سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو

باب:

صفحو:4 

ياد رهي ته محمد صديق ميمڻ ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ٻن ڀاڱن ۾ لکي هئي، پھريون ڀاڱو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ 1937 ۾ شايع ٿيو هو، ٻئي ڀاڱي جي شروع ۾ هن سرڪار جي ڪوششن سان تيار ٿيل ۽ ڇپيل ڪتابن جي ياداشت ڏني، جنھن ۾ 17 ڪتابن جا نالا درج ڪيائين، پر ڪراچيءَ مان سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل پھرئين ڪتاب ’حڪايات الصالحين‘ جيڪو  1851 ۾ اردشير جي ليٿو پريس مان ڇپيو ۽ ان کان پوءِ 1852 ۾ ڊوساڀائي جي چئن ٻولين انگريزي، فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب جو ذڪر نه ڪيائين.(42)

مٿئين بحث ۾ اسان ڏٺو ته محمد صديق سنڌي الف- بي جي مقرر ٿيڻ بابت 1851، 1852 ۽ 1853 جي سالن جو ذڪر ڪري ٿو، پر آخر تائين اهو ڪونه ٿو ڄاڻائي ته سنڌي صورتخطي جولاءِ 1853 ۾ پڌري ڪئي وئي.

هتي ان ڳالهه ڏانھن به اشارو ڪرڻ ضروري آهي جنھن بابت مٿئين انگريزي اقتباس ۾ اهو موجود آهي ته ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ آڏو هڪڙو مسئلو عربي- سنڌي نالن (مسلمانن) جو به هو، جنھن جي هجي يا اِملا بابت ان ڪميٽيءَ فيصلا ڪيا. هاڻي ڏسو ته اهائي ڳالهه محمد صديق سنڌي الف- بي بابت پنھنجي اوائلي فرضي (تصوراتي) ڪاميٽيءَ ڏانھن منسوب ڪري ٿو، حالانڪ اهو اِملا جو مسئلو هو، جيڪو  پوءِ هن ڪاميٽيءَ طئي ڪيو.

ياد رهي ته سنڌي الف- ب 1853 ۾ ٺھي وئي پر املا يعني حرفن کي ملائي لکڻ جا مسئلا گهڻي وقت تائين هلندا رهيا، اهوئي سبب هو جو شروعاتي لکيل ڪتابن ۾ سنڌي عالمن واري نموني مطابق تنوين جو استعمال عام جام هو. ان جو ثبوت اُڌارام ٿانورداس جو 1856 ۾ لکيل ۽ سرڪاري طور شايع ٿيل ’سنڌي صرف و نحو‘ آهي. هن سلسلي ۾ وڏي پيش رفت 1888 ۾ ٿي جڏهن جيڪب سنڌ جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو، ان کان پوءِ ٻيو وڏو سڌارو 1915 ۾ آيو جنھن ۾ مرزا قليچ بيگ جو گهڻو هٿ هو.

