سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو

باب:

صفحو:6 

سنڌيءَ ۾ صوتيات جي لحاظ کان ڊاڪٽر غلام علي الانا چئن وسرڳ آوازن جي سڃاڻپ پھريون دفعو پنھنجي ڪتاب ’سنڌي صورتخطيءَ‘ ۾ ڪرائي ۽ اهي هن طرح ڄاڻايائين:

مهه، نهه، ڙهه ۽ لهه (72)

جيڪي سندس خيال موجب ايلس جي صورتخطيءَ ۾ نظرانداز ٿيل هئا. هاڻي هتي هرڪوئي ڏسي سگهي ٿو ته انهن چئن مان ٽن وسرڳ آوازن جو ذڪر ٿلها آواز چئي خليفي گل 1858 ۾ ڪيو هو ۽ انگريز سرڪار طرفان مقرر ڪيل صورتخطيءَ تي سندس اهائي ته تنقيد هئي، بلڪه انهن ٽن مان ٻن ڙهه ۽ لهه جي قافين تي ٽي ٽي غزل ٺاهي شامل به ڪيائين. البت نهه جي لاءِ اهو سبب ڏنائين ته ان آواز تي ختم ٿيندڙ سنڌي لفظ نظر ڪونه ٿو اچي.

ان ساڳي ڳالهه کي جيئن اسان اڳ ۾ به ذڪر ڪري چڪاسون، بمبئيءَ مان غير سرڪاري طور ڇپجندڙ ڪتابن جي شروع ۾ اهڙي پٽي ڏني ٿي وئي جنھن ۾ جهه ۽ گهه سان گڏ ڙهه، لهه ۽ نهه کي الڳ خاني جي اندر ڏيکاريو ويو آهي. ۽ اهڙيءَ طرح گويا سنڌي آوازن ۽ حرفن جو تعداد هنن جي نظر ۾ 59 هيو.

هاڻي سوال آهي ته ڇا سنڌيءَ ۾ ڪُل اهي وسرڳ آواز ۽ حرف آهن يا اڃا وڌيڪ به آهن، سنڌي ٻاراڻي ڪتاب (پھرئين ڪلاس لاءِ) ۾ 52 اکرن واري مروج صورتخطيءَ کان سواءِ هيٺيان وسرڳ آواز ۽ حرف ٻڌايل آهن.

لهه، ڙهه، نهه، مهه، ڻهه(73)

هوڏانھن ’اردو قاعده‘ پھلي جماعت کـﻶ ليـﻶ ۾ حروف تھجيءَ يا مرڪب (هه سان مليل) 16 آواز ۽ حرف ڄاڻايل آهن جيڪي هن ريت آهن:

بھ،     پھ،     تھ   ،      ٹھ،    جھ،      چھ،      دھ،     ڈھ،     رھ،     ڑھ،      کھ،     گھ،     لھ،     مھ،     نھ،      وھ (74)

ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي پھرين ڪتاب سنڌي صورتخطيءَ کان پوءِ ’سنڌي صوتيات‘ واري ڪتاب ۾ ڻهه جو اضافو ڪري ڪل 15 وسرڳ ٻڌايا آهن، جيڪي هن ريت آهن:

ڦ،  ڀ،  مهه،  ٿ،  ڌ،  ٺ،  ڍ،  ڻهه،  نهه،  ڇ،  جهه،  ڙهه،  ک،  گهه  ۽  لهه(75)

الانا صاحب وسرڳائي محسوس ڪرڻ جو آسان طريقو ٻڌائيندي چوي ٿو ته وسرڳ آوازن جي اُچارڻ مھل هٿ جي پُٺ، چپن جي ويجهو جهلجي. ان صورت ۾ آوازن جي اُچارڻ وقت، هوا جي ڦوڪ يعني وسرڳائي، هٿ جي پٺ تي محسوس ڪبي آهي.

اسان ان فني بحث کي ڇڏيندي سنڌي ۾ موجود ’رهه‘ ۽ ’وهه‘ جي آوازن جي نشاندهي ڪريون ٿا، جيڪي سنڌي لکت موجب ۽ اردوءَ واري درجه بنديءَ کي ڏسجي ته اهي به وسرڳ بنجن ٿا، ان جو مثال هن ريت آهي:

يارهون، ٻارهون، تيرهون، پندرهون، سورهون، سترهون، هتي ظاهر آهي ته ’رهه‘ جو گڏيل آواز آهي جيڪو لفظ ’رهڻ‘ ۾ ’رهه‘ جي اُچار يا آواز کان الڳ آهي، سوال آهي ته آخر ان کي وسرڳ ڇو نه تسليم ڪجي.

