇا پيرهن ۽ انگرکو سٿڻ ۽ جُتي

محبوب تنھنجا مڙيئي لٽا رنگ لعل سُرخ

هڪ غزل ۾ وري هيئن چوي ٿو:

غزل 100:

نيوجهپي جهڙپي هنيون، گل جو تنھنجو مک لعل گل

دل نيئي دلبر لٽي، لائي لبن کي لاليون

گل معمول مطابق ڪن غزلن ۾ مجازيءَ سان گڏ حقيقي رنگ به گڏي ڇڏي ٿو، جيئن:

 

تنھنجي ڏٺي اي گلبدن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

آئي خوشي منجهه جان تن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

ان غزل جو مقطع هن ريت آهي:

 

آءٌ جُزو هڪ، تون منهنجو ڪُل، تون باغ آءٌ هڪ تنھنجو گل

توکان ٽڙيو چت جيئن چمن، دلڙي کلي ٿي باغ باغ

گل جي غزلن جي هڪ وڏي خوبي عوامي زندگيءَ جو مشاهدو ۽ ان جو مزو ماڻڻ ۽ ان مان نصيحتون حاصل ڪرڻ آهن، هارين جي زندگي، نار ۽ هرلي، پوکن ۽ فصلن جي پچڻ جا نظارا اهڙيءَ طرح بيان ڪري ٿو جيڪي شايد ٻيو ڪوبه اڄ ڏينهن تائين ائين بيان ڪري نه سگهيو آهي، هيٺيان چند شعر ڏسو:

غزل 47:

وسن جيئن مينهن پاڻي ڇرون ڇيڄ

پچن پوکون پين سانگي پلر پيڄ

 

---

غزل 31:

اُپاڙي چاڙهه عاشق عشق جو ايٽ

 

ڪتي پوکي وڏائي ڪر مٿس چيٽ

 

وسي مينهن محب ۽ موهبت جو

 

ٻڌي پوٺن تي بند پوءِ کيڙ تون کيٽ

 

کائي پاڻي ڪناري جو جڏهن ڪو

 

مٽر مهري ڇڏي ڀر ڪڻڪ سان ريٽ

 

لهي دريا جت لانگها ڪري لس

 

ڇٽي ٻج ترت هلڪو ڪو پوک تون ٻيٽ

 

صفا وجهه ٻج نيت جو سڀت ۾

 

ڪنڌيون پوکي ڪنارا پوءِ م ڇڏ پيٽ

 

خدا ڏي وڃ خُدا لئي ڇڏ خوبيءَ کي

 

م لَب ۽ لوڀ لالچ جي مٿي ليٽ

غزل 61:

۾ جهڙوڪ هارين کي هدايتون ويٺو ڏئي:

 

خوب ناهي پوک کي پاڙان پٽڻ

 

ڦر ڪچو ڀترن ۽ ٺڪرن سان سٽڻ

 

جوار جي مُٺ تي ڪتي اُڀري شُرو

 

ڪڻڪ کي ڪتيءَ اندر گهرجي ڇٽڻ

 

جت ٻُڙو هڪڙو زياده ٿو جُڙي

 

سٽ نيئي پنھنجو اتي گهر جي مٽڻ.

قدرتي نظارن ۽ خاص طور مينھن کان پوءِ سانگين جو سکيو ٿيڻ، جنھنڪري شاهه لطيف پورو سر سارنگ لکيو، گل به اهڙن نظارن کان متاثر ٿيڻ ۽ بيان ڪرڻ کان رهي نه سگهيو آهي:

غزل 81:

آئي رت سانوڻ سندي مينهن وسي ڪئڙا ملهار

ڍٽ وسيا ۽ پٽ وسيا سرها ٿيا سانگي سنگهار

سڀ ڇڏي ڍنڍون ۽ ڍورا ٻهر نڪتا سانگ تي

ڳئون وٺي ڳنوار پنھنجون مينهيون ميڙي مهار

هڪ طرف گاجيون ۽ گوڙيون ٻي طرف کنوڻيون کنون.