هاڻي ان غلط فھميءَ جو ازالو ڪجي ٿو، جنھن موجب سنڌي صورتخطيءَ بابت ڪاميٽيءَ جو ذڪر ڪندي محمد صديق ميمڻ اَٺن ميمبرن ۾ ميمبر مرزا صادق علي بيگ جو نالو به کنيو، جيڪو 1853 ۾ صرف اَٺن سالن جو هو. ياد رهي ته مرزا صادق علي بيگ مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ هو ۽ سندس جنم جو سال مرزا قليچ بيگ پنھنجي سوانح ’سائو پن يا ڪارو پنو‘ ۾ 1845 لکيو آهي جيڪو غلط نٿو ٿي سگهي، هوڏانھن اهو ساڳيو مرزا صادق علي بيگ آهي، جيڪو 1872 ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پھريون مسلمان گريجوئيٽ ٿيو ۽ پوءِ سنڌ ۾ اچي تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين، وري 1875 ۾ شرٽ پادري ۽ اُڌارام سان گڏجي معياري انگريزي سنڌي ڊڪشنري تيار ڪيائين. هاڻي اهوئي زمانو آهي جڏهن ورنيڪيولر ڪاميٽي فعال ٿي چڪي هئي ۽ ڊڪشنري ٺاهڻ جي ڪم ۾ هو ڪاميٽيءَ ۾ شامل هو، ان مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته مرزا صادق علي پاڻ به ورنيڪيولر ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ شامل هو، گويا اها شروع کان صرف ورنيڪيولر ڪميٽي ئي هئي جنھن جا اَٺ ميمبر هئا جن ۾ مرزا صادق علي بيگ شامل هو ۽ اهوئي فائيل هو، جيڪو محمد صديق ميمڻ جڏهن هو ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو يارهن سال پرنسيپال هو ته سندس نظرن مان گذريو هو، جنھن تان اها سموري معلومات درج ڪيائين ڇو ته ان معلومات جو هو پاڻ ئي واحد ماخذ آهي. پر غلط فھميءَ وچان ان ڪميٽيءَ کي ڪڏهن صورتخطيءَ واري جدا ڪميٽي ته ڪڏهن وري ورنيڪيولر ڪميٽيءَ طور ڄاڻايائين. جيڪڏهن اهي ٻه جدا ڪاميٽيون هجن ها ته ضرور هو انهن نالن جو به ذڪر ڪري ها، جيڪي هن ٻي ڪاميٽيءَ ۾ هئا. ليڪن ڪاميٽي اصل ۾ هڪڙي ئي هئي جيڪا ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽي هئي.

اسان جي خيال ۾ هند جو سڄاڻ اديب ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جڏهن ڪيترا سال اڳ ان ڪاميٽيءَ جو پيرو کڻي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد پھتو هو ۽ جيڪڏهن کيس اهو اصلي فائيل ڏسڻ لاءِ ملي وڃي ها جيڪو محمد صديق جي مطالعي هيٺ رهيو هو، ته جيڪر سموري حقيقت کلي پوي ها، پر افسوس جو اهو فائيل نه کيس ان وقت ملي سگهيو ۽ نه ان کان پوءِ ڪنھن کي ملي سگهيو آهي.(43)

l  ابوالحسن جي سنڌي صورتخطي

سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ مخدوم ابوالحسن (1010-1105هه) جي ڪتاب ’مقدمة الصلواة‘ کي ان ڪري خاص اهميت حاصل آهي جو اهو پھريون مڪمل ڪتاب آهي، جيڪو يارهين صديءَ جي آخر ڌاري ان ارادي سان لکيو ويو ته جيئن نماز وغيره جا مسئلا سنڌي ٻوليءَ ۾ سمجهائي سگهجن. جيتوڻيڪ ابوالحسن کان اڳ به سنڌيءَ ۾ ڪجهه اهڙيون تحريرون مليون آهن، پر جيئن ته اهي ايڏو مشھور نه ٿيون، تنھنڪري ابوالحسن جي ڪتاب کي گويا درسي ڪتاب واري حيثيت حاصل رهي، ان جو وڌيڪ ثبوت اهو آهي، جو جڏهن مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جھڙي برک عالم کي اڌ صديءَ کان پوءِ ان ۾ ڪجهه اضافي ڪرڻ جي ضرورت پيئي ته هن اصل ڪتاب ۾ چند سٽن جو واڌارو  ڪيو، پر اصل کي جيئن جو تيئن برقرار  رکيائين. دراصل اهو ابوالحسن ئي هو، جنھن کان پوءِ ٻين عالمن اها ساڳي واٽ وٺي، ان نموني تي سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکڻ شروع ڪيا ۽ صدين تائين اها روايت برقرار رهي.

مخدوم ابوالحسن جي ڪتاب جو اوائلي قلمي نسخو 1115/1703 جو دستياب ٿي سگهيو آهي، جيڪو مصنف جي حياتيءَ جي وڌ ۾ وڌ ويجهو آهي، هتي اسان اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته انگريزن جي دور ۾ جيڪا سنڌي صورتخطي مقرر ڪئي وئي، اها ابوالحسن جي صورتخطي يا کانئس پوين عالمن تان ورتل آهي يا اها انگريزن جي وقت ۾ ٺاهي وئي، جيئن عام طور سمجهيو وڃي ٿو.

