l
سنڌي صورتخطيءَ بابت ايلس ٽرمپ- تنازعو
جيئن ذڪر ٿي آيو ته جولاءِ 1853 ۾ سنڌي الف- بي جي
پٽيءَ کي ايلس آخري صورت ڏئي، بارٽل فريئر جي
حمايت سان ان جي سنڌ ۾ شروعات ڪئي ۽ هڪ سال جي
مختصر عرصي اندر ان مقرر ڪيل صورتخطيءَ ۾ ڏهاڪو کن
ڪتاب لکرائي تيار به ڪري ورتا، جن مان ڪجهه ڇپجي
به ويا خاص طور ’باب نامو‘ ننديرام جو، جيڪو سنڌي
پھريون ڪتاب طور 1853 ۾ منظر عام تي آيو(23).
سال 1854 ۾ 12 سيپٽمبر تي ڪرسچن مشن ٽرسٽ وارن جي
دعوت تي جرمن مشنري ارنيسٽ ٽرمپ ڪراچيءَ پھتو. هو
پڻ مشرقي ٻولين جو ماهر هو ۽ هن کي سنڌ ۾ موڪلڻ جو
مقصد هو ته مشنري يعني عيسائي تبليغي مواد کي
سنڌيءَ ۾ لکڻ ۽ ڦھلائڻ جو ڪم ڪري. ٽرمپ هڪ ماهر
لسانيات طور ايلس جي مقرر ڪيل صورتخطيءَ کي سخت
تنقيد جو نشانو بنايو، ڇو ته هو سنڌي ٻوليءَ کي
هندستان جي ٻين ٻولين، خاص طور هندستاني يعني
اردوءَ وانگر ڏسي رهيو هو، انڪري هن سنڌيءَ لاءِ
به اردوءَ جي رسم الخط واري صورتخطي تيار ڪري
ورتي. هن نومبر 1854 يعني ٻن مهينن جي مختصر عرصي
اندر هڪ تفصيلي رپورٽ پنھنجي هيڊ آفيس لنڊن ڏياري
موڪلي ۽ ان جو نالو رکيائين: ’سنڌي الف- بي بابت
جامع اسڪيم‘. هن اها رپورٽ فريئر سان ملاقات ڪري
کيس به ڏني ۽ اهڙي رپورٽ بمبئي سرڪار کي به موڪلي
ڏنائين. ان رپورٽ ۾ اهو به ظاهر ڪيائين ته هو
’سنڌي ريڊنگ بُڪ‘ ۽ ’سنڌي گرامر‘ به تيار ڪري رهيو
آهي.
ٽرمپ جي اها تنقيد ڪا ايڏي عالمانه ڪانه هئي،
سواءِ ان جي ته پوري هندستان ۾ اردوءَ جھڙي رسم
الخط اختيار ڪرڻ سبب شايد سنڌيءَ جو دائرو زياده
وسيع ٿئي ها. بهرحال هن پنھنجي طرفان جيڪا صورتخطي
ٺاهي ۽ ايلس جي مقرر ڪيل صورتخطيءَ ۾ خاص طور حرفن
تي ڏنل ٽٻڪن بابت جيڪي اعتراض ڪيا، انهن جو ايلس
کيس مدلل ۽ علمي جواب ڏنو. ايلس ۽ ٽرمپ تنازعي جي
اها سموري ڪاروائي ڊاڪٽر الهرکيي ٻُٽ جي تحقيقات
جي نتيجي ۾ ٽماهي مھراڻ 4/2001 جي بهار واري
پهرئين پرچي ۾ شايع ٿيل آهي(24).