مينهن ٽھه ٽھه ڪيو ٽمن باهيون ٻرن چوڏس هزار

خوش ٿيون سرهيون سنگهاريون پٽ ڦرن سينگار ڪيو

لوئيون لاکيون لال سر تي ڳچيءَ پويو پايو هار

هن پس منظر ۾ شاهه لطيف جا ڪيترا بيت آهن، اسين هتي هڪ ٻن مثالن تي ڪفايت ڪريون ٿا:

ڇاڇر ٿي ڇنن ۾، مينهون چرن موڪ

سرهيون سنگهاريون ٿيون، پائين توسيون طوق

لاٿئين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا.

هڪ ٻئي بيت ۾ هي الفاظ آهن:

حڪم ٿيو بادل کي ته سارنگ سان ڪجن

وڄون وسڻ آئيون، ٽھه ٽھه مينهن ٽمن.

گل جو عام زندگيءَ جو مشاهدو نھايت وسيع آهي، جنھن ۾ زندگيءَ جو هر پھلو اچي وڃي ٿو، ان جا وڌيڪ مثال ڏيڻ طوالت جو باعث ٿيندا.

آخوند گل جي زندگيءَ جو وڏو واقعو انگريزن هٿان 1259/1883 ۾ سنڌ جي فتح آهي، هڪ باشعور ۽ حساس دل انسان جي حيثيت ۾ گل جو ان کان متاثر ٿيڻ لازمي امر هو، ليڪن سنڌ جي حڪمران توڙي عوام انگريزن جو ڪو خاص مقابلو ڪيوئي ڪونه. هڪ ته ميرن ان مقابلي لاءِ ڪا تياري ڪونه ڪئي هئي، جنھنڪري انگريزن ڪجهه ڪلاڪن جي مقابلي بعد سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. بهرحال انهيءَ ڪري سنڌ جو عوام وڏي خونريزيءَ ۽ اٿل پٿل کان بچي ويو ۽ ڪجهه سالن اندر انگريزي اقتدار کي عوام قبول ڪري ورتو، بلڪ انگريزي اقتدار جي ڪري زندگيءَ ۾ ڪيتريون نيون شيون استعمال هيٺ اچڻ لڳيون. آخوند گل جي شاعريءَ ۾ پڻ انهن جو ڪجهه ذڪر ملي ٿو جيئن: پستول، جج، براقون يعني (Barracks).

غزل 7:

پستول پريت تنھنجي پائي

منجهه جان جگر چلايا ڇيرا

غزل 43 ۾ لفظ جج هيئن استعمال ڪري ٿو:

 

عشق جو علم عرف عين بيان

ڪين سمجهي تنهين کي قاضي جج

غزل 73 ۾ بئرڪون لفظ براقون ڪري آندو اٿس:

 

آهه دنيا گهر فنا جو ٿيا فنا رهندڙ سندس

سڀ ڇڏي بنگلا براقون ماڙيون محلات هنڌ.

غزل 29 ۾ لڙائي جي ميدان جو نقشو چٽيندي بهادرن ۽ سورهين جي ساراهه ڪندي فرنگي يعني انگريزي لشڪر سان مهاڏو اٽڪائڻ جو بيان هن ريت ڪري ٿو:

پاڻ فاني ڪيو فدا ٿا فتح ڪن في الحال ۾

جوان جنگي جئن فرنگي، گل ٿين گهوٽ.

گل جيتوڻيڪ غزل جي شاعريءَ ۾ ڪمال ڪيو آهي، پر ٻولي توڻي الفاظن کان سواءِ هو فڪري لحاظ کان يعني تصوف جي اصطلاحن ۽ انهن جي استعمال ۾ پڻ شاهه لطيف کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي، ايتريقدر جو سندس ڪيترا اشعار شاهه جي بيتن جو شرح معلوم ٿين ٿا، هتي اسان لاءِ اهو ممڪن ناهي ته شاهه جا بيت به پيش ڪريون ڇو ته شاهه سائين جا اهي بيت گهڻو ڄاتل سڃاتل آهن ۽ ٿوري غور سان ڳولي سگهجن ٿا.

