سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪپر ٿو ڪن ڪري

شيخ اياز

صفحو : 16

   

’اي چنڊ ستارو! ساکي ٿيو،

’اڄ رات لهوءَ جي ڇوليءَ ۾،

’ڪجهه آهن منهنجون رت ڦڙيون،

’جي گيت لڳن ٿيون ٻوليءَ ۾.

 

’اي چنڊ ستارو! ساکي ٿيو،

’جي آءٌ اجهامان اؤجهڙ ۾!

’مون گيت چيا پر شاعر جئن،

’مون عمر نه گهاري بڙ بڙ ۾.

 

’اي چنڊ ستارو! ساکي ٿيو،

’مون جو ڀي گيت چيو آهي،

’تنهن آزاديءَ جي رستي تي،

’هڪ لنبو ڪيو آهي.‘

*


 

 

 

ڪلهه ڇا نه ڪجاوا چمڪيا ها!

۽ ڏينهن تتي ۾ واريءَ تي،

ڇا جهاٻا جهوڙا جهمڪيا ها!

 

هو ڇم ڇم گهنگهرو گوڏن تي!

ڇا جهانءِ هئي جهونجهارن ۾!

ڪلهه تڙڪا تڙڪا توڏن تي!

 

هر وک تکيري تک ڏئي،

ڪيڏانهن نظر مان ترڪي ويا؟

ڪيڏانهن ويا هو ڏک ڏئي؟

 

اڄ واٽن تي واجهائن ٿا،

۽ سڃ سياپا واريءَ جا،

ٻين ڪرهن لاءِ ڪنائن ٿا!

 

ڪجهه ساٺيڪي مان ڪوس ڀريان!

ٻيا اوٺي ايندا اڃ کڻي،

ڪئن چئجي، ڪهڙي وقت، پريان!

*

 

 

اي ڌرتي! تنهنجا ڌاڃ ڌڻي،

هئن ڪيسين ڪاڻيارا رهندا،

۽ ڀنڊارن مان بُک کڻي،

هو ڪيسين دک پيا سهندا؟

 

انڌير نگر جي در در تي،

انياءُ تراڙو توري ٿو،

ٿي آزاديءَ جي وٿ ملي،

جي گهر تڙ ڪوئي گهوري ٿو!

 

هن مرڪ مهانگيءَ دنيا ۾،

مان ڪنهن جا ڪنهن جا لڙڪ اگهان!

هن ڏاڍ ڏمر جي ويلا ۾،

مان ڪنهن کي ڪنهن کي ڏڍ ڏيان!

 

اڄ بات ٿئي ٿي گوليءَ سان،

مون عمر وڃائي ٻوليءَ ۾!

مان ڪهڙي منهن سان گيت وجهان

اي ديس! دکن جي جهوليءَ ۾؟

 

اڄ گيت اجايا ڀاسن ٿا،

اڄ مان به ملان ٿو ميڙي ۾،

ڇا پيارا نعرا گونجن ٿا!

جهونجهار وڌن ٿا جهيڙي ۾!

 

 

 

ڌاڃ: ان رگ ويد ۾ اَن لاءِ ”ڌانيه“ لفظ ڪم آندل آهي، جنهن جو اچار سنڌيءَ ۾ ڦري ڌاڃ ٿيو آهي. لس ٻيلي جي رزمي لوڪ شاعريءَ جي هڪ سٽ آهي:

”جي نه هئي نور دين، ته ڌرتي ڌاڃ ئي نه ڪري.“

 

 

سچ اها تارازي آهي،

جنهن ۾ هر ڪو ائن سمجهي ٿو

هن جو ئي پڙ ڀاري آهي.

 

نيائي ۽ انيائي ٻيئي

پنهنجي ليکي سچ چون ٿا،

شايد آهن سچ گهڻيئي!

 

ڪئن به هجي، پر مان ڀانيان ٿو

هي هڪ سچ ازل کان آهي،

۽ مان تنهن کي اپنايان ٿو:

 

هر ڪو پنهنجيءَ مانيءَ ڪارڻ،

پنهنجيءَ پياريءَ ڌرتيءَ ڪارڻ،

۽ پنهنجيءَ آزاديءَ ڪارڻ،

 

جڳ جڳ کان وڙهندو آيو آ،

۽ هيءَ ويڙهه سجائي آهي،

جنهن جندڙيءَ کي جرڪايو آ

 

۽ هيءَ ويڙهه سدائين هلندي،

جيسين سج اڀرندو رهندو،

ها، ها تيسين تائين هلندي. . .

 

جيسين مائون ٻار ڄڻينديون،

جيئڻ ڪارڻ جنگيون ٿينديون،

جيئڻ ڪارڻ جنگيون ٿينديون.

*

 

جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽٽو،

مون ائن سمجهيو.

ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي.

 

اي دنيا ڀر جا محڪومو!

اي مظلومو!

جي محڪوميءَ مان ڪوبه ڇٽو،

مون ائن سمجهيو.

ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي.

 

ڪنهن هنڌ به منهنجي قاتل جا،

جي هٿ لڏيا،

ڀل مون کي ڏي ڪيڏو به گهٽو،

مون ائن سمجهيو

ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org