سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو

باب:

صفحو:2 

سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو

۽ ديوان گل

l پس منظر

انگريزن سن 1843 ۾ سنڌ ۽ 1849 ۾ پنجاب فتح ڪيو. ان سان گويا سنڌ هند مٿان سندن اقتدار قائم ڪرڻ جو خواب پورو ٿيو، ڇو ته ان کان اڳ هو هندستان جا باقي علائقا هڪٻئي پٺيان تقريباً هڪ صديءَ جي عرصي دوران قبضي ۾ آڻي چڪا هئا، جنھن جو آغاز 1757 ۾ پلاسيءَ جي لڙائيءَ ۾ بنگال جي فتح سان ٿيو هو. ان کان پوءِ هميشه انگريزن آڏو هندستان جھڙي وسيع و عريض ملڪ تي حڪومت ڪرڻ خاطر ڪامياب حڪمت عملي اختيار ڪرڻ هو. انگريزن جي انهيءَ روز افزون اقتدار واري عرصي دوران سال 1835 ۾ انگريز دانشور ميڪالي ، اهو مشورو ڏنو ته رائج فارسي ۽ مقامي زبانن جي تعليم کي ختم ڪري، پوري هندستان لاءِ انگريزيءَ کي سرڪاري زبان ۽ ذريعه تعليم طور نافذ ڪيو وڃي.(1) ميڪالي جي اها تجويز سندس ڪن حليفن جي راءِ جي بلڪل ابتڙ هئي، جيڪي مقامي زبانن ۾ تعليم جي وڪالت ڪري رهيا هئا، جنھن تي ڪنھن حد تائين ڪم شروع به ٿيو هو، پر آخرڪار سرڪاري سطح تي ميڪالي جي راءِ کي مڃيو ويو. دراصل ميڪالي هڪ تير سان ڪيترا شڪار ڪرڻ گهريا ٿي جن جو هن کلم کلا اظھار پڻ ڪيو هو. پھريون ته انگريزيءَ ۾ تعليم سان مقامي ماڻهن ۾ محڪوم ذهنيت ۽ انگريزي ڪلچر جو رعب طاري ڪري سگهبو. ٻيو ته انگريزي دنيا جي وڌ ۾ وڌ ترقي يافته زبان هئي جنھن جھڙو سائنسي ۽ ٻيو ادب دنيا جي ڪنھن به زبان ۾ ڪونه هو، هن جو اهو به چوڻ هو ته مقامي زبانن ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ انگريز سرڪار کي پنھنجي طرفان پئسا خرچ ڪرڻا پوندا، جڏهن ته انگريزي تعليم لاءِ مقامي ماڻهو پاڻ پئسا ڀرڻ لاءِ تيار ٿيندا.

اها حقيقت آهي ته ميڪالي جي ڏنل پاليسيءَ تي هندستان جي طول و عرض ۾ عمل شروع ٿي ويو، پر جلدي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته هندستان جھڙي وڏي ملڪ ۾ انگريزيءَ ۾ تعليم ڏيڻ ذري گهٽ ناممڪن هو. سڀ کان پھرين ته انگريزي پڙهائڻ وارن ايترن استادن جي دستيابي مشڪل هئي، ٻيو ته ان کي ممڪن بنائڻ لاءِ گهڻو وقت گهربل هو ۽ ان جو انتظار نه پيو ڪري سگهجي، ڇو ته سرڪار جي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ پڻ پڙهيل عملي جي ضرورت هئي، حالانڪ اها به حقيقت آهي ته خود انگريز عملدارن کي شروع کان وٺي مقامي ٻولين ۾ مهارت پيدا ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي هئي. آخر انهن حالتن تحت مقامي ٻولين جي همت افزائي جو رجحان پيدا ٿيو ۽ 1837 ۾ بنگال ۾ فارسيءَ سان گڏ اردوءَ کي عدالتي ٻوليءَ طور تسليم ڪيو ويو(2).

 l انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي صورتخطيءَ بابت ڪشمڪش جو آغاز ۽ انجام