گل غزل 24 ۾ چوي ٿو:

هُئا جي محبت ۾ ماريا نه موت

وتن جال جئرا فنا ڪيا نه فوت

شاهه لطيف جي هڪ سٽ هن ريت آهي:

            مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات.

ٻي سٽ ۾ وري هينئن آهي:

مري جيءَ ته ماڻيين، جانب جو جمال

گل ڪيترن غزلن ۾ عشق کي سوري سمان ڪوٺيو آهي، جيڪو تصور شاهه لطيف وٽان ورتو اٿس:

غزل 16:

ڏسي سري عاشق اڳيان معشوق جي ٿا ٿين شهيد

جي ڪوٺي توکي ڪُهن سين قرب ڏيئي ڪنڌ ڪپ

پي سرو ٿي پيش تون مخمور حق جي ذوق ۾

پوءِ مڇڻ ڪو اوچتو کائي وجهيئي نانگ سپ

جيڪي راضي ٿئا رضا تي صبر مان تن سرئو سود

توڻي چاڙهن ان کي سوري پڻ نٿا چورين چپ.

شاهه لطيف جا اصطلاح هن ريت آهن:

ڪُهن ۽ ڪوٺين، ايءَ پر سندي سڄڻين

سوريءَ چاڙهئو سپرين، ڏنڀ ڏيهاڙي ڏين

ويٺا وره وٽين، واڍوڙئا، وهاءِ تون.

غزل 12 جو هڪ شعر آهي

پنهون ٿيا پاڻ سسئي جئن نه رُلن روهه ۾ هرگز

منجهئي ڪيچي، منجهي آتڻ، منجهئي ويڙيون، منجهئي هَبُ

شاهه لطيف چوي ٿو ’پنهون ٿيس پاڻ‘ سسئي تان سور هئا.

يا

وڃين ڇو وڻڪار هِت نه ڳولهين هوت کي

لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار

نائي نيڻ نهار تو ۾، ديرو دوست جو.

سڀئي صوفي انسان کي الاهي راز يا سر الاهي سمجهن ٿا، گل به ان خيال جو آهي.

جيئن غزل 42 ۾ چوي ٿو:

تنھنجي صورت سرّ حق جو، ٿي حقيقت سِرّ سِرّ

چيو خدا انسان ڳجهه منهنجو آهيان آءٌ ان جو ڳجهه

شاهه لطيف جي مشھور سٽ آهي:

الانسان سرّي و انا سرّه پروڙج پچار

گل ساڳئي غزل ۾ چوي ٿو:

پاڻ ۾ ڏس پاڻ کي، تان پاڻ مان پاڻهي لهين

هيڏي هوڏي ٿيءَ م اولون، روح پنھنجي ساڻ رُجهه.

شاهه لطيف جو بيت آهي:

پاڻ پردو پاڻ کي، سُڻي ڪر سنڀال

وچان جو وصال، سو تان هئڻ هن جو.

گل غزل 30 ۾ جوڳين يعني عارفن ڏانھن اشارو ڪندي چوي ٿو:

وئا ڇڏي ناسوت کي لڙئا طرف لاهوت جي

بحر بيرنگيءَ جي ٻوڙيا محو ڪئائون رنگ چٽ

جي ڀانئين جوڳي ٿيان گل ڇڏ تعلق پاءِ جوڳ

دل م لوڙهج مڙس ٿيءُ، سڀ ڇڏ ڪوڙا کيٽا ۽ کٽ.

شاهه لطيف وٽ اهي اصطلاح هن ريت آيل آهن:

نڱئا ناسوتان، مڻيائون ملڪوت کي

يا

آيا الوهيت ۾، لاهوت لنگهئو جن

منجهان تن جُسن، حرف نه سڄي هيڪڙو.

شاهه لطيف وٽ ’جي ڀانئين جوڳي ٿيان‘ جو پورو هڪ داستان موجود آهي،

جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته سڱ سڀيئي جن

يا

جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته طمع ڇڏ تمام

جيئن شاهه لطيف روميءَ کان گهڻو متاثر آهي، اهڙيءَ طرح گل فارسي جي عالم ۽ ماهر طور روميءَ جا ڪي خيال سڌوسنئون ديوان ۾ آڻي ٿو ۽ اهي ڇاڪاڻ ته وڏي اعليٰ فھم ۽ فڪر وارا شعر آهن، تنھنڪري گل پاڻ حاشيي ۾ روميءَ جا اهي شعر نقل ڪري ڇڏيا آهن

غزل 12 ۾ هي شعر ڏسو:

جنين کان غير ويو، ٿيا عين، ٿيا عُريان عالم ۾،

نڪو خالق رکن پنھنجو، نڪو مولا نڪو تن رب.