هتي شروعات ۾ اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيستائين موجوده سنڌي الف- بي جي ٻاونجاهه اکرن جو تعلق آهي، ان ۾ عربيءَ جي 29 حرفن (همزي سميت) ۽ فارسيءَ جي ٽن حرفن (پ، چ ۽ گ) يعني اهي عربي- فارسي حرف ابوالحسن توڻي ٻين عالمن جيئن جو تيئن پنھنجي اصلي شڪل ۾ ڪم آندا آهن. ان ريت مسئلو باقي خالص ويھن سنڌي آوازن يا حرفن جو هو ته انهن کي ڪهڙيءَ صورت ۾ لکيو وڃي ۽ انهن کي ڪيترا نقطا يا ٽٻڪا ڏنا وڃن، ڇو ته اهي ئي حرف هئا، جن بابت عالمن ۾ ڪجهه اختلاف نظر آيو ٿي، سو به خاص طور ٽٻڪن يا نقطن بابت هو.

هتي هڪ وڏي غلط فھميءَ جو ازالو ڪرڻ ضروري آهي، جنھن جو ڪارڻ ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ جو مصنف محمد صديق ميمڻ ٿيو آهي. هن جتي ابوالحسن کي سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙ ڪوٺيو، اتي هو ’مقدمة الصلواة‘ ۾ ڪيترن خالص سنڌي اکرن جي صورتخطيءَ بابت سخت غلط فھميءَ جو شڪار ٿيو آهي، مطلب ته ميمڻ صاحب، ابوالحسن ڏانھن اها صورتخطي منسوب ڪري ڇڏي، جيڪا هن ڪڏهن لکي ئي ڪانه هئي.(44)

مثلاً: ڀ= بهه، ٿ= تهه، ٽ= ٿ (ڪٿي ڪٿي وري) ڻ يا تر، ٺ = تهه، ڦ= ڦ (ڪٿي ڪٿي وري) پهه، ڇ= چهه، ڌ= دهه (ڪٿي ڪٿي وري) ڏ= ڈ، ڙ= ڑ .

اڳتي هلي اها ساڳي غلطي سنڌ جي ڪيترن ٻين وڏن عالمن محمد صديق جي پيروي ڪندي  دهرائي. جن محمد صديق طرفان ابوالحسن ڏانھن منسوب صورتخطيءَ کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو، جن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي شامل آهن.

تعجب آهي ته محمد صديق ميمڻ اهڙي ڳالهه ڪيئن ڪئي، جنھن جو ڪو ثبوت ڪنھن قلمي نسخي ۾ ته ڇا ڪيترن ڇاپي نسخن ۾ به نه ملي سگهيو آهي. اسان هن سلسلي ۾ ’مقدمة الصلواة‘ جي اوائلي قلمي نسخي (45) 1115/1703 (ضميمو-ب) کان علاوه ٽي ٻيا قلمي نسخا به ڀيٽيا آهن، جن ۾ ٻيو قلمي نسخو 1150هه (ضميمو-ج) جو آهي، جيڪو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي شاگرد مخدوم عبدالخالق جو هٿ اکري آهي.(46) ٽيون نسخو 1257هه(47) (ضميمو-د) جو آهي ۽ چوٿين نسخي جو سن(48) (ضميمو-هه) معلوم نه ٿي سگهيو آهي. اسان کي محمد صديق جي ڄاڻايل اها صورتخطي ڪنھن به قلمي توڙي ڇاپي نسخي ۾ نه ملي آهي. يارهن ڇاپي نسخن جو تفصيل اسان آخر ۾ ڏنو آهي، هتي اسان اکرن جون اهي صورتون ڏيون ٿا، جيڪي اسان کي اوائلي قلمي نسخن ۾ پڙهڻ ۾ آيون آهن، ڪوبه اهل علم اهي پاڻ انهن قلمي نسخن ۾ ڏسي ۽ پڙهي سگهي ٿو.

