سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪپر ٿو ڪن ڪري

شيخ اياز

صفحو : 4

 

وائي

سدا لوڪ ستي، ڪينجهر ڪنڌيءَ کي

تانگهه تماچيءَ ڄام جي،

پل پل اٿي ننڊ مان، نوري ڇرڪ ڀري.

ڇڇيءَ هاڻ ڇڄ ٿو اڀري چنڊ چمي،

هيٺان ککيءَ کاريون، مٿان ماڪ وسي،

ڄڻ ڪي اکيون آسري، ڪنول ڪنڌيءَ تي،

ڊونڊي اتر واءُ ۾ لهرين تي لپڪي،

جيسين تڙ تي تڙ ڌڻي،سهڙي سج چڙهي

تانگهه تماچيءَ ڄام جي،

تانگهه تماچيءَ ڄام جي،

v


 

 

 

ڪيڏا ڪينجهر ڪنڌيين آهن اوسيئڙا،

تماچيءَ جي تانگهه ۾.

هي ساوڻ جي سج جا، ڪوڻين تي ڪرڻا،

تماچيءَ جي تانگهه ۾.

ور ور اتر واءُ جا، لهرين کي لوڏا،

تماچيءَ جي تانگهه ۾.

جئن ڪي اکيون آسري، ڪنول تيئن کڙيا،

تماچيءَ جي تانگهه ۾.

ڪيڏا ڇڇي ڇڄ ۾، سڳنڌيا سپنا!

تماچيءَ جي تانگهه ۾.

v


 

 

سسئي

 

1

ڏس هي نديءَ نير، بيهي بيهي ڪينڪي،

سوگهو ڪرڙ ڪرير، وس نه ڪنهن جي وهڪرو.

_

تو ڌوئيندي ڪپڙا، لڪي لهر وئي،

آئي لهر نئي، وس نه ڪنهن جو وهڪرو.

_

مهڪي پيئي مند، ٽاريءَ گل ٽڙي پيا،

مور نه آهين منڌ، تون ڪالهوڪي نينگري.

_

ڄڻ ڪي انگيءَ ڄار ۾، تتر ٿا تڙڦن!

ساڻيءَ ۾ پاڇو پيو، ڏٺو منڌ لڱن،

ترنيءَ پنهنجي تن، هرکي هٿ گهمائيا.

_

جهرڪي جر جي آرسي، مرڪي منڌ ڏٺو،

جوڀن ڦوهه مٺو، پڪل ميوو مند جو.

_

 

مينديءَ رتا پيرڙا، پاڻيءَ ۾ لاهي،

منڌ ڏٺيون پنهنجون پنيون، پڙي کي ٺاهي،

ماڻهوءَ وس ڇاهي؟ مڇين آئي مورڇا!

_

ڪنڌيءَ مٿان ڪگ، اڄ اڳي کان اجرا!

ڏک ڦلن جي ڏير کي، هي سڀ جوڀن رنگ!

انگ نه ساڳيا انگ، اڳ نه هيئن اتاولا.

_

جوڀن جهڙالي، لڳهه ساريءَ لوءِ تي،

هرشيءِ ڄڻ ڪنهن مڌ سان، ٿي وئي متوالي،

لالي نرالي، الهڙ تي اڀري پئي.

_

اکيون تنهنجون ڪامڻي! مدڀريرن پيا ليون،

مت نت نراليون، کيپ کٽي ئي ڪو نه ٿو.

_

جوڀن پهريان ڏينهڙا، ساوڻ گهاٽا مينهن،

سارا سارا ڏينهن، جهڙ نه لهي جيءَ تان.

_

جوڀن پهريان ڏينهڙا، ڦڳڻ ۾ جئن ڦل،

مور نه تن جو تل، سارا ڏينهن ڄمار جا.

_

 

جوڀن پهريان ڏينهڙا، گهٽائون گهنگهور،

من انوکو مور، نچي تن سان نڀ ۾.