فاتح سنڌ چارلس نيپئر فيبروري 1843 کان سيپٽمبر 1847 تائين سنڌ جو گورنر رهيو ۽ ان کان پوءِ سنڌ کي انتظامي طور بمبئي جي ماتحت ڪيو ويو ۽ سنڌ جي انتظام لاءِ هڪ ڪمشنر کي ڪافي سمجهيو ويو. سال 1848 جي شروعات ۾ بمبئي جو گورنر جارج ڪلرڪ سنڌ جي دوري تي آيو ۽ واپس وڃي مرڪزي سرڪار جي شروع ۾ ذڪر ڪيل پاليسي جي روشنيءَ ۾ 24 اپريل 1848 تي سنڌيءَ کي سرڪاري زبان بنائڻ جو اعلان ڪيائين، جنھن ۾ اهو به چيو ويو ته سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ عملدار 18 مھينن اندر سنڌيءَ ۾ اهليت جو امتحان پاس ڪن.(3) ان وقت سنڌ جو ڪمشنر پرنگل هو جنھن انهن هدايتن تحت سنڌ جي ٽن ڪليڪٽرن ڏانھن 30 مئي 1848 تي خط لکي سنڌي ٻوليءَ جي استعمال ۽ صورتخطيءَ بابت راءِ طلب ڪئي.

اهو وقت هو جڏهن حيدرآباد جو ڪليڪٽر راٿبورن هو ۽ ڪپتان جارج اسٽئڪ ساڻس ڊپٽي ڪليڪٽر هو، جيڪو مياڻيءَ جي جنگ ۾ لڙيو هو ۽ ان کان پوءِ ان عھدي تي مقرر ٿيو هو. هو علمي مزاج رکندڙ هو ۽ کيس ٻولين سکڻ سان خاص شغف هو. هن حيدرآباد ۾ انهيءَ عھدي تي رهندي، 1845 کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ايتري مهارت پيدا ڪئي جو ٽن سالن اندر سنڌي ٻوليءَ جو انگريزيءَ ۾ گرامر(4) ۽ انگريزي- سنڌي ڊڪشنري(5) 1847۾ هڪ سنڌي پنڊت جي مدد سان تيار ڪري ورتائين. سنڌي ٻوليءَ لاءِ هن جو شروع کان لاڙو ديوناگري رسم الخط طرف هو. هن جي خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ موزون ترين خط ديوناگري هو. جيتوڻيڪ سنڌيءَ جي خاص آوازن لاءِ ديوناگريءَ ۾ حرف ڪونه هئا، ان لاءِ هن ديوناگريءَ جي ڪن حرفن تي ٽٻڪن جو اضافو ڪيو. اهڙيءَ طرح هن بمبئي سرڪار کي 19 جنوري 1848 تي پنھنجن ٻنهي ڪتابن جي ڇپائي لاءِ لکيو ۽ اهڙي منظوري کيس 4 اپريل 1848 تي ملي وئي. بهرحال سندس ٻئي ڪتاب 1849 ۾ شايع ٿي ويا(6). اسٽئڪ ساڳئي وقت سنڌي انگريزي لغت تي به ڪم شروع ڪري ڏنو، جيڪا پڻ هن 1853 ۾ مڪمل ڪري پريس جي حوالي ڪئي پر ان جي ڇپجڻ کان اڳ هو پاڻ گذاري ويو.

اهوئي زمانو هو جڏهن 1848 ۾ ليفٽيننٽ رچرڊ برٽن سنڌ ۾ پھچڻ بعد ڪئنال ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت ڪري رهيو هو، هن کي وري مشرقي ٻولين سان بيحد دلچسپي هئي ۽ سنڌ ۾ رهڻ دوران هن سنڌيءَ ۾ مھارت پيدا ڪري ورتي هئي. ايتريقدر جو 1848 جي شروع ۾ سرڪار کي لکي موڪليائين ته سندس سنڌيءَ ۾ مهارت جو امتحان ورتو وڃي، اهو انڪري به ته اهڙي اهليت کان پوءِ خاص منشيءَ جو الائونس ملي رهيو هو. بلڪ هن سرڪار تي واضح ڪيو ته هو چئن ٻولين اردو، گجراتي، مراٺي ۽ فارسيءَ ۾ مھارت رکي ٿو ۽ اهي امتحان ڏيڻ لاءِ به تيار آهي. هاڻي سوال هيو ته برٽن جو اهڙو امتحان ڪير وٺي سگهي ٿو. آخر ۾ ان ڪم لاءِ ڪپتان اسٽئڪ جو انتخاب ٿيو، جنھن برٽن جو سنڌيءَ ۽ پنجابيءَ ۾ 29 جولاءِ 1848 تي اهليت جو امتحان ورتو(7). اهو امتحان هڪ مقرر طريقه ڪار موجب ورتو ويو. 31 آگسٽ 1848 تي اسٽئڪ سرڪار کي لکي موڪليو ته برٽن سنڌيءَ عربي، فارسي ۽ ديوناگري صورتخطيءَ ۾ پنھنجي اهليت جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ اهڙو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيائين، درحقيقت برٽن هڪ درجن کان وڌيڪ ٻولين ۾ ماهر هو جن ۾ عربي به شامل هئي.