ابوالحسن جي مذڪوره چئن قلمي نسخن ۾ هيٺيون صورتون ملن ٿيون:

ٻ، ڀ، ٿ (ان اکر جي ٻي صورت نه ڏني اٿائين)، ٺ،  ٽ (ٻي صورت نه ڏني اٿائين)، ٺ، ک، ڪ ڃ، ڄ، ڇ (ٻي صورت نه ڏني اٿائين)، ڌ، ڍ،  ڊ، ڏ=ڈ،  ڙ= ر، جهه، گهه= کَهه،  ف= ڦ، ن= ڻ، گ= ڳ، ڱ= نگ، ا= ء

هتي اها ٿوري وضاحت ڪري ڇڏجي ته جه ۽ جهه جي اها صورت عام جام نظر اچي ٿي، البت گهه جي صورت لاءِ کهه لکي، کي جي مٿان زبر ڏني وئي آهي، جنھن کي گهه جي اوائلي صورت چئي سگهجي ٿو. هونئن کي ’کٽ‘ کي ڪڏهن به هه سان ملائي نه لکيو ويو آهي، ان جو مطلب ته ڪاتب جي ذهن ۾ گهه جو تصور موجود هو.

هيءُ تفصيل انڪري ڏنو ويو آهي ته اسان کي ابوالحسن جي صورتخطيءَ ۾ ڪٿي به  بھه،  تھه،  دهه،  پھه،  چھه واري صورت ڪانه ملي آهي.

هتي هڪ ٻئي اهم انڪشاف ڏانھن به ڌيان ڇڪائڻ ضروري آهي ته ڊاڪٽر بلوچ ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ ۾ مقدمة الصلواة کان اڳ توڻي پوءِ لکيل قلمي ڪتابن، خاص طور شاهه جي رسالن، ۾ گذريل ٻن سؤ سالن دوران سنڌي الف- بي جي حرفن جي صورتخطيءَ جي جدول پيش ڪئي آهي. جنھن ۾ انهيءَ عرصي دوران لکيل اَٺ شاهه جا رسالا شامل آهن. هن جدول جو پھريون ڪتاب سنڌي منظوميه لکيل 1070هه ۽ آخري ڪتاب شاهه جو رسالو 1270هه جو آهي.(49) هن جدول مان به اهو واضح ٿئي ٿو ته پورن ٻن سؤ سالن دوران هه سان مخلوط وسرڳ آواز جهه ۽ گهه کان سواءِ ٻيا وسرڳ حرف ڪڏهن به ’هه‘ سان نه لکيا ويا آهن. مطلب ته سنڌ جي عالمن لاءِ اها صورت اجنبي هئي ۽ هنن جو رجحان شروع کان وسرڳ آوازن کي وڌيڪ ٽٻڪا ڏئي ظاهر ڪرڻ طرف هو، بلڪ ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب عربي اکرن کي واڌو ٽٻڪا ڏيئي سنڌي آواز ظاهر ڪرڻ جو عملي مظاهرو سڀ کان پھريائين البيرونيءَ پنھنجي تصنيف ’ڪتاب الهند‘ ۾ ڪيو(50).

هاڻي اسان سنڌي صورتخطيءَ بابت ٻن سؤ سالن کان وڌيڪ قديم سنڌي نظم پيش ڪريون ٿا، جيڪو ’مقدمة الصلواة‘ جي هڪ قلمي نسخي جي مُنڍ ۾ انڪري ٺاهي پيش ڪيو ويو هو ته جيئن پڙهندڙن کي سنڌي الف- بي جي ضروري ڄاڻ حاصل ٿي سگهي. ان نظم ۾ خالص سنڌي اکرن جي صورت يا شڪل کي نھايت دلچسپ پيرايي ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌي سکندڙ انهن حرفن جي شڪل کي چڱيءَ طرح ياد ڪري سگهن. هتي اسان ان نظم کي موجوده صورتخطيءَ ۾ پيش ڪريون ٿا ۽ ڪتاب جي آخر ۾ ان جو عڪس اصلي صورت ۾ ڏيون ٿا (ضميمو-و)، هيءُ نظم ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته سنڌي صورتخطي انگريزن جي اچڻ کان صديون اڳ نه صرف ٺهيل هئي بلڪ پوريءَ ريت مروج هئي(51).