ٽرمپ جو چوڻ هو ته سنڌيءَ جا وسرڳ آواز مثلاً ڦ ۽
’ڇ‘ اردوءَ وانگر ’پهه‘ ۽ ’چهه‘ طور لکيا وڃن، ڇو
ته لسانيات جي لحاظ کان ائين زياده صحيح آهي. ان
جي جواب ۾ ايلس تاريخي دليل ڏيندي چيو ته سنڌيءَ ۾
اهي حرف صدين کان ’ڦ‘ ۽ ’ڇ‘ جي صورت ۾ لکيا ويا
آهن، بلڪ دليل ڏيندي چيائين ته ’ڇ‘ هڪ حرف طور لکڻ
وڌيڪ سولو آهي، بنسبت ’چهه‘ جنھن ۾ ٻن حرفن کي
ملائڻو پوي ٿو. اهڙيءَ طرح ايلس ٽرمپ جي سڀني
اعتراضن کي گهڻي ڀاڱي تاريخي استعمال جي دليل سان
رد ڪيو. ايلس هر دفعي اها ڳالهه ورجائي ته اسان
نين ڳالهين ڪرڻ کان هر ممڪن حد تائين پاسو ڪيو
آهي، سندس خط جو آخري جملو تاريخي آهي:
I confess I can not see grounds for the
abolition of the old Sindee characters
universally recognized or for displacing these
letters which have now for some time past been
in use in the publication of these books and in
other ways”. (25)
ترجمو: مون کي ان ڳالهه مڃڻ لاءِ ڪوبه سبب
نظر نٿو اچي ته سنڌي ٻوليءَ جي قديم الاصل حرفن کي
جيڪي عوام ۽ خاص کان مڃتا ماڻي چڪا آهن، تن کي
يڪسر ختم ڪيو وڃي يا انهن حرفن جون جيڪي صورتون
اسان ويجهڙائيءَ ۾ اختيار ڪري چڪا آهيون، تن ۾
ترميم ڪئي وڃي، جن ۾ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ۽
استعمال ٿي رهيا آهن.
ٽرمپ، ايلس جي صورتخطيءَ تي ٻيا به ڪيترائي اعتراض
ڪيا ۽ ايلس انهن جا نھايت مدلل علمي جواب ڏنا، هتي
ان ڳالهه جي گنجائش ناهي ته اهي سڀئي دهرايا وڃن.
ٽرمپ، ايلس جي طرفان ان قسم جي توڻي تاريخي دليلن
کي سمجهڻ کان قاصر رهيو ۽ آخر پنھنجي طرفان سنڌي
صورتخطي ٺاهي پڌري ڪيائين، جنھن ۾ هڪ طرف اردوءَ
جي طرز تي وسرڳ آوازن جي صورت ’چهه‘ ۽ ’تهه‘
وغيره مقرر ڪيائين ته ساڳئي وقت ٽٻڪن جو به
استعمال ڪيائين، اهڙيءَ طرح سندس ٺاهيل صورتخطي هڪ
معجون مرڪب بنجي پئي، جنھن جو ڪو تاريخي پس منظر
ڪونه هو. ان صورتخطيءَ ۾ هن سال 1866 ۾ شاهه جو
رسالو (ديوان) لپزگ جرمنيءَ مان ٽائپ تي ڇپرايو
جنھن لاءِ سر بارٽل فريئر کيس سرڪاري طور مالي مدد
ڪئي پر جڏهن اها ناڪافي ثابت ٿي ته نامڪمل رسالو
شايع ڪرايائين.
رسالي جي مھاڳ ۾ هندستاني ۽ اردو الف- بي جي طرز
تي سنڌي الف- بي جي حمايت ۾ دليل ڏيندي لکيائين:
It remains now to advert with a few words to the
alphabet, which has been employed in this
edition. As the question about the alphabet best
suited to the genius of the Sindhi language may
still be considered an open one. I have chosen,
after mature deliberation and research, the
Naskhy character, with the additional signs and
marks, which have come into common use in
Hindustani; and as the Hindustani is more and
more becoming a general language in India, and
io nowadays read and taught nearly in every
Government or Missionary school, I considered it
quite gratuitous to invent a new alphabet over
and above the infinite number of intricate
alphabets, which hamper the spread of education
in India.(26)
ترجمو: البت هن ايڊيشن (شاه جو رسالو) ۾ ڪهڙي
صورتخطي استعمال ڪئي وئي آهي، ان لاءِ مون کي
مختصر طور ڪجهه چوڻو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي اصليت جي
لحاظ کان ان لاءِ ڪهڙي رسم الخط وڌيڪ موزون آهي،
اهو سوال اڃا حل طلب آهي، مون گهڻي غور ويچار ۽
تحقيق کان پوءِ نسخ (عربي شڪل واري صورتخطي) جنھن
۾ وڌيڪ نقطن ۽ نشانين جو اضافو ڪيو ويو آهي، ان جو
انتخاب ڪيو آهي، اهوئي خط عام طور هندستاني (اردو)
لاءِ ڪم اچي رهيو آهي، ۽ اهائي زبان اڄڪلهه
هندستان جي مروج زبان آهي، اهائي ٻولي سرڪاري
اسڪولن توڻي مشنري اسڪولن ۾ پاڙهي وڃي ٿي، ان لحاظ
کان مون ڪنهن ٻي صورتخطي بابت سوچ ويچار کي فضول
سمجهي ڇڏي ڏنو آهي، ڇو ته اڳيئي ڪيترا خط استعمال
هيٺ آهن جن سان تعليم جي ڦهلاءَ ۾ اٽلو رڪاوٽون
وڌي رهيون آهن.