اهڙيءَ طرح ’وهه‘ جو گڏيل آواز جيڪو ’اوهان‘ توهان وغيره ۾ اچي ٿو، جيڪو ظاهر آهي ته ’وهڻ‘ پاڻي وهڻ واري آواز کان جدا آهي، اهو به هه سان مليل آواز يعني وسرڳ هجڻ کپي.

ان لحاظ سان سنڌيءَ ۾ وسرڳ آوازن جو ڪل تعداد 17 بيھي ٿو.

بهرحال صوتيات جي ماهرن ۽ عالمن کي هن طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضروررت آهي، هونئن سنڌي صرف و نحو جي عالمن ان مسئلي کي ’هه‘ جا ٽي قسم پھريون، هائي ملفوظ يعني چٽي هه جئن آهي، يا غير ملفوظ جنھن جو آواز ظاهر نه ڪجي جيئن: بيگانه، پرده وغيره ۾ آخري گول ه ۽ هاي مخلوط يعني وسرڳ جيئن اوهان، سنهو ۽ ڳنهه وغيره ۾ آهي ان تعريف ذريعي حل ڪيو آهي.(76)

 

l  آخوند گل جي زندگيءَ جو احوال

 

آخوند گل محمد جي زندگيءَ جو سربستو احوال ڪونه ٿو ملي، البت سڀني سوانح نگارن اهو تسليم ڪيو آهي ته هن جو تعلق هالا پراڻا جي مشھور علمي خاندان سانوڻي آخوندن سان هو، جيئن آخوند جي لقب مان معلوم ٿئي ٿو ته هن جو خانداني پيشو پڙهڻ پڙهائڻ سان هو. آخوندن جي هن خاندان لاءِ چيو وڃي ٿو ته سندن وڏا اصل ۾ عربستان مان آيل هئا، جيڪي پوءِ اچي هالا پراڻا ۾ آباد ٿيا. هڪ روايت موجب ته هالن وارا آخوند سانوڻي سڏجڻ ۾ ڇو آيا، ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته هالا جيئن ته علم ۽ فضل جو قديم مرڪز هو اتي هڪ اهڙو بزرگ تشريف فرما ٿيو جنھن کان هن خاندان گهڻو علم پرايو ۽ آخر ۾ هن بزرگ کين دعا ڪئي ته اوهان وٽ علم جي پالوٽ سانوڻ جي مينهن وانگر ٿيندي.

آخوند گل محمد جي والد جو نالو حافظ ولي محمد هو، آخوند گل جو جنم خاندان کان ٻڌل روايت موجب سن 1214/1796 ۾ ٿيو(77). جيڪو زياده صحيح آهي. هونئن عام طور سڀني تذڪرن ۾ سندس جنم جو سال 1226/1808 لکيو ويو آهي، جيڪو محمد صديق ميمڻ توڙي عبدالغفور هالائي ڄاڻايو آهي(78). هن سموري تعليم پنھنجي والد وٽ ورتي ۽ عربي فارسي ۾ جلدي وڏي مهارت حاصل ڪري ورتائين. عام طور مشھور روايت موجب هو پير پاڳاري پير علي گوهر شاهه (متوفي 1263هه) جو مريد ٿيو هو، جيڪو سلسلو کانئس پوءِ سندس خاندان ۾ جاري رهيو. چون ٿا ته پير صاحب کيس وڏي عزت ۽ مان ڏيندو هو ۽ هو به پير جو سچو عقيدتمند هو، ان ڪري هو خليفي طور گهڻو مشھور ٿيو. پير صاحب سان سندس عقيدت جو اهو عالم هو جو هڪ دفعي پنھنجي ڳوٺان پيرين پيادين بلڪ پيرين اگهاڙو مرشد جي زيارت لاءِ روانو ٿيو، جڏهن مرشد کيس ان حالت ۾ ڏٺو ته پنھنجي پيرن مان جُتي لاهي کيس پائڻ لاءِ ڏنائين. پر آخوند گل اها ڪڏهن به استعمال نه ڪئي ۽ تبرڪ سمجهي گهر ۾ رکي ڇڏيائين.