گل قلمي توڻي بمبئي مان ڇاپي نسخي جي حاشيي ۾ روميءَ ڏانھن حوالي طور منسوب هيٺيون شعر پاڻ ڏنو آهي(88). ڏسو ٻنهي جا عڪس.

ميگفت در بيابان رندي دهان دريده

عارف خدا نه دارد کو نيست آفريده

فارسيءَ ۾ هيءَ عبارت به ڏني اٿس، يعني ’عارف آن خدا نداردکه غير ذات اوست‘ مطلب عارف جو خدا اهڙو ناهي جيڪو هن جي ذات کان پري يا جُدا آهي. وري حاشيي ۾ وڌيڪ وضاحت خاطر صوفين جو مشھور مقولو:

التوحيد اسقاط الاضافات يعني

’توحيد نسبتن ۽ لاڳاپن کي ختم ڪرڻ جو نالو آهي‘ به لکيو اٿس:

گل غزل 164 ۾ توحيد وجودي جي سمجهاڻي ڏيندي چوي ٿو:

ڏنو مون کي ڏاهي اشارو اهو

ته آهي سڀت ۾، نه سڀ تنھن جِهو.

آخري شعر وري هيئن آهي:

جي ڀانئين ته وحدت ۾ ٿيان محو گل

ته هڪ ڏس، م ڏس ٻيو، م چؤ هي هو.

پھرين شعر ۾ اها اصولي سمجهاڻي ڏئي ٿو ته هر شيءِ ۾ هو پاڻ آهي يا شيءِ هن جو مظهر آهي، پر ڪابه شيءِ هن جھڙي ناهي، اهڙيءَ طرح آخري شعر ۾ هيڪڙائي هيڪ واري ڳالهه ڪري ٿو، جنھن ڏانھن شاهه لطيف اشارو ڪندي چيو هو.

ڏسڻ ڏسين جي ته همه کي هيڪ چوين.

انهيءَ ساڳي خيال کي وڌيڪ عام فھم انداز ۾ هن ريت بيان ڪري ٿو:

غزل 83:

جو پاڪ هو سڀ ڊول کان هر شيءِ ۽ هرٽول کان

سو ڪيئن آيو سڀ ٽول ۾، سالڪ سچا ڏي مون خبر.

گل جي غزل 90 ۾ هڪ شعر هن ريت آهي:

دين ملت عشق جو آهي جدا

وصل نيڪي ٿي مدائي امتياز.

مولانا روميءَ جو مشھور آهي:

ملت عشق از همه دينها جدا ست

عاشقان را مذهب و ملت خدا ست

معنيٰ: عاشق جو مذهب سڀني مذهبن کان نيارو يا الڳ آهي، انهن جو مذهب ۽ طور طريقو سڀ ڪجهه خدا آهي.

گل غزل 64 ۾ صوفين جو مشھور قول هيٺين ريت تضمين ڪري ٿو:

طالب الدنيا ٿيو کدڙو خراب

طالب الموليٰ مذڪر مڙس مرد.

آهه جامع غوث ذات صفات کي

جو مجرد ذات ڏسي سو مرد فرد.

نور حق چو آه رنگ بي رنگ ۾

ڇا اڇا ڪارو ۽ ڳاڙهو سبز زرد.

گل وٽ ذات بيرنگ آهي ۽ اهو فڪر اصل ۾ روميءَ جو آهي، گل روميءَ جا اهي اشعار ڪنوز المعارف ۾ پاڻ آندا آهن.