_

جوڀن پهريون راتڙيون، وسيهر جا ونگ،

جن ۾ اٽيل انگ چين نه پائن ننڊ.

_

جئن انبن ۾ ٻور، ڇڻي آئي انبڙيون،

تئن ڪو پرينءَ پور، الهڙ ۾ اڀري پيو.

_

ڪٿي آن، ڪنهن جاءِ تون؟ اچڻ وارا آءُ!

منهنجو لونءَ لڳاءُ، ڳولي توکي ڳجهه ۾.

_

ڪٿي آن، ڪنهن جاءِ تون؟ ساجن سج ورن!

توکي منهنجي من، جهڙ جهاڳيندي تاتيو.

_

جهڙ ڦڙ جهور جهڪر، جوڀن آگم ڏينهڙا،

جر ٿر بوندون بود ۾، من ۾ نچن مور،

اکيون ڪڪر ڪور، سارنگ سرجن ساهه ۾.

_

ماڻهوءَ وس نه هينئڙو، جوڀن نديءَ تک،

ڪانهي ڪنڌيءَ ڏک، سانداري ۾ ساهه کي.

_

پيا تار ترن، سهسين سورج ترورا،

آيون ڌوٻيءَ گهاٽ تي، ساجهر تازي تن،

مرن مٿان گجريون، پيئون ڇم ڇم ڪن،

جلوي جهڙپ جهپن، پرٽياڻيون پانڌيئڙا.

_

سهسين سورج ترورا، پاڻيءَ پاٽ ته ڏس!

جوڀن تنهنجو جس، سامهون نديءَ نير تي!

_

ڌوٻي گهاٽ، وريتڙيون، ٿڻن ڌائڪ ٻار،

چڳڙون چچليون ڳالهڙيون، ڪڏڪيون اکين ٺار،

ڪيڏو مايا ڄار، موهيو ماڻهوءَ هينئڙو!

_

ڦٽڙا ٻار، اليليون، مرڪون موتين تل،

ڳل ڳل ڳاڙها گل، ڏاڙهونءَ ٽاريون انگڙا.

_

چنچل ناريون، چلوليون، روپي رنگ ونيون،

ڏسي سنگ سرير تي مجهان ٻاجهه ٻنيون،

پنهنجا تن تنيون، ڌارائن ٿيون ڌيئڙيون.

_

انگيءَ انگيءَ ڦاروان، ڏوران ڏيک ڏين،

ٿڻين ٿڙڪي ٻارڙا، ڍَوَ تي ڍُڪ پين،

منان دور نين، هرڪا ڪوجهي ڪامنا.

_

ماڻهوءَ منجهه مهان، سپنو هن سنسار جو،

جنهن کي ڳوليندو رهيو ازل کان امڪان،

آخر ٿي انسان رانول روپ پرائيو

_

ماڻهوءَ ساڻ مڻيا، هن سهڻي سنسار کي،

هونءَ ته ڦول ڦلار ۾، ناهن ڳاڻَ ڳڻيا،

پر مون وڌ وڻيا، ٿڻين ابهم ٻارڙا.

_

هي جي مک مٽول، کڙيا ڪنول وانگيان

سارا ڦڳڻ ڦول، مٽ نه تن جي مرڪ جي.

_

پاڻي، پرٽياڻيون، لهريون، پاڇا لوڏ ۾،

ٺونٺيون ڪسيون ڪنگڻن، لهريون اڏاڻيون،

رڻ جهڻ، رهاڻيون، نپوڙيندي ڪپڙا.

_

نپوڙيندي ڪپڙا، ٻانهون ٻر ٻر ڪن،

ڄڻ ڪو سج سرير ۾، لهسي منجهه لڱن،

آها! پورهيت تن، هڏ وڃي هيرا ٿيا.

_

هڏ وڃي هيرا ٿيا، پورهئي مٽ نه مور،

ساري رات سرور، پورهيو پگهر واسيو.

_

پورهئي پگهر تل، موتي ڪوبه نه ملڪ ۾،

هيءَ جا پگهر واسئين، ان جو مور نه مل،

ڄام انهيءَ ڏي ڄل، مهڪ ڇڪي ٿي منڌ جي!