خليفي گل جي پيران پاڳاره سان وابستگي پير علي گوهر شاهه کان به اول سندس والد پير صبغت الله سان پوري ريت معلوم ٿئي ٿي جنھن جو ثبوت اهي اشعار آهن جيڪي هن پير صبغت الله جي 1246هه ۾ رحلت تي چيا آهن، هن جي عقيدت جو اهو عالم آهي جو ڪل تيرهن تاريخون چيائين بلڪ هر شعر جي هر مصرع مان تاريخ ڪڍيائين. اسان هتي سندس ڪجهه مثال خاطر ڏيون ٿا(79):

غوث عالم مرشد فياض ما کان کرم

کامل و اکمل مربي و مهدي و اعليٰ همم

صبغت الله پير ما آن محي دين احمدي

محي دلها ماصي عصيان و آثام امم

چون به امر ارجعي نقل مکان زين دار کرد

وائ واويلا زعالم خواست تا لوح و قلم

دربيان سال وصال از اسم پاک آن شفيع

صبغت اللّٰه زيب دلها گفته ام بيش و کم

هڪ آخري شعر ۽ بند هن ريت آهن:

گفتم از اسم در مثل چون شد

1264

گفت باللّٰه ذات بيچون شد

1246

چون گذشت از فهوم عام کلام

ختم شد والسلام والاکرام

هن شعرن مان خليفي گل جي قطع تاريخ لکڻ ۽ فارسيءَ تي ڪامل دسترس جو ثبوت ملي ٿو. قلمي نثر ۾ سندس ڪارنامو ’ڪنوز المعارف‘ آهي، جنھن جو ذڪر اڳتي ايندو.

خليفي گل جي لکيل ملفوظات مان پتو پوي ٿو ته پير محمد اشرف قريشي ڪاماري وارو، خليفي محمود ڪڙيي واري وٽ ايندو هو، جتي خليفي گل جي ساڻس ملاقات ٿيندي هئي، جو ان جي والد جي وفات تي هيٺين تاريخ لکي هئائين(80).

سن وصلش سروش غيب

حقم

چه نکو گفت: قطب اعظم حق

                                                           1230هه

اهڙيءَ طرح وري جڏهن پير محمد اشرف جي نوجوان پٽ کي ناحق ماري وڌائون ۽ پير محمد اشرف قاتلن کي معاف ڪري ڇڏيو، ان باري ۾ خليفي گل فارسيءَ ۾ يارهن شعرن جو نظم لکيو، جنھن جي تاريخ وري هن ريت چيائين(81):

جستم از دل ماهيت سال شھادت وي که چونست؟

گُفت هاتف: کار شھيد کربلا مقتول دان

مٿين تاريخي قطعات مان خاص طور پير محمد اشرف ڪاماري جي والد جي وفات بابت تاريخ، جنھن مان 1230هه سال نڪري ٿو ۽ جيڪا غالباً سندس وفات کان گهڻو پوءِ چيل ناهي ته ان مان ان گمان جي وڌيڪ تصديق ٿئي ٿي ته خليفي گل جي جنم جو سال 1214هه کان به اڳ ٿيڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح پير صبغت الله شاهه راشديءَ جي رحلت جي سال 1246هه بابت سندس تفصيلي نظم مان اهو چڱيءَ ريت ثابت ٿئي ٿو ته خليفو گل کانئس دست بيعت هو. البت ان کان پوءِ هو پير صبغت الله جي نوجوان فرزند پير علي گوهر، جيڪو پندرهن سالن جي عمر ۾ گادي نشين ٿيو، گهڻو وقت ان جي حاضريءَ ۾ رهڻ لڳو، بلڪ سندس حيثيت خاص مصاحب واري هئي جو گهڻو وقت پير ڳوٺ ۾ درگاهه تي گذارڻ لڳو. پير اصغر سائين ان زماني ۾ سنڌي ڪافيون چوڻ شروع ڪيون ۽ ان لحاظ کان خليفو گل گويا سندس همراز ۽ همدم هو. غالباً انهيءَ زماني ۾ خليفي گل به سنڌي ڪافيون چيون، جن مان ڪجهه دستياب ٿيون آهن. انهيءَ عرصي دوران پير اصغر پنھنجي والد پير صبغت الله جا خط ’خزانة الاسرار‘ ۽ ملفوظات ’خزانة المعرفت‘ سن 1255هه ۾ مڪمل ڪيا ته خليفي گل وڌيڪ تاريخون چيون، جيڪي پير صبغت الله جي رحلت بابت فني ۽ علمي لحاظ کان اعليٰ پايي جون آهن.

ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ موجب پير ڳوٺ ۾ رهائش دوران خليفي گل هڪ ٻئي رسالي ’اسرار العارفين و سير الطالبين‘ جي ڪتابت 24 رجب 1255 تي پوري ڪئي ۽ ان جي خاتمي تي پنھنجو نالو لکڻ ضروري سمجهيائين. خليفي گل کي پير علي گوهر شاهه سان جيڪا عقيدت هئي ان جو اظھار هڪ الڳ نظم ۾ ڪيو اٿس، جنھن جا ڪجهه بند هتي پيش ڪجن ٿا(82):

اسم شريفش که علي گوهر ست

جمله جهان چون عرض او جوهر ست

عينيش بر علم عَلمَ برفراشت

علم که آن فوق همه علمها ست

انهيءَ نظم جي هڪ شعر ۾ مثنوي روميءَ جو حوالو ڏيندي چوي ٿو:

هين مپر الا که بي پرهاي پير

اين سخن از مولوي روم گير

يعني مرشد جي پرن کانسواءِ پاڻ اڏامڻ جي ڪوشش نه ڪر، مولانا روميءَ جي اها نصيحت ياد ڪر.

آخري شعر هن ريت آهن:

در دل مشتاق جز از شوق نيست

هيچ ازين مرتبهء فوق نيست

زندگيم غير حضورش مباد

دردل من غير روش مباد

تم 22 شهر رجب المرجب 1255(83)

ترجمو: منهنجي هن مشتاق دل ۾ تنھنجي عشق کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه ناهي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ڪو مرتبو ناهي، شال منهنجي حياتي هن کان پري نه گذري ۽ منهنجي دل کي هن کان سواءِ ڪا خوشي نه پھچي!

اسان جي اندازي موجب 1255 کان پوءِ خليفو گل پنھنجي مرشد جي اجازت سان خليفي محمود ڪڙيي واري جي صحبت اختيار ڪئي ۽ هن جي ملفوظات ’کنوز المعارف‘ فارسيءَ ۾ لکڻ شروع ڪئي، جنھن جي شروع ۾ سال 1257 جو ذڪر ملي ٿو(84). انهيءَ ملفوظات ۾ سندس ملفوظات کانسواءِ ڪيترا ملفوظ خليفي محمود پنھنجي مرشد پير روضي ڌڻيءَ جا بيان ڪيا آهن ۽ انهن ٻنهي کي خليفي گل وڏي دانائي ۽ پنھنجي فھم موجب سنواري سينگاري مرتب ڪيو آهي، جنھن ۾ تصوف جا نھايت باريڪ نڪتا بيان ٿيل آهن. ’ڪنوز المعارف‘ نالي ۾ ڪنوز جمع آهي ڪنز جو، معنيٰ خزانو ۽ معارف جمع آهي معرفت جو، يعني معرفتن جا خزانا اسان جي خيال ۾ اهو نالو به پير علي گوهر شاهه جي لکيل ملفوظات ’خزانة المعرفت‘ جي مناسبت سان رکيو هوندائين، جو ان ۾ وڏي پير محمد راشد ۽ ان جي وڏي خليفي محمود ڪڙيي واري جي حوالي سان معرفت جا خزانا بيان ڪيا اٿس. هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته خليفي محمود پير علي گوهر شاهه جي چوڻ تي اڳيئي ’اوراد المحموديه‘ مرتب ڪيو هو ۽ ان کان اڳ پير محمد راشد جي ملفوظات ۽ مڪتوبات جمع ڪري چڪو هو. خليفي محمود 1267هه ۾ وفات ڪئي جنھن جي تاريخ خليفي گل چئي آهي:(85)

اسم شان بود حامد و محمود

رونق افزا مقام محمودا

سال تاريخ آن ’يگانه‘ رشد

محو بالذات حق خود گفتا

1267

’ڪنوزالمعارف‘ مان معلوم ٿئي ٿو ته گل، خليفي محمود (1189-1267هه) کان پڻ گهڻو روحاني فيض حاصل ڪيائين، جنھن جو ذڪر خاص طور ان ڪتاب جي آخر ۾ پنھنجا ٽي عرض مشاهدي جي صورت ۾ بيان ڪري انهن جي سمجهاڻي طلب ڪري ٿو(86).

هڪ عرض يا گذارش جا ڪجهه الفاظ هن ريت آهن:

”طرفان خاڪسار گهٽ سڀني مريدن کان، ٻانهي گل محمد جي هي عرض آهي ته حضرتا هن ضعيف ري مقدار کي، سببان توجهن اوهان مرشدن مڪملن ۽ شفقتن اوهان ڪريمن جي غيبي عنايتون ۽ انعام بي شبها سڀ ڪنھن ساعت ۾ حاصل آهن، تن جي بيان ڪرڻ کان زبان ڪوتاهه آهي، ان جا شڪرانا ادا ڪرڻ کان زبان گونگي آهي ۽ قلم ڀڳل آهي. (87)

اگر هرسر موئي گردد زباني

ز شکرت ادا کردن نتواند

ترجمو: جيڪڏهن هر وار جو منهن زبان بنجي پوي تڏهن به تنھنجو شڪرانو ادا نٿو ٿي سگهي.