چونکه بي رنگي اسير رنگ شد-

چون بي رنگي رسي کآن داشتي-

موسيٰ با موسيٰ در جنگ شد

موسيٰ و فرعون دارد آشتي

معنيٰ: جڏهن بي رنگ رنگ جو پابند ٿئي ٿو ته ڏسڻ ۾ ايندو ته هڪ موسيٰ، ٻئي موسيٰ سان وڙهيل آهي، پر جيڪڏهن تون ان (اصلي) بي رنگيءَ تائين پھچي وڃين ته توکي (خبر پوندي) موسيٰ ۽ فرعون پاڻ ۾ ٺهيل آهن.

شاهه لطيف چيو:

جتي پرينءَ حضور، تتي رنگ نه روپ ڪو.

خليفي گل اهو خيال ڪيترن هنڌن تي ورجايو آهي.

غزل 21 ۾ چئي ٿو:

باغ بيرنگيءَ جو ٻوٽو تون وجودي واه گل

واس تنھنجي واسيو گل، عرش ڪرسي ڀونءِ اُڀ.

صوفين وٽ دل يا قلب جي مرڪزي حيثيت آهي، اهائي حقيقي حق جي مشاهدي جو وسيلو ۽ ذريعو آهي، بلڪ اها گهڻو ڪجهه آهي، گل هڪ پورو غزل دل جي ذريعي حاصل ٿيندڙ ڪيفيتن بابت لکيو آهي، اسان چند بيتن تي اڪتفا ڪريون ٿا:

غزل 147:

دل تخت حق عرش عُلا، جيڪي چوان سو آهه دل

دل نور حق جو پر ضيا، جيڪي چوان سو آهه دل

دل ابتدا ۾ ذڪر ٿي وچ ۾ فنا ۾ فڪر ٿي

آخر ٿئي ٿي سا بقا، جيڪي چوان سو آهه دل

دل کي ٿو اول ٿئي شهود، رويت ۾ ٿي ثابت وجود

آهي سا گل باغ لقا، جيڪي چوان سو آهه دل.

آخوند گل هونئن ته قادري طريقي سان وابسته هو پر کيس نقشبندي طريقي سان گهڻو اُنس هو، ايتريقدر جو هڪ غزل ۾ نقشبندي لطائف جو پورو ذڪر ۽ سالڪن جي سير جو بيان ڪري ٿو:

غزل 118:

سير ڪر سالڪ اندر پنھنجي، ڪري سڀ سير صاف

تو ۾ اڀرن چنڊ تارا، تو ۾ اُڀ ڀون ڪوهه قاف

دُن چون ٿا عرش حق جو بادشاهي بارگاهه

ان مٿي عالم امر جو خلق مڙيئي هيٺ ناف.

هڪ ٻئي غزل ۾ قلب جي پنجن لطيفن روحي، سري، خفي، اخفيٰ وغيره بابت تفصيلي غزل لکيو اٿس، جنھن جا چند بند هتي پيش ڪجن ٿا، جن ۾ پنھنجي روحاني تجربي ۽ مشاهدي جو احوال ٻڌائي ٿو:

غزل 53:

روحي، سري، اخفيٰ خفي، ٿئو نفس سان عنصر نفي

منجهه قلب ڪامل مقتدا، دل جاءِ ٿي سوڙهي فراخ

دل آه لوح محفوظ حق تنھن ۾ نڪي ٻيا شرڪ شڪ

انجا ڪيا مون تجربا، دلجاءِ ٿي سوڙهي فراخ

چيو شان دل جي ۾ خدا، لا يسعني ارض و سما

منجهه قلب منهنجي جا، دلجاءِ ٿي سوڙهي فراخ

خليفو گل جتي عوامي صوفي انداز اختيار ڪري ٿو، اتي ڪڏهن هو تصوف بابت خالص علمي انداز ۽ ان جا اصطلاح به ڪم آڻي ٿو، جنھن مان سندس عملي طور صاف صوفي هئڻ جو ثبوت ملي ٿو، هن غزل ۾ ڏسو ته تصوف جو ڪيڏو نه اعليٰ فڪر پيش ڪيو اٿس:

غزل 65:

ٿي وڃي يار بود ۾ نابود

منجهه عدم ٿي وري اچي موجود

حرم القلب مسجدالله خاص

ڪعبة الله خلق جو مسجود

آه ٻانهپ ٻيائي وحدت ۾

هو موجود حق هو المعبود

ڏس ڏسڻ ۾ بصير مبصر هيڪ

شاهد الله هو هو المشهود

منجهه ڏسڻ غرض منجهه پسڻ هڪ حق

منجهه تات طلب حق هو المقصود

محو صوفي کي صحو صافيءَ لاءِ

جن ڏنو سرّ سر ڊهيو تن سود

باغ ذاتي جو گل محمد گل

احمد حامد هو المحمود

هن غزل بابت ڪي اشارا ڪجن ٿا ڇو ته انهن جو تفصيل تمام ڊگهو آهي، پھرين سٽ رومي ۽ شاهه لطيف جي خيال جو عڪس آهي، جيئن لطيف چيو هو:

بلڪ آهي بود، ناقصائي نابود ۾

يا

جيلان ٿيا نابود، تيلان رسئا بود کي.

عدم جي باري ۾ شاهه لطيف جي مشھور سٽ آهي:

آسڻ جن عدم، آءٌ نه جيئندي ان ري.

اهڙيءَ طرح دل بابت روميءَ جي مشھور مصرع آهي:

دل بدست آور که حج اکبر است

يا

دل گذرگاه جليل اکبر است

هن غزل جو ٽيون بند سڌوسنئون شاهه لطيف جي هن بيت تان ورتل آهي، جنھن جي پھرين سٽ هن ريت آهي:

وڏي تان ان واٽ ۾، ٻيلپ ٻيائي.

مطلب ته هي سڄو غزل توحيد وجوديءَ جي اعليٰ فڪر ۽ فھم وارو آهي.

خليفو گل جتي بنيادي طور عالم صوفي آهي، ۽ جتي هو غزلن ۾ تصوف جا دقيق اصطلاح استعمال ڪري ٿو اتي هو عام رنگ ۾ پڻ صوفيانه فڪر پيش ڪري ٿو جيڪو عوام جي ذهني سطح مطابق آهي، هن سلسلي ۾ پڻ سندس ڪيترا غزل چيل آهن:

غزل 157 جو مطلع هن ريت آهي:

پڃڻو منجهه نار ٻولي، تونھين تونھين تونھين تون

طنبور منجهه تار ٻولي، تونھين تونھين تونھين تون

حاجي منجهه عرفات چئي لبيڪ ۽ سعديڪ کي

گبر منجهه گرنار ٻولي، تونھين تونھين تونھين تون

هوش وارو هوش سان منجهه عشق حق جي ٿيو فنا

پَٽِ هڻيو دستار ٻولي، تونھين تونھين تونھين تون.

غزل 185 جي مطلع جا لفظ هن ريت آهن:

طالب ادا اٿي ڳول حق آءُ ٿو چڱيان توکي چوان

تنھنجو آهي تو ڪول حق، آءٌ ٿو چڱيان توکي چوان.

’حق جي جستجو‘ يا ’خدا جي ڳولا‘ هر صوفيءَ جو مطمح نظر آهي، هو ڪائنات جي هر شيءِ ۾ هن کي ڳولي ٿو، اها هڪ عجيب روحاني ڪيفيت آهي، جنھن جو اظھار صوفي شاعرن نھايت دلچسپ نمونن ۾ ڪيو آهي، گل جي اهڙي ڪيفيت جو فطري اظھار هن غزل ۾ ملي ٿو.

غزل 34:

تنھنجي دلبر جاءِ هرجا، آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

تون سڀت ۾ سڀڪو توکان، آءٌ ڏسان چؤ تو ڪٿ

قال الرحمٰن علي العرش استويٰ ڏس توکي ڏنو

قلب ۾ پڻ ٿاڪ تنھنجا، آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

ذات پنھنجي غيب چائيين، پوءِ چوين ٿو اينما

ثم وجھ الله اِي ڇا، آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

گل جي غزلن ۾ جتي تصوف جا پيچيده مسئلا بيان ٿيل آهن، اتي ڪي غزل فصاحت، بلاغت ۽ سلاست جو به اعليٰ مثال پيش ڪن ٿا، پنھنجي تخلص گل کي ڪيڏي نه نزاڪت سان استعمال ڪيا اٿس، اهو سندس ڪمال آهي.