_

اهڙي ڪابه نه ڪيچ ۾، ڄام انهيءَ ڏي ڄل!

هيءَ جا موتيءَ تل، پگهر منجهه پسي وئي.

_

 


 

 

2

ڪٿان ڪاهي قافلو، ڪٿي آيو هان!

مورُ نه مَٽُ ڀنڀور جو، ڪجهه ڀي ڀونءِ مٿان،

ڳولي ڳولي مان، پهتو آهيان پريتڻي.

_

هونءَ ته ڪيڏيون ڪامڻيون، ماڻيون آهن مون!

پر سڀني کان سسئي! آنهه انوکي تون،

مون ائن ڀانيو ڀون پيرن کان نڪري وئي.

_

مون جو ڦيريا هٿ، ڪيئي ڳم ڳري پيا،

ڪنهن به ڪنواريءَ نٿ، مون کان منهن نه موڙيو.

_

منڊي موٽائي، ڪهڙيءَ آڱر مون هٿان!

هريو هانو حويليون، سوچي سڳائي،

اکين ۾ آئي، هر ڪنهن دل دهڪي ڪري.

_

ويرو تار ورونهن، اکيون اڻاسيون ڪري،

جيءَ آسونهين سونهن، جيسين ڪا جاڳي پوي.

_

سسئي! منهنجو ساهه، اڀري توڏي آئيو،

آخر نينهن نباهه، سرچي ويا سوچ ۾.

_

ڄڻ ته جڳن کان جيءَ ۾، آهين منهنجي تون،

توکي ئي هر منڌ ۾، ڳوليو ٿي ڄڻ مون،

توسان مليس، ڀون ڀري ڀنورن وانگيان.

_

سسئي! هيءَ سڃاڻ، جڳ جڳاند ڳالهڙي،

جڙجي ويا جيءَ ۾ اکين جا اهڃاڻ،

پاڻ وڃائي پاڻ، پاتو پنهنجي پاڻ کي.

_

سسئي! هيءَ ساڃاهه، جڳ جڳاند ڳالهڙي،

من کي آڻي مٺ ۾، هئن ڇو هونءَ نگاهه!

ڪيڏي تو ۾ ڪامڻي! ڏورانهين جي ڏاهه!

پرجهيم منجهه پساهه، ناتو نيرَ وانگيان.

_

ناتو ينر وانگيان، جڙي ويم جيءُ،

او ڌوٻيءَ جي ڌيءُ، هڏ نه آهين اوپري!

_

ڇا، هي ڌوٻي گهاٽ، اڳ به مون آهي ڏٺو؟

ڇا، ان منهنجي ڪيچ ۾، ڪئي ننڊ اچاٽ؟

ڇا، هي پاڻيءَ پاٽ، وهيم روز وجود ۾؟

_

ڪيڏي پنهنجائپ، ڀوري هن ڀنڀور کي!

بوند سڃاتي، سپ، سپ سڃاتو بوند کي.

_

ڇا مون ڏٺا ننڊ ۾، اڳ هي نديءَ ڪپ؟

پيتم پاڻيءَ لپ، امرت آڳانجهو لڳو.

_

ڪالهه ڏٺم ڀنڀور ۾، ڀوري تنهنجو ڀاڻ،

مون ڀانيو تون ڪچ ۾، سدا هئينءَ ساڻ،

جئن ڪو  واڻي واڻ، تئن تون تندون تن ۾.

_

اکين آءٌ نه وسهان، ڪيئن پوي هيءَ پڪ!

مون توکي پاتو پرين، لنگهي آڏا لڪ!

سسئي! ناهه سمڪ، تون سپنو يا ساڀيا؟

_

آءٌ اڃايل روجهه جان، تون ڪا نرائي،

اکين پنهنجي اڃ، جو تون مان اجهائي،

لُنءَ لُنءَ لکائي، تنهنجي سڪ سرير ۾.