ٽرمپ شاهه جي رسالي کان پوءِ 1872 ۾ سنڌي ٻوليءَ
جو گرامر سنسڪرت جي انداز ۾ لکيو، جنھن جي آخر ۾
پنھنجي طرفان ٺاهيل سنڌي صورتخطيءَ جي اوائلي
سنڌيءَ صورتخطيءَ ۽ ايلس جي مقرر ڪيل صورتخطيءَ
سان ڀيٽ ڪندي هڪ چارٽ يا جدول تيار ڪيائين، جيڪا
هتي پيش ڪجي ٿي(27):
هن چارٽ موجب سنڌيءَ ۾ ڪل 51 حرف ڄاڻايل آهن، ڇو
ته ان ۾ ’ء‘ ڪونه آهي، جيڪو غالباً پوءِ شامل ڪيو
ويو هوندو. پھريائين سنڌي عالمن واري مروج
صورتخطيءَ ۽ ايلس جي مقرر ڪيل صورتخطيءَ تي غور
ڪريو. واضح ٿيندو ته ڪُل 11 اکرن جي صورت ۾ معمولي
تبديلي ٿيل آهي. ٺ ۽ ٽ جي ٽٻڪن کي مقرر ڪيو ويو
آهي،
کي
ڦ ڪيو ويو آهي، ڃ کي ڄ، ڄ کي جهه، نج کي ڃ،
کي
ڏ، رکي ڙ، ک کي گ، ک کي ڳ، ک کي گهه ۽ نگ کي ڱ ۽ ن
کي ڻ مڃيو ويو آهي، هتي اِهو به واضح ڪجي ته ٽرمپ
هتي سنڌي حرفن جون جيڪي شڪليون ڏنيون آهن، اهي سڀ
جو سڀ صحيح ناهن، مثلاً سنڌي قلمي ڪتابن ۾ ڪٿي به
ڦ ڪونه ٿي ملي، اها
جي
صورت ۾ ملي ٿي، اهڙيءَ طرح اڳيان عالم ڃ کي ٻنهي ڃ
توڙي ڄ لاءِ استعمال ڪندا هئا. جيئن مقدمة الصلواة
هيٺ اسان وڌيڪ تفصيل سان واضح ڪيو آهي. جهه پنھنجي
ابتدائي صورت ۾ جه هئي ۽ گهه به گه هئي، پر اڪثر ک
کي گهه جي جڳهه تي به استعمال ڪندا هئا. هنن
ڳالهين جو رد ايلس طرفان ٽرمپ کي ڏنل جواب ۾ موجود
آهي.
هن کان پوءِ ڏسون ٿا ته ٽرمپ ڪهڙو ڪارنامو ڪيو. هن
ايلس سان 16 حرفن ۾ اختلاف ڪيو، هن ڀ کي بهه، ٿ=
تهه، ٽ=
ٿ، ٺ
=ٿهه،
ڦ
=
پهه، ڃ
=
نڄ، ڇ=
چهه، ڌ=
دهه، ڏ
=،
ڊ=
،
ڍ=
هه،
ڪ=
ک، ک=
کهه، ڳ=
oگ،
ڱ=
نگ، ڻ=
لکيائين.
هڪ لحاظ سان معلوم ٿيندو ته ٽرمپ صورتخطيءَ کي
وڌيڪ ڏکيو ۽ وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ وارو بڻائي ڇڏيو.
ان کان پوءِ اهڙيون صورتون اختيار ڪيائين، جيڪي
سنڌيءَ ۾ ڪڏهن به رائج نه هيون. حد ته اها آهي جو
انهيءَ شوق ۾ هو هندستاني يا اردو، جنھن سان هن
سنڌيءَ کي ملائڻ چاهيو ٿي، ان کي به ماري ويو.
ڏسو ته ٺ=
ٿهه، ڍ=
هه
ڪري ڇڏيائين. مطلب ته ٽٻڪن کان سواءِ هه به
ملايائين. اهڙيءَ طرح سندس صورتخطي وڌيڪ مشڪل ۽
قابل عمل ڪونه رهي. حالانڪ اردوءَ واري موجوده
صورت تهه ۽ دهه وڌيڪ سادي ۽ سولي آهي. سندس شاهه
جي رسالي ۾ ڇپايل هڪ بيت ڏسو جيڪو هيئن لکيائين(28).
ان ڪري اها صورتخطي مقبول نه ٿي سگهي.
کوٿهن قريبن
جو عين
تڙن آهه،
هي الٿي
oگالهڙي،
سک وٺندي
ساءِ،
آسرو
م
لاهه،
oکندهن
ان جو.
موجوده صورتخطيءَ ۾ اهو بيت هيئن لکبو:
ڪوٺڻ قريبن جو، عين تڙڻ آهه
هيءَ الٽي ڳالهڙي، سڪ وڻندي ساءِ
آسرو هڏ م لاهه، ڇنڻ ڳنڍڻ ان جو.
مطلب ٺ=
ٿهه، ڻ=
،
ٽ=
ٿ، ڳ=
oگ،
ڏ=
،
چ=
چهه، ڍ=
هه
ڪري لکيائين.
ڏسو ته سنڌي صورتخطيءَ کي ڪيڏو نه ڏکيو ڪري ۽
بگاڙي ڇڏيائين. ان جو خاص سبب اهو جو سنڌ ۾ صدين
کان تاريخي طور مروج صورتخطيءَ کي ڇڏي، بلڪل
پنھنجي واٽ ورتائين، جنھن ڪري سندس ڪوششن کي
ڪاميابي نه ملي سگهي. ٽرمپ جو وڏو نقص سنڌ جي علمي
۽ تاريخي روايت کان لاعلمي هئي، اهوئي سبب هو جو
’شاهه جو رسالو‘ کي به ’ديوان شاهه عبداللطيف‘
ڄاڻائڻ ضروري سمجهيائين.
ايلس پنھنجي مٿان ڪيل ٽرمپ جي تنقيد جو جواب
عليحده صورت ۾ 8 جنوري 1855 تي کيس ڏياري موڪليو،
ليڪن ان ساڳئي جواب جو نقل پنھنجي ڪمشنر بارٽل
فريئر کي به پيش ڪيائين. اهوئي سبب آهي جو فريئر
جڏهن ايلس واري تفصيلي رپورٽ کي 24 ڊسمبر 1855 تي
مٿي روانو ڪيو ته ان ۾ ٽرمپ جي ڪيل تنقيد ۽ ايلس
جي نقطئه نظر جي وضاحت ڪندي ايلس جي حمايت ڪيائين،
هن پنھنجي خط جي 9 پئرا ۾ ايلس جو دفاع هن ريت
ڪيو:
For most of what Dr Trump considered Mr. Ellis
solecisms, Mr. Ellis could quote the authority
of Sindhi scholars, who had intended and used
the objectionable dots for several generations
past, and from whose works Mr. Ellis had
borrowed them. After much controversy, it
appeared that Dr. Trump’s objections were
insuperable only as regarded three or four
letters which may rarely occur. It seemed
therefore, to me practically useless to make any
alteration in Mr. Elli’s alphabet. (29)
ترجمو: اڪثر صورتن ۾ جتي ٽرمپ، ايلس کي غلطين لاءِ
ذميوار سمجهي ٿو، ان سلسلي ۾ مسٽر ايلس سنڌي عالمن
جي سند پيش ڪري سگهي ٿو، جن اهي متنازع ٽٻڪا ايجاد
۽ استعمال ڪيا ۽ ڪيترن نسلن کان ڪندا آيا آهن.
ايلس اهو سڀ ڪجهه انهن جي ڪتابن مان ئي ورتو آهي.
سمورو تنازعو جيڪو ٽرمپ ناقابل حل سمجهي کڙو ڪيو
آهي، وڌ ۾ وڌ ٽن حرفن تائين محدود آهي، جيڪي هونئن
به تمام گهٽ استعمال ۾ اچن ٿا، انڪري مون کي مسٽر
ايلس جي صورتخطيءَ ۾ تبديلي ڪرڻ عملي طور فضول نظر
اچي ٿي.
l
سنڌي صورتخطيءَ بابت ڪاميٽي ٺاهڻ واري غلط فهمي
اسان ڏسي آياسون ته بارٽل فريئر ۽ ايلس جي سرڪاري
لکپڙهه توڙي رپورٽ ۾ ڪٿي به ڪاميٽيءَ جو ذڪر
ڪونهي، بلڪ ايلس اهڙي ڪاميٽي ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي،
جنھن سان فريئر پڻ متفق هو.
هتي اهو ٻڌائڻ نھايت ضروري آهي ته ڪاميٽي ٺاهڻ
وارو اختراع سڀ کان پھرين محمد صديق ميمڻ پنھنجي
تصنيف ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ لکيو، جنھن کان پوءِ
ڀيرومل، غلام علي الانا، عبدالڪريم لغاريءَ،
عبدالجبار جوڻيجي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين ۽
آخر ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي مغالطي کي ورجايو.
اسان جي تحقيق موجب انهيءَ سڄي غلط فھميءَ جو
بنياد محمد صديق ميمڻ وڌو، جنھن ڪاميٽي قائم ڪري،
اَٺن سنڌي ماهرن کي ان ڪاميٽيءَ جا ميمبر به
ڄاڻائي ڇڏيو، جن ۾ چار هندو ۽ چار مسلمان
ڄاڻايائين، اهي اَٺ نالا هن ريت ڏنائين:
(30)
(1) راءِ بھادر نارائڻ جڳنناٿ
(2) ديوان ننديرام سيوهاڻي
(3) ديوان اُڌارام ٿانورداس
(4) ديوان پرڀداس
(5) مرزا صادق علي بيگ
(6) ميان محمد
(7) قاضي غلام علي
(8) ميان غلام حسين قريشي
وڌيڪ اهو به لکيائين ته بارٽل فريئر اها ڪاميٽي
سنه 1853 ۾ پنھنجي اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس، جنھن جي هٿ
۾ تعليم کاتي جون واڳون هيون، جي زيرصدارت قائم
ڪئي.
محمد صديق ميمڻ انهيءَ ڪميٽيءَ ۾ ٿيل بحث مباحثي
بابت پنھنجو نتيجو هن ريت ٻڌائي ٿو:
”سربارٽل فريئر صاحب انهيءَ بحث مباحثي ٻڌڻ ۽
فيصلي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ايلس صاحب سان گڏ ٻيا به ٻه
چار (؟) يورپي عالم عملدار همراه ڪيا. آخر يڪراءِ
سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي صورتخطي قائم رکي ۽ نج سنڌي
آوازن ڏيکارڻ لاءِ نوان حرف مقرر ڪيائون“.(31)
اها ساڳي ڳالهه ڀيرومل ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘
لکندي ورجائي، ليڪن پنھنجي ڳالهه کي ٽيڪو ڏيڻ خاطر
1907 ۾ لکيل ايٽڪن
(Aitken)
جي گزيٽيئر جو حوالو ڏنائين. ليڪن هڪ ته ايٽڪن
پاڻ ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جي فيصلي جو سال ئي غلط يعني
1853 ڄاڻايو ۽ ٻيو اهو لکيائين ته ايلس مقامي
ماهرن
(Native Advisers)
جي مشوري سان عربيءَ جي 29 اکرن کي وڌائي 52 اکرن
جي صورت ڏني، بهرحال ايٽڪن ڪاميٽيءَ جو لفظ
استعمال نه ڪيو ۽ نه وري ڪي نالا ڄاڻايائين(32).
هن ڪاميٽيءَ جي جوڙجڪ جي باري ۾ پيدا ڪيل غلطيءَ
جو پيرو سڀ کان پھريائين مرليڌر جيٽلي کنيو، جنھن
مرزا قليچ بيگ جي سوانح ’سائو پن يا ڪارو پنو‘ جي
حوالي سان ڄاڻايو ته مرزا صادق علي بيگ، قليچ بيگ
جو وڏو ڀاءُ هو ۽ مرزا صاحب سندس ڄمڻ جو سال 1845
لکيو آهي، ان حساب سان مرزا صادق علي بيگ 1853 ۾
اٺن سالن جو هو ته پوءِ هو ان ڪاميٽيءَ جو ميمبر
ڪونه هوندو(33).
اسان جي نظر ۾ ان هڪڙي ئي ڳالهه سڄي ڪاميٽيءَ جي
وجود کي مشڪوڪ ڪري ڇڏيو، ته ڪا اهڙي ڪاميٽي 1853 ۾
واقعي قائم ٿي هئي. دراصل مرزا صادق علي بيگ تي
اعتراض ئي اجايو هو، جيئن اڳتي هلي اسان ثابت
ڪنداسون.
هاڻي وري اسان ان سوال طرف اچون ٿا ته آخر محمد
صديق ميمڻ کي ڪاميٽي ٺاهڻ واري غلط فھمي ڪيئن لاحق
ٿي. محمد صديق ميمڻ 1936 کان 1947 تائين ٽيچرس
ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ پرنسيپال جي عھدي
تي فائز رهيو. ياد رهي ته انگريز سرڪار 1868 ۾
ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽي قائم ڪئي، جنھن جو اڳواڻ
ٽيچرس ٽريننگ اسڪول جي هيڊماستر کي مقرر ڪيو ويو ۽
هن سان گڏ اَٺ ميمبر مقرر ڪيا ويا(34).
اها ڪاميٽي وري ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر سنڌ جي ماتحت
ڪم ڪرڻ لڳي، انهيءَ ڪاميٽيءَ جو ڪم هو ته عربي-
سنڌي صورتخطيءَ جي هِجي يعني املا کي هڪجھڙو بڻائڻ
۽ ان سان لاڳو مسئلا حل ڪرڻ. اها ساڳي ڪاميٽي
گجراتي ۽ خداوادي ڪتابن جي پڻ نظرداري ڪرڻ لڳي.
اها ڪاميٽي آيل مسودن جي معيار جي جاچ پڙتال ۽
انهن جي اشاعت جي منظوري ڏيڻ، ليکڪن کي معاوضي
ڏيڻ، ترجما ڪرائڻ ۽ انهن تي نظرثاني وغيره لاءِ پڻ
ذميوار هئي. اهائي ڪاميٽي ليکڪن کي انعامن ڏيڻ جي
سفارش ڪندي هئي. سال 1871 ۾ انهيءَ ڪاميٽيءَ جي
مدد لاءِ ايڊيوڪيشنل ٽرانسليٽر به مقرر ٿيو،
انهيءَ ڪاميٽيءَ جي سفارش تي ڪيترن ئي ڪتابن کي
انعام پڻ ڏنا ويا، جن ۾ 1872 ۾ راسيلاس جي ترجمي
تي اُڌارام ٿانورداس ۽ نولراءِ شوقيرام کي 300
رپيا روڪ انعام ڏنو ويو.
ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر سنڌ جي سال 75-1874 جي رپورٽ
مان ان ڪاميٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ ۽ ڪم جي نوعيت تي
روشني پوي ٿي:
The Sindh Committee has held sixteen meetings,
and revised or examined two Sindhi Grammars, a
Persian Grammar, a Persian Dictionary, and a
Sindhi Dictionary. The Committee also awarded
prizes for a translation of Rasselas and a
Guzerati history of Sindh and examined and
rejected several other works submitted for
patronage. The Committee has also come to a
decision with regard to the orthography of
Arabic- Sindhi names, and has made
recommendations with regard to the preparation
of a standard Sindhi Dictionary, and a Persian
and Sindhi Dictionary.
(35)
”انهيءَ سنڌ ڪاميٽيءَ 16 گڏجاڻيون ڪيون ۽ ان دوران
سنڌي گرامر جي ٻن ڪتابن، هڪ فارسي گرامر، هڪ فارسي
لغت ۽ هڪ سنڌي لغت جي جاچ پڙتال ڪئي ۽ ان تي
نظرثاني ڪئي. ڪاميٽيءَ انعامن ڏيڻ جي به سفارش
ڪئي، جنھن ۾ راسيلاس توڙي گجراتي ٻوليءَ ۾ لکيل
سنڌ جي تاريخ شامل هئي، ان کان سواءِ ڪاميٽيءَ
ڪيترن مسودن کي جانچڻ کان پوءِ نامنظور ڪيو،
ڪاميٽيءَ عربي- سنڌي نالن جي هِجي يعني اِملا جي
باري ۾ به ڪي فيصلا ڪيا ۽ ان سان گڏ هڪ معياري
سنڌي لغت ۽ هڪ فارسي- سنڌي لغت تيار ڪرڻ واسطي
سفارشون ڪيون.“
هتي اها ڳالهه سمجهڻ ازحد ضروري آهي ته محمد صديق
ميمڻ شروع کان سنڌي صورتخطيءَ جي مقرر ٿيڻ بابت
صحيح معلومات ڏيڻ کان قاصر رهيو ۽ صحيح نتيجي تي
نه پھچي سگهيو، ’سنڌ جي ادبي تاريخ ڀاڱو ٻيو‘ ۾ هڪ
هنڌ لکيائين:
”برٽش سرڪار جي ڪوشش سان سنڌي آئيويٽا يعني الف-
بي سنه 1851 ۾ مقرر ٿي.“(36)
وري ساڳئي ڪتاب ۾ بارٽل فريئر جو ذڪر ڪندي
لکيائين:
”صاحب موصوف سنه 1853 ۾ سنڌيءَ جي صورتخطي مقرر
ڪئي، ۽ سنڌي زبان ۾ نثر ۽ نظم جا ڪتاب تيار ڪرائڻ
شروع ڪيا.“(37)
اڳتي هلي وري هيئن چيائين:
”سنه 1852 ۾ جڏهن سنڌي الف- بي ٺاهڻ لاءِ سنڌ جي
ڪن علم دوست نامور مسلمانن ۽ هندن جي ڪميٽي گڏ ڪئي
هئي، تڏهن ننديرام کي به ان ڪميٽيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ
لاءِ سرڪار طرفان سڏ ٿيو هو.“(38)
اڳتي هلي تاريخ معصوميءَ جي پھتل ترجمن بابت لکي
ٿو:
”انهن ترجمن جي ڀيٽان ڀيٽيءَ لاءِ سرڪار جي طرفان
امينن جون چار ڪميٽيون مقرر ٿيون.“(39)
انهن ڪميٽين مان ننديرام جو ترجمو پھريون نمبر پاس
ٿيو، جنھنڪري ننديرام کي سندس لکڻ موجب روڪ انعام
کان علاوه، تعليم کاتي ۾ ٽرانسليٽر جو عھدو پڻ
مليو.
هاڻي سوال آهي ته ننديرام ڪڏهن ٽرانسليٽر مقرر ٿيو
۽ سرڪار اهو عھدو ڪڏهن قائم ڪيو، دراصل جيئن مٿي
ذڪر ٿي چڪو ته سرڪار ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي
(Vernacular Literature Committee)
1868۾ قائم ڪئي ۽ ايڊيوڪيشنل ٽرانسيلٽر جو عھدو
1871 ۾ مقرر ٿيو.(40)
ان لحاظ سان محمد صديق ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ
کي خوامخواه سنڌي صورتخطيءَ جي الف- ب وار ڪاميٽي
سمجهي ٿو، جيڪا اصل ۾ هئي ئي ڪانه! حالانڪ
اڳتي هلي ڪتاب ۾ هو لٽريچر ڪميٽيءَ جو ڪيترا دفعا
ذڪر ڪري ٿو ۽ ان جي طرفان انعامن ڏيڻ جو ذڪر به
ڪري ٿو. جيئن ٻڌايو ويو ته انهيءَ ڪاميٽي طرفان
1872 ۾ راسيلاس ڪتاب جي سنڌي ترجمي تي 300 رپيا
انعام ڏنو ويو.(41) |