 

اي يار دل آرام تون، شل هئين سدا اي دوست گل

محبوب گل اندام تون شل هئين سدا اي دوست گل

تنھنجون اکيون گل، زلف گل، منهن گل، آهن رخسار گل

رنگ روپ ۾ گلفام تون، شل هئين سدا اي دوست گل

ٻوٽين ته مکڙي وات ٿئو، اپٽين ته گل اثبات ٿيو

موهيو ئي مون کي ان مام تو، شل هئين سدا اي دوست گل

تنھنجي هٿن ۾ جام گل مئي تنهين ۾ ٿي گلفام گل

گل مون ڀري ڏي جام تون، شل هئين سدا اي دوست گل.

آخر ۾ چوي ٿو:

 

تون جسم گل ۽ جان گل، آءٌ اسم گل ديوان گل

ٻئي گل ٿيا هڪ نام تون، شل هئين سدا اي دوست گل.

غزل 113 مختصر بحر ۾ چيل آهي، پر ان جو مطلع ڏسو ته ان ۾ ڪيتري معنويت آهي.

وجھ تنھنجو وجود کي جامع

شان دلبر شهود کي جامع

منصور جي ذڪر کان سواءِ صوفيانه شاعري نامڪمل آهي. شاه لطيف پڻ منصور جو نالو کڻي ٿو؛ پر گل وري ٻين مشھور صوفين جو به ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو:

عاشقن کي عشق تنھنجو يار ملت دين شرع

پوءِ چڙهڻ منصور جيئن سردار ملت دين شرع

سوريون چاڙهڻ کڻڻ سر تي سچايون سڪ جون

پوءِ وجهڻ صنعان جئن زنّار ملت دين شرع

منجهه جبي حق جي ڪرڻ اثبات هو شبلي ڪڍي

نينهن ۾ نعرا هڻڻ نروار ملت دين شرع

سر سبحاني سلائي شاه بسطامي جيئن

پَٽ وجهڻ اظھار ۾ اسرار ملت دين شرع

ميمُ احمد مان ڪڍي ان ۾ ڪرڻ اثبات احد

هي آهي سُنت سچي سردار ملت دين شرع

شيخ صنعان جو زنّار پھرڻ توڻي شبلي ۽ بسطامي وغيره جو ذڪر مثنوي مولانا روميءَ ۾ ملي ٿو.

صوفين وٽ نبي ڪريم ﷺ  جن جو خاص مقام آهي، جنھن مطابق هو کيس ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ سمجهن ٿا، لفظ ڪارڻي شاهه لطيف کان اڳ سنڌي عالمن جهڙوڪ ابوالحسن وٽ به ملي ٿو، آخوند گل هن سلسلي ۾ ڪيترن غزلن ۾ سڌوسنئون ۽ ڪن ۾ اڻ سڌي تعريف ۽ ساراهه ڪئي آهي.

غزل3:

خوب خلقي تنھنجي صورت پاڪ خوش خاصي خدا

منهن ملاحت سونهن صلابت سڀ ڪنا سهڻي خدا

طالبن مولا جي منجهه مورت مٺيءَ تنھنجي ڏٺو

صحي صورت حق جي کي، حق باطل کان جدا

هڪ ٻئي غزل جا الفاظ هن ريت آهن:

غزل 20:

اي تون مالڪ ملڪ جو، توکي سريو سردار سڀ

تو لئي پيدا عرش ڪرسي ٿيو ۽ تو لئي ڀون ۽ اُڀ

يا محمدصه آءُ تون، ٻئو سڀڪي خلقيم لاءِ تو

چيو خدا منجهه شان تنھنجي، تنھنجو شاني ٿئو الڀ

تنھنجي تابع ڇا جي مسلم تنھنجو هندو ٿيو مطيع

امر ڌاران تنھنجي عالم ۾ نه چري ڍور ڊڀ

گنج احمد جو لٽئو، پينو پني ٿيا بادشاهه

اي ادا گل تون به وڃ، آهي انهيءَ تي پوءِ چُڀ.