_

اڏري ڪائي ڪونج، جئن ڪيٽيءَ تان ڪڻڪندي،

تئن ڪا گذريءَ گونج، تو مان اڀري اوچتو.

_

جئن ڪو روهاکي، رڙندو اڀري روهه تي،

اکينئان تو مون ائين، ڳالهه ڳجهي آکي،

صديون ٿيون ساکي، منڌ نه آهين اوپري.

_

ڏيئا تنهنجي ڏس جا، مون کي جيئارين،

جوتي آدجڳاد جي، ٻارهوئي ٻارين،

ور ور ڏيکارين، رويا تنهنجي روپ جي.

_

ڪوهه، ڪڄاڙو ڪيچ، ور هيءَ ڀُنءِ ڀنڀور جي،

پيار انوکو پيچ، مون کي ڏيهه نه اڄهي.

_

مٿان تارن ڏيئڙا، هيٺان ڪر ڪنن،

پنهونءَ چميس پاپڙيون، جاڳي منڌ مٿن،

توڙي سسئيءَ سن، چوڏهينءَ چنڊ اجهاميو.

_

ٽم ٽم، ٽم ٽم، هينئڙو، رم جهم رم جهم روپ،

سسئي سونهن انوپ، جهري آريءَ جهول ۾.

_

 

وائي

متان ڪيچ نيو، متان ڪوچ ڪيو!

آءٌ نه پنهنجي وس ۾!

جهڙي ڀُنءِ ڀنڀور جي، اهڙو ديس نه ڪو!

آءٌ نه پنهنجي وس ۾!

پرٽياڻيءَ جي پريت جو اهڙو پيچ پيو،

آءٌ نه پنهنجي وس ۾!

سڱ سلهاڙي ساٿيو، ٻيهر ٻرد ٻڌو!

آءٌ نه پنهنجي وس ۾!

روڏن گوڏن گهنگهرو، متان ڇمڪايو!

آءٌ نه پنهنجي وس ۾!

هيءِ هيءِ ڪهڙيءَ هٻ اڄ، منهنجو هانءُ نيو!

آءٌ نه پنهنجي وس ۾!

ڇپر ڇاٽاري ويو، گهگهو گوريءَ جو

آءٌ نه پنهنجي وس ۾!

ڪرڙ ڪڪوريا اوچتو، ٻٻرن ٻور ڪيو،

آءٌ نه پنهنجي وس ۾!

هاڙهي پٻ، هڱور تي، ٽهه ٽهه مينهن وٺو،

آءٌ نه پنهنجي وس ۾!

کنوڻيون، کهنبا اڀ ۾، پريت سوڙ سپنو

آءٌ نه پنهنجي وس ۾!

پاکي ماکي ٿي وئي، تو جئن تس ڏنو

آءٌ نه پنهنجي وس ۾!

سسئي، تنهنجي سنگ ۾ جيئڻ جس لڌو!

آءٌ نه پنهنجي وس ۾!

v

 

 

عشق اواٽو ڪير چوي؟

انجي واٽ انوکي آهي!

ڪيچ ڇڏي، هي ڄام نه ڄاتو، ڪرها ڪيرُ پيو ڪاهي!

رات ڀني، ڀنڀور مٿان ڪجهه چنڊ به بيٺو ٿو چاهي.

روهاکيءَ کي روهه سڏي ٿو، سڃ ڪٿي سو ساڃاهي!

منزل پير تڪيندي آهي، ڪنهن به اهو ڄاتو ناهي.

 


 

 

3

لاليءَ تنهنجي لالڻا! مون جو  موهيو من،

تون ئي منهنجيءَ تاس ۾، تون ئي منهنجو تن،

آءٌ به تنهنجو ون، تون جو ٻرين سج جان.

_

ڌوئي پير پيان، تنهنجن ڪرهن جا ميان!

جهاٻا، جهوڙا جيءَ سان، لائي شال جيان!

چڳون توءِ ڏيان، واڳون جن تين مان وٽين!