انهيءَ ساڳئي سال 1848 ۾ جيئن ئي برٽن کي ڪمشنر سنڌ پرنگل طرفان سنڌي ٻولي ۽ صورتخطيءَ بابت ڪليڪٽرن کان پڇيل معلومات جي خبر پئي ته هن 2 جون 1848 تي پنھنجي تفصيلي رپورٽ ڪمشنر پرنگل کي موڪلي ڏني، جنھن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي- سنڌي  رسم الخط جي پرزور سفارش ڪئي، ۽ ڪيترائي دليل ڏيندي هن سنڌيءَ ۾ اڳيئي موجود مواد ۽ ادب بلڪ ڪتابن جو نالن سميت ذڪر ڪيو(8).

ڪپتان اسٽئڪ جنھن اڳئي سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ۽ انگريزي- سنڌي لغت تيار ڪري ڇپائڻ لاءِ سرڪار کي موڪليا هئا، تنھن وري 28 آگسٽ 1848 تي ديوناگريءَ جي حق ۾ تفصيلي رپورٽ ڪمشنر کي موڪلي ڏني(9).

ڪمشنر پرنگل ٻنهي رپورٽن جي تجزيي بعد بمبئي سرڪار کي 26 اپريل 1849 تي رپورٽ موڪلي ڏني، جنھن ۾ هن ديوناگريءَ جي حمايت ڪئي. ان وقت جي بمبئيءَ جي گورنر فاڪلنڊ پڻ ديوناگريءَ جي حمايت ڪندي سڀ رپورٽون  ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس ڏانھن 28 جولاءِ 1949 تي موڪلي ڏنيون، ڇاڪاڻ ته فيصلي جو آخري اختيار هنن کي هيو(10).

ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جو فيصلو اڃان جاري نه ٿيو هو ته سنڌ ۾ بارٽل فريئر 1851 ۾ سنڌ جو نئون ڪمشنر ٿي آيو ۽ ساڻس بئرو هربرٽ ايلس کي اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. بارٽل فريئر 6 سيپٽمبر 1851 تي نئين سر حڪمنامو جاري ڪيو ته سنڌ ۾ انگريز آفيسر سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن. انهيءَ صورتحال ۾ سنڌ ۾ مقرر انگريز پوليس عملدار اي.پي.آرٿر جيڪو فارسيءَ ۾ مھارت رکندڙ هو، تنھن ’حڪايات الصالحين‘ نالي ڪتاب ٺٽي جي هڪ ڪاتب کان لکرائي، ڪراچيءَ جي اردشير پريس مان ڊسمبر 1851 ۾ شايع ڪرايو. ان ڪتاب جو هن ٻن صفحن تي مشتمل انگريزيءَ ۾ مھاڳ به لکيو، جنھن ۾ اهو ڄاڻايائين ته هيءُ ڪتاب سنڌ ۾ گهڻو مقبول آهي، جيڪو عملدارن کي سنڌي سکڻ ۾ گهڻو ڪمائتو ٿيندو. ان ريت حڪايات الصالحين سنڌيءَ ۾ پھريون ڪتاب آهي، جيڪو ليٿو تي ڪراچيءَ ۾ ڇاپيو ويو(11).

ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي گذرڻ بعد 8 ڊسمبر 1852 تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس ٻن صفحن تي مشتمل فيصلو صادر ڪندي لکيو ته عربي سنڌي رسم الخط اختيار ڪيو وڃي؛ پر ساڳئي وقت هنن اهو به چيو ته فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ واسطي اهو وڌيڪ مناسب ٿيندو ته هڪ اهڙي ڪاميٽي ٺاهي وڃي، جنھن ۾ يورپي آفيسرن سان گڏ اهڙن مقامي ماڻهن کي به رکيو وڃي، جيڪي هن موضوع بابت وڌيڪ صحيح ماهرانه راءِ ڏيئي سگهن(12). هن کان پوءِ بمبئي سرڪار کي ان مطابق فيصلو ڪرڻ گهرجي. ظاهر آهي ته ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي سامهون برٽن ۽ اسٽئڪ جون اصلي رپورٽون هيون ۽ هنن ڪمشنر سنڌ ۽ گورنر بمبئي جي رپورٽن کي ملاحظي ڪرڻ بعد عربي- سنڌيءَ جي حمايت ۾ اهو فيصلو ڪيو هو(13).

ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جو اهو فيصلو 11 مارچ 1853 تي سنڌ ۾ موصول ٿيو. هاڻي ان فيصلي کي عملي صورت ۾ نافذ ڪرڻ جي ذميواري فريئر ۽ ايلس جي سرن تي اچي پئي. عام طور چيو وڃي ٿو ته سنڌي ماهرن جي هڪ اهڙي ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنھن پنھنجي رپورٽ ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪري پيش ڪئي، ڇو ته اها حقيقت آهي ته جولاءِ 1853 ۾ سنڌي صورتخطيءَ جو سرڪاري پڌرنامو جاري ڪيو ويو(14).

بهرحال اصل حقيقت اها آهي ته جولاءِ 1853 ۾ سنڌي الف- بي جي پٽي ايلس طرفان ظاهر ڪئي وئي ۽ ان سان گڏ سنڌيءَ ۾ اسڪولن جو نظام شروع ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس ان ساڳئي مراسلي ۾ اهڙي هدايت ڪئي هئي ۽ ان لاءِ سنڌ ۾ 10 هزار رپين جي بجيٽ جي منظوري به ڏني هئي.

تقريباً ڏيڍ سال بعد 29 ڊسمبر 1854 تي ايلس سنڌ ۾ تعليم جي سرشتي جي اڳڀرائي بابت هڪ جامع رپورٽ ڪمشنر بارٽل فريئر کي پيش ڪئي، جنھن ۾ هن اسڪولن قائم ڪرڻ کانسواءِ سنڌي صورتخطي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتابن جي شايع ٿيڻ بابت تفصيلي احوال درج ڪيو. اها رپورٽ 24 ڊسمبر 1855 يعني تقريباً هڪ سال جي دير کان پوءِ بارٽل فريئر بمبئيءَ جي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن کي ڏياري موڪلي، جنھن ۾ هن ايلس جي سنڌي صورتخطي ۽ ٻين سڀني اقدامات تي ڀرپور روشني وڌي. اها رپورٽ سرڪاري طور مارچ 1856 ۾ شايع ڪئي وئي(15).

ايلس جي انهيءَ جامع رپورٽ جون ڪل 107 پئرائون آهن، جن مان ٻه پئرائون 40 ۽ 41 سنڌي صورتخطيءَ ۽ ان سلسلي ۾ ڪاميٽيءَ قائم ڪرڻ بابت نھايت اهم آهن. پئرا 40 جا اصل الفاظ هن ريت آهن(16):

The appointment of such a committee was at the time practically impossible, as the officers best acquainted with Sindee were either absent from Sind, in different parts of the Province and not easily brought together, the suggestion was therefore of necessity   laid aside.

ترجمو: هن وقت اهڙي ڪميٽيءَ جو قيام عملي طور ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جا ماهر آفيسر سنڌ ۾ موجود نه آهن يا ڪٿي ٻاهر ويل آهن، جن کي هينئر آساني سان هڪ هنڌ گڏ ڪري نٿو سگهجي. ان ڪري ڪاميٽي واري رٿ کي مجبوراً ترڪ ڪرڻو پيو.