هيٺئين غزل ۾ وري روايتي رنگ اختيار ڪري حد ڪري ڇڏي اٿس:

غزل25:

الف الله قد قامت منهنجي دلدار جي صورت

حقيقت ذات وجھ الله سهڻي يار جي صورت

آهي منهن و الضحيٰ و الشمس سج چنڊ کان گهڻو روشن

سورة والليل ۾ ڀنڀرن وارن جي ڪار جي صورت

ڏنا زلفن ۾ سهڻي سينڌ کِنوڻ جئن عجب جهلڪا

ڪڪر اندر ٿي ظاهر يخطف الابصار جي صورت

ڀرون جاڙا ٿئا گڏ قاب قوسين وانگ او ادنيٰ

خدا ظاهر ڪي منجهه معراج ان اسرار جي صورت.

هتي پنج بند ڇڏي آخريءَ تي اچون ٿا:

 

نه ڪيو گل ڪوڙ دل جيڪي ڏٺو منجهه ديد دلبر جي

وما ڪذب الفواد و ماريٰ مختار جي صورت.

خليفي گل جي طبيعت جي رواني ۽ عروض تي دسترس سندس ڏکين قافين، بلڪ خاص طور ٻن غزلن مان هڪ ۾ لااِلــٰھ الا الله ۽ ٻئي ۾ محمد رسول الله جو ڪلمو رديف طور آڻي ڪمال ڪيو اٿس، هن غزل جو بحر انتهائي ترنم وارو رکيو اٿس:

غزل167:

ٿو ڇٽي ڪوڙ ڪفر شرڪ ڪنا جو پڙهي لااِلـٰہ الاالله

ٿئي مسلمان سچ صدق ڳنا، جو پڙهي لااِلـٰہ الاالله

آخري بند ۾ چوي ٿو:

جيڪو قائل زبان سان ٿيندو، رب تنھن کي ريءَ حساب بخشيندو

ساڻ دل جي يقين گل گدا جو پڙهي لااِلـٰہ الاالله

انهيءَ غزل سان لاڳو ڪلمي جو ٻيو جُز هيئن تضمين ڪري ٿو:

 

ٿئي نه هرگز ڪنھن طرح گمراهه، جنھن مڃيو محمد رسول الله

تنھن ڪيو اثبات عين الاالله، جنھن مڃيو محمد رسول الله

آخري بند ۾ چئي ٿو:

 

ٿيو تحقيق سو فنا في الله، ٿي فنا موٽي ٿيو بقا بالله

گل ٿئو اصل پنھنجي کون آگاه، جنھن مڃيو محمد رسول الله

گل سچو عاشق رسول هو جو آخر عمر ۾ حرمين جي محبت کيس بيقرار ڪري وڌو ۽ ان لاءِ بمبئي اچي سھڙيو جتي پنھنجو اهو ديوان 1275/1858 ليٿو تي ڇپرايائين. ان کان پوءِ ديار محبوب جو سفر ڪيائين، جتي سندس تمنا مطابق زندگيءَ جو سفر به پورو ٿيو، انهيءَ غزل ۾ حد درجي جو سوز و گداز ۽ سڪ جا سلام پيش ڪري ٿو:

غزل 173:

صبا صبح جا سلام منهنجا اڳيان نبيءَ جي رساڻ نيئي

هزار آزيون لکين نيازيون ڪري سگهين جي سي ڪج سڀيئي

چئج عرض هن عليل عاجز جا پيش پرين ٻڌي ٻه ٻانهون

سڀيئي ساري سڀيئي سنڀاري رکي مٿو منهن ۾ سجدي پيئي

ادب سين حضرت ابابڪر جي اڳيان ۽ حضرت امير عمر

چئج ته جيڪي حضور ۾ هون غائبن ڪن سپرد سيئي.

آخري بند ۾ پنجن تنن سان عقيدت جو اظھار ڪري چوي ٿو:

 

سنگهاءِ مون کي ڪا آڻي خوشبوءِ نام حق جي پنجن گلن جي

نبي محمد حسن حسين و عليّ زهرا اي گل پنجيئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org