اسان جو اندازو آهي ته خليفو گل محمد، خليفي محمود جي وفات 1267 تائين ساڻس گڏ رهيو ۽ ان کان پوءِ مستقل طور اچي هالا ۾ مقيم ٿيو، انهيءَ وقت هو پنجونجاهه سالن جي پختي عمر جو هو ۽ تصوف جي رنگ ۾ پوري ريت رڱجي چڪو هو، غالباً انهيءَ عرصي ۾ هن سنڌيءَ ۾ پنھنجي ديوان لکڻ جي شروعات ڪئي، جيڪو 1270هه ۾ لکي پورو ڪيائين. (ضميمو- ط) جيئن ديوان جي آخر ۾ لکيل پنجن قسمن جي تاريخن مان واضح ٿئي ٿو، عمر جي انهيءَ حصي ۾ کيس حرمين جي عشق جو غلبو ٿيو جو اهو ديوان کڻي بمبئي جو سفر اختيار ڪيائين ۽ اتي رهڻ دوران پنھنجي نگرانيءَ ۾ اهو ديوان ليٿو پريس تي 1275هه تاريخ 7 جمادي الثاني ڇپجي پڌرو ٿيو. ان جي ڪتابت فقير حافظ عثمان ڪئي، خليفي گل جون فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪجهه چيل تاريخون هيٺ ڏجن ٿيون، پھريائين هڪ پورو غزل چيو اٿس:

ٿئو جڏهن پورو ڪُلي ديوان گل

طبع جي مکڙيءَ منجهان هي ٽڙيو گل

گل محمد سانوڻي هالن اندر

خوش بنايو باغ جهجو ناه تُل

ڏينهن ڪي رمضان جا ڪي شوال ها

منجهه مهيني ڏيڍ ٿئڙو راس ڪُل

پٽ اکيون طالب ڏسي گل واس ڳُنڌِ

ڌيان دل جي سان مَ ڪر هاءِ هُل

ورهه پورت جي ۾ چيٺي فڪر سان

گُل چئي تاريخ چَؤ تاريخ گُل

هڪ خاص قطعه معما ۾ وري هيئن چوي ٿو:

نظم سنڌيءَ ۾ جڏهن ديوان گل، گُل ڪئو تمام

ڪيئين لکي ان ۾ بيان ڪو ذڪر پنھنجي حال جو

منجهه ورهه ۽ ماهه پڻ تاريخ گل ڏس خوب چئي

سو ٻارهن سٺ ساڍي آهي پويون ڏهو سال جو

       اردوءَ يعني هنديءَ ۾ به ڪيتريون تاريخون لکيائين جن مان ڪجهه هتي ڏجن ٿيون:

جب کی دیوان گل بنا گل خوب

سندھی بولی میں وہ اچھا گل خوب

ان کی تاریخ میں کہا گل نے

گلشن علم کا کھلا گل خوب

هڪ ٻئي اردو قطعه ۾ وري هيئن چوي ٿو:

بنا جب نظم میں دیوان گل گل

ہر ایک دیکھے کہا وہ واہ وہ واہ

ایوں تاریخ میں گل خوب بولا

گل باغ صفا وہ واہ وہ واہ

فارسيءَ ۾ يارهن تاريخون لکيائين، انهن مان صرف ٻه هيٺ پيش ڪجن ٿيون، باقي سڀ 1858 واري ڇاپي جي عڪس ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

شد اين نظم در ذکر آيات حق

به سندي زبان در کرامات حق

بگلزار عالم چو اين کامل شگفت

چه خوش گفت دل و کل ذات حق

ٻيو قطعو هن ريت آهي:

منظوم شد چو چند غزل در زبان سندي

برجمله حرف گشته ديوان کل تمام

بشگفته کل ز نظمش تاريخ گل بگفت

ديوان گل بر آمد ز گلشن نظام

مٿي ڄاڻايل رباعين يا قطعات جي سامهون سال 1272 بار بار لکيل آهي، جيڪو ديوان جي تڪميل جو سال معلوم ٿئي ٿو. (ضميمو-ي)

هنن تاريخن جي جڏهن اسان پڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو سال 1272 برآمد نه ٿيو، جنھنڪري هن فن جي ماهر ڊاڪٽر محمد ادريس ڏانھن رجوع ڪيو ويو، جنھن تصديق ڪئي ته سڀني تاريخي قطعات مان سال 1270 نڪري ٿو جنھنڪري اهوئي صحيح سال سمجهڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org