_

پيرن ۾ تنهنجي پنهون! ولوڙڻ ويرون،

ڄڻ ڪنهن ابابيل جون، آسر اليرون،

ڀنيءَ ۾ ڀيرون، ناچوءَ جئن نچي هينئون.

_

هينئون وس نه مون، هوتا! تنهنجي هنج ۾،

اڄ مون لئه ڀنڀور هي، رڳو ناهه ڀتيون،

آهين تون ئي تون، مان ڀانيان هن ڀونءِ تي.

_

آڌيءَ رات اُهاءِ، سپت رشيءَ جو سامهون،

سر سر تنبو هوت جا، جهر جهر ڏکڻ واءُ!

پيو نه پڙلاءُ، رمتي رات رمي وئي.

_

ڏس هي چنڊ اهاءُ، آڌيءَ رات ڀنڀور تي!

توسان وڻ ٽڻ واسيا، سڀ ۾ تنهنجو ساءُ،

مون کي ڄڻ مون ماءُ، تو لئه ڄام ڄڻي وئي.

_

تو لئه ڄام ڄڻي وئي، مون کي ڄڻ آيل!

جنهن ۾ هڪڙو گل کڙي، منهنجو من ساول،

ڄام ته ڀلئون ڀل، پنهونءَ مٽ نه پريتڻون!

_

واري امن سؤ وار، پنهون تنهنجيءَ پريت تي!

لڙڪن ساڻ مڙهي ڇڏيان، مين لاءِ مهار،

هونءَ ته هوت هزار، تو جئن جت نه جوءِ ۾.

_

تن جون جهلون جيءَ سان، لهڪي لڳايان،

تن ناڪيليون نٿ سان، لالڻ مان لايان،

سي ڪئن ڀلايان، آري جن اوڏو ڪيو!

_

نيري ٽپهري، ڀڻڪو نه ڀنڀور ۾،

ڪٿان آندءِ ڇڪندا، ميان! هي مهري؟

اکين اُٻهري، جن جي جهانءِ جهپي وتي.

_

 

 

سسئيءَ تلڪ نراڙ تي، چندن جو چورو،

تو بن آهه برهمڻي! پنهون آڻ پورو،

سپنو اڌورو، ڀوري هن ڀنڀور جو!

_

ٻانهن مروڙين ٿو ميان! چوڙيون ٿيون ڇمڪن،

متان ڪچيون ڪنگڻيون، ٽٽي ساک ڏين،

سڀان لوڪ چون، سسئيءَ ڪر لڄائيو!

_

آءٌ اڌ رمي آريئا! توسان چڱي هان،

ڌوڙ ڌرم تي، جي وڃي مون کان هوت هٿان،

ساجن! مون توسان، ملي موک پرائيو.

_

پنهون تون به ته پنٿ، ڪهڙا پنٿ پڇان پرين!

ناهي ڪوبه گرنٿ، مون لئه تنهنجي منهن جيان.

_

آري! اولهه واءُ ۾، جهومن پيا جهاڙ،

مٿان ٽم ٽم تارڙا، اڀاريا، آکاڙ،

لکيو منجهه نراڙ، چمڪيو مون تي چنڊ جان.

_

آري، او آري! ڪٿان آئين اوچتو؟

لُنءَ لُنءَ توتي لالڻا، واري مون واري!

ڌوٻين وٽ ڌاري، تو وٽ آء نه اوپري.

_

جئن ڪو کٿو کنڀ تي، تئن اڄ منهنجو تن،

لهسي لونءَ حياوَ سان ساريندي ساجن!

مر وڃائي من، اڳي کان اجرو ٿيو.

_

اوڇڻ جئن آهر، تئن مون تئن ڪانڊاريو،

آري! تنهنجا هٿڙا، مون کي اکن ”مر!

”مري ٿي امر، هئي! هن جي هنج ۾“.

_

متان ڪچو قول، ڪيچي! ڪو مون سان ڪرين

توسان منهنجو او ميان! ٻاروتن جو ٻول،

ڇو هئن هينئين هول، ڇڏي ويندين ڇپرين!

_

اُٺن جي اوڳر، واسيو آ وڻراهه کي،

ڪيچي! اهڙي قافلي، پير نه ڌريو ڌر،

ڪنهن ڄاتو مون گهر، تون ايندين ائن اوچتو!

_

مون ڌوئيندي ڪپڙا، سدا سوچيو هو،

ايندو ايندو اوچتو، مون ڏي ڪيچي ڪو،

اڄ منهنجو سپنو، مون ڏي گهوري ٿو ڏسي.

_

 

 

سڱيڻي سندياس، آءٌ ازل کان آهيان!

آري تنهنجيءَ آس ۾، ساري عمر جياس،

تون ته سدا هئين سپرين، پنهون! منهنجي پاس،

مٺا! مون نه نراس، گهاريا ڪڏهن ڏينهڙا.

_

اچڻو هئين اوٺيا! سو اڄ آيو آن،

سپنو آهين سامهون، سرچي ساڀيا سان،

پنهون مون توکان، پل نه پاسي گهاريو.

_

هونءَ ته ڌوٻي گهاٽ تي، ڪيئي هيا ڪم،

ڏينهن تتي جا ڏاکڙا، آڌيءَ آڌيءَ رات ادم

وس ڪري بالم، توکي مون نه وساريو.

_

رسين مٿان ڪپڙا، سڪائيندي مون،

سدا ائن سوچيو هيو، نيٺ ته ايندين تون،

منهنجا هوت پنهون، آيو ناهين اوچتو!

_

رانولَ! رات ڀنڀور تي، رمتي جوڳياڻي،

اچ تون مان هن رات کي، روڪيون آرياڻي!

اجهو وساڻي، ٻاري ٽم ٽم ڏيئڙا.

_

 

سرتيون راس وجهو، ڪيچي آيا ڪيچ مان!

ڀيڄ ڀنيءَ ڀنڀور تي، بوندڙيون برسو!

اڄ منهنجو سپنو، ساڀيا سان سينگاريو.

_

ساندارين مان سرتيون، سرو ڇڙڪايو!

وڻ ٽڻ سڀ واسي ڇڏيو، مٽي مهڪايو!

آرياڻي آيو، وريا ڀاڳ ڀنڀور جا.

_

ساجن سنگ امول، جنمن جوت ٻري پئي!

سرتيون سرڳ دوار آ، ٻاروچي جو ٻول،

هينئون ٿيو هنڊول، جهولي پئي جندڙي.

_

 

وائي

ڳوٺ کٿوريءَ واسيا، اٺن جي اوڳر،

پنهون آهي پنڌ ۾.

ڄڻ ڪنهن ٻاريا اوچتو، آڌيءَ رات آگر،

پنهون آهي پنڌ ۾.

سسئيءَ سوا نانهه ڪنهن پرٽياڻيءَ کي پر،

پنهون آهي پنڌ ۾.

هرڪا ستي ننڊ ۾، هر ڪنهن ٻوٽيا در،

پنهون آهي پنڌ ۾.

ڀينر هن ڀنڀور ۾، ڪنهن کي ڪيچي ڪر!

پنهون آهي پنڌ ۾.

v


 

 

4

پنهون! منهنجا پراڻ! ڪٿي ڇڏيئه سڃ ۾،

موٽان ته ڀنڀور جا مور نه وڻن ڀاڻ،

وڌان ته اهڃاڻ، ڪٿان آڻيان ڪيچ جا؟

_

پنهون! منهنجي پَتِ! ڪٿي ڇڏيئه سڃ ۾،

منهنجا پير پٿون ميان، لهوءَ ۾ لت پت،

انڌا ڌنڌ اتت، اڳتي پنڌ نه اڄهي.

_

پنهون! منهنجا پر! ڪٿي ڇڏيئه سڃ ۾،

کنڀڙاٽيون کوهي وئين، منهنجون ولهيءَ ور!

هيٺان تتي ڌر، مٿان الا اڀ جا.

_

اٿو پٿر پٻ جا، هن جا پير چمو!

ڪندوَ ڪونه ٻيو، ريٽو پنهنجو رت سان.

_

اٿو پٿر پٻ جا، اٿو منڌ ڏسو!

اڳتي ڪيچيءَ ڪو، سڏ نه ڪندو سڃ ۾.

_

اٿو پٿر پٻ جا، ويو سج ٻڏي!

جي هيءَ منڌ لڏي، ڪوبه نه ويندو ڪيچ ڏي.

_

اٿو پٿر پٻ جا، مند مري ٿي ماڳ،

جي هيءَ ٻجهي آڳ، صديون رهندءُ سيءُ ۾!

_

گوندر نانهه گُڏي، جا تون پينگهي لوڏئين،

منڌ! پئينءَ جي مامري، ڪيچيءَ لاءِ ڪڏي،

ويندءِ سج ٻڏي، ڏونگر لهندءِ ڏينهڙو!

_

جيئڻ جاڙون ڪيتريون، هاڻي ڪير ڳڻي!

مون کي ماءُ ڄڻي، وڌو هاڙهي هنج ۾.

_

پنهون بنا پنڌ، ڪيچي ڪيچين وانگيان!

سي مون ساڻا سنڌ، آڙي جن امر ڪيو.

_

هي جي منهنجا هڏ، پنهون تن پيدا ڪيو،

سڃ منجهاران سڏ، آري لوڪ پسائيو.

_

ڏمري ڪين ڏيان، جي مان باهه ڀنڀور کي،

توکي سمجهي ڪير ها، پنهون ڄام ميان؟

ٻي ڪنهن ڄام جيان، هوت هجين ها اوپرو.

_

 

 

پرٽ به پنهونءَ منجهه، اڀري آريءَ ڄام مان،

هونءَ نه رهي راتڙي، منڌ پئي ها ڏنجهه،

ڇو هئن ساجهر سجهه، پنڌ پوي ها سڃ ۾!

_

سهسين صدين لاءِ پنهونءَ ڳوليو پرٽ کي،

گذري گاذر جاءِ، هوت سڃاتو منڌ کي.

_

ڏير نه هر ڪنهن منڌ جا، ڏاڍايون ٿا ڪن،

جنهن کي سسئيءَ سونهن آ، تنهن سان ڪيسَ ٿين،

وايون منجهه وڻن، ڪا ڪا ڪري سڃ ۾.

_

تون جو پٿر پٻ جو، سڻندين ڇا تون سڏ!

تو ڀانيو مان هيکلي، پنهون مون سان گڏ،

نه ته ڪئن هيڻو هڏ، ڏونگر ڏاري ڏا جا!

_

پس مَ پنهنجا پير، متان سج لهي وڃي!

وڌ، اها ٿي وير، پڙ پريان جي پار ڏي!

_

مان ۽ واريءَ ڍير، مٿان تارن ٽٻڪڙا،

هاڻ ته سجهن ڪونه ٿا، پنهون تنهنجا پير!

آڌيءَ رات، اوير، ور وراڪا سڃ جا.

_

هاڻي آءٌ به تون، لٿو مون تان مامرو،

تون ئي پنهنجي پنڌ ۾، آهين هوت پنهون!

تو ئي پير پٿون، تون ئي ڏونگر ڏورئين.

_

ڏس تون ڏسڻهار، هيءَ جا منڌ مري پئي!

چڪين ماس ڇني ويس جبل جا جاتار،

ڏري نه ڏهڪار، مور نه موٽي ماڳ کان.

_

ڳاري ويا منڌ جا، ڇپن کي ڇالا،

هوءَ جو مئي ماڳ ۾، جهڙ ڏنا جهالا،

آڌيءَ جو آلا، نيڻ مٿانئس نڀ جا.

_

تنهنجا نيڻ ٻه ٻوٽيا، اڀ ڪروڙين نيڻ،

متان واتان ويڻ، مرندي ڏئين هوت کي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org