بسم الله الرحمٰن الرحيم

ساراهجي سو ڌڻي جو خاوند ملڪ خدا

جه جهان اپائيو ڪري ڪامل قدرتا

صدقي ۾ حضرت رسول جي جه جوڙيو جهانا

پڙهو صلواة حضرت رسول تي دائم درودا

هاڻي حرف سنڌيءَ جا ساريم سندي واءِ

اُتي صورت بي جي اکر لکجن ٽي

جان ٽٻڪا هيٺس ٽي ٿيا تان پروڙج سا پي

پاڻي، پيالو، پيئندو انهيءَ منجهه اچي

۽ جان ٽٻڪا هيٺس چار ٿيا تان ڀڀڙ سندي ڀي

ڀرون، ڀالو، ڀرڪو انهيءَ منجهه اچي

اتي طرح تي جي اکر لکجن ٽي

ٻير، ٻانهي ٻير انهيءَ منجهه اچي

۽ جان ٽٻڪا مٿس چار ٿيا تان پروڙج ٿي

ٿاءُ، ٿهر، ٿهريو انهيءَ منجهه اچي

جان ٽٻڪا مٿس ٽي ٿيا هيڪڙو هيٺ

ٻه مٿي تا ٽا پروڙج ٽي

ٽڪر، ٽڪاو، ٽور ۾ ان پر اچي

۽ جان ٽٻڪو ٽٻڪي تي ٿيو تا پروڙج سا ٺي

ٺپڻ، ٺوپي، ٺاءِ، انهيءَ منجهه اچي

۽ پڻ صورت جيم جي چئين ڀتين لکن

جان ٽٻڪا هيٺ چار ٿيا تان ڇون پروڙج ڇي

ڇنو، ڇپر، ڇانو انهيءَ منجهه اچي

۽ جان ٽٻڪا هيٺس ٽي ٿيا تا چئج چٽائي چي

چوڻ، چاچو، چوندو، انهيءَ منجهه اچي

۽ جان ٽٻڪا هيٺس ٻه ٿيا تان ڄاڻي سمجهه ڃي

ڃائو، ڃمندو، ڃاپڻ انهيءَ منجهه اچي

۽ جان ٽٻڪو ٽٻڪي هيٺ اچي ته آهي اها ڄي

ڄنگهه، ڄانگهي، ڄوڪڻ انهيءَ منجهه اچي

۽ پڻ صورت دال جي چئين ڀتين آهي

جان ٽٻڪا مٿي ٽي ٿيا تان ڏسي سڻج ڏي

ڏاڍو، ڏنائين، ڏيندو انهيءَ منجهه اچي

۽ جان ٽٻڪا مٿس ٻه ٿيا تان ڌرا سمجهج ڌي

ڌاءُ، ڌئارڻ، ڌوئڻ انهيءَ منجهه اچي

۽ جان ٽٻڪو هيٺس هيڪ ٿئو ته آهي اها ڊي

ڊيل، ڊنڍ ڊورا انهيءَ منجهه اچي

۽ چوٿين طرح دال اها دال ۽ ر لکجي

ڊروڪڻ، ڊروڙڻ، ڊرورائڻ انهيءَ منجهه اچي

۽ پڻ صورت ڪاف جي چئين ڀتين آهي

اول کي جهڙو کائڻ، کيڻ، کائڻ ان منجهه اچي

ٻيو گهه جهڙو گِهه، گهڻو، گهوڙ انهيءَ منجهه اچي

ٽين ڳي جهڙو ڳهڻ، ڳوهڻ، ڳيھون انهيءَ منجهه اچي

چوٿون ڱ جهڙو منڱڻ، ٽنڱڻ، انهيءَ منجهه اچي

۽ پڻ هيڪڙو اکر سنڌيءَ جو اها ٽي ۽ ري لکجي

جهڙو ٽرپڻ ٽرمڻ ٽرهڻ انهيءَ منجهه اچي

جيڪو هي حرف سنڌيءَ جا صحيا سڃاڻي

سو ٿيندو ماهر سنڌيءَ ۾ سين فضل سٻاجهي

پڙهو صلواة رسول تي جو سرور سونهارو

لنگهائيندو لڪيون مُرسل موچارو

ويندا   سي    ايمان   سين   ڪلمو   جن   چيو

لا اِلـٰہ اِلالله محمّد رسول الله صلي الله عليه وسلم

l  ڇا سنڌي صورتخطي انگريزن ٺاهي؟