پئرا 41 ۾ لکيائين ته ان ڳالهه تي وڌيڪ افسوس ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته اهڙي ڪاميٽي ڪنھن به نتيجي تي پھچي نه سگهي ها، ڇو ته اهي ميمبر ڪڏهن به هڪ ڳالهه تي متفق نه ٿين ها. اهي وڌيڪ پنا ڪارا ڪرڻ کانسواءِ ۽ هڪ ٻئي کي ردوڪد ڏيڻ کان سواءِ تنازعي کي نئين سر جيارين ها. ڪابه نئين ڳالهه ڪونه ڪن ها، ڇو ته ان مسئلي تي ڪپتان اسٽئڪ ۽ برٽن کان وڌيڪ ٻيو ڪو ڄاڻو ڪونه ٿو سُجهي، جنھن کي هينئر انهن جي بجاءِ ڪاميٽيءَ تي رکجي(17).

ايلس وري پئرا 42 ۾ پنھنجي ڪمشنر بارٽل فريئر کي مخاطب ٿيندي هيئن لکيو:

The dispatch of the court was favourable to the adoption of the Arabic character and you directed that the very trifling changes or additions required for its adoptation to Sindee (paragraph 4 of courts dispatch) should be forthwith made, and no further time lost in debating and collecting opinions. This was done, and a sheet-containing the alphabet-revised was published in July 1853. From that time to the present a series of books on arithmetic, geography, history, and other subjects has been issued. And it is to be hoped the question is forever set at rest, so far as concerns the character to be used in the publication of books, and instruction generally.(18)

ترجمو:       ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جو (8 ڊسمبر 1852) مراسلو عربي- سنڌي خط جي حمايت ۾ هو ۽ توهان (بارٽل فريئر) پاڻ هدايت ڪئي ته باقي گهربل معمولي ترميمون ۽ اضافا، جيڪي تمام ضروري آهن، فوري طور مڪمل ڪري اختيار ڪيا وڃن (ڪورٽ جي مراسلي جو پئراگراف 4) ۽ وڌيڪ وقت بحث مباحثن ڪرڻ ۾ نه وڃائجي. ائين ڪيو ويو ۽ سڌاريل الف- بي جي پٽي جولاءِ 1853 ۾ پڌري ڪئي وئي آهي.

بلڪ ان کان پوءِ هن وقت تائين ڪيترا ڪتاب رياضي، جاگرافي، تاريخ ۽ ٻين موضوعن تي شايع ٿي چڪا آهن. اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته اهو مسئلو (صورتخطيءَ وارو) هميشه لاءِ حل ٿي چڪو آهي، خاص طور جيستائين ان کي عوام ۾ رائج ڪرڻ توڙي ڪتابن ۾ استعمال ڪرڻ جو تعلق آهي.

هن کان پوءِ ايلس اهو لکيو ته صورتخطيءَ جي بحث ۾ پوڻ جو ڪو فائدو نه ٿيندو ڇو ته نڪو مسلمان نڪو هندو پنھنجي ڳالهه تان لھندا. هن سڌو سنئون اها راءِ ڏني ته هندن لاءِ خداوادي خط، جيئن ڪپتان اسٽئڪ جو چوڻ آهي، اختيار ڪيو ويندو. پئرا 43 ۾ چيائين ته هندو وڏي مؤثر قوت آهن، انڪري سندن لپيءَ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، مطلب ته جھڙيءَ طرح هندستان جي اُتر پرديش ۾ مسلمانن ۽ هندن لاءِ الڳ الڳ رسم الخط آهن، هتي به ائين ڪيو ويندو. ايلس پنھنجي ان راءِ مطابق 1856 ۾ خداوادي خط کي ڪجهه سڌارن بعد نافذ ڪيو ۽ اهڙو اطلاع ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي ڌيان تي پڻ آندو.