هن مھل تائين اسان جي آڏو اهو پورو پس منظر اچي چڪو آهي، ته انگريز سرڪار طرفان جولاءِ 1853 ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي جيڪا پٽي پڌري ڪئي وئي، ان جا ڪھڙا محرڪ هئا ۽ اها ڪھڙن مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ اختيار ڪئي وئي. هن سلسلي ۾ شروعاتي ۽ بنيادي رپورٽون رچرڊ برٽن ۽ ڪپتان اسٽئڪ جون هيون، جيڪي هنن 2 جون 1848 ۽ 28 آگسٽ 1848 تي سنڌ جي ڪمشنر کي پيش ڪيون. ان کان پوءِ اهي رپورٽون ڪمشنر سنڌ ۽ گورنر بمبئي جي سفارشن سان لنڊن ۾ ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس وٽ پيش ٿيون. ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس برٽن ۽ اسٽئڪ جي انهن رپورٽن تي فيصلي ڪرڻ ۾ ڪيترائي سال لڳايا ۽ آخر 8 ڊسمبر 1852 تي عربي سنڌي خط جي حق ۾ فيصلو ڪيو، پر ساڳئي وقت هنن ماهرن جي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو به چئي ڇڏيو.

ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جو اهو فيصلو سنڌ ۾ 11 مارچ 1853 تي پھتو، جڏهن سنڌ ۾ بارٽل فريئر ڪمشنر ۽ بئرو ايلس اسسٽنٽ ڪمشنر هو. هوڏانھن بمبئي جو گورنر 24 اپريل 1848 تي سنڌ ۾ آفيسرن کي لازمي سنڌي سکڻ جو حڪمنامو اڳيئي جاري ڪري چڪو هو. ان کان پوءِ فريئر پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ 6 سيپٽمبر 1851 تي سنڌ ۾ اهڙو حڪمنامو وري جاري ڪيو. اهوئي سبب هو جو ان دوران سنڌ ۾ مقرر آفيسرن پاران سنڌيءَ ۾ اهليت جي امتحان ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو، ڇو ته ان سان خاص الائونس به ملي رهيو هو.

اسان اڳي به اهو ٻڌائي آيا آهيون ته ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جي 11 مارچ 1853 تي مراسلي پھچڻ بعد ايلس اهڙي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته اهڙي ڪاميٽي ڪو نتيجو ڏئي نه سگهندي، جنھنڪري ايلس پنھنجي ذميواري ۽ گھري سوچ ويچار بعد اها صورتخطي ٽن مهينن اندر يعني جولاءِ ۾ پڌري ڪري ڇڏي ۽ ان ۾ فريئر پوريءَ ريت سندس هم خيال هو، جو هن هڪ هنڌ لکيو ته اسان ٻئي ان سلسلي ۾ متفق آهيون۔ هتي اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته مرزا قليچ بيگ جي لکڻ موجب بارٽل فريئر (1815-1884) عربي ٻولي ڄاڻندو هو، جو هندستان ايندي ڪجهه عرصي لاءِ کيس مصر ۾ ترسڻو پيو هو(52).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org