ايلس جي اها رپورٽ جڏهن سندس ڪمشنر بارٽل فريئر جي سامهون آئي ته هن ايلس جي رپورٽ ۽ راين بابت لکيو ته آئون پوريءَ طرح هن جي خيالن سان متفق آهيان. هن، ايلس جي سنڌيءَ ۾ مهارت بابت راءِ ڏيندي لکيو ته هو جيڪڏهن برٽن ۽ اسٽئڪ جي برابر ماهر نه آهي ته هنن کان ڪنھن به صورت ۾ گهٽ به ناهي. عربي- سنڌي صورتخطي اختيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسان ٻنهي وٽ ساڳيا دليل آهن ۽ انهن جو تفصيل ايلس پيش ڪري چڪو آهي. فريئر پنھنجي مُھڙ واري (Forwarding) خط ۾ هن طرح لکيو:

With great pains Mr. Ellis selected the best of the various letters so offered to his choice, adding a few which were necessary to express some uncommon sounds, and to make the alphabet theoretically complete; and by lithographing copies, and insisting upon its being learned by all the inferior government servants, the introduction of the alphabet has been fairly accomplished. A copy of the alphabet is enclosed. (19)

ترجمو: مسٽر ايلس وڏي محنت کان پوءِ سندس آڏو موجود حرفن مان وڌيڪ موزون حرفن جو انتخاب ڪيو ۽ ان ۾ ڪن ٿورڙن جو اضافو ڪيو آهي ته جيئن گهٽ سڃاتل آوازن کي به ظاهر ڪيو وڃي ۽ الف- بي جي صورت کي هر لحاظ کان مڪمل ڪيو وڃي. اهڙيءَ طرح ان جون ليٿو تي ڪاپيون تيار ڪري، هيٺين عملدارن ۾ سنڌي سيکارڻ جي لحاظ کان ورهايون ويون. ان ريت سنڌي الف- بي جي هڪ ڪاپي هن سان گڏ شامل ڪجي ٿي.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ايلس جي جامع رپورٽ ۽ ان جي باري ۾ بارٽل فريئر طرفان بمبئي سرڪار کي موڪليل خط مان اهڙي ڪنھن به ڪاميٽيءَ طرف ڪو اشارو نٿو ملي، جيڪا مارچ 1853 ۽ جولاءِ 1853 جي وچ ۾ ٺاهي وئي هجي. سوال آهي ته جيڪڏهن اهڙي ڪاميٽي قائم ٿي، جنھن پنھنجا فيصلا به ڏنا، ته پوءِ آخر ايلس ان ڪميٽيءَ جو هڪ سال کان پوءِ ڊسمبر 1854 ۾ موڪليل رپورٽ ۾ پنھنجي ڪمشنر کي ان جو احوال ڇو نه ڏنو يا ان جو ذڪر ڪرڻ مناسب ڇو نه سمجهيو؛ وري خاص ڳالهه اها ته جڏهن اها ڪميٽي خود بارٽل فريئر قائم ڪئي هجي. ايلس ايڏي غير ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيئن ٿي ڪري سگهيو جو ڪمشنر طرفان مقرر ڪيل ڪميٽيءَ جي ڪاروائي بابت ڪوبه ذڪر نه ڪري، يا وري خود بارٽل فريئر پنھنجي خط ۾ اهڙي ڪنھن به ڪاميٽيءَ جو ذڪر غائب ڪري ڇڏي......“

هتي اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته جڏهن ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس عربي- سنڌي خط جي حمايت ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ خداوادي يا ديوناگريءَ جو ذڪر ئي نه ڪيو ته پوءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو ڪو مقصد نظر نٿي آيو. ڇو ته اصل جهڳڙو ديوناگري لپي ۽ عربي- سنڌي خط درميان هو. ان لحاظ کان ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جو فيصلو ڪنھن حد تائين جان ڇڏائڻ وارو هو. ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جي مراسلي کي ڏٺو وڃي ته ان ۾ ڪاميٽي قائم ڪرڻ تي زور ڏيڻ بجاءِ اهو چيو ويو ته بھتر ٿيندو ته ان فيصلي تي عملدرآمد کان اڳ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي.

ان صورت ۾ بارٽل فريئر ۽ ايلس جيڪي سنڌ ۾ موجود هئا ۽ کين حالتن جو صحيح ادراڪ هو، هنن عربي- سنڌي خط کي فوري طور نافذ ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هنن اڳتي هلي هندن لاءِ 1856 ۾ خداوادي خط کي عليحده منظور ڪيو، جنھن لاءِ گهربل قدم به کنيا ويا.

ايلس جي تفصيلي رپورٽ ۽ بارٽل فريئر جي مذڪورخط مان هيٺيان لازمي نتيجا نڪرن ٿا. پھريون ته ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جي فيصلي کان پوءِ سنڌي صورتخطيءَ کي آخري صورت ڏيڻ ۽ سنڌ ۾ تعليمي نظام جو ابتدائي نقشو قائم ڪرڻ، هڪ سال جي اندر مقرر ٿيل صورتخطي ۾ درسي ڪتاب لکرائڻ ۽ ڇپرائڻ جو سمورو ڪم ايلس جي نگرانيءَ ۾ ٿيو، جنھن لاءِ کيس فريئر جي پوري حمايت حاصل هئي. فريئر جو ايلس جي سنڌيءَ ۾ مھارت بابت ذڪر ۽ ايلس جو پاڻ ايسپ جي آکاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ اڳتي هلي ٽرمپ کي ايلس جي عالمانه جواب ڏيڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايلس ئي سنڌي صورتخطيءَ جي آخري صورت لاءِ هڪ ماهر طور ذميوار هو ۽ هن ئي اهو قدم کنيو هو. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو بلڪل صحيح لکيو آهي:

Ellis himself had completed the Arabic alphabet for Sindhi which now included 52 letters, and this had been circulated among low grade officials.(20)

ترجمو: ايلس پاڻ ئي عربي- سنڌي صورتخطيءَ کي مڪمل ڪيو هو (آخري صورت ڏني هئي) جنھن ۾ هاڻي 52 اکر شامل هئا. اهائي صورتخطي هئي، جنھن کي هيٺين عملدارن جي ڄاڻ لاءِ پڌرو ڪيو ويو هو.

ايلس جي ان رپورٽ مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس انگريزي، عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم لاءِ اسڪولن ۾ في (Fees) وٺڻ جي هدايت ڪئي ته ايلس هڪ ڏاهي عملدار طور انهن هدايتن سان اختلاف ڪيو ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم کي مفت رکڻ جو زوردار مشورو ڏنو، جنھن کي قبول ڪيو ويو. ايلس اهو به چيو ته جيڪي ڇوڪرا ورنيڪيولر اسڪولن ۾ ضلعي سطح تي سنڌيءَ ۾ وڏي اهليت جو مظاهرو ڪن ته انهن کي اسڪالرشپ ڏئي انگريزي اسڪولن ۾ پاڙهيو وڃي.(21)

سنڌي ٻوليءَ بابت ايلس جي انهن غير معمولي خدمتن جو قدر ڪندي، سندس نالي ۾ ايلس انعام (Prize) مقرر ڪيو ويو، جيڪو سنڌيءَ ۾ خاص صلاحيت جو مظاهرو ڪرڻ تي ڏنو ويندو هو. تازو جڏهن اسان ٽنڊي ٺوڙهي ۾، ميرزا قليچ بيگ جي خانداني لئبرري ڏٺي ته ان ۾ هڪ اهڙو ڪتاب نظر آيو، جيڪو ايلس پرائز طور کيس 1872 ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ خصوصي اهليت سببان مليو هو. (ضميمو- الف)

ايلس ٻولين جي هڪ ماهر ۽ ڄاڻوءَ جي حيثيت ۾ شروع کان ئي عربي- سنڌي صورتخطيءَ جو قائل هو. ان جو هڪڙو وڏو ثبوت اهو به آهي ته جڏهن 1853 ۾ ڪپتان اسٽئڪ بيمار رهڻ کان پوءِ انتقال ڪري ويو ته سندس ديوناگري خط ۾ لکيل سنڌي- انگريزي لغت جي ڇپائڻ جو ذمو به ايلس جي سِر تي آيو. انهيءَ لغت جي مقدمي ۾ 21 ڊسمبر 1854 تي جتي هو اسٽئڪ جي ساراهه ڪري ٿو اتي اهو چوڻ لازمي سمجهي ٿو ته جيڪڏهن هو پاڻ اها لغت لکي ها ته ديوناگريءَ جي بجاءِ عربي- سنڌي خط ۾ مرتب ڪري ها